سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :24

 

ادارا

* تابش بخاري

 

بزمِ غالب (دادو سنڌ)

 

سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ادارا آهن، جيڪي بنا ڪنهن نعريبازيءَ جي، پنهنجي هڙان وڙان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ عملي سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن. ”بزمِ غالب“ به اهڙن ادارن مان هڪ آهي. ”بزمِ غالب“ جي هن تعارف مان اهو به ڏس ملي ٿو، ته خود دادوءَ ۾ ان کان اڳي به ڪيتريون ادبي تنظيمون ٺهيون ۽ بند ٿي ويون. سچ ته اهو آهي ته ائين سڄي سنڌ ۾ ٿيو آهي ۽ اسان جي بي حسيءَ جي ڪري ائين ٿيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته اهڙن ادارن کي هر حالت ۾ قائم ۽ دائم رکيو وڃي. ان ڏس ۾ هڪ رٿ ته اها آهي، ته سڄي سنڌ ۾ اهڙن ادارن ۽ تنظيمن کي پاڻ ۾ مربوط ڪري، متحرڪ ۽ فعال بڻايو وڃي. اسان کان ان ڏس ۾ جيڪي پُڄي سگهندو، سو ڪنداسين. ”مهراڻ“ ۾ اهڙن ادارن لاءِ هيءُ صفحا مستقل طور تي مخصوص ڪيا ويا آهن. اسان کي اميد آهي، ته علمي ادبي تنظيمون ۽ اشاعتي ادارا اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏيندا ۽ پنهنجو تعارف ڏياري موڪليندا.

امداد حسيني

دادو ضلعو علم ادب جو گهوارو ليکيو ويندو آهي. هن ضلعي اهڙن عالمن، دنشورن، تاريخدانن، شاعرن، ۽ سُخن ورن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي تاريخ ساز شخصيت سان دادوءَ جو مان مٿانهون پڻ ڪيو آهي. سال 1945ع ۾ دادو شهر ۾ ”آفتاب ادب“ جي نالي سان هڪ ادبي تنظيم هوندي هئي. ان جو صدر آخوند شفيع محمد مرحوم ۽ جنرل سيڪريٽري حافظ احسن چنا مرحوم هو. هيءَ تنظيم ماهوار محفل مُشاعره جو انعقاد ڪندي هئي. هن بزم جا ٻيا سرگرم ڪارڪن هي هئا: مخدوم احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي (جيڪو بعد ۾ هن بزم جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو)، احمد خان آصف مرحوم، پير علي مُحّمد مرحوم، مُحّمد اظهر مرحوم، خان مُحّمد سائل مرحوم (هن صاحب کي اُردو شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل هو.) امام الدين ظامن مرحوم محمد بخش واصف مرحوم.

هن بزم طرفان ٻارهين آل سنڌ مشاعره ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جو خاص مهمان جناب علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. افسوس جو هن ادبي تنظيم کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي ۽ هيءَ تنظيم 1958ع ڌاري بلڪل ختم ٿي وئي. هن ختم ٿيل اداري جي هڪ ادبي ذوق رکندڙ بزرگ مخدوم احمد مُجتبيٰ غالب ملڪاڻي صاحب دوستن جي مشوري سان 1959ع ۾ ”بزمِ جوهر ادب“ جو بنياد وڌو. هن بزمِ جو صدر پاڻ ۽ جنرل سيڪريٽري شفيع محمد سولنگي کي مقرر ڪيو ويو. افسوس جو هي ادبي ادارو به زماني جي گردشن جي سَٽ نه سهندي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. پوءِ وري به هن بزرگ (مخدوم احمد مجتبيٰ غالب) پنهنجي دوستن محترم تاج صحرائي ۽ علي محمد قريشيءَ جي صلاح سان دادوءَ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ شاخ جو بنياد وڌو ۽ هن اداري جو مستقل جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. 1989ع ۾ مجتبيٰ صاحب پنهنجي دوستن عاشق دادوي ۽ شفيع محمد سولنگيءَ جي صلاح سان ”بزمِ غالب“ جو پايو وڌو. جنهن جو ناظم اعليٰ پاڻ ۽ صدر لاءِ شفيع سولنگيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جنرل سيڪريٽري ساغر جعفري صاحب کي مقرر ڪيو ويو پر هن صاحب جي عدم دلچسپيءَ سبب کيس هٽائي هن خاڪسار (سيد تابش بُخاري) کي مقرر ڪيو ويو. هن بزمِ جا ٻيا سرگرم ساٿي رجب علي آزاد، دانش ملاح، بهزاد سنڌي، ذوالفقار زُلفي، دائود دُکي، عاشق دادوي ۽ هاتف چنا هُئا.

فيصلي موجب هن تنظيم طرفان پهريون مشاعرو طرحي ٿيو، مصرع هن ريت هئي!

آهي سدائين ارڏو دلدار يار منهنجو

هن مشاعري جو خاص مهمان احمد خان مدهوش هو. هن مشاعري ۾ دادوءَ کان علاوه ٻاهرين شاعر دوستن پڻ بهرو ورتو. عام طرح اهو تاثر ملندو آهي، ته مُشاعري ۾ ٻڌندڙ ۽ ٻُڌائيندڙ صرف شاعر هوندا آهن؛ پر ”بزمِ غالب“ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته مشاعري م عام شهري به حصو وٺي سگهن ٿا.

ٻئي سال ”بزمِ غالب“ جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ عاليشان محفلِ مُشاعره جو اهتمام ڪيو ويو. هن محفل جا خاص مهمان جناب اُستاد بخاري صاحب جن هُئا. ٽئين سال سالگرهه سان گڏ بزم جي ناظم اعليٰ مخدوم احمد مجتبيٰ غالب هر ٽئين مهيني مُشاعرو پڻ ڪرائيندو رهيو، جنهن ۾ مقامي شاعرن بهرو ورتو. غالب سان رهاڻ رچائي وئي. صاحب سان ادبي رهاڻ کان پوءِ بزمِ جي صدر سان رهاڻ رچائي وئي. ان ۾ جناب تاج صحرائي، فيض احمد فيض، گُل حسن گُل ٻرڙو، الهه نواز رُڪڻائي ۽ لاڙڪاڻي کان آيل دوستن ۾ تبريز تنيو، امداد جوکيو، شفيق شيخ، بلال بروهي ۽ احسان دانش شامل هئا. پريس جي سلسلي ۾ ”بزمِ غالب“ سان جاويد سحر (حيدرآباد)، عاجز جمالي (ڪراچي) ۽ ٻين دوستن وڌ ۾ وڌ تعاون ڪيو. چوٿين سال بزم جي چوٿين سالگرهه ملهائي وئي. هن محفل جو خاص مهمان جناب ناظم ۽ اعزازي مهمان جناب گل حسن شاد گوپانگ صاحب هئا. ان کان علاوه دادو، لاڙڪاڻي ۽ مورو کان آيل شاعر دوستن بهرو ورتو.

آئيندي بزم غالب جي پروگرامن ۾ گذريل چئن سالن ۾ جيڪي مواد بزم وٽ موجود آهي، ان کي ڇپرائڻ ۽ برک اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون رچائڻ شامل آهي.

 

حسن علي عطار

 

مومن پبليڪيشن جتوئي نوان

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙيون شخصيتون به آهن، جيڪي سنڌي ادب ۽ زبان جي ويٺا خدمت ڪن. کين نه ڪنهن ۾ لالچ آهي ۽ نه ڪنهن ۾ آسرو رکن. پنهنجي دکايو ويٺا آهن. جمال الدين خاصخيلي تخلص ”مومن“، جتوئي نوان جو رهاڪو، بنيادي طور استاد، ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ جو قائل. 1980ع ۾ مومن پبليڪيشن قائم ڪئي. پاڻ ان جا مالڪ آهن. اڄ تائين ويهه ڪتاب شايع ڪرائي چڪا آهن. تازو ڪتاب پن ٻوڙين پاتار ۾ جي روءِ نمائي جناب عبدالحميد ميمڻ حميد سنڌي وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جتوئي نوان ۾ ڪئي. مومن پبليڪيشن پاران علمي، ادبي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. ياداشت هيءَ آهي: 1- اسلامي موضوعات، 2- حقوق الوالدين، 3- مجموعه ادعيه، 4- پاڻ سڃاڻ، 5- موتي، 6- املهه ماڻڪ، 7- دادو ضلعي جا اولياءَ، 8- صوفي ساڃاهه، 9- ساهتي جا سرواڻ، 10- عام معلومات، 11- سنڌ جا اولياءَ، 12- سخن صابر، 13- رنڍا، 14- يادِ نياز، 15- سچل ڪوئيز، 16- سورائتي سنڌ، 17- پن ٻوڙين پاتار ۾.

خط

 

پيارا ادل!

