سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :9

 

ساگر کان گهرو... هيري کان سخت!

مهتاب محبوب

 

چپن تي سدائين مرڪ، جا ڪڏهن معنيٰ خيز ته ڪڏهن دردانگيز لڳي، اکين جي شفاف ڍنڍ مان تجلا ڏيندڙ سچائي، آواز ۾ جاذبيت، چهري جا وڻندڙ ايڪسپريشنس، گفتگو جو انداز جذباتي، سگريٽ مٿان سگريٽ ڇڪڻ، اهي سڀ هن جي ساڀيا ڀري شخصيت جا اهم اهڃاڻ آهن.

مون کيس گهٽ ئي سهي پر پڙهيو ضرور هو، هن جي ڪهاڻين جا عنوان ياد نه رهندي به سندس نالو چٽي طرح ياد رهيو جنهن ۾ ڄڻ ڪيترن ئي سندر سوچن جا اڻ کٽ سلسلا سمايل هجن، مون تي اهي تڏهن ظاهر ٿيون جڏهن ڏسندي ئي چيو هيائين:

”او منهنجي جيجل.... تون پنهنجي هن پٽ کي ڇڏي ڪيڏانهن وئين. تون ڪٿان آئينءَ منهنجي ماءُ! ڪٿي هئينءَ ايترا سال.... نه ڪا آس نه اُميد.... سالن کان تڙپندو هئس ته سنڌ وڃان.... سنڌ مون وٽ آئي آهي.... هي ٿيو ڇا! ڇا ايئن به ٿيندو آهي؟“

اِهو ڪو ٻيو نه، هند سنڌ جو عظيم ليکڪ موهن ڪلپنا آهي جنهن جي دلڪش لکڻين، پرڪشش گفتگن ۽ موهيندڙ نالي جي ڇاپ سنڌ ۾ سندس پڙهندڙن جي دِلين تي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ به قائم آهي، کيس پنهنجي اِن ادبي شهنشاهي جو ڀرپور احساس آهي پر انڪساريءَ جون دلنواز ادائون کيس ئي اچن، وڏي عزت ڏيندي چيائين:

”مون کي اِهو ايمان هو ته مهتاب تي منهنجي مقبوليت جو ڪجهه ته رعب هوندو، پر پوءِ سوچيم جنهن شخص کي سموري سنڌ خط لکيا ۽ ماهتاب هڪ خط نه لکيو ان جي مقبوليت کي ڪهڙي معنيٰ؟“

”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي....“ مرڪندي وراڻيم.

ان مهل ته هو به مرڪي چپ ٿي ويو پر ان معنيٰ خيز مرڪ جو مطلب تڏهن سمجهه ۾ آيو جڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي“ کي هن منهنجو تڪيه ڪلام ڪوٺيو ۽ اڪثر پاڻ به ڪنهن ڳالهه جي جواب ۾ شوخيءَ مان کِلي چوندو هو، ”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي.“ منهنجي لکيل هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ساڳيو جملو پڙهي چوڻ لڳو:

”اِهو ڪهاڻي جي ڪردار جو نه پر تنهنجو ڊائلاگ ٿو لڳي.“ موهن جي آبزرويشن صحيح هئي، هاڻي ته اهو جملو ڳالهائڻ کان سدائين پاسو ڪريان، بهرحال، اهڙي ڪا....

لکڻ جي فن جيان، ڳالهائڻ جي فن ۾ به موهن ڪلپنا جون ڪاريگريون ڪمال تي آهن، ڪڏهن هن جو آواز تمام پريان ڄڻ ڪن غفائن مان پيو ايندو ڪڏهن ان ۾ آبشار جهڙي رواني، جذبات جا تيز وهڪرا، سمنڊ جي ڇولين جيان اُٿندڙ اُڌما ته ڪڏهن سنگيت جا مڌر سُرَ هوندا.ئ هو هر موضوع تي ڳالهائي ڄاڻي، تارا ڳڻ ته کٽي پون پر هن جون ڳالهيون نه کٽن، الف ليليٰ جا داستان کٽي ويندا موهن جا افسانا نه، سمنڊ کٽي ويندو ڪلپنا جا جذبا نه، هو اهڙو داستان آهي جنهن جي ڪا انتها ناهي. ڪا ابتدا ناهي.

بمبئي ۾ جيڪو وقت اسان جو ساٿ رهيو تنهن ۾ هن مون سان سالن جا حال اوريا. ڪي ڳالهيون جيڪي هن جي شخصيت جو حصو بنجي پيون آهن سي پاڻمرادو هن ۾ نظر آيون. عظيم اديب کي هو ٻن اصولن تي پرکي، هڪ ته پنهنجي فن سان وفاداري ٻيو پنهنجي آزمودن ڏانهن صداقت، هن ۾ نواڻ حاصل ڪرڻ جو جيڪو جذبو آهي سا پڻ کيس زندگي جي آزمودن مان ملي آهي، بحث مباحثن يا تقريرن تحريرن ۾ هو ڪنهن به عالمگير مفڪر جي ڪوٽيشنس جي بيساکين تي ڪونه هلي. نه ئي وري ڪو پنهنجي سوچ ۽ خيالن کي ٻين جا ٽيڪا ڏيئي. ڄاڻي، مفڪرن سان هو صرف موهن بنجي مخاطب ٿئي پر گهڻن کي انهيءَ انفراديت سان اختلاف آهي ته کيس ڄاڻ نه آهي نه علم، ان هوندي به ڪهڙيون ئي محفلون، ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڇو نه هجن؛ هن جي شرڪت بنا اڻپورا رهجو وڃن. موهن ڪلپنا گذريل ٽيٽيهن سالن کان لڳاتار لکندو اچي، اٽڪل ڏهه هزار صفحا ڇاپي هيٺ آيل اٿس پوءِ به انڪساريءَ جو اهو عالم جو چوي: ”ٿورو ڪجهه ته ضرور سٺو لکيو هوندم.“

مون هيلتائين سندس ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن ۽ اها حقيقت آهي ته هن تمام سٺو لکيو آهي، هو سٺو لکي ڄاڻي ۽ کيس پنهنجي  ادبي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد آهي، چيائين: ”اهو ناممڪن آهي ته ڪير منهنجي خيالن کي ڇڪيل سگريٽ سمجهي ڦٽو ڪري.“

هو تمام گهڻا سگريٽ پئي، تڏهن مثال به ان جا ئي ڏي، بمبئي جي مڙني ليکڪن مان مون ته کيس ئي سگريٽ پيئندي ڏٺو. اِن معاملي ۾ ڪنهن جي روڪ ٽوڪ بنهه نه وڻيس، ڪير جي سگريٽ ترڪ ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ته ماڳهين چڙي پوندو، مون رڳو گهڻا سگريٽ ڇڪڻ تي حيراني ظاهر ڪئي ته چيائين: ”ڏس ماهتاب، مون کي سگريٽ پيئڻ کان منع نه ڪجانءِ.“

هُن جو خيال آهي ته هو سگريٽ پيئڻ ڪري ئي سٺو لکي سگهي ٿو. موهن ڪلپنا ڪتاب گهٽ پڙهندو آهي. هتي سنڌيءَ ۾ فقط گني سامتاڻيءَ جون سڀ ڪهاڻيون پڙهيون اٿس ۽ بقول سندس ته سنڌ ۾ پهرين مان ئي هوندس جنهن جا سڀ ڪتاب پڙهي پورا ڪندو، جيڪي هن پڙهي پورا ڪيا آهن. هن جي ٻين ڳالهين جيان، ڪتابن جي فلاسافي به ڏاڍي گِهري آهي، چيائين: ”جڏهن زندگي سمنڊ پيئڻ نه ڏنو ته مون چمچا پيئڻ شروع ڪيا....“

مون ڪجهه نه سمجهندي حيرانيءَ مان ڏانهس نهاريو ته مُرڪي پيو ۽ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو؛ ”ڪتاب تهذيب جا گُتا آهن، مان اُتي گهٽ ئي ويندو آهيان، مان نٿو سمجهان ته توکي ڇڏي ڪنهن ٻئي سنڌي اديب مون کان گهٽ ڪتاب پڙهيا هوندا.“

موهن ته مون کي مانُ ڏنو پر کيس ڪهڙي خبر ته مان ڪتابن سان گهڻي هٿ چراند ڪيان ئي ڪونه، جو منهنجي راءِ موجب اهو رِسڪي معاملو آهي، گهڻو مطالعو ڪرڻ ڪري ماڻهو توائي ٿي پوندو آهي يا بنهه اَڪابر بڻجو پئي، تنهنڪري پنهنجي اصليت برقرار رکڻ لاءِ مان ته وچ وارو رستو اختيار ڪريان.

هر سچي فنڪار جيان ڪلپنا دل جو بي حد نرم آهي،  خاص طور دوستن جي بيماريءَ جو ته تصور ئي نه ڪري سگهندو، سندس پيارو دوست سڳن آهوجا بيماريءَ وگهي ئي کانئس جدا ٿيو، موهن کيس ياد ڪندي چيو: ”اسين ليکڪ پنهنجي پنهنجي دنيا جا ننڍا ننڍا مسيحا آهيون، اسين ٻين جا صليب پنهنجي ڪلهن تي کڻندا آهيون... مان ته جهول کڻي خدا کي چوندو آهيان.... يا خدا جيترو کپئي دک ڏي پر اِهي سهڻ جي طاقت به ڏي.... ۽ هنن کي ته اصل دک نه ڏج....“ ائين چوندي هن پنهنجي مڙني ويجهن ۽ پيارن دوستن جا نالا کنيا.

دوستن سان ته حجائتو پر ڀڳوان کي به ڪين ڇڏي. ڪا دعا گهرندو ته انداز ۾ اهائي دوستاڻي حجت، ناراضگيون، روساما ۽ ڌمڪيون! چوندو: ”يار ڳالهه ٻڌ، نه مون توکي تسليم ڪيو آهي ۽ نه تو مون کي، جي تون آهين ته هڪ پراٿنا آهي منهنجي.... پر تون ۽ مون کي ٻُڌين؟ تو ته مون کي ٻَڌي ٻَڌي ماريو آهي، تو رسي جي هر موڙ تي مون لاءِ باهه جو هڪ کورو ٻاريو آهي.... ان ۾ منهنجو انگ انگ جلي ويو آهي.... تون ڇا ٻڌندين ڀڳوان....!“

ڀڳوان سان سندس حجتون پنهنجي جاءِ تي پر به هن جو ايمان آهي ته خدا چنڊ معرفت ڳالهائي، هوا معرفت ڳالهائي....

