نجمه پنهور
غزل
گهاريم پئي تنهنجي آڌارَ،
ڪوهه ڪري وئين مون کي ڌارَ!
جن لاءِ نيڻ ٺريا پئي هردم،
نيڻ رُنا سي زارو زارَ.
تنهنجي گيتن منجهه سمائي،
منهنجي چپڙن جي جُهونگهارَ.
اُتر جي ٿي هوا اڏاريا،
تنهنجي سُندر مکُ تان وارَ.
ڪيئن وساريان، ڪيئن وساريان،
ٻن نيڻن جي هوءَ نهارَ.
ڪوڙا آخر ڪيئن ٿيا سڀ،
تنهنجا سارا قول قرارَ.
ٽيپ تي جيڪو گيت وڳو پئي،
تنهن سان آئي تنهنجي سارَ.
قاضي منظر حيات
يادون ڪُونج قطارون آهن
غزل
مُک تي لڙڪن لارون آهن.
ٽڙڪيل تن جون تارون آهن.
شهر شهر ۽ چونڪ چونڪ تي،
پنهنجون پريم پچارون آهن.
من منڇر تي شام پهر جو،
يادون ڪونج قطارون آهن.
هاڻ جياپي جو هڪ ڪارڻ،
تنهنجون هر پل سارون آهن.
رسمن جي سنگهرن ۾ اڄ ڀي،
باندي مست بهارون آهن.
عمر جي راهه ۾ وڌندڙ منظر
دردي گل هُٻڪارون آهن.
سرمد چانڊيو
جنهن جو موهه مٽيءَ سان
وائي
چانڊوڪيءَ ۾ چَڪُ، گيڙيو رات گُلالَ،
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
آويءَ چڙهندا رڇڙا، وهيءَ چڙهندي زالَ،
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
ڪيڏا ڪويءَ سٽ مان، سُوڌيا سَکيءَ سوالَ،
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
سامي مان سوراج جو، باکون هن جا ڀالَ،
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
آتي آتي آتما، جهاڳي پئي جنجال،
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
هن جي گَهرِنِ نيڻن سان، ڪهڙي مڌ مجالَ؟
جوڀن ماڻي شالَ،
جنهن جو موهه مٽيءَ سان.
مڱڻو واپس ڪيئن وري
وائي
تار ته پنهنجي هار نه مڃيندي،
مڱڻو واپس ڪيئن وري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
جُهونا ڳڙهه تي جهانءِ جهڪورون،
ٻولن ۾ پيو ٻاڻ ٻري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
”منڌ ۽ مڱڻي وچ تي راجا،
ٽيئي آهن عشق اري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
سارا دان ڌڪاريو ٻيجل،
ور ور ويٺو ٻول ڀري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
سورٺ جو سرچاءُ به اوکو،
تند جو تاءُ به ڪين ٺري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
راجا راڳي، سُرَ جا ساکِي،
ڀونءِ سان ڀومِئي پَتِ پري،
سر جو سودو ڪو ته ڪري!
اوچو مان هالار کان
وائي
ٻيجل تند جيان،
تڙپي تان هڻان!
تون جو سچ نه ٿو ٻڌين!
سوريءَ سگهه لڇي وڃي
اهڙو ڳاٽ کڻان!
تون جو سچ نه ٿو ٻڌين!
موجون ٿي مهراڻ جون،
ٻائڙ ٻوڙ ڪيان!
تون جو سچ نه ٿو ٻڌين!
ڪاريهر هيءَ ڄڀ ڪکي،
توکي ڀاءُ چوان!
تون جو سچ نه ٿو ٻڌين!
اوچو مان هالار کان!
نيچو تون ننهن کان!
تون جو سچ نه ٿو ٻڌين!
سرڪش سنڌي
ٽانڊن جيئن ٻرن ٿا چَپَ
غزل
ٽانڊن جيئن ٻرن ٿا چَپَ!
تڙپانَ ڪيئن نه توسان تَپ؟
تون به سَخي ٿو سڏجين يار،
سارو ڏيهه خوشين جي لَپَ.
پوڙهي ماڻهوءَ چُنڊَ جَهِلي،
اَڇي ڏاڙهي، دل ۾ ڌَپَ.
اکڙين، اعرابون نه پڙهيون،
ساڳيا سمجهيم سِپَ ۽ سَپَ.
ادب سياست گڏ رهن،
اُجرو پاڻي ڪارِي گَپَ!
ڪَوتائن جا ڪنڌ ڪِريا،
واهَه ڪِرنِسي تنهنجا ٽَپَ.
وائي
رُوح رچيندڙ رَنگَ،
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
هِي جي ڀُورِيءَ ڀاڪرين سونا سونا سنگَ
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
ڪينجهر منڇر تي مِڙيا، آهن ڪيئي ڪنگ.
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
انگ اگهاڙا ڪيترا، پوءِ به واڌُو انگَ!
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
جوڌن پر ناهي رکي ٽنگ تي چاڙهي ٽنگ.
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
ڪيڏاري جي ڪُوڪَ تي اُونڌا سڀ پلنگ،
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
سرڪش سانڍيا ساهه ۾، ڌرتي تنهنجا دنگَ
انڌن ڇا ڏيکاريان؟
محمد اسماعيل ”سپاهي“
غزل
اڄ به مون کي دلربا، دلبر چيو دلدار چُپُ،
ماٺ مورهون ويو ڪرائي، منهن مٺو منٺار چُپُ.
مون چيو ڏي مون کي موڪل، شان تنهنجي تي لکان،
ڪو غزل يا گيت توتي، ڪا ثنا سرڪار چپ.
نيڻ نازڪ ٿو کڻي، جنهن دم نهاري ناز مان،
ٿيو وڃي هڪدم ڏسڻ سان هيءَ زبان گفتار چپ.
مَن ڪڏهن پوري ڪري ڪا هِن ”سپاهي“ جي صدا
اڄ ته آهي خاصخيليءَ سان صفا کيڪار چپ.
جوهر بروهي
ڪيڏاري جي ڪوڪ....
وائي
رِڻ؛ رِڻ تي آ رَڻ،
ڪيڏاري جي ڪُوڪ ٻڌي مون!
ڏارهياڙي تي ٽڪرايا هن؛ پاڻي ۾ پاهڻ،
ڪيڏاري جي ڪُوڪ ٻڌي مون!
گلن واسيل جڳ ٿو چٽڪي؛ ايٽم جو ٻارڻ،
ڪيڏاري جي ڪُوڪ ٻڌي مون!
