سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :4

ڪهاڻيون

 

 

 

 

 

ليکڪ ۽ نظريو

ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪهڙي به موضوع تي لکي سگهجي ٿي ۽ اها پنهنجي لهجي ۾ هلڪي، گنڀير يا مذاقي ٿي سگهي ٿي؛ ڀل پوءِ اُها سياسي، سماجڪ، ڌارمڪ، نفسياتي، عياري اسراري، سامونڊي، هوائي يا من وگيانڪ هجي. بنيادي ڳالهه مگر، منهنجي ويچار ۾ ليکڪ جي طرفداريءَ جي آهي، ته ليکڪ زندگيءَ جي ڪهڙي ڌارا جو طرفدار آهي؛ ته زندگيءَ جي معنيٰ کي قبول ڪري ٿو يا رد ٿو ڪري، ان جي مختلف مسئلن جي محض عڪاسي ٿو ڪري يا ڇيد ٿو ڪري.

ضروري آهي ته ليکڪ کي زندگيءَ لاءِ نظريو هجي.

ـــ موهن ڪلپنا

 

 

 

 

 

 

 

ناول جا ڪجهه پنا

عبدالقادر جوڻيجو

 

روز صُبح جو سوير ڇهه ست ڪلوميٽر جاگنگ ڪرڻ کان پوءِ غسل خاني ۾ گهڙي سارا جڏهين پنهنجو بدن ٽوال سان اُگهندي هئي ته سندس بدن جون مُشڪون ائين ڦَڙڪنديون هيون، جيئن هٿ لائڻ کان پوءِ ڀلي گهوڙيءَ جو جسم ڦڙڪندو آهي. پر اڄ صبح جو سوير جڏهين هوءَ جهاز ۾ اچي ويٺي ته سندس جسم بدران مَن ڦڙڪي رهيو هو. جڏهين جهاز مٿي اُڏاڻو ته کيس لڳو ته جهاز مٿي نه پر، هيٺ وڃي رهيو آهي، وطن جي ڌرتيءَ ڏانهن.

سارا جو ڏاڏو مرحوم، روهيءَ (چولستان جي ٿر ۽ بئريج جي ايريا جي وچ وارو علائقو) سان لڳ آباد علائقي جو اهڙو کڙپيل زميندار هو جو وڻ پيا وڄندا هُئا. پڻس حال حيات هو ۽ اسلام آباد ۾ هڪ اهڙي کاتي جو اعليٰ عملدار هو جو، جڏهين مُلڪ جي ڪنهن به حصي ۾ فون کُڙڪائيندو هو ته فون وصول ڪرڻ وارو پاڻ کُڙڪي ويندو هو.

سارا پورا ڏهه سال گجگاه مُلڪ آمريڪا ۾ رهڻ کان پوءِ وطن واپس وري رهي هُئي.

*

روز منجهند جو ڳرين وکن سان گهر موٽندڙ سدا جو سُست مقيم جڏهين گهر پهتو، ۽ سوڙهي ۽ رُگهيل ڪمري ۾ گهڙي کڙ کڙ ڪري هلندڙ پکي جو بٽڻ آن ڪري دوست کان ورتل ڪتاب کڻي کوليائين. پهرئين ئي صفحي تي کيس قازقستان جو لوڪ گيت نظر آيو، ”اسان جي وطن جون زمينون هَرن سان نه، پر گهوڙن جي سُنبن سان کيڙيون وينديون آهن. اسان جي ٻنين ۾ ٻِجَ جي بدران سِرَ ڇٽيا ويندا اهن، اسان جي درياء ۾ ايترو پاڻي ناهي، جيترا مارجي ويل مٿيرن جي وَنين جا لُڙڪ آهن.“- اهي سٽون پڙهي کيس لڳو ته هُو کٽ تي نه پر جهاز ۾ ويٺو آهي ۽ جهاز اهڙن مُلڪن ڏانهن اُڏامندو پيو وڃي، جتي اهڙيون سِٽون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري لکن جي تعداد ۾ ڇاپيون وينديون آهن.

مقيم جو ڏاڏو مرهيات مُهراڻي ۾ اُٺين جو وڳُ چاريندو هو. پڻس حال حيات هو، ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ پنهنجيءَ حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڄاتل سڃاتل همراهن هٿان ڇهه خون ٿيڻ کان پوءِ جوابدار جهلي نه سگهيو هو. نتيجي ۾ صوبيداريءَ سان گڏ دُنيا دورِنگيءَ کي لت هڻي، گذريل ويهن سالن کان عبادت جي مشق ۾ غرق هو.

مقيم گذريل چئن پنجن سالن کان مغرب وڃڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. هڪڙي اک پوري ڌيرج سان گولڊ ليف جي سگريٽ مان هلڪي ڦُوڪ ڀري ڳالهه کي چوريندڙ سارا کي آمريڪا ۾ رهي ڪري اهوئي نظر آيو ته آمريڪا جي اُڀ تي روز سج اُڀرڻ جي بدران ڊالر جو نوٽ اُڀرندو آهي، ٻن ڀريل اکين سان موڪلائڻ جي بدران ٻن جرڪندڙ آڱرين سان ٽاٽا ڪئي ويندي آهي، عمرين جا سودا ٿيڻ ۽ سِرن جون بازيون لڳڻ جي بدران ڪجهه ويڪ اينڊس جو وهنوار هلندو آهي، پٽ کي ماءُ جي پيار کان وڌيڪ ڪمري جي پرائيويسي عزيز آهي ۽ پيءُ جي دل ڌيءَ ۾ اٽڪيل هئڻ جي بدران گهڙيءَ جي ڪانٽن ۾ ڦاٿل هوندي آهي.

”هُنهه! اهڙي ملڪ ۾ رهڻ جي بدران مٺڙي مُلڪ جي ڪنهن درياء ۾ ٻُڏي مرجي ته چڱو آهي.“ سارا دل ۾ چيو ۽ لاهور ايئرپورٽ تي بيٺل جهاز مان هيٺ لهڻ لڳي.

*

سستو سگريٽ مُٺ ۾ ڀيڙي تکو سُوٽو هڻي کنگهه ۾ ٻُڏي ويندڙ مقيم کي پنهنجي مُلڪ ۾ رهي ڪري اهوئي نظر آيو ته سندس وطن نڪارا گوئا جي لوڪ گيت جي اُها ڇوڪري آهي. ”جيڪا مُرڪندي مُرڪندي واگهه تي چڙهي ويٺي ۽ واگهه پنهنجيءَ منزل ڏانهن روانو ٿيو. جڏهين واگهه منزل تي پهتو ته ڇوڪري غائب هُئي ۽ ڇوڪريءَ جي مُرڪ واگهه جي چپن تي ڇانيل هُئي.“

کيس پنهنجو ديس اُڀ جي اک مان ڪريل وڏو لُڙڪ لڳو هو.

”هنهه! ههڙي مُلڪ ۾ رهڻ جي بدران يو. ايس وڃي اُتان جي بيٽ جنريشن جي ليکڪن ۽ پاپ سنگرز وانگيان موتمار نشن جا شاٽ هڻي چاليهن جي ڄمار کان اڳ ۾ ئي مري وڃجي ته چڱو آهي.“ مقيم دل ۾ چيو ۽ اڳيان پيل اخبارون کڻي ڪم جي خبرن تي ٽِڪ مارڪ ڪرڻ لڳو.

*

سارا سامان ريڙهي تي رکي جيئن ئي ٻاهر آئي ته کيس ٻين سان گڏ فاروق به بيٺل نظر آيو. فاروق کي ڏسي سارا جي مُرڪ جي رونق سندس چپن ۽ اکين تان ٿيندي نظر جي عينڪ جي شيشن ۾ جرڪڻ لڳي.

پوسٽ گريجوئيشن تائين ٻئي ڄڻا لاهور ۾ گڏ پڙهيا، پر ائين نظرن جي پهري ۾ ڪاريڊارن ۾ ڪُلهو ڪُلهي سان لائي مليا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ سياست تي بحث ڪندي پاڻ ۾ اٽڪيا ۽ وري سرچيا ۽ هڪڙي ئي ڊيڪ تي دلين ۾ دونهيون دُکائيندڙ نيم ڪلاسيڪي سرائيڪي ڪافيون ٻُڌائون، پر سندن ”دوستي“ ”عشق“ ۾ تبديل ٿي نه سگهي.

فاروق نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن جو ويڙهاڪ ورڪر هو ۽ پستول جي ناليءَ کان وٺي اسٽيج تي پيل مائيڪ سان فائر ڪري پئي سگهيو، پر هُو پاڻ ۾ ايتري همت پيدا ڪري نه سگهيو جو سارا کي چوي ته ”آءٌ توتي مران ٿو.“ وڏا وڏا شينهن اِنهيءَ هنڌ تي پهچي پڇ لڙڪائي ويهي رهندا آهن. ٻئي پاسي پنهنجيءَ مستيءَ ۾ مست سارا جي ذهن ۾ اهو لاڙو ڇپ هڻي ويهي رهيو ته جيئن ڪا عورت ڪنهن عورت جي ۽ ڪو مرد ڪنهن مرد جو گهاٽو دوست رهي سگهي ٿو، تيئن ڪا به عورت ڪنهن به مرد جي سُٺي گهاٽي دوست رهي سگهي ٿي. وڏي ڳالهه ته فاروق ساڻس اهڙي ڪا ڳالهه ئي نه ڪئي. جي ڪجهه چوي ها ته سارا شايد دوستيءَ جو ڀرم رکي وڃي ها، ائين ئي جيئن آمريڪا ۾ ڪجهه ويڪ اينڊس ڪنهن ايرانيءَ سان گذاريون هُئائين.

سارا جي آمريڪا وڃڻ کان پوءِ فاروق شادي ڪري ڇڏي هُئي ۽ سارا جي واپس اچڻ تائين فاروق هڪ عدد پُٽ جو پيءُ بڻجي چڪو هو. زال سان پهريان ٻه ٽي سال سُٺا ۽ پويان چار پنج سال بور گذارڻ کان پوءِ اهڙا امڪان پيدا ٿي پيا هُئا ته هن ڀيري جيڪڏهن فاروق دل چيري سارا جي سامهون رکي نه سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ قميص جا بٽڻ ٽوڙي پنهنجي ڇاتي تي ڏيکاري پئي سگهيو.

*

”ٻڌو اٿئون ته صاحب بدلي پيو ٿئي.“ مقيم جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ واحد ڇوڪريءَ شازيه ڪانوينٽي انگريزيءَ ۾ ڦرڙاٽ ڪيو. ”انهيءَ خوشيءَ ۾ چانهن ٿي وڃي.“

اهڙا افواهه آئي ڏينهن آفيسن ۾ اُٿندا آهن ۽ پوءِ ڪوڙا ثابت ٿيندا آهن. شازيه کي به خبر هُئي ته اهو ٺلهو اُفواهه آهي، پر سندس اصل دلچسپي اُفواهه کان وڌيڪ مقيم سان ويهي چانهن پيئڻ ۾ هُئي. سڌو سادو ڳوٺاڻو کيس رف ٽف ۽ بُل لڳندو هو، اِنهيءَ ڪري کيس وڻندو هو.