اسلام عليڪم

تنهنجو خط مليو. ان لاءِ مهرباني. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ جي مبارڪ، سنڌي ادبي سنگت ڄام شورو پاران ته سنگت جي چونڊيل نون عهديدارن کي ڏئي چڪا آهيون؛ توکي الڳ سان به مبارڪ ڏيڻي هئي، پر س.ا.ب ۾ اچڻ کان پوءِ ايڏو مصروف ٿي ويو آهيان، جو پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي. تنهنجي مبارڪن، سهڪار، ۽ آجيان لاءِ مان ٿورائتو آهيان. تو مون ۾ جيڪا اميد رکي آهي، ان کي ضرور پورو ڪبو. يقيناً ماضيءَ ۾ ٿيل بيقاعدگين جي درستي ۽ حال ۽ مستقبل ۾ انهن کي ٻنجو ڏيڻ منهنجو فرض آهي، پر اهو سڀ سنڌ، ”سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهت جي سڄڻن جي ساٿ ۽ سهڪار سان“ ٿيندو ۽ اهو بلڪل طيءِ آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ جي ڪنهن به ڪارڪن سان نه ڪا زيادتي ٿيندي، نه ئي وري ڪنهن کي ناجائز فائدا ڏنا ويندا. اسان سڀني کي، جيڪي لکڻ جي مقدس پيشي سان وابسته آهيون، ظلم، ناانصافين، ٺڳين، ڌانڌلين، بلئڪ ميلنگ، ٻچا پڙائين، منافقتن جي خلاف وڏي واڪ عمل جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي، ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ٻن ڏئي اجتماعي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

تو مون لاءِ جن نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي، ۽ جيڪا اميد ڏيکاري آهي، ساڳيون نيڪ تمنائون ۽ اميدون تولاءِ به آهن، ته تون سنڌي ادب سنگت کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادب جي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ فعال ۽ متحرڪ ڪندين. ان ڏس ۾ مان پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت خود انهن ئي ڪوتاهين ۽ بي قاعدگين جو شڪار رهي آهي، جيڪي تو بورڊ لاءِ لکيون اهن- ۽ سخت تنقيد جو نشانو پئي رهي آهي. ذاتي، گروهي ۽ مخصوص سياسي نظرين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پئي رهي آهي. مون کي تو ۾ ۽ سنگت جي نئين اڳواڻن ۾ اها اميد آهي، ته سنڌي ادبي سنگت جي نج- ساهتڪ حيثِت کي بحال ڪرڻ ۾ توهين ڪامياب ٿي ويندا.

اجوري واري اديبن جي حق لاءِ مان ضرور ڪوشش ڪندس. ”گل ڦل“ لاءِ اهڙو اعلان مون ڪري به ڇڏيو آهي. ”گل ڦل“ کي به بلڪل نئين رنگ ڍنگ سان ڪڍي رهيا آهيون. ان لاءِ تون پنهنجو مواد موڪل ۽ مهراڻ لاءِ به، ”مهراڻ“ هڪ مهيني ۾ آڻڻو آهي ۽ ”گل ڦل“ به شروع ڪرڻو آهي، ان ڪري مواد TSC ذريعي موڪل، گهٽ ۾ گهٽ ٻن پرچن جو مواد موڪل.

اُڪير مان

امداد حسيني

قابل عزت امداد حسيني

اسلام عليڪم نيڪ تمنائن پر خلوص دعائن سان تازو اوهان جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي نهايت خوشي ٿي آهي. انهي لاءِ اوهان کي واڌايون هجن ۽ اوهان مان اميد ٿي ڪجي ته پنهنجو فرض پورو ڪندي پنهنجي منصب سان انصاف ڪندو جيئن بورڊ جي مقام ۾ ڪم ٿي سگهي. اميد ته اوهان طرفان سٺي موٽ ملندي. پنگرئي اچڻ جي دعوت عرض آهي.- والسلام

خير انديش                       محمد ابراهيم ناهيون

                                     پنگريو، ضلعو بدين

ساٿي!

توهان جو خط مليو. مهرباني. اميد ته مان توهان جي اميدن تي پورو لهندس. پنگرئي جي دعوت اکين تي. اسين هفتو کن ٿيندو ته پنگرئي آيا به هئاسين، پر گهر ۾ ئي ويٺا رهياسين، ٻاهر ئي ڪونه نڪتاسين. هاڻي اهڙو موقعو ضرور ڪڍبو.

اُڪير مان

امداد حسيني

محترم سائين امداد

السلام عليڪم

وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي باوقار علمي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سيڪريٽري طور اوهان ڪم شروع ڪيو آهي. اسان پاران دلي مبارڪ قبول ڪندا. حال آهر اسان جو هر تعاون پڻ قبول ڪندا. جن حالتن ۾ هي عهدو اوهان کي ڏنو ويو آهي اسان کي يقين آهي ته اوهان جو علمي ادبي حوصلو ان سان پورو نڀائيندو. ساڳئي وقت اڏوهي کاڌل ذهن ۽ ٿوهر اوٽ ۾ پلجندڙ دليون پڻ تحرڪ ۾ اينديون. خدا ڪندو ته اوهان جي سچائي کين مات ڪندي. والسلام

توهان جو پراڻو خادم

جوهر بروهي

فريد آباد ميهڙ ضلعو دادو سنڌ.

 

 

 

 

ساٿي!

السلام عليڪم

توهان جو خط مليو. مهرباني يار، جيڪي ادب، ٻوليءَ ۽ ثقافت سان سچا آهن، انهن کي منهنجي هن مقرريءَ تي خوشي ئي ٿي آهي. توکي به مان اهڙن ئي ٻوليءَ جي سچن ڪارڪنن مان سمجهان ٿو، جن لاءِ منهنجي دل ۾ ڏاڍي عزت آهي. گهڻين ڳالهين اُٺ لڏجن، تون پنهنجي پهرين فرصت ۾ ”مهراڻ“ لاءِ پنهنجو مواد ڏياري موڪل.

اُڪير مان

امداد حسيني

محترم سائين

اسان جي سماجي تنظيم گهڻي ويچار کان پوءِ هن نتيجي تي پهتي آهي ته اسان جي نوجوان نسل کي عملي ميدان ۽ مقابلي جي ماحول ۾ اچڻ کپي. اسان هر قسم جي نوڪرين سرڪاري ۽ قانوني ادارن، واپار ۽ ڌنڌن ۽ هُنري سائنسي سکيائن ذريعي پنهنجي وسيلن تي پاڻ ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ تمام سخت محنت ۽ جاکوڙ، ڄاڻ ۽ سکيا جي ضرورت آهي. خاص طور دنيا ۾ ايندڙ تبديلين، واقعن ۽ ڦيرڦار جي تڪڙي ڄاڻ، جديد ۽ ترقي يافته دنيا سان ڳانڍاپو، انگريزي ۽ ٻين زبانن جي علمن ذريعي اسان پنهنجي پوئتي پيل قومي حيثيت کي نئين سر اجاگر ڪرڻ جي شروعات ڪري، سگهون ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان نشرِ اشاعت جي ذريعن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺون.

ٽيلي وين ڄاڻ جو بهترين ذريعو آهي پر اندرون سنڌ فقط تفريحي چئنل هلي ٿو، جنهن ۾ ڪابه ڄاڻ نه آهي. جڏهن ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ جتي هر پنجين ماڻحوءَ وٽ ”ڊش اينٽينا“ آهي، اتي (P.T.N ٻيو) چئنل ڏيکاريا وڃن ٿا. ۽ آس پاس جي ملڪن جا پروگرام پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

اسان جي ماڻهن جي علمي ۽ ذهني سطح وڌائڻ لاءِ کين B.B.C ۽ C.N.N سان ڳنڍڻ تمام ضروري آهي، مٿين سهولت لاءِ ٿاڻو بولا خان، ٽنڊو سومرو ۽ ٻيا ٽي- وي بوسٽر بغير اضافي خرچ جي نشريات ڏيکاري سگهن ٿا.

اچو ته گڏجي حڪومت کان گُهر ڪريون ته اسان جي ماڻهن کي مٿيان ٽي- وي چئنل ڏيکاريا وڃن ته جيئن ماڻهن مان دُنيا کان ڪٽجڻ جو احساس ختم ٿئي.

اسان جي خواهش آهي ته توهان هن مسئلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪريو ۽ عوام کي منظم ڪري اڳواڻي ڪريو، توهان جي تجويز جو انتظار رهندو مهرباني.

خادم

نظام الدين نظاماڻي

صدر: ٽنڊو سومرو ڊويلپمينٽ آرگنائزيشن.

 

ساٿي،

توهان جو خط پهتو آهي، ان لاءِ مهرباني. توهان خط ۾ جن مسئلن تي لکيو آهي. سي تمام اهم مسئلا آهن. هيءَ سائنس، ٽئڪنالاجي ۽ اليڪٽرا ميڊيا جو دور آهي، جنهن ۾ اسين رهون ٿا، پر اسان ماڻهن (سنڌي) جي بدنصيبي اها آهي، ته اسان کي هر دور ۾ پٺتي رکيو ويو آهي ۽ اهو سڀڪجهه اسان جي پنهنجن ڪيو آهي، اصل ۾ اسان جو مسئلو صرف هڪ آهي ۽ اهو آهي، جنهن ماڻهو جو جيڪو ڪم آهي، اُهو ڪري ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪري جيئن توهين ڪري رهيا آهيو، توهان جي گُهر بلڪل جائز آهي ۽ مان ان جي پٺڀرائي ڪريان ٿو، پر ان ڏس ۾ توهان جيڪا ”عوام کي منظم“ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اُها هڪ بنيادي ڳالهه آهي، اسان جو بنيادي مسئلو اهو به آهي ته اسين منظم ناهيون، ڇڙوڇڙ آهيون. انهيءَ ڪري ئي اسان جي ڪنهن به جائز گهر کي به مانُ نٿو ملي، حق ۽ سچ چوڻ تي خود اسان جا پنهنجا اسان جا دشمن بڻجي ٿا پون، بهرحال اسين توهان جو خط ”مهراڻ“ ۾ ڏئي رهيا آهيون، جيئن اهو گهڻن ماڻهن تائين پهچي ۽ هڪ راءِ هموار ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ مون کان جيڪي به ڪجهه ٿي سگهندو، اُهو مان ڪندس ۽ هڪ فرض سمجهي ڪندس. وڌيڪ ٻئي ڀيري

اُڪير مان

امداد حسيني

 

مانوارا سائين امداد حسيني صاحب

شال خوشين ۾ هجو

سائين سنڌ جي اعليٰ علمي ۽ ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ ۾ نيون ذميواريون سنڀالڻ تي دلي واڌايون قبول پون ۽ اميدون آهن ته اوهان جو جيڪو سچائيءَ جو نئون سفر شروع ڪيو آهي، سو ادبي بورڊ جي تاريخ ۾ اوهان جي ڪاوشن سان اعليٰ مقام ماڻيندو.

