ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
هدايت پريم
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ
”منهنجي امڙ“ جي عنوان وارو هيءُ بيت هر ان سنڌي ٻار برزبان ياد
ڪيو آهي، جنهن پهريون سنڌي ڪتاب پڙهيو آهي. سن
1905ع کان وٺي هيءُ پيارو پيارو بيت اڄ تائين جي
سنڌي نصاب ۾ شامل رهيو آهي ننڍڙي ٻار جي مٺڙي ٻولن
وارو هيءُ بيت جنهن ۾ معصوم جذبن جي خوبصورت عڪاسي
ڪيل آهي، ذهن تي هڪ اهڙو دائمي تاثر ڇڏي ٿو جيڪو
زندگي ڀر قائم رهڻو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ شايد ٻيا به
گهڻائي هجن. امڙ جيجل جو رشتو آهي به ته اهڙوئي
عظيم، جيڪو ٻين سمورن رشتن کان مٿي آهي. هن لازوال
بيت جو رچيندڙ آهي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي جنهن جي جوت
سدائين پئي جرڪندي، هن جون خدمتون نظم جي ڀيٽ ۾
نثر ۾ وڌيڪ آهن. پوپٽي هيراننداڻيءَ موجب ڀيرومل
کي نثر جو ٿنڀو ڪري سڏيو ويو آهي. سندس طبيعت ۾
اورچائي جو ججهو گڻ هو جنهنڪري کوجناتمڪ تصنيفون
سڦلتا سان لکي سگهيو هو. ڀيرومل جو قلم پختو،
ويچار برجستا، ڄاڻ ويڪري ۽ عقل اونهو آهي، هيءُ
صاحب علم جو ڀنڊار آهي ۽ پنهنجي علميت سان محنت
شامل ڪئي اٿس جنهن ڪري ئي اهڙا بلند پائي وارا
ڪتاب لکي سگهيو آهي.(1)
ڪاڪي ڀيرو مل ”غريب“ جي تخلص سان سنڌي شاعريءَ جي چمن جي آبياري
ڪئي ۽ هڪ پرخلوص تخليقڪار، مترجم ۽ محقق جي روپ ۾
نثري ادب ۾ انمول اضافو ڪيو.(2) ڪاڪي ڀيرومل جي
ٻولي مٺي ۽ سپڪ آهي. درياء جي رواني هڪ طرف ته
سليس لفظن جو واچوڙو ٻئي طرف پيو نظر ايندو... با
محاوره زبان ۽ اصطلاحن توڙي چوڻين جا ڀنڊار موجود
آهن.(3)
سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ اهي صاحب جن سنڌي زبان جي ادب ۽
خدمت لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪئي هئي، ديوان ڀيرومل
انهن سنڌي ساهت جي ستارن مان هڪ نمايان ستارو هو.
ديوان صاحب سنڌي سنسڪرت، هندي، فارسي، عربي توڙي
انگريزي زبانن ۾ ماهر هو.(4) ڀيرو مل سنڌ جي
چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر،
روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري هن جيڪو مواد ڪٺو
ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي سو تعريف جي لائق
آهي.(5)
ڀيرومل مهرچند جنهن آڏواڻي آڪهه سان تعلق رکي ٿو سا اصل ۾
”مگهوءَ کتري“ نک مان آهي. آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو
ديوان آڏو مل ولد کلو مل ولد جسو مل ڳوٺ لوهپور
ملتان جو ويٺل هو. کيس ديوان گِدو مل ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنڌ ۾ گهرايو ۽ درٻار ۾
شمشيرزن مقرر ڪرايو. آڏو مل پهريون گهر پنجاب مان
پرڻيو هو، جنهن مان ٽي پٽ هئس، چندو مل، ڏتو مل ۽
لکو مل. پهرين گهر واري گذاري ويس ته ٻيو گهر ديهه
ٺٽ تعلقي نوشهروفيروز مان سيٺ آڏو مل جي گهران
