سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :6

حليم بروهيءَ جي لکڻي

 

روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان عام طرح پنهنجو خيال ظاهر ڪندي چوندا آهيون ته فلاڻو چڱو ماڻهون آهي ۽ فلاڻو خراب ماڻهون آهي، فلاڻو سٺو ماڻهون آهي فلاڻو برو ماڻهون آهي اهڙو خيال ظاهر ڪندي اسان کي سورهن آنا خاطري هوندي آهي ته اسان جو خيال سورهن آنا درست آهي، پر جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ڪنهن ماڻهونءَ بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوندو آهي ته فلاڻو سٺو يا خراب ماڻهون آهي ته، اسان ان راءِ سان اختلاف به ڪندا آهيون.

مطلب ته اسان جو پنهنجو خيال آهي ته ماڻهن بابت اسان جي پنهنجي راءِ ته هر حال ۾ سورهن ئي آنا صحيح ۽ درست هوندي آهي پر ساڳين ماڻهن بابت ٻين ماڻهن جي راءِ غلط ۽ بلڪل غلط به ٿي سگهي ٿي.

پوءِ جيڪڏهن اُهي فقط ٻيا ماڻهون آهن جن جي راءِ ماڻهن بابت غلط به ٿي سگهي ٿي، ۽ اسان جي پنهنجي راءِ ڪنهن به ماڻهون بابت سدائين سورهن آنا درست ۽ صحيح هوندي آهي، ته پوءِ ڪنهن ماڻهون بابت، يا ڪجهه ماڻهن بابت، ۽ گهڻوڪري سڀني ماڻهن بابت، اسان ڇو پنهنجي راءِ بدلائيندا، ۽ بدلائيندا رهندا آهيون.

عام طرح، اڪثر، ۽ گهڻو ڪري، ائين ٿيو آهي ته اسان جنهن فرد کي ڪڏهن خراب سمجهيو هو، تنهن کي اسان پوءِ سٺو سمجهڻ لڳاسين، ۽ جنهن فرد کي اسان ڪڏهن سٺو سمجهيو هو تنهن کي اسان پوءِ خراب به سمجهيو هو، ته پوءِ اهو فرد جيڪو اسان کي اڳي سٺو ۽ پوءِ خراب لڳو هو، يا اُهو فرد جيڪو اسان کي اڳي خراب ۽ پوءِ سٺو لڳو هو، اُهو فرد اصل ۾، حقيقت ۾، ۽ سچ پچ، خراب آهي يا سٺو آهي؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ اسان فقط پنهنجو پاڻ کي تڪي ۽ توري سگهون ٿا.

اسان مان شايد ئي ڪو هجي جنهن کان نفرت نه ڪئي وئي هجي، ۽ اسان مان شايد ئي ڪو هجي جنهن کي ڀانئيو نه ويو هجي.

اسان پاڻ ڏٺو آهي ته ڪي ماڻهون، جن اسان کان ڪڏهن نفرت ڪئي هئي، تن پوءِ اسان کي سٺو به چيو جيتوڻيڪ اسان ته اُهي ساڳيا ئي هئاسين.

۽ اسان پاڻ ڏٺو آهي ته ڪي ماڻهون، جن جو اسان بابت ڪڏهن سٺو خيال به هو، تن پوءِ اسان کي خراب چئي اسان کان نفرت به ڪئي جيتوڻيڪ اسان ته اهي ساڳيا ئي هئاسين ۽ ساڳيا ئي رهياسين. تنهنڪري اسان ڄاڻون ٿا ته اُها فقط ماڻهن جي راءِ هئي جا اسان بابت بدلجندي رهي ۽ اُن راءِ جو اسان بابت حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هو.

اسان ته اُهي ساڳيا ئي رهيا هئاسين جي اڳي هئاسين. انهيءَ مان پاڻ کي سمجهڻ گهرجي ته ٻيا ماڻهو به اسان وانگي ئي سدائين ساڳيا رهن ٿا جن کي اسان ڪڏهن سٺو ته ڪڏهن خراب چئون ٿا.

جيڪڏهن ڪي ماڻهو سچ پچ اهڙا ۽ ايترا خراب هجن ها جيترو خراب اسان انهن کي سمجهون ٿا، ته انهن جو ڪوبه دوست، يا ساٿي نه هجي ها، پر اسان ڏسون ٿا ته انهن جا به دوست، يار، ۽ ساٿي آهن. ۽ جيڪڏهن اسان پاڻ سچ پچ اهڙا سٺا هجون ها جيترو سٺو اسان پاڻ کي سمجهون ٿا، ته اسان کي ڪوبه ناپسند نه ڪري ها، ۽ اسان کي ڪڏهن به ڪنهن ڌَڪاريو نه هجي ها.

نفرت ۽ چاهت، يا ڌڪار ۽ ڀانئڻ، اِهي ٻه جذبا آهن جن جي وچ ۾ انساني ذهن ڊوڙي ٿو، ڪڏهن هن پاسي ته ڪڏهن هُن پاسي، ۽ حقيقتون اسان کي ٻڌائين ٿيون ته انسان سڀيئي هڪ جهڙا آهن. ڪنهن کي اڄ سٺو چئي سڀاڻي خراب چوڻ، ۽ ڪنهن کي اڄ خراب چئي سڀاڻي سٺو چوڻ، نه فقط ٻين سان، پر پنهنجو پاڻ سان به زيادتي ڪرڻ آهي. جن کي اڄ اسان خراب چئون ٿا، ۽ جيڪي اڄ اسان کي خراب لڳن ٿا، انهن مان گهڻا اُهي آهن جن اسان تي ڪڏهن ڪو احسان ڪيو هو يا ڪا مهرباني ڪئي هُئي. اسان جي فطرت ئي ڪجهه اهڙي آهي جو اسان کي نفرت ئي فقط انهن سان ٿيو پئي جن اسان تي ڪڏهن ڪو احسان ڪيو هو. ڪو هو ڪنهن زماني ۾ جنهن حيران ٿي چيو هو ته ”هو ڇو ٿو منهنجي خلاف ڳالهائي، مون ته هُن تي ڪڏهن به ڪا مهرباني نه ڪئي!“ ۽ پوءِ ڪو هو ڪنهن زماني ۾ جنهن چيو هو ته اسان ته فقط انهن کي بدنام، خُوار ۽ برباد ڪندا آهيون ۽ اهڙيءَ طرح اسان ته فقط انهن کي ئي ماريندا آهيون جن کي اسان پيار ڪندا آهيون.

 

*

زندگي گذارڻ لاءِ سوچڻ سمجهڻ جي ضرورت ناهي. زندگي ته ڪيئن به گهاري سگهجي ٿي، ۽ عام طرح ته ماڻهن جي زندگي ته هونئن به گذريو وڃي. سوچڻ جون ڳالهيون فقط هي آهن ته وڏو ماڻهون ڪيئن ٿجي، وڏي نالي وارو ڪيئن ٿجي، وڏي حيثيت ڪيئن حاصل ڪجي، وڏي عهدي تي ڪيئن پهچجي، پئسو، دولت ۽ ملڪيت ڪيئن ٺاهجي، ۽ تمام وڏي اختياريءَ وارن جي ويجهو ڪيئن ٿجي.