مون هند جي سنڌين کي سنڌ لاءِ ايڏو ته تڙڦندي ڏٺو آهي جنهن لاءِ بس اهوئي ٿي چوان ته خدا ان تڙڦ جو عذاب شال ڪنهن دشمن کي به نه ڏي، هي ته وري پنهنجا آهن تن کي تڙڦندو ڏسي هيانءُ ڪيئن نه کاڄي، هو ڌاريءَ ڌرتيءَ تي ڄڻ ساڻا ٿيا ڪريا پيا آهن، وطن کان وڇڙڻ بعد روحاني طور سک جو هڪ ڏينهن نه ڏٺو اٿن. اسين وٽن وڃي مان- سنمان وٺيو گهميو ڦريو اچون پر سندن جيءَ ۾ جهاتي پائي انهن حالتن جو اظهار ڇو نٿا ڪري سگهون جيڪي کين زبردستي شهادت جو جام پياري رهيون آهن. پنهنجي وطن کي ساري ڪلپنا اُهي ڳالهيون ڪيون جو ڪير ٻُڌي نه هَنجُن هارڻ کان سواءِ رهي نه سگهي، قدرت جي اڳيان ته انسان بيوس آهي، ڪيڏائي پيارا جيءُ جيارا وڇڙيو وڃن ته لڇي ڦٿڪي نيٺ صبر اچيو وڃي پر خود انسان جي پيدا ڪيل وڇوڙي وارين حالتن اڳيان، انسان بيوس هجن ته اها انسانيت جي ڪيڏي نه ستمگري چئجي. مون کي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته وطن ڏسڻ جي پراڻي خواهش.... ڌنڌلي اُميد سندس من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مايوسي جي ڄار ۾ ڦاسي دم ٽوڙي رهي آهي، کيس وهم گهيري چڪا آهن ته زندگي گذري ويندي پر ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو ته هو يا هن جا ساٿي پنهنجو وطن ڏسي سگهندا، هڪ شخص جي زندگيءَ ۾ جلاوطنيءَ جا پنجٽيهه سال ڪو گهٽ عرصو ته ناهي.

مون کان موهن ڪلپنا جون دردناڪ ڳالهيون ڪڏهن به نه وسرنديون- هن انتهائي پيڙا مان چيو:

”ماهتاب، جتي مون جنم ورتو، رانديون ڪيون، اهو وطن ان جا شهر ۽ ماڻهو هر چوٿين رات خواب ۾ اچن، ڪڏهن ته هر رات- سوچيان؟ انسان بڻجڻ کان جيڪر ڪراچي جي رستي تي هلندڙ ڪو گاڏو هجان ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي جسم جا ڪي حصا.... ان گاڏي جا ڦيٿا، پنهنجي زمين سان گسجندا هلن ها.... مان محسوس ڪريان ها ته جنهن مٽيءَ مون کي جنم ڏنو آهي مان اُن سان جڪڙيو پيو هجان ها.... ڪاش هڪ دفعو مان سنڌ ڏسان....“ هن ڏاڍي حسرت مان چيو ۽ پوءِ ڄڻ ڪنهن سان  خيالي طرح مخاطب ٿيو...

”بابا مون ڇڏيون سڀئي ڳالهيون، جنهن کي جيئن کپي تيئن وڃي ڪري پر ٻيلي مون لاءِ منهنجي وطن جو رستو کوليو... مون کي سنڌ اچڻ ڏيو.“

منهنجي دل ڀرجي آئي، مان هُنجي جذبات ۽ احساسات جو اندازو ئي لڳائي رهي هيس جو هن درديلي مُرڪ مرڪندي پاڻ ئي چيو:

”ها... ڏاڍو جذباتي آهيان... مان جذباتي ڇو آهيان... ڪجهه ته هوندو جو مون کي نٿو ملي ۽ مان مران پيو. ٻئي خيال کان ته توسان ملي سوچيان ٿو ڏسي ته ڇڏي سنڌ مون....“

مون کي هن جي اکين  چمڪيلي آلاڻ نظر آئي پر هو روئيندو ناهي، درد اکين تائين پهچڻ کان اڳ سندس من جي گهراين ۾ گم ٿي هڪ نئون زخم بڻجو پوي.

موهن ڪلپنا ڊرنڪ ڪونه ڪري پر نه پيئڻ جو قسم به ڪونه کنيو اٿس- اڌ ڇڪيل سگريٽ رک دانيءَ ۾ چٿيندي چوڻ لڳو:

”ماهتاب، ڪي ڏک اهڙا آهن جو ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو زهر پيئڻ تي مجبور ڪيو ڇڏين، تڏهن مان ٽيپ تي مائي ڀاڳيءَ جو ڪيسٽ ٻڌندو آهيان.

”هتان اوڏا منهنجا سپرين.... وساري ويٺا الا....“

”خيالن ۾ وڃائجي ڪڏهن سکر، ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن ڪوٽڙي، ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ پيو گهمندو آهيان ۽ ڏک وچان ڄڻ ڇاتي ڇڄڻ لڳندي اٿم.... ”منهنجو وطن.... منهنجو وطن.... مان ته نٿو وڃي سگهان....“ سوچي سوچي ڄڻ دل بيهو رهي....“

هن ڪي پل ماٺ رهي نئون سگريٽ دکايو ۽ وڏو ڪش ڀريندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي.

”مون کي سنڌ سان بي پناهه محبت آهي، اندران اندران خالي ٿيندو ٿو وڃان.... بس هڪ بوتو آهي منهنجو جسم، اُن اندر فقط فقط هڪ باهه آهي جا اُن بوتي کي سنڌ جي ياد ۾ لڳل آهي... گهڻا دفعا ايئن به سوچيم ته مذهب بدلائي هميشہ لاءِ اتي اچي رهان، پر مان هندو ڪهڙو آهيان جو مسلمان ٿيان! روز هڪ ڏينهن زندگيءَ مان کٽي ٿو روز هڪ ڏينهن مان پنهنجي وطن ڏسڻ جي آس کان پري ٿيان ٿو.“

مون کي لڳو ته پولار جون ٻه انتهائون ماپي سگهجن ٿيون پر موهن ڪلپنا جي دل ۾ سنڌ لاءِ جيڪو پيار آهي ان جو ڪو انت ناهي.

جنگ جي ڏينهن ۾ هُن ڪا ڊاڪيومينٽري فلم ڏٺي هئي، اهو واقعو ٻڌائيندي سندس تاثرات مون کان ڪڏهن نه وسرندا.... هُن اٽڪي اٽڪي ترسي ترسي، وڃايل لهجي ۾ چيو:

”ڪراچي.... ڪراچي اُهي بم ڪراچي تي نٿي ڪريا.... مون کي لڳو اهو شهر ڪراچي نه هو.... منهنجي ڇاتي هئي.“

انڊيا ۾ هر سال چارئي مهنا سخت برساتون پون، تڏهن سنڌ جي برساتن کي ساري، مٽيءَ مان اُٿندڙ مهڪ کي محسوس ڪري هو بنهه بي حال ٿيو پئي ان ڪري مئي ۽ جون جي مهيني ۾ سدائين بيمار رهي، وطن کان وڇڙڻ جو ڏک هن ايتري قدر پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو آهي جو غير ارادي طور کانئس اهڙو اظهار پيو ٿيندو، عمرين جو ذڪر نڪتو ته چوندو:

”مان ته اسي سالن بعد به ائين هوندس؟ سو ٻڍاپو نه، ڏسندس ته موت ئي، اِها سنڌ ته ناهي جو نه ڏسي سگهان!“

اُلهاس نگر مان بمبئي اچڻ وڃڻ جو پڇيومانس ته درديلي نوع ۾ چيائين:

”مان بمبئي ڪٿي وڃان.... بمبئي ڪهڙي ڪراچي آهي جو وڻي مان ته پنهنجي جيجل سنڌ سان ملڻ آيو آهيان....“

موٽر بائيڪ تان ڌڪ کائڻ جو واقعو ٻڌائيندي به هن سنڌ کي ياد ڪيو:

”اٽڪل ويهه سال ٿيا، ٽنگ جي ساڄي مري وٽان ماس جو ٽڪر ايئن ڪٽيو جيئن سنڌي سنڌ کان.“

موهن ڪلپنا جي هر لفظ ۾ اندر جا اُڌما هيا جن مون کي به اداس ڪري ڇڏيو کيس به ڪو ان جو احساس ٿيو، مون کي خوشگوار موڊ ۾ ڏسڻ لاءِ مشڪندي چيائين:

”ماهتاب، ٻئي ڀيري ان موٽر بائيڪ گوڏي تان ماس جو ٽڪر ايئن اڏايو جئين”....“ ڪنهن جي ادبي عزت لاهيندو هجي.“

هُن پنهنجي ڪامريڊ دوست جو نالو کنيو ته مون کي کل اچي وئي.

گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته موهن ڪلپنا ٻارهن کان سورهن سالن جي عمر تائين سائيڪل هلائڻ ۾ سڄي ڪراچي اندر پهريون نمبر ليکبو هو، برنس روڊ تي چئن چئن نينگرن کي سائيڪل تي کڻي اُهي ڪرتب ڏيکاريندو هو جو ماڻهن جي زبان تارونءَ سان لڳي ويندي هئي. انڊيا جي شهر دليءَ ۾ پڻ هن اهڙا مظاهرا ڪيا جو ماڻهو هلندي بيهي رهندا هئا، فل اسپيڊ سائيڪل هلائي پاڻ ٽپو ڏيندو، سائيڪل ٽيهه چاليهه فٽ اڳيان ڪري يا لڳي، پوءِ ٿئي جهيڙو جهامنداس جو، ان ڪرتبن ڏيکارڻ جي صلي ۾ هن ٽيهه کن مارون کاڌيون ۽ ڏنيون آهن، هاڻ مس وڃي ڪي اِهي شوق ٺاپريا اٿس.