نيڪ جزبن ۽ تمنائن سان اوهان جو

وفا رضا

 

محترم، خط  لکڻ لاءِ مهرباني،

توهان مون ۾ جيڪي اميدون رکيون آهن، شال، انهن کي مان پوروڪري سگهان! هن نئين سفر ۾ ڏکيايون آهن، اُهي اوهان کي به ساريل آهن؛ پر سڀني سڄڻن جي ساٿ سان مقصد جي منزل ماڻڻ جو اَٽل عزم ئي اسان جو سونهون ۽ سرواڻ آهي.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

محترم سائين امداد حسيني

السلام عليڪم و رحمة الله

دل گهريو ٿي ته روبرو حاضر ٿي اوهان سان مِلان ۽ نئين ذميواري جي مبارڪ ڏيان. پر ڪراچيءَ ۾ مصروفيت ۽ موسم جي شدت مٿان، وري فون به خراب سو مجبوراً هن خط جو سهارو وٺي رهيو آهيان.

سائين منهنجا- بورڊ کي هن وقت اوهان جهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت اهي. اوهان گهڻن ئي دوستن جي دلين جو آواز بڻجي هتي آيا آهيو- رب پاڪ اوهان جو حامي همراه ٿيندو. ڇو ته بورڊ ۾ ڏاڍي ڏکئي وقت ۾ نازڪ مرحلي ۾ اوهان کي آندو ويو آهي.

بهرحال دير آيد درست آيد. خدا اوهان کي ڪاميابيون نصيب ڪندو. منهنجي لاءِ ڪنهن به قسم جو حڪم هجي ته هر طرح حاضر آهيان. والسلام

اوهان جو نيازمند

آغا نور محمد

 

ساٿي!

توهان جو خط مليو ان لاءِ مهرباني. توهان منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو آهي، تنهن لاءِ مان بيحد ٿورائتو آهيان، صورتحال توهان جي سامهون آهي. منهنجي ڪوشش اها آهي ته ادبي بورڊ کي هڪ صاف پاڪ علمي ۽ ادبي ادارو بڻايان.

حڪم نه پر عرض اهو آهي ته جيڪڏهن توهان لکڻ سان شوق رکو ٿا، بلڪ فرض سمجهي لکو ٿا، ته اسان جي رسالن مهراڻ، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ لاءِ مواد پاڻ به موڪليو ۽ وٺي به موڪليو.

ٻيو ته توهان اڪئڊمي جي ليٽر پيڊ تي خط لکيو آهي، ڇا ڪراچيءَ ۾ اڪئڊميءَ جي سب آفيس آهي يا توهان جو ان سان ڪو لاڳاپو آهي؟

اُڪير مان

امداد حسيني

جڏهن ادبي اک پٽيم ته منهنجي چوڌاري ٻاراڻن ڪتابن بدران، فارسيءَ جا ڪتاب ۽ ”مهراڻ“ جا نوان، پراڻا پرچا کليا پيا هئا.

فارسيءَ جي گهوڙي تي چڙهيس؛ ڊوڙائي ڊوڙائي ڦهه کڻي پَٽ تي ڪيرايائين. پر ڪيرايائين وري ڪٿي؟ ”مهراڻ“ جي ڪپ تي. پڙهڻ کان پوءِ لکڻ جي اُڃ لڳي ته پهريائين ٻُڪ ”مهراڻ“ مان ئي نصيب ٿيا. يعني پهرين ڪهاڻي (جنهن کي ڪهاڻي چئجي) ”واپسي“ مهراڻ ۾ ڇپي؛ هڪڙي لحاظ کان چئجي ته مون ادبي پٽيءَ جو سبق ادبي بورڊ جي اداري ۾ پڙهي پُورو ڪيو.

ٻڌوسون ته ”مهراڻ“ مهراڻ جيئن سُڪڻ لڳو آهي. ساه ئي سُڪي ويو. ڪجهه مهينن تائين ته اهڙي اڀاڳي ڳالهه ٻُڌڻ ئي ڇڏي ڏنم. پوءِ خبر پئي ته ”وريا وَاهِرُو“- پيٽ ۾ ساه پيو ته هاڻي لهر نڪي لوڏو.

اسان وَٽ اڻ ڳڻيا رسالا، مئگزين، پرچا، ڪڙيون.... الائي ڇا ڇا پيا ڇپين؟ پڙهندي به ڦڪائي ته وٺندي به ڦڪائي. مون کي هڪڙي رسالي جي ايڊيٽر چيو ته تون اسان جو مئگزين پڙهندو آهين. مون چيو ”ها“.

چيائين (ٽهڪ ڏئي).... مون کي حيراني آهي ته تون اِهو ڪيئن ٿو پڙهين...؟، اهڙن حالن ۾ نج نبار ڳائي گيهه جهڙو ادبي ذميواري سان نڪرندڙ سنڌي رسالن ۾ فقط ۽ فقط ”مهراڻ“ آهي، جنهن جي پيچ صحيح طور ادبي اڃ اُساٽ اجهائي ٿي.

هاڻ ته پڪ آهي ته ”مهراڻ“ انهن ئي ڇولين ۽ لهرين سان گونا گون وهندو رَهندو. ساڳي موجو ساڳيو اوج.

حفيظ ڪنڀر

ڪراچي 19 مئي 1992ع

 

امداد حسيني

”ڊان“ اخبار ۾ اها خبر پڙهي خوشي ٿي ته اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. هاڻي اميد ڪجي ٿي ته اوهان جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ نمائشي ڪمن جي بجاءِ ٺوس ڪم سرانجام ڏيندو. خاص طرح رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ جي معيار تي توجهه ڏيندا. معياري ڪتابن جي اشاعت ۽ بهتر طباعت ۽ قيمتن کي خريدارن جي سگهه موجب رکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ بورڊ جي ڪتابن کي مکيه ڪتاب گهرن ۾ موڪلڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ”ٿامس اينڊ ٿامس“ سنڌي ڪتابن رکڻ شروع ڪيا آهن. اسٽالن بابت پڌرائي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڏيڻ گهرجي. بورڊ طرفان ليکڪن جي مفصل ڊائريڪٽري تصويرن سميت تيار ڪرڻ جو پروگرام رکيو وڃي. سال ۾ هڪ دفعو ادبي ڪانفرنس ۽ ورڪشاپ به بورڊ طرفان ڪرايو وڃي. ليکڪن سان ويجهو رابطو قائم ڪيو وڃي.

نيڪ تمنائن سان

ممتاز مهر

ممتاز مهر،

خط لکڻ لاءِ مهرباني. مون ڪافي اڳي تنهنجي هڪ خط جو جواب ڏنو هو، پر تو وٽان ان جي ورندي نه آئي. خير بهرحال، صورتحال سڄي تنهنجي آڏو آهي. في الحال اسان کي ”مهراڻ“ لاءِ تنهنجو مواد کپي فوري طور تي. تنهنجون تجويزون اسان نوٽ ڪيون آهن. تنهنجي ڪهاڻي ۽ ڪو تنقيدي ليک کپي.

اُڪير مان

امداد حسيني

محترم امداد حسيني صاحب

السلام عليڪم!

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي چارج وٺڻ تي مبارڪون قبول ڪندا.

اميد آهي ته اوهان پنهنجي ٿڌي مزاج ۽ معتدل طبيعت، وڻندڙ سڀاءَ ڪري سڀني سنڌ جي ادبي ڌرين وٽ قبوليت حاصل ڪندا. سنڌي ادب جي خدمت ڪندا ۽ هڪ دفعو وري مهراڻ کي مامرن مان ڪڍي سندرتا بخشيندا.

اسان کي يقين آهي ته هاڻي سنڌي ادبي بورڊ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو. ۽ هر قسم جي انتهائن (سڀئي انتها پسنديون) کان پاسو ڪري وٺندو. توهان جو پنهنجو

سرور سيف

ليڪچرار (سنڌي)

اسلاميه سائنس ڪاليج، سکر

ساٿي،

توهان جو خط مليو. مهرباني. توهان جنهن جذبي سان منهنجي آجيان ڪئي آهي، شال مان پاڻ کي ان جي لائق ثابت ڪري سگهان. مان ان سوچ جو آهيان ته هر صورت ۾ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪجي ۽ اهو فرض سڀني ساٿين جي سهڪار سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ مون کي اميد آهي، ته سنڌي ٻولي، ساهت ۽ سڀيتا جي بچاءَ، ڦهلاءَ ۽ ڦلار لاءِ اسين سڀ پنهنجي تن، من ۽ ڌن سان پنهنجو فرض نڀائينداسين.