اهي سوچون سچ پچ ضروري آهن جو اسان ۾ گهڻائيءَ ۾ اُهي آهن جن جي زندگيءَ جو رخ فقط اهڙيءَ ڪنهن سوچ ڏانهن ئي رهيو آهي.

ڪتاب به اُهي اسان پڙهيا آهن جيڪي شاهوڪارن ۽ حيثيت وارن ماڻهن بابت آهن، ۽ مشهور به فقط اُهي ڪتاب آهن جي ڪي شاهوڪار ۽ اثر رسوخ ٿيڻ بابت آهن.

زندگي ڪيئن گهارجي، سو اهم ڪونهي، تنهن ڪري اهڙا ڪتاب تمام گهٽ آهن جن جو تعلق يا واسطو زندگي گهارڻ جي ڍنگ سان آهي.

ڇو ته زندگي ڪيئن گهاري به سگهجي ٿي، ڪنهن به نموني گذاري سگهجي ٿي، تنهن ڪري سٺيءَ طرح به گذاري سگهجي ٿي، سٺي زندگي گذارڻ لاءِ شاهوڪار، يا اثر رسوخ وارو ٿجڻ ضروري ناهي. سٺي زندگي اُها آهي جنهن ۾ اسان، پنڌ هلندي ٻين پانڌيئڙن جي اُگهاڙن پيرن جي آڱرين کي، پنهنجي بُوٽ هيٺ نه چيڀاٽيون.

سُهڻي زندگي اُها آهي جنهن ۾ اسان اهو خيال رکون ته پنڌ هلندي اسان جو بوٽ ڪنهن ٻئي پنڌ هلندڙ جي بوٽ جي پالش خراب نه ڪري.

سهڻي زندگي اها آهي جنهن ۾ اسان ڄاڻون ته اسان جي پير جي حد اتي ختم ٿيو وڃي جتان ڪنهن ٻئي جي حيا يا غيرت شروع ٿئي ٿي ۽ اسان جي ذهن جي حد اتي ختم ٿيو وڃي، جتان ڪنهن ٻئي جو حق شروع ٿئي ٿو.

اسان جي ٺُونٺ جي حد اُتي ختم ٿي وڃي جتان ڪنهن ٻئي جو جسم شروع ٿئي ٿو.

اسان جي هٿ جي حد اُتي ختم ٿيو وڃي جتان ڪنهن ٻئي جي ٽڪي پيسي يا آني جي ملڪيت شروع ٿئي ٿي. اسان جي اکين جي حد اتي ختم ٿيو وڃي، جتان ڪنهن ٻئي جي حيا يا غيرت شروع ٿئي ٿي ۽ اسان جي ذهن جي حداتي ختم ٿيو وڃي، جتان ڪنهن ٻئي جو حق شروع ٿئي ٿو.

اخبار پڙهڻ لاءِ پاڻ پنهنجي اخبار خريد ڪرڻ بدران ٻئي کان سندس خريد ڪيل اخبار جو پنو گهرڻ پنهنجو ماچيس خريد ڪرڻ بدران ٻئي جو خريد ڪيل ماچيس کڻڻ يا گهرڻ، ٻئي جي ٽيبل تان پنو کڻي پڙهڻ، ٻئي جو ٽيليفون استعمال ڪرڻ، ٻئي کي گهران سڏي چوڻ ته ”تون پنهنجن خيالن تان هٿ کڻي منهنجن خيالن جو ٿي وڃ“ ٻئي جي در تي گهنٽي وڄائي چندو گهرڻ يا ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ چوڻ، اهو سڀ ڪجهه آهي ٻئي جي شخصي دائري سان هٿ چُراند ڪرڻ، ۽ ٻئي جي شخصي دائري سان هٿ چراند فقط اُهي ئي ڪندا آهن جن پنهنجي شخصي دائري جي پکيڙ سان ٻين جا شخصي دائرا ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيا آهن.

تهذيب ۽ تمدن نالا آهن اُنهيءَ ورثي جا جيڪو صدين جي ثقافتي وهڪري وٽان اسان کي مليو آهي. جڏهن اسان ڪنهن ٻئي کان سندس اخبار جو پنو گهرندا آهيون، يا ڪنهن ٻئي جو ماچيس کڻندا آهيون، يا ڪنهن ٻئي جي ميز تي پيل پنو پڙهندا آهيون، يا ٻئي کي گهران سڏي چندو ڏيڻ يا ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ چوندا آهيون، يا کيس سندس پنهنجن خيالن ۽ عملن تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندا آهيون، تڏهن اسان پنهنجي سموري تهذيب، ۽ پنهنجي سموري تمدن جو سمورو ورثو ظاهر ڪيو ڇڏيون. اهي ئي، ۽ اهڙيون ئي ننڍڙيون ڳالهيون آهن جن مان اسان جي شخصي اصليت پڌري ٿيو پوي ۽ اسان اڪيلا رهجيو وڃون. وڏيون ڳالهيون ته هرڪو سنڀالي ڪندو آهي.

تهذيب ۽ تمدن جي انهيءَ سموري ورثي لاءِ جيئن انگريزي ۾ اکر Manners آهي، تيئن اسان وٽ به، اکر فضيلت ۽ تميز آهن جن ٻنهي جو تعلق به، Manners وانگي ئي، انسان جي شخصي سڃاڻپ سان آهي.

فضيلت ۽ تميز يا Manners ئي اها شئي آهي جا سُهڻي زندگي گهارڻ جو مدار يا محور آهي.

ڪنهن ٻئي جي شخصي دائري ۾ دخل اندازي فقط اُهو فرد ڪندو آهي جو پنهنجي شخصي دائري جون حدون سڃاڻڻ جي قوت به وڃايو ڇڏي، تنهن ڪري ٻين جي شخصي دائرن جي احترام ۾ ئي اسان جي پنهنجي شخصي دائري جو بچاءُ آهي.

اسان جا وڏي ۾ وڏا ويڇا به ختم ٿي وڃن جيڪڏهن اسان فقط پنهنجي شخصي دائري جي حدن ۾ رهون ۽ ٻين جي شخصي دائرن جو احترام ڪريون.

جيڪڏهن اسان پنهنجي نڪ کي، پنهنجي شخصي دائري جي حد جي شروعات سمجهون ٿا، ته اسان کي فقط ايترو ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي پنهنجي آزاديءَ جي حد اُتي ختم ٿيو وڃي جتان ٻئي جو نڪُ شروع ٿئي ٿو.

جنهن پڇيو هو ته ”سچ ڇا آهي؟“ ۽ جواب لاءِ نه ترسيو هو، سو عقلمند هو.

