مضمون
مَحّرُومَ ئِي مَرِي وئا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا
چڙِيءَ جئن چُهُنّجَ هَڻِي لَڏيائُون لُئا
حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِينّ وادِيءَ وِچَ ۾.
ــ شاهه
سنڌ جا قبيلا ۽ سنڌ جا نسب ناما
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ جي ذاتين، قبيلن ۽ نسب نامن بابت پوري تحقيق نه ٿي آهي. وڌ
۾ وڌ ته نالا معلوم آهن پر نالن بابت به ٻي وڌيڪ
خبر ڪانه آهي. قبيلن بابت معلومات حاصل ڪرڻ، علم
تاريخ توڙي علم انساب جو هڪ خاص باب آهي. اها
معلومات انهيءَ لاءِ به ڪارگر آهي ته جئن صحيح
نموني ۾ سڃاڻپ ٿي سگهي.
اهي ملڪ جن ۾ اڃا ذاتيون ۽ قبيلا قائم آهن، اتي فطري طور هي
قبيلو پاڻ کي وڏو سمجهي ٿو ۽ ٻئي کي گهٽ. سنڌ جي
قبيلن جي نسب نامن بابت تحقيق ڪندي اهو معلوم ٿيو
ته خود ساڳئي قبيلي جي جدا جدا ڦَرين ۽ پاڙن ۾
پنهنجي پنهنجي فوقيت ۽ ٻين جي گهٽتائي واريون
روايتون هلندڙ آهن جيڪي ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي سان
اختلافن جون يادگار آهن. وڏي دل گهرجي جو اهڙين
روايتن کي ماضي جو باب ڪري سمجهجي، پر وڌيڪ ڇڪتاڻ
نه ڪجي.
قبيلن جي تاريخ ۽ نسبنامن جو موضوع ايترو دلچسپ آهي جو هر
سمجهدار ان کي وڌيڪ سمجهڻ چاهي ٿو، انهيءَ سلسلي ۾
ڪيترن ئي سڄڻن خط لکي توڙي روبرو اچي پڇائون ڪيون
آهن. آئون کين چوندو آهيان ته اسان جي معلومات
محدود آهي. ڪنهن وقت سنڌ ۾ نسبنامن محفوظ ڪرڻ جي
رسم هئي جيڪا افسوس جو قبيلن جي پنهنجي بي رُخي
توڙي سياڻن ۽ سگهڙن جي بي قدري سببان آهستي آهستي
ختم ٿي وئي. ڇهه سؤ سال کن اڳ، ساداتن جي نسب نامن
تي تحقيق ڪندڙ هڪ مصنف لکيو ته: سنڌ ۾ سادات
پنهنجا نسب ناما محفوظ نٿا ڪن. بلوچ قبيلن ۾ پاڻ
پنهنجن نسب نامن ياد ڪرڻ ۽ ڳائڻ جو رواج هو جنهن
جي ڪري ڪافي مواد محفوظ رهيو پر ان ۾ وقت گذرڻ سان
واڌارو ڪونه ٿيو. سنڌ جي سمن قبيلن مان گهڻن جا
موروثي ڀَٽ ۽ ڀانَ هوندا هئا. جن کي ”چؤپڙا“ هوندا
هئا جن ۾ نَون ڄاول پُٽن جا نالا لکندا هئا. اهڙن
لکندڙن مان جيڪي هندو هئا سي پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ
سرحد پار رهجي ويا، ۽ نسبنامن لکجڻ جو هيءُ سلسلو
ڪٽجي ويو. ترائي جي اربابن مان سڄاڻ سربراهه ارباب
الله جوڙيي اهڙي خبر ڪئي. اتر ۾ ڀنڀرن ۽ چاچڙن جا
نسب ناما ڪنهن وقت لکيت ۾ موجود هئا.
ڪنهن وقت سنڌ ۾ ڪي ڪٽنب پنهنجا نسبناما ٽامي جي پڙڇن تي اُڪرائي
محفوظ ڪندا هئا، ۽ ٻيا ڪي ڪٽنب لکائي رکندا هئا.
گذريل ٽيهن سالن ۾ مون سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جڏهن
پڇائون ڪيون ته ٽامي جي پڙڇن ۽ ڪاغذ جي بَندين ۾
نسبنامن جي لکجڻ جون ڳالهيون ٻڌايون ويون، پر ان
سان گڏ عام طرح اهو عذر به ڏنو ويو ته فلاڻي وقت
تي باهه لڳي ۽ اهي پڙڇ ۽ ڪاغذ سڙي ويا.
سمن قبيلن کان سواءِ، سنڌ جي سهتن وٽ ڪي پنهنجا شجرا هئا، جن جا
ڪي زبون ٽُڪرا نظر مان گذريا. اهڙيءَ طرح اُڀرندي
طرف جي وڏن قبيلن مان خاص طرح مڱرين، مهرن ۽ راڄڙن
پنهنجن سگهڙن توڙي ڀٽن مڱڻهارن ذريعي پنهنجا
نسبناما سنڀاليا. وڏي ڄاڻو حسين مڱرئي، مرحوم عليم
فقير، مٺو فقير ۽ ٻين کان مڱرين جي نسبنامي، ۽
مرحوم عبدالڪريم راڄڙ کان راڄڙن جي نسبنامي بابت
مفيد معلومات ملي.
سنڌ جي قبيلن جي نسب نامن بابت ڪنهن وقت ڪي نهايت ضروري سوال
سامهون ايندا آهن جن جي پڪن پختن جوابن لاءِ وڏي
تحقيق جي ضرورت آهي. هڪ اهم سوال اهو ڪيو ويندو
آهي ته سنڌ جا قديم ۾ قديم باشندا ڪهڙا هئا. هڪ
تاريخي حوالي موجب، سنڌ جون قديم قومون ٽري هيون:
موميد، تاڪِيا ۽ پانِيا. موميد ته ميد يا ميهه
آهن، يعني مهاڻا آهن. تاڪِيا، غالباً 6-7 صدي
عيسوي کان اڳ سنڌ ڇڏي پنجاب طرف هليا ويا جتي اڳ ۾
سندن گهڻائي هئي. پانيا بابت پوري پڪ نه آهي ته
اهو نالو ڪهڙي قوم جو آهي. نتيجي طور چونداسون ته
صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جا قديم باشندا مهاڻا آهن جن کي
اسلامي دور ۾ ”ميربحر“ واري مانائتي نالي سان سڏيو
ويو.
ڪي موجود قبيلا ڪن اڳين وڏن قبيلن جون شاخون آهن، پر نالن مٽجڻ
سببان انهن جي نسب نامي بابت پوري ڄاڻ نه رهي آهي.