گوتم؛ مون کان ڪالهه پڇيو هو؛ ماڻهو آيا هڻ کڻ،
ڪيڏاري جي ڪُوڪ ٻڌي مون!
جوهر! منهنجي وستي مون لئه؛ دوزخ ٿي پئي ڄڻ،
ڪيڏاري جي ڪُوڪ ٻڌي مون!
حفيظ ڪنڀر
سارَ وِسارَ
هُوءَ پوڙهي جُهور جا
پنهنجي چهري جي سَرن مان
وقت ڪو واضح ڪري،
ٿي درد ڪو واضح ڪري
جوت ساڳي سِجَ ۾،
پر نه ساڳيو آه دَئو
گَجَ جي ڪنهن ٽِڪَ ۾،
سارا موتي، سارا مڻيا
ٽونئر ٽونئر
مان ٽُٽا
ڇڙڪ ڪهڙي پير تي؟!
وِکَ ڪهڙيءَ تي ڪريا؟!
ٿي نيڻ ڪلهه جي جرڪيا
تِن مٿي
پَڇ جا پاڇا وريا.
گربيءَ جي پانچن مٿي،
اڄ اهي ڪنڊڙا ڪٿي؟!
تيج مُڪي ۾ ڪٿي؟
هُوءَ وقت جو صحرا سَمُورو
سارَ سان سوري پَري
ٿي ڏسي پاسي ڪري
ڪا مُرڪ ماضيءَ مان وري،
پَر سا به هِن جي هر جُهري
جهٽ ڏيو ٿي ڄڻ جَهٽي-
بس درد هُوءَ واضح ڪري
ڪو وقت ٿي واضح ڪري.

اڪبر ساگر
ڏات نه مون کي ڏنگ
غزل
جيون ڄڻ ڪا جنگ الا
ماڻهو ماڻهو تنگ الا.
موهه هليو ويو ماڻهن مان،
دنيا ٿي بي رنگ الا.
ڪوڙ حسد ۽ ڪيني جي،
باهه لڳي انگ انگ الا.
ڌڪار ڌاري دل ۾ دوست!
ذهن نه ائين ئي زنگ الا.
آئون اڳيئي ڏنگيل هان،
ڏات نه مون کي ڏنگ الا.
غزل
منهنجون تخليقون،
جن ۾ تون ئي تون.
ڪجهه نه رهيو باقي،
ٻٽڙي ڪي يادون.
چاهيو هيم توکي،
ننڍڙي ئي لاڪون.
سُک نه پاتم ڪو،
وڇڙيا هون جاڪون.
رات رنم ساري،
ڦُٽي ويون باکون.
ساگر جيون خواب،
ڏينهن مڙوئي ڏون.
ڇا تون جذبن کي روڪيندين!
منهنجا جذبا فولادي هن،
بند سمورا ٽوڙي ايندا.
هن ڌرتيءَ سان پنهنجا رشتا،
روز ازل کان جوڙي ايندا.
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جذبا طوفانن جان،
تنهنجي آڏو ڪاهي ايندا؛
جيڪي ڍونگ رچايا اٿئي؟
ڍونگ اُهي سڀ ڊاهي ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جزبا ڪرڻا بڻجي،
ڪاري رات ۾ اُڀري ايندا؛
باک ڦٽيءَ جو لالائيءَ سان،
ٻاٽ اونداهي اُڪري ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جذبا بادل بڻجي،
ڏور ڪٿان کان ڀرجي ايندا؛
کنوڻين جي کجڪارن سان،
هن ڌرتيءَ تي برسي ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جذبا خوشبو وانگر،
جاڏي ڪاڏي وکري ايندا؛
سرهي ڪا سرهاڻ پکيڙي،
نينهن منجهاران نکري ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جذبا تن تپائي،
سارا سُرَ پکيڙي ايندا؛
هر ماڻهوءَ جي من- ويڻا جون،
تارون، تارون ڇيڙي ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
منهنجا جذبا سنڌوءَ وانگر،
ڪُن سڀئي ڪڙڪائي ايندا؛
ڌرتيءَ سرتيءَ جي دشمن جي،
دلين کي ڌڙڪائي ايندا؛
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
ڇا تون جذبن کي روڪيندين؟
ماٺ سڄو ماحول
غزل
ڪونهي ڪو چوٻول.
ماٺ سڄو ماحول.
ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو لڳي،
ٻاڙو هرڪو ٻول.
هرڪو ڀٽڪي ايئن ٿو،
جيئن ڪو بادل رول.
هرڪا دل هراسيل،
هر ڪنهن هينئڙي هول.
چهري چهري جي مٿان،
منافقت جو خول.
همراز سيوهاڻي
غزل
بيخبريءَ ۾ ليڪا ڪڍندي،
تنهنجي آ تصوير ٺهي وئي.
اڄ ڀي راهون ڏسندي ڏسندي،
اوسيئڙي ۾ رات لڙي وئي.
رت بسنتي ٿڌڙيون هيرون،
ساجن تنهنجي سارَ اچي وئي.
منهنجو هوءَ آواز سڃاڻي،
خار ۾ ٽيليفون رکي وئي.
هاڻي ڪهڙو سرگم ڇيڙيان،
دل جي آهي تار ٽٽي وئي.
سوچون، سپنا مُرڪون سڏڪا،
جيئڻ جو سامان ڏئي وئي.
ڳوڙهن هاڻا ڳل ”همراز“،
پنهنجي پوتيءَ ساڻ اگهي وئي.
تلهار پيرزادو
وائي
ڌاڪا ڌڌڪا ڌماڪا
مارو ڪن ٿا واڪا،
مارو ڪن ٿا واڪا.
بدمعاش، شريف مٿان،
چڙهي ٿو ٻڌي ڏاڪا،
مارو ڪن ٿا واڪا.
سَجَ لٿي کان پوءِ،
بند ٿيو وڃن ناڪا،
مارو ڪن ٿا واڪا.
”تلهار“ هڪ نه ٻئي ڏينهن،
ٽٽي پون ٿا ٽاڪا.
مارو ڪن ٿا واڪا.
مارو ڪن ٿا واڪا.