سوال هو ته ”سچ ڇا آهي؟“ جنهن جي جواب لاءِ جي ترسي ها ته صديون ترسڻ کان پوءِ به جواب لاءِ اڃان به صديون ترسڻو پئيس ها.

سچ سان لاڳاپيل اهڙن ئي سوالن جي جواب لاءِ عمر خيام لکيو هو ته ”مون وڏن بزرگن ۽ عالمن کي، هن بابت ۽ هن بابت، پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو؛ مون وڏن عاقلن ۽ دانشورن کي پاڻ ۾، هن بابت ۽ هُن بابت، بحث مباحثو ڪندي ڏٺو، ۽ مون وڏن سائنسدانن ۽ فلسفين کي هن بابت ۽ هُن بابت پاڻ ۾ دانائيءَ ڀريو تڪرار ڪندي ڏٺو، پَر سدائين مان انهيءَ ساڳئي در کان ٻاهر آيس جنهن در کان مان داخل ٿيندو هوس.

عُمر خيام جو اهو شاعرانه طريقو هو چوڻ جو ته جهڙو ڪورو ۽ خالي ويندو هوس تهڙو ئي ڪورو ۽ خالي موٽي ايندو هوس ۽ مون کي ڪڏهن به ڪو جواب نه مليو.“

فزئنسز بئڪن سياسي مدبر هو، تنهنڪري هن چيو هو ته ”پڪ کان شروعات ڪندئو ته شڪ تي پهچهندئو، ۽ شڪ کان شروعات ڪندئو ته پڪ تي پهچندو.“ اها فرئنسز بئڪن جي فقط سياسي مدبري هئي، نه ته پاڻ ڄاڻون ٿا ته ٽي هزار ورهه اڳ Socrates ۽ Plato به فيصلو نه ڪري سگهيا هئا ته سچ ڇا آهي. ۽ هتي اسان آهيون جو هڪڙي منٽ ۾ فيصلو ڏيو ڇڏيون ته فلاڻي ڳالهه سچي آهي ۽ فلاڻي ڳالهه ڪوڙي آهي.

جوانيءَ ۾ هرڪو چوندو آهي ته پنهنجي قسمت ٺاهڻ هرهڪ ماڻهوءَ جي پنهنجي وس آهي. جوان ماڻهوءَ وٽ محنت ڪرڻ جي قوت به هوندي آهي ۽ محنت ڪرڻ لاءِ ٻڍاپي اچڻ تائين وارو سمورو وقت به هوندو آهي، تنهنڪري جوان ماڻهو سچ پچ سمجهندو آهي ته سندس ڪامياب ٿيڻ سچ پچ سندس پنهنجي وس آهي. پر جوان ماڻهوءَ پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي اُنهيءَ انبوهه کي نٿو ڏسي جنهن ۾ گهڻائيءَ ۾ اُهي آهن جن کي ناڪام، ۽ جن جي زندگيءَ کي ناڪام زندگي، چئي سگهجي ٿو. جوان ماڻهون اِهو قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه ٿيندو ته مستقبل ۾ هُن کي پاڻ کي به ناڪام ماڻهن جي انهيءَ انبوهه ۾ ڳڻيو ويندو.

جوان ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه گهر ڪيو وڃي ته ناڪام ماڻهن جي انبوهه مٿان، سڀ کان مٿي، اصل چوٽيءَ تي، ڪامياب ماڻهون لاءِ هڪ جاءِ موجود آهي جا جاءِ فقط هو پاڻ ئي والاري سگهي ٿو. ۽ پوءِ آهن اُهي جيڪي وڏي ڄمار جا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ ڪڏهن جوان به هُئا، جن به اڄوڪي جوانن وانگي پنهنجي جوانيءَ ۾ محنت، ڪوشش، ڪاميابي، ۽ اصل چوٽيءَ تي ڪامياب ماڻهون لاءِ خالي رکيل جاءِ بابت ڳالهايو هو.

وڏي ڄمار وارن انهن بزرگن وٽ هاڻي لفظن بدران تجربو آهي. هزارين لکين اَکر پڙهي وڃڻ، هزارين لکين لفظ ٻُڌي وڃڻ، ۽ هزارين لکين چئي به وڃڻ، ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪندي فقط هڪڙي پنهنجي زندگي گذاريندو هلڻ، فقط اهوئي ڪافي آهي ماڻهونءَ کي سمجهائڻ لاءِ ته لفظن ۽ اکرن جي هيرا ڦيري، ۽ زندگي گذارڻ، ٻه بلڪل الڳ ۽ بلڪل مخالف ڌارائون آهن، ٻه بلڪل الڳ ۽ مخالف سلسلا آهن. محنت، ڪوشش، يا جدوجهد ڪبي آهي ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ؛ ۽ محنت، ڪوشش، يا جدوجهد فقط مخالفت جي سامهون ئي ممڪن آهي. جتي مخالفت جو تصور نه هجي، اتي محنت، ڪوشش، يا جدوجهد جو تصور ناممڪن آهي. جنهن کي وجود يا هئڻ چئبو آهي سو محنت، ڪوشش، ۽ جدوجهد جو، ۽ تنهن ڪري مخالفت جو به، ٻيو نالو آهي.

جا شئي متحرڪ آهي سا محنت ۽ ڪوشش جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ تنهن ڪري مخالفت جي خلاف مُتحرڪ آهي؛ ۽ اُها مُخالفت به مَحِنت، ڪوشش، ۽ جَدوجهد وانگي ان شئي جي وجود جي بنياد آهي جا شئي ساڪت آهي. جا شئي سڪتي ۾ آهي جا شئي ماٺ آهي. يا جا شئي غير مُتحرڪ آهي تنهن جو وجود هجڻ، يا تنهن جو وجود ۾ اچڻ يا تنهن جي وجود جو تصور به ڪرڻ، ناممڪن آهي جنهن کي پاڻ ائٽم چئون ٿا سو به مُتحرڪي جو هڪ بنهه ننڍڙو ڪڻو آهي جنهن کي پاڻ خَلا يا خال سمجهون ٿا تنهن ۾ ڪابه شئي ناهي سواءِ تحرڪ جي، ڇو ته جي اُن ۾ تحرڪ نه هجي، جيڪڏهن خلاء مُتحرڪ نه هجي. جيڪڏهن خلاء مُتحرڪ رهي شين کي پاڻ کان ٻاهر نه رکي، ته خَلاء جو وجود ئي نه رهي انسان جو جسماني وجود خَلاء کي ڌڪي وجود ۾ اچي ٿو محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد، ۽ تنهنڪري مخالفت به انساني  وجود جو بنياد آهي. جيڪو وجود ۾ آهي سو محنت، ڪوشش، جدوجهد مخالفت ۾ آهي جنهن کي زندگي چئبو آهي سا هِڪَ ڊگهي ڪشمُڪَش آهي جنهن اسان کي جسماني وجود ڏِنو، ۽ جَنهِنجو ٻيو سِرو اسان جي جِسماني وُجود کان اڳتي تمام گهڻو اڳتي تائين وڃي ٿو.