مثلاً پنهور، پالاري، ٿهيم، تُنيا ۽ ڪي ٻيا اصل ۾
عرب قبيلا آهن. پالاري ٿهيمن جي شاخ آهن، ۽ ٿهيم
اصل ۾ ”تميم“ آهن: يعني عرب قبيلو بنو تميم آهن،
جن عربن جي آخري دور ۽ سومرن جي اوائلي دور ۾ لاڙ
۾ حڪمراني ڪئي.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ڪي قبيلا اصل ۾ تُرڪ نسل جا آهن. ڪي اڃا تائين
پاڻ کي ”ترڪ“ سڏائين ٿا جيتوڻيڪ ڪي ترڪ ڪٽنب آڳاٽو
مقامي سنڌي ڪٽنبن سان ملي ويا. ”مغل“ ترڪ نسل مان
آهن ڪالرُو ۽ قزاق به ترڪ نسل جا قبيلا آهن. وسندو
قزاق اڳين حرن فقيرن جي ٽولن مان وڏي همت وارو مڙس
ٿي گذريو.
جَت قبيلا بلوچ نسل جا آهن، ۽ گهڻا جت قبيلا اسلام کان اڳ واري
دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ ۾ آباد ٿيا. چانگ ۽ ڀَڙجانگ بلوچ
قبيلا آهن. جيتوڻيڪ اهي پنهنجن انوکن نالن سان
مشهور آهن.
سنڌ ۾ ڪي قبيلا اهڙا به اهن جن جي نسبنامي بابت غلط فهميون پيدا
ٿيل آهن ۽ جن بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. ڪجهه
ڏينهن ٿيا جو ڪي سڄڻ ملڻ آيا ۽ انهن خاصخيلي قبيلن
جي نسب بابت پڇيو. ان سان گڏ انهن ڌيان ڇڪايو ته
”سنڌي- اردو ڊڪشنري“ توڙي ”جامع سنڌي لغات“ جن سان
منهنجو تعلق رهيو آهي تن ۾ ”خاصخيلي“ لفظ جون غلط
معنائون لکيل آهن. مون جڏهن انهن معنائن تي نظر
ڪئي ته برابر نقص نظر آيا. سنڌي- اردو لغت جي
تصنيف ۾ ٻيو اردو دان صاحب به شريڪ هو جنهن ڪري
اردو- فارسي ۾ ”خاصہ“ يا خاصہ بردار“ واري مفهوم
جي لحاظ سان معنيٰ ”نوڪر“ ۽ ”غلام“ لکي وئي. ”جامع
سنڌي لغات“ ۾ وڌيڪ غلطيون آهن. افسوس جو ”جامع
سنڌي لغات“ جو فقط پهريون جلد منهنجي ايڊيٽنگ سان
منهنجي نظر هيٺ شايع ٿيو، باقي جلد جيڪي مسودي جي
صورت ۾ هئا سي بنا علمي تحقيق جي مسودي جي صورت ۾
ڇاپيا ويا. جلد ٽئين ۾ ”خاصخيلي“ جي هڪ معنيٰ
”بجَير“ لکي وئي آهي. بجَير ٿر ۾ آباد آهن ۽ اهي
نؤ مسلم قبيلو آهن. اڃا تائين هندو بَجير موجود
آهن. نسب نامي جي لحاظ سان، ڪيڏانهن ٿر جي
”بجَيرن“ جو اصل نسل ته ڪيڏانهن سنڌ جي خاصخيلين
جو اصل نسل! اهڙين غلطين جي اصلاح خاطر جامع سنڌي
لغات جي ٻئي ايڊيشن جي تياري جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو
پر سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهن اهو هلندڙ ڪم بند
ڪرائي ڇڏيو.
نسب نامي جي ڄاڻ رکندڙن کي اهو بخوبي معلوم آهي ته هر قبيلي ۾
ڪي ٻيا ماڻهو پوءِ اچي شامل ٿيا ۽ گڏجي ويا. انهن
کي ڇڏيندي قبيلي جي اصليت تي نظر رکڻ سان ئي صحيح
نتيجن تي پهچي سگهجي ٿو. ”خاصخيلي“ جي لفظي معنيٰ
”خاصہ خيل“ سان لاڳاپيل آهي ۽ ”خاصہ خيل“ جي تاريخ
آڳاٽي آهي جنهن بابت ڪافي معلومات عربي ۽ فارسي
تاريخدانن ۽ لغاتن ۾ ملي ٿي. بنيادي طور تي ”خاصہ
خيل“ معنيٰ جنگ لاءِ تيار بادشاهي لشڪر جي وچ واري
ڀاڱي يا مرڪز جي مضبوطي ۽ مدافعت لاءِ چاق چوبند
گهوڙيسوار فوج؛ يا لشڪر جي قلب يا وچ ۾ بادشاهه جي
حفاظت لاءِ خاص لاءِ خاص الخاص گهوڙي سوار فوج. ان
مان ظاهر آهي ته ”خاصخيلي“ نالي ۽ قبيلي جو تعلق
اصل ۾ جنگي فوج جي گهوڙيسوار دستن سان هو. نسب
نامي جي لحاظ سان ان وقت اهي عرب يا ايراني قبيلن
جا ماڻهو هئا. سنڌ ۽ بلوچستان جي ”خاصخيلي“ قبيلن
وارا وڏا اصل اتان آيا. ٿي سگهي ٿو ته اهي بلوچن
سان ڀيڙا هئا ۽ آڳاٽو بلوچن سان گڏ آيا. بهرحال
”خاصخيلي“ جدا حيثيت رکن ٿا ۽ اهي سومرن، سمن ۾
شامل ناهن.
محض سنڌ بابت تاريخي معلومات محفوظ ڪرڻ لاءِ، ۽ نه رڳو پنهنجي
وڏائي ۽ ٻين جي گهٽتائي لاءِ، ضروري آهي ته هر
قبيلي جا سڄاڻ نوجوان سڀ کان اول پنهنجي قبيلي جي
وڏڙن ۽ سياڻن کان جيتري قدر ٿي سگهي، قبيلي جي اصل
ماڳن، قبيلي جي جدا جدا پاڙن ۽ پڳن، ۽ قبيلي جي
نيڪ مردن ۽ سڄاڻ ماين بابت حالات گڏ ڪن، ٻئي مرحلي
تي ڪتابن مان معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
آخر ۾ هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته باوجود ڪوتاهين جي ماضيءَ ۾
سنڌ اندر نسب نامن بابت معلومات محفوظ ڪرڻ جي
ڀرپور رسم رهي آهي جنهن جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
سنڌ جي سمن جي نسب نامن جون ڪي آڳاٽيون روايتون لکيت ۾ موجود
آهن جن جو راقم گهڻي وقت کان وٺي مطالعو پئي ڪيو
آهي. مگر جئن ته اصل ۾ اهي زباني روايتون هيون ۽
گهڻو پوءِ لکيت ۾ آيون انهيءَ ڪري انهن ۾ گهڻو
مونجهارو ۽ اختلاف آهي. ٺٽي جي سمن سلطانن جي
پيڙهي ۽ پڳداري بابت جڏهن تحقيق ڪئي وئي ته لکيل
روايتن مان ڪو پتو پئجي نه سگهيو ۽ فقط مڪلي جي
تاريخي آثارن وارن ڪتبن جي آڌار تي سمن حاڪمن جا
سندن ذاتي ۽ سلطاني نالا توڙي سندن هڪ ٻئي پٺيان
حڪمراني جا مُدا ۽ سال متعين ڪيا ويا[1]
عام طرح سان ”سماٽ“ جي صحيح معنيٰ کي به پوري طرح
نه سمجهيو ويو آهي. اصل ۾ سمن جي سنهن راڄن کي
”سماٽ“ جو نالو ڏنو ويو. اهي سمن جي نسب نامي ۾
شامل ناهن. سڀ سنڌي ڳالهائيندڙ قبيلا سماٽ ناهن.