پرڻيو. جنهن مان چار پٽ ڄاوس. بهارومل، سندر داس،
وسايو مل ۽ ٺارو مل. ديوان آڏو مل جي پهرين پٽ
ديوان چندو مل کي ٻه پٽ هئا، ڇتومل ۽ جيٺمل اسان
جي مانواري ليکڪ جو ڏاڏو ديوان آئلمل اجو مل، ان
ديوان ڄيٺمل جي نسل مان هو ۽ ڀيرو مل صاحب جو والد
مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو. سن 1888ع ۾
رٽائر ٿيو ۽ آگسٽ 1905ع ۾ گذاري ويو.(6) ڀيرو مل
جو جنم سن 1875ع ۾ ٿيو. ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ
جي مشهور اسڪول يونين ائڪڊمي مان حاصل ڪيائين. جتي
ساڌو هيرانند شوقيرام ۽ سندس ڀاءُ تارا چند
شوقيرام کان ٻي تعليم سان گڏ شاهه لطيف جو ڪلام ۽
معنائون پڻ سکيو. ڀيرومل ٽي شاديون ڪيون. پهرين
گهر مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو ٻئي گهر مان هڪ پٽ
هڪ ڌيءَ هئس. پٽهنس پرڀداس ڀيرومل به هڪ ناليرو
ليکڪ رهيو آهي. ڌيءَ جو نالو پارپتي هوس. ٽين زال
مان کيس ٻه نياڻيون، خوشحالي عرف پدما ۽ ٻيءَ جو
نالو ستي هو.
ڀيرو مل پهريائين ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي جتي 28 سال
نوڪري ڪيائين. ماريپور ڪراچي، بوبڪ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ به
رهيو بعد ۾ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ نومبر 1924ع ۾
سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
ڪاڪو ڀيرو مل هڪ نهٺو ۽ نماڻو شخص هو. پنهنجي ان نهٺي ۽
نماڻائيءَ واري سڀاءُ کي اظهار ڏيندي هن شاعريءَ ۾
پنهنجو تخلص به ”غريب“ رکيو. هيڏي وسيع ڄاڻ جو ڌڻي
هوندي به پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گيرب يا وڏائي ڪانه
هئس. هو پنهنجي لکڻين کي آخري حرف ڪري نه ليکيندو
هو ۽ ”جان جيئين تان سک“ واري عقيدي ۾ وشواس رکندو
هو.(7)
1948ع ۾ ڀيرو مل سنڌ مان لڏي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي
سامونڊي ۽ گهميل آبهوا کيس ڀانءِ نه پئي ۽ هو
بيمار رهڻ لڳو جنهنڪري پوني ۾ وڃي رهيو. جتي سندس
مالي حالات ٺيڪ نه هئا سندس آخري ڏينهن غريباڻي
حال ۾ گذريا. ڀيرو مل آڏواڻي ستين جولاءِ 1950ع تي
لاڏاڻو ڪيو.
ڀيرومل سنڌي ادب جي عمارت کي زيب ۽ زينت بخشڻ ۾ هڪ قابل معمار
طور سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو آهي. هو اڌ صديءَ کان مٿي
لاڳيتو ۽ سانده لکندو رهيو. تازو ئي ساهتيه ايڪڊمي
ڀارت پاران کيس مڃتا ڏئي ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي
مونو گرام سيريز ۾ هڪ مونو گراف لکائي کيس ننڍي
کنڊ جي عظيم ليکڪ طور تسليم ڪيو آهي. هيءُ مونو
گراف سنڌيءَ جي نامور ليکڪ ۽ محقق هيري ٺڪر لکيو
آهي، جو سن 1990ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب کي
هند جي باقي سمورين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ڪري ڇپائي
پڌرو ڪيو ويندو.