مقيم جڏهين ماستري ڪندو هو تڏهين لاڪانئس هر ڳالهه مسئلو هوندي هُئي سواءِ عورت جي. هُو سر اڏيءَ تي رکي لوڙهن لتاڙڻ جو شوقين هو. سو شازيه به ڪا مٿان لهي نه آئي هئي. پر شازيه ۾ اُها سگهه، اصليت ۽ گهرائي نه هُئي جيڪا ڳوٺاڻين ڇوڪرين ۾ هوندي هُئي. مغرب وڃڻ جا خواب ڏسڻ وارو مقيم جڏهين تصور ئي تصور ۾ جهاز تي چڙهندو هو ته اُهو جهاز اُڀ جي نيراڻ مان ٿيندو ڪڏهين ڪڏهين ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي اکين جي ڪاري اُڀ ۾ اُڏامڻ لڳندو هو.

”انهيءَ هوندي به هُو جيڪڏهن شازيه کي بنهه ويجهو نه پوندو هو ته ايترو پري به نه ويندو هو. هَٿ هٿن سان لڳن يا نه، پر چانهن جو ڪوپ ڪوپ سان لڳي ويندو هو. اِنهيءَ ڪري اهڙا امڪان بيٺا هئا ته اڄ نه، ته سڀاڻي ڪوپ جي بدران مقيم جا هٿ شازيه جي هٿن سان وڃي لڳن.

 

*

”يار ڳالهه ٻُڌ. بابا اسلام آباد ۾ فائلين ۾ وڃائجي ويو آهي. امان اسلام آباد واري گهر جي گيٽ تي بابا جي انتظار ۾ اکين جو مُصلو وڇائيو ويٺي هوندي آهي. ادو بارڊر تي آهي. منهنجين ٻنهين ڀيڻن جو اڌو وقت ڊريسنگ رومز ۾ اڌ وقت دعوتن اُڏائڻ ۾ گذرندو آهي. ڇڙو مامو وڃي بچيو آهي، جيڪو ٻئي ٽئي ڏينهن مون وٽان اچي نڪرندو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان کي ياد ڪري روئندو آهي. مامي جون ڳالهيون مون کي وڻنديون آهن. پر باقي وقت ڪيڏانهن ڪريان؟ آءٌ ڪم ڪرڻ ٿي چاهيان.“ ائين چئي سارا عينڪ لاهي صاف ڪرڻ لڳي.

”ڪهڙي ڪم ڪرڻ جو ارادو اٿئي؟“ فاروق سارا جي ننڍڙين ۽ اندر پيل اکين تان نظر هٽائي، سندس ڳاڙهه سري ڳل کي چُمندڙ سونهري رنگ جي وارن جي چڳ ڏانهن نهاريندي چيو.

”توکي منهنجي خبر آهي. آءٌ ڪنهن به ايڊورٽائيزنگ ايجنسيءَ ۾ تخليقي جاب ڪري سگهان ٿي. ڪنهن به انگريزي اخبار يا رسالي ۾ ڊزائينگ کان وٺي آرٽيڪل لکڻ تائين جو ڪم ڪري سگهان ٿي. ڪپڙن جي ملن لاءِ نيون نيون ڊزائينون ٺاهي سگهان ٿي. پر انهن سڀني ڪمن مان مون کي آمريڪا جي بُوءِ اچي ٿي. جيڪا هاڻي منهنجيءَ سهپ کان ٻاهر آهي.“

جيڪو ڪم ڪرڻ اچيئي ٿو، اهو ڪرڻ نٿي چاهين ته باقي ڇا ڪندينءَ؟ ”فاروق سارا جي ڊگهين آڱرين ۾ اکيون وجهندي پڇيو.

”فوٽو گرافي.“

”فوٽو گرافيءَ مان آمريڪا جي بوءِ نه اينديئي؟“

”نه. ڇوته ڪئميرا ڪٿان جي به هُجي پر اکين ۾ ته وطن جا وڻ وسائيندي.“ سارا هڪڙي اک پوري سگريٽ مان هلڪي ڦُوڪ ڀري، ”نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي دوستن کان ٻڌو اٿم ته سنڌ ۾ رنگن جي بهار ٽڙيل آهي. اها بهار آءٌ ڪئميرا جي اک سان ڪڍڻ ٿي چاهيان.“

”اصل بهار ته تو ۾ ٽڙيل آهي.“ فاروق کان رهيو نه ٿيو.

”اِهو مُنهن تي عورتن جي واکاڻ ڪرڻ جو چيپ ڌنڌو ڪڏهين کان اختيار ڪيو اٿئي؟“ سارا فاروق جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.

فاروق جي دل ۾ جيڪا تيلي دُکي هُئي سا ڀڙڪو ڏيئي وسامي ويئي. ٻه ٽي مهينا اڳ به فاروق سان اهڙي واردات ٿي چُڪي هُئي. الائي ڪهڙن خيالن ۾ اچي پي ٽي ويءَ جي نمبر ون اداڪاره کي چئي وڌائين  ”آءٌ تنهنجو فئن آهيان.“ جواب مليس ”پيڊسٽل فئن يا ڇت ۾ لڳل فئن؟“

اڄ کيس ٻيو ڌڪ لڳو هو.

 

جيون جو خاليپڻو

مشتاق احمد شورو

کوري ۾ ڪچي مٽيءَ جون سرون پچي پٿر وانگر سخت ٿي وينديون آهن ۽ کوري جيان ٻرندڙ هن کوليءَ ۾ ته آئون نه ڄاڻان ڪيترون ورهين کان پچندو رهيو آهيان پر پوءِ به ٽانڪو ٿانو جيان ڀڄندو ڀرندو رهيو آهيان، ۽ هاڻي جيون جي پوياڙي واري پهر ۾ جڏهن به گذري ويل وقت بابت ويچاريندو آهيان ته اهو به مون کي آئيندي وانگر اونداهو ۽ انڌڪار ئي لڳندو آهي. هونئن به منهنجي هجڻ ئي عجيب ڳالهه آهي، ۽ آئون ڇو ۽ ڪئين آهيان جو سوال هر وقت- وقتو بي وقتو منهنجي ذهن ۾ ڦرندو گِهرندو ٿو رهي. اهڙين گهڙين ۾ به جڏهن مون کي ڪا ٿوري خوشي- لِک ساعت لاءِ ئي سهي، ملندي هئي ته اهو سوال اها ٿوري خوشي به کسيو،  مون کي اونداهيءَ ۾ ڌڪيو ڇڏيندو هو. اصل ۾ سوال اهم ناهن، انهن جي جوابن جو هجڻ اهم آهي يا شايد ان کان به وڌيڪ جوابن جي اطمينان جوڳو هجڻ وڌيڪ اهم آهي. پر خود ”اهم“ کي ڪهڙي اهميت آهي، ان جي خبر مون کي ڪڏهن به پئجي نه سگهي.

لڳي ٿو ته اڄ جو ڏينهن پوين پساهن ۾ آهي، سج پنهنجي تپندڙ باهه کي اونداهي ۾ لڪائي ڇڏيندو- ڪجهه ئي دير ۾، ۽ مون کي وڙڪڻ لاءِ نڪرڻ کپي، هونئن اهو ايڏو ضروري به ڪونهي پر پوءِ به هتي ويهي به ڇا ڪجي. ڪرڻ لاءِ ته ڪٿي به ڪجهه ڪونهي. کوليءَ مان نڪرندي مون کي ائين پيو لڳي ته ڄڻ لاش قبر مان نڪري رهيو هجي. ٻُڏندڙ سج ۾ لڱن کي ساڙيندڙ ڄر اڃا به آهي پر هتي کليل هوا.....! ها پر ڪوسي....

اصل ۾ منهنجي بدمزاج، چيڙاڪ، خشڪ طبيعت ۽ اڌ چريئي (خبر ناهي اڌ چريو ڇا ٿيندو آهي) هجڻ جو لاڳاپو منهنجي ذهن ۾ اُڀرندڙ انهن سوالن سان قطعي ناهي، جن جو ڪو جواب ناهي، پر پوءِ به.... خير اهو ته صحيح آهي ته منهنجو رويو ڪنهن سان به سٺو نه رهيو آهي پر ان ڳالهه جو ڪو اهڙو اثر وٺڻ به نه گهرجي. اصل ڳالهه جيڪا ڪڏهن ڪڏهن مون کي پريشان ڪندي آهي ته گهڻي وقت کان مون کي ڇتو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته مون کي ڪا خطرناڪ ڳجهي بيماري آهي. اهڙي بيماري جيڪا مون کي نهوڙي نيندي. اصل ۾ ان کي ڪا اهميت ته ڪانهي، موت کان هميشہ لاءِ، سدائين لاءِ ڀڄي يا لڪي ته نٿو سگهجي، مرڻو ته آهي ئي، هاڻي نه، ته پوءِ، ڳالهه رڳو ڪجهه وقت جي مهلت جي آهي پر اها به ڇا لاءِ؟ شايد ائين جيئن، موت جي سزا پاتل شخص اپيلن، رحم جي درخواستن ۽ هيٺئين ڪورٽ ۾ ڪنهن رهجي ويل قانوني نقطي جي بهاني نئين سر ڪيس هلائڻ لاءِ درخواستن وسيلي مهلت وٺندو رهندو آهي. پر آئون پوڙهو به ٿي ويو آهيان، حياتيءَ جي شايد پڇاڙيءَ واري ڏاڪي تي بيٺل.

مون کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو آهي ته موت ۽ زندگي آهن ڇا؟ حقيقت ۾ ڪائنات جون لڪل آسماني قوتون انسان کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيون آهن، شايد سمجهي سگهن ئي نٿيون ۽ ان ڪري ئي انهن جي حملن؛ ڌڪارن، ڪاوڙ، ڏمر جو رخ انسان ڏانهن ئي آهي ۽ انسان ۽ انهن قوتن جي وچ ۾ ڪا ڪميونيڪيشن به نظر نٿي اچي ۽ ڪابه ڪميونيڪيشن ممڪن ئي ڪونهي، شايد جيون جي ٽرئجڊي اهائي هجي.

رستن تي گوڙ، گُهٽيندڙ دونهن، مٽي، دز، گرمي، هلڻ به ته عذاب آهي، ڄڻ اها به ڪا سزا ئي هجي، هونئن ته انسان جي جنم جي به عجيب ڪهاڻي آهي، پر هن جو هجڻ اڃا به وڌيڪ اسرارن سان ڀريل آهي، سمورو وجود ئي هڪ وڏي ٽرئجڊي آهي، سمجهه ۾ نه ايندڙ، مُنجهيل، اصل ۾ ماڻهو موت جي سزا پاتل ان قيديءَ جيان آهي، جنهن آخرين خواهشن جي روپ ۾ ڪنهن وئشا سان همبستري ڪئي، پوءِ ان مان حادثاتي طور ڪو اپاهج جيو پيدا ٿيو ۽ قيدي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ بنائي ڦاهي چڙهي وڃي، ۽ پوءِ اهو جيو هن قيديءَ جي باقي سزا لوڙيندو رهي، بنا ڪنهن ڏوهه جي.