شرجيل
تڪڙا اسڪيچ
* شوڪت حسين شورو
جنهن جي
وڏن وڏن
ٽهڪن کي
کوڙ سارن سالن کان
ٻڌي نه سگهيو آهيان
*
* محمد علي ڀٽي
چتر منهنجي سونهن
رنگ مڙئي
روشنيون-
*
* رضا حسين گهلو
جيون جي
آنڌ مانڌ
نوان نوان
موڙ ڪٽيندي
ڪڏهن، ڪڏهن
ماٺار جو
روپ وٺي
ويهي رهندي آهي
* عاشق حسين عارباڻي
اڄ ڏينهن تائين
خبر نه پئجي
سگهي آهي
ته هن کي
”عشق“
ڪنهن سان آهي!؟
*
* حليم بروهي
سندس ڇُريون
۽ ٽهڪڙا-
خدا جي پناهه-
*
* هدايت منگي
جنهن جا
لفظ ۽
شخصيت
سڪ ڀاسندا آهن
*
* اطهر منگي
ڪڏهن ته
اڻ پوراين جا
پور به ڀربا
*
* قمر سومرو
اوجاڳي ماريل
ڳاڙهيون اکيون،
سانوري رنگت-
لڳندو آهي،
واهڻن ۽
وستين ۾
ڪو،
سدا هار
سُر پکيڙي
آيو آهي
*
* رضوان
تنهنجي، منهنجي
وچ ۾
ڪجهه ته آهي-
شايد!
احساسن جون
نازڪ تندون
يا
Complexes
جا ٿلها زنجير-
*
* امداد حسيني
جيڪو رمضان جي مهيني
هڪ ٻه دفعو
منجهند جو
روزو کولڻ لاءِ
مون وٽ
ايندو هو-
هاڻي،
خيرن سان
ٻه رمضان
گذري ويا آهن،
جو اُنهن ۾
هڪ به روزو
مون وٽ
نه کوليو اٿس!
*
* احمد خان ملڪاڻي
جنهن کان گهڻو ڪجهه ته نه
ڪجهه، ڪجهه
ضرور
وسري ويو آهي
*
* شيخ اياز
جيڪا ڌرتي،
سگهارا ڪوي
پيدا ڪندي آهي-
ڄڻ ته،
پنهنجي سرحدن تي
عقابن جي
اکين جو
پهرو
ويهاريندي آهي
*
* مهتاب راشدي
جنهن جو نالو
سنڌي عورت جي
اونداهن دڳن تي
سدائين،
روشنيون
ڦهلائيندو رهندو-
*
* نورالهديٰ شاهه
شال سندس
ارڏو قلم،
پنهنجو ڪنڌ
نه جهڪائيندو-
*
* ظفر حسن
جنهن جي نفاست پسند
طبيعت
۽ ڪرٽيسي
ڏاڍي
ڀلي لڳندي آهي-
*
* سريش بابو
سماج ۽ فن
هڪ ئي سوچ سان
نه سڌرندا آهن
نه ئي سنواريا
ويندا آهن-
*
* ساجد قريشي
ننڍي عمر
وڏا جذبا
عظيم حوصلا
رنگن ۽ ليڪن جو
انوکو
اسرندڙ چترڪار
*
* بدر ابڙو
سچن، اکرن
۽ جذبن جي
سڃاڻپ
جي حوالي سان
*
* نصير مرزا
ريشم جي
ڪيڙي وانگر
پنهنجي ذات ۾
لفظن جون
خوبصورت تارون
اڻندڙ-
*
* شفيق انصاري
شرميلو
سٻاجهو
ويل ڪلچرڊ
۽ آئيڊيلسٽ
*
* استاد بخاري
سچ
۽ سونهن
جو شاعر
*
* غلام علي سومرو
تنهنجن ٽهڪن کي
نه بيهڻ
گهرجي-
*
* سليم سولنگي
خاموش
سمنڊ
* عابده پروين
سُر، سُر
آلاپ، آلاپ
لهر، لهر
سڄي سنڌ
هندورو هلچل
*
* علي بابا
رولاڪ،
الائي ڇا اٿس
اندر ۾-!!
ڪا ته ويڌن اٿس
ڪا ته ولوڙ اٿس-
پر شايد،
ڳوليان ڳوليان مَ لهان،
جيون جي پَل پَل کي
مُٺ ۾
بند ڪندڙ
رولاڪ علي-
امداد حسيني
مَلوڪان موت
مِرُوئان شڪار!
لوڌ ڪُتن جي پوئتان، اڳتان سوئر ڦَر
ڪيٽيءَ واريءَ ڪانهه ۾، مَلوُڪن جو شڪار،
گهوڙي تي دونال سين، ويٺل هڪ نيڪار
سوليءَ سنڌيءَ ۾ چون، جنهن کي ٿا ڀوتار
ڀڄندڙ سوئر تي کڻي، ڇوڙيائين هڪ نال
گهوڙي کاڌو ٽاهه ۽، مِرُوءَ به کاڌي موٽ
ڦهڪو چُڍي ۾ ڪيو، گهوڙي تان ڀوتار
پوءِ ڏٺو منهنجي اکين، منظر هي ”امداد“
هڪ سوئر ڦاڙيو ڇڏي، ٻئي سوئر کي ڪيئن!
نما شام
نظم
نما شام گهر گهر ٻَريا جئن ڏِيا،
کُليا ياد جا ريشمي تاڪِيا!
وري ياد آئي اُهائي گِهٽي،
اسان سونُ ڀانئي ٿي جنهن جي مِٽي.
کِلي ٿي مِليا ۽ ملي ٿي کِليا،
سڀئي ٽور ٿي مور واري ٽِليا!
اُهي قرب واريون ڪهاڻيون اَلا،
اُهي روح رچنديون رهاڻيون اَلا!
اَلا چوڪ اُهي، ڳوٺ ڳَليون اُهي،
بَريون ڇيلڙيون، شام، ٽَليون اُهي.
اُهي کيڏندا کيڏندا ٻارڙا،
بُکيا اڌ ننگا ڪوجهڙا ڪارڙا.
اُها چُهچ ساون وڻن جي قطارَ،
اُهو واهه جو ڪپ پکين جي پُڪارَ.
اُهي پل پکيئڙن جيان پَر ڪري،
الائي ته ڪاڏي اُڏامي ويا!
نما شام گهر گهر ٻَريا جئن ڏِيا،
کُليا ياد جا ريشمي تاڪِيا!
گيت
ٽيٽيهر ٻولي ٿو
سانتيڪي چنڊ رات جو
آڌيءَ ويلي
ٽيٽيهر ٻولي ٿو!
سانت سُريلي ٿي وئي آهي،
جندڙي جهومي جي پئي آهي.
سُر- موتي رولي ٿو،
ٽيٽيهر ٻولي ٿو!
تاڙو مينهوڳيءَ لئه ٻولي،
دريا ساگر کي ٿو ڳولي،
هي ڪنهن کي ڳولي ٿو؟
ٽيٽيهر ٻولي ٿو!
بند ٿيل ها جي مُٺ وانگي،
ڪنهن جي ڪارڻ، ڪنهن جي سانگي،
سارا ڳُجهه کولي ٿو،
ٽيٽيهر ٻولي ٿو!