ڀيرومل جي ڪل لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن جي تعداد جي باري ۾ مختلف رايا
ملن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو آهي ته
اٽڪل چاليهه ڪتاب تصنيف تاليف ۽ ترجمو ڪيا. جن مان
الانا صاحب 30 ڪتابن جا نالا ڏنا آهن.(8) ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو صاحب چوي ٿو ته ڪاڪي ڀيرومل جي
ڪل ڪتابن بابت اندازو لڳائجي ٿو ته ٽيهن ۽ چاليهن
جي وچ ۾ آهن.(9) ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
”ڀيرومل جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ سن 1990ع ۾
ڇپيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جو مقدمو
شامل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب ڀيرو مل جي
سمورن ڪتابن جي وچور ڏني آهي. ڪل 77 ڪتابن جا نالا
ڄاڻايا اٿس. ڪيترا ڪتاب هُن ڏٺا به نه آهن ته به
نالا لکيا آهن. تنهن ڪري ڪجهه موضوعات به درست نه
لکيا ويا آهن مثلاً ”سسئي ۽ ماڻس“ شاعري نه پر
آکاڻيءَ جو ڪتابڙو آهي جنهن ۾ ٻه ٽي شعر به ڏنل
آهن. ”گهرو ڪفايت“ ڪتابڙو به هڪ آکاڻي آهي جنهن جو
موضوع البت گهرو ڪفايت ئي آهي ۽ نه سماجي
اقتصاديات جيئن پٺاڻ صاحب لکيو آهي.
هيري ٺڪر ڪتاب ۾ ضميمو 1 ۾ ڀيرو مل جا لکيل ڪتاب ڏيکاريا آهن.
ڪل ڪتاب ننڍا توڙي وڏا 61 آهن، جي سن اشاعت پبلشر
۽ قيمتن سميت ڄاڻايا اٿائين. مون کي سنڌالاجيءَ جي
لائبرري ۾ صرف ٻه ڪتاب اهڙا ملي سگهيا جن جو ذڪر
هيري ٺڪر نه ڪيو آهي سي آهن.
علي بابا ۽ چاليهه چور جو ليٿو ۾ 1903ع ۾ ڇپيو، هي هڪ ناٽڪ آهي،
هن جا مڪالما به اردو ۾ آهن جيڪي سنڌي اکرن ۾ لکيل
آهن ۽ ٻيون هدايتون سنڌي ۾ لکيل آهن.
بلبل بيمار، هيءُ به هڪ ناٽڪ آهي جو ليٿو ۾ ڇپيل آهي، سن 1904ع
۾ لکيل اٿس. هن جا مڪالما به اردوءَ ۾ آهن جيڪي
سنڌي اکرن ۾ لکيا ويا آهن.
ڀيرو مل جو هڪ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ
آءِ لائبريري ۾ موجود آهي، جنهن جو نالو آهي ”الف
بي ڪيئن ٺهي“ غالباً ساڳئي ڪتاب جو نالو هيري ٺڪر
صاحب ”سنڌي ٻوليءَ“ لکيو آهي هيري مطابق هيءُ ڪتاب
فيبروري 1925ع ۾ سنڌي ساهتيه سوسائٽي ڪراچي جي
ماهوار رسالي جي سيريز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هئائين.
هن ڪاليج جي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ
ڏيڻ لاءِ ٻاويهن صفحن واري هيءَ ڪتابڙي لکي. هن ۾
سنسڪرت، پراڪرت، پالي ۽ سنڌي ٻولي جي نمونن،
آئيوٽا، عربي ۽ فارسي اکرن، هندستاني، هندو سنڌي ۽
گرمکي اکرن، ٻولي، آواز، اکر، لفظ، عبارت، آڳاٽي
تاريخ سنڌي نظم. سنڌي نثر وغيره شين تي روشني وڌي
ويئي آهي.(10) ”الف بي ڪيئن ٺهي“ ڪتاب مطالع ڪرڻ
سان پتو پوي ٿو ته هن ڪتاب جو موضوع ديونا گري
اکر، سنڌي اکر، پراڪرت ۽ سنسڪرت اکرن جي تاريخ ۽
عربي سنڌي اکرن جو تاريخي احوال سان گڏ آئيوٽا جي
بناوٽ به آهي. ڪتاب جي آخرين صفحن يعني 24 ۽ 26 تي
سنڌي ٻوليءَ جي وينجن سرشتي جو چارٽ ۽ ان جي
سمجهاڻي ڏنل آهي. هيري جي ڄاڻايل ڪتاب جا 22 صفحا
آهن جڏهن ته پاڻ واري ڪتاب جا 26 صفحا آهن.
بهرحال تازي تحقيق جي روشنيءَ ۾ هاڻ هيءَ حقيقت سامهون آئي آهي
ته ڀيرومل صاحب جا لکيل ڪتاب سٺ ۽ ستر جي وچ ۾
آهن.