اُڪير مان

امداد

مانوارا سائين سلام دعائون

سڀ کان اول ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ٿيڻ تي دلي مبارڪون قبول ڪندا. سچ پچ ته ڏاڍي خوشي ٿي. ورهين کان پوءِ بورڊ کي هڪ سڄاڻ انسان مليو آهي جيڪو هر دور ۽ هر حال ۾ پنهنجي فرض سان سچو رهيو آهي.

سائين منهنجا، مان هتي خوشامدي جملا ڪونه لکندس. جيئن ته گذريل 18-19 سالن کان منهنجي اوهان سان نيازمندي آهي، خوشامد منهنجي نظر ۾ منافقي آهي. منافق ڪافر کان به بدتر، جيئن ته اوهان هڪ سڄاڻ ۽ روشن ضمير ليکڪ آهيو.

فقط انهيءَ لحاظ کان مون هميشہ اوهان جو پنهنجي والدين جهڙو احترام ڪيو آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ايڏي عقيدت ۽ احترام جي موٽ اوهان وٽان ڪانه ملي هوندي. رستي تي واٽ تي دڪان تي اوهان ڪڏهن به ٻه منٽ بيهي نه ڳالهايو هوندو نه ئي هلندي ڳالهايو هوندو ۽ يقين ڄاڻو اهڙي رويي ۽ موٽ تي مون کي سخت دلي ارمان ٿيندو آهي، مگر مان پنهنجي سماجي حيثيت کي ڏسي خاموش ٿي هڪ ڦڪي مُرڪ مُرڪندو اوهان کان موڪلائي هليو ويندو آهيان.

بهرحال اسان کي اوهان جي ذات ۾ وڏيون اميدون آهن ته اوهان پنهنجي اڻٿڪ محنت، جاکوڙ ۽ سچائيءَ سان بورڊ جي وڃايل وقار ۽ ناموس کي بحال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا.

هٿ ٺوڪين اديبن کان، خوشامدڙين ۽ چاپلوسن کان هوشيار ٿي صرف پنهنجي فرض کي اڳيان رکندا، بس.

سنڌ جي سڄاڻ ليکڪن اوهان تي جيڪو اعتماد ڪيو آهي، اوهان جي جيڪا چونڊ ڪئي آهي، انهيءَ اعتماد کي علم جيان اوچو رکڻو اهي، هر حال ۾ اوچو رکڻو آهي.

مان هڪ رضاڪار جي حيثيت ۾ اوهان جي ڪنهن ڪم جي لائق هجان ته حڪم ڪندا، منهنجون دلي دعائون هميشہ اوهان سان هونديون.

اوهان جو نيازمند

راهي چنا

ڄام شورو سنڌ.

محترم سائين امداد حسيني صاحب

السلام عليڪم

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جون ذميواريون سنڀالڻ تي اسان جي ايسوسيئيشن پاران دلي مبارڪباد قبول ڪندا.

آزاد چوهاڻ

جانڻ سنڌي

شاهه لطيف وليج ويلفيئر ايسوسئيشن

ملا مکڻ تعلقو ٽنڊو آدم

مانوارا جانڻ سنڌي ۽ آزاد چوهاڻ، توهان جي مبارڪن لاءِ مهرباني. توهان جي ساٿ ۽ سهڪار سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جاکوڙ جاري رهندي ۽ مقصد جي منزل ماڻبي:

منزل ڏانهن وري هڪ ڀيرو، عزم سفر آهي يارن جو!

قلم تازو: توهان پنهنجي ائسوسيئيشن جو تعارف، مقصد- سرگرميون، لکي موڪليو ”مهراڻ“ لاءِ.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

 

 

 

بخدمت جناب عزت مآب محترم

سيد امداد حسيني صاحب

شال خوش باش هجو

السلام عليڪم. هزارين ڀيرا هٿن پيرن چمڻ بعد ته هت سڀ خير آهي خير عافيت اوهان صاحبن لاءِ ڌڻي در صبح و شام دعا گهرندو رهندو آهيان. آمين ثم آمين؟

مان هڪ غريب اوهان صاحب کي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي سيڪريٽري چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد عرض رکان ٿو. شال قبول پوي.

مون کي اميد آهي ته اوهان جي ڪوششن ۽ رهنمائيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ اڳي کان اڳڀري منزل ماڻيندو. خداوند ڪريم اوهان کي وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش جي همٿ عطا فرمائي. آمين.

اوهان جو پنهنجو

سپاهي محمد اسماعيل خاصخيلي

 

محترم سپاهي صاحب،

توهان جو خط پهتو، مهرباني

توهان جيڪا منهنجي لاءِ دعا ڪئي آهي، ڌڻيءَ در اُها دُعا ضرور اَگهامندي، ڇو ته اُها دل جي گهراين مان نڪتي آهي. تنهنجو غزل مهراڻ ۾ ڏئي ڇڏيو اٿم.

اُڪير مان

امداد حسيني

 

 

محترم سيد امداد حسيني صاحب، اوّل خير!

سائين منهنجا ”لوڪ ادب“ ٽماهي مهراڻ آڪٽوبر- ڊسمبر 1991ع جو پرچو هٿن منجهه اٿم. پرچو تمام خوبصورت ۽ معياري هيو.

سائين منهنجا! اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ٿيڻ تي لک لک واڌايون هجن. شل قبول پون.

ادا سائين رسالي کي اڃا به توهان خوبصورت بڻائيندا جيئن اڳ اوهان خوبصورت ڪري ڪڍندا هئا. اميد اٿم ته خوبصورت کان خوبصورت بڻائيندا.

دوست توهان ڏانهن ٽماهي مهراڻ لاءِ ڪجهه وايون موڪليان پيو. اميد ته رسالي ۾ جڳهه ڏيندا ته وڙ ٿيندا. مهرباني قلمي سهڪار توهان سان جاري رهندو.

توهان جو پنهنجو

”تلهار“ پيرزادو

خزانچي، سنڌي ادبي سنگت شاخ گمبٽ

 

يار تلهار، تنهنجو نالو ته واهه جو آهي! مبارڪن لاءِ مهرباني. تو جيڪي اميدون مون ۾ رکيو آهن. توهان جي ساٿ ۽ سهڪار سان پڪ ئي پڪ پوريون ٿينديون. تنهنجي وائي هينئر به منهنجي هٿ ۾ آهي. تنهنجو خط ”مهراڻ“ لاءِ لکي به ڇڏيو هئم، پر وائيءَ کي ok نه ڪيو هئم. ان جو ڪارڻ مٿين سٽ هئي، جنهن ۾ هڪ ماترا وڌي ٿي، ڇا اها رعايت ڏئي سگهجي ٿي؟ اتي هڪ ٻيو سوال به ٿو اٿي، ته وائيءَ ۾ ڪا سٽ 11 جي ته ڪا 12 جي، ته ڪا تيرهن جي هجي؟ يارهن ۽ 13 ماترائن کي ورتائڻ سڀاويڪ آهي. بهرحال تنهنجي وائي ڏاڍي وڻي ۽ مان اُن کي مهراڻ ۾ ڏئي رهيو آهيان. خاص ڪري مون کي وائيءَ جو آخري بند ڏاڍو چڀندڙ لڳو. شاعريءَ جي وئنواس کي جيترو ڦهلاڙيندؤ، اوترو ئي اُن ۾ آفاقيت ايندي. خاص طور شاعر تي تمام وڏي ذميواري آهي، ته هو پوري انسان ذات کي درپيش ان سنگين مسئلي کي پڙهندڙ جي ڌيان تي آڻي ۽ ائين ”ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ کان ”عالم سڀ آباد ڪرين“ سائين پنهنجي شاعري جي ڪئنواس کي ڦهلاءُ ملي ٿو.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

رات جا 33-12

 

السلام عليڪم،

سائين سڀ کان پهرين ته اوهان کي بورڊ جو سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ عرض رکجي ٿي ۽ ان کان پوءِ ماهه آڪٽوبر- ڊسمبر 1991ع جي مهراڻ لوڪ ادب بابت گذارش ته اڄ V.P 35 ڪاپين جي ڇڏايم. هڪ ڪاپي ڪڍي پاڻ ڏٺم. جنهن ۾ مقالن جو حصو بهترين آهي. ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيندو. ڪهاڻيون به لوڪ حوالي سان سٺيون آهن ۽ شعر جي حصي ۾ قبله طالب الموليٰ، صديقي صاحب ۽ محمد خان مجيديءَ جي ڪلامن کان سواءِ باقي متاثر ڪُن ڪونه آهن جيتوڻيڪ سنڌ ۾ کوڙ سارا سگهڙ آهن، جيڪي لوڪ ادب ۾ پاڻ پتوڙين پيا. بهرحال پرچو سراسري طور سٺو آهي. لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ اوهان جيڪو پهريون قدم کنيو آهي سو ساراهڻ لائق آهي.

سائين اوهان جي ادبي بورڊ جا رسالا گل ڦل، سرتيون ۽ مهراڻ وغيره سيوهڻ ۾ آئون هلائيندو آهيان ۽ دوست پڇندا آهن ته انهن ۾ تنهنجو شعر ڇو نٿو ڇپجي؟ اوهان ڏانهن ٻه نڪور غزل موڪلي رهيو آهيان، ڇپي ٿورائتو ڪندا. زياده خير.