انسان جي آئيندي بابت پاڻ سان آسن- اميدن جا ڀنڊار کڻي هلندڙ اُٺ پکين، سڌڙين تي مون کي اڳي کل ايندي هئي ۽ هاڻي ڏاڍو قياس ايندو آهي ۽ اڳتي هلي شايد روئڻ به اچي يا ڏک ٿئي- ويچارا، آئون به ته انهن اُٺ پکين مان هڪ آهيان يا ٿي سگهي ٿو ته الڳ ٿلڳ هجان، ڪجهه ٻيو ئي، منهنجي ته هونئن ڪنهن سان به ڪا گهري ڄاڻ سڃاڻ يا گهڻي ڏيٺ ويٺ ته آهي ئي ڪونه، کڻي ائين چئجي ته منهنجي ڪنهن سان به ڪا عليڪ سليڪ ئي ڪونهي، پر پوءِ به بنا ڄاڻ سڃاڻ جي به ماڻهو مون کي چريو، اڌ مغزي، سنڪي ۽ الاجي ڇا ڇا سمجهن ٿا. مون کي پاڻ به خبر ناهي ته آئون ڇا آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ويچاريندو به گهڻو آهيان ان مسئلي تي، پر ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيو آهيان، شايد منهنجي دماغ جون سمجهڻ، پرکڻ جون فئڪلٽيز بي اثر آهن، ڏڏ ۽ ڪُند ذهن ته آئون آهيان ئي. ها پر شايد ماڻهن جي مون بابت راءِ جو اڌار اهو آهي ته آئون الڳ ٿلڳ، گوڙ ۽ هجوم کان پري رهان ٿو، ماڻهن جي وش- سلام جي موٽ نه ڏيندو آهيان. دراصل ٻين ماڻهن سان مون کي ڪڏهن به مزو نه ايندو آهي، مزو نه اچڻ ته پري رهيو پر هڪ سخت قسم جي بوريت، ڪراهت يا اهڙي ڪجهه نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيت ٿيندي آهي منهنجي! هجوم ۾، ماڻهن ۾، ڪجي به ڇا انسان ويچاري جي چوڌاري، ارگرد رڳو ديوارون ئي ديوارون آهن، اڻ کٽ- لامحدود، ماڻهو نيٺ به ڪيتريون ديوارون ٽپندو. ايترو ساهس ماڻهو پاڻ ۾ آڻي ڪٿان. انساني سگهه ۽ ماڻهوءَ جي آئيندي تي مون کي تِر جيترو به ويساهه ناهي پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن اهو ويچار زوريءَ ذهن ۾ گهڙي ايندو آهي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو ماڻهو آسمانن کي سمونڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٿيو آهي جو مون بدصورتين کي خوبصورتين ۾ بدلائڻ جا سپنا لهڻ ڇڏي ڏنا آهن، يا ڇڏڻ جي جاکوڙ ۾ آهيان- شايد بيماريءَ جي ڪري يا شايد....؟

۽ ها اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڳجهي بيماريءَ جو بَک بڻيل جي ناتي ۽ موت کي اکين سان ڏسندي جيون ڏانهن منهنجي اپروچ ۽ لاڙي ۾ ڪوڙاڻ اجائي وڌيڪ هجي يا بلڪل بي بنياد، بنا ڪارڻ جي. پر سوال اهو آهي ته منهنجي ان بدصورت، مڪروهه حالت جو/ لاءِ ذميدار ڪير آهي. اها حالت جيون کان ٻاهر جي ڌارين شيءِ آهي يا جيون جي انيڪ بيهودگين مان آهي. پر ڇا اهو ضروري آهي ته ان تي اجايو مٿو ويهي هڻجي. هڙ حاصل....؟

حيرت- اچرج ڏياريندڙ ڳالهه ته اها آهي جو ماڻهو ان جيون سان بي انتها- چريائيءَ جي حد تائين پيار ٿو ڪري، جنهن جو گهڻو- تڻو وقت قدرت جي بيرحمين جي هراس، ڀؤ ۾ گذري ٿو ۽ باقي حصو پنهنجين لاچارين، محرومين، ڏکن تي ماتم ڪندو، وار پٽيندو ڪٽجي ٿو. جيون آهي ڇا ان جي ته خير مون کي ڪا پروڙ ڪونهي، باقي جنهن اذيت سان اهو ڪٽجي ٿو سو منهنجي ليکي سهپ کان ٻاهر ضرور آهي. سچ ۽ حقيقت اها آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪُل زندگيءَ جو لڳ ڀڳ سڄي جو سڄو حصو اذيت ناڪ بيماريون ڪاٽيندو، ضرورتن جي پورائي لاءِ مٿا ڪُٽ ڪندو، اجهي ۽ پيٽ جي بک لاهڻ لاءِ حرفتون هلائيندو، ٻين جي هٿان ذليل، بي عزتو ٿيندو، حالتن هٿان مار کائيندو، تڪليفون، اهنج، ڏک، اذيتون سهندو گهاريو ڇڏي. مٿان وري ٻار پالڻ، ٻارن جي آئيندي لاءِ فڪرمند ٿيڻ جو عذاب ۽ هن مٿان هر وقت ڪنهن ائڪسيڊنٽ، اپاهج ٿي پوڻ، يا ڪنهن اوچتي آفت جي ڪڙڪي اچڻ جي تلوار ته لٽڪندي ئي رهي ٿي. ان سڀ کان پوءِ ڇا ماڻهوءَ وٽ پنهنجو پاڻ لاءِ ڪجهه بچي ٿو؟ ٿوري خوشي، ڪو آزاديءَ جو پل؟ جي ماڻهو جي پنهنجي حياتي پنهنجي ناهي ته باقي هن جو آهي ڇا؟ پوءِ به جيون لاءِ موهه جو ڪارڻ؟

۽ وقت جو ائين بي رحميءَ سان گذرڻ به ته سمجهه کان ٻاهر آهي. ائين ڏسندي، ڏسندي آئون ڪيترو نه پوڙهو ٿي ويو آهيان. ڪيڏي نه لاچاري آهي ائين گهٽيل، ٻوساٽيل وايو منڊل ۾ رهڻ. آئون ته هونئن به ڪافي پٺتي رهجي ويو آهيان، جيون جي هر ڊوڙ ۾، ڄاڻ جي ڊوڙ ۾ شين کي سمجهڻ جي ڊوڙ ۾، ۽ ٻين سان گڏجي هلڻ جي ڊوڙ ۾. ڪيڏي نه وڏي ٽرئجڊي آهي جو ماڻهو ويچارو مار کاڌل ڪُتي جيان وقت سان گڏ پڇ لٽڪائي هلڻ تي لاچار آهي ۽ وقت هن کي پٺتي ڌڪيندو، اڳتي نڪرندو پيو وڃي.

منهنجو پوڙهو ٿي وڃڻ به منهنجي بدمزاجيءَ جو ڪارڻ هجي به کڻي يا ٿي سگهي ٿو ته سڄي ڄمار جون محروميون، ذلتون، اذيتون ۽ بي عزتيون منهنجي چيڙاڪ طبيعت ۽ پنهنجو پاڻ تائين محدود ٿي وڃڻ لاءِ ذميدار هجن. خواهشن، آسن ۽ جذبن جو نه ته ڪو ڌرم هوندو آهي؛ نه رنگ ۽ نه ئي ڪو نسل ۽ انهن جي پوري نه ٿيڻ/ حاصل نه ٿيڻ جي پيڙا جي بدصورتيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا بدصورتي هن ڪائنات ۾ نه هوندي.

هن ڪار واري ته ذري گهٽ ماريو هو. ڪابه شيءِ ٺيڪ نه ٿي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته ڪجهه به ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي. بيزاريءَ، بي سُکائيءَ وچان ائين اٿي رستن جو منهن ڪندو آهيان. اڳي، گهڻو پري نڪري ويندو هوس ۽ هاڻي گهڻو هلڻ جو ساهس ته نه رهيو آهي، پر تڏهن به ڪافي وقت ٻاهر رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، هن کولي ۾ ته ساهه مُنجهي ٿو. خبر ناهي ڇو آئون ائين بي خياليءَ ۾ هلندو بنا ڪنهن ڪارڻ جي هن اُجاڙ ويران عمارت ڏانهن ڇڪجي ايندو آهيان جا بندش پوڻ کان اڳ بار هئي. اڳي آئون گهڻو ڪري، ان بار جي اڳيان اچي بيهي رهندو هوس، اتي بيٺي بيٺي مون کي لڳندو هو ته اهو بار ڪا جنت آهي ۽ منهنجا ڏوهه ايترا ته گهڻا آهن جو آئون ان جنت ۾ پير به نٿو رکي سگهان. اهو ويچار منهنجي ذهن ۾ هر ڀيري ايندو هو، جڏهن به آئون بار اڳيان لنگهندو هوس ۽ بار ۾ ڪنهن کي ويندو ڏسندو هوس. هونئن به زندگيءَ ۾ ايتريون ڪيتريون ئي جنتون آهن جن جا دروازا مون تي بند آهن ۽ دوزخ جو دروازو نه رڳو کليل آهي پر آئون انهن دوزخن ۾ ڌڪيو- اڇلايو ويو آهيان آئون ڇا! هر ماڻهو ڌڪيو وڃي ٿو. ڪنهن وٽ ڪا جنت آهي به يا نه سا ته خبر ڪونهي، پر آئون ڀانيان ٿو ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجو پنهنجو دوزخ ضرور آهي، جنهن ۾ هو پڄري ۽ سڙي ٿو. ڪابه اهڙي پناهه گاهه نه آهي، ماڻهوءَ جي اجهي لاءِ. مون کي ته لڳي ٿو ته سڄي ڄمار ان بار جي اڳيان بيٺي بيٺي، ان آس ۾ گذري ويئي ته هوند آئون به ان بار ۾ وڃي سگهان.

هر ماڻهو اهو ويچاريندو آهي ته، هن مهل هاڻي جيڪي ڏک تڪليفون آهن سي سکن ۾ بدلجي وينديون. ڪڏهن نه ڪڏهن ته ڏينهن مٽجندا، وقت ساڳيو نه رهندو. اڻ ڄاڻ آئيندي جي آس ۾ ڄمار گهارڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي، جڏهن ته آئيندي جو ڪو وجود ئي ڪونهي، اڳتي هلي بدلجندو ٻيو ڪجهه به نه؛ رڳو ڄمار وڌندي ۽ ماڻهو مري ويندو. جيڪو وقت گذري پيو انسان کي جسماني طور تي ٽٽڻ ڏانهن وڌائي رهيو آهي، انت ڏانهن، وقت جي گذرڻ مان چڱي وقت جي آس رکڻ جي لاجڪ ڪهڙي آهي سا ته مون کي خبر ڪونهي، پر ڪڏهن نه ڪڏهن جو وقت اچڻو ناهي، ڪڏهن نه ڪڏهن ته رڳو موت ئي اچڻو آهي. اهو ئي هڪ اڻٽر سچ آهي. هونئن به ڇا ٿو ڪري سگهجي، ماڻهو ويچارو انتهائي مايوسي اذيتن ۽ پيڙا کان بچڻ، لنوائڻ لاءِ واريءَ جا ڪوٽ اڏيندو رهندو آهي. نه دولت، نه پئسو، نه طاقت، نه نالو، نه مشهوري ماڻهوءَ کي موت جي چنبي کان آجو ڪري سگهن ٿا.