ڀيرومل جا لکيل ڪافي مضمون، مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن درسي ڪتابن
۾ پڻ چڱو خاصو تعداد سبقن ۽ بيتن جو ڇپيل آهي جنهن
جو ذڪر ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڪتاب ۾ آڏواڻين جي
آڪهه واري حصي ۾ پنهنجو احوال لکندي ڪيو اٿس.
ڀيرومل پنهنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خوب لکيو آهي. چيو وڃي
ٿو ته ڪاڪي ڀيرو مل کي مرزا قليچ بيگ جي ريس هئي
جو هر موضوع تي پئي لکيائين ٻنهي ۾ فرق هي هو جو
مرزا صاحب تاريخ، لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي
ٻاهر نڪري ٻين موضوعن تي به لکيو، پر ڪاڪي ڀيرو مل
انهن موضوعن کان ٻاهر سائنس جي دنيا ۾ پير نه
پاتو.(11) دراصل ڀيرو مل مهر چند جون خدمتون بطور
محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول
نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم نمايان آهن.
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جي شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
هڪ ٻارن لاءِ لکيل ۽ ٻيو وڏن لاءِ- ٻارن لاءِ سندس
لکيل شعر خاص اهميت رکي ٿو ۽ قابل ذڪر آهي. ٻاراڻن
بيتن جو هڪ مجموعو 1926ع ۾ ”نؤ بهار“ جي نالي سان
ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪجهه بيت انگريزيءَ مان ترجمو
ڪيل پڻ آهن. هيءُ ڪتاب به تعليم کاتي پاران درسي
ڪتاب طور منظور ڪيو ويو. ڀيرو مل جي امر رچنا
”منهنجي امڙ“ هت نموني طور پيش ڪجي ٿو:
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ.....
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي! منهنجي امڙ.....
پنڌ ڪندي جي ڌِڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم! منهنجي امڙ.....
ٿيس جڏهن ٿي آئون بيمار،
دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار! منهنجي امڙ.....
صبح سانجهيءَ سار لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين! منهنجي امڙ.....
تو ڪئي مون سان آ ڀلائي،
تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي! منهنجي امڙ.....
وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس،
سک سوين آئون توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس، منهنجي امڙ.....
بيحد افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه جي سنڌي نصاب ”سنڌي ٻيو
ڪتاب“ ۾ ڏنل نظم مان مصرع نمبر4 ”ٿيس جڏهن ٿي آئون
بيمار“ خارج ڪئي وئي آهي. جنهن جو ڪو خاص سبب نظر
نٿو اچي شايد صاحب اختيار پنهنجن اختيارن جي نماءَ
مان ڪو مزو ماڻڻ خاطر ائين ڪيو هوندو.
ڀيرومل صاحب ڪل چار اصلوڪا ناول لکيا آهن:
آنند سندريڪا
موهني ٻائي
پريم جو مهاتمه
وريل ۽ نعمت
آنند سندريڪا ۽ موهني ٻائي پنهنجي جاءِ تي ڌار ڌار لکيل ناول
آهن جن ۾ ڪردارن جو تسلسل ڏيکاريل آهي. جيئن زان
پال سارتر جي ٽريالاجي ”روڊس ٽو فريڊم“ آهي جنهن ۾
هي ٽي ناول شامل آهن.
ايج آف ريزن
دي رپيريو
آئرن ان دي سول
۽ سراج جي ٽريالاجي ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ پڻ ٽن
ناولن تي مشتمل آهي.
مانوارو ليکڪ منگهارام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:
1915ع ۾ ڀيرو مل صاحب ”وريل ۽ نعمت“ لکيو هو جو
مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل هڪ جاسوسي ناول هو ۽
1946ع ۾ ايم آر مائيداساڻيءَ ”جاسوس“ نالي سان
ٻيهر ڇپايو هو.(12) دراصل 1915 ۽ 1916ع ۾ نڪتل هن
جاسوسي سيريل ۾ ڪجهه ڪردار مسلمان آهن ته ڪجهه
هندو به آهن وريل مل ۽ نعمت راءِ به جاسوس آهن.