همراز ڀٽي

 

مانوارا همراز،

مبارڪن لاءِ مهرباني. شعر ته تنهنجو ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي پيو، پر تون اسان کي رڳو اِهو ٻڌاءِ ته ”مهراڻ“ اتي گهڻو ٿو کپي. ”مهراڻ“ جو ايندڙ پرچو ٻٽو (1-2/1992ع) هوندو ۽ اڍائين کان ٽن سو صفحن جو هوندو. جنهن ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جا 50 کن صفحا هوندا. عبدالقادر جوڻيجي جي نئين ڪهاڻي هوندي. مان چاهان ٿو ته ”مهراڻ“ جو اِهو پرچو، جيڪو سنڌي ادب جو هڪ اهم دستاويز هوندو، سو ڪجهه گهڻو هلي، گهٽ ۾ گهٽ ڊبل ڪاپيون ته ضرور هلن، جون جي آخر ۾ اچي ويندو. ان بابت لکج.

اُڪير مان

امداد حسيني

 

گهر اچي سِڪندر کان پڇيم ته ابا سڪندر! ڏي خبر چار، ٻُڌو اٿم اِمداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن ٿي ويو آهي چيائين وائيس چيئرمئن نه پر سيڪريٽري ٿيو آهي. مون اهڙو احوال اخبارن ۾ پڙهيو آهي، سڪندر علمي ادبي شوق به رکي ٿو، ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو شوق اٿس سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽڙي ٿيڻ واقعي اهم عُهدو آهي، هن بي ساخته ۽ دلي خوشيءَ تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو، قبول ڪرڻ پوندئي ڇو ته حَقدار آهين، ذُميدار ۽ سنجيده آهين تنهن ڪري معيار قائم رکڻ لاءِ زور ڀريندس، سٺن ماڻهن تي جڏهن الزام لڳن ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ مان ته نٿو برداشت ڪري سگهان.

 وفا ناٿن شاهي

 

محترم امداد حسيني صاحب

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي خزانچي چونڊجي اچڻ تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ قرب. مان به اوهان کي دل جي گهراين سان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيڻ تي واڌايون ڏيان ٿو، اميد رکان ٿو ته سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي، معياري، تاريخي تحقيقي ڪتاب، نئين ٽهي جي اديبن جي شاعري ڪهاڻين جا مجموعا ڇپرائي پنهنجي ترقي پسنديءَ جو ثبوت ڏيندا. ٽماهي مهراڻ، سرتيون ۽ گل ڦل کي جديد دور جي تقاضائن مطابق هلائيندا.

معذور ۽ اپاهج اديبن جي مالي سهائتا ڪندا. سٺن ليکڪن کي انعام ۽ انهن جو مناسب اجورو ڏيارڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا.

قاضي غلام نبي ناشاد

خزانچي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ

 

 

محترم ڀاءُ امداد

اسلام عليڪم

گذريل هفتي توهان وٽ حاضر ٿي هيس ۽ عرض ڪيو هئم ته مون کي پروفيسر محرم خان جي هڪ مضمون ”وائي سنڌ جي قديم صنف“ جي سخت ضرورت آهي. جنهن لاءِ توهان ٻنهين مسٽر ۽ مسز واعدو ڪيو هئو ته مهراڻ مان هٿ ڪري جلد روانو ڪندا.

مهرباني ڪري Quick service جي ذريعي ڏياري موڪليندا، تنهن سان گڏ ڀاءُ امداد جو شاهه جي شاعريءَ ۽ موسيقي تي مضمون پڻ جلد موڪلڻ جي عنايت ڪندا.

خدا خوش رکيو

ڊاڪٽر دُرشهوار سيد

مانوارا امداد حسيني

اميد ته پنهنجي اهل ۽ عيال دوستن ۽ ساٿين سميت خوش ۽ خيريت سان هوندا. گذريل ڀيري جڏهن مان ڄام شوري ۾ لٿو هوس ته رڳو ۽ رڳو توهان سان ملڻ لاءِ لٿو هوس. پر توهان جي صدقي، طارق عالم جي عيادت به ڪيم ته ٿورو ڪلهن تي بار به کڻڻ جو مزو ورتم.

مون کي لهڻو ڪوٽڙيءَ ۾ هو، جو سوچيو هيم ته اتان واپسيءَ جي ٽڪيٽ به ٺهرائيندس ۽ حيدرآباد لاءِ سواري به سولي ملندم- ۽ حيدرآباد کان ڄام شوري اچڻ جو به ڪو مسئلو ڪونه ٿيندو. پر اوچتو ٿيلهي ۾ هٿ وڌم ۽ زاپڙا زاپڙا ڪندو اچي توهان جي آفيس جي مين گيٽ تي پهتم. ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ سامان رکيم. مٿي توهان جي ڪري ۾ آيم- خبر پئي ته توهان اڃا ڪونه آيا آهيو. ٿورو انتظار جو مزو ورتم- پوءِ ٿيلهو کڻي وري پنڌ پيم ڪالونيءَ طرف- ٿورو اڳتي هليو هوندم ته ياد آيو اوهان ته وڃي وي سي هائوس واري پاسي رهيا آهيو. سو وري پوئتي موٽ کاڌم- جيتوڻيڪ ريل هونئن ته ايتري دير بيٺي هئي پر جڏهن ريل ڏانهن مڙيس ته ان به ڪُوڪ ڪري اڳتي چُرڻ شروع ڪيو- ڏاڍي ٿي.

شام جو توهان سان ملڻ آيس گهر تي. پر واهه ڙي نصيب- سڀني سان ملاقات ٿي، پر سائين امداد جو ديدار نه مليو. ٻئي ڏينهن ته خير مان جيڪب آباد هليو آيس جو منهنجي استاد، استاد ارباب خان جي طبيعت درست نه هئي. اتان وري ڪوئيٽا هليو آيو هوس. پر توهان جي درشن نه ملڻ جو افسوس به چڱو خاصو کڻي آيس.

وري شيخ اياز جي ٽربيوٽ ۾، اميد هئي ته توهان ايندؤ- ۽ مون کي اُتي خاص طور توهان کي اها خوشخبري ڏيڻي هئي- ادبي بورڊ جي سلسلي ۾ ڏاڍيون ڳالهيون پئي هليون. شمشير الحيدري، لڇمڻ ڪومل، ڪرم الاهي چنا ۽ ڪجهه ٻين دوستن جويي صاحب ۽ شمشير جا نالا پئي ورتا. مون انهن کي اتي به چيو- ته شمشير تون چيئرمين ته ٿي سگهين ٿو پر ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ لاءِ فقير سائين مسرور، امداد حسينيءَ جو نالو منظور ڪيو آهي. مون کي مليو ڪونهي. ته مبارڪ ڏئي ڇڏيانس ها اها ڳالهه ان وقت ته آئي وئي ٿي وئي. پر سچ پچ هاڻي به فقير سائين مسرور سامهون ويٺو مرڪي رهيو آهي. توهان جي انهيءَ جاءِ تي اچڻ جي خوشخبري اسان کي اڳ ۾ ئي ملي وئي هئي. باقي رڳو مبارڪ ڏيڻ هئي توهان کي- سو مبارڪ هجيو.

حالتون ڪجهه ڏکيرڙيون آهن پر توهان تي سڀئي بزرگ راضي آهن. توهان جو وار به ونگو نه ٿيندو. توهان پنهنجي موج ۾ رهو. جو اها توهان جي موج واري طبيعت ئي بزرگن کي وڻي آهي. خدا جو قسم سنڌ جا سوين ساڃاهه ڀريا توهان جي سچائي ۽ ڏاهپ تي فخر ڪن ٿا- سنڌ کي سرت ڏيندڙ به توهان جي بيباڪيءَ کان متاثر آهن.

پوءِ ڇاء مون لاءِ اها گهٽ فخر جهڙي ڳالهه آهي. جو مالڪ مون کي توهان جهڙو ذهين دوست ملايو آهي. جيڪو هن دنيا جي رشتن ۾ به ويجهو ڪري ڏنو اٿس. ته پنهنجي ڪلام جي سگهه ۽ پيار جي ٻل سبب به مون کي موهيو اٿس.

مان ڪڏهن ڪڏهن بينا کي به چوندو آهيان؛ ته امداد جي شعر ۾ ڪيفيتن جا ڀنڊار آهن. جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ مون ته مزو ورتو آهي ته مشاهدو به ماڻهو آهي. توهان کي مسرور جي پوري ويڙهي طرفان مبارڪون هجن.

توهان جي درشن لاءِ آسائتو ان ڪري به آهيان ته مون توهان جي غزل جي هڪ ٻي ڌن به ٺاهي آهي- جيڪا به آغا سليم جهڙي راڳ ۾ ڪنهن کي نه مڃيندڙ کي به پسند آئي آهي. اڄڪلهه طبيعت ناساز اٿس انڪري اسلام آباد ويل آهي- شايد موڪل دوران ئي پنهنجي بدلي ڪوئيٽا کان اسلام آباد ڪرائي ڇڏيندو.

باقي اطهر- سميع- صالح شر به خوش آهن. توهان کي سلام ۽ مبارڪون پيا ڏين.

اوهان جو مخلص

بيدل مسرور

 

يار بيدل،  اميد ته سرهو هوندين ٻچن سميت

تون آئين پاڻ نه ملياسين. اياز واري ٽربيوٽ ۾ نه پهچي سگهياسين، ان ڪري ملاقات نه ٿي سگهي.