اهو ته هرڪو ڄاڻي ته موٽر بائيڪ نوجوانن جي دلپسند سواري آهي پر ڪلپنا جهڙي مانجهي مڙس کي به اها هلائڻ جي هير آهي، اِن مائي ملوڪان کيس ڏاڍا ڌڪ ڏنا آهن، اَلهاس نگر ۾ نارائڻ ڀارتيءَ جي گهر جڏهن ساڻس پهرين ملاقات ٿي، تڏهن به هن تازو ڌڪ کاڌو هو ۽ ان تڪليف واري حالت ۾ مون سان ملڻ آيو. هو ڌڪ ايئن کائي ڄڻ جليبيون کائيندو هجي، تنهن ڏينهن به چيائين:

”مون زندگيءَ ۾ گهڻئي ڌڪ کاڌا آهن، جا نئين ڳالهه ناهي، نئين ڳالهه اِها ٿيندي ته مان ڌڪ نه کان، هاڻ ته ڌڪ کائڻ ۽ رت وهائڻ تي هري ويو آهيان....“

ڪلپنا جي زال ڪمل کي، هن جي موٽر بائيڪ هلائڻ تي سدائين اعتراض رهيو آهي- اها ڳالهه ڪلپنا خود مون کي ٻڌائي ته جڏهن به ڌڪ کائيندو ته هوءَ کيس چوندي آهي: ”ڇا تون منهنجو ساهه ڪڍندين؟ واپس ڪر اها بائيڪ.“

موهن ڪلپنا هونءَ ته سندس هر ڳالهه مڃي پر اها اصل نه، ڇو ته موٽر بائيڪ هلائڻ جي کيس هير پئجي وئي آهي، تڏهن ڪمل وري سندس ئي لفظ ياد ڏياريندي چوندي اٿس:

”پاڻ ئي ته چوندا آهيو، مون اهڙو ڪو ماڻهو نه ڏٺو آهي جنهن جو مٿو اَڇو هجي ۽ بائيڪ هلائيندو هجي.“

”ڇو ته جوان ان عمر تي پهچن ئي ڪونه، موٽر بائيڪ معنيٰ جنت نشين، هيءَ هلي ته موٽر ۽ ڪري ته سائيڪل.“

موهن جي سڪيلڌي ڌيءَ گيتا به کيس اها هلائڻ کان منع ڪندي ڪار وٺڻ لاءِ چوندي آهي. اڄڪلهه هو ڪار وٺڻ لاءِ غور پيو ڪري سندس اهو فصلو يقيناً دانشمنداڻو ليکبو، ڇو ته موٽر بائيڪ پويان هن جيترا خرچ ڪيا آهن اوترو خرچ ڪار خريدڻ ۾ نه اچيس ها. پاڻ سان پيش آيل حادثن جا ذڪر ڪندي چيائين:

”ماهتاب، ڊاڪٽرن مون مان جام ڪمايو آهي، پر ڇا ڪريان هلائڻ جي عادت پئجي وئي آهي، ان کي نٿو ڇڏي سگهان، ڄڻ ساڻس ڪو پراڻو عشق هجي، سو زندگي بس ائين ئي آهي، موڙ وڪڙ ۽ هڪ ڏينهن ڪرئش!“

”خدا بچائيندوَ.“ چيم.

”ڪرئش ته هرڪو ٿيندو آهي، پر مان ڇا ڪرئش ٿيندس؟ ڪونه ٿيندس.... تنهنجي ليک ۾ نسيم کرل، تاج کي چيو ته پنهنجي آلبم ۾ منهنجو فوٽو نه وجهه، جو جنهنجا تو رکيا تن چالاڻو ڪيو آهي. ان کي آٽو سجيشن چئبو آهي.... مون وٽ ڪو اهڙو احساس ناهي.... حالانڪ زندگيءَ جو هڪ هڪ پل مون ماڻيو آهي يا ڀوڳيو آهي.... مون زندگي جي موسمي جي پوري رس پيئڻ چاهي آهي ته خدا جا فرشتا جڏهن وٺڻ اچن ته کين ڦوڳ نصيب ٿئي.“

موهن ڪلپنا کي ادب جي ميدان ۾ چڱا تلخ تجربا ٿيا آهن، چوڻ لڳو:

”اسين جڏهن قلم ٿا کڻون تڏهين اُکرين ۾ منهن ٿا وجهون.“

دوستن کي مخالفتن کان بچائيندي پاڻ مخالفتن جي منهن ۾ اچيو وڃي، دوست ته بچي ويندس پر توبن جا رخ هن ڏي ٿي ويندا، جن جي آجيان پنهنجي نرالي اسٽائيل ۾ کلي کلي پيو ڪندو، چيائين:

”مان ساراه يا گلا تي هڪ سمان رهان، نه آسمان ۾ اڏامان نه پٽ تي ڪران.“

ايڊيٽرن کي ذمه دار فرد جي حيثيت ۾ ڏسڻ جي خواهشمند، ڪلپنا کي اها ڳالهه بنهه پسند ناهي ته هو بنا تصديق جي غلط تحريرون ڇاپيندا وتن، هن جو چوڻ آهي، اهو ته ٿيو راه گناهه جو ليکڪن جون تخليقي قوتون برباد ڪرڻ. ادب يا قوم سان واسطو رکندڙ سوال ذاتي سطح تي نه، خارجي طور کڻڻ کپن، باقي ڪو قلم هٿ ۾ کڻي يا لاليپاپ، اها هن جي پنهنجي چونڊ آهي. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪلپنا چيو، ”احساس ڪمتري، حسد يا تخليقي قوتن جي ڏيوالي ماتحت اڪثر ڪن نيم اديبن جي مغز جي تاڪي ڦرندي آهي ۽ هو ڏينهن ڏٺي ڀوائتا خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن. پنهنجي بيمار آتما کي امنگ ڏيارڻ لاءِ هو ”دهل جي ڏونڪي تي پاڻ کي اوچ هئڻ جي گار ڏيندا آهن، سمپادڪن جي خوشامد ڪندا آهن، ۽ دل جو بغض ڪڍي تتل ڇاتيءَ تي خوشفهميءَ جو ٿڌو ڇنڊو هڻندا آهن.“

تازو هند جي ڪنهن اخبار ۾ کيس دوستن سميت سنڌي سماج ۽ ٻولي وغيره جو دشمن ڪوٺيو ويو، جنهن جي جواب ۾ هن وراڻيو:

”پوري هند سنڌ ۾ فقط چريا ۽ بيوقوف هنن لاءِ اهڙي سوچ رکي سگهن ٿا جيڪڏهن پنهنجي زبان، ادب ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻ هڪ سازش آهي ته واقعي اهو صليب اسان پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.“

مان موهن ڪلپنا جي حاضر جوابيءَ جي ته اڳ ئي قائل آهيان، سندس اهو به خوب هو.

15- آگسٽ 1955ع ۾ کيس ”ستياگره“ لاءِ گوئا اُماڻيو ويو، موهن ڪلپنا نه صرف سنڌين ۾ بلڪ پوري هندستان ۾ واحد اديب آهي جنهن پورچو گيز جي بندوقن سامهون سينو ساهيو، ان بابت سندس لکيل ڪتاب ”اڇا رات باقي آ“ کيس هندستان جو هر دلعزيز ليکڪ بڻائي ڇڏيو، پر هو پنهنجي ان ڪارنامي کان مطمئن ڪونه پئي لڳو، ڏاڍي ڏک ۽ حسرت مان چيائين: ”ڪنهن به طرح سنڌ کي ٻيو هوش محمد يا هيمو ڪلاڻي نصيب ۾ لکيل نه هو، مان بچي ويس.“

ليکڪ زندگيءَ  کي ٻين کان وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان ٿا ڏسن، ان ڪري ٻين جي ڀيٽ ۾ هو ان سان پيار به وڌيڪ ٿا ڪن. موهن کي به زندگيءَ سان بي حد پيار آهي، هن تمام گهڻا ڏک ڏٺا آهن، ان ڪري سندس سوچون نهايت سهڻيون آهن، هو سڄي زندگي تلوار جي ڌار تي هليو آهي، هن جا پير رتوڇاڻ آهن، هن زهر پي سوچيو آهي ۽ رت ۾ قلم ٻوڙي لکيو آهي، ڪن حالتن ۾ ته هن اهي زهر ڀريا شيشي جا گلاس به کائي ڇڏيا آهن جن سندس اندر کي ڄڻ ڪپي ڇڏيو هجي. ڪمل هن جي زندگيءَ ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ بڻجي آئي. جنهن جي قربن ۽ قربانين جا اڻ ميا داستان ٻڌائيندي چوڻ لڳو:

”ڪمل جي منهنجي زندگيءَ ۾ نه اچي ها ته ڪڏهن ڪنهن مندر يا شمشان ڀوميءَ ۾ زندگيءَ جو آخري ساهه کڻي به چڪو هجان ها.“

الهاس نگر ۾ ڪمل سان مان تمام ٿوري دير لاءِ ملي هئس پر سندس موهيندڙ سٻاجهي صورت ۽ قربائتو انداز مون کي سدا ياد رهندو.

موهن ڪلپنا Creative personality آهي. هن لاءِ ڏينهن روشن ۽ رات اونڌهه ٿئي، هو اصولن کي ڪلا سمجهي پنهنجي ٽنگن ٻانهن ۾ ٺوڪي مسيحا جيان شهادت جو جام پي Fixed character ڪونه بڻجي، هن لاءِ اصول، آدرش حاصل ڪرڻ جا نيم آهن، جيڪي ڪوبه حاصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ترڪ ڪيو ڇڏي.