جوانيءَ جي شروعات ۾ ۽ پوءِ سموري جوانيءَ جي دور ۾ اِهو سمجهڻ تمام ڏُکيو آهي ۽ بلڪل ناممڪن آهي ته اسان جي قسمت اسان جي وس ناهي پوءِ هڪڙو ڏينهن ايندو آهي جڏهن اسان ڪنڌ وراڻي پنهنجي ماضيءَ تي نظر ڊوڙائيندي ڏسندا آهيون ته هڪڙيون پهاڙ جيڏيون اسان جون ڪوششون هيون جيڪي سڀيئي اجايون ويون.

اسان ڏسندا آهيون ته اسان جي ڪوشش ۾ وڏو تعداد اُنهن ڪوششن جو هو جيڪي رائگان ۽ ضايع ويون وڏي عمر جا ٿي اسان گهڻو ڪُجهه سمجهي ويندا آهيون.

انسان ڪوشش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهي؛ انسانن جي فطرت جو ٻيو نالو ڪوشش؛ ۽ جِن کي اسان وڻڻ هيٺ ويٺل، فُٽ پاٿ تي ليٽيل يا اڌ ڏينهن تائين ستل ڏسندا هُئاسين ۽ سمجهندا هُئاسين ته اهي سڀيئي سُست آهن جو ڪوشش نٿا ڪن پنهنجي تقدير ٺاهڻ جي، سي به اسان وانگي ئي ڪوشش ۾ مصروف هُئا پر اسان هُنن کي تڏهن غلط سمجهيو هو ڪوشش ڪرڻ انسان جي فطرت آهي. ڇو ته مٽي ۽ دز جي هڪ ذري جو وجود به بي انتها تکي ۽ تيز رفتار واري چُرپُر تي قائم آهي.

اسان جي واقفن ۾ جن کي اسان اڄ ڪامياب سمجهون ٿا، اُنهن ۾ ڪي ڪامياب سمجهون ٿا، اُنهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جن کي اسان ڪڏهن ڪاهل ۽ سست به سمجهيو هو، ۽ جن کي اسان ڪڏهن غير ذميدار، سُست، ۽ ڪاهل ڏٺو هو، تن مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي اڄ اسان کان اڳتي، ۽ ڪي ته اسان کان تمام گهڻو اڳتي به آهن.

بُلڪل دُرست آهي ته اُهي ڪي ٻيا وٽ ۽ ماپا آهن جن تي ڪاميابيءَ جي ڪَٿَ ٿيندي آهي، پر اِهو به بلڪل دُرست آهي ته اُهو ڪو ٻيو هنڌ آهي جتان اسان پنهنجي حصي جي ڪاميابي يا ناڪامي جو مقدار وٽن ۾ کڻي ايندا آهيون.

 

 

موڙ

طارق اشرف

 

اڄ وري گهر جو هڪڙو ئي مَٽُ ڀڳو. اڄ وري گهر جي گُهٻَ پيل جست جي ٿانون کي، نون گهٻن لاءِ اڱڻ ۾ اڇلايو ويو. اڄ وري شور ٿيو، وري گوڙ متو. اڄ واري پاڙي واري ڀت سان لڳل کٽ تان بيهي جهاتي پاتي، پاڙي جي ٻارن در مان ليئو پاتو، ۽ کي کي ڪري کليا. اڄ وري پوليس وارو پَٽ تي زور زور سان پير هڻندو گهر مان نڪتو. بي ڏوهي ننڍڙي جي ڳل تي اڄ به ماڻس زور سان چماٽ هنئي ۽ هو زور زور سان روئڻ لڳو. اڄ به پوليس واري جي وڃڻ کان پوءِ جوڻس پار ڪڍي رُني ۽ سڄو ڏينهن ڪُني نه چڙهي.

اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي. زرينه جي شادي مظفر سان ٿئي ڏهه سال گذري چڪا هئا. ڪجهه وقت تائين اهڙو اتفاق سالن کان پوءِ ٿيندو هو. پوءِ مهينن ۾، ان کان پوءِ هفتن ۾، ۽ هاڻ ته اهڙا اتفاق هفتي ۾ ڪئين ڀيرا ٿيڻ لڳا. شور ۽ گوڙ کان شروع، پٽ پار تي ختم.

مظفر کي انهيءَ ڪري زرينه سان نفرت نه هئي ته هوءَ ڪا بدلڇڻي هئي. اها ڳالهه به نه هئي ته هوءَ بدشڪل هئي. زال سان نه پوڻ جو سبب فقط ناپسند جي شادي هئي. مظفر کي اهو سڱ بلڪل پسند نه هو. پر ماڻس کي ڪيئن نه پسند اچي- ڀاڻيجي هيس. ڀاڻيجيءَ کي ڪيئن نه ننهن بڻائي. سو به اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن ڀيڻ مرڻ وقت ڌيءَ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي وئي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ڀاڻيجيءَ کي ڇڏي ٿي سگهي؟ ڪو عيب هجي ها ته کڻي ڇڏيس به ها. سدا ملوڪ، چنڊ جهڙي هئي، آخر ڇو ڇڏي. اِهو ته الله مٿس فضل ڪيو هو، جو زرينه جهڙي ننهن ٿي مليس. زرينه جو پيءُ جيئرو هجي ها ته کيس ملي به ها ڇا اهو سڱ. ۽ وري پٽ هو به وري ڪهڙو آئينو، جو نخرا ٿي ڪيائين. پوليس  وارو ئي ته هو. سڄو ڏينهن گاڏين موٽرن لاءِ رستي تي هٿ ٽنگيو بيٺو هوندو هو.

پٽ لاءِ ڀاڻيجي پرڻائي ته آئي، پر پٽ جي دل ۾ ڀاڻيجيءَ لاءِ جاءِ نه ڪڍي سگهي، ۽ اهو وس ۾ به نه هوس، نه ته جيڪر ائين به ڪري ها. هن کي ڀاڻيجي تمام گهڻي وڻندي هئي. مظفر، ماءُ جي تمام گهڻي اصرار ۽ ڌمڪين کان لاچار ٿي، زرينه سان شادي ته ڪئي، پر هن کي زال واري حيثيت نه ڏنائين. زرينه سان ڳالهائڻ ته وڏي ڳالهه، ڏانهس اک کڻي ڏسڻ به پسند نه ڪندو هو. ماني گهرڻي هونديس ته ماءُ کان گهرندو هو. ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پئي ته ان لاءِ به ماءُ کي چوندو هو. شادي جي اٺين- ڏهين مهيني، سمهڻ به ماڻس جي ڪمري ۾ لڳو. ماڻس گهڻو ئي سمجهايو، پر نه مڙيو. مجبور ڪيائينس، ته گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏنائينس. اها ڌمڪي اثر ڪري ويئي، ۽ وري ماڻس نه چيو.