آئون اُجهامڻ ڄاڻان ڪونه!
نظم
سارو ڏيهه ڏياري آهي
منهنجي رات انڌاري آهي
ڏينهن ٿيڻ جي دير آهي.
ڏينهن ڏِيا ته اُجهامي ويندا
پنهنجي وَٽ ۾ کامي ويندا
ڏيهنِ جو ڏاتار جڏهن
سورج اُڀ تان اُڀري ڏسندو
آئون اُجهامڻ ڄاڻان ڪونه
وٽ وانگي کامڻ ڄاڻان ڪونه!
مرڻي ناهي سنڌ
(ٽيڙو)
سوچون، اُڌما، اونَ،
ڳهريل هي جي ڳوٺڙا،
جاڳندا به يا ڪونه!
مانَ پسان پرڀات!
عمر وڃي ٿي گذرندي،
ڪانه کُٽي ٿي رات!
ڪچيءَ تند جئن جند،
مرنداسين تون آئون ٻئي،
مرڻي ناهي سنڌ!
لهسيو هير هُڳاءُ
بيت
ڪيڏو تاءُ تناءُ، تاڻَ ڇڪتاڻَ ڏيهه ۾،
بارُود بوءِ ڀونءِ ٿي، لهسيو هير هڳاءُ،
اڳي ڪنان اڳرو ٿيو، ڏاڍ ڏمر ڏهڪاءُ،
انڌ ڌنڌ انياءُ، اهڙو اڳ نه سنڀران!
هَيا هچارا! ڍُونڍ نه آهي سنڌڙي،
ڳجهون لامارا، جنهن تي اڄ ڏين پيون.
هيءَ به ڪنهن جي ڀينڙي، هوءُ به ڪنهن جو ڀاءُ،
هيءُ به ڪنهن جو پيءُ، پٽ، هوءَ به ڪنهن جي ماءُ،
ڪهاڙيءَ ڪهڪاءُ، ڪونه ڪيو ڪنهن ڪنڌ تي!
ڪهاڙيءَ کي ڏوهه، ڪوهه ڏيين ٿو او ڪوي!
هيءَ نسورو لوهه، ڳَنُ وڍيندڙ هٿَ ۾.
ٿُڪي ڇڏي تو ٿَڃُ، پنهنجي جيجل ماءُ جي،
ٽرڙا ٽري وَڃُ، منهنجي اکين سامُهان!
جيوت
مسئلو ڇاهي؟
اُن جو حل ڇاهي؟
صرف مانيءَ ڳڀو ئي گهرجي ٿو
۽ پيڻ ليءِ ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا
تن ڍڪڻ لاءِ ليڙ ٿي گهرجي
پر انهيءَ سڀ جي لاءِ اي امداد
کيت گهرجي
۽ هڪ ندي گهرجي
هڪڙو ٻيلي
۽ ٻار ٿو گهرجي!
ٻار جيڪو نديءَ کي ٻُڪ ۾ ڀري
هڪ مٽيءَ مُٺِ کيت جي ڳوهي
ٺاهي کيڏوڻو، ڊاهي ۽ ٺاهي
اُهو ٻيلي جو باهه کي ٻاري
پوءِ ٿوٻيءَ مٿان ٿُڦي ماني!
مسئلو ڇاهي؟
اُن جو حل ڇاهي؟
ڇپيل به ڪورا ڪاڳر
جنهن ٻوليءَ ۾
لٽريچر ۾
تو جهڙا هوندا شاعر
۽ مون جهڙا ايڊيٽر
۽ هُن جهڙا ميمبر
تنهن ٻوليءَ ۾
لٽريچر ۾
ڪيئن نه هوندا
ڇپيل به ڪورا ڪاڳر!
باهڻ
اڄ لکڻ لاءِ ڪجهه گهڻو ناهي
بس رڳو ايترائي لفظ آهن:
ته اسين انڌ جو وٺون پاسو
اَسويڪار نياءِ کي ڪريون
هو چوي ٿو
اهو ئي چاهي ٿو
ٺاهه ڪيڏا ٺڳيءَ جا ٺاهي ٿو
سَچَ سان ڪوڙ سينو ساهي ٿو
ڪيئن گِري ٿو
۽ ڪئن نه باهي ٿو!
”اياز“ کي ڀيٽا
(”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ پڙهڻ کان پوءِ)
تو جا اکر اُکيلَ، ڪوري پني تي ڪئي،
ڪيڏي سهج سڀاءَ سين، چيئي اڻ چئي،
پڌري پٽ پئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
وُٺي ساري رات، ڪوتا ساوڻ مينهن جئن،
اُئي اوهيرا ڪري، کنوڻين سين برسات،
ڏاها تنهنجي ڏات، سڀ ساڻيهه سُڪاريو.
لنيئي اوچي ڏارَ تي، کنڀ کنڊيري لات،
پِرهه ڦُٽي پرڀات، آندي ان اوڏي ڪري.
ڪوتا ساوڻ مينهن جئن، برسي ترسي ڪانه،
ان کان پوءِ ڇا ڇا نه، ڌرتيءَ ڦوڳ ڦُلاريا.
ملنديون مڃتائون، جي هيءَ رهي سنڌڙي،
ڪيڏيون ڪوتائون، رچيئي ڊيٿ بيڊ تي.
سدا رهي هيءَ سنڌڙي، ور ور اچين شالَ،
ڪيڏا ڀليءَ ڀونءِ تي، ڀَلا! ڀلايئي ڀالَ،
تنهنجي قيل مقالَ، سموري راڄ ڪاڄ ۾.
مان راڳي- مان ويراڳي
مان راڳي
مان ويراڳي
ڪرڻا ڪرڻا سُر سر جيان ٿو
ننڊ ڦٽائي راتيون جاڳي
گُلڙن جهڙا گيت رچيان ٿو
پن ڇڻ پوءِ به اُهائي ساڳي
پرهه پکين سان لات لنوان ٿو
پر ٿو اُڀري ڏينهن ڏُهاڳي
مان راڳي
مان ويراڳي
ڏيٺ ويٺ کان اڳ/ پوءِ
تو سان جڏهين سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي
وقت ڪيڏو نه ٿي سُٺو گذريو
لڙڪ پنهنجا ها، ٽهڪ پنهنجا ها
لوڻ پنهنجو هو چهڪ پنهنجا ها
پاڻ ئي پاڻ ۾ اڪيلو هوس
پاڻ ئي پاڻ لاءِ ميلو هوس
هاڻ ساڻ آهيون، ڌار ڌار آهيون
هڪڙي ئي وڻ جا ڄڻ ته ڏار آهيون
توسان جڏهن سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي
وقت ڪيڏو نه ٿي سُٺو گذريو.
