جيتامڙا
تانيا ٿيٻو
جنهن وقت سڄي بلڊنگ جي فليٽن مان شام وارين انگريزي خبرن جي بند
ٿيڻ جو آواز ايندو هو ان وقت مان ۽ حفيظ بلڊنگ جون
گنديون ڏاڪڻيون لهي هيٺ ايندا هاسين. بلڊنگ جي
بلڪل سامهون هڪ بيڪري هئي. ان بيڪريءَ جي ڀرسان ئي
جماعت خاني جي وڏي بلڊنگ، رستي جي ٻئي طرف هڪ قطار
۾ ڪيترائي گهر هئا. جڏهن اسان ٻئي گهرن وٽان
لنگهندا هئاسين ته حفيظ جي نظر انهن گهرن مان هڪ
گهر جي درين ڏانهن ضرور کڄندي هئي تڏهن مان هن کان
پڇندو هئس.
”ڇا ٿو ڏسين؟“
”يار ڪلهه ته اها دري کليل هئي.“
”ها يار کليل هئي-“ پوءِ؟
”ڪلهه اها دري کليل هئي ۽ ان دروازي ۾ هڪڙي ڇوڪري بيٺي هئي ڏاڍي
سهڻي هئي يار!“
”ڪلهه دري کليل هئي ته ضروري ناهي ته روز کليل هجي.. بيٺي هوندي
ڪنهن ڪم سان روز ٿورو ئي بيهندي.“
۽ ان کان پوءِ ان گهر جي اڳيان هلندي هنن جي هلڻ جي گهٽ ٿيل
رفتار ان جي گهر جي پٺيان رهجي وڃڻ کان پوءِ وري
تيز ٿي ويندي هئي.
حفيظ تمام وڏي ماڻهوءَ جو پُٽ هو. هن جو پيءُ تمام وڏو ڊاڪٽر ۽
ان کان وڏو شاعر هو. ڪراچيءَ ۾ ڪلينڪ هئس ۽ سول
اسپتال ۾ سول سرجن به هو. ايڏي وڏي پيءُ جو پٽ
هيئن مون سان گڏ رستن تي ڌڪا کائي رهيو آهي ۽ اهڙي
بي مقصد زندگي گذاري رهيو آهي! ان ڳالهه تي مون کي
اڪثر حيرت ٿيندي هئي. وڏن ماڻهن جا پٽ ته بلڪل
مختلف زندگي گذاريندا آهن. انهن جي وقت ۽ صلاحيتن
جي وڏي قيمت هوندي آهي. اهي اڪثر پنهنجي وڏن پيئن
جي سمال سائيز لڳندا آهن. حفيظ جي ته ڄڻ پنهنجي
پيءُ جي دنيا کان الڳ دنيا هئي. مان اڪثر هن کان
پڇندو هئس.
”يار تنهنجو پيءُ ايڏي وڏي حيثيت وارو ماڻهو آهي. تون هن جي ان
حيثيت مان فائدو ڇو نه ٿو وٺين. تون ته پنهنجي
زندگي ٺاهي سگهين ٿو. ائين ايم. اي ڪري ويٺو آهين
عام ماڻهن وانگر ويٺو ٿو نوڪريءَ جو انتظار ڪرين.
اخبارن ۾ اشتهار ڏسڻ ۽ پنهنجي پيءُ کي گاريون ڏيڻ
بس تنهنجا اهي ئي محبوب مشغلا وڃي بچيا آهن.
مون کي پڪ هئي ته انهن جي وچ ۾ ڪا وڏي
mis understanding
هئي نه ته عزيز علي جهڙن ماڻهن سان ڪنهن کي ڪهڙي
شڪايت ٿي سگهي ٿي. شاعر ۽ اديب ته انساني حقن جا
سڀ کان وڏا علمبردار هوندا آهن پوءِ هو پاڻ پنهنجي
اولاد جا حق ڪيئن غصب ڪندا هوندا. مان اڪثر حفيظ
کي هن جي پيءُ جي شاعري پڙهي ٻڌائيندو هئس. خاص
ڪري جڏهن هن جو ڪو نئون ڪتاب ڇپجندو هو ته ان مان
حفيظ کي اهي شيون ضرور پڙهي ٻڌائيندو هئس جيڪي مون
کي گهڻو وڻنديون هيون، پر حفيظ کي ڄڻ انهن ۾ ڪا
دلچسپي نه هوندي هئي ”ايڏا وڏا وڏا لفظ ايڏيون
وڏيون ڳالهيون بابا جي وات تي ڪونه ٿيون ٺهن. بابا
ايڏو وڏو ماڻهو ڪونهي. حقيقت ۾ ڏاڍو ننڍو ماڻهو
آهي. صفا جيتامڙو.“ حفيظ اهي ڳالهيون ڪري مون کي
صفا حيران ڪري ڇڏيندو هو. اسان جي دوستيءَ کي اڃا
ڇهه مهينا مس ٿيا هئا ان ڪري مان هنن جي وچ ۾
تعلقات جي نوعيت کي ٺيڪ طرح سمجهي نه سگهيو هئس.