جيڪي ڪجهه آئون ويچاريان ٿو يا سمجهان ٿو کڻي صحيح نه به هجي، پر مون کي ته ائين ٿو لڳي. جيڪڏهن ڪو مون سان ان تي بحث ڪري ته شايد مون وٽ پنهنجن ويچارن جي بچاءُ لاءِ زوردار، اثرائتا ۽ قائل ڪرڻ جوڳا دليل نه هجن ۽ آئون وات پٽيو ٻئي شخص کي ڳالهائيندو ڏسندو رهان، پر جيڪي ڪجهه مون سان وهيو واپريو آهي، ان جي آڌار تي آئون ڪجهه ٻيو جيڪو منهنجي لاءِ ناهي ان تي سوچيان سو ممڪن ڪونهي. هاڻ جڏهن آئون هيترو پوڙهو به ٿي ويو آهيان ۽ گذرندڙ هر پل منهنجي هجڻ ۽ نه هجڻ جي وچ جي وڇوٽيءَ کي وڌيڪ سوڙهو ڪري رهيو آهي، اتي جي هيءُ ڪائنات رهي نه رهي منهنجي لاءِ ڪو فرق پوي به ٿو ڇا؟

ماڻهو چون ٿا ۽ مون کين چوندي به ٻڌو آهي ته فلاڻو (آئون) پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي بڇڙو ٿي مرندو، بنا اولاد جي. بي اولاد ماڻهوءَ جي حياتي به ڪا حياتي آهي. خير ماڻهن جو ڇا آهي، پنهنجن ڏکن محرومين، ناڪامين ۽ مونجهارن کان لنوائڻ لاءِ ٻين جي معاملن ۾ ٽنگ اٽڪائڻ، ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ به هڪ سٺو طريقو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ٻار پيدا ڪرڻ ڪرمنل ايڪٽ آهي، مجرمانه قدم. ائين هروڀرو گندا ڪيڙا پيدا ڪري قدرت جي بيرحمين تي ڇڏي ڏجن، نه ڪيل ڏوهن جي سزا ڪاٽڻ لاءِ ٿي سگهي ٿو ته ٻار جيستائين ڪتي جو ڪردار ادا ڪندا هجن، يعني پٺيان لور لور ڪري گهمن، ماڻهو لاءِ تفريح جو ذريعو/ سامان بڻبا رهن تيستائين ته شايد ماڻهوءَ جو ٻارن ۾ موهه رهي ٿو ۽ ٻار خوشيءَ جو وسيلو به هجن پر جڏهن ٻار نه چوڻ سکن ٿا، رد ڏيئن ٿا، دليل بازي ڪن ٿا ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن ٿا ته پوءِ ڏٺي ئي نٿا وڻن. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته جي ڪو پنهنجي خوشي يا خواهش جو ٻليدان ڪري ڪنهن کي ڏک، تڪليف يا اذيت کان ڇوٽڪارو ڏياري يا ڪنهن جي زندگي بچائي ته ان جو بي انداز ثواب ۽ اجر ملندو. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ مون گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ته حياتين کي ڏکن، اهنجن، بيمارين ۽ موت کان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، شادي نه ڪري ۽ ٻار پيدا نه ڪري. ثواب جي اجر جي ته مون کي سُڌ ڪونهي پر ڄمڻ واري لاءِ جيڪي ڪجهه گهڙيو رکيو آهي. تنهن کان ان معصوم کي بچائڻ جو طريقو اهو آهي ته شعوري طور تي ٻار پيدا نه ڪجي.

هونئن به هن ڪائنات ۾ مطلب کي ئي ڪو مطلب نه آهي. ڪنهن مقصد لاءِ زندگي وڃائڻ جي آس ۽ ان ۾ ڪامياب نه وڃڻ يا هيئن کڻي چئجي ته ڪو مقصد اڳيان رکي ماڻهو هلي پوءِ ان ۾ ڪامياب نه وڃي اها حالت ته انسان شايد برداشت ڪري وٺي پر اها حالت جنهن ۾ هو بي انتها جاکوڙ کان پوءِ رٿيل/ چاهيل مقصد تائين پهچي اهو ڄاڻي ته درحقيقت ان مقصد جو ته ڪو مقصد ئي ڪونه هو، اهو ته سڀ بي معنيٰ هو، ته پوءِ اها حالت ماڻهوءَ کي ٽوڙي پرزا پرزا ڪري ٿي ڇڏي.

هونئن به ماڻهوءَ کي گهڻا جهنجهٽ سانڍڻ نه گهرجن، سپنا لهڻ به... پر ماڻهو ڪري به ڇا؟ ڪيڏو نه هيڻو، نٻل، لاچار آهي. اڪيلائيءَ کان بچڻ لاءِ پيار ڪري، ڪنهن کي پاڻ سان جوڙي ۽ پوءِ به اڪيلوئي رهي ۽ پيڙا الڳ جي پالي وٺي، تيز، تکيون روشنيون ڏسڻ جا سپنا لهندي لهندي- گهري گُهگَهه اونداهه ۾ ڌڪجي وڃڻ ڪيڏو نه ڀيانڪ آهي ذليل، ڪميڻي زندگي، بلڪل ڪُتي جي ڀؤنڪ، مون کي ته جيون جي ڪنهن به ڏاڪي تي، ڪنهن به موقعي تي اها ڪَلِ نه پئجي سگهي ته پيار، محبت، ٻئي ڪنهن شخص لاءِ خوار خراب ٿي مٽجي وڃڻ نيٺ ڪهڙو جذبو آهي. مون لاءِ ته پيار رڳو هڪ لفظ ئي رهجي ويو آهي جنهن ۾ بار بار کوج ڪندي به مون کي ڪجهه به نه مليو آهي. اهو عجيب ناهي ته ٻه الڳ الڳ شخصيتون جيڪي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مڪمل هستيون آهن، جن جا ويچار، پسندون، زندگيءَ بابت لاڙا، ناپسندون، ذائقا وڏي ڳالهه ته شخصيتون ڌار ڌار هجن سي ڪئين ٿا محسوس ڪن ته هو هڪ ٻئي کان سواءِ مڪمل ناهن، هڪ ٻئي کان سواءِ رهي نٿا سگهن. اهو جذبو ٿي سگهي ٿو ته ڪا معنيءِ رکندو هجي پر پوءِ اُهي آدرش ائين هڪدم ٽٽن به ته ٿا نه. حقيقي زندگيءَ جي تلخين ۽ ڪوڙاڻ جي منهان منهن ايندي جي ٿوري به ڪسر نه وڃي يا انا کي ڪو ڇيهو رسي ته پوءِ اهي گڏ مرڻ جيئڻ جا سُنهن کڻندڙ، بي انتها پيار ڪرڻ وارا جوڙا (ها جوڙا ئي ڪوٺي سگهجي ٿو، ٻيو مناسب لفظ مون کي ملي نٿو) هڪدم بي انتها محبت کي نفرت ۾ بدلايو ڇڏين ۽ هڪ ٻئي کي ڏٺي ئي نه وڻندا آهن. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ته ماڻهو جنهن سان جنون جي حد تائين پيار ڪري تنهن سان نفرت به ڪري ويهي يا اهو اهڙو جذبو آهي جيڪو وقت ۽ حالتن سان ڦرندو ٿو رهي. ڪٿي ائين ته ناهي ماڻهو رڳو پنهنجي ذات سان پيار ٿو ڪري ۽ اڪيلائيءَ کان ڀڄڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ٻئي شخص ۾ ڳولي ٿو. ڪجهه به هجي پر اهائي محبت آهي، ڇا ٿو ڪري سگهجي. اصل ڳالهه ته خواهشن جي آهي. خواهشون آخر ڇو ٿيون ائين کنڀين جيان ذهن ۾ ڦُٽن ۽ انهن جي نه پوري ٿيڻ جي پيڙا ڇو ٿي ٿئي؟

وڏو عذاب آهي هر روز هڪ مئل ڏينهن جو جنم ۽ شخص ڏينهن جو لاش ڪلهي تي کنيو تهذيب جي گٽر ۾ ٿڙندو، ٿاٻڙندو ٿو رهي، هڪ ٻئي سهڻي صبح جا سپنا ڏسندي. تکو تکو، تڪڙ ۾ هلندڙ ماڻهن جي ذهنن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ شايد اهو خيال به نه ايندو هوندو ته اهو اڻڄاڻ، ويران، سُڃو ۽ اونداهو صبح خود ماڻهوءَ کي ڳڙڪائي ته نه وٺندو. ماڻهو ڪري به ڀلا ڇا هن جو پنهنجو ته ڪجهه به ته ناهي. هر شيءِ پرائي آهي. جي ڪا شيءِ هن جي آهي به ته ان تي وري هن جو وس نٿو هلي، جيئن ماڻهوءَ جا پنهنجا ساهه. نه شايد ساهه به هن جا پنهنجا ناهن، اوڌر تي ورتل پساهن جي سهاري پل پل جيئندڙ شخص مٿان وري آزار اهو آهي ته هن کي وڃايل موقعن، نا اميدين، ناڪامين ۽ محرومين جي ڪائنات ۾ رهڻو آهي. انسان به ٺيڪ ان طرح سان پاڻ کي پرچائڻ سرچائڻ جو سامان ويهي گهڙيو آهي جيئن روئندڙ ننڍي ٻار کي ڪوڙن دلاسن تي سرچايو ويندو آهي. شاندار آئيندو، ڌرم، ڏاتار، خلقيندڙ، ڀڳوان، خدا، مقصد، ملڪ، قوم، ٻين لاءِ جيئڻ، منافقيءَ جي به انتها، ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي. آهي ته سهي پر ٻيو ڪو سهارو به ته ناهي هيڏي ساري ڪائنات ۾ اڪيلي انسان لاءِ، جتي هڪ ستاري کان ٻئي ستاري جي وچ ۾ اربين، کربين روشني ميلن جو فاصلو آهي، ويچارو ماڻهو، انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو نه کٽندڙ سلسلو. ڇا ڪارڻ آهي؟ اهو ڪارڻ ئي ته آهي جنهن جي کوج ۾ ماڻهو ايڏو پريشان آهي، ماڻهو مريو وڃي ڪارڻ نٿو ملي. ٿي سگهي ٿو ته اهوئي ماڻهوءَ جو ڀاڳ هجي، ٺيڪ ڪجهه به هجي پر انهيءَ ڀاڳ جي ڪري جيڪا پيڙا، عذاب، اذيت، مونجهارا آهن تنهن جو ڇاڪجي؟ انهن حالتن ۾ جيئڻ جو ڪارڻ؟ هونئن ته خير ماڻهو سوين بهانا پيو گهڙيندو آهي. ذميداريون آهن. ننڍڙن ٻارن لاءِ جيئڻو ٿو پوي، هنن جو ڇا ٿيندو، پر منهنجو ته ڪير به ڪونهي نه ڪو اڳيان نه پٺيان، نه ڪو روئڻ وارو نه ئي ڪا ذميداري. پوءِ جيئڻ جي لاچاري ڇو؟ جڏهن ته بيمار به آهيان اهو به چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته مرڻ ته هونئن به آهي هڪ نه هڪ ڏينهن اڄ نه ته سڀاڻي، نه ته ڏهن سالن کان پوءِ، جي ڏهن سالن کان پوءِ ته اڄ ڇو نه؟ ماڻهوءَ کي مڙيئي بهانا کپن. لکين يتيم ٻار پلجي وڏا ٿي وڃن ٿا. اهي ذليل ڪيڙا ڪنهن نه ڪنهن ريت وڌي وڏا ٿيڻا ئي آهن. هن جڳ ۽ ڪائنات ۾ ماڻهوءَ سان جيڪو ڊوهه ٿيو آهي، دوکو ۽ دولاب ٿيو آهي ان جي ڪري ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ۽ پاڻ جهڙن ٻين سان دوکو ۽ ڊوهه ڪندو ٿو رهي. پر اهو سڀ ڪجهه ڇو، ڇا جي لاءِ؟ قدرت جي ظلم ۽ بي رحميءَ  جو ڀرپور جواب اهو آهي ته ماڻهو هيءَ بنا مرضيءَ جي مڙهيل زندگيءَ کي رد ڪري جيئڻ کان انڪاري بڻجي وڃي، ڇا ائين ممڪن آهي؟

مون کي ڪڏهن به اهو ويچار آيو ئي ڪونه ته آئون پاڻ جيئرو ڇو آهيان. ان کان به وڌيڪ ته نيٺ آهيان ڇو؟ منهنجو ڄمڻ، پلجڻ، وڏو ٿيڻ، گڏهه جيان روز ڏهه ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ منهنجو رويو مون جهڙن ٻين سان سٺو نه هجڻ، دماغ جو ڦريل هجڻ اهو سڀ هڪ حادثو هو يا ڪائنات ۾ اهو پهرين ئي طيءِ ٿيل هو ته مون کي ان طريقي سان ذليل ۽ خوار خراب ٿيڻو هو؟ جي طيءِ ٿيل هو ته منهنجو ڏوهه؟ اهو سڀ ڪجهه ڇا جي لاءِ؟ منهنجي هجڻ جو ڪو ڪارج؟ مون کي ته اڄ تائين منهنجي هجڻ جو ڪارج نظر نه آيو آهي. نيٺ انهن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو. ڏيندو ڪير به نه ۽ ماڻهو سوال جو نشان بڻجي مري ويندو.