فقير سائين مسرور سيڪريٽري شپ لاءِ مون کي چونڊيو، اهو پڙهي خوشي ٿي. مان، جنهن جي نه پُٺ آهي، نه مُٺ، نه خوشامد ۾ يقين اٿم، نه سفارش ۾! ان کي ٽيليفون تي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي چارج ملڻ، يقيناً هڪ معجزو ئي آهي؛ پر انهيءَ معجزي جا ڪيترائي منڪر به آهن- ۽ ڏُک اهو آهي ته ان ۾ اسان جا پنهنجا شامل آهن. خوشي ان ڳالهه جي آهي، ته سڄي سنڌ مان اهڙن سڄڻن به مبارڪون مُڪيون آهن، جن کي مان سڃاڻان به ڪونه! انهن سڄڻن جي اندر ۾ سنڌ دوستيءَ جو سمنڊ پيو ڇُلي.

بهرحال، مان هتي جيترا ڏينهن آهيان، ڪم ڪندو رهندس- سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ڀلائيءَ ۽ بهتري لاءِ. اهو ئي منهنجو مشن آهن ۽ زندگيءَ جو مقصد.

توهان جهڙن سنڌ جي سڄڻن جي دعائن، ساٿ ۽ سهڪار سان هن ٻيڙي، جنهن کي ”تري تن پياس“ واري ڪيفيت سان اُڪاري پار ڪنداسين،

”مهراڻ“ جو دستوري پرچو هنگامي بنيادن تي ڪڍي رهيا آهيون، ليٽ کي ڪور ڪرڻ لاءِ ان ڏس ۾ ورندي ٽپال ۾(1) تون پنهنجو مواد ڏياري موڪل. فقير سائين مسرور جو هڪ صفحي جو تعارف ۽ ڪلام به ڏياري موڪل.(2) اطهر ۽ سميع کي به منهنجي پاران مواد لاءِ چئج.

اُڪير مان

امداد حسيني

دوست محترم امداد حسيني صاحب

يا علي مدد

سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي اوهان کي لک لک مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ دعاگو آهيان شال خداوند ڪريم لطيف جي صدقي اوهان کي سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ صوبه سنڌ جي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ڪتب آڻي هن تاريخي ادبي بورڊ جو جنهن جو مان مٿانهون آهي ان کان به مٿي رکندا. اسان اوهان جي ڪاميابين ۽ ڪامرانين لاءِ نيڪ تمنائون رکون ٿا ۽ نيڪ خواهشمند پڻ آهيون اسان اوهان سان هر موڙ تي هر موقعي مهل تي گڏجي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.

خدا ڪري خوش هجو، آباد هجو.

ڪيتري وقت کان سوچيم پئي ته ”سنڌ پرڳڻي جون ذاتيون“ جن کي گڏ ڪرڻ ۾ مون کي ڏهن سالن جو عرصو گذريو آهي ۽ اڃا به ڪا ڪسر باقي آهي پر اوهان جهڙو محب دوست هاڻي سنڌي ادبي بورڊ تي آيو آهي جيڪو اسان کي همت ڏيندو، همت افزائي ڪندو ته اڃا به وڌيڪ محنت ڪري ڪم ڪنداسين، ”سنڌ پرڳڻي جون ذاتيون“ جي ڪاپي موڪلجي ٿي ان لاءِ ڪجهه ڪندا ته مهرباني ٿيندي. اسان لائق ڪا خدمت هجي ته لکندا. جواب جو انتظار رهندو. والسلام

اوهان جو ڀاءُ دوست

ڊاڪٽر نواز علي خواجه ”ذوق“ تلهار

ساٿي،

يا علي مدد

الله ۽ عليءَ جي ٻاجهه ۽ توهان جي دعائن سان، جيڪا اُگري صورتحال آهي، اُن کي سڌاري وٺنداسين. توهان جو توڙي ٻين ساٿين جا خط پڙهي مون کي لطيف سائين جي هيءَ سٽ ياد ايندي آهي:

اڃا ڪي آهين، جي لڪا ڀُڻن لوڪ ۾

توهان ساٿ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان ڏس ۾ توهان اسان جي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو- مواد جي سلسلي ۾، رسالن جي ميمبرشپ جي سلسلي ۾؟ اسان توهان جو مواد ”مهراڻ“ اداري جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

 

گرامي نامو مليو. ياد ڪرڻ لاءِ مهرباني. مواد عرض خدمت آهي. اشاعتي ادارن. خاص طور ”مهراڻ“ ماضي قريب منجهه منهنجي ڇپجڻ واري حشرت کي منصو بڻائي ڇڏيو. اڄ سوڌو اهڙي ڪنهن خواهش تي پٿر پيل آهن. هر ڪنهن ليکڪ لاءِ ڇپجڻ سندس فطري خواهش هوندي آهي؛ پر مون لاءِ اهو به ڪافي آهي، ته منهنجي ڀُريل لفظن تي اوهان جهڙي مهان ڏاتيار جي نظر پوي. اڳ پڻ اوهان مون تي تنقيد ڪري، منهنجي ٻاٽ گهڙين ۾ سوجهرا اوتيا اڄ به اها تمنا آهي، ته گهري نظر ڪري پنهنجي قيمتي وقت منجهان ڪجهه سيڙائي هن مواد لاءِ پنهنجي راءِ ڏيندا، جيئن وڌيڪ لکڻ لاءِ حوصلو ملي يا سوجهرو ملي.

جوهر بروهي فريد آباد

 

پيارا،

تنهنجو خط ۽ مواد. ”مهراڻ“ ۾ تنهنجون ٽي شيون ته مان ڏيان پيو: وائي، چؤنڪا ۽ نظم. غزل وري لک. پنهنجو ٻيو به مواد موڪل. بروهڪي شاعريءَ ۾ سنڌي لفظن تي مقالو به لکي سگهين ٿو. وڌيڪ خير

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

 

ڪراچي

4-6-1992ع

ڊيئر امداد حسيني

خط مليو، مهرباني. ”مهراڻ“ لاءِ ٻه تنقيدي ليک موڪلي رهيو آهيان. اهي ٻئي ليک اڻ ڇپيل ۽ اڳ جا لکل آهن. ارادو هوم ته پنهنجي نئين تنقيدي مجموعي ۾ انهن کي شامل ڪندس. پر اڃا اهو مرحلو نه آيو آهي. موضوع جي لحآظ کان ٻئي ليک اهميت رکن ٿا. اوهان ٻئي مضمون پنهنجي نظر مان ڪڍندا. معمولي ڦيرڦار ڪري سگهو ٿا. مان وٽ انهن جون اصل ڪاپيون ڪونهن. نئين ڪهاڻي لکيم ته ضرور موڪليندس. اڄڪلهه جپاني هائيڪا پڙهي رهيو آهيان، ڏاڍو اثر ۽ مزو رکن ٿا، خاص ڪري بوشن جا هائيڪا. هڪ تجربو پاڻ به ڪيو اٿم، اوهان کي ڪيئن ٿو لڳي:

سکر سونهارا

ڀٽي، حميدي، عثماني

ياد آيا پيارا

 

ڀٽي: رشيد ڀٽي

حميدي: حسن حميدي

عثماني: (فتح الله عثماني، هڪ انسان دوست ۽ اعليٰ خوبين وارو شخص ٽيئي فوت ٿي ويل). گرداس واڌواڻي ٻه ٽي سال اڳ مون کي پنهنجا ڪي ليک ڏنا هئا. اهي ”ڪالم“ طور هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا پر ڪنهن مجموعي ۾ آيل ڪونهن. مون اهي ڏيڍ سال اڳ ايڊٽ ڪري رکيا هئا“ سنڌالاجي وارن کي لکيم. انهن لکيو ته مواد موڪليو ته ڏسون. ان دوران حيدرآباد- ڄام شوري اچڻ نه ٿيو ۽ اهو مواد اڃا مون وٽ آهي. واڌواڻيءَ لاڏاڻي کان ڏهه ڏينهن اڳ به مون سان آخري ملاقات ۾ ليکن جو پڇيو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس حياتيءَ ۾ اهو مجموعو پڌرو ٿئي. پر افسوس ته ائين نه ٿي سگهيو. اوهان چاهيو ته پوءِ اهو مواد پهرين اوهان ڏسو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرڻ لاءِ پر گرمين سبب منهنجو تڪڙو ڄام شورو اچڻ نه ٿيندو. ڪنهن هٿيڪي ماڻهوءَ هٿان مواد موڪلي سگهجي ٿو. گذريل سال آڪٽوبر- نومبر ۾ ٻه ٻه خط اسان هڪ ٻئي ڏانهن موڪليا هئا. مان نه ٿو سمجهان ته مون اوهان جي ڪنهن خط جو جواب نه ڏنو هجي! اميد ته خطن وسيلي رابطو رهندو.

سڪ مان

ممتاز مهر

 

پيارا،

تنهنجو خط ۽ مواد مليو، خط ۽ مواد سڀ ”مهراڻ“ ۾ ڏئي رهيا آهيون. واڌواڻيءَ جو پورو ڪتاب (اڻڇپيل ڪتابي صورت) سهيڙي موڪل، ته ادبي بورڊ پاران ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريون. شاعري (هائيڪو تي) ۾ ٿوري ڪوشش ڪر.