بس مون کي ايتري خبر هئي ته عزيز عليءَ جو ڊفينس ۾
عاليشان بنگلو هو ۽ حفيظ پنهنجي ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن
ڀينرن سان گڏ گاڏي کاتي ۾ هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو
۽ ڪا ننڍي نوڪري ڪندو هو.
سفير تنهنجي ۽ منهنجي پيءُ جهڙا ماڻهو ٽڪي ۾ به مهانگا آهن پوءِ
کڻي ظاهري طور ڪيڏا به قيمتي ۽ معتبر ڇو نه نظر
اچن.
”خير منهنجي پيءُ جي ڳالهه ٻي آهي هو واقعي حرامي ماڻهو آهي“
مان ڄڻ ته حفيظ کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ لاءِ
چوندو هئس ته هن جي پيءُ کان منهنجو پيءُ وڌيڪ
خراب ماڻهو هو بلڪِ منهنجو خيال هو ته عزيز علي
خراب ماڻهو نه آهي پر منهنجو خيال هميشہ غلط ثابت
ٿيو.
۽ مان سوچيندو هئس ته منهنجو پيءُ اگر حفيظ جي پيءُ جيترو
سمجهدار ماڻهو هجي ها ۽ ايترو پڙهيل لکيل ۽ انسان
دوست هجي ها ته اسان جي زندگي جيڪا هن جي خود
غرضين جو بَک ٿي وئي سا گهڻي مختلف ۽ سٺي هجي ها.
بابا جي ڳوٺ ۾ ٿوري گهڻي زمين ۽ ڀرسان واري شهر ۾ چڱي خاصي
پراپرٽي هئي پر ان سڄي پراپرٽي ۽ پيسي تي هن سڄي
عمر نانگ بڻجي پهرو ڏنو هو. مجال آهي جو ان مان
پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي فائدو وٺڻ ڏي.
منهنجي پيءُ وٽ سواءِ پيسي جي ڇا هو؟ نه سمجهه نه
ڏاهپ، نه نالو ڪجهه به نه؛ پر جيڪا هڪڙي شيءِ هن
وٽ هئي هو اها به اسان سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار نه
هو.
اسان ٽنهي ڀيڻ ڀائرن کي هو ايترو ڏيندو هو جيترو ڪنهن ننڍي
نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ملي سگهي ٿو. گهر جي خرچ مان
به امان کان هڪ هڪ شيءِ جو حساب گهرندو هو اٽو
ڪيترو آيو پٽاٽا ڪيتري جا آيا.... اسان جي
پڙهائيءَ ۾ به ڪڏهن به ڪا دلچسپي نه ورتائين اسان
ته خير ڌڪا ٿاٻا کائي پاڻ ئي پڙهي پياسين باقي ڀيڻ
کي هن پنهنجي ملڪيت سمجهي پنج درجا پڙهائي گهر
ويهاري ڇڏيو. بابا جو اثر رسوخ ته ڪو هو ڪونه.
پيسا ڏيڻ لاءِ هو تيار ڪونه هو. سو نوڪري وٺڻ لاءِ
اسان کي سؤ ڌڪا کائڻا پيا ۽ ڌڪن ٿاٻن کائڻ کان
پوءِ به مونکي ڪلارڪيءَ کان وڌيڪ نوڪري نه ملي
سگهي ۽ ننڍي ڀاءُ جي ته اڃا تعليم پوري به نه ٿي
هئي ته هن پارٽ ٽائيم نوڪري ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
ڪڏهن هلندي هلندي جڏهن اسان جا جسم ٿڪ کان چور ٿيڻ لڳندا هئا
تڏهن حفيظ چوندو هو ”اڄ بابي سائينءَ جو ڪو شعر نه
ٻڌائيندين زندگيءَ جي خوبصورتين سان ڀريل جنهن، کي
ٻڌي سڀ ٿڪ لهي وڃن پر ان لاءِ به مون کي ايترو
ڪرڻو پوندو ته مان اهو وساري ڇڏيان ته اهو خوبصورت
شعر چوڻ وارو شخص منهنجو پيءُ آهي ۽ اهو پنهنجي
ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيڏو متضاد آهي! ٻين لفظن ۾ پنهنجي
ان شعر جي ڪاري ڪاپي آهي.“
اڄ حفيظ ڏاڍي دير ڪئي هئي نَو ٿي ويا هئا پر اڃا نه آيو هو. مان
فليٽ تي ويٺو ٽي. وي تي خبرون هلڻ جو انتظار ڪري
رهيو هئس. منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ٿي سگهي ٿو بابا
ڪڏهن سڌري وڃي ۽ هن کي احساس ٿئي ته هن اسان سان
تمام وڏيون زيادتيون ڪيون آهن ۽ هو انهن جي
تلافيءَ جي طور تي اسان جي مستقبل ۾ دلچسپي وٺڻ
شروع ڪري. مون اهي سڀ سوچون ڏاڍيون ٻاراڻيون
لڳيون. ”تون به ٻٻرن کان ٿو ٻير گهرين“ دل ئي دل ۾
پاڻ تي ملامت ڪيم.