مظفر صبح جو سوير ڊيوٽيءَ تي هليو ويندو هو، ۽ رات جو چرڪو موٽندو هو. ماڻس سمهي رهندي هئي، پر زرينه مڙس جي انتظار ۾ جاڳندي رهندي هئي. هن جا ڪن گهنٽيءَ ۾ لڳا رهندا هئا. ۽ جڏهن رات جو خاموشيءَ ۾ پري کان ڳري بوٽن جو آواز ويجهو اچڻ لڳندو هو، ته هوءَ جلدي جلدي اُٿي در جو ڪڙو لاهي، سس کي جاڳائي، چلهه ۾، ڇار جي اندر پوريل ٽانڊا ڪڍي، ماني ڪوسي ڪرڻ ويهي رهندي هئي. مظفر سڌو ماءُ جي ڪمري ۾ هليو ويندو هو. زرينه ماني ڪوسي ڪري، سس جي ڪمري جي ٻاهران، سس کي سڏ ڪري ڏيندي هئي. ماءُ پٽ کي ماني کارائي، جوٺا ٿانو ننهن کي ڏئي ويندي هئي ۽ زرينه، ڳوڙها ڳاڙيندي، اوڏيءَمهل ئي ٿانوَ ڌوئي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، ته رات جي خاموشيءَ منجهه مظفر جي ڳري بوٽن جو آواز پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو هو، زرينه يڪدم ماني ڪوسي ڪرڻ ويهي رهندي هئي، آواز ويجهو پيو ٿيندو هو، ۽ گهر وٽان ٿي، پري ٿيندو ويندو هو، هي مظفر نه، ڪو ٻيو پوليس وارو پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ هوندو هو. هڪ ٻه ڀيرا ائين به ٿيو جو بوٽن جو آواز اچڻ لڳو، زرينه ماني ڪوسي ڪرڻ ويٺي، مظفر گهر تائين آيو، پر در تي ڪو دوست ملي ويس ۽ ان سان گڏ ويو هليو، هوءَ انتظار ۾ بورچيخاني ۾ ئي ويٺي رهندي هئي، ۽ اک اوڏيءَ مهل پٽبي هيس، جڏهن سندس سس صبح جو نماز لاءِ اُٿندي هئي.

شاديءَ کان پوءِ زرينه کي پهرين خوشي تڏهن نصيب ٿي، جڏهن شاديءَ جي يارهين مهيني کيس پٽ ڄائو. ڏاڏي ته پوٽي تان قربان پئي وئي، پر مظفر ائين الڳ ٿلڳ رهيو، ڄڻ پٽ سندس نه هو. ننڍڙو جڏهن اڍائي سالن جو ٿيو. تڏهن ڏاڏيس وڃي الله کي پياري ٿي. جڏهن زرينه جي ماءُ مئي هئي، ان وقت به زرينه چڱي خاصي جوان هئي. ان وقت رني به هئي، پر ائين اوڇنگارون ڏيئي نه، جيئن سس جي مرڻ تي، اهائي ته هن کي پرڻائي آئي هئي، اُها ئي ته هن جو سهارو هئي، اڄ اهو سهارو به ٽٽي پيو، پوءِ ڀلا ڪيئن نه اوڇنگارون ڏئي ها؟ سس، جا نه فقط هن جي ماسي هئي، پر هن لاءِ ماءُ به هئي، ان جي مرڻ تي زرينه واقعي ڏکي ٿي. هوءَ هن لاءِ ڍال مثال هئي، پر اها به نه رهي.

سس کي مئي يارهون ڏينهن هو. سڄو گهر پنهنجين ۽ پراين زالن سان ڀريل هو. انهن سڀني جي هوندي، هڪ معمولي ڳالهه تي مڙس بگڙيو، جهلي ڏاڍي مار ڪڍيائينس، هڻي سٽي وڌائينس. ويٺل زالون ڊوڙي آيون، پر مظفر به رهيل سهيل ڪسرون ڪڍي ڇڏيون. ۽ پوءِ، اهڙا اتفاق سالن ۾، مهينن ۽ هفتن کان پوءِ، هاڻ ته هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٿيڻ لڳا هئا. شادي ٿئي ڏهه سال لنگهي ويا، پر زرينه مار کائيندي پئي آئي. مظفر کي جڏهن به ڪاوڙ چرهندي هئي، پهرين اُها مَٽَ تي لهندي هئي. جست جا ٿانوَ، جيڪي ڀيري ڀيري سان اڇلڻ ڪري عجيب غريب شڪل جا ٿي ويا هئا، سي هڪ دفعو وري شڪل مٽائڻ تي مجبور ٿيندا هئا. گوڙ تي پاڙي جا ٻار در مان جهاتيون پائيندا هئا، ۽ زرينه کي مار کائيندي ڏسي کلندا هئا. پاڙي واري جلديءَ سان اُٿيءَ کٽ تي چڙهي جهاتي پائيندي هئي. جڏهن مظفر ڳَرن بوٽن جي ٺپ ٺپ ڪندو ٻاهر هليو ويندو هو، تڏهن زرينه ننڍڙي کي، جيڪو اڳ ۾ ئي روئي رهيو هوندو هو، اُٿي ڳل تي زور سان چماٽ هڻندي هئي. ۽ جڏهن هو رڙيون ڪري روئڻ لڳندو هو، تڏهن پاڻ به ويهي پار ڪڍندي هئي.

اڄ به اهوئي سڀ ڪجهه ٿيو، جيڪو سدائين ٿيندو هو. پار ڪڍي ڪڍي زرينه جي اک لڳي ويئي، ۽ جڏهن اک کليس، اُسن جا پٽ چڙهي ويا هئا. هن ننڍڙي ڏانهن ڏٺو، هو روئي روئي پٽ تي ئي سمهي رهيو هو. هن جي ڳلن تي ڳوڙهن جا ميرا ليڪا صاف نظر آيا پئي. هن پوتيءَ سان ننڍڙي جو منهن اگهيو، کيس کٽ تي ليٽائي، پاڻ بورچيخاني ۾ وئي. سڄي بورچيخاني جو جهاڙو ورتائين. پر کائڻ لاءِ گهر ۾ ڪجهه ڪونه هو. پوءِ هن کي ياد آيو ته اڄ هيءَ واويلا متي ئي انهيءَ ڪري هئي، هن مظفر کي چيو هو: ”اٽو، مصالحا، گيهه سڀ ختم ٿي ويا آهن.“ ۽ مظفر کيس گاريون ڏيندي چيو هو: ”سڀڪجهه ختم ٿي ويو آهي، پر تون ختم نٿي ٿين.“ ۽ گارين کان پوءِ مار.