ماڻهو ڀل ته جيئڻ کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ ڪيترو به پتوڙي پر جيئڻ هڪ اهڙي عادت آهي، جنهن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. نشي، هيروئن جو عادي ته اها هير ڇڏي سگهي ٿو، پر ماڻهو جيئڻ جي عادت نٿو ڇڏي سگهي. جي هڪ ٻانهن ڪٽجي وڃي ته به لولو ٿي جيئندو، هڪ ٽنگ خراب ٿي وڃي ته ٻي ٽنگ جي سهاري تي جيئرو رهندو ٻئي ٽنگون هليون وڃن ته به ويل چيئر تي يا سرڪي سرڪي به رڙهندو رهندو، بڪيون ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين ته ٻين کان ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني، خيرات يا پئسي تي بڪيون وٺيو موت کان مهلت گهريو وٺي. بڪيون ڇا جگر، دل، آنڊا، گُجيون سڀ جو سڀ بدلايو وٺي ۽ ان جو ڪو انت ئي ناهي. ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن به قيمت تي مرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن هر ڳالهه کان وڃي ٿو، اٿڻ، ويهڻ، هلڻ، چرڻ، ڦرڻ کان ته به بستري تي ٻه اکيون ٽمڪايو جيئندو ٿو رهي. جي اکيون به هليون وڃن ته به موت کان ڀڄندو ٿو وتي، شايد ذهن ئي موت کي نٿو قبولي، جڏهن جسم جا سمورا عضوا جواب ڏيو ڇڏين ته به ذهن زنده رهي ٿو، ذهن سڀ کان آخر ۾ اڪيلو ٿي مرندو آهي. ماڻهو ويچارو هر مهل ٻن ڊپن ۾ وڪڙيو ٿو رهي، هڪ مرڻ جو ڊپ ۽ ٻيو چريو ٿيڻ جو ڊپ ۽ هن جي سڄي جاکوڙ، جستجو، ڀڄ ڊڪ، هڻ هڻان موت کان ڀڄڻ ۽ چريو ٿيڻ کان بچڻ ۾ آهي. لڳي ٿو چريو ٿيڻ کان دماغ تمام گهڻو هراسيل آهي ڇو ته ان کان پوءِ دماغ جو پنهنجو پاڻ تي ڪو وس نٿو هلي ۽ هن کان حڪم هلائڻ ۽ ڪمانڊ ڪرڻ واري اختياري کسجيو وڃي.

کڻي ڪجهه به هجي، ڪارڻ ڪهڙو به هجي پر ماڻهو ڪميڻي، لالچي، بي رحم هجڻ سان گڏ ڪو پيدائشي شيطان به آهي. منافقيءَ سان ڳالهه امن جي ڪندو ۽ رهي هر وقت جنگ جي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ سان، ٻئي ماڻهوءَ سان، ٻي مخلوق سان، ٻين ساهه وارن سان، دنيا سان، وڻن ٽڻن سان، ڪائنات سان هر مهل جنگ جوٽيو بيٺو آهي. هو هڪ ئي وقت تي اڳرائي ۽ بچاءُ جي پوزيشن ۾ رهي ٿو. انسان بنيادي طور شيطان آهي ان ڪري ئي هن کي هر وقت ڳجها پيغام ايندا ٿا رهن ته:

سٺو ٿي رهه

سٺو ٿي رهه

سٺو ٿي رهه

۽ ماڻهو اهي پيغام هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي هر مهل اهو ويچاريندو ٿو رهي ته منهنجي لاءِ سٺو ڇا آهي؟ ماڻهو ڇا هن دنيا جي هر مخلوق، جيت جڻو، وڻ ۽ ٻوٽو به هر وقت جنگ جي حالت ۾ رهن ٿا. وڏو ۽ طاقتور جانور، بنا ڪنهن ڪاوڙ ڏيارڻ، اڳرائي ڪرڻ جي ننڍي ۽ هيڻي جانور کي چيري ڦاڙي کايو ڇڏي ۽ ماڻهو پنهنجي ذهانت جو فائدو وٺي وڏن کان وڏن جانورن کي وڍيو ڪٽيو کايو ڇڏي پر گاهن، ٻوٽن، وڻن ٽڻن کي به نٿو بخشي، ٻيو ته ٻيو پر هڪ ننڍڙي ٻوٽي ۾ پيدا ٿيل گل به پنهنجي حفاظت لاءِ  پاڻ سان ڪنڊو کنيو بيٺو هوندو آهي ته جيئن ڪو کيس نقصان نه رسائي سگهي ۽ جي ڪو پٽڻ يا کائڻ جي ڪوشش ڪري به ته ڪنڊي هٿان ڦٽجي پوي. ننڍڙا جيت وجهه وٺيو پاڻ سان تعلق ۾ ايندڙ ۾ زهر اوتيو ڇڏين، بئڪٽريا وائرس ماڻهوءَ کي کايو گندو ڪريو ماريو ڇڏين، لڳي ٿو ته ڪائنات جي سموري سرشتي ۾ رڳو ڊس آرڊر ۽ ڪمپليٽ قياس آهي. امن جو ته ڪو نالو نشان ئي نظر نٿو اچي. مونجهاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ته ناهي.

ڪٿي ائين ته ناهي ته انسان هن ڪائنات جي هن ننڍڙي گرهه تي ڪنهن سزا هيٺ آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته هن کي ڪائنات جي ڪنهن شانتي، امن ۽ سک ڀريئي هنڌ تان ڪهڙي به ڪارڻ ڪري لوڌي ڪڍيو ويو هجي. لتن سان ٿُڏي خلا ۾ ڦٽو ڪيو ويو هجي ۽ هو ٿاڦوڙا هڻندو اچي ڌرتيءَ تي ڪريو هجي ۽ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۽ ذرن ۾ ورهائجي ويو هجي. ڪٿي اهي نانگ بلائون، جيت جڻيا، جانور، وڻ ٽڻ، ٻوٽا سڀ هن جا ٽٽل ذرا ذرا نه هجن ۽ انسان جي سڄي جاکوڙ، ويڙهه، جنگ، ٺڳي، قتل، تباهي، هڻ وٺ، ڀڄ ڀڄان، بي چيني، بي سُکائي انهن ننڍن ننڍن ٽڪرن ۽ ذرن کي ٻيهر ڳنڍي هڪ ٿيڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وري ساڳيو رتبو ماڻڻ لاءِ ته ناهي؟ جي ائين به کڻي هجي ته به اهو ايڏو سولو نٿو لڳي. ڇو ته ماڻهوءَ جي هر وک، هر قدم، هر جاکوڙ، هر حرفت، هر حل، هر ايجاد، هر کوج خود سندس ئي ڳچيءَ ۾ پئجيو وڃي ۽ هن لاءِ هڪ نئون آزار ۽ مصيبت ٿيو پوي. سڀ کان وڏي ٽرئجڊي ته اها آهي ته هو پاڻ پنهنجي ٺاهيل، تخليق ڪيل، سرجيل شين جو غلام بنجيو پنهنجي ئي تخليق اڳيان لاچار هيڻو بڻجيو رهي ٿو. پنهنجي هٿ ۽ ذهن سان تخليق ڪيل شيون ۽ خيال خود کانئس مٿانهان، اُتم، مقدس ۽ پوتر ٿيو پون. انسان ذهني سڪون لاءِ خدا تخليق ڪيا ته خود پنهنجي سرجيل خدائن جو ٻانهون بڻجي ويو ۽ سندس تخليق ڪيل خيال کي اعليٰ ۽ مٿانهون رتبو ملي ويو ۽ کيس نيچ ۽ ٿڇ رتبو پلئه پيو. امن سڪون، ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائي جي آس سان ڌرم تخليق ڪيائين، ۽ خود ڌرم جي نالي ۾ ڪسجڻ ۽ قتل ٿيڻ لڳو، ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائي جي آس بدران ڌرم جي اوٽ ۾ نفرت جا ڪوٽ اڏي گروهن ۾ ورهائجي ويو. پاڻ جهڙن ٻين سان گڏجي عزت ۽ سڪون ڀريءَ زندگي گذارڻ لاءِ سماج جو پايو وڌائين ته مٿس اڪيچار قسمن جون پابنديون ۽ سختيون مڙهجي ويون. عزت، سڪون ۽ گڏجي رهڻ جي شوق ۾ شخصي آزادي، ذهني سڪون ڦُرائي سماجي اوچ نيچ، اڻ برابري، ننڍ وڏائي ۽ ڪيترن ئي سماجي تضادن جو شڪار بڻجي نفساني روڳ پرائي ويٺو. پنهنجو ملڪ هئڻ جي شوق ۾ رياست کي جنم ڏنائين ته رياستي ادارن هٿان ذليل، خوار خراب ٿيڻ لڳو، بيمارين مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ دوائون ايجاد ڪيائين ته دوا هڪ مرض ڇڏائي ڏهن ٻين مرصن کي وٺي ٿي اچي، لڳي ٿو ته نجات جو سموريون واٽون بند آهن.