ناول پڙهڻ بعد پتو پوي ٿو ته هن ناول لاءِ هيءُ
چوڻ درست نه آهي ته مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل
ناول آهي. ڀيرو مل ”گولن جا گوندر“ ايڇ بي اسٽو جي
”انڪل ٿامس ڪئبن ”ناول جو ترجمو ڪيو ۽ والٽر اسڪاٽ
جي ”ٽئلسمن“ جي پوئين اڌ جو ترجمو ”غازي صلاح
الدين عرف طلسم“ جي نالي سان ڪيو جنهن مان ظاهر
آهي ته ڀيرو مل لاءِ ائين چوڻ درست نه آهي ته هن
ناول ڪو هڪ اڌ لکيو آهي، جيڪو به ترجمو آهي.(13)
ڀيرو مل جي ڪل نو(9) ناٽڪن جو احوال ملي ٿو جن ۾ اڪثريت سماجي ۽
اصلاحي قسم جي ناٽڪن جي آهي. وچور هن ريت آهي.
بلبل بيمار (1902)
علي بابا چاليهه چور (1903)
حرص جو شڪار (ترجمو) (1912)
ڌرو ڀڳت (1919)
بزازين جو ناٽڪ (1921)
مڙس جي مڙسي (1925)
پنگتي مقدمو (1927)
آزاديءَ جي ڪوڏي (ترجمو) (1938)
گوپيچند
سئر ۽ سفر جي موضوع تي ڀيرومل جا ٻه ڪتاب لکيل آهن هڪ سنڌ جو
سيلاني ۽ ٻيو لطيفي سئر ”سنڌ جو سيلاني“ ڪتاب ۾
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻن ضلعن جي مکيه جاين،
تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو احوال لکيو اٿس،
جيڪو دلچسپ نموني لکيو اٿس هن ڪتاب کي لطيفيات جي
موضوع ۾ شمار ڪرڻ نه گهرجي. بلڪه ”لطيفي سئر“ ڪتاب
جو تعلق لطيفيات سان آهي، هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي
مان سڳ ۽ ثابتيون هٿ ڪري شاهه جي سفر جي واٽ نئين
سر جوڙي ڏيکاري اٿس.
ڀيرو مل صاحب جون اهم ترين خدمتون سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ تي ڪيل آهن. هن ڏس ۾ هن جا شاهڪار
ڪتاب آهن.
قديم سنڌ
سنڌ جي هندن جي تاريخ
سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
وڏو سنڌي ويا ڪرڻ
غريب اللغات
گلقند
قديم سنڌ ڪتاب جي مطالعي مان سنڌ جي قديم دور جي انساني
معاشرتي، مذهب، تهذيب، رسمن، ۽ حالتن جو پتو پوي
ٿو هن ڪتاب جي مطالعي سان پنهنجي مادر وطن جي
گذريل دور جي خوشحالي، اوج ۽ عروج جي خبر پوي ٿي.
(14)
”قديم سنڌ“ ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم ترين زماني جي تاريخ ڏنل آهي
جنهن ۾ سنڌ ديس جي جنم، موهن جي دڙي ۽ رگ ويد واري
دور جي سڀيتا جو ذڪر ڪيل آهي منجهس سنڌ جي اوائلي
اوج ۽ شاندار تهذيب جو نظارو ڏيکاريل آهي.(15)
هيءُ ڪتاب ڀيرو مل سالن جا سال نور نچوئي جفاڪشي ڪري انگريزي،
هندي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتابن توڙي مقالن مان مواد هٿ
ڪري جوڙيو هو. دراصل کيس سنڌ جي سموري تاريخ کي ٽن
جلدن ۾ لکڻ جو ارادو هو. پر صرف پهريون جلد ئي لکي
سگهيو. جنهن جا 447 صفحا آهن. سو به سندس لاڏاڻي
کان پوءِ 1957ع ۾ ڇپيو. هيري ٺڪر جي نظر ۾ قديم
سنڌ ڀيرومل جو امر- گرنٿ آهي.(16) ماهوار ”سهڻي“
جي اياز نمبر2 ۾ شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾
”قديم سنڌ“ ڪتاب کي پنهنجو پسنديده ڪتاب قرار ڏنو
آهي ۽ ڀيرو مل کي بهترين نثر نويس طور ڄاڻايو اٿس.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ۽ سنڌي پهاڪن کي
گڏ ڪرڻ جو ڪم ڀيرومل وڏي چاهه سان ڪيو آهي. سندس
ڪتابن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هو هڪ وڏو ڄاڻو
۽ ماهر لسانيات هو. جيئن ته هو هڪ دردمند دل رکندڙ
هو، تنهنڪري سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ
ڀيرومل ٻوليءَ جي لغت، صورتخطي، گرامر ڌاتو وديا
وغيره بابت وچور وار رٿائون ڏسيون هيون جن مان
صورتخطي سڌارڻ لاءِ ۽ لفظن کي مقرر صورتن ۾ لکڻ
لاءِ زوردار صلاح ڏني هئائين(17) ٻوليءَ جي تاريخ
جي لحاظ کان ڀيرومل جو درجو اهڙو ئي اوچو رهندو
جهڙو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تنقيد جي لحاظ کان.(18)
هن ڪتاب ۾ ڀيرومل صاحب پنهنجو نظريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته سنڌي ٻولي بنيادي طرح سنسڪرت سان نسبت رکي ٿي ۽
پوءِ جدا جدا دورن ۾ ڌار ڌار زبانن جو مٿس اثر
ٿيندو ويو آهي حالانڪ اڄ جي عالمن هن نظرئي کي مڃڻ
کان قطعي طور انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر پوءِ به هن
ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي آهي.
ڀيرومل لسانيات جي جديد اصولن کان بخوبي واقف هو.
1923ع ۾ سندس ڪتاب ”الف بي ڪيئن ٺهي“ ۾ وينجن
سرشتي جو چارٽ ڏنو اٿائين. جنهن ۾ سنڌي آوازن جو
صحيح مخرج آوازي گروهه ڄاڻايا اٿس وسرگ آوازن جي
درست لکڻ جي صلاح ڏني اٿس ۽ ”ڦ“ جي صورت تي پڻ ڪيل
اعتراض درست آهي سندس راءِ موجب جيئن ”ج“ ۽ ”هه“
گڏجي ”جهه“ اکر ٺاهيو آهي ۽ ”گ“ ۽ هه گڏجي ”گهه“
اکر ٺاهيو آهي تيئن ”پ“ ۽ ”هه“ اکر گڏجي ”پهه“ ڪرڻ
کپندو هو. اهڙي طرح هڪ ٻي به سهڻي صلاح ڏني
اٿائين. لکي ٿو ”ج“ ۽ گ اکرن ۾ هڪ به نقطو وڌيڪ
وجهي ڄ ۽ ڱ اکر ٺاهيا ويا آهن. ڄڻ ته بنيادي اکر
”ج“ ۽ گ آهن حقيقت ڪري انهن ٻنهي اکرن ۾ مکيه اچار
”ن“ جو آهي ۽ اهو بنيادي اکر ضرور ڄاڻائڻ کپندو
هو.(19)
ڀيرومل سنڌ جي قديم تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سنڌ جي
جاگرافي، ريتن رسمن، بابت هڪ اٿاهه معلومات گڏ ڪري
قرب وچان قلمي پورهيو ڪري بيمثال ڪتاب سنڌ جي سڄڻن
جي نذر ڪيا آهن. هن جي لکڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته
هو سنڌ جو سچو عاشق هو هن کي لطيف سائين سان لنو
لڳل هئي. هو هڪ عظيم محب وطن ۽ سچو ليکڪ هو. هن
قوم پرستي وارن ويچارن جي اپٽار چٽيءَ طرح ڪئي
آهي. پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو هڪ مکيه لڇڻ
آهي اهو لڇڻ اسان ۾ وڌي، اسان کي سچو وطن دوست
تڏهن بنائيندو، جڏهن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي
اوج جو دل ۾ دور ڪري ۽ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ حال جو
خيال ڪري پنهنجو ارواح مستقبل سان ملائي
ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئينده جا
آسرا اسان ۾ نئين جيوت ڦوڪيندا ۽ عجيب اتساهه پيدا
ڪندا.(20)
ادب ۾ سنڌي قوم پرستي جا رجحانات گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان نمايان
نظر اچن ٿا. وطن دوستي جي نظريه جو سنڌ ۾ وڏي ۾
وڏو مبلغ سائين جي.ايم.سيد سمجهيو وڃي ٿو. ورهاڱي
کان پوءِ گهڻو اڳ ئي جن ويچارن کي ڀيرو مل قلمبند
ڪري چڪو هو، تنهن کان جي. ايم. سيد متاثر ٿيندي
نظر اچي ٿو. جي. ايم. سيد پنهنجي مشهور ڪتاب ”جنب
گذريم جن سين“ جي جلد2، ۾ ڀيرو مل تي هڪ مضمون لکي
کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي. مذڪوره مضمون لکڻ
دوران سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دل جي ڳالهه هنن
اکرن ۾ لکي آهي.