هو هڪ حد تائين طنز ته برداشت ڪري سگهندو آهي پر جي اها گستاخي ۾ تبديلي ٿئي ته ان ۾ لکندڙ جو خسيسپڻو ڏسندو آهي. پوءِ مشڪل سان ئي ڪو سندس قلم جي ڪات کان بچي سگهي. پر وس پڄندي ڪنهن جي دل ڪونه ڏکائي. هڪ شخص کيس رنجايو ته هن به ڪي سخت لفظ ڪم آندا جنهن جو پوءِ کيس ايترو ته ارمان ٿيو جو ماڳهين بيمار ٿي پيو، بيماريءَ ۾ هن قرآن پڙهيو:

”سٺي انسان کي ميوي دار وڻ جيان هئڻ گهرجي، ڪير هن کي پٿر هڻي ته موٽ ۾ وڻ ميوو ڏي. ”قرآن پڙهي هن روئي ڏنو ۽ ان شخص کان معذرت ڪندي پنهنجي لفظن تي ڏک ظاهر ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان چڱي مڙس وري اهو معذرت نامو در در ڏيکاري کيس خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ”اي لوڪو،

ڏسو ڪيئن نه پنهنجي گناهن جي مون کان معافي گهري اٿس، ها ها ها!“

ڪلپنا جتي پير رکي اتي دشمني رکي ڪونه سگهي. سندس مخالف گهڻئي آهن، پر دشمن هڪ به نه، منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي کان وٺي هري تنواڻي ۽ نند ڇڳاڻي تائين مڙني ٽهين جي اديبن سان سٺا تعلقات اٿس، هو آزاد سوچ ۽ فطرت جو مالڪ آهي، پنهنجي ڪردار جي پاڪيزگيءَ تي ناز اٿس جنهن جو مثال هن نهايت ئي خوبصورت اندا ۾ پيش ڪندي چيو:

”منهنجو من جامع مسجد آهي، جتي فرشتا نمازون پڙهڻ ايندا آهن.“

اها آبزرويشن رڳو موهن جي پنهنجي ناهي، ٻيا به کيس ان نظر سان ڏسن ٿا.

گلن ۾ تورڻ جهڙو اسان جو ڀاءُ مشهور ليکڪ وشنو ڀاٽيا، جيڪو هڪ نيڪ انسان آهي ۽ نيڪ انسانن جو قدر ڪري ڄاڻي تنهن موهن کي چرچ جهڙو مقدس ڄاڻندي چيو:

”آمريڪا ۾ گرجا گهرن طرفان اعلان ٿيل آهي ته جنهن کي به خودڪشي ڪرڻ جو خيال اچي ته اهي فقط هڪ دفعو اسان سان گڏجن. مون کي جڏهن آتم هتيا ڪرڻ جو خيال ايندو آهي ته مان تو وٽ هليو ايندو آهيان ۽ اڃان ته مان زنده آهيان.“

سنڌ ڌرتيءَ جو سچو سپوت هئڻ جي ناتي شرافت، غيرت ۽ خودداريءَ سان گڏ ٿورو ٿورو غرور به اٿس، جو سر گهڻئي دفعا وڍايو اٿس پر ڪٿي جهڪايو نه اٿس، پنهنجي ارمانن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ نه ئي خود غرض بڻجي ۽ نه ئي ڪنهن جي خوشامد ڪري. انهيءَ ڪري پير ۾ چڪر اٿس جو سدائين پيو نوڪريون مٽائيندو، هونءَ نوڪري ڪرڻ ڪلپنا جي فطرت ۾ ناهي پر فلم ۽ ڊسٽريبيوشن لائين ۾ ڏاڍا نقصان سهڻ ڪري کيس گهر هلائڻ لاءِ ڪو وقت نوڪري ڪرڻي پئي هئي، مان جڏهن انڊيا ۾ هئس تڏهن پبلڪ ريليشننگ آفيسر هو اڄڪلهه بزنس پيو ڪري تنهن ۾ به پارٽنرن سان اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري ٻه ٽي آفيسون بدلايون اٿس، پر آفيس وري ڇاجي مان ته ان کي ليکڪن جو ڪلب ئي ڪوٺيندس، جو مون کي پڪ آهي ته ڪلپنا جيتر پنهنجي اردگرد ٻه چار اديب دوست نه ڏسي تيتر هن کان بزنس جا ليکا چوکا نبيرجن ئي ڪونه.

ڌيءَ ۽ زال کي وڌ کان وڌ سک ڏيڻ جا خواب ڏسندڙ ڪلپنا، اڄڪلهه لکن جون بلڊنگس سيل ڪري چڱا ڏوڪڙ گڏ ڪيا آهن. ماءُ جي دعائن ۾ کيس وڏو يقين آهي، ٽيهين آڪٽوبر 76 ۾ جڏهن سندس ماءُ گذاريو، تڏهن هن جي ڪمائي پنجن هزارن مان چار، ٽي، ٻه ۽ هڪ هزار مهينو تي وڃي بيٺي ۽ نيٺ بند ٿي وئي، هن 1980 ۾ ٽيهين آڪٽوبر ماءُ کي ياد ڪندي چيو:

”ماءُ مون کي آسيس ڏي ته جو مان تنهنجي لاءِ نه ڪري سگهيس اهو مان پنهنجي زال لاءِ ڪري سگهان. جا پڻ هڪ ماءُ آهي. منهنجي ڌيءَ جي. ”ان ويل کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ماءُ سڄي جهان جون خوشيون سندس قدمن ۾ جهڪائڻ جون دعائون ڪندي هجي. ڪلپنا کي ڪنهن اڻڄاتل سچ جي مسلسل ڳولها رهي آهي، جتي کيس سچ نظر نه آيو، اها راه ڇڏي نئين راه تي پنهنجا قدم رکندو نيون زندگيون گذارڻ، نيون راهون اختيار ڪرڻ ڪري هن تي تضاد جون تهمتون موقعه پرست ۽ منافق جا لقب لڳندا آهن، پر ان جي ڪائي پرواه نه ڪندو، سندس چواڻي، سڄي بمبئي ۾ گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي جيڪو هن جي من جي سچائي ۽ ساهس کي پرکي سگهي. اِهي ئي ماهر ٽوٻن جيان هن جي من ساگر مان هر راز ٻاهر ڪڍي ايندا آهن، انهن گهڻگهرن دلدار دوستن کان ڪلپنا جو ڪوبه احوال ڳجهو ڪونهي.

جتي کيس سچ ۽ اصليت نظر نه آئي، اتي هن ورهين جا ناتا پلن ۾ ٽوڙيا آهن. هن پنهنجو هڪ مڱڻو به محض ان ڪري ٽوڙيو جو مڱينديءَ کي ”جارج“ ۾ لنچُ دوران سلاد جي پليٽ مان ڪلپنا جو بصر کائڻ نه آئڙيو، کيس کٽيءَ کنيو جو اهڙو اظهار ساهيڙيءَ معرفت ڪلپنا تائين پهچايو، هو ته ڄڻ ڪو موقعي جي تاڙ ۾ هو سو اتي جو اتي سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي آجو تاجو ٿي پيو.

مڱينديءَ: يڪي ماٺ ڏسي کيس فون ڪيو ته ڪلپنا چيس:

”مان سمجهان ٿو ته هڪ مڙس ۾ تهذيب جون جي ڳالهيون هئڻ گهرجن اُهي مون ۾ ناهن، تنهن ڪري بهتر ائين ٿيندو ته تون پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو پتي ڳولهه.“

ان چنيسر کي هٿ وٺي وڃائڻ کان پوءِ هوءَ ويچاري گهڻي رني رڙي پر پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب! موهن جي دوستن به ان ناريءَ جي حق ۾ گهڻئي سفارشون ڪيون پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو، رهندو ٺپ جواب ڏنائين:

”کيس چئو ته موهن ۾ ڪلچر ناهي ڪلچر نٿو سيکاري ته عشق ڪندي ڪو بصر نه کائبا آهن.“

ان فيصلي کان پوءِ ڪلپنا ٻڌايو ته ان رات پنهنجي اندر جو سمورو درد ۽ زهر هن پنهنجي هڪ ليک ”آئيني اڳيان“ ۾ ظاهر ڪيو، جيڪو پوءِ ”ڪونج“ جي ڪلپنا شخصيت پرچي ۾ ڇپيو. بهرحال اڄ به ڪلپنا کيس وساري نه سگهيو آهي. هو ڪنهن کي وساري ئي نه سگهندو آهي. ان ريت باهين ۾ سڙندي، تلائن ۾ غوطا کائيندي هن ڪمل جهڙي ڪونج کي حاصل ڪيو جنهن سندس ڏکن جا گهڻائي صليب ڍويا آهن.

مان ڪي به وڏا دعويٰ ڪونه ڪريان پر به محسوس ڪيو اٿم ته مون کان اهي ئي انسان متاثر ٿين جن کي منهنجي روح جي سادگين ۾ صداقتن جون ڪي جهلڪيون نظر اچن. شايد ته ڪلپنا کي به ان صداقت جي ڪا جهلڪ نظر آئي ۽ هن منهنجي حوالي سان هڪ بيان لکيو جنهن ۾ پاڻ کي اتحاد، ۽ ترقيءَ جو حامي ڪوٺيندي نفاقن ۽ ورهاڱن کان نفرت جو اظهار ڪيو. مون ڪلپنا جي سچن ۽ کرن جذبن وارو بيان ڇپائڻ جي ان ڪري ضرورت محسوس نه ڪئي جو ان کي جن پڙهيو انهن ذريعي ايڏي ته شهرت حاصل ٿي جو ڇپجڻ سان به نه ٿئي ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن اهو افواه هُلايو تهمون اهو بيان ”اندر جنين اُڃ“ جي پڌرائي جي موقعي تي فوٽو اسٽيٽ ڪري پبلڪ ۾ ورهايو، پر ثابتي طور هو اهڙي ڪا ڪاپي پيش ڪرڻ کان بنهه بي وس رهيا، مان حيران ٿيس ته بيان ڇپائڻ لاءِ منهنجو ڪتاب موجود هو، پوءِ مون کي اهڙي ضرورت ڇو پيش اچي ها، بهرحال پنهنجي پنهنجي سمجهه آهي ان کي ڇا ٿو ڪري سگهجي.

هڪ ذمه دار اديب جي ناتي ڪلپنا کي پوري دنيا جي انسانن سان محبت آهي، هن جو ايمان آهي ته ليکڪ کي وڏي دل ڌارڻ گهرجي، ڪٿي به ڪو سياسي، مذهبي، سرحدي، ذات پات، فرقن، صوبن، زبانن، تهذيب طبقي، جنهن ۾ رنگ ڀيد جوڪو اثر هن جي نظريه حيات ۽ فلسفئه ادب تي نه پوڻ گهرجي. هو چئي ٿو، ”اسان فنڪارن کي پيار ڏيڻ گهرجي هيري کان سخت.... ساگر کان گهرو،“ مون کي اهي سڀئي صفتون موهن ڪلپنا ۾ واضح طور نظر آيون.