زرينه کي جيئن جيئن ڳالهيون ياد پئي آيون، تيئن تيئن کيس ڪاوڙ پئي چڙهي. اڄ وڌيڪ ڪاوڙ انهيءَ ڪري به آيس، جو هن کيس ماءُ تي گار ڏني هئي. مئل ماسيءَ جو حيا به نه ڪيائين. اڄ گارين ۽ مار کان علاوه ڌمڪيون به ڏيئي ويو هوس. ويندي وقت چئي ويو، ”مان هن گهر تي ٿُڪان ٿو. مان هاڻ هن گهر ۾ پير نه پائيندس. ٻي شادي ڪري رهيو آهيان، توکي ٽي طلاقون ڏيو پيو وڃان، هاڻ جتي وڻيئي، وڃي منهن ڪارو ڪر. کپيئي ته ٻيو حق ڪر.“

عورت سڀڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿي، پر پنهنجي جائز مڙس جي واتان اهڙا اکر ٻڌڻ يا ٻڌي برداشت ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي. عورت، طلاق مليل کان بيوه سڏائڻ وڌيڪ پسند ڪندي. اهو ئي سبب هو جو زرينه مڙس جي سامهون پهريون ڀيرو زبان کولي هئي، کيس گار سان گار ڏنائين، ۽ وڃڻ کان پوءِ دل کولي پٽيائينس ته: ”نه تون جيئرو رهين، نه ٻي شادي ڪري مون کي طلاق ڏين.“

ٻپهرن کان شام، ۽ شام کان هاڻي رات ٿي چڪي هئي. نه گهر ۾ ڪجهه رڌو هو، ۽ نه ئي تيل هو، جو بتي ٻري. ڪجهه پراڻا دٻا ۽ ٻاٽليون وڪڻي، هن ننڍڙي جو ته پيٽ ڀريو، پر پاڻ لنگهڻ تي رهي. ڏک ۾ هوءَ سدائين ماضيءَ کي ياد ڪندي هئي، پر اڄ پهريون ڀيرو هن مستقبل بابت سوچيو. مڙس جيڪڏهن ٻي شادي ڪئي، ته سندس ڇا ٿيندو؟ هو ضرور طلاق ڏيندو..... ۽ سندس ۽ ننڍڙي جو ڇا ٿيندو؟

هاڻ هوءَ مڙس سان گڏ سس کي به پٽڻ لڳي، جنهن کيس هن دوزخ ۾ وڌو هو. رات جي اٺين وڳي، جڏهن هوءَ ننڍڙي جي کٽ سان ٽيڪ ڏيو مستقبل بابت سوچي رهي هئي، ته در تي ڪَڙو کڙڪيو. زرينه جا هٿ پير ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳا. مڙس ته ٽي طلاقون ڏيئي ويو هو، هاڻ اچڻ جو ڪهڙو ڪم اٿس؟ هن فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ هوءَ مڙس جي منهن تي ٿڪندي به نه، جنهن سندس ايڏي بيعزتي ڪئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سوچيندي رهي. ڪڙو ٻيهر کڙڪيو، ۽ جڏهن ٽيون ڀيرو مسلسل کڙڪڻ لڳو، تڏهن هوءَ ڪاوڙ منجهه اٿي ۽ رڙ ڪري چيائين، ”هاڻ ڇو آيو آهين؟ تون ته مون کي ٽي طلاقون ڏيئي ويو هئين. شادي نه ٿي سگهيئي ڇا؟ ۽ در کولي ڇڏيائين.

”ننڍڙي جي ماءُ، ننڍڙي جي ماءُ..... ننڍڙي جو پيءُ موٽر جي هيٺان چپجي پيو آهي. ماڻهو هن کي اسپتال کڻائي ويا آهن.“ پاڙيسري ڇوڪري، جيترو جلدي اها خبر ٻڌائي، ايترو جلدي ڀڄي به ويو.

پر زرينه اتي جو اتي بيٺي رهي. هن جي سوچڻ سمجهڻ جي قوت جواب ڏيئي چڪي هئي. نڄاڻ، هوءَ ڪهڙيءَ طرح ڪمري ۾ واپس موٽي. جتي پهرين ويٺي هئي، اتي ئي ويهي رهي. نه هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، نه منهن تي ڏک جا ڪي آثار. رات جو پوئين پهر مظفر جو لاش اسپتال مان آندو ويو، تڏهن به هوءَ خاموش ويٺي هئي.

مظفر ڊيوٽي ڏيندي، موٽر جي هيٺان چپجي مئو هو، انهيءَ ڪري ڪفن دفن جو سارو انتظام پوليس ڪيو هو. صبح جو ڏهين وڳي جنازو پوليس جي اعزاز سان کنيو ويو. جڏهن اسپتال مان لاش آيو هو، تڏهن مڙس جو چچريل لاش ڏسي به زرينه جي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا، ۽ جڏهن جنازو ويو ٿي، اوڏي مهل پاڙي وارن جون اکيون به آليون ٿي پيون هيون، پر زرينه تڏهن به ماٺ ۾ رهي، ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو آهي. ”ويچاريءَ  کي سڪتو (ماٺ جو مرض) ٿي پيو آهي. ڀلا، اوچتو جو هيءُ مصيبت جو جبل اچي مٿانئس ڪريو آهي.“

پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه هئي. زرينه کي سڪتو نه ٿيو هو. رهي مصيبت جي جبل واري ڳالهه، ته مظفر زندگي ۾ کيس ڪهڙا سک ڏنا هئا، جن کي ياد ڪري هوءَ روئي؟ سڄي عمر پنهنجيءَ نااهليت سببان پوليس واري جو پوليس وارو رهيو، ڪابه ترقي نه ڪيائين. اڃا ڪلهوڪي ته ڳالهه آهي. وڙهي چئي ويو هو: ”ٽي طلاقون ڏيو پيو وڃئين، وڻيئي ته وڃي ٻيو حق ڪر. مان ته ٻي شادي ڪري رهيو آهيان.“ زرينه پٽيندي چيو هو: ”خدا ڪندو، موٽر جي هيٺان ايندين- نه جيئرو رهندين، نه مون کي طلاق ڏيندين.“ ۽ هاڻ جڏهن سندس دعا قبول ٿي، مظفر موٽر جي هيٺان آيو، تڏهن هوءَ ڪهڙي منهن سان روئي، ۽ ڇو روئي؟ کلڻ جو وقت نه هو، روئڻ هن کي آيو نٿي، انهيءَ ڪري هوءَ ماٺ هئي. هن کي مڙس جي مرڻ جو ڪو ڏک ڪونه هو.

مظفر جي مرڻ جي ٻئي ڏينهن شام جو، پوليس جو”ڊي- آءِ- جي“ مظفر جي گهر آيو. پردي جي پٺيان ويٺل زرينه سان عذر خواهي ڪندي تمام رنج سان چيائين، ”ڀيڻ، تنهنجو مڙس پنهنجو فرض ادا ڪندي، هن دنيا مان ويو آهي. اسان کي سندس موت تي رنج ۽ اوهان سان همدردي آهي.“

”همدردي! زرينه دل ۾ سوچيو، ”مون سان هُنَ ڪڏهن همدردي نه ڪئي، مئو ته ڪجهه ڇڏي نه ويو، جو مان يا پٽ ڏکيو سکيو گذر ڪري سگهون. هاڻ هيءَ هن سان همدردي جتائي رهيو آهي، جنهن سان مون کي ڪا همدردي ڪانهي!“ پر هو ڪجهه به چئي نه سگهي.