هرهڪ جو پنهنجو شجرو ۽ پنهنجا سلسلا آهن.
بلوچن قبيلن مان ڪن جا نسب ناما ڪنهن حد تائين موجود آهن پر
بلوچن مان سڀ کان وڌيڪ تفصيلي نسب ناما ڪڇ جي راڌن
جتن جا آهن جيڪي گذريل صدي جي لکيتن ۾ بيان ٿيل
آهن.
سنڌ جي ساداتن مان لڪياري، مٽياري ۽ بخاري سلسلي جي ڪٽنبن مان
ڪن جا نسب ناما موجود آهن پر وڌيڪ تفصيل سان روهڙي
۽ نصرپور جي رضوي ساداتن جا نسب ناما لکيا ويا.
مير علي شير قانع خاص طرح ٺٽي ۾ آباد ٿيل ساداتن
جا نسب ناما لکيت ۾ آندا. پوئين ويجهي دور ۾
لڪياري ساداتن مان جناب پير صاحب محمد راشد رحه جي
اولاد جو شجرو تفصيل سان موجود آهي.
سنڌ ۾ ملتان جي غوث بهاء الدين زڪريا رحه جي اولاد جا شجرا
(جيڪي قريشي سڏجن) آڳاٽو گهڻن جاين تي تفصيل سان
موجود هئا، پر هن وقت اهو تفصيل جيتري قدر بڪيرن
جي درگاهن جي قبن وارين ديوارن تي لکيت ۾ آندل آهي
اوترو ٻئي هنڌ موجود ناهي.
جناب مخدوم نوح رح ۽ سندس اولاد جو شجرو آڳاٽو فارسي ڪتاب ”فرع
الاصول“ ۾ تفصيل سان لکايو ويو جنهن جو سنڌي ترجمو
درگاهه جي مجاور محمد صالح ”انيس العشاق“ جي نالي
سان تاريخ 5- ماه ذوالقعد سنه 1306هه ۾ پورو ڪيو.
شجرن جي لحاظ سان، هيءُ تفصيلي ڪتاب ڇپائڻ جهڙو
آهي.
ڪراچيءَ جون اوائلي ٽي انگريزي اخبارون
ڊاڪٽر اي- آر- ٻُٽ
(نوٽ: آڪٽوبر 1983ع ۾، حڪومت پاڪستان جي اسڪالرشپ تي لائبرري
سائنس ۾ پي- ايڇ- ڊي ڪرڻ لاءِ برطانيه اُسهيس. مون
کي برطانيه جي صوبي ويلس جي هڪ ڏورانهين ۽ ننڍڙي
شهر ايبرسٽوٿ جي مشهور اداري ڪاليج آف لائبررين شپ
ويلس ۾ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو. هي ادارو
يونيورسٽي آف ويلس جي انتظام هيٺ هلندڙ، لائبررين
شپ جي مضمون ۾ نه رڳو برطانيه، پر دنيا جو مشهور
ادارو آهي. اٽڪل 400 کن شاگرد ۽ 50 کن شاگرد ۽ 50
کن استاد، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ مشغول
هوندا آهن. آئون اٽڪل ساڍا چار سال اُتي رهيس ۽
اُتي رهائش دوران هڪ مقالو لکيم، جنهن جو عنوان
آهي،
“The Nineenth- century book trade in Sindh”
جيئن ته مقالي جي عنوان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، مون کي سنڌ جي
تاريخ جي هڪ اهڙي اهم باب تي کوجنا ڪرڻي هئي،
جنهنجو سڌو سنئون واسطو هن ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ
ناشرن، پريسن، ڪتب فروشن، ڪتابي مواد جي لکندڙن ۽
پڙهندڙن سان گڏ، ان مواد جي خريدارن، جن ۾ انفرادي
خريدارن ۽ ادارن، جهڙوڪ: اسڪولن، ڪاليجن، عوامي ۽
ديني ادارن جي ڪتبخانن سان هو.
اخباري يا ڪتابي صنعت تي بحث نامڪمل ۽ ڏکيو ٿي پوي ها، جيڪڏهن
آئون گذريل صديءَ دوران سنڌ ۾ تعليمي، تجارتي،
ثقافتي ۽ انتظامي سرگرمين تي غور نه ڪريان ها.
انهن سڀني نقطن کي نظر ۾ رکندي، مون پنهنجي مقالي
کي هيٺين اٺن بابن ۾ ورهايو:
باب پهريون- سنڌ ۾ پريس اچڻ کان اڳ ڪتابي سرگرمين جو مختصر
جائزو.
باب ٻيو- يورپي ماڻهن پاران ڪڍيل اخبارون ۽ رسالا.
باب ٽيون- ڏيهي ماڻهن پاران ڪڍيل اخبارون ۽ رسالا.
باب چوٿون- انگريزي ۽ ڏيهي ٻولين ۾ ڪتابن جي اشاعت.
باب پنجون- حڪومت ۽ پريس جا تعلقات.
باب ڇهون- طباعت جا فني مسئلا.
باب ستون- يورپي ماڻهن پاران ڪتابن جو وڪرو/ واپار.
باب اٺون- ڏيهي ماڻهن پاران ڪتابن جو وڪرو/ واپار.
انهن بابن کان علاوه هن ٿيسز ۾ ست ضميما به شامل آهن، جيڪي هن
ريت آهن:
1845ع کان 1900ع تائين نڪتل يورپي اخبارن ۽ رسالن جو وچور.
1855ع کان 1900ع تائين نڪتل ڏيهي اخبارن ۽ رسالن جو وچور.
ڏيهي ماڻهن طرفان ڪڍيل اخبارن جي سرڪيوليشن جا انگ
اکر.
1845ع کان 1900ع تائين سنڌ ۾ قائم ٿيل پريسن جي
الف- ب وار فهرست.