ملڪه ترنم نورجهان، موهن ڪلپنا جي پسنديده گلوڪاره آهي. هو سنگيت جو بيحد گهڻو شيدائي آهي، آخر ڇو نه هجي، پاڻ به ته شهنشاههِ ادب آهي، پر پاڻ لاءِ چئي ٿو:

”برسات جي گل جيان مون ۾ نه تازگي آهي نه خوشبو، مون وٽ صدين جو اوجاڳو آهي.... ڀِت کي هٿ لايان ته ان کي به ننڊ وٺيو وڃي....“

مون کي لڳو ته موهن جو اهي موهيندڙ ڳالهيون ئي هن جي شخصيت جو سڀ کان اهم پهلو آهن. کيس چهرا پڙهڻ جي چڱي پرک آهي، دادا چندر جي گهر، محبوب جي تصوير ڏيکاريمانس ته حيرانيءَ مان چوڻ لڳو:

”اڙي! هي ته منهنجو ننڍو ڀاءُ پيو لڳي....“

”برابر، ڪي لُڪس اوهان جهڙا اٿس.“

منهنجي ڳالهه تي مُرڪي هن تهائين سڪ مان تصوير کي ڏٺو.

”دلدار ماڻهو آهي محبوب، پر هڪ ڳالهه چوان؟“

”چئو....“

”هي ڪجهه مون وانگر آهي، هن کي سڀ ڪجهه مڪمل کپي، مڪمل پيار، مڪمل وشواس، مڪمل انڊر اسٽينڊنگ ته هو خوش رهندو باقي دنيا ڏانهن اک نه کڻندو.....“ موهن جون پر شوق نظرون اڃا به تصوير تي لڳل هيون ۽ مون هن ڏي پئي نهاريو ته اڳتي ڇا ٿو چئي.

”محبوب دل جو ائين صاف آهي جيئن تاج محل، مان ضرور کيس ڀاڪر پائيندس، مان هن جي ڳلن تي چمي ڏيندس.“

مان محبوب جون تعريفون ڏاڍي غور سان ٻڌي رهي هئس اوچتو هن مون ڏانهن نهاريندي چيو:

”پر جنم وشواس هوا ۾ ڪونه بيٺو آهي، هن به ته ڪجهه پنهنجي ماهتاب ۾ ڏٺو هوندو.“

مان حسب معمول ڇڙو مرڪي پيس. هن تصوير ڊائريءَ ۾ رکندي چيو:

”محبوب کي چئجانءِ ته يار ڪڏهن ضرور گڏجنداسين، زور زور سان کلنداسين، ماٺ ماٺ ۾ روئينداسين، ائين چوندي هو اداس ٿي ويو، شايد کيس يقين نه پئي آيو ته اهي خواب جيڪي چوٽيهن سالن کان هو ڏسندو اچي سي ڪڏهن سچا به ٿي سگهندا، پر مون کي يقين آهي ته هو هڪ ڏينهن سنڌ ضرور ايندو.

ڪا دير ماٺ رهي هن پاڻ سان آندل هينڊ بيگ مان سگريٽ جو نئون پيڪٽ ڪڍيو ۽ ان کي کوليندي چوڻ لڳو:

”مون کي محبوب سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انڊيا موڪلينس، کيس ائين لڳندو ڄڻ مان کيس نه پاڻ توکي گهمائي رهيو آهيان.“

اهو ٻڌي مون محسوس ڪيو ته ڪلپنا ۾ ايڏو ته خلوص هو جنهن ڄڻ هند جي سڀني سنڌين جي نمائندگي ٿي ڪئي.

”تمام ٿورا مرد ٿين ٿا جي ايڏا بلند حوصلا  عقيدا رکن ٿا، ڀائي مان ته ان شخص کي نمسڪار ٿو ڪريان، مان سمجهندو هئس منهنجي ڪردار جي بلندين تي پهچڻ لاءِ زندگيءَ ۾ قدم قدم تي بندگي ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي وجود جا ڪي حصا ڪٽڻا پوندا، ڪٺور تپسيا ڪرڻي پوندي پر جنهن دوست محبوب کي، ماهتاب جهڙي سٻاجهي....شريڪ حيات ملي ته ان جو بلند ٿيڻ ڪجهه فطري آهي.“

”ايڏيون خوبيون مون ۾ ڪٿي، مان ته سمپل سمپل آهيان....“

”تنهنجي ان سپملسٽي ۾ ئي ته تنهنجي ڪردار جي سونهن آهي ماهتاب، اديب ٻن ڳالهين سبب مهان ٿيندو آهي ته هڪ ته پنهنجي آزمودن طرف سچائي ۽ ٻيو ان سچائي جي اصليت جو صحيح ڄاڻ، تون سٺي ليکڪا ڇو ٿي سگهئينءَ، نه ته تون سمپل سمپل لکندي سوچيندي آهين ”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي،“ ڇاڪاڻ جو پنهنجن آزمودن ۽ ڄاڻ موجب پاڻ طرف ايماندار آهين، انهن ڪري ئي عزت ۽ احترام جي مستحق آهين.“ ”اها ته اوهان جي مهرباني آهي جو مون کي ائين ٿا سمجهو نه ته....“

”اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، ائين نه“ ڪلپنا منهنجا لفظ جهٽي مرڪندي پڇيو ته مان شڪي ٿي ويس.

”ماهتاب، مان به من ۽ آتما سان سمپل سمپل اهيان تمام ٿورن وقتن تي مون چهري تي نقاب چاڙهيو آهي پر. تو مون کي سڃاڻي ورتو.“ مان چپ.....

”مون کي ته فقط سترهين رات خبر پئي ته ماهتاب محبوب آئي آهي سو ايتري ڇڪ ٿيم ته پنهنجو هم وطني ڏسان هڪ سنڌي مسلمان عورت، جا مون ورهاڱي بعد نه ڏٺي هئي.... توکي نه ڏسان ها ته پاڻ کي ڏاڍو سڃو سمجهان ها.“

ايتري ۾ چانهن اچي وئي ته ڪپ مان سِپ ڀري چوڻ لڳو:

”مان اتي ڏاڍو خوش نه ٿيس جڏهن شيخ اياز چيو، ”موهن ڪلپنا هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آخري آس“ يا امرجليل چيو ته ”سنڌي ڪهاڻي جو ٻيو نالو موهن ڪلپنا آهي“ ته شوڪت حسين شوري لکيو ”موهن ڪلپنا سنڌي ٻوليءَ جو بادشاهه آهي“ يا ڪنهن ٻئي لکيو ”موهن ڪلپنا هڪ دور هڪ جُڳ آهي.“ ان ۾ ته فقط موهن جو فنڪار ٿي پڏائڻ ۾ آيو.... ڪلپنا خود ڪٿي هو.... پر تو مون کي پهريائين بحيثيت هڪ سٺي انسان جي مڃيو آهي. مان وڏي ليکڪ کان سٺو انسان ٿيڻ پسند ڪندو آهيان....

ڇا کپي مون کي وڌيڪ، ڇا ٿي سگهي ٿو ان کان وڌيڪ دنيا ۾ موهن ڪلپنا لاءِ ته کيس اهو سمجهيو وڃي جو هو آهي.“

موهن جي شخصيت ۾ جيڪا مقناطيسي ڪشش آهي تنهن کان ڪنهن کي انڪار هوندو! مان ته چوان، انڊيا وڃي ڪير موهن سان نه مليو ته معنيٰ ڪنهن سان نه مليو. ان سان مليو ته ڄڻ سڀ سان مليو. هو بظاهر اڪيلو انسان پر هن ۾ دنيا آباد آهي. ڪڏهن ته ائين لڳي ڄڻ سمورو سنڌين جو روح هن هڪ ۾ سمايل هجي. مان انڊيا جي صرف ٻن شهرن تائين وئي هئس پر هن سان ملي مون کي لڳو ڄڻ مان سڄو هندستان گهمي ورتو هجي. هن سان ملي ڪنهن سان نه ملڻ واري کوٽ به پوري ٿيو وڃي، ڇو ته هو نه رڳو هند سنڌ جو سپر رائيٽر پر سپر انسان به آهي.

اهڙن انسانن جي زندگيءَ کي جڏهن ڪو لوڏو ايندو آهي ته ڌرتي ڌُڏي ويندي آهي، ڪائنات ڪنبي اٿندي آهي! ويجهڙائي ۾ موهن ڪلپنا جي هارٽ اٽيڪ سندس پرستارن ۽ گهڻگهرن کي اهڙي ئي قيامت جو نظارو پسايو، پر شايد ته قدرت کي ڪهل پئي ۽ هن ڪلپنا کي نئين زندگي ڏيئي ڪروڙين دلين کي جياري ورتو.

موهن ڪلپنا کي محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ پير حسام الدين راشدي لاءِ وڏو احترام ۽ قرب آهي- هن چيو ته جويو صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ادب کي ڏني آهي، هن جو مطالعو وسيع آهي ۽ انساني دوستيءَ جي اعليٰ سوچ اٿس. راشدي صاحب جي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ تي پنهنجي راءِ ڏيندي چوڻ لڳو:

”مان زندگيءَ ۾ اهڙو ڪتاب لکي نه سگهندس، پڙهي بروقت خدا در گوڏا کوڙيم ته يا خدا راشدي صاحب جي عمر سوا سؤ سال ڪجانءِ، تندرستي سان گڏ اکين جي روشني سلامت رکجانس جيئن اهڙا تاريخي ۽ ڪلاسڪ ڪتاب لکندو رهي.“

مون راشدي صاحب کي موهن جو اهو رايو ٻڌايو جنهن سندس چهري تي مسرت جا ڪيئي رنگ پکيڙي ڇڏيا. کيس به هن لاءِ گهڻو پيار آهي. ڪلپنا جي اڻپوري آتم ڪٿا ڪنهن مئگزين پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍي خواهش اٿس ته اها سڄي پڙهي، جڏهن ڪيترو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ نه ڇپجي سگهي ته مون ان جو مسودو حاصل ڪري کيس روانو ڪيو جنهن کي هو نئين سنئين لکڻ ۾ مصروف آهي.