اُڪير مان

امداد حسيني

 

دوست محترم امداد حسيني صاحب

عرض ته رسالي مهراڻ جون 3 ڪاپيون اسان کي اعزازي طور ملنديون هيون هڪ برادرم ڪريم جي نالي ٻي برادرم راڄ محمد پليءَ جي نالي ۽ ٽي منهنجي لاءِ برادرم عبدالڪريم پلي 4 نومبر 1991ع تي انتقال ڪيو ۽ برادرم راڄ محمد پلي 16 ڊسمبر 1991ع تي انتقال ڪيو. ”مهراڻ“ ۾ نه سندن ذڪر آيو نه هڪ ڪاپي به ملي نه اوهان جي طرفان تعزيت نامه بس وقت گذري پيو.

وقت وارن جا وار سهبا پر، دوستن جو سلوڪ ماري ٿو!

وفا

ولي محمد وفا پلي

 

پيارا وفا! تنهنجو خط مليو. تنهنجي ميار بلڪل واجبي آهي. جيئن مان هتي آيو آهيان، توڏانهن اچڻ جي قادر سان ڳالهه ٿيندي رهندي آهي. علي بابا کي ڪلهه هٿ ڪيو اٿئون ۽ کيس به چيو اٿئون.

ادا، ڪريم ۽ راڄ محمد جو ذڪر ان ڪري نه آيو، جو مان هتي نه هئس. مان هتي 16 مئي تي آيو آهيان. ڪريم تي قادر لکي رهيو آهي، ايندڙ پرچي لاءِ تون راڄ محمد توڙي ڪريم تي لکي موڪل. اسان مهراڻ جو چڱو پورشن انهن يارن لاءِ مخصوص ڪيو آهي. ڪريم جي اڻ ڇپيل شاعري، نثر، راڄ محمد جو مواد ۽ پنهنجو مواد ورندي ٽپال (TCS) ۾ ڏياري موڪل. هي پرچو هنگامي طور تي هن مهيني يعني جون جي آخر تائين اسان کي آڻڻو آهي. هڪڙو قرب ٻيو به ڪجانءِ ۽ پنهنجي صحيح الڳ سان ڪاري مس سان ڪري موڪلجان. ڪريم ۽ راڄ جي صحيح ۽ هٿ اکرن جو نمونو به ڏياري موڪلجان. وڌيڪ روبرو

اُڪير مان

امداد حسيني

 

سيڪريٽري،

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

ادا اسلام عليڪم

اميد ته اوهان بلڪل خيريت سان هوندا ادا مون کي اوهان جي اداري جا ڇپايل هيٺيان ڪتاب گهرجن، مهرباني ڪري مون کي V.P جي ذريعي جلد از جلد ارسال ڪيا وڃن مان پيسن تي V.P ڇڏرائي وٺنديس، ڪتابن جي فهرست هيٺين آهي.

قديم سنڌ جا مشهور شهر ۽ ماڻهو- مصنف- مرزا قليچ بيگ

مير محمد معصوم بکري- سيد حسام الدين راشدي

چار درويش- لطف الله بدوي

تذڪره امير خاني- سيد حسام الدين راشدي

سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ- تنوير عباسي

مهراڻ مقالا نمبر-

ادا مهرباني ڪري مٿيان ڪتاب هر هڪ جي هڪ هڪ ڪاپي جلد از جلد موڪلڻ جي ڪوشش ڪجو، ڇو جو مٿيان ڪتاب مون کي M.Phil جي ٿيسز لکڻ لاءِ به گهرجن ٿا. اميد ته منهنجي وقت جو قدر ڪندا ۽ اجائي دير ڪري منهنجو وقت ضايع نه ڪندا. ادا اميد ته مناسب رعايت به ڪندا.

مهرباني

مس فرخنده زينب ميمڻ

 

سانئڻ،

اسلام عليڪم،

هونئن توهان جو ڪتابن لاءِ اُماڻيل خط ”مئنيجر بُڪ اسٽال، سنڌي ادبي بورڊ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد سنڌ“ جي ائڊريس تي وڃڻ کپندو هو؛ پر اُهو توهان مون ڏانهن موڪليو آهي. خير آهي مان بڪ اسٽال ڏياري موڪليندس. توهان ڪن ڪتابن گهرائڻ (V.pp) لاءِ لکيو آهي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن توهان احسان ڪريو ها ته پيسا اسان کي مني آرڊر وسيلي موڪلي ڏيو ها ته ڪر ڏاڍو چڱو ٿئي ها! ڇاڪاڻ ته هونئن توهان کي جيڪا رعايت ملندي، سا وري- Vpp جي خرچ ۾ هلي ويندي؛ پر جيئن ته توهان کي ڪتاب جلد گهرجن، ان ڪري اهي اڄ ئي 3-6-92 تي توهان کي Vpp ڪري موڪليا ويندا، رعايت سان.

سيد امداد حسيني

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

محترم جناب امداد حسيني صاحب!

اميد ته خوش هوندا.

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي منهنجي طرفان لک لک واڌايون قبول فرمائيندا. اميد ٿي ڪجي ته سنڌي ادبي بورڊ، توهان جي نگرانيءَ ۾ تمام گهڻي ترقي ڪندو رهندو ۽ اها پڻ اميد ڪجي ٿي ته بورڊ جي ٽنهي رسالن کي، مواد جي لحاظ سان، نين امنگن ۽ روشن خيال ليکڪن جي لکڻين سان پڻ سينگاريو ويندو.

آخر ۾ پنهنجي طرفان هڪ ننڍڙي راءِ پيش ڪندس ته بورڊ مان هر ماهه هڪڙو ڪتاب شايع ڪرايو وڃي. جنهن ۾ ڪنهن به هڪڙي ليکڪ جون لکڻيون (ڪهاڻيون، افسانا، مضمون، يادگيريون، سفرناما، خط، شاعري يا ڪو ٻيو ادب) ترتيب ڏيئي شايع ڪرايون وڃن. پر ان ۾ انهي ڳالهه جو به خاص خيال رکيو وڃي ته جنهن ليکڪ جو ڪتاب شايع ڪرائجي ته ان جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ضرور هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سنڌي ليکڪ جي ڪنهن اڳ ڇپيل ڪتاب جو، انگريزي، اردو، فارسي يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائجي ته به ”سون تي سهاڳي“ جهڙو ڪم چئي سگهجي ٿو. ائين ڪرڻ سان، سنڌي ادب ۽ سنڌين ادبي بورڊ، ٻين الاقوامي سطح تائين پنهنجو معيار برقرار رکي سگهي ٿو.

اوهان جو خير گهڙندڙ

استاد لغاري

هاءِ اسڪول لوڻ کاڻ

پوسٽ آفيس کپرو، ضلعو سانگهڙ سنڌ.

ساٿي،

توهان جو خط مليو. مهرباني.

سچ ڪري پڇو ته بورڊ جي ٽنهي رسالن جي ڪارڪردگيءَ مان، مان مطمئن ناهيان، نه ته اهي وقت تي ٿا نڪرن، نه ئي انهن جي سرڪيوليشن ٿي وڌي، ان ڪري انهن کي باقاعدي  ۽ معياري بنائڻ تي منهنجو سڄو زور رهندو ۽ ان ڏس ۾ دوستن جو سهڪار لازمي هوندو.

(قلم تازو: توهان جي اسڪول ۾ اهڙا ٻار هجن جيڪي؛(1) ذهين هجن ۽ پهريون نمبر کنيو هجين(2) راندين ۾ نالو ڪڍيو هجين(3) سماجي ڀلائيءَ ۾ حصو ورتو هجين(4) ڊراما، تقرير، پينٽنگ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هجين(5) اهڙا معذور ٻار جيڪي پڙهندا، محنت مزدوري ڪندا هجن. انهن جو تعارف انٽرويو ڏياري موڪليو ”گل ڦل“ لاءِ).

سائين پهريائين ته آئون اوهان کي ”سنڌي ادبي بورڊ بورڊ“ جي هڪ اهم ۽ اعليٰ عهدي تي فائز ٿيڻ تي دل جي اٿاهه اڪير ۽ الفت منجهان واڌايون پيش ٿو ڪريان. ”سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌ جو هڪ عزت ما آب ادارو آهي. هن اداري سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ تهذيب ۽ تاريخ کي جنهن انداز ۽ رفتار سان زنده رکندي اڳتي وڌايو، ان مان جيتوڻيڪ مڪمل طور مطمئن هئڻ جي ته هام نٿي هڻي سگهجي، پر پوءِ به ڪجهه نه ڪرڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه يا اوسر لاءِ جيڪي ڪم به ڪيا، سي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ املهه سرمايو آهن. پر وقت بوقت راشي آفيسرن ۽ منافق ۽ مفاد پرست ملازمن ۽ اداري جي ڪرپٽ ڪامورن هن اداري جي وسيلن کي جنهن بيدرديءَ سان ظالماڻي نموني لٽيو ۽ ڦريو اهو عمل مذمت لائق آهي. بهرحال هن وقت اها سان جي لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته اوهين هن اداري جي هڪ اهم عهدي تي فائز ٿيا آهيو ۽ سيڪريٽري هئڻ جي ناتي اوهان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي ان عهدي تي بااختيار آهيو ته پوءِ واقعي گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي ان عهدي تي بااختيار آهيو ته پوءِ واقعي گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن صرف سنڌي ادبي سنگت جي احتجاج کان خوفزده ٿي سرڪار صرف حالتن تي قابو پائڻ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي صلاحيتن کي خريد ڪري ورتو آهي، ته پوءِ اوهين محبوب سروري کان کان به وڌيڪ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندؤ. پر مون کي يقين آهي ته اوهين باضمير، باغيرت ۽ جرئتمند اديب ۽ اهل علم انسان آهيو اوهين ائين ڪري نٿا سگهو.