سنڌ اندر بُڪ ڊيپوئن بابت قانون.
سنڌ اندر ڇپيل انگريزي زبان جا ڪتاب (140 ٽائيٽل)
سنڌ اندر ڇپيل ڏيهي ٻولين جا ڪتاب.
هن ۾ سنڌي (478 ٽائيٽل)، فارسي (14 ٽائيٽل)، گجراتي (17
ٽائيٽل)، عربي (6 ٽائيٽل) ۽ اردو (3 ٽائيٽل) شامل
آهن ۽ چار اُهي ٽائيٽل آهن، جي هڪ کان وڌيڪ ٻولين
جا آهن.
اهي ته هئا منهنجي ٿيسز جي باري ۾ مکيه ۽ اهم تفصيل، مگر ان
مقالي مان ورتل، جنهن موضوع جو اڄ اسين هت تفصيلي
ذڪر ڪنداسين، سو آهي ”ڪراچي مان نڪتل اوائلي
انگريزي اخبارون.“
اسان سڀني کي خبر آهي ته، مياڻي ۽ دُٻي ۾ لڳل ٻن جنگين جي نتيجي
۾ سنڌ ٽالپرن حاڪمن جي هٿان نڪري انگريزن جي حوالي
ٿي. هي سانحو فيبروري ۽ مارچ 1843ع ۾ پيش آيو.
انگريز فاتح سَر چارلس نيپئر هڪ سال اندر، سنڌ جي
گادي حيدرآباد مان مٽائي ڪراچي آندي. هن تاريخي
تبديليءَ جي ڪري ڪراچيءَ جي ننڍڙي بستي ڏاڍو وڌي ۽
ويجهي. ٿوري وقت اندر واپار، تعليم، آمدورفت جون
نيون راهون کلي ويون. اتر سنڌ، بلوچستان، ايران،
افغانستان، پنجاب، ڪڇ، راجپوتانا، بمبئي ۽ مدراس
کان مختلف ذاتين، عقيدن ۽ پيشن جا ماڻهو لڏي اچي
ڪراچي پهتا. 1843ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي اٽڪل تيرهن
هزار ماڻهن تي مشتمل هئي، سا وڌي گذريل صديءَ جي
پڄاڻيءَ تي هڪ لک کان به تجاوز ڪري ويئي. سرڪاري
نوڪرين، واپار ۽ روزگار جي ٻين ذريعن وڌڻ ڪري
ماڻهن ۾ خوشحالي، اڳي کان وڌيڪ ٿي. معاشرتي لحاظ
کان سنڌ ۾ مخلوط معاشري جنم ورتو. يورپي حاڪم ۽
واپري بمبئي ۽ ٻين علائقن کان آيل پارسي، ڏيهي
هندو ۽ مسلمان ڪامورا، ڪاريگر، دڪاندار ۽ مزدور
ڪراچيءَ ۾ لڏي اچي ويٺا.
تبديل ٿيل معاشري جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ جيڪا خوش آئند تبديلي آئي،
ان جو هڪ اهم جُز، هتان نڪتل اخبارون هيون.
هونئن ته، ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ پهرين اخبار کان 1900ع تائين
مختلف زبانن ۾ 28 اخبارون نڪتيون، پر اڄ آءٌ ٽن
اهڙين انگريزي اخبارن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان
ٿو، جن سنڌ اندر هن ڪاروبار جو بنياد رکيو.
ڪراچيءَ جي جن ٽن اخبارن ڏانهن مون اشارو ڪيو آهي،
انهن جا نالا هي آهن:
ڪراچي ايڊورٽائيزر
سنڌين
سنڌ قاصد
اچو ته هرهڪ تي الڳ بحث ڪريون ۽ جانچي ڏسون ته اهي ڪهڙا سبب
هئا، جن جي ڪري اهي اخبارون وجود ۾ آيون. انهن سنڌ
جي ثقافتي، تعليمي ۽ تجارتي ميدانن ۾ ڪيئي خدمتون
سرانجام ڏنيون ۽ کين پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ،
ڪهڙا جتن ڪرڻا پيا.
”ڪراچي ايڊورٽائيزر.“
هيءَ اخبار سنڌ توڙي پاڪستان اندر قائم ٿيندڙ پهرين اخبار هئي.
هفتي ۾ ٻه دفعا شايع ٿيندڙ، هيءَ اخبار 1845ع جي
آخري اَڌ جي شروعات ۾ قائم ٿيل ڏسجي ٿي. پڪو گمان
آهي ته اِها آگسٽ 1845ع ۾ وجود ۾ آئي. لنڊن جي
مشهور ۽ معروف اخبار ”ٽائيمس“ پنهنجي 22- نومبر
1845ع واري پرچي ۾ هن اخبار جي اجراء بابت هيئن
لکيو آهي:(1)
“There had been established in KURRACHEE a
Lithographed news- paper, which is bold in its
denunciation of the Bombay Times the latter is
furious and a fierce war is carried on between
them.”
مٿئين تاريخي شاهديءَ مان اسين هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهون ٿا:
ڪراچي ايڊورٽائيزر هڪ سياسي اخبار هئي.
هن اخبار جي مالڪن سان بمبئي ٽائيمس جي کؤنس ٿيل هئي. هيءَ
اخبار بمبئي ٽائيمس جي مخالفت کي منهن ڏيڻ لاءِ
ڪڍي ويئي هئي.
هنن ٻن اخبارن جي وچ ۾ ڇتي جنگ ڇڙيل هئي، جنهن جو پڙلاءُ سنڌ
جون سرحدون لتاڙي نه رڳو بمبئي، پر لنڊن تائين
پهچي چڪو هو.