ٻيو ڪجهه نه گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ڀيڻ جي باري ۾ ئي ڪجهه سوچي.
ايترو شرم ته ضرور پوندس ۽ ماڻهو جيئن جيئن پوڙهو
ٿيندو آهي ڪمزور به ته ٿيندو ويندو آهي.
ان وقت دروازو کڙڪيو مون سمجهيو شايد حفيظ اچي ويو آهي، پر
دروازي تي پاڙي جو ننڍڙو ڇوڪرو بيٺو هو ”ادا،
توهان جو هي خط ٽپالي ڀُل ۾ اسان جي گهر ڏئي ويو
هو. توهان گهر ۾ هيوئي ڪونه سو هينئر امان چيو ته
ڏئي اچ، متان ڪا ضروري ڳالهه هجي ان ۾“ ننڍڙو
ڇوڪرو مرڪندي يڪساهي سڄي ڳالهه چئي ويو. مون خط
وڍي در ٻيڪڙيو ۽ سوچڻ لڳس ضروري ڳالهه هجي ها ته
تار ڪن ها خط ۾ ته رڳو حال احوال هوندا آهن. مٿان
ايڊريس ڏسي سڃاتم ته خط منهنجي ڀيڻ شيرين جو لکيل
هو جنهن کي بابا امان جي وڏن جتنن کان پوءِ پنج
درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهايا هئا.
پيارا ڀاءُ
بابا سموري ٻني ۽ سمورا دڪان وڪڻي، پنهنجي ٻيءُ ماءُ سان گڏجي
دبئي هليو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه بابا ايتري
رازداريءَ ۾ ڪيو جو اسان کي ته ان جي وڃڻ کان پوءِ
به خبر نه پئجي سگهي. پورن ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن
پاڙي واريءَ اچي ٻڌايو تڏهن اسان کي خبر پئي.
پنهنجي لاءِ بابا پائي به نه ڇڏي ويو آهي هي گهر
جنهن ۾ اسان رهيل آهيون بس اهو گهر ئي آهي. تون
جلد ڳوٺ اچ ۽ اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ ڇو ته
اسان هتي اڪيلا نه ٿا رهي سگهون.“
تنهنجي ڀيڻ شيرين
مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. هڪ پيءُ پنهنجي زال ۽ جوان ڌيءَ کي ڇڏي
پاڻ دبئي ڀڄي ويو آهي. ۽ مان هتي ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي
هن جي سڌرڻ جو آسرو ڪري ويٺو آهيان.
ان هڪڙي گهڙيءَ منهنجي حيثيت به بدلائي ڇڏي هئي. پهرين مان هڪ
ننڍڙي سيٺ جو پٽ هئس ۽ منهنجي ماءُ ان ننڍڙي سيٺ
جي زال ۽ منهنجي ڀيڻ ان ننڍڙي سيٺ جي ڌيءَ هاڻي
مان هڪ ڪلرڪ آهيان منهنجي ماءُ ان ڪلرڪ جي ماءُ ۽
شيرين هڪ ڪلرڪ جي ڀيڻ.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير مون کي ڳوٺ وڃڻو هو، پر ٻه ٽي اهڙا ڪم
هئا جن کي ڪرڻ بنا ڳوٺ نه ٿي وڃي سگهيس سو ڇهين
بجي واري گاڏيءَ جي بجاءِ ڏهين بجي واري گاڏيءَ ۾
وڃڻ جو ارادو ڪري سمهي پيس.
ٻئي ڏينهن جو ستو ئي پيو هئس ته در کڙڪيو اٿي کوليم ته دروازي
تي حفيظ بيٺو هو.
”ڪلهه ڪونه آئين ۽ اڄ وري ايڏو سوير؟ خير ته آهي!“
مون اکيون مهٽيندي پڇيو.
”ها ٽي اهم خبرون توکي ٻڌائڻيون هيون“ حفيظ ڪمري ۾ پيل ڪرسيءَ
تي ويهندي چيو.