”ڀيڻ، اسان کي پورو پورو احساس آهي ته هاڻ اوهان جي زندگي ڪيئن گذرندي. اوهان جو هن دنيا ۾ ڪو سهارو ڪونهي، ۽ ٻار اڃا ننڍو آهي. اوهان جو مڙس پنهنجي ڊيوٽي ڏيندي فوت ٿيو آهي، انهيءَ ڪري پوليس جي طرفان اوهان کي ٽي سؤ رپيا ڏنا ٿا وڃن، ۽ پنجويهه رپيا هر مهيني پينشن به پئي ملندي.“ ڊي. آءِ. جي ٽن سون رپين جا نوٽ پردي جي اندر ويٺل زرينه جي هٿ تي رکيا.

نوٽ ملندي ئي ڳوڙها زرينه جي اکين مان وهي آيا.

 

 

جهلڪ

موهن ڪلپنا

 

سياري جي سرد رات هئي. اسين شؤ جي مندر وٽ پپر جي وڻ هيٺان ٿلهي تي ويٺا هئاسين. اسان ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه نٿي ڳالهايو. هوا پپر جي پنن کي چمي رهي هئي. پپر چانڊوڪيءَ کي چمي رهيو هو ۽ مان سنڌوءَ جي اکين ۾ نهاري رهيو هوس، جنهن ۾ ستارن جي روشني ڀري پيئي هئي.

يڪا يڪ ٻئي اُٿي کڙا ٿياسين.

ٿڌ پنهنجو اثر ڄمائڻ شروع ڪيو.

هن منهنجي بلڪل ئي قريب اچي، ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو. هٿ آرپار نڪري آيو. کيسو ڦاٽل هو. سنڌوءِ کي خبر نه هئي ته اهو ڪوٽ منهنجو نه بلڪ منهنجي ڏاڏي جو هو، جنهن منهنجي پيءُ کي ڏنو هو ۽ ان ريت اهو مون کي مليو هو.

”هيءُ ڇا آهي؟“

”جهڙي منهنجي زندگي!“

”ڇا ٿو چوين؟“

”هيٺين وچين طبقي جو ماڻهو آهيان نه....“

هن پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. آهستي چيائين، ”پوءِ تون ڪٿي نوڪري ڳولهين ڇو نٿو؟“

”نوڪريءَ لاءِ ماريو ماريو ڀٽڪندو ته آهيان“

”چوندا آهن، جي مرد ماڻهو چاهين ته زمين مان سون به ڪڍي سگهندا آهن.“

”ان لاءِ به اوزارن جي ضرورت ٿيندي آهي سنڌو. بنا اوزارن جي زمين مان سون ته ڇا، پر هڪ پٿر به ڪڍي نه سگهبو آهي.“

”تڏهن ڇا ٿيندو؟“ هن منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو. ”سو ته نٿو ڄاڻان سنڌو. تون ڇڏي نه ويندينءَ. ان جي مون کي خاطري آهي. ليڪن تون ڪهڙي آهين، ڪڏهن به ڪجهه گهريو نه اٿئي. شايد مان اهڙو آهيان جو توکي ڪجهه ڏيئي نه سگهيو آهيان. چڱو اهو ته ٻڌاءِ سنڌو، توکي ڇا بنگلي ۾ رهڻ ۽ ڪار ۾ گهمڻ جو شوق ڪونهي؟“

”تو مون کي ڇا سمجهيو آهي؟“ هوءَ دور هٽي ويئي.

”سمجهيو ڪونهي، سمجهڻ چاهيان ٿو.“

”ڇا ٿو سمجهڻ چاهين، اهو ته مان ڪيترو ڪري سگهان ٿي.“

”تون مون کي غلط سمجهي رهي آهين.“

”غلط مان ٿي سمجهان يا تون؟“

”جا ڳالهه فطرتي آهي، سوچڻ ان تي گهرجي، ڇا تون اوچي زندگيءَ جي خلاف آهين.“

”هميشه سادو رهجي ۽ اُوچو سوچجي.“

”نه“ مون چيو، ”هميشه اوُچو رهجي ۽ گهرو سوچجي.“

”چڱو، ٻڌاءِ ڇا آڻيندي مون لاءِ؟ توکي چيم: مون کي نوڪري آهي مون کان وٺندو ڪر. تو اِنڪار ڪيو. گهر مان به ڪجهه نه وٺين. هلين ڪئن ٿو؟ اڄ جي نوجوانن کي کپن کيل، اخبارون ۽ سگريٽ. ليڪن تون؟ چڱو ٻڌاءِ ڇا آڻيندين؟“

مان پهرين سوچڻ لڳس ته ڇا آڻيان ۽ پوءِ سوچڻ لڳس ڪٿان آڻيان، ليڪن ٻنهي جو جواب پائي نه سگهيس.

هوءَ چپن ۾ هڪ گيت گنگنائڻ لڳي.

مون سوچيو، هن لاءِ هڪ گل آڻيندس. باغ مان پٽي ايندس. ليڪن ان جو ملهه؟ اوه! هوءَ کلندي چوندي: بس! يا شايد روئي پوي. کيس منهنجي مجبوريءَ جو احساس ٿيندو. نه، مان کيس نه کلڻ ڏيندس ۽ نه روئڻ. ليڪن مان ڪريان ڇا؟ گهر مان ته ڪجهه به نه وٺندس. اوڌر وٺي سوکڙي ڏيان، اهو ته منهنجي طبيعت ۾ ڪونهي. سڀ ڪتاب به وڪڻي چڪو آهيان. مون کي پنهنجي پين به ڪانهي، ڪجهه ڪونهي.

منهنجي اکين ۾ هلڪي جلن ٿي. سوچيم: پپر جي وڻ مان هڪ پن پٽي، ان ۾ کيس پنهنجا ٻه آنسو ڏيان....!

”چپ ٿي وئين؟“

”سوچيان ويٺو“

”اُوچو يا گهرو؟“ هن کليو.

”ٻئي.“ هاڻ مون به کليو.

”ڇا آسمان مان چنڊ لاهي ايندين؟“

”ڌرتيءَ به چنڊ آهي، جيڪڏهن ڪوئي چنڊ مان وڃي ڏسي.“

”تڏهن تارا لاهي ايندين؟“

”اُنجي روشني تنهنجي اکين ۾ اڳ ۾ ئي آهي.“

”نه پوءِ آڻيندين ڇا؟“

”پان وٺي اچان؟“

”پان!“ هن زور سان ٽهڪ ڏنو.