سنڌ مان نڪرندڙ پهرين اخبار جي اجراء جي پسن منظر ۾ هڪ طويل
جهڳڙو، ناقابل ترديد حقيقت آهي. اُن جهيڙي جو ڪارڻ
وري انگريز پاران سنڌ جي اڳوڻن ٽالپر حاڪمن سان
ڪيل ناانصافين جو داکدائڪ داستان آهي. هن ڏکوئيندڙ
واقعي کي پاسيرو رکي، اچو ته ڪراچي ايڊورٽائيزر
طرف موٽي هلون. دراصل قصو هن ريت آهي ته سرچارلس
نيپئر پاران، سنڌ فتح ڪري، ان جو پهريون انگريز
گورنر جنرل ٿي ويهڻ جي نتيجي ۾ هندوستان توڙي
انگلينڊ جا ڪيترا خدا ترس برطانوي باشندا دلي طرح
ناراض هئا. نه رڳو ايترو پر خود نيپئر کي هن
ناانصافي تي سندس ضمير ملامت ڪري رهيو هو. هن سنڌ
جي فتح کي
“An advantageous piece of rascality” چئي، تاريخ جو وهڪرو ٻئي طرف موڙي ڇڏيو. ان اُٻهري ۽ سنگين قدم
جي نتيجي ۾ گرم مزاج ۽ عمر رسيده انگريز جنرل کي
ڪيترن نون محاذن تي لڙڻو پئجي ويو. اها سرد جنگ هن
کي سنڌين سان نه پر پنهنجي ڏيهه واسين انگريزن سان
لڙڻي هئي، جن مان ڪي بمبئي ۾، ڪي ڪلڪتي ۾، ته ڪي
لنڊن ۾ هن خلاف سرگرم عمل هئا. نيپئر خلاف هن محاذ
جو مهندار سنڌ ۾ اڳوڻو انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ۽
سنڌ جي فتح وقت نيپئر جو ويجهو ساٿي ميجر آئوٽرام
هو. چالاڪ ۽ تجربيڪار نيپئر اڳيان هن نوجوان جي نه
هلي، ته هُو سنڌ مان بدلي ڪرائي، وڃي بمبئي ڀيڙو
ٿيو. اُتي سندس ڪيترا هم خيال موجود هئا، جن ۾ سر
فهرست ”بمبئي ٽائيمس“ جو ايڊيٽر ڊاڪٽر بسٽ
(Buist)
به هو. نوجوان آئوٽرام کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ نيپئر لاءِ
ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر پوڙهي جنرل لاءِ بمبئي
ٽائيمس ڪک جو ڪان بڻيل هئي. اخبار کي جواب ڏيڻ
لاءِ اخبار جو سهارو هڪ قدرتي امر هو. ان امر سان
نيپئر سٺو نباهه ڪيو ۽ موٽ ۾ اخبار به ساڻس سٺو
پهر وَهي ويئي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم
ورق لکجي ويو. دراصل نيپئر ۽ سندس خاندان کي
مخالفن جي تنقيد ٻڌي. خاموش ٿي ويهڻ جي عادت ڪانه
هئي. خاص ڪري مخالف پريس کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ
لاءِ هو هر وقت آتا هوندا هئا. نيپئر جي اهڙي عادت
جي باري ۾ سر رچرڊ برٽن پنهنجي هڪ دوست لينارڊ
سمٿرس کي هنريت لکيو.(2)
“In my youth I served under Sir Charles Napier
and Learned from his career, never to be silent
when the press wants answering.”
اها حقيقت ظاهر ٿي ويئي ته ڪراچي ايڊورٽائيزر نيپئر ۽ ان جي
دوستن پاران فاتح جنرل جي دفاع ۾ ڪڍي ويئي هئي. هن
اخبار ۾ ڇپيل مواد ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته
فاتح جنرل ڪنهن به قسم جي مخالفت يا تنقيد ٻڌڻ
لاءِ تيار نه هو ۽ پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ٿيل
تنقيد جي جواب ۾ هو پنهنجي مخالفن سان گڏ سنڌ جي
هٽايل حاڪمن جي ڪردار تي ڪِنُ اڇلائيندو رهيو.
ڪراچي ايڊورٽائيزر، ميجر آئوٽرام، سنڌ جي ميرن ۽
بمبئي ٽائيمس تي اهڙا نازيبا حملا ڪيا، جن صحيح
سوچ رکڻ وارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. وڏي
ڳالهه ته اِن ڳالهه اُنوقت هندوستان ۾ موجود
انگريزن کي گروهه بندي ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. اخبار جي
اهڙي رويي جي ڪري سندس ڪيترا پڙهندڙ کانئس بيزار
ٿيڻ لڳا. 29- آڪٽوبر 1845ع تي، ڪيپٽن ڪِيٿ ينگ،
جيڪو نيپئر جي ماتحت، سنڌ جو جج ايڊووڪيٽ جنرل طور
ڪم ڪري رهيو هو، تنهن خفا ٿيندي پنهنجي هڪ دوست
ڏانهن نيپئر جي هن اخبار جي باري ۾ هڪ ڊگهو تنقيدي
خط لکيو، جنهن جو هڪ ٽڪرو هن ريت آهي:(3)
“Do you ever read those effusions in the
kurrachee Advertiser or are you tired of the
continued Outram and Napier controversy? Iam
sure Iam, though I fear it is not near over yet.
The writers in the Advertiser heve not declared
themselves yet, but they are supposed to be Sir
Charles’ nephew and son-in-law and Rathborne the
collector at
Hyderabad.
There is Little doubt of Rathborne being the
author of these Letters signed ‘Omega’ and true
of false be they, he has not much top pride
himself on in having written them.”
ڪراچي ايڊورٽائيزر، فل اسڪيپ شيٽ تي هفتي ۾ ٻه
دفعا، لِٿو ٿي نڪرندي هئي. ان ۾ عام خبرن کان
علاوه مضمون، خط ۽ گورنمينٽ نوٽيفڪيشن ڇپبا هئا.
ٽالپرن حاڪمن جي برائيءَ ۾ لکيل
‘Letters of Omega’
هن اخبار کي، نه رڳو سنڌ بلڪ هندوستان ۽ انگلينڊ
تائين مشهور ڪري ڇڏيو. هن اخبار لاءِ لکندڙن جي
فهرست ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ نيپئر جو ويجهو ۽ با
اعتبار ساٿي راٿبورن، نيپئر جو ڀائٽيو ۽ سندس ننڍي
ڌيءَ ايملي جو مڙس ۽ سر رچرڊ برٽن جهڙيون ناميايون
شخصيتون شامل هيون. ڪيپٽن راٿبورن، جو ڪليڪٽريءَ
جي ڏکين فرائض کان بچيل سمورو وقت ايڊورٽائيزر
لاءِ باقاعدگيءَ سان لکڻ ۽ پريس جي ٻين معاملن کي
ٺيڪ رکڻ ۾ صرف ڪندو هو، هن پنهنجي بالا آفيسر جي
بچاءُ خاطر اهي ڪم بخوبي سر انجام ڏنا. اخبار جا
چونڊ ٽڪرا لنڊن مان نڪرندڙ اخبار ٽائيمس ۾ به ڇپيا
هئا.