”ڪهڙيون خبرون؟“
”هڪڙي اها ته بابا جلد ٽين شادي پيو ڪري. ٻي اها ته بابا نئين
ماڊل جي ڏهين لکين واري گاڏي ورتي آهي ۽ سڀ کان
اهم خبر اها ته بابا شاعر اديب دانشور مفڪر ڊاڪٽر
کان سواءِ عنقريب سياستدان به ٿيڻ وارو آهي. بابا
اليڪشن ۾ پيو بيهي“ حفيظ يڪساهي چئي ويو ”آهن نه
زوردار خبرون“
ها پر هڪڙي خبر مون وٽ به آهي توکي ڏيڻ لاءِ جيڪا انهن ٽنهي
خبرن کان وڌيڪ زوردار آهي ۽ مون شيرين جو لکيل خط
حفيظ ڏانهن وڌايو.
ڀاڙي جو دوست
فاروق سولنگي
جميل اڃان ڏاڙهي پئي لاٿي، ته ٻاهران ڪار جو هارن وڳو. جميل
سمجهي ويو، ته پڪ عباس هوندو، ڇو ته ڪار جو اهو
مخصوص انداز ۾ هارن فقط عباس ئي وڄائيندو آهي.
جميل پوءِ به پڪ ڪرڻ خاطر ننڍي ڌيءَ پپيءَ کي چيو،
”پپي ڏس ته ٻاهر ڪنهن جي ڪار آهي؟“ پپي در کان
ٻاهر بيٺل ڪار ڏسي موٽي ٿي. ”چاچو عباس آهي، توکي
سڏي ٿو“ جميل پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو. ”هيءُ وري
ڪاٿان اچي ويو، مون کي ڇوڪري جي اسڪول وڃڻو هو.
مٿان وري هي اچي ويو!“
ان دوران وري ٻيو دفعو ڪار جو هارن وڄي ٿو. جميل تڙ تڪڙ ۾ اڌ
ڏاڙهيءَ تي لڳل صابڻ سان ئي باٿ روم مان ٻاهر نڪري
ٿو ۽ در کولي اشاري ۾ عباس کي چئي ٿو، ”ها ها بس
ٿورو ترس رڳو ڏاڙهي لاهي فٽافٽ اچان ٿو!“ ڪار مان
ويٺي ويٺي ئي عباس چئيس ٿو، ”يار جلدي ڪجان جيڪب
آباد هلڻو آ، اڳ ۾ ئي دير ٿي وئي آهي.“
”ها ها بلڪل بس گهمائي ٿو وٺان ڏاڙهيءَ کي. ”پوءِ جميل باٿ روم
۾ تڪڙو تڪڙو ڏاڙهيءَ تي سيفٽي گهمائي ٿو، تڪڙ جي
ڪري کاڏيءَ تي هڪ ٻه ٽُڪو به اچي وڃيس ٿو. زالهنس
ورانڊي ۾ ماني پچائيندي چئيس ٿي ”هوڏانهن مانيءَ
جي تڪڙ پئي ڪيئي، هيڏانهن وري عباس سان پيو وڃين!“
جميل ڏندن کي برش ڪندي چئي ٿو، ”ڇا ڪيون ڪڏهن ڪڏهن
عباس بغير ٻڌائڻ جي اچي ويندو آهي، بس ماني وڃي
ڪنهن هوٽل تان کائينداسين ٻيو ڇا.“
جميل ڏندن کي به اڌوگابرو برش ڪري مڙئي تڪڙ ۾ هٿ منهن ڌوئي ڪپڙا
پائي ٿو. جميل جو پٽ عرفان جيڪو کٽ تي اسڪول جو ڪم
ڪري رهيو هو، اُهو پيءُ کي چئي ٿو، ”بابا توهان ته
چاچي عباس سان جيڪب آباد پيا وڃو، پوءِ سائينءَ
سان ملڻ اسڪول ڪڏهن هلندؤ؟“ جميل قميص پائيندي
عرفان کي جواب ڏئي ٿو، ”يار اڄ ته وڃان ٿو جيڪب
آباد، تنهنجي اسڪول کڻي سڀاڻي هلندس ٻيو ڇا، ڏس نه
مان ته هليس پئي توسان، پر ڇا ڪيان عباس اچي ويو
مٿان.“ ”پوءِ هروڀرو ڇو ٿا وڃو جيڪب آباد؟“
عرفان پيءُ کي چئي ڏئي ٿو. ”چئين ته سچ ٿو، پر هتي به سڄو ڏينهن
واندو ويهي ڇا ڪيان، مڙئي منهنجي به آئوٽنگ ٿي
ويندي.“ هيٺان لاڳيتو ٻه ٽي دفعا ڪار جا هارن وڄن
ٿا. ”ها ها آيو....“ پوءِ جميل بوٽ جون ڪهيون ٻڌي
هڪدم ٻاهر نڪري ٿو ۽ تڪڙو تڪڙو وڃي ڪار ۾ ويهي ٿو.