رُوٽس[1]
(هڪ طويل نظم جا ڪجهه بند)
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڙُهو ڪيڏا ڏُک ڏسي ٿو
جيڪو ماڙُهو هوندو آهي
ڏُک انهيءَ کي ملندو آهي
جيڪو ماڙهو هوندو ناهي
ڏک انهيءَ کي ملندو ناهي
ڏک ته آهي دين خدا جو
ڏک ته آ جو وردان ايشور
ڏُکُ ته آهي پارس ڪوئي
جنهن سان ماڙُهو سون ٿئي ٿو
جيون جيوڻ وانگ جئي ٿو
سَچُ چئي ٿو زهر پئي ٿو
ايٿنز جو سقراط ٿئي ٿو
ٽياس لاءِ مسيح ٿئي ٿو
يزيد لاءِ حسين ٿئي ٿو
هوشو ڦاهي لاءِ ٿئي ٿو
هوشو ڦاهي لاءِ ٿئي ٿو
هيمون گوليءَ لاءِ ٿئي ٿو
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
هر ماڙُهو ڄڻ ڪو وڻ آهي
ڌرتيءَ جي پاتالن تائين
جنهن جي اونهي پاڙ وڃي ٿي
جنهن جا ڏار آڪاش ڇُهن ٿا
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
جندڙي چڻ ڪو جنجير آهي
جنهن سان گاٺ مُري تي آهي
يا ڪو ڳَٽُ ڳچيءَ جو آهي
ڳرندڙ ڦَٽُ ڳچيءَ جو آهي
جو شهه رڳ جي ويجهو آهي
پر اُن تائين پهتو ناهي
جيڪو ساهه کڄي ٿو اندر
جيڪو ساهه ڀڄي ٿو ٻاهر
واڄٽ وانگي ڪئن نه وڄي ٿو
پوريءَ سگَهه سان ڄڻ ته وسي ٿو
ننگيءَ پُٺ تي ڦٽڪي وانگر!
رُوٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
هيءُ غلاميءَ کان آزاديءَ
تائين جيڪو رستو آهي
سو ڪو ايڏو سستو ناهي
ان رستي جي وِک وِک ويري
قدم قدم بارودي سُرنگون
ان ۾ جيڪي موڙ اچن ٿا
سي ڄڻ ڌاڙيوال هجن ٿا
شهه رڳ تي اُو وَڄَ رکن ٿا
ڪوسو ريٽو رَتُ پين ٿا
ٻئي کي ماري پاڻ جين ٿا
ان رستي جي ٻن پاسن تي
جيڪي ننگا وَڻَ هجن ٿا
سي ته رڳو تابوت ٿين ٿا
يا پيرن ليءِ ڪاٺ ٿين ٿا
عيسيٰ لاءِ صليب ٿين ٿا
چِکيا ليءِ ڪاٺيون بڻجن ٿا
پوءِ به آزاديءَ جي آشا
اُوشا جيئن اُرهه ٿي کولي
پِرهه پکيءَ جئن سائي وڻ تي
(ڌرتيءَ جي پاتالن تائين
جنهن جي اونهي پاڙ وڃي ٿي)
مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون ٻولي
هن انڌي اونداهي من ۾
جڳمڳ جڳمڳ جوت جلائي
آزاديءَ جي سوني سُر ۾
ڳهڻي جهڙو ڳيت سُڻائي
آزاديءَ جي پٽ- راڻيءَ جي
ڪونج ڳچيءَ جو هار بڻائي
رَتو رَتُ ٿيل پيرن سان
پنڌ ڪرڻ تي آڀاري ٿي
منهنجي چِت جي نيل گگن تي
ڪڏهن به ڪونه اُجهامڻ وارو
سون ورن سورج ٻاري ٿي
آزاديءَ جي پرهه پسڻ ليءِ
ٻن اکين جي آس وڌي ٿي
کيرن گوئن کي پيئڻ ليءِ
ڦُٽل چپن جي پياس وڌي ٿي
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڙهو نيٺ به ماڙهو آهي
ڪک پن ياڪو پٿر ناهي
ڪائي وٿ يا ٽول نه آهي
ماڙهوءَ جو ڪو مول نه آهي
هن جي ڇاتيءَ جي ڌرتيءَ تي
ساوڻ سياري وسندي پاري
ٻارهو وهندڙ دل دريا مان
ڪوسو ريٽو رَتُ وهي ٿو
ريٽي رت جي ڦُڙي ڦُڙي ۾
ڳاڙها گل گُلاب ٽڙن ٿا
ڪنهن ٻالڪ جي ڦرموٽيءَ جئن
ڌرتيءَ جي ڦرندڙ گولي تي
سون ورن جو سجَ کڙن ٿا
ريٽي رت جو رنگ اُهو ئي
ڪاري ۾، گوري ۾ سو ئي
امريڪا ۾ ۽ ڪانگو ۾
لنڪن ۽ لوممبا بڻجي
ذات پات جا فرق مٽائي
اُوچ نيچ جا ڀيد ڀُلائي
گوليءَ سامهون سينو تاڻي
وڏي واڪ شهادت ماڻي
مُاڙهوءَ مانُ مٿانهون ڪن ٿا
پنهنجي دُک کي ٻانهون ڪن ٿا.
اوچو ڳاٽو جهنڊو ڪن ٿا
ڪاڻيءَ اک ليءَ ڪنڊو ڪن ٿا!
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
جن جي ڪاري چمڙي جيڏي
تن جو من آ اُجرو ايڏو!
جن جي ڳوري چمڙي جيڏي
تن جو من آ ڪاروڪيڏو!
دانگيءَ ڪنان به ڪِٺ ۽ ڪارو
اوڻٽهينءَ رات کان اونداهو
انڌي جي اکين کان انڌو
بلئڪ وارنٽ کان به بلئڪ
ڪارنهن جي ٽِڪي کان ڪارو!