هڪ ڀيري موهن ڪلپنا، راشدي صاحب کي منهنجي معرفت ڪو ميسج موڪليو، هن سندس تحرير پڙهندي چيو: ”اکر ڏاڍا سٺا اٿس.“

”ها“.... مون مئل آواز ۾ وراڻيو، جو بظاهر ته اهي برابر موتين جي داڻي جيان آهن پر بيهڪ ڪجهه اهڙي نرالي اٿن جو جيتر پڙهڻ جي پريڪٽس نه ٿئي تيتر مون پارا ڏکيائي سان سمجهي سگهن. پر راشدي صاحب پنهنجا پڪا اکر ئي سڃاڻيو وڃي ته موهن ڪلپنا جا اکر سڃاڻڻ ته هن لاءِ ڪو مسئلو ئي نه هو. موهن ڪلپنا ڳالهين ئي ڳالهين ۾ رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز جو ذڪر به ٿي آندو، تنهن ڏينهن کين ياد ڪندي چوڻ لڳو:

”رشيد ڀٽي کي چئج، تو سؤ دفعا منهنجو گيت ٻڌو ۽ پاڻ ئي چيو هو ته سفر جي ڊائريءَ جو عنوان ان گيت جي پهرين سٽ لکندو.“

”اهو ڪهڙو گيت؟“ پڇيم.

”جي ياد ايندا آهن، ڏاڍا ياد ايندا آهن.“ هن چيو.

”گيت ته ڏاڍو پيارو آهي، رشيد ڀٽي اڃا ته سفر جي ڪا ڊائري ناهي ڇپائي نه ته جيڪر اهوئي عنوان ڏئي ها، مون کي خاطري آهي ته هو زبان جو پڪو آهي.“ وراڻيم.

”اياز دوستي ٽوڙي ڇڏي پر هن ئي اروڙ ۾ ٻه هرڻ ڏسندي چيو ته اهي اياز ۽ ڪلپنا آهن جي روپا ماڙي ڏي نظر ڪري سنڌ جو عروج ڏسي رهيا هئا.“ ڪلپنا دک مان چيو.

”شاعرن جون ڳالهيون به خوبصورت خواب ٿين جيڪي اک کلڻ سان غائب ٿيو وڃن.“ وراڻيم.

”ڀٽي دوستي قائم رکي پر خط نه لکيو، مون کيس سنڌ جو اداس روح ڪوٺيو هو، هن ماڻهن کي کلايو ٿي، مون هن جي نقاب اندران هڪ دردمند انسان جو چهرو ڏٺو.“

”اهو صحيح آهي ته رشيد ڀٽيءَ جي دل ۾ انسانيت لاءِ درد آهي. هو اسان جي ادبي انڊسٽريءَ جو نهايت ئي شريف انسان آهي.“

منهنجي سنڌ اچڻ ۾ کان هڪ ڏينهن اڳ، ڊائننگ ٽيبل تي اسان جون کوڙ ڳالهيون ٿيون جيڪي ڄڻ موهن جي فيلنگز جو ڪلائيمڪس هيون، مان نٿي ٻڌائي سگهان ته هن جي احساسن ۽ جذبن مون تي ڪيڏو نه اثر ڇڏيو.... هن جي هر لفظ ۾ اعتماد هو، خلوص هو ڇا ڇانه هو....

”مان ائين نٿو چوان ته مون کي نه وسارج، جنهن کي وسارجي مان اهڙو ناهيان.... پر خط ته لکندينءَ نه:“ ”ها، ضرور.“ ”خط به دل جيان آهن بند ٿيا ته بند ٿيا، نه ته هلندا هلن.“

”ڪيڏيون نه گهريون آهن اوهان جون سوچون....“

”مان خود به ته گهرو آهيان.... ياد ڪج ماهتاب توکي ٽي نه چار ڀائر هئا، ان مان ٽي هميشہ لاءِ هليا ويا، اڃا هڪ اٿئي، محبوب کي چئج ته سالا شينهن کي به پيارا ٿيندا آهن.... ڪلپنا تنهنجو سالو اٿئي، هن کي تنهنجو پيار گهرجي.“

ڪلپنا جي لهجي ۾ ايڏو ته خلوص هو جو منهنجون اکيون ڀرجي آيون.

اسين فنڪار آهيون ماهتاب تون منهنجي دوست محبوب جي پتني آهين جو هڪ عظيم انسان آهي، شل تون هن جي دنيا ۾ هميشہ سکي ۽ آباد هجين مگر ان کان اڳ به هڪ دنيا آهي جتي فنڪارن جا ناتا جسمن، عمرن، رنگن ۽ جنسن کان مٿي آهن.“

مان ماٺ هيس ۽ ڏاڍي غور سان هن جون ڳالهيون ٿي ٻڌم، جن ۾ دورين جو درد هو.

”مون کي اميد نه هئي ته تو جهڙي فنڪار ڀيڻ ۽ دوست مون کي ائين اوچتو ملي ويندي، انهن ئي گهڙين لاءِ اسين جيون ٿا اهي ئي ته اسان جي آتما ۾ روشني ۽ سنگيت ڀرين ٿيون. مان ان پاڪ ۽ مقدس رشتي جي آخري گهڙين تائين حفاظت ڪندس، اسان ٻنهي جون دنيائون الڳ اهن ۽ اسان جو پوتر سنٻنڌ انهن جي وچ ۾ هڪ پُل آهي.“

مون کي لڳو اِهي حد بنديون جيڪي گذريل چوٽيهن سالن کان هن جي اندر جي اڃ، روح جو ناسور ۽ پيرن جي زنجير بڻيل آهن ان مقدس پُل جي وسيلي پار ڪري، هو هڪ ڏينهن پنهنجي وطن جي مٽي اکين سان لڳائي سگهندو.

 

مان ايترو هيٺ ڪرڻ کان انڪاري آهيان

(هڪ خط)

 

پيارا شوڪت،

انجام موجب منهنجي ڌيءَ لاءِ ”گل ڦل“ موڪليئه ان لاءِ ٿورائتو آهيان. پڪ به ٿي ته تون ان جو ايڊيٽر آهين. شروع ۾ شايد غلام رباني هو. تنهنجا لک لک ٿورا.

قبردار طارق سهڻيءُ ۾ منهنجو پتو ڏيئي مون تي احسان جتايو آهي. برابر، مگر سنڌ مان منهنجي هموطنن ڪافي خط لکڻ شروع ڪيا آهن، جن جا جواب ته ڏيندو ٿو اچان؛ مگر جي خط خوش چڱڀلائيءَ يا ان سوال سان لاڳو آهن ته مون زندگيءَ ڪيئن گذاري آهي، انهن جي يا ته پهچ ڏيان ۽ يا لمبا خط لکان. تون هڪ ڪم ڪندين؟ لکج. ڪنهن شخص ڏانهن ڪي خط تنهنجي لفافي ۾ وجهي موڪليندس. پوءِ تون اُتان الڳ روانا ڪج. شايد گهڻي خرچ کان بچي پوان. اهو سلسلو به شايد گهڻو نه هلي. پر تون اهو ڪم ڪندين؟ ساڳيو ڪم تون به ڪري سگهين ٿو: جيڪڏهن ڪنهن اديب کي خط پٽ يا ڪتاب موڪلڻو هجيئي ته مون کي موڪل. مان کين سڌو روانو ڪندس ۽ تنهنجا خط پڙهندس نه.

تو وشنو ڀاٽيا جي سپليمنٽ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن توکي ڌڌڪو ڏنو. نه منهنجا ڀاءُ، دل ننڍي نه ڪر. مان گهڻن حملن تي هريل آهيان. موٽ ۾ مان به حملا ڪندو هئس. البت گارگند نه، مگر 1973 ۾ آل انڊيا سنڌي رائٽرس ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جتي سڀني اديبن يڪراءِ صلاح ڏني ته مان تحريري بحث کان پاسو ڪريان ۽ مون پاسو ڪيو آهي. ڏيڍ سال ۾ مون تي سوين حملا ٿيا آهن.

حملن جا قسم:

هڪ نظرياتي حملا آهن، جن تي مون کي ڪو اعتراض ٿي نٿو سگهي.

ٻيا ادبي حملا آهن، جنهن تي به مون کي اعتراض ٿي نٿو سگهي.

ٽيان شخصي حملا آهن، جنهن تي مون کي ضرور اعتراض آهي. مگر مان اهو اعتراض ڇو ظاهر ڪريان؟ مون سنڌيءَ ۾ اٽڪل اٺ هزار صفحن جو مواد لکيو آهي ۽ ڪو ڇوٽو موٽو درجو حاصل ڪيو اٿم، ان هوندي به مان ئي اعتراض وٺان ته چئبو ته لکڻ ويرٿ آهي. دراصل ڪي دوست مون کي پرووڪ (Provoke) ڪرڻ ٿا چاهين. هڪ سبب اهو به اٿن ته جيڪڏهن مان کين گهٽ وڌ چوندس ته کين اُها شهرت ملندي، جا هو پنهنجي تخليق تي حاصل نٿا ڪري سگهن. پر اهو سڀ مبهم آهي ۽ تون جيئن ته ذهين ۽ حساس آهين، مان توکي مختصر طور گذريل پنجويهن سالن جي رپورٽ ٿو لکان.

شروعات

مون 1948ع کان لکڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن مان خود 18 سالن جو هئس ۽ سنڌ مان هند آيو هئس. 1950ع کان 1964ع تائين منهنجو هندستاني ڪميونسٽن سان زبردست ٽڪر لڳو، جنهن جو ذڪر مون سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش ۾ ڪيو آهي. مون مارڪسواد کي ته قبول ڪيو ٿي، مگر مان ادب ۾ منصوبي بازيءَ جي خلاف هئس، آهيان ۽ رهندس. هنن به مون تي مختلف حملا ڪيا. مان چريو آهيان، رجعت پسند آهيان، گڏهه، پاجي آهيان، ته مون کي پاڳل خاني موڪلڻ گهرجي. ها شوڪت، اهي سڀ لکت ۾ حملا آهن. مان ايترو هيٺ ڪرڻ کان انڪاري آهيان؛ ان ڪري اُهي جي مون تي حملا ڪندا آهن، اهي شخصي طور مون سان عزت ۽ احترام سان ملندا آهن ۽ زباني پنهنجي لکڻين تي ڏک ظاهر ڪندا آهن.

1964ع بعد وري فرقي پرستن سان جنگ شروع ٿي. جن لکيو ته مان دماغي مريض هئس. جيئن ته مان عربيءَ لپيءَ جو حمايتي آهيان، هڪ ذهني جهڳڙي ۾ هڪ، هندي لپيءَ جي اڳواڻ مون کان پڇيو: ”تنهنجي ترڪي ٽوپي ڪٿي آهي؟“ جواب ڏنومانس: ”تنهنجي لنگوٽي ڪٿي آهي؟“ مڙس ائين چپ ڄڻ الاءِ دڳ تي ڪنهن ساڻس زبردستي ڪئي هئي.