”ڏاڍيون ديريون ٿا ڪيو سرڪار، ڇا ڪيون توکان سواءِ
ته سري به نٿي نه!“ عباس پنهنجي مخصوص انداز ۾
هميشہ جيان گٺل پيٺل جملا چئي ٿو،“ ساري يار، باٿ
روم ۾ هيس، تنهنجي ڪري ته ماني به ڇڏي ڏنم،!“ جميل
قميص جا بٽڻ بند ڪندي چئي ٿو. ”گهٻرايو ڇو ٿا
سائين ماني هلي ٿا ڪنهن هوٽل تان کائون بادشاهه.“
پوءِ عباس ڊرائيور کي چئي ٿو. ”بابا هل هاڻي، ڇڪي
رک گاڏيءَ کي سڌو جيڪب آباد اڳ ۾ ئي ڏاڍي دير ٿي
وئي آهي، گاڏيءَ ۾ تيل ته آهي نه؟“ ”ها سائين ها
ٽانڪي فل آهي.“ پوءِ ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري، هڪ
گهٽيءَ مان نڪري مين روڊ تي اچي ٿو. ڪار ۾ عباس ۽
جميل ڪجهه لمحن لاءِ چپ آهن. گاڏي جيئن ئي شهر کان
نڪري هاءِ وي تي پهچي ٿي ته جميل ۽ عباس پاڻ ۾
ڪچهري ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ”ها ٻيو ڇا حال آ جميل؟“
عباس خاڪي لفافي مان ڪجهه سرڪاري ڪاغذ هيٺ مٿي
ڪندي بي خياليءَ ۾ جميل کي چئي ٿو. ”جميل به
اسٽيرو ٽائپ ساڳيا جملا ورجائي ٿو ”بس ٺيڪ آ
سڀڪجهه، مڙئي پيا وقت پاس ڪيون“. ”دنيا ۾ ڇا پيو
وهي واپري؟“ ”سڀ ڪجهه ته ڏسو پيا اکين سان چوڌاري
هڻ هڻان وٺ پڪر لڳي پئي آهي، نفسا نفسيءَ جو دور
آ.“ جميل ٻاهر شيشي مان رستي جي پاسن کان ڪن ايڪڙ
ٻيڪڙ ايندڙ ٻٻر ۽ لين جي وڻن کي ڏسندي چئي ٿو،
”ڀلا بي بي سي ڇا ٿي چئي،“ ”رات سنڌ جي حالتن تي
واه جو تبصرو ڪيائين، ڪنگ لوسٽ آهي ته ويٺو اسلام
آباد ۾ پر سائين سنڌ جي حالتن تي به واه جي ڄاڻ ٿو
رکي. تبصري ۾ چيائين ته سنڌ ۾....“ ”ڇڏينس يار بي
بي سيءَ کي، ٻيو ڪو حال ڪر،“ ”هان! چڱو ڇڏيونس
ٿا.“ جميل پنهنجي اهڙي نموني ڳالهه ڪٽجڻ تي ڪجهه
شڪي ٿئي ٿو. ”سنڌي اخبارون وري ڇاپيون لکن؟“ عباس
لاڳيتو پنهنجا سرڪاري ڪاغذ ڪنهن مهل پڙهي ٿو، ڪنهن
مهل انهن کي سيٽ ڪندو رهي ٿو ۽ وري چوي ٿو.
”ها ته سنڌي اخبارون ڇا پيون چون،“ جميل هڪدم ڳالهائڻ شروع ڪري
ٿو، ”ويچاريون سنڌي اخبارون ته سنڌ لاءِ ڏاڍي هاءِ
گهوڙا پيون ڪن، پر سائين مٿي به انهن جي هلي نه!
ملڪ ۾ آهي اردو ۽ انگريزي اخبارن جي هڪ هٽي، سو
اهي اخبارون سنڌ جي مسئلن کي به وري پنهنجي مفاد
مطابق پيون پروجيڪٽ ڪن. سنڌي اخبارن جي ٻڌي ڪير
ٿو، ڪالهه جيئن عوامي آواز پنهنجي ايڊيٽوريل ۾
لکيو آهي....“ ”ڇڏ يار هاڻي ڀلا ان ڇَتي ڪوريءَ
واري ڊيگهه کي، موڊ خراب آ ڪي چرچا ٻڌاءِ.“ عباس
هاڻي پنهنجا ڪاغذ ننڍڙي ايگزيڪيٽو بريف ڪيسن ۾ رکي
ٿو. جميل بيزاريءَ مان، ”يار تون به انهن سرڪاري
ڪاغذن جي پچر ڇڏين، ته توکي سمجهه ۾ به اچي نه؟“
جميل جي بگڙجندڙ موڊ کي سمجهندي عباس جي رويي ۾
هڪدم نرمي اچي وڃي ٿي. ”ها يار هنن سرڪاري ڪاغذن
به ڏاڍو بيزار ڪيو آهي، بس هاڻي رکي ڇڏيم، ٺيڪ آ
هاڻي، ٻي ڳالهه ٻڌ، ڪالهه رات ديدار، هوٽل تي واهه
جو پاڻ کي کلايو هو.“ پنهنجي ڳالهه گهڙي گهڙي ڪٽجڻ
تي جميل جي طبيعت ڪافي خراب ٿي چڪي هئي، منهن لهي
ويو هوس، پاڻ کي ملامت ڪري رهيو هو؛ اندر ئي اندر
۾ جک کائي رهيو هو، ’تون به ڏسين نه ڪو وقت نه
سِرُ، شل نه ڪنهنجي ڪا ڪار ڏسين! سيٽجي وڃي
ويهندين ان ۾!‘ ”وري ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏي وئين يار،
آهين تون به ڪو وڏو سودائي، ويٺي ويٺي ڇا ٿي ويندو
اٿئي؟“ ”هان.... نه نه ٺيڪ آ.. سڀڪجهه.... ها ها
مان بلڪل ٺيڪ هان.“ جميل ڄڻ ڇرڪ ڀري سوچن جي ڪُن
مان اُڇل کائي ٻاهر نڪري اچي ٿو.