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ڏُکُ به آهي ڄڻ ڪو ڏيئو
جنهن ۾ رت جو تيل ٻري ٿو
سنڌ به آهي ڄڻ ڏک ڪوئي
ان ڏک ۾ آ ڄڻ سُک ڪوئي
ڏک آ جوئي سُک آ سوئي
ڏُک جهڙي ان سُک ڪارڻ
چار ڏسائون تاڻيل آهي
لاک رتي مارُل جي لوئي
توڙي ليڙون ليڙون لوئي
پوءِ به ان جو رنگ اُهوئي
ڄنمن جو اتهاس انهيءَ کي
پيرن هيٺان ڀَوري ڌرتي
سر ڇٽ نيل آڪاس انهيءَ کي
صدين جي تاريخ انهيءَ کي
پولارن ۾ چيخ انهيءَ کي
راهوڪي رت- راند
بيت
(فاضل راهوءَ جي ياد ۾)
راهوڪيءَ ۾ رات، کڙيا گُلَ گلاب جا،
چٽاڻو، چپ چپات، ٻُري پيا ڪنهن ٻول سين.
راهوڪيءَ کي ريج، ڏيئي ريٽي رت جو،
ڏندڻ هڻي گلاب جا، هينئڙي هيڏو هيج،
مُک تي سورج تيج، سورج جو نه اُجهامڻو.
راهوڪيءَ تي رنگ، پلٽيائين پاٻوهه سين،
چُرندا پُرندا ٿي ويا، چانڊوڪين ۾ چنگ،
هير هندورو، کيت ۾، جهومن سونا سنگ،
ارتا انگ اُمنگ، سرتا سُرهي سڱ سين.
راهُو- راهوڪي، سڳنڌ جيئن گلاب سين،
چنڊ ۽ چانڊوڪي، کنڊ هجي جئن کير ۾.
راهوڪيءَ جي راهه، روشن راهوءَ رت سين،
نعرا هڻندا جهومندا، وڌندا ويا همراهَه،
اُٿليا سمنڊ اَٿاهه، ماڙُهوئڙن جا ماڳ تي.
راهوڪي رت- راند، آهي اوءِ اُڇاترا،
پُرين تائين پلاند، سنڌين وسري ڪينڪي.
آئون ڪهڙي پار وڃان؟
وائي
چنگ چڙن چُونگارَ وو يارَ،
پارَ اَپارَ،
آئون ڪهڙي پار وڃان؟
مون ورنائي، مون ورنائي، لهرين جي للڪارَ وو يار؟
پارَ اَپارَ،
آئون ڪهڙي پار وڃان؟
موج ڀريو مهراڻ اڳيئي، مٿان ميگهه ملهارَ وو يارَ،
پارَ اَپارَ،
آئون ڪهڙي پار وڃان؟
وچَ سير ۾ هڪ ٿي ويئڙا، اوريان پريان پارَ وو يار،
آئون ڪهڙي پار وڃان؟
سحر امداد
سني[2]
نچي ٿو جيئن
(ٽيڙو)
نئون نڪور نينهن
نٽهڻ اُس به ڀاسي ٿي
جُهڙ جُهڙالو ڏينهن
*
مور نچي ٿو ائين
بُوندن جي سُرتال تي
”سني“ نچي ٿو جيئن،
*
شام جُهڙالي شام
ڪڙي ڪساري ڪافي سُرڪيم
ورتم تنهنجو نام!
ڇرڪي پيئي ڇير
هيڪل گذريا ڏينهن،
توکي ساريان سانورا-
آنءُ ته وسندي مينهن.
*
ڇرڪي پيئي ڇير،
مينهن ڀنل مٽيءَ تي جيئن-
گوريءَ ڌريو پير!
*
گهاٽو جُهڙ آڪاس،
هيءِ هيءِ جيءُ جهڙالڙو-
لارون لُڙڪ رُناس!
... تيلي ئي ڪائي ٻار!
نظم
۽ آس آ سڀاڻ جي سنڌڙي هرڪو ٻار
اُٿ؛ اُٿ؛ اُٿي انڌيري مان سورج کڻي اُڀار
پَر آهي جا پُريءَ جي اُٿي پر اُهائي پار
اڳتي وڌڻ جي سوچ ۽ اڳتي جي ڪر پچار
سُرهاڻ پيهي آئي آ سيخن جي آرپار
جي ڪجهه ڪري نٿو سگهين تيلي ئي ڪائي ٻار!
نوحو
(ٽنڊو بهاول جي شهيدن جي ياد ۾)
سيخون ٽنبيل اکين ۾
ڪوئي سهائو سپنو
پٿرائجي وڃي ٿو
شهه رڳ وڍيل ڳلي ۾
ڪوئي سُريلو نغمو
گهوگهاٽجي وڃي ٿو
مينديءَ رتن هٿن تي
تيزاب هارجي ٿو
تِر تِر تي مارجي ٿو
سورج جا تيز ڪِرڻا
خنجر جيان چُڀن ٿا
۽ رات زهر وانگي
نس نس ۾ اوتجي ٿي!
اعجاز منگي
غزل
ڏک به ڌرتيءَ جهڙو
ڪلهه درٻار ۾ ڪونه ڏٺو تو، ماڻهن جو نيلام؟
ڪيڏا هيرا، ويا وڪامي ۽ ڪيڏو بيدام-
تو جو پيار ڪيو سپنن سان، اي منهنجي ڌرتي،
هي آغاز انهيءَ جو آهي يا ان جو انجام؟
شهر جي قبرستان جاٿيندا، سڀ مردا جيئرا،
پهتو پهتو، ڄاڻ ته پهتو، پرينءَ سندو پيغام.
مدهوشيءَ جي مڌ گهڻو پي ويا آهيون يارو،
جيڪو سرت کي موٽائي ڏي، ڇا ڪو اهڙو جام؟
اميدن جي شهر ۾ هاڻي آهي رت رڳو
اسان جي آڏو، آدرشن جو، ٿي ويو قتل عام.
بي ڪاريءَ جي محبوبه، اسان ڇڏي ڪم ڪار،
هاڻي ڪيو آ، آخر ٿڪجي، تنهنجي دل قيام.
*
ها هو هڪڙو خواب آهي، پر انهيءَ جو ڪو پتو!؟
ماڳ ڪو ملڻو به آهي پنڌ آهي يا رڳو!؟
هي هوا ريڙهي پئي، شام کي هڪ رات ڏي،
تون اڃان سمجهين نٿو، ڇو تون اڃان سمجهين نٿو؟
پيار، هي سنسار، تون سڀ ڪجهه ڇڏي وئين ڪاپڙي،
بس سوا هڪ ٿڪ جي، توکي آخر ڇا مليو؟
تون هوئين مرڻو هئين، پر ائين تون ڇو مئين؟
ڄڻ دکي اکڙين منجهان، ڄڻ ته ڪو ڳوڙهو ڳڙيو.
*
هلي آءُ، ٻيو ڪوبه هيلو نه ٿيندو
اهو چنڊ، توکي سنيهو نه ڏيندو.