اهڙيءَ طرح هي سرڪاري پرچو اٽڪل ٻه سال کن نيپئر ۽ سندس ساٿين
ڪاميابيءَ سان هلايو. پهرين آڪٽوبر 1847ع تي نيپئر
سنڌ کي هميشه خيرباد چيو ته، هيءَ اخبار يورپي
قبضي مان نڪري ارد شير رُستمجي نالي هڪ پارسي
باشندي جي هٿ ۾ آئي. ارد شير هن اخبار کي 4-5 سال
وڌيڪ هلائيندو رهيو، پر ڏيهي ماڻهو جي هٿ ۾ اچڻ
کان پوءِ هن اخبار جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. اردشير
جي ايڊيٽري هيٺ ايڊورٽائيزر مقامي باشندن جي بيباڪ
ترجماني ڪئي. ان جو هڪ مثال هي آهي ته، 1851ع ۾ ٻن
ڪون ڪني نوجوان ڇوڪرن، هرهڪ نالي رام، عمر ويهه
سال ۽ پرشوتم، عمر 18 سال کي ريهي ريڀي عيسائي ڪيو
ويو. هن اخبار ان فعل جي خلاف احتجاجن آواز
اٿاريو. سنڌ چرچ مشنري سوسائٽي جي پادرين هن اخبار
خلاف خوب باهه ٻاري ۽ کيس ڪافي ڇيهو رسايو، پر هي
بي ڊپائي سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي. 1853ع ۾ ڪراچيءَ
مان هڪ يورپي اخبار ”سنڌين“ جاري ٿي ته، هن ڏيهي
اخبار جا تَرا نڪرڻ شروع ٿيا. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ
جي هيءَ پهرين اخبار، پنهنجا ڏينهن پورا ڪري بند
ٿي ويئي. 28- جولاءِ 1855ع تي اردشير رستم جي هڪ
خط سرفريئر کي لکيو، جنهن ۾ هن پريس لاءِ سرڪاري
ڪم حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ان خط جي هڪ حصي ۾
اردشير ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“ اخبار جي جلد بند ٿيڻ
جو دکدائڪ قصو هيئن بيان ڪيو: (4)
“For some years past, before there was any other
Press in the province, I have been proprietor of
the Kurrachee Advertiser Press and paper, and
shortly after the Sindhian was established. I
was compelled to relinquish the paper for want
of support.”
حڪومت جي پٺڀرائيءَ تي قائم ٿيل ”سنڌين“ جي سامهون ڏيهي اخبار
جي زبون حالي ۽ آخر ۾ خاتمي جو قصو ايڏو حيران ڪن
نه هئڻ گهرجي. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته، ان وقت
انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جا پڙهندڙ ۽
خريدار گهڻي ڀاڱي يورپين ئي هئا، جن ايڊورٽائيزر
جي مقابلي ۾ ”سنڌين“ کي پنهنجو سمجهي ترجيح ڏني.
ٿي سگهي ٿو ته، مواد ۽ بيهڪ جي لحاظ کان
ايڊورٽائيزر، سنڌين کان ڪمزور اخبار هجي ۽ مقابلو
نه ساري ميدان ڇڏي ويئي هجي. اهڙيءَ ريت ڪراچي
ايڊورٽائيزر اٽڪل پنج يا ڇهه سال هلي زندگيءَ جا
ٻه دور پورا ڪيا. اخبار بند ٿيڻ کان پوءِ سندس
ايڊيٽر ۽ مالڪ ڇاپ خانو هلائيندو رهيو، جنهن مان
سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه قديم ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.
”سنڌين“
سنڌ مان نڪرندڙ ٻيو نمبر پراڻي انگريزي اخبار ”سنڌين“ هئي. هيءَ
اخبار 1853ع ۾ جارج بيز جي مالڪيءَ هيٺ نڪتي. اربع
۽ ڇنڇر جي صبح جو شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار بندر روڊ
ڪراچي تي موجود فريٽ ايجنٽ جي آفيس جي ڀر واري
بنگلي مان نڪرندي هئي. ”سنڌين“ ان وقت جلوه افروز
ٿي، جڏهن سنڌ تي نهايت لائق ۽ دورانديش انگريز
ڪمشنر راڄ ڪندو هو. منهنجو اشارو سر بارٽل فريئر
ڏانهن آهي، جيڪو 1851ع کان 1859ع تائين سنڌ ۾ رهي،
هن ملڪ کي ترقي جي نئين شاهراه تي گامزن ڪري ويو.
”سنڌين“ به فريئر جي روشن دماغي جو هڪ ثبوت هئي.
هن صاحب هن اخبار جي اجراء ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ هن
اخبار کي مضبوط مالي بنيادن تي بيهارڻ ۾ پاڻ
پتوڙيو. سرڪاري ڇپائيءَ جي ڪم جو گهڻو حصو ”سنڌين“
کي ملندو رهندو هو. 1855ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
پاران تيار ڪيل ٻه سنڌي ڪتاب سرڪاري خرچ تي ڇپڻ جو
ٺيڪو به ”سنڌين“ کي مليو، پر ڪن اڻڄاتل سببن جي
ڪري اهي ٻه ڪتاب سنڌ مان ڇپجي نه سگهيا.
”سنڌين“ جو مئنيجنگ پروپرائيٽر جارج بيز هو. سندس پهريون ايڊيٽر
جان برگس
(Briggs)
هو. مگر هن صاحب 1854ع ۾ ”سنڌين“ کي خيرباد چئي،
ڪراچيءَ مان جڏهن پنهنجي اخبار ڪڍي ته سنڌين جا
ايڊيٽر جلد مٽبا رهيا. فئبر، ڪئوناگ ۽ ايڊورڊ وليم
اسٽرينج چند سالن اندر هن اخبار جا ايڊيٽر ۽ پرنٽر
رهيا. سنه 1862ع ۾ هينري جيڪب هن اخبار جي ايڊيٽر
جي حيثيت ۾ فرائض سرانجام پئي ڏنا ته، ايڊورڊ وليم
اسٽرينج اخبار جي مئنيجري جي منصب تي فائز هو.
اڳتي هلي 1877ع ۾ جڏهن ”سنڌين“ نالو بدلائي ”بيڪن“
ٿي ته، ٽي- ڊبليو-بي جيفريز هن اخبار جو ايڊيٽر
هو.
شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ اخبارون تمام مهانگيون هيون. ”سنڌين“ في
ڪاپي هڪ روپئي وڪامندي هئي. چندي جي باري ۾ هڪ
حيرت انگيز نقطو بيان ڪرڻ دلچسپي کان خالي نه
ٿيندو. اخبار جي چندي جا نرخ ٻن قسمن جا هئا. هڪ
اڳواٽ ادائگي جا نرخ ۽ ٻيو بقايا ۾ ادائيگي جا
نرخ. ظاهر آهي ته، اڳواٽ ادائگي جا نرخ، رهيل
ادائگي جي نرخن کان گهٽ هئا. سال 1857ع ۾ ”سنڌين“
اخبار جو ماهيانو چندو ايڊوانس ۾ 3- روپيه ۽ بقايا
۾ 4- روپيه هو. وڌيڪ عرصي لاءِ اخبار جي خريدارن
کان چندي ۾ رعايت ڪئي ويندي هئي. ان صورت ۾ ٽن
مهينن لاءِ 8 روپيه، ڇهين مهينن لاءِ 14 روپيه ۽
12 مهينن لاءِ 26- روپيه ڏيڻا پوندا هئا. ايڊوانس
ادائيگي کي ان ڪري ترجيح ڏني ويندي هئي، جو اخبارن
جو چندو کائي وڃڻ جو رواج ڪا اڄ جي روايت نه آهي.