”وري ذليل جو پٽ، رشوتي، بدعنوان، حرامي سڄو ڏينهن کائي رشوت،
وري ڏئي پيو سنڌين کي گاريون، آهي يارهين گريڊ ۾
وري ڏيک پيو ڏئي ڪمشنر جهڙا رشوتي رشوتيءَ جو پٽ،
سُڪي پگهار تي هلي ته ٻيڙيون به ڪونه ڇڪي سگهي؛
وري پُٽ پنج سؤ پنجونجاهه کان گهٽ ته ڪو سگريٽ ڇڪي
ئي ڪونه!“ جميل لاشعوري طور سڄي ڪاوڙ انڪم ٽيڪس
انسپيڪٽر تي لاهي ٿو، ”واقعي اهي اهڙا اٿئي جو
شراب ته هر رات هزارن جو پيئندا، پر ڪنهن شاگرد کي
ڏهه رپيا به چندو نه ڏيندا!“
عباس، جميل کي ٽيڪ وٺرائي ٿو ”ها ها اهي ڳائڻين کي رات رات ۾
ٽيهه چاليهه هزار راڳ ناچ ۾ ته ڏئي ڇڏيندا، پر
ڪنهن ڀلي جي ڪم لاءِ چئبن ته ٻَرو چڙهي ويندن، صفا
ڪُسجي پوندا.“
جميل رشوتي انسپيڪٽر تي سڄا ڇوهه ڇنڊيا. پوءِ ڪار ۾ هڪدم سناٽو
ڇانئجي وڃي ٿو. فضا ۾ رڳو هوا جا سوسٽ ۽ ڪار جو
گُهرڪو هڪ خاص رِدم ۾ هلي رهيو آهي. جميل کي
پنهنجو پاڻ کان ڏاڍي بُڇان لڳي رهي آهي. رکي رکي
گهر جا خيال اچنس ٿا... ”ڪالهه کان ويچاري بي بي
کي دوا به ڪونه وٺي ڏني اٿم. هفتي کن کان بيمار
آهي، ڏاڍو ڪمزور ٿي وئي آهي! ڪيئن وٺي وڃانس ڊاڪٽر
وٽ؟ ڊاڪٽر وري پنجاهه سئو جون لکي ڏيندو
دوائون.... ته ڇا ٻارڙيءَ کي ائين ئي مرڻ لاءِ ڇڏي
ڏجي.... مڙئي وتين ٿو تون پاڻ نٽائيندو... ڀلا ٻيو
ڇا ڪيان، واندو بيروزگار جو ويٺو هان، سسپينڊ ٿيل-
پگهارون به بند آهن... وتين ٿو سڄو ڏينهن دوستن
يارن سان رُلندو...! رُلان نه ته ڀلا ڇا ڪيان،
مڙئي اسان جو به ان بهاني سان وقت پاس ٿي ٿو
وڃي... ۽ دوست وري توکي پنهنجي تفريح لاءِ کنيو
وتن،... مان به ته پنهنجو وقت پاس ٿو ڪريان... ته
پوءِ ان جي معنيٰ ته هتي هرڪو هڪ ٻئي کي پيو
استعمال ڪري... ها ٻيو وري ڇا...!“ ”يار جميل وري
ڪاڏي ٻُڏي وئين؟“ جميل جو پنهنجي اندر سان سوالن
جوابن جو سلسلو ٽٽي وڃي ٿو ۽ اصل دنيا ۾ موٽي اچي
ٿو. ڪار پنهنجي فل اسپيڊ سان هلي رهي آهي.