”پان جو ذڪر ويدن ۾ به آهي، اُپنشدن، پراڻن، رامائڻ، مهاڀارت ۽ ڀاڳوت ۾ به آهي.“

”۽ گيتا ۾؟“

”گيتا مهاڀارت جو هڪ حصو آهي ۽ مهاڀارت ۾ پان جو ذڪر آهي.“

”شاسترن موجب پان ڪير کائيندو آهي، زالون يا مرد؟“

”شاسترن ۾ صرف پان جي مهما ڏنل آهي، کائيندا صرف ديوتائون آهن، جن جو ذڪر سڀني هندستان مهاڪاوين ۾ آهي.“

”تو ڇا ايترو پڙهيو آهي؟“

”مون کي اهو سڀ هڪ پان واري ٻڌايو هو.“

هوءَ کلڻ لڳي.

”چڱو آڻج.“

مان ٽڪي هٿ ڪرڻ جي فڪر ۾ هوس جو ننڍيءَ ڀيڻ جو آواز ٻڌم. هوءَ ڀاڀيءَ کي چئي رهي هئي ته ڪچي چانهه ڪانهي، ان ڪري اڄ چانهه ٺهي نه سگهندي. ڀاڀيءَ چيو، ”ته پوءِ راجوءَ کي آنو ڏي ته هوٽل مان وٺي اچي. اسان نه پيتيسين ته وڏي ڳالهه ڪانهي، پر جيڪڏهن چندر نه پيئندو ته مٿي ۾ سور پوندس.“

شام جو جيڪڏهن گهر ۾ چانهه نه ٺهندي هئي ۽ مان گهر ۾ هوندو هوس ته ائين ٿيندو هو.

راجو آنو وٺي چانهه وٺڻ ٿي ويو، جو مون کيس سڏ ڪيو. هن نزديڪ ايندي چيو، ”ڀائو، مون کي چانهه پياريندين نه؟“ مان ڄڻ سراپجي ويس. مون کيس چوڻ ٿي چاهيو ته آنو ڏي ته مان پاڻ ئي ٿو چانهه پي اچان.

”ٽڪو تون کڻ، ٽڪو مون کي ڏي.“

”۽ چانهه؟“

”ٽڪو تون کڻ، ٽڪو مون کي ڏي.“

”۽ چانهه؟“

”نه کپي.“

”ڀاڀي مار ڏي ته؟“

”نه مان ويٺو آهيان.“

***********

رات جو پان واري جي دڪان تي اچي بيٺس. سوچيم ته هڪ ٿڌو ڪپوري پان وٺندس، جنهن ۾ چوني کان سواءِ ٻيا سڀ مصالحه هوندا. چوندوسانس ته پان ۾ ڪيسر، گلقند، مٺي ڪاٺي، اِلاچي ۽ ٺنڊڪ ضرور وجهي. اڃا کيسي ۾ هٿ وڌم ٿي جو ان هٿ کي هڪ ٻار اچي جهليو. هن جي هٿ ۾ هڪ دٻو هو.

ليلائيندي چيائين، ”سائين پنندو ڪونه آهيان، بسڪيٽ وڪڻندو آهيان. آني جا نه وٺو، ٽڪي جا وٺو. ضرور وٺو، مهرباني ڪري وٺو.“ مون هٿ ڇڏائي چيو، ”ان لاءِ تون زور ڇو ٿو ڪرين؟“

”مان سڀني کي زور ڪندو آهيان.“

”ڇو؟“

”ماڻهو بسڪيٽ نه وٺندا، بابو مار ڏيندو، اَما مار ڏيندي. مان روز ٻي رپئي جا بسڪيٽ وڪڻندو آهيان. سچ سائين، گهر ۾ رڳو مان ئي ڪمائيندو آهيان.“

”تون سڀني کي ائين چوندو آهين؟“

”ڪڏهن ڪڏهن، جيڪي نه وٺندا آهن، انهن کي هوٽل ۾ بسڪيٽ ٽڪي هڪ آهي، مان آني جا چار ڏيندو آهيان.“

سوچيم: مان ڇا پنهنجي سنڌوءَ کي هڪ پان به کارائي نه سگهندس” مون ڪنهن سوني هار يا منڊيءَ جو نه، صرف هڪ پان جو انجام ڪيو، صرف هڪ پان جو....

************

چنڊ ڄڻ پنهنجي ڪشش وڃائي ڇڏي، پپر مان سنگيت جا سر ڄڻ يڪا يڪ گم ٿي ويا. هوا به ڄڻ بي مطلب ٿيڻ لڳي. پپر جي پنن ڄڻ هوا کي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، مان پريشان هوس.

”اڄ بيحد اُداس ٿو لڳين؟“ سنڌو پڇيو.

مان چپ.

”مون سان ملي ڇا توکي خوشي نه ٿي؟“

چپ.

”چڱو ٻڌاءِ مون تو لاءِ ڇا آندو آهي؟“

چپ.

”اڄ ڇا ڪوئي دردناڪ ناول پڙهي آيو آهين؟“

مون ڦڪو مرڪيو.

”مون کان ناراض آهين؟“ هوءَ بلڪل قريب آئي.

مان هن جا حواس، وسواس ڳڻي ٿي سگهيس.

”تو کان ناراض ٿي مان ڇا سکي ٿي سگهندس.؟“

هن هڪ لنبو ساهه ڇڏيو.

ٻيءَ گهڙيءَ چيائين، ”مون تولاءِ هڪ پيسٽري آندي آهي.“

مان وري به چپ رهيس.

”ليڪن منهنجو پان؟“

”رهڻ ڏي ان کي، ان ۾ رکيو ئي ڇا آهي.“

”رکيو ئي ڇا آهي! ڇا ڪونه آندو اٿيئي؟“

مان چپ.

”ليڪن چندر؟ مون اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو تون مون کي انجي ايڏي سزا ڏيئي رهيو آهين؟“

منهنجو من ڄڻ ٽٽڻ لڳو. پيار جي پهرين آڇ، جا هڪ بکاري به آسانيءَ سان چڪائي سگهيو ٿي ۽ جا هن سنيهه وچان قبول به ڪئي هئي، مان پوري ڪري نه سگهيو هوس مون آهستي چيو.

”سنڌو، تو پيسٽري آندي آهي.... مون بسڪيٽ آندو آهي.“

”بسڪيٽ مان نه کائينديس.“

تڏهن مون مختصر ۾ ان بسڪيٽ جي خريديءَ جو پس منظر ٻڌايومانس.

اَواڪ اَچلڪ هوءَ منهن تڪيندي رهي. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس، پر رنائين ڪانه.

تڏهن اُمالڪ چنڊ ۾ ڪشش موٽي آئي. پپر مان سنگيت جا سر وڄڻ شروع ٿي ويا. هوا پپر جي پنن کي ۽ پپر چانڊوڪيءَ کي چمڻ شروع ڪري ڇڏيو.

هن بسڪيٽ وٺندي چيو، ”چندر تو پان نه آڻي سٺو ئي ڪيو. مون توکان ڪجهه نه گهريو ۽ تو مون کي ڇا ڏنو، ان جي توکي خبر پيئي، چندر؟ تو مون کي بسڪيٽ ۾ اهو ڪجهه ڏنو آهي، جو راجا هريشچندر، رشي وشوامتر کي به نه ڏنو هوندو. سڀ ته آهي اِن ۾.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com