سائين انهن مختلف ڳالهين کان پوءِ اوهان سان ”گل ڦل“ بابت ڳالهائڻ چاهيان ٿو ڇو ته آئون ”گل ڦل“ باقائده پڙهندو آهيان ۽ ”گل ڦل“ ۾ لکندو آهيان ۽ ”گل ڦل“ جي حوالي سان ئي مون سنڌي ادبي بورڊ جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي گهري نظر سان ڏٺو آهي ۽ هن خط لکڻ جو سبب به ”گل ڦل“ ئي آهي. ڇو ته هن خط وسيلي آئون اوهان کي ”گل ڦل“ بابت ڪي تجويزون ۽ مشورا ڏيڻ چاهيان ٿو. ۽ ها سائين مون هڪ هن جهڙو خط محترم محبوب سروريءَ کي به لکيو هو پر ان صاحب ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. بهرحال هي خط اوهان جي خدمت ۾ لکي رهيو آهيان.

سائين ”گل ڦل“ سنڌي ٻارڙن لاءِ واحد رسالو آهي. جنهن کي سرڪاري نگراني هيٺ هلايو پيو وڃي، پر ”گل ڦل“ رسالو معيار ۽ مواد جي لحاظ کان هن جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي ۽ سنڌي ٻارڙن لاءِ ڪي خاص فائدا مهيا نه ٿو ڪري. ان لاءِ چند گذارشون پيش ڪجن ٿيون. جيڪڏهن اوهان انهن تي عمل ڪرڻ جي عنايت ڪئي ته اهو اوهان جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻارڙن تي املهه احسان رهندو. پر نه! ان ۾ احسانمنديءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي بلڪ اهو ان اداري جو فرض آهي. تجويزون عرض آهن:

”گل ڦل“ ۾ جديد سائنسي مواد شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ سائنسي چٽاڀيٽيءَ جو هڪ سلسلو شروع ڪريو ۽ بهترين سائنسي مضمون لکندڙ ٻارڙن کي انعام ۽ اعزازي ڪاپيون ڏيون:

عالمي ادب مان چونڊ ٻاراڻيون ڪهاڻيون ”گل ڦل“ ۾ شايع ڪريو.

”گل ڦل“ لاءِ سڀني ليکڪن کي مواد جي مناسبت سان نقد يا ڪتابي صورت ۾ اُجورو ڏيو، هر ان ٻار کي جيڪو ”گل ڦل“ لاءِ ٽوٽڪا، سهڻا سخن يا عالمي معلومات موڪلي ان کي اعزازي ڪاپي موڪليو.

”گل ڦل“ ۾ لکندڙ ٻالڪ ليکڪن جو هڪ ڪلب ٺاهيو. جنهن جو نالو ”گل ڦل رائيٽرس ڪلب“ هجي ۽ هر سال وڌيڪ مواد موڪليندڙ ۽ بهترين ليک موڪليندڙ ساٿي کي ”گل ڦل ايوارڊ“ ڏيندا ڪريو. ۽ هر سال ”گل ڦل رائيٽرس ڪلب“ جي ساٿين کي سنڌي ادبي بورڊ جي احاطي ۾ ”گل ڦل“ طرفان آجياڻو ڏيندا ڪريو.

سنڌ جي هر هاءِ اسڪول جي لائبرري ۾ هر مهيني ”گل ڦل“ جي موجودگيءَ کي لازمي بڻايو ۽ سنڌ کان سواءِ پوري پاڪستان ۾ رهندڙ ۽ هن دبئي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ”گل ڦل“ کي سنڌي ٻارڙن تائين پهچائڻ جي عملي ڪوشش ڪريو. ۽ گل ڦل ۾ وڌ ۾ وڌ انعامي سلسلا رکو. ٻارڙن ۽ اديبن جا انٽرويو ۽ خاص تاريخي ليک شايع ڪريو ۽ آخري عرض ته ”گل ڦل“ هر مهيني جي پهرين تاريخ تي بازار ۾ موجود هئڻ گهرجي. مهرباني.

اوهان جو پنهنجو

الهورايو

يار الهورايا،

اميد ته خوش هوندين. واڌاين لاءِ مهرباني. مان هينئر رات جو 12 بجي آفيس ۾ صرف ان ڪري ويٺو آهيان، جو تنهنجي خط جو جواب ڏيڻو هو. ڏينهن جو بلڪل ٽائيم نه مليو. هونئن مان رات جو به آفيس ۾ ڪم ڪندو آهيان، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، سنڌي ادب لاءِ، سنڌ جي ماڻهن لاءِ ۽ اهو منهنجو فرض بڻجي ٿو. ڪاش! اسان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ نڀائي.

دوست، ڪجهه مان ڪم ڪونه هلندو اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو.

”گل ڦل“ جي سلسلي ۾ توهان سان سو پيسا متفق آهيان. اپريل جي ”گل ڦل“ ۾ اسان جو اهڙو اعلان پڻ ڇپيو آهي. ان کي پڙهندا. ۽ پنهنجو مواد موڪليندا. مان ڪوشش ڪندس ته ”گل ڦل“ ۾ توهان جو مواد پڙهي ڪا راءِ ڏيان.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني

مانوارا سائين! حُسيني صاحب،

السلام عليڪم:

بعد سلام دُعا جي عرض ته آئون بزمِ غالب دادوءَ جي عهديدارن ۽ سڀني ميمبرن طرفان اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي منصب سنڀالڻ تي دل واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ پڻ اُميد ڪريان ٿو ته اوهان پنهنجي مُدبرانه صلاحيتن ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا.

”بزمِ غالب“ سنڌ جي ٻين ادبي تنظيمن جيان پاڻ، پتوڙي رهي آهي. هيءَ ادبي بزم دادوءَ جي جهوني اديب ۽ شاعر مخدوم احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي صاحب جن جي ادبي خدمتن جي مڃتا طور وجود ۾ آئي آهي ۽ گذريل چئن سالن کان ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. آخر ۾ اسين اميد ٿا ڪيون ته انهي ادبي سفر ۾ اسان سان اوهان جو ساٿ رهندو.

خادمُ العلم

سيد غلام شبير بخاري

جنرل سيڪريٽري ”بزم غالب“ دادو.

 

محترم بخاري صاحب،

توهان جو خط مليو. مهرباني، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جيڪا مون ۾ اميد ڏيکاري اٿوَ انهيءَ تي پورو لهڻ منهنجو فرض آهي. توهان جهڙن سڄڻن جي ساٿ سان هن ڦاٽل ساٽل سڙهه واري ٻيڙي کي اڪاري پار ڪنداسين.

”بزم غالب“ جو مڪمل تعارف اسان کي لکي موڪليو، ”مهراڻ“ لاءِ توهين گذريل چئن سالن کان ”بزم غالب“ جي بينر هيٺ ادبي سرگرميون جاري رکندا اچو، ان لاءِ توهان کي شاباس هجي، ان ڏس ۾ ذاتي توڙي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ منهنجو توهان سان مڪمل ساٿ رهندو.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني.

 

سائين، جُڙيو هجين شال

السلام عليڪم يا علي مدد

آسائتو آهيان ته اوهان جي اچڻ ڪري سنڌ ادبي بورڊ جي بهتري ٿيندي. اڄ ڪلهه هرهڪ ماڻهو جي ڪُپَرِ ۽ سُپَرِ پاڌارجو ٿي وڃي.

سائين خط لکڻ ان ڪري واجبي ٿو سمجهان ته اوهان صاحبن کي دانهن ڏيان ته منهنجو هڪ قيمتي مضمون جيڪو ايڊيٽر مهراڻ وٽ 8 مهينن کان مٿي لکيل پيو آهي.

روبرو بورڊ ۾ اچي ايڊيٽر صاحب کي عرض ڪيو هيم جنهن چيو ته کيس چارج ۾ اڳئين ايڊيٽر ڏنو آهي ۽ جلدي شايع ڪيو ويندو پر

”نڪو اير نه ڀير نڪي اوٺي آئيو“

مضمون مارئيءَ تي لکيل آهي جنهن ۾ سڄي سُر جا رسالي ۾ آيل اکر (ٿَرَ جا) وڌل آهن ۽ بيت 60% رسالي کان ٻاهر جا آهن اميد ته جلدي مهراڻ ۾ هي موتين جي مالها ٽانڪي ممنون ڪندا ۽ مون کي ٻه ڪاپيون موڪلڻ جي عنايت ڪندا.

والسلام

اوهان جي برڪت جو خير

اوهان جو ساڳيو نيازمند فقير امداد سرائي

 

محترم فقير صاحب،

يا علي مدد، توهان جو خط پهتو. مهرباني. توهان جي دانهن واجبي آهي، پر فقير صاحب هتي 1989ع جا به مضمون ويا آهن. توهان جي مضمون جي پڇا ڪريان ٿو. توهان جي اميدن لاءِ مهرباني ۽ دعائن لاءِ به.

اُڪير مان

سيد امداد حسيني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com