نيٺ خيرن سان جيڪب آباد به اچي وڃي ٿي. گاڏي گهٽين، رستن تان
ٿيندي اچي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس اڳيان ٿي بيهي. عباس
بريف ڪيس ڪڍي ٿو ۽ ڪار جي شيشي ۾ پنهنجا وار ٺيڪ
ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪار مان هيٺ لهي کيسي مان سؤ رپيا
ڪڍي ڊرائيور کي ڏئي ٿو ”هان غلامون، توهان ڀلي
ڪٿان ماني ٻاني کائي اچو، مان به ڪوشش ڪري جلد
آفيس مان فري ٿي اچان ٿو، جميل! پوءِ ٺيڪ آ نه،
کائي اچو ڀلا ڪٿان ماني.“ جميل ڏاڍو مُنجهي ٿو
پوي. هڪ ته بک به ڏاڍي لڳي اٿس پر ڊرائيور اڳيان
دوست جي پيسن تي ماني کائڻ، هن کي ڪجهه ٺيڪ نٿو
لڳي، پر ڇا ڪري هن جي کيسي ۾ به ته فقط ويهه رپيا
آهن. پر پوءِ به ڊرائيور اڳيان پنهنجو ڀرم رکڻ
لاءِ بي دليو عباس کي چئي ٿو، ”نه نه يار پيسن جي
ڪهڙي ڳالهه آ، اسين پاڻ ئي ڪٿان کائي ٿا اچون، مون
کي ته اڃا بک ئي ڪانه لڳي آهي، پوءِ گڏجي ٿا هلي
ڪٿان ماني کائون.“ جميل مڙئي پنهنجو ڌڪ پچائي ٿو.
”جيئن توهان جي مرضي، مون کي متان آفيس ۾ ٻه ٽي
منٽ دير ٿي وڃي“ ”نه نه ڀلي تون پنهنجو سرڪاري ڪم
لاهي اچ!“ ان وچ ۾ ڊرئيور به ڳالهائي ٿو. ”ها
سائين ها، مان به دير سان نيرن ڪري آيو هوس، بس
هتي ڪا ٺاهوڪڙي چانهه ٿا پي وٺون.“
جميل کي بُک ڏاڍي لڳي هئي، پر وري به مُنهن پڪو ڪري چئي ٿو، ”ها
ها بلڪل، ماني واپسيءَ تي نه ته هلي گهر
کائينداسين.“
يارهن ٻارهن هڪ ٻه ٽي نيٺ ساڍا چار ٿي ويا. ان وچ ۾ جميل ٻه
ڀيرا آفيس اڳيان بيٺل ڇولن واري کان ڇولا کائي چڪو
آهي. ڏاڍو بور به ٿيو آهي. ڪڏهن ڇَپر تي ليٽي ٿو،
ڪڏهن ڪار ۾ ويهي ٿو، ٻه سنڌي اخبارون به پوريون
پڙهي چڪو آهي، آخر ۾ ”ڌيان طلب“ ۽ ”ٽينڊر نوٽيس“
به پڙهي چڪو آهي اوٻاسيون ڏئي ڄاڙين ۾ سُور پئجي
ويو اٿس. ڊرائيور سان به ڪچهري ڪري ڪري نيٺ تنگ ٿي
پيو آهي. پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳيس ٿي.
پرائين دهلين احمق نچي. پگهر ۾ شل آهي. قميص مان
پگهر جا اڇا چُٽا ظاهر ٿي پيا اٿس. سڄو مُنهن گريس
هاڻو ترڪڻو ٿي ويو اٿس. نرڙ ۽ ڳٽن تان پگهر
اُگهندي مُنهن ۾ واريءَ جي ڪِرِ ڪِرِ محسوس ٿئيس
ٿي. وات کارو ٿي چڪو اٿس. شڪل به ڪاراٽجي وئي اٿس.
پيٽ ۾ رڳو چانهه ۽ ڇولا اٿس،، رکي رکي بصرن جي ڌپ
جي اوگرائي اچيس ٿي.
نيٺ ساڍي چئين بجي عباس آفيس مان نڪري ٿو ۽ نرڙ تان پگهر اگهندي
چئي، ”يار معاف ڪجو ٻه ٽي منٽ دير ٿي وئي.
سرشتيدار لاڳيتو ويهاري ڇڏيو، ڀلا ماني وغيره ته
کاڌي اٿوَ نه؟؟“ ”بس هاڻي ماني لاڳيتو هلي گهر
کائينداسين.“ جميل بيزاريءَ مان چيو. ”نه نه ماني
کايو ٿا هلون.“ عباس ڪار ۾ ويهي ٿو ”ابا غلامون هل
هاڻي سڌو پاڻ واري ان ساڳي هوٽل“ ”جي سائين!“
ڊرائيور وراڻيو، هوٽل تان ٽئي ڄڻا ماني کائي گهر
لاءِ روانا ٿين ٿا. ٿڪ جي ڪري عباس ۽ جميل سفر
دوران گهڻو ڪري چُپ آهن. رات جو ساڍي ستين بجي
ڌاري عباس، جميل کي ان جي گهر اڳيان لاهي هليو وڃي
ٿو، ٿَڪ جي ڪري ڪير ڪنهن کان موڪلائي به ڪونه ٿو.