ڪيڏي نه حيرت واري ڳالهه آهي جو ماڻهوءَ لاءِ ڪجهه به ٺيڪ ٿي نه رهيو آهي پر پوءِ به هو جاکوڙ مان ٿڪجي نٿو. ايتري حد تائين جو هاڻي ته سائنس جي ترقيءَ ۾ هو خود هن ڌرتيءَ تي ئي پنهنجي آئيندي کي ناس ڪري ويٺو آهي ۽ هاڻي کيس به سمجهه ۾ نٿو اچي، ته هن ڌرتيءَ کي تباهه ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي. هاڻ ڀل ته ڇا به کڻي ڪجي پر هيءَ ڌرتي وري ڪڏهن به ساڳي نه رهندي. ان ڳالهه جي ته پڪ آهي ته اڳئين جُڳ ۽ ان کان به اڳئين جُڳ ۾ انسان اَشانت، حيران ۽ پريشان رهيو آهي ۽ ايندڙ جُڳ ۾ به سک جو ساهه نه کڻندو. ان ڳالهه جي مون کي خبر ڪانهي ته اڳوڻي دور ۾ ماڻهوءَ پنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو سامان ويهي گهڙيو هو پر سک، آسائش، بيمارين کان نجات، وڌيڪ پيداوار ۽ سائنسي ترقيءَ جي جاکوڙ، جستجو ۽ هن صديءَ جي پڄاڻيءَ ۾ ماڻهوءَ کي ائنٽي بايوٽڪ، ائنلجيسڪ، پئسٽيسائيڊس، يوريا ڀاڻ، جينيٽڪ انجنيئرنگ، ليزر، نيوڪليئر، صنعتي ڦوڳ، هاڃيڪار گند، تباهه ٿيل وايو منڊل، ڪارخانن جو دونهن، موٽر ڪارن جو گوڙ، ڪچيون آباديون مذهبي تنگ نظري، سهپ جو نه هجڻ ئي پلئه پيو آهي. انسان ٻيلا جهنگل ڪٽي ان جي جاءِ تي ريتي بجري ۽ گاري جا ٺوس مضبوط ڪانڪريٽ، ٻيلا، جهنگل شهرن جي شڪل ۾ ٺاهي ڇڏيا آهن جن ۾ سواءِ بک، ڊپريشن، فرسٽريشن محرومين، نا اميدين، ناڪامين، نفرتن، گندي هوا، ڪن ڪچري، دونهن، گوڙ، هجوم، اَشانت، ايڊيس، جنسي بيمارين جي ٻيو ڪجهه به ناهي، اوزان گئس ۾ آمريڪا جي سائيز جيترو سوراخ ۽ وڌندڙ گلوبل وارمنگ، ڌرتيءَ بجاءِ جنت بڻجڻ جي جنسي دوزخ جو روپ ڌاري رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته شخص جي سزا ئي اها هجي ته هو جيڪو ڪجهه ڪري، سوچي، قدم کڻي، سو خود سندس ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي، هن لاءِ مصيبت ٿي پوي؛ پر آخر ان سزا جو خاتمو به ٿيندو يا نه؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪا اهڙي سزا هجي جنهن ۾ سزا پائيندڙ کي ڪابه خبر نه هجي ته منهنجي سزا ڪيترو وقت هلندي.

هن ڌرتيءَ تي شخص جي حالت به ان سزا پاتل قيدي جيان آهي جيڪو گند ۽ گونهن سان ڀريل انتهائي بدبودار اونداهي کوليءَ ۾ بند هجي ۽ ان ۾ مشڪل بيهي سگهجي، نه ويهي سگهجي، نه ئي هٿ پير چوري پوري گسهجن. ۽ هر پهريدار ڊيوٽيءَ تان لهڻ ۽ چڙهڻ مهل هن جي منهن تي مُٽي ڇڏيندا هجن ۽ هن کي پنهنجي مُنهن تان مُٽ صاف ڪرڻ جي به اجازت نه هجي. ماڻهو به ٺيڪ اهڙي ريت پنهنجي سزا ڀوڳي پيو، قدرت جي گند ۽ بدبوءَ ۾ ڦاٿل ۽ هڪ ٻئي جي منهن تي مُٽندڙ. ائين آهي يا الائي مون کي ائين ٿو لڳي. متان اهو سڀ ڪجهه منهنجي بيمار، مفلوج ذهن جو ويچار هجي، منهنجي ذاتي محرومين، ناڪامين، ڌڪارن، نفرتن، رجيڪشن جي نتيجي ۾. هونئن به ڪاميابين جا بابا ته گهڻا هوندا آهن ۽ ناڪامي ويچاري صفا يتيم ۽ نڌڻڪي هوندي آهي.

مس مس وڃي ڪا سج جي تپندڙ باهه جهڪي ٿي آهي، گرمي وڏو عذاب آهي پر سيءُ وري ڪهڙو چڱو آهي، ماڻهو ويچاري لاءِ ته ڪابه موسم ٺيڪ ناهي، ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا سو ماڻهوءَ لاءِ ڏک، تڪليفون، عذاب به هڪ ڊگهي قطار ۾ اوسيئڙي ۾ بيٺل آهن، هڪ ڇڏي ته ٻي اچيو ان جي جاءِ والاري. ماڻهوءَ بابت هڪ ڳالهه جا مون کي وقت به وقت حيران ۽ پريشان ڪندي ٿي رهي، ماڻهوءَ جي اُڏامڻ ۽ تيز کان تيز رفتار لاءِ ايڏو بي انداز، اڻ ميو چريائيءَ جي حد تائين چاهه، هڪ انڌي فئسينيشن ڇو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته ڪائنات جي سڪون ڀريئي هنڌ تان نيڪالي ملڻ سان هن کي اڏامڻ ۽ تيز رفتاريءَ جي صلاحيت کان محروم ڪيو ويو هجي يا ڪٿي هن جي ذهن جي ڪنهن اڻڄاتل ڪنڊ، سڀ ڪانشس ۾ اهو خيال ويٺل هجي ته اڏامڻ ۽ تيز رفتاري ئي هڪ اهڙي واٽ آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ تائين پهچي سگهي ٿو ۽ پنهنجي کسيل، وڃايل سڃاڻپ وري موٽائي وٺي سگهي ٿو. سڃاڻپ واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل ماڻهو شايد ان ئي خيال، جذبي جي دٻاءُ هيٺ ئي هوائي جهاز، راڪيٽ ۽ تيز رفتار شيون تخليق ڪندو پيو وڃي. پاڻ ته اڏامي نٿو سگهي، ان کوٽ جو پورائو هن هوائي جهاز مان ۽ تيز نه هلي سگهڻ جي کوٽ جو پورائو بليٽ ٽرين مان ڪيو اٿس. شايد.... ڪهڙي خبر.... ٿي سگهي ٿو....!

۽ مون کي لڳي ٿو ته آئون ائين بنا ڪنهن ڪارڻ(؟) جي ويچارن ئي ويچارن ۾ تمام گهڻو پري نڪري آيو آهيان ائين هروڀرو. جي پنڌ نه ڪجي به ته ڪهڙو فرق پوندو، فرق ته کوليءَ ۾ ويٺو رهڻ سان به ڪونه پوندو. هر ڳالهه جي پٺيان ڇا ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ جو هجڻ ضروري آهي ڇا؟ هتان منهنجي کولي.... اها اونداهي، بدبودار کولي ڪافي پري رهجي ويئي هوندي، واپس وڃڻ جو رستو مون کان وسريو ته ناهي پر واپس جي ايڏي پنڌ جو ساهس پڄت ڪٿان اچي. پر پوءِ به پنڌ ڪري واپس وڃڻو ته آهي ئي. آئون پوڙهو به ڪافي ٿي ويو آهيان. ذهني ۽ جسماني ٿڪ ورايو وڃي! لاچاري!

 

اَڻاسي

سحر امداد

 

هو هڪ سياستدان آهي، نام ڪٺيو سياستدان ۽ هو سنڌي قوم جي ڏُک ۾ ڏُٻرو ٿي ويو آهي- ۽ هيل هن عيد به ڪونه ملهائي هئي اهو چئي ته ”سنڌ جنگ جي حالتن مان گذري رهي آهي. ايڏي بي يقيني؛ ايڏي خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ رهون پيا اسين- سنڌي ماڻهو هر روز بيواها مارجن پيا، ڇا اسان جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ سونو خشڪ ۽ ٽنڊو بهاول جهڙا واقعا ڪافي ناهن؟ ٽنڊي بهاول جي ڏهن سنڌين کي ٻڌي؛ رڍن ٻڪرين وانگر ڍوئي؛ هٿرادو مقابلو ڏيکاري؛ ميزائيل ڇڏيندڙ جديد ترين ڪلاشنڪوف؛ گرنيڊ؛ ۽ گوليون سندن کاتي لڳائي؛ دهشت گرد ٺهرائي ماري ٿا ڇڏين. راڻو رانجهاڻي کي منشيات ايڪٽ ۾ ٻڌي، کيس لمحو لمحو مارين ٿا... سگريٽن سان سندس سَنڌ سَنڌ ڏنڀين ٿا؛ ڊرل مشين سان سندس ماس کي ڪورين ٿا؛ ذهني ۽ جسماني ايذاءُ لاءِ اليڪٽرڪ شاڪ ٿي ڏين؛ جسم کي پرڻ ڪن ٿا؛ چم چيرين ٿا؛ لوڻ ٻُرڪين ٿا؛ تيزاب هارين ٿا؛ گرم واريءَ تي جسم ٽچڪائين ٿا؛ اکين کان روشني؛ وات کان رڙ ۽ جسم کان روح کي کسين ٿا! اسان کي ڌارين هٿان به ته پنهنجن هٿان به مارايو پيو وڃي. سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. روز هيڏا ڪونڌر ڪُسجن ٿا:

هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾

ههڙي ڀنڀور کي اسين باهه ڏيون، ههڙي ڪربلا ۾ عيدون ڪهڙيون؟ ان ڪري اسان کي عيد جو ڏينهن ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي.... جيئن اسان جي ويرين کي خبر پئي ته اسين اڃا جيئرا آهيون- مئا ناهيون:

”اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي

متان ايئن سمجهين مُئا مور سارا.“

هن ميڊيا جي ماڻهن آڏو ڏاڍي دل ڀِڄائيندڙ تقرير ڪئي؛ جنهن ۾ لطيف جو اهو بيت پڻ پڙهيائين:

”جا عمر تو مُل عيد؛ سا اسان سوءِ ورتي سومرا.“

پريس ڪانفرنس کان پوءِ لائيٽ رفرشمينٽ سان مهمانن جي تواضع ڪئي وئي. جنهن ۾ بامبي بيڪري جو ڪافي ڪيڪ، چاڪليٽ ڪيڪ؛ چڪن ٽڪا، فروٽ، چانهن، ڪافي ۽ بوتلون به هيون- ۽ سڀني پليٽون ڏَٽي کنيون، چِڪن ٽڪي جي ليگ پُلنگ ڪندي سرڪار جي به ليگ پُلنگ ٿيندي رهي. ڪافي ڪيڪ ۽ چاڪليٽ ڪيڪ مان چڪ هڻندي ۽ چپن تي لڳي ويل ڪِريم چٽيندي صاحب جي تقرير پلس رفرشمينٽ جي ڏاڍي ساراهه ٿي. ۽ هو هڪ هڪ وٽ فرداً فرداً وڃي ڀليڪار ڪري سندس خير عافيت پڇندو رهيو ۽ آف دريڪارڊ ڳالهيون ڪندو رهيو.