هلي آءُ ٽپي ڀت انهي زندگيءَ جي
اهو موت توکي نه مون کان جهليندو.
لڳي جي وئي، اک پل لاءِ پنهنجي
ته سپنو اچي پوءِ وري ننڊ کسيندو.
جيئن تون ملين ٿو، گهڙيءَ لاءِ مون سان
ائين چين ايندو، ته ڪئين چين ايندو؟
وري وس جون، واڳون، وينديون هٿن مان
وري هو کڻي نيڻ، مون ڏي تڪيندو.
*
هي چنڊ، هوا، رات، وري پيار جي موسم.
وري موت، وري مات، وري پيار جي موسم.
ڪلهه ڪوبه ڪڪر ڪونه هو، آڪاس سڄي ۾،
اڄ اوچتو برسات، وري پيار جي موسم.
دنيا سان نڀايان ته ڀلا ڪيئنءَ، نڀايان؟
آتن ۾ تنهنجي تات، وري پيار جي موسم.
هي دل جو ستل ساز، وري ڪيئن پيو جاڳي،
ٿي رقص ڪري ڏات، وري پيار جي موسم.
تون آئين بهارن سان وري يار شهر ۾،
پن پن ۾ تنهنجي لات، وري پيار جي موسم.
ڇا مڌ اچي ويو، ۽ مئخانو مچي ويو؟
ڪلالن ڇو ڪڍيا ڪات، وري پيار جي موسم؟
*
گيت
رت بسنت جي آئي آهي
هرگل تي سرهائي آهي
من تي مند سرءُ جي ساڳي.
هر ڪنهن لاٽ وسائي آهي
ننڊ نگر تي ڇائي آهي
پر مون رات ڪٽي آ جاڳي
جنهن جهولي ڦهلائي آهي
تنهن وٽ رات سهائي آهي
مون وٽ ڪاري رات نڀاڳي.
دردرن دل تڙپائي آهي
چپن تي ساڳي وائي آهي
ديس مان تنهنجو ساڳيو راڳي.
نظم
تون دادوءَ جي چيڪي مٽي
آنءُ قلندر جهڙو آهيان
تون ساحل جي پياري واري
آنءُ سمندر جهڙو آهيان
آنءُ هوا جي جهوٽي جهڙو
تون ته گلن جي ٽاري آهين
مون پيتيون سؤ مڌجون پياليون
پر تون توبنهن زاري آهين
مان ساوڻ جو پاڳل سنڌو
تون سهڻيءَ جي دانهن جهڙي
مان ٻيجل جو سرندو آهيان
تون سورٺ جي ٻانهن جهڙي
ڇا تون جهونا ڳڙهه ۾ جلندئين؟
ڇا تون مونسان گڏجي هلندئين؟
*
جهڙو ريگستان تي، تهڙو مٿ سمونڊ
چنڊ نه ڪري چونڊ، سڀ تي ڪري سوجهرو،
هوءَ به ائين ٽڙي پئي، جيئن ٽڙندا هن گل
مون ته ڪري بس ڀل، چميو هنجي مک کي.
پن ڇڻيل ٽاريءَ مٿان، ڪويل ٿي ڪوڪي،
ڄڻ ته پئي ڦوڪي، سرءُ ۾ ساهه بهار جو،
چانڊوڪيءَ جو نور وسي ٿو.
هرهڪ گل تي
هرهڪ پن تي،
نيل گگن تي،
پرونماسي چنڊ چڙهي ٿو،
هيٺيان دل جو باغيچو آ،
جنهن ۾ گل هزارين آهن،
ڪهڙا؟ ڪهڙا؟
مايوسي جي ڳوڙهن جهڙا،
املتاس جا پيلا گل.
آسن ۽ اميدن جهڙا،
ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا.
موتئي جا گل.
تازن تازن زخمن جهڙا،
ڏاڙهونءَ جا گل.
سهڻي يار جي مرڪڻ جهڙا،
موتئي جا گل.
ڪوڙن قسمن، وعدن جهڙا،
گيندي جا گل.
ڪاوڙ ۽ نفرت کانپوءِ،
لاچاريءَ جي مرڪ اچي جيئن،
بلڪل تهڙا،
ٿوهر جا گل.
پهرين پهرين چاهت جهڙا،
اڇا اجرا،
گل ڪنول جا.
گل گلاب جا،
ڳاڙها، گهاٽا
ڄڻ ڪنهن ريٽي،
مڌجا ماٽا،
خوابن جي لاشن جا ڳاٽا،
تنهائي جي راتين ۾،
منهنجي دل جي باغيچي ۾،
چنڊ چمي ٿو گل هزارين،
ڪهڙا؟ ڪهڙا؟
*
ٿر تي مينهن
ڪارونجهر سان، ڪاروبادل
پيار ڪري ٿو.
مستيءَ جي اُجريءَ پاڻيءَ ۾
نيرڳ وانگر،
مور تري ٿو.
گهنن گهنن، گهن، گهنن گهنن گهن
آگم ڄڻ اعلان ڪري ٿو.
”آءٌ اچان ٿو“
”آءٌ اچان ٿو“
ڀٽ ڀٽ تي مرڪي ايئن.
وڌوا عورت پيار ڪري جيئن،
هلڪي هلڪي موسيقيءَ ۾،
سک جو ساز وڄي ٿو.
”پهتو آهيان“
”پهتو آهيان“
سارنگ جو آواز اچي ٿو،
۽ پوءِ مينهن وسي ٿو.
ڳوڙها بڻجي،
خوشيون وهن ٿيون،
بُکين ڳلن تان
جو به مري ويو
سارنگ ساري
ياد اچي ٿو
ميهن وسي ٿو
زور زور سان
ميهن وسي ٿو-
هاڻي بادل ٿڪجي پيو آ
۽ ڌرتي ۾ ساڻي آهي.
هر شيءِ پاڻي پاڻي آهي،
آسمان تي انڊلٺ آهي،
ائين لڳي ٿو،
مارئي ڄڻ پوتي پائي
مُرڪي ٿي.
ماءُ، پهرين اميد سان
چوڌاري ڪانڊيرا آهن،
ڄڻ ته غمن جا گهيرا آهن.
جن جي وچ ۾
منهنجي دل جو،
گل ٽڙيل آ.
جنهن لاءِ ماڪ جا،
روشن قطرا
موتي ناهن
ڳوڙها آهن
ڇو ته انهيءَ تي
پابندين جا،
لوڙها آهن.
هن ڏي ايندڙ،
سارا رستا
سوڙها آهن.