هڪ جهڳڙو پنهنجي اديب دوستن سان ان سوال تي هو ته هن سنڌي تحريڪ ۾ انهن کي هار ٿي پاتا، جن وٽ پئسو هو ۽ جن اسان جو استحصال ٿي ڪيو.

1969ع ۾ مان هندي لپي سميلن ۾ ويس ۽ پوليس مون کي ۽ ڪرشن راهي کي گردن کان جهلي ٻاهر ڪڍيو، مار جي ڌمڪي به ڏنائون. اها به ليکڪن جي ڪانفرنس هئي.

1972ع ۾ مون هڪ سرمائيدار خلاف پنج هزار ماڻهن اڳيان ڳالهايو، جو ٽي. وي تي به ڏيکاريو ويو ۽ هڪ جن سنگهي، ڪيرت ٻاٻائيءَ جي ساٿيءَ ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي دشمن، جنهن لکيو آهي ته هندستان، پاڪستان سڀ هندن جو آهي، ڌمڪي ڏني ته موهن ڪلپنا کي هندستان جا ستاويهه لک سنڌي ڪُچلي ڇڏيندا. مان اسٽيج تي کلڻ لڳس. بيشڪ ڪتو ئي هاٿيءَ تي، ڀؤنڪي سگهندو آهي، ان شخص جو نالو ديپڪ ڪوڏواڻي آهي ۽ جو اسان کان پهرين سنڌ پهچندو، جو کيس هند سرڪار طرفان سنڌ گهمڻ جو پروانو ملي چڪو آهي ۽ هو 25 حرامين جو ٽولو وٺي اُن سنڌ ۾ ايندو، جنهن سنڌ ۾ رهندڙ منهنجي مسلم ڀائرن کي هو نيست و نابود ڪرڻ لاءِ لڳاتار لکندو رهندو اچي! سرڪار هن جي اخبار ”ماتر ڀومي“ تي بندش وِڌي ته اُها مسلمان خلاف آهي ته ٻي اخبار ”هندو ڀومي“ ڪڍيائين. ان جي پاليسي به ساڳي آهي. پر هن جڏهن مون کي ڌمڪي ڏني ته سنڌيءَ جا سڀ اديب اسٽيج تي چڙهي آيا. هي به ٻن سؤ پهلوانن جو ٽولو وٺي آيو هو. هڪ شخص لعل پشپ کي هوا ۾ کڻي چيو: هيٺ لهه، نه ته هيٺ ڦِٽو ڪندوسانءِ. ٻئي گني سامتاڻيءَ کي جهليو. گنو جو ذهين ترين آهي ۽ باڪسنگ جي هنر مان به ڄاڻي تنهن پنهنجو ڏورو ڏيکاريندي چيو: ”پهرين هتي هٿ لائي ڏس ۽ پوءِ ڳالهاءِ.“ چندو لعل جئسنگهاڻي، موهن گهيهاڻي، لڇمڻ ڪومل، واشديو سنڌو ڀارتيم ٽيڪچند مست ۽ گهڻا گهڻا اديب اسٽيج تي چڙهي آيا. ارجن شاد مئڪرافون تي چيو ”موهن ڪلپنا اسان جو مايه ناز اديب آهي. موهن ڪلپنا کي ڪچلڻ وارو شخص هندستان ۾ ڄائو ناهي.“ آخر گهٽا کائي ديپڪ صاحب کي معافي وٺڻي پئي.

اها منهنجي هڪ طرف زبردست بي عزتي ته ٻئي طرف زبردست عزت به هئي ۽ جيئن ته اهو پروگرام بمبئي شواجي پارڪ ۾ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي  ساهت سڀا طرفان ٿي رهيو هو ۽ جنهن جا ڪم ڪندڙ ۽ سنڌو سماچار جا ڪم ڪندڙ: مالهي، اُتم ۽ ڪيرت ساڳيا هئا (اُتم اُتي حاضر نه هو) هڪ طرف ته چپ رهيا، مگر جن ”سنڌو سماچار“ کي پئسن جي مدد ٿي ڪئي، انهن ليکڪن جي فتح ڏسي اسان کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ناري گرسهاڻي نالي هڪ ليڊر چيو: مان ٿو اِسٽيج تي مٿي وڃي ڳالهايان. هي ٽڪي جا ليکڪ اسان جي هيئن بيعزتي ڪري ويندا. مان ڏسان ٿو ته سڀان کان ”سنڌو سماچار“ ڪيئن ٿي نڪري. ”مالهي ۽ مان هن جي ڀر ۾ بيٺا هئاسين. مون کيس چيو: ”تون مٿي چڙهه ته مان توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندس.“ چڙهي ها ته هيٺ ڦِٽو ڪريان ها. پر ان بجاءِ مالهي چڙهيو ۽ هن جهنڊو لاهي پروگرام مهمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

مون سوچيو ته جڏهن سنڌ جا دروازا کلندا ته مان سنڌ جي ڀائرن کي شڪايت ڪندس، ته ڏسو اسان وٽ ڇا ٿي رهيو آهي. ٻار شڪايت کڻي ماءُ وٽ ويندو آهي ۽ سنڌ ئي ته اسان جي ماءُ آهي. پر پوءِ مون سوچيو ته مان هندستان جا جهڳڙا سنڌ ۾ ايڪسپورٽ نه ڪندس. تو به صحيح لکيو آهي ته اوهين ان ۾ دلچسپي وٺي نٿا سگهو؛ مگر ڳالهه دک جي آهي.

ان بعد مون، ڪن دوستن سان گڏجي ليکڪن جي الڳ سنسٿا ٺاهي آهي. هاڻ ڪن کي اهو اعتراض آهي ته سندس ڪتاب بحث هيٺ نٿو اچي، ته اها سنسٿا ترقي پسندن ۽ جديد ليکڪن خلاف آهي ۽ ٻيون به گهڻيون بيهوديون ڳالهيون لکيون ۽ چيون اٿن ۽ جن جو حوالو ان سپليمنٽ ۾ آهي جا توکي موڪلي ويئي آهي.

گذريل هفتي وشنو اَٺ ڪلاڪ گڏ هو. هن چيو: ”ڪلپنا، اسين صرف لعل پشپ، آنند کيماڻي، گُني سامتاڻيءَ خلاف آهيون، تو خلاف اسان کي ڪا شڪايت نه آهي منهنجي زندگيءَ  جي خواهش آهي ته مان توتي اٽڪل پنج سؤ صفحا ڪتاب لکان ۽ دنيا کي ڏيکاريان ته موهن ڪلپنا اصل ۾ ڇا آهي ۽ ڇو کيس ڪنهن ڪونه سمجهيو آهي ۽ ته مان تنهنجو شرڌالو آهيان، مگر سُڪن گڏ آلا ٻرندا آهن.“ مون کيس چيو ته: ”مون تي لکڻ کان ته، ٻه چار سٺيون ڪهاڻيون لک.“ کانئس لکي تصديق ڪري سگهين ٿو. ان پس منظر ۾ مون کي سچ پچ لکڻ ويرٿ لڳندو آهي. هند ته مون کي رجيڪٽ ڪيو آهي، جڏهن سنڌ به رجيڪٽ ڪندي ته قلم ڀڃي ڦٽو ڪندس ۽ هميشه لاءِ لکڻ بند ڪندس.

شامل خط پوسٽ ڪرين ته مهرباني.

- موهن ڪلپنا

 

ڊائريءَ جا ڪجهه ورق

ظفر حسن

 

2، جولاءِ 1991ع

اسين جيئن جيئن ڄمار ۾ وڌندا وڃون ٿا تيئن تيئن نوان دوست، نوان لڳ لاڳاپا پيدا ڪندا وڃون ٿا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن نون نون لڳ لاڳاپن سان ڏاڍن پيارن ماڻهن سان ملاقات ٿئي ٿي.

پر ان سان گڏوگڏ اسين پنهنجن جهونن دوستن، بزرگن، پراڻ پاڙي وارن کي به وساريندا وڃون ٿا. اهو صحيح آهي ته زماني جي ڪمن ڪارين ڪري، هر ڪنهن جي مختلف ڌنڌن- ڌاڙين ڪري، مختلف هنڌن تي نوڪريون ڪرڻ ڪري، مختلف مصروفيتون هئڻ ڪري پراڻن دوستن، پراڻن بزرگن، پراڻن پاڙي وارن ۽ پراڻن استادن، سان گهٽ ملاقات ٿئي ٿي. هاسيڪار ته اسين ڪنهن وٽ وڃون ئي ڪونه ٿا، بس ڪنهن ڪاڄ وغيره ۾ يا واٽ ويندي ملاقات ٿيو وڃي.

آئون پراڻن دوستن سان مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه ملاقات ڪرڻ جو وقت ڪڍندو رهندو آهيان پر وري به ڪي ڪي ته بنهه رهجي ئي ويندا آهن يا وري ڪن ڪن سان ته سال ۾ يا سالن کان پوءِ وڃي مس مس ملندو آهيان. بهرحال هاڻي سوچيو اٿم ته انهن ننڍي هوندي ٻالپڻي جي واسطيدارن سان وقت ڪڍي باقاعدي ملاقات ڪندو رهندس. هتي لفظ باقاعدي استعمال ڪيو اٿم. يعني ته باقاعدي ڪنهن الڳ ڊائريءَ ۾ لکي (هڪ ٽيبل ڊائري به آئون هن ڊائري کان سواءِ مينٽين (Maintain) ڪندو آهيان) انهن سان باقاعدي هر مهيني، هر ٻئي مهيني، هر ٽئي مهيني، يا هر چوٿين مهيني يا هر ڇهين مهيني يا گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور ملڻ ويندس. منهنجو جلدي جلدي ملڻ يا دير سان ملڻ بهرحال حالتن ۽ سهوليتن تي آڌار ٿو رکي. پر هروڀرو سستي ڪري ملڻ کان پاڻ کي محروم نه ڪندس.

اهڙي طرح وري جيڪي پري رهن ٿا، مُورڳوئي ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا انهن سان خطن ذريعي ضرور حال احوال اوريندو رهندس. هر مهيني کان باقاعدي نالا لکي ملاقات ڪرڻ جي شروعات ڪندس ۽ جيڪي ملاقات ڪرڻ کان پري آهن، انهن کي خط لکي حال احوال ڪندس.