”سرزمين سنڌ هڪ اهڙي قوميت جو رهائش گاهه آهي جنهن کي ماضيءَ
جون بهترين روايتون، ڪلچر، حال لاءِ طرز عمل ۽
روشن مستقبل لاءِ ڪي تجويزون آهن ان وٽ هڪ زنده
زرخيز، با محاوره زبان آهي، جنهن ۾ سندس اعليٰ ادب
جو سرمايو محفوظ آهي. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن
قومي ڪارڪنن، سياستدانن ۽ مدبرن کي اهم پارٽ ادا
ڪرڻو ٿو پوي ته قوم جي مفڪرن، دانشورن ۽ اديبن کي
به ان جي ترقي، حفاظت ۽ تعمير لاءِ ڪو ٿورو ڪم
ڪونه ڪرڻو ٿو پوي، گذريل سٺ سالن ۾ هن ڏس ۾ جن
مکيه اديبن حصو ورتو آهي انهن مان ڪاڪو ڀيرو مل به
هڪ هو.“(21)
ويهين صدي جي پهرين اڌ ۾ جن دانشورن ۽ مفڪرن پنهنجي تحريرن ۾
وطن دوستي جا جذبا جاڳيا آهن تن ۾ ڀيرو مل مهرچند
آڏواڻي جو هڪ اهم حصو آهي. سائين جي. ايم. سيد جو
مٿيون بيان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ڀيرومل جي
لکڻين مان کيس گهڻو ئي اتساهه مليو آهي. سنڌ جي
اهڙن اعليٰ عالمن ۽ دانشورن کي سنڌ جو نئون نسل
ذري گهٽ فراموش ڪري ويٺو آهي سنڌ جي اهڙن محسنن جي
علمي ڪارنامن کي ياد رکڻ به وطن دوستيءَ جي تقاضا
آهي. ڀيرو مل جون خدمتون انمول آهن يادگار آهن،
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه هميشه سندس
ڳڻ ڳايا ويندا.
حوالا
پوپٽي هيراننداڻي ”سنڌ جو سيلاني“ ڀيرومل مهرچند جو ڪتاب، ٽيون
ڇاپو 1983ع، مهاڳ.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ ڀيرو مل
مهرچند جو ڪتاب، ٻيو ڇاپو. 1990ع، مقدمو، ص-5
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“ ٻيو ڇاپو، 1983، ص-181
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، 1966ع،
ص-164
جي. ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“، 1967ع، جلد ٻيو ص-328
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“
ڀاڱو پهريون، 1946ع، ص-64
هيرو ٺڪر، ”ڀيرو مل مهر چند“، 1990ع، ص-18 ۽ 19
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، 1966ع،
ص-164
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ،“ 1983ع، ص-180
هيرو ٺڪر ”ڀيرو مل مهر چند“، 1990ع، ص- 39
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، 1983ع ص-180
منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، 1968ع، ص-84
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، 1983، ص-1980ع.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، 1966ع،
ص-167 ۽ 166.
منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، 1968ع، ص 338
هيرو ٺڪر ”ڀيرو مل مهر چند“، 1990ع، ص-29
منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ 1968ع، ص-283
منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ 1968ع، ص-414
ڀيرو مل ”الف بي ڪيئن ٺهي“، 1923ع، ص- 22 ۽ 23
ڀيرو مل ”قديم سنڌ“، 1957ع، ص-2
جي. ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد ٻيو. 1967ع. ص-330 |