مايوسيءَ جا سيخن پويان
خوشبوءَ ان جي قيدي آهي
پر هي ڇاهي؟
”غون غان“ جو آواز اچي ٿو.
تون آيو آن!
تون آيو آن!
پهرين پهرين پوپٽ وانگر
پريت رچائڻ؟
رنگ ورهائڻ؟
خوشبوءَ کي،
آزاد ڪرائڻ؟
سالن کان پوءِ،
مان مرڪان ٿي،
هر هر توکي سڏ ڪيان ٿي
منهنجي تنها،
ننڍڙي دل ۾،
”آءُ هلي آءُ“
ائين ٿا اڏرن جيءَ ۾ جذبا
ڄڻ ته پکين جي ٽولي آهي
جن جي پويان ڀٽڪي ڀٽڪي
عمر سڄي مون رولي آهي
ڪڏهن نه آندي آهه چپن تي
ڳالهه ته اڄ مون کولي آهي
ڄاڻان ٿو، تون سمجهو آهين
تنهنجي لاءِ ته سولي آهي
وقت سمندر وانگر آهي
هر پل هڪڙي ڇولي آهي
جنهن ۾ لوڻ آ ڳوڙهن جو، ۽
مايوسيءَ جي واري آهي
ماٺ مقدر ناهي هن جو
هر هر مارا ماري آهي
اٿندي ڪرندي، ڪرندي اٿندي
عمر سموري گهاري آهي
آدرشن جو چنڊ چڙهي ٿو
چانڊوڪي چوڌاري آهي
دور رهي ٿو هو هرجائي
جنهن سان هن جي ياري آهي
جنهنجي پريت ۾ هر هر ڦٿڪي
پريت ته ناهي خواري آهي
هيءُ جا پريت ۾ پاگل آهي
ها ان ۾، منهنجي دل آهي.
*
تنهنجي پيار ۾، ڪو سک ناهي
آهي رڳو ڏک، ڏک به اهڙو تهڙو!
سمنڊ جيان ڏک، جبل جيان ڏک،
ڏک به ڌرتي جهڙو.
ڏک اهڙو ڏک،
جيئن ڦٽي پئي ٽار تي شوخ گلاب
تنهنجي اکين جي ماڪ ۾ وهنجي
هر هر ٿئي بيتاب.
پر هي ڪهڙو ڏک آ؟
جيڪو هر هر ٿو اتساهي
جڏهن جڏهن مان روئان مون کي
پيار ڏيئي پرچائي.
تنهنجو ڏک منهنجي راهن جو.
رهبر ٿي پيو آهي.
آءُ ڪٿي؟ تنهنجي منزل ڏي
پاڻ پيو هي ڪاهي.
ٿر
ٿر
ته
واريءَ جو سمندر،
جنهن ۾ ڪولهڻ سانوري،
آسپ وانگر،
جنهن ڇاتي ۾ پيو آ،
بس رڳو هڪڙو ئي موتي،
۽ اهو موتي آ،
منهنجي پيار جو.
*
هو جُهل وجهي ٿو ڏاچيءَ تي
۽ گل ٽڙن ٿا راهن ۾،
۽ چوڙيون منهنجي ٻانهن ۾،
ڇيڙن ٿيون آڌر ڀاءُ جو گيت-
چئه بادل کي، هو ڳائي ڙي
ڪو گيت مينهوڳيءَ جو سرتيون
يا چنڊ کي چئه، ڦهلائي ڙي
چادر پنهنجي ڪرڻن جي
پنڇيءَ کي چئه هو ٻولي ڙي
۽ ماٺ جي دروازي کي.
هو پنهنجي چنهنب سان کولي ڙي
خوشبوءِ کي چئه، ۽ رنگ کي چئه
هر يڪتاري هر چنگ کي چئه
ڀل رات هجي، پرڀات کي چئه
”ڪجهه ترس اڃا“
ٿو جوڀن ڊوڙي رڳ رڳ ۾
مان ٻنڌڻ لڄ جا ٽوڙيندس
۽ سمنڊ سمائي نيڻن ۾
هن پرديسيءَ کي ٻوڙيندس
*
پهريون پيار
پيار جي پهرين گهڙي
زهر کان آهي ڪڙي
ڪوئي جذبو ٿو ڦٽي
ڄڻ ته ماڻهوءَ جي مٽيءَ مان
سونهن جي سنهڙي گهٽيءَ مان
اوچتو مُرلي وڄي ٿي
نينهن ڪاري نانگ وانگر
دل ۾ لهندو ٿو وڃي
ٻيو سڄو سنسار ڊهندو ٿو وڃي
هڪ نئون انسان ٺهندو ٿو وڃي.
*
تون ڪنول جي ماٺ آهين
۽ مان،
ڀونئرو بانورو-
شام جو رنگ سانورو
ڍنڍ تي ويو ڇانئجي
راتڙيءَ جو ڇانورو-
تون مئي جي
رات ڪوسي
۽ مان،
تو ۾ ٿو ڦٽان
بڻجي ستارو
۽ ٿو مرڪان،
تنهنجي ڳل ۾ چگهه بڻجي
پرهه تائين
تون جڏهن ايندين
صبح جي سج وانگر
مان ڦٽي پوندس ٻنيءَ ۾
ٻج وانگر.
*
آرزوءَ جي ٻانهن ۾،
چوڙيون وڄن ٿيون،
زندگيءَ جون خوبصورت آڱريون،
بي جان مٽيءَ کي چمن ٿيون
پوءِ اتر جي هير، مٺڙا تير تاڻي
ٿي ڪري آواره گردي وار کولي
۽ پپل جي هنج مان،
ڪائي ڪويل بانوري ٻوليون ٿي ٻولي
سمنڊ ٿو درياهه ڏي ڊڪندو وڃي.
شوق ٿو جهڪندو وڃي
ٻي شوق ڏي-
پوءِ خوشيءَ جي مک تي
مرڪ جي معصوم چڳ
لڙڪي پوي ٿي
اجنبي اوندهه گهري کوهه ۾
هڪ نئين جيون جي دل
ڌڙڪي پوي ٿي.
بيت
اديون لڳي اوپري، ساري خدائي
ساري جدائي، ڀُران جهوني ڀت جيئن.
ڪري مٺيون ڳالهڙيون، دل ويا ڌتاري
مان تن کي ساري، روئان ساريون راتڙيون.
نهاري نيڻن ۾- هر هر چمي چپ
ڪيڏي پنهنجائپ، پرينءَ پرڏيهيءَ ۾.
سالن تائين سڪيا، جن لاءِ منهنجا نيڻ
ڏسي ساڳيا سيڻ، دلڙي پيرن ۾ پئي.
|