چندي جي ٻن نرخن جو رواج سنڌ جي سڀني آڳاٽين
اخبارن ۾ موجود نظر اچي رهيو آهي.
”سنڌين“ انگريزي اخبارن ۾ سڀ کان گهڻو عرصو هلي. هيءَ اخبار
انهيءَ نالي سان اٽڪل پاءُ صدي جلوه افروز رهي،
1877ع ۾ نالو بدلائي پهريائين ”بيڪن“ ۽ پوءِ ”سنڌ
ٽائيمس“ ٿي. ان عرصي دوران هن اخبار ڪيترا لاها
چاڙها، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا. سرڪاري سرپرستي جي باوجود
ڪيترن سماجي مسئلن هن اخبار کي لوڏي ڇڏيو. شروعاتي
دور ۾ هڪ مسئلي هن اخبار جي مالڪ جارج بيز جي
چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. ان دور جي ٻي مدِ مقابل
انگريزي اخبار، ان واقعي کي 30 نومبر 1858ع ۽ ان
کان پوءِ لاڳيتو ڪجهه وقت تائين تفصيلي طرح بيان
ڪندي رهي. اهو واقعو جارج بيز پاران سندس زال کي
شوٽ ڪرڻ جو هو. 30- نومبر واري رات هن جوڻس کي
اعتراض جوڳي حالت ۾ سندن پاڙيسري فوسٽر سان پڪڙي
وڌو ۽ غيرت ۾ اچي ٻنهي کي شوٽ ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾
مسز بيز فوت ٿي ويئي ۽ فوسٽر سخت زخمي ٿي پيو.
”سنڌ قاصد“
سنڌ مان نڪتل انگريزي زبان جي ٽيون نمبر پراڻي اخبار ”سنڌ قاصد“
هئي. هيءَ اخبار 6- جون 1854ع تي نڪتي. اڱاري ۽
جمعي جي صبح جو شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار نيپئر روڊ
ڪراچي تي واقع هئي. ”سنڌين“ جو پهريون ايڊيٽر
هينري جان برگس هن اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هو.
پريس جا انچارج جارج راڊ رج، وليم رولنڊ ۽ جي. ڊي.
پيريرا وغيره رهيا.
”سنڌ قاصد“ پنهنجي ڪئريئر جي شروعات في صفحو چئن ڪالمن سان ڪئي،
پر ٽن مهينن اندر پنهنجي سائيز وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي
۽ في صفحو پنج ڪالم شايع ڪرڻ لڳي. هن اخبار جا
ڪجهه سالن جا فائيل انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لائبرري
۾ موجود آهن. انهن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو
ته، منجهس مقامي خبرن کان علاوه سرڪاري نوٽيفڪيشن،
تجارتي اشتهار، مزاحيه گيت، تفريحي ننڍڙيون
آکاڻيون، موسمي خبرون، اسٽيمرس ۽ پوسٽ جي آمدورفت
جون خبرون ۽ ان کان سواءِ هندوستان ۽ ولايت جي
اخبارن مان پابندي سان اقتباسات شايع ٿيندا رهندا
هئا. اخبار جو پهريون صفحو بنا ناغي مختلف اشتهارن
لاءِ وقف هو.
”سنڌ قاصد“ جي چندي جا نرخ ساڍا ٽي روپيه ماهيانو ۽ في ڪاپي ڇهه
آنا هئا. ڊگهي عرصي لاءِ اخبار جي خريدارن کان ٽن
مهينن لاءِ ڏهه روپيه، ڇهن مهينن لاءِ ارڙهن ۽
ٻارهن مهينن لاءِ ٻٽيهه روپيه ورتا ويندا هئا.
پهرين سيپٽمبر 1854ع تي اخبار جي سائيز وڌائي
ويئي، جنهن ڪري ريزڪي في ڪاپي مُلهه تي اثر پيو،
جيڪو ڇهن آنن مان وڌائي اٺ آنا ڪيو ويو. باقي ڊگهي
عرصي وارا اگهه ساڳيا رهيا. دراصل سنڌ اندر اخبارن
جا نرخ هندوستان جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ سؤ
سيڪڙو وڌيڪ هئا. اها صورتحال شايد ان ڪري پيدا ٿي
هئي، جو ان سمي سنڌ ۾ اخباري ڪاروبار هندوستان جي
ٻين علائقن جي مقابلي ۾ نئون هو. نئين لائين هئڻ
جي ڪري پريس جي ڪارڪن کي اخباري ڪاروبار جي روايتي
۽ پراڻن مرڪزن جهڙوڪ، بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي جي ڀيٽ
۾ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ پگهارون ڏيڻيون پونديون هيون.
گهڻو ڪري اهائي هڪڙي ڪشش هئي، جيڪا ڪراچيءَ جهڙي
ڏورانهين علائقي ڏانهن تربيت يافته پريس عملي کي
ڇڪي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي.
”سنڌ قاصد“ ان دؤر جي ڪامياب ترين اخبار هئي. سنڌين سان گڏ هن
اخبار سنڌ اندر اخباري اشاعت ۽ طباعت جو مضبوط
بنياد رکيو. هن اخبار جي پراڻن فائيلن جو مطالعو
ڪندي، خبر پوي ٿي ته، پيشيورانه طور هي هڪ مڪمل
اخبار هئي، جنهن جي هفتي ۾ ٻن مقرر ڏينهن تي آمد
يقيني هئي ۽ منجهس شايع ٿيل مواد جي گهڻائي ۽
مختلف قسمن هن کي جديد اخباري لائين تي آڻي
بيهاريو هو. روزمره آفيس جي ڪمن، ڪارباري نقطن ۽
پيشي ورانه ڳالهين لاءِ الڳ ذميوار ماڻهو مقرر
هئا. حقيقت اها آهي ته اُن دؤر جون اخبارون ڪي وڏا
ادارڪو نه هئا چند ماڻهو پيشيورانه ۽ ڪاروباري ڪم
هلائي ويندا هئا. ان هوندي به اخبار کي چڱي نموني
هلائڻ يورپي مالڪن جو مڃيل اصول هو. ان ڏس ۾ کين
وقت جي حاڪمن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو سٺو ساٿ حاصل
هو.