جميل پڻ ٿَڪو ٽُٽو پنهنجي بُت کان بيزار پاڻ تي
جَک کائيندو گهر اچي ٿو. هڪدم وهنجي پکي هيٺان
سمهي پوي ٿو ۽ ڪجهه گهڙين ۾ ننڊ اچي وڃيس ٿي.....
جميل هوٽل تي چانهه پي رهيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن چانهه جا تڪڙا ڍُڪ
ڀري ٿو، ڪڏهن وري چانهه جو ڪوپ چپن ڀرسان ڪيئي
ڪيئي منٽن لاءِ رڪجي وڃيس ٿو. ٽيبل تان ڪوپ کڻڻ،
وري چانهه جو ڍُڪ ڀرڻ، جميل کي ان جي ڪابه خبر
ڪانهي، اهو سڀڪجهه هڪ مڪينيڪي انداز ۾ ٿي رهيو
آهي. جميل جو دماغ ڪٿي ٻئي هنڌ ڦاٿل آهي. جميل جي
اندر ۾ اها ساڳي وِلوڙ جاري آهي جيڪا هن کي ٻاراڻي
عمر کان وٺي لڳي هئي. هن جي دماغ ۾ سبب؟ ڪارڻ؟ ڇو؟
ڇا لاءِ؟ ۽ ڪنهن لاءِ؟ جا سوال سدائين اڀرندا
رهندا هئا. تنهنڪري ان وقت کان وٺي هينئر تائين ان
جي اندر ۾ هُن جي پنهنجو پاڻ سان جنگ جاري هئي.
پاڻ ئي سوال پاڻ ئي جواب، ڪڏهن سورهيه، بهادر،
سرويچ، پهاڙ پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ وارو، ته وري ڪڏهن
بزدل ڊڄڻو، نڪمو، مايوس، هارايل ماڻهو. ”هن ڌرتيءَ
جي اڻڄاڻ اٻوجهن لاءِ ڪجهه ڪري مري وڃجي... نه نه
بڪواس آ... هن ڌرتيءَ جي ڪائنات ۾ عمر ئي وري
ڪيتري آ... ڪنهن وقت به سڄو سولر سسٽم پنهنجي محور
تان هٽي ”بلئڪ هول“ ۾ گم ٿي سگهي ٿو. ڌرتيءَ تي
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌندي پئي وڃي، اوزون جي تَهه
۾ سوراخ پيدا ٿيندا پيا وڃن..... ڇڏينس يار ڪهڙو
اچي ڦاٿو آهين هن چڪر ۾، اچي اچي توتي دنيا جي
مسئلن جو بار پيو آهي، تون ته پنج ارب آدمشماريءَ
جي پنجين ارب جي هڪ پتي آهين.
”ڇو ٿو ويٺو پنهنجو مغز چٽين... ڇا ڪيان پاڻ کي سوچڻ کان بچائي
به ته نٿو سگهان، سوچڻ ته منهنجي دماغ جو
بائلاجيڪل فنڪشن آهي. دنيا ۾ اهوئي ته فقط هڪ اهڙو
مادو آهي، جيڪو پنهنجي وجود لاءِ پاڻهُرتو سوچيندو
آهي.“
چانهه جو ڪوپ خالي ٿي چڪو آهي. هوٽل ۾ جميل جو هڪ واقفڪار داخل
ٿئي ٿو. ”اڙي ڀائو جميل! ڇا حال اٿئي سنگتي؟ هتي
ويٺو آهين اڪيلو!“ جميل اندر مان نڪري اچي ٿو.
”هان، ها يار هتي عباس جي انتظار ۾ ويٺو آهيان.“
ڪجهه حيرانيءَ مان وقفڪار دوست ”عباس لاءِ“ ”ها
هتي ملڻ جو چيو هئائين“ جميل واچ ڏسي ٿو. ”اٺين
بجي چيو هئائين.“ واقفڪار دوست ٻي ٽيبل تي ويهندي،
”پر يار عباس ته هينئر جيمخاني ۾ رئيس ڀونگر خان
جي ڊنر ۾ ويٺو آهي. جميل کي ڄڻ اندر ۾ هلڪو چهٻڪ
لڳي ويو. جميل شڪي ٿيندي ۽ واقفڪار دوست سان پڪائي
ڪندي، ”نه نه عباس ته اٺين بجي هتي ملڻ لاءِ چيو
هو، خير اوچتو دعوت ملي وئي هوندس“ ”نه نه سائين
نه زور آور آهيو ڇا؟ هفتو کن اڳ شهر ۾ دعوتناما
ورهايا ويا هئا. مان پاڻ عباس صاحب کي دعوتنامو
ڏيئي آيو هوس“ جميل الائي ڇو پاڻ