۽ اڄ آئون هڪ شخصيت ڊاڪٽر اسماعيل شيخ سان ملاقات ڪرڻ ويس. آئون ائين ڪونه چوندس ته هو منهنجو پراڻو دوست آهي پر اسان جي ڪٽنب جا شيخ صاحب جي ڪٽنب سان تمام پراڻا لاڳاپا آهن. اصل ورهاڱي کان به پهرين جا. ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ، مشهور شاعر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جا وڏي ۾ وڏا پٽ آهن. پاڻ ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر آهن ۽ صدر حيدرآباد ۾ انهيءَ هنڌ تي پرئڪٽس ڪندا آهن جتي سندن پيءُ مرهيات جن ڪندا هئا. يعني ته انهيءَ هنڌ تي سندن پيءُ ۽ پوءِ کين پرئڪٽس ڪندي اٽڪل سٺ سال ته واهه جا گذريا هوندا.

ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جن سان اسان جي ڪٽنب جا تعلقات يقيناً منهنجي بابا جي شاديءَ کان پوءِ ٿيا هوندا. منهنجي پيءُ مرهيات جي شادي انهيءَ ڇوڪريءَ سان ٿي هئي جيڪا يتيم ڇوڪري هئي ۽ مرهيات نور محمد لاکير وڪيل (نور محمد هاءِ اسڪول وارو) جي حيدرآباد دکن جي رهندڙ ڪنوار پاڻ سان گڏ حيدرآباد دکن مان حيدرآباد سنڌ آندي هئي ۽ منهنجي ماءُ مرهيات نور محمد جي گهر ۾ ڌيءَ وانگر پلجي وڏي ٿي هئي ۽ جيئن ته نور محمد لاکير وارن جا ڊاڪٽر ابراهيم خليل وارن سان ڏاڍا ويجها ناتا هئا، ان ڪري شاديءَ کان پوءِ منهنجي امڙ ڊاڪٽر خليل وارن جي گهر باقاعدي ايندي ويندي هئي ۽ اسين به امان سان گڏجي شيخ جي گهر ويندا رهندا هئاسون. ۽ سندن گهر جي هڪ هڪ فرد کي نه رڳو اسين سڃاڻون پر هو به اسان کي چڱي طرح سڃاڻن.

آئون سمجهان ٿو ڊاڪٽر خليل جو پٽ ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ مون کان ڏهه ٻارهن سال وڏو هوندو، ان ڪري هو منهنجو دوست ته نه ٿيو پر هڪ طرح سان بزرگ ٿيو.

ڊاڪٽر اسماعيل شيخ، تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌي ساهت سان دلچسپي ٿو رکي. هو بيشڪ پاڻ لکندڙ نه آهي پر هو اسڪالر آهي ۽ بيشڪ علم جو وڏو ڄاڻو آهي. سندس هڪ مضمون اهو به ”هائيڪو“ جهڙي سِري تي نهايت محنت سان لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب هونئن به مختلف سِرن تي مضمون لکندو رهندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي پنهنجي هڪ سٺي لائبرري آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته اها لائبرري کين پنهنجي مرهياتي پيءُ کان ورثي ۾ ملي آهي ۽ هن لائبريريءَ ۾ ايترا ته قديم ڪتاب آهن جو سنڌ آرڪائيوز وارن کي اها لائبرري وٺڻ گهرجي. حيرت جي ڳالهه آهي ته ان لائبريريءَ ۾ مذهبي ڪتاب ۽ خاص طرح هندو ڌرم تي ڪتاب؛ اهي به ورهاڱي کان گهڻو اڳ جا سنڌيءَ ۾ ڇپيل تمام گهڻا آهن.

آئون ڊاڪٽر اسماعيل شيخ سان اٽڪل سال کان پوءِ ملي رهيو هئس. هونئن ڊاڪٽر صاحب سان پنجين ڇهين مهيني ملاقات ٿيندي رهندي آهي پر هن ڀيري ته سال کان به مٿي ٿي ويو هو.

اڄ سال کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب سان ملي ڏاڍي ڪچهري ڪئي سون. ساهت ۽ سياست تي هن ڀيري الائي ڇو ڳالهه نه نڪتي ۽ پنهنجن پنهنجن بزرگن جو ذڪر ڪيوسون ۽ خاص طرح انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيوسون جن جا ٻنهي ڪٽنبن سان لڳ لاڳاپا هئا.

سڀني کي ياد ڪيوسون خاص طرح ماسي پٺاڻيءَ کي جنهن کي ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد جو هر اپر توڙي مڊل ڪلاس جو ڪٽنب سڃاڻندو هو. سندس ڌيءَ جيڪا نهايت سهڻي هئي ان وقت مدرسة البنات ۾ پڙهندي هئي ۽ مون کان ٻارنهن سال وڏي هوندي هئي جو آئون کيس ”پري“ چوندو هئس ۽ ٻالپڻي جي ڀورڙائيءَ ۾ آئون امان ۽ بابا کي چوندو هئس مون کي ”پريءَ“ سان شادي ڪرايو!

خود ڊاڪٽر اسماعيل شيخ کان پڇيم ته اوهان جڏهين ورهاڱي کان پهرين ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندا هئا ته ان زماني ۾ ٻڌو هئم ته اوهان جي پنهنجي سوٽ يا ماسات جيڪا اوهان سان گڏ پڙهندي هئي ان سان شادي ڪرڻ چاهيندا هئا پر پوءِ اوهان جي شادي ٿي نه سگهي.

ڊاڪٽر صاحب جنهنجي عمر هينئر سٺ کان مٿي هوندي منهنجي انهيءَ پراڻي انڪشاف تي ڏاڍو حيران ٿيو. بهرحال پڇيومانس ته اها هاڻي ڪٿي آهي. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايم ته هوءَ 1952ع ۾ ئي لنڊن هلي وئي هئي ۽ سندس شادي به ٿي ويئي پر هاڻي سندس مڙس گذاري ويو آهي ۽ هوءَ اڃا به انگلنڊ ۾ رهي ٿي ۽ هن جي پنهنجي اسپتال آهي ۽ هو ساڻس تڏهن مليو هو جڏهين پاڻ انگلنڊ ويو هو. ٻيون به ڪيتريون شخصيتون بحث هيٺ آيون ڪجهه پراڻا استاد ۽ ڪي پراڻا بزرگ.

ڊاڪٽر اسماعيل شيخ اڄڪلهه ورهاڱي کان پهرين حيدرآباد ۾ پرنٽنگ پريسن جو تفصيل گڏ ڪري رهيو آهي. ڪهڙي نه انوکو ۽ عجيب ٽاپڪ آهي کوجنا لاءِ. ڪهڙو نه خوشگوار تجربو هو ڪنهن پراڻي بزرگ سان ملڻ. ان وقت جا ماڻهو، خود منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ان وقت جو دور منهنجي اکين آڏو ڄڻڪ حقيقت بڻجي آيو هو ۽ آئون اٺن ڏهن سالن جو ٻار بڻجي ويو هئس.

 

3 جولاءِ 1991ع

اڄ ويهي پراڻن دوستن، پراڻن واقفڪارن، پراڻن پاڙيسرين، پراڻن استادن، پراڻن بزرگن ۽ انهن ماڻهن جي لسٽ ٺاهي اٿم جيڪي منهنجي امڙ ۽ بابا کي ويجها هئا ۽ مون کي ويجها آهن ۽ اڃا حيات آهن.

اها لسٽ ٽيبل ڊائريءَ ۾ ٺاهي اٿم ۽ هتي اها ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. البت جنهن جنهن سان ملندو ويندس، انهيءَ سان ملاقات جو احوال بهرحال هن ڊائريءَ ۾ ڏيندو ويندس.

ٽيبل ڊائريءَ ۾ جيڪي نالا لکيا اٿم انهن جي آڏو تاريخ به لکندو ويندس ته ڪهڙي تاريخ تي ساڻن مليو هئس. انهيءَ تاريخ داخل ڪرڻ سان اها خبر پوندي ته اها ملاقات ڪڏهين ڪيم ۽ هاڻي وري ڪڏهن ملاقات ڪرڻ گهرجي. هر ماڻهوءَ يا ڪٽنب سان ور ورَ ملاقات ته ڪبي پر نه ايترو جلدي جلدي ۽ نه وري دير دير سان. بس هر ماڻهو يا ڪٽنب سان، انهن سان تعلقات جي حيثيت پٽاندڙ مهيني ۾، ٻئي مهيني يا ٽين مهيني ملاقات ڪبي ۽ ڪنهن ڪنهن سان جي چوٿين، پنجين ڇهين مهيني واري ملاقات به غنيمت سمجهڻ کپي، نه ته مون کي ائين پڇتائڻو پوندو جيئن انهن ماڻهن کي ياد ڪري هينئر پڇتايان پيو، جيڪي گذاري چڪا آهن ۽ جن سان ملاقاتون ڪچهريون نه ڪري سگهيس. خاص طرح منهنجا پراڻا استاد ۽ بابا جا پراڻا دوست جيڪي جڏهين به ملندا هئا ته ڪيڏي نه خوشي ٿيندي هئي ۽ هاڻي سوچيان ٿو ته پنهنجن جهونن لاڳاپن وارن ماڻهن سان ملڻ جو ويچار جيڪو هاڻي مون کي آيو آهي سو مون کي پهرين اچي ها ته ڪيترو نه سٺو ٿئي ها! ڪهڙي نه مون کي خوشي حاصل ٿئي ها! انهن جهونن ماڻهن سان نه ملي نقصان ته منهنجو ٿيو هو؛ هو ته پنهنجو وارو وڄائي هليا ويا- باقي هينئر آئون کين ياد ڪري ڪيترو نه پاڻ کي ڏوهي ٿو سمجهان- ڪاش انهن سان به ڪچهريون ڪريان ها. ملان ها. حال احوال وٺان ها- ۽ حياتيءَ ماڻڻ جو بهترين لطف وٺان ها. هونئن به چوندا آهن ته دنيا جون بهترين خوشيون مفت ۾ حاصل ڪري سگهجن ٿيون- بس رڳو انهن خوشين کي رڳو سڃاڻڻو آهي ته اهي ڪهڙيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com