گوڙ شور جهڪو ٿيو ته اهو انيڪسي ۾ پنهنجي بيحد Calm ۽ Cool ڪمري ۾ گهڙيو ۽ آرام ده ڪوچ تي کڻي پاڻ کي سٽيائين ۽ رليڪس ٿيندي، هن هڪ ڊگهو اونهو ساهه کنيو ۽ پنهنجي ڦڦڙن کي آڪسيجن سان فُل ڀريائين، جان محمد سندس خاص رازدار نوڪر جيڪو هن جي ڪڍئي ڪمري ۾ گهڙيو هو، تنهن بيڊ روم فرج مان شيمپئن جي بيحد خوبصورت بوتل ڪڍي، ڪِرسٽل جي نفيس ۽ قيمتي وائين گلاس ۾ نِيٽ پيگ ٺاهيو ۽ فريزر مان ڪِيوبس سان ڀريل بڪٽ ڪڍي، ان مان چار ڪيوبس وائين گلاس ۾ وڌائين ۽ سائينءَ جي ساڄي پاسي رکيل: گل ۽ پنکڙيون اُڪريل برنٽ چاڪليٽ ۽ گولڊن ڪلر جي ڪامبينشن واري سائيڊ ٽيبل تي وائين گلاس آهستگيءَ سان رکيائين ۽ بيحد ڌيمي  ۽ مهذب ٽون ۾ چيائين: ”سائين! اڄوڪي پريس ڪانفرنس بيحد ڪامياب رهي. سڀئي ڏاڍا امپريس ٿيا.... توهان جي تقرير ۽ توهان پاران ڏنل رفرشمينٽ کان. سائين منهنجا؛ ڪُتي کي پنهنجي وات ۾ هڏو وڻندو آهي!“ هو وڏو ٽهڪ ڏي ٿو: ”.... ۽ هاڻ ان هڏي کي ٻه ٽي مهينا ته آرام سان پيا چٽيندا ۽ ڄٻيندا.“ ائين چئي هن ٿڌي شيمپئن مان ڍُڪ ڀريو:

”مان ته ٿڪجي پيس ان سموري مينرزم مان. هيڏن ماڻهن جي مهمانداري، انهن سان بيحد مهذب ۽ بيحد پالشڊ ٽون ۾ گفتگو ڪرڻ.... ڀ.... ڄڻ هو اسان کي ڦاهي چاڙهيندا!“

 جان محمد جنهن بنا چوڻ آکڻ جي ڪوچ تي آهليل الف خان جا جوتا ۽ جوراب پئي لاٿا. ”سائين، بيگم صاحبه فون تي چيو هو ته سائين جن پريس ڪانفرنس مان واندا ٿين ته بنگلي تي اچن ۽ ماني ٻارن سان اچي کائين.“

”ڀ.... بيگم صاحبه ۽ ٻارن جي توکي گهڻي ڳڻتي آهي.... هتي جو هيڏا ڪلاڪ م.... سان جهڳي هنيم. جن کي ڏسي منهنجون اکيون پچي پيون.... جن کي ٻُڌي منهنجا ڪن پچي پيا.... باقي جيڪا ڪسر بچي آهي سا بنگلي تي وڃي پوري ڪيان.... نو... مان هاڻي ٻئي ڪنهن کي به نڪو ڏسڻ ٿو چاهيان- نه ٻڌڻ ٿو چاهيان، ماني هيڏانهن ئي گهرائي وٺ.... ۽ خبردار مان ڪو فون به اٽينڊ ڪرڻ نٿو چاهيان- پوءِ اهو بيگم صاحبه جو ئي فون ڇو نه هجي!“ هو آخري سِٽون بيحد چِٿي چٻي ۽ هڪ هڪ صوت ڊگهو ڪري چئي ٿو.

حڪم جو غلام جان محمد، سائينءَ جن جو حڪم انٽر ڪام تي اڳتي پاس آن ڪري ٿو: ”بابا- ٻڌو- سائينءَ جي ماني هيڏانهن موڪليو.... ها سائينءَ جن ماني هتي ئي کائيندا.“ الف خان اکيون پوري آهليو پيو آهي ۽ شيمپئن جي سِپ سِپ کي انجواءِ پيو ڪري ٿو. ٿوري ويرم کان پوءِ اڇي ڪلف لڳل ڊريس ۾ ويٽر هاٽ ٽرالي ڌڪيندو اچي ٿو، ۽ سندس ڪوچ آڏو آڻي بيهاري ٿو. الف خان شيمپئن جو آخري ڍُڪ ڀري خالي گلاس سائيڊ تي رکي ٿو ۽ اڇو ڪلف لڳل نيپڪن کڻي هڪ طائرانه نگاهه مانيءَ تي وجهي ٿو. ڪڪڙ جو پساهه، اُڦڙاٽا، شامي ڪباب، ڀڳل ٻاڪرو گوشت ۽ پڪل تتر.... هو تتر کڻي پليٽ ۾ رکي ٿو ته ويٽر چئي ٿو: ”سائين جن جي ڪيٽيءَ تان ڪالهه تِترن جي وٽ آئي هئي- ڪيٽيءَ جي مينهن جي مکڻ ۾ خاص توهان لاءِ پچايا آهن.“ هو کيسي مان هڪڙو ڳاڙهو نوٽ ڪڍي ويٽر کي ڏي ٿو: ”ها شاباس- بس هاڻي تون هل.“ ان وچ ۾ جان محمد شيمپئن جو پيگ ٺاهي ٿو، ته هو کاڌي تان اکيون هٽائڻ کان سواءِ ئي چئي ٿو: ”ڊبل پيگ....“ ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان هو ماني کائيندو رهي ٿو- ۽ وچ وچ ۾ سِپ سِپ پيئندو به رهي ٿو: ”ميان جان محمد! رڳو پڪل گوشت کارائيندين يا ڪچي گوشت جو به ڪو بندوبست ڪندين!“ هو هڪ هڪ  لفظ چَٻي چِٿي معنا خيز مُرڪ سان چئي ٿو: ”اهو به ٿي ويندو سائين، توهان جو رڳو حڪم کپي.... شام.... يا هينئر ئي؟“:

”هينئر ئي!“

ڪمري جي گهگهه اونداهيءَ ۾ هڪ ڪجهه ڏسڻ ٿو چاهي. پر ڪو به عڪس جهٽي نٿو سگهي، سواءِ اونداهن ڪارن تِرورن جي، بيڊ جي پاسي ۾ ٻئي ڪنهن جي هجڻ کي محسوس ڪرڻ لاءِ هوريان هوريان هٿ سوريندو اڳتي وڌائيندو ٿو وڃي، پر ڪوبه وجود هن جي پڪڙ ۾ نٿو اچي ۽ هو ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر بيل تي ٿو رکي ڇڏي. کن پوءِ ئي در کلي ٿو. ٻاهر ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي روشني هڪ پل لاءِ اونداهي ڪمري ۾ گهڙي، پردي جي پويان لڪي ٿي وڃي ۽ ڪو پاڇو بيحد آهستگيءَ سان ڪمري ۾ اچي، بٽڻ آن ڪري ٿو ۽ اونداهو ڪمرو روشن ٿي وڃي ٿو. هو پنهنجي بيڊ تي اونڌو ليٽل اهي. سندس ساڄي ٻانهن بيڊ جي خالي پاسي تي پيل آهي: هو بنا ڪنهن چُرپر جي ننڊ جي ڳهر ۾ پيو آهي ۽ ننڊاکڙائيءَ مان پڇي ٿو:

”ٽائيم گهڻو ٿيو آهي؟“

”سائين، ساڍا نو ٿيا آهن.“ جان محمد ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ۾ نهاري چئي ٿو: ”.... سائين توهان لاءِ چانهين جو چوان يا مانيءَ جو؟“

”نو- نڪو چانهين- نه ماني- مان هينئر وهنجندس.“

جان محمد باٿ روم ۾ وڃي ٿو، ۽ ويرم کان پوءِ واپس اچي ٿو: ”سائين وهنجڻ لاءِ پاڻي تيار آهي.“

”ٺيڪ آ- تيسين تون هڪ پيگ ٺاهي- ڊبل پيگ؛ ان سان گڏ ڪجهه سالٽش بسڪيٽ چيز (Cheese) جي ڊريسنگ سان.“ هو بيڊ تان ليٽئي ليٽئي ٻانهن ڊگهيري ٿو، ڪوچ تان گون کڻڻ لاءِ ته جان محمد وڌي کيس گون کڻي ڏي ٿو، ۽ نرم ملائم اسپينش بلينڪيٽ مان هو.... ٻاهر نڪري ٿو ۽ ساٽن جي گلابي گون سان پنهنجي اوگهڙ ڍڪي ٿو ڇڏي؟“

”هوءَ ڪيڏي مهل وئي؟“

”سائين- ڇهين کن.“

”ڪجهه کارايوَس پياريوَس به؟“

”فريش فروٽ جوس ۽ ڪجهه سنيڪس....“ جواب جي انتظار کان سواءِ ئي هو باٿ روم ڏانهن وڃي ٿو. ۽ باٿ روم جي در تي پهچي چئي ٿو: ”گلاس هيڏانهن ئي کڻي اچجانءِ....“ ۽ باٿ روم جي پردي پويان گم ٿي وڃي ٿو.

هو سليپنگ گون باٿ روم جي ڪنڊ ۾ پيل ڪرسيءَ تي لاهي رکي ٿو ۽ ٽپ جي اڇي کير جهڙي گجيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هو ٽب ۾ اکيون پوري ليٽيل آهي- جان محمد بيحد هلڪن قدمن سان اچي ٿو ۽ ٽب جي سائيڊ تي وائين گلاس ۽ بسڪيٽن جي پليٽ رکي هلڪو سڏ ڪري ٿو: ”سائين...“ ۽ هليو ٿو وڃي. هو بلڪل خالي ۽ هلڪي من سان اکيون پوري ليٽيل آهي ۽ باٿ کي انجواءِ پيو ڪري. سو ڌيمي؛ ڌيري اکيون کولي ٿو، ٿورو ڪنڌ ورائي ٿو ۽ هٿ وڌائي وائين گلاس جي نازڪ چيلهه ۾ ٿو ڦٻائي ۽ يخ ٿڌو گلاس ڌيمي ڌيمي چپن تائين آڻي هڪ چُسڪي وٺي ٿو. اها پهرين چُسڪي سندس اندر ۾ ٿڌي گرماڻ ۽ گرم ٿڌاڻ ڀري ٿي وڃي- ۽ هڪ عجيب مزو ۽ خمار سندس سموري وجود ۾ سرايت ڪندو ٿو وڃي. هو ٽب ۾ ليٽي پاڻ کي بيحد هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري پيو- ڏينهن جي سموري بوريت ته هوءَ شيئر ڪري وئي. ۽ سمورو ٿڪ اهو ڀريل ٽب ۽ ان جا ببلس (Bubbles) شيئر ڪري رهيا آهن. ۽ وسڪيءَ جي سِپ سِپ ان سڀ کي وڌيڪ پرلطف بڻائي رهي آهي.

هو هڪ ڊگهو باٿ وٺي نڪري ٿو، ۽ ڪپڙا چينج ڪري پيو ته انٽرڪام جي گهنٽي وڄي ٿي. جان محمد فون کڻي ٿو: ”جيءُ....“ ۽ ٻئي کن فون ڪن تان لاهي ڏانهس وڌائي ٿو: ”.... سائين.... بيگم صاحبه آهي....“

”شِٽ....!“ هن جي چهري تي ناگواري ڇانئجي ٿي وڃي. جان محمد کي اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو چئي ٿو ۽ قميص جا بٽڻ بند ڪري فون کڻي ٿو:

”چئو....“

......

”اهو منهنجو مسئلو ناهي.... That is not my problem Its your duty ...“

......

باقي تو سان شادي ڇو ڪيم....؟ هڪ جاهل زال مان جان ڇڏائي.... پڙهيل ڳڙهيل آڻڻ سان.... تون ڄاڻ تنهنجو ڪم.... مون لاءِ ٻيا به گهڻائي مسئلا.... تون مون لاءِ مسئلو نه ٿي ته چڱو.....

مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي- ڇا نه ڪرڻ گهرجي اهو تون ٻڌائيندين.... تون .... don`t dictate me

منهنجون ذميواريون....؟ گاڏيون آهن.... نوڪر آهن.... پيسا آهن .... پُٽ آهن ..... ٻيو ڇا کپيئي ... ٻَرو؟!“

”اچي ويندس واندو ٿيندس ته... ٻارن کي سمجهائي ته توهان جو پيءُ هڪ وڏو ۽ بيحد مصروف ماڻهو آهي- he is a busy man.... مون لاءِ ماڻهن جا، قوم جا، ملڪ جا، عوام جا مسئلا ئي کوڙ آهن.... انهن مان فرصت ڪڍان ته گهر ۽ ٻارن جي مسئلن بابت به سوچيندس.... تون ڪا جاهل ته ناهين جو هر ڳالهه لاءِ مون ڏانهن ٿي نهارين، مون توسان شادي صرف ان ڪري ڪئي هئي ته تون مون لاءِ مسئلن جو ڪارڻ نه بڻجندئين....

You have to deal with your home and now please don`t bother me and shut up….

”نه مان هينئر نٿو اچي سگهان... ٿوري دير لاءِ به نه.... ٻاهر وڃان.... ڪاڏي پيو وڃان تنهن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟..... تون ڪير ٿيندي آهين مون کان اهڙا سوال ڪرڻ واري.... مان تنهنجو مڙس آهيان ڪ تون منهنجو مڙس؟!“

Don`t shout .... (هو ڦٽيل مرونءَ وانگي رڙ ڪري ٿو).

”ڇا دنيا کي ٻڌائڻو اٿئي؟.... ته پوءِ وڃ وڃي اخبارن ۾ خبر ڇپائي... you ....

Now stop crying .... ڍنڍڪڻ بند ڪر ... تون ڄاڻين ٿي مون کي روئڻ کان نفرت آهي... چيم نه مون کي فرصت ناهي... هڪ منٽ لاءِ به نه... جيڪي ڪرڻو ٿئي سو وڃي ڪر... وڃي ڌوڙ پائي... you bloody bitch ....

۽ هو ڪاوڙ ۾ فون ڪريڊل تي سٽي ٿو. ۽ بيل تي هٿ رکي ٿو ڇڏي. جان محمد ڊوڙندو اندر اچي ٿو- ۽ ”جي سائين“ ڪري در وٽ بيهي ٿو رهي. پر ڪروڌ ۽ ٽينشن جي ڪري هن کي نه جان محمد جي اچڻ جي خبر پئي ٿي ۽ نه ئي هن جو ”جيءُ سائين“ ڪن پئي ٿو ۽ سندس هٿ اُهڙي جو اهڙو بيل تي ڄڻ چنبڙي پيو آهي. جان محمد ٿورو وڏي سڏ چئي ٿو: ”سائين حڪم!“ ۽ هو جهٽڪي سان بيل تان هٿ کڻي ٿو. بيل رڙڻ بند ڪري ٿي ته هو رڙيون چالو ڪري ٿو ۽ گرم گرم گارين جو ڦوهارو سمورا بند ٽوڙي نڪري ٿو، ته رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي.... انهن سمورين گارين جو مفهوم اهو هو ته ”ڪاٿي مري ويو هئين، ۽ هيڏي دير ڇو ڪيئي؟“ گاريون ٻڌي جان محمد جو رت به ٽهڪي ٿو ۽ هو سندس هر گار جي جواب ۾ گار ٿو ڏي، پر اهي گاريون جيڪي الف خان جي وات مان وهن پيون سي جان محمد جي اکين مان تِيرن جيان پئي وسيون.

الف خان جڏهن پنهنجي سموري باهه گارين جي صورت ڪڍي ٿو چڪي، تڏهن ڳالهائي ٿو:

”هڻي موڊ ڦٽائي رکيو... نڪرڻ کان اڳي ئي برائي اچي ڪڙڪي، توکي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته مان جڏهن ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڀرندو هجان ته گهرَ جي ڪنهن ماڻهوءَ سان ملڻ ته ڇا ڳالهائڻ به نه چاهيندو آهيان. ڪيترا ڀيرا چيو ٿم ته ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيندو ڪر... پر لڳي ٿو ته ٺپ جواب توکي ئي ڏيڻو پوندو، اهو اُٺ مغز مان ڪڍي ڇڏ ته ڪو توکان سواءِ آئون هلي ڪونه سگهندس.... سڌري وڃ .... سڌري وڃ... اڃا به وهي اٿئي سڌرڻ جي...“ الف خان جي هر جملي جي پويان گارين جو هڪ پورو Package هو جو هڪ تسلسل سان هلندو پئي آيو. ”هاڻي وڃ... ٽر منهنجي اکين کان.... ۽ وڃي گاڏي لڳائي.“ جان محمد ڪنهن روبوٽ وانگر ڦري ٿو، ۽ ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو. ”ترس... ڀونتيءَ جا... ٽجوڙيءَ جي ڄاٻي کڻ ۽ ٻه لک روپيا- لک سو، پنج سو ۾ ۽ لک هزار جي نوٽن جي صورت ۾- بريف ڪيس ۾ رک... ۽ گرينڊليز بئنڪ جو چيڪ بڪ به رکجانءِ... ياد سان.... متان وڌيڪ پيسن جي ضرورت پئجي وڃي....“ ۽ هو حڪم جو غلام... رموٽ تي هلندڙ جيئرو- مئل ماڻهو هن جي هر حڪم جي چپ چاپ تعميل ڪري ٿو. گاڏي لائونج اڳيان اچي بيهي ٿي.... الف خان انڊين راسلڪ جي ٿري پيس سلوار سوٽ ۾ ملبوس.... جنهن ۾ سونا بٽڻ ۽ سونا سٽڊ لڳل آهن.... ”ون مين شو“ جي خوشبو فضائن ۾ وکيريندو اچي ٿو. سندس ٻڌو ٻانهو جان محمد بريف ڪيس کڻي سندس پويان هلندو اچي ٿو. الف خان ڪار ۾ ويهي ٿو ته سندس ڪار ڪنهن اَڄاتي منزل ڏانهن راهي ٿئي ٿي.... هڪ اهڙي دنيا جتي اسان جا فرشتا به نٿا پڄي سگهن. هونئن به هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ ۽ پتايا ۾ فرشتن جو ڪهڙو ڪم!؟ ۽ هنن سوڪالڊ سنڌين (پاڪستانين) لاءِ هاڻ بئنڪاڪ به هتي آهي ته پتايا به هتي ئي آهي- ۽ سنڌي قوم جي ڏک ۾ ڏٻرو ٿيندڙ ”هُو“ هِن مهل هتي پنهنجي ملڪ ۾ ئي بئنڪاڪ جي ڪنهن ڪيسينو جا مزا ماڻيندو هوندو.... يا پتايا جي ڪنهن عيش گهر جي عياشين جو مزو ماڻيندو هوندو، جتي عياشيءَ جي هر شيءِ ميسر آهي.... طلب آهر.....

۽ هو ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان پاڻ جهڙن مِڙ دوستن سان گڏجي سڏجي سنڌي قوم جي بيواهي مِرڻ تي اجتماعي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي... ۽ هن جي لڙڪن سان نوٽن جون اهي سٿيون به پسي ويون آهن- جيڪي هو جوا ۾ هڪ هڪ ڪري هارائي رهيو آهي.... ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان سنڌي قوم جي نصيبن جيان داءُ تي لڳندڙ لکين روپيا- سڄو مهينو لنگهڻ ڪاٽيندڙ الاءِ ڪيترن ئي غريبن جي پيٽ ۾ اَن جي صورت ۾ وڃي پئي سگهيا، ڪيترن ئي اگهن، مسڪينن ۽ لاچارن جو علاج پئي ٿي سگهيو.... ڪيترن ئي غريبن جي نياڻين جون شاديون پئي ٿي سگهيون. ڪيترن ئي اگهاڙن جا تن ڍڪي پئي سگهيا اهي پيسا... ڪيترائي ڪتاب ڇپي پئي سگهيا اهي پيسا.... اڃا به الاءِ ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهي پئي سگهيون انهن پيسن مان.... ٻيو نه ته هن ڪوس ۽ قتلام ۾ شهيد ٿيندڙن جو ڪفن دفن ۽ اجتماعي خيرات ته ٿي پئي سگهيو.

پر سنڌين لاءِ ڪفن جي تڪليف جي به ڪهڙي ضرورت آهي، سندن پونئيرن کي مليل انهن جا اُگهاڙا لاش اهڙي جا اهڙا اجتماعي قبرن ۾ اڇلائڻ لاءِ ئي ته آهن.... اهو ڪنهن الف خان جو نه مسئلو آهي؛ نه مٿي جو سور.... سنڌي قوم جي ڏک ۾ ڏٻرو ٿيندڙ ان سياستدان کي نه ته پنهنجي گهر جو، نه پنهنجي زال جو، نه ئي پنهنجن ٻارن جو ڪو اونو، فڪر ۽ ڳڻتي آهي. ۽ سندس ٻار ماءُ کان ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان پڇن پيا ته: ”بابا ڪٿي آهي؟ امان بابا ڪٿي آهي؟ مون کي عيد جي خرچي نه کپي.... مون کي بابا کپي.... امان بابا ڪٿي آهي؟“ ۽ جا ماءُ به آهي ته وني به سا ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان ڀتين ۽ ڇتين کان پڇي رهي آهي: ”ڪٿي آهي منهنجي ٻارن جو پيءُ ڪٿي آهي... ڪٿي آهي.... منهنجو سهاڳ منهنجو ور ٿي آهي“.... هوءَ ڄاڻي ٿي ته هڪ ڏينهن هن جون رڙيون هن ڪمري ۾ ئي دفن ٿي وينديون- ۽ هڪ ڏينهن هن جو جيئرو لاش هن ڪمري جي ڀتن ڇتن هيٺان دٻجي ويندو.... پر اڃا ته هوءَ جيئري آهي.... تڪليف ٿيڻ تي لُڇي ڦٿڪي ٿي..... ڪنجهي ڪُرڪي ٿي.... نيٺ هوءَ ڇا ڪري.... ڇا ته ڪري....؟ ڇا هوءَ ڌوڙ ٻُڪ جا مٿي ۾ وجهي.... رڻ واهي ٿي وڃي؟! ڇو ته هن جي مهان مڙس کي ٻيا به گهڻائي ڏک آهن. هڪڙي هن جي ڏک سوا گهڻائي فڪر آهن، ۽ هن کي وڏي ۾ وڏو فڪر آهي، اون آهي ۽ ڳڻتي آهي ته محض سنڌي قوم جي، سنڌي عوام جي ۽ ٻين لفظن ۾ امڙ سنڌ جي.... ۽ هو مالا تي رڳو سنڌ جو نالو ٿي جپي.... هر ڍاري تي ۽ هر پتي تي هن جي وات مان بس اهو ئي ٿو نڪري: ”سنڌ امڙ تنهنجو ئي آسرو!“.... ۽ هو بازيءَ تي بازي هارائي رهيو آهي.... ۽ اڌ صدي گذري وئي آهي.... هن کي وڃڻو ته گهڻو اڳتي آهي؛ پر هو اڄ به اتي ئي بيٺو آهي جتي اڌ صدي اڳ بيٺو هو.... ۽ هو جڏهن سڀڪجهه هارائي.... خالي پلاند ڇنڊي اٿندو.... تڏهن رڙيون ڪندو.... دانهون ڪندو.... ”واويلا ڙي واويلا.... گهوڙا ڙي گهوڙا.... ظلم.... ويل.... بغداد.... سنڌڙيءَ مٿان هيڏا ڪيس....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com