ايڊيٽوريل جون ذميواريون به نهايت خبرداريءَ سان سرانجام ڏنيون
وينديون هيون. تڪراري بحثن کان پاسو ڪيو ويندو هو
ته جيئن اخبار ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوي ۽ ڪنڊا
ڪڍڻا پون. هر وقت اخبار جي خاطُن کي خبردار ڪيو
ويندو هو. 5- جنوري 1858ع تي ”سنڌ قاصد“ پنهنجن
خاطن کي هن طرح چتاءُ ڏنو(5)
“Statement of facts relative to individuals,
whether for praise or blame, must be
authenticated with the name of writer- not
necessary for publication, but as a guarantee of
good faith. The editior does not hold himself
responsible for the opinions of his
correspondents.”
اهڙي خبرداري سان هلڻ جي باوجود شخصي عناد ۽ پيشيورانه جهڳڙا
اڻٽر هئا. ”سنڌين“ ۽ ”سنڌ قاصد“ به هڪ مرحلي تي ان
مشڪلات ۾ مبتلا ٿي ويون هيون. اسان کي خبر آهي ته،
”سنڌ قاصد“ جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هينري جان برگس
”سنڌين“ کي ڇڏي، پنهنجي الڳ اخبار جاري ڪئي هئي.
ان سبب جي ڪري اهي ٻئي اخبارون ڪجهه عداوت طرف
مائل هيون. انهن ٻنهي جي وچ ۾ سنگين قسم جي چپقلش
هلندڙ هئي. ان جو ٻيو ڪارڻ اِهو هو ته، سنڌ جو
ڪمشنر سر بارٽل فريئر ۽ سندس ماتحت ڪامورا سنڌين
لاءِ وڌيڪ همدردي رکندا هئا. ان معاملي تي ”سنڌ
قاصد“ گهڻو خفا هئي. سنڌ جي انهن ٻنهي يورپي
اخبارن جي اهڙي رويي کان هندستان جون ٻيون يورپي
اخبارون مٿن ڏاڍو ناراض هيون ۽ کين
‘demons and pythias of journalism’
جي لقب سان نوازيو ويو. مگر 1857ع واري گهوٽالي
کان پوءِ هي اخبارون گهڻو تڻو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي
ويون. ان ۾ ئي هنن پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو بقاءُ
ڄاتو.5- جنوري 1858ع تي ”سنڌ قاصد“ هڪ مضمون
ذريعي، جنهن کي
‘Kurrachee confession of faith’
جو نالو ڏنو ويو ۽ پاڻ ۾ باهمي دوستيءَ جو عهد
ڪيو. جڏهن به سندن قوم تي ڪوبه ڏکيو وقت آيو ته،
هو همخيال ۽ هڪ آواز ٿي ويون. (6)
اچو ته آخر ۾ مٿين ٽن اخبارن کي پيش آيل ڪجهه مسئلن تي غور
ڪريون. سڀ کان اول ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“ کي ٿا
کڻون. مٿي چئي آيا آهيون ته، هن اخبار جا ٻه دؤر
رهيا. هڪ يوروپي ملڪيت ۾ ۽ ٻيو ڏيهي ملڪيت ۾، سندس
پهرئين دؤر جا مسئلا ٻئي دؤر جي مسئلن کان مختلف
هئا. سرڪاري پرچو هئڻ جي ڪري، شايد کيس مالي
مشڪلاتن جي سُڌ نه رهي هجي، مگر سندس مسئلو اهو هو
ته، مالڪ جي عزت ۽ ناموس جو بچاءُ ڪيئن ڪجي. حقيقت
اها آهي ته اسان کي سندس مالي يا معاشرتي مشڪلاتن
جي ڪا تاريخي شاهدي نه ملي آهي.
ٻئي دؤر ۾ هيءَ اخبار ڏيهي ۽ نجي ملڪيت ۾ آئي. ان حساب سان سندس
نوعيت تجارتي ٿي ويئي. جاءِ مشنري، عملي ۽ مالڪ جو
گذر سفر اخبار کي ئي پورو ڪرڻو هو. سندس جياپي جو
مدار ان ڳالهه تي هو ته، هُو مالي طرح خوشحال هجي.
ڏيهي مالڪ اخبار کي شروعات ۾ ته ڏکيو سُکيو پئي
هلايو، پر جڏهن کان سندس مِد مقابل وڌيڪ مضبوط
يورپين اخبار آئي ته، هيءَ اخبار ڏاڍي مشڪلات ۾
اچي ويئي ۽ انهن مشڪلاتن جو بار نه سهندي پڄاڻيءَ
کي پهتي.
باقي ٻن يوروپي اخبارن جا مسئلا ڪجهه ٻيءَ نوعيت جا هئا. مالي
لحاظ کان انهن کي ڪا ايڏي وڏي پريشاني پيش آيل نظر
ڪانه ٿي اچي. اُهي اخبار جي چندي، اشتهارن، سرڪاري
اسڪولن جي درسي ڪتابن جي ڇپائي، مختلف قسمن جي
فارمن، ڪارڊن جي ڇپائي ۽ اسٽيشنري کان علاوه جلد
سازي مان چڱي آمدني حاصل ڪري وٺنديون هيون. سندن
اهم مسئلو سنڌ جي موسم ۽ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ ۾
رساڪشي هو. ڪراچي جي گرم ۽ گهميل آب و هوا، سندن
ڪارڪنن سان ڪلور ڪري ڇڏيا هئا. ان متعلق 14- اپريل
1857ع تي سنڌ قاصد هيئن لکيو:(7)
“We have never witnessed the career of
journalism in any part of India, so unfortunate
as that of Sindh. Death, Sickness and Private
disagreements have from time to time,
discouraged the editors of the respective papers
from their charges. The papers have suffered
suddenly and severely in different respects.”
اِهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون تڪليفون سَهندي مٿين مٿين ٽن اخبارن ۽
خاص ڪري ”سنڌين“ ۽ ”سنڌ قاصد“ سنڌ اندر اخباري
صنعت جو هڪ مضبوط بنياد رکيو، جنهن تي اڄ جي
عاليشان عمارت اڏيل آهي، هن کان علاوه انهن اخبارن
جي پريسن سنڌي ادب جا به گهڻا گَهڙا ڀريا. سنڌي
زبان جا آڳاٽا هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب مٿين ٽن
اخبارن جي پريسن ۾ ڇپيا، جنهن لاءِ اسين سڀ سنڌ
واسي سندن ٿورائتا آهيون.
حوالا
The Times,
22 November 1845, p.5.
Fawn M. Brodie, The Devil drivesL a Life of Sir Richard
Burton (LondonL Eland, 1967), p. 62.
A.F Scott, Sciende in the fortiesL: being the journal and
letters of colonel keith young (London:
constable, 1912), 9. 94.
Ardasser Rustom to Frere, Records of the Commissioner in
Sindh (RCS),
28 July 1855.
Th Sind Kossid,
14 April 1857,
p. 118.
The
Sind Kossid,
5 January 1858, p. 2.
The
Sind Kossid,
14 April 1857,
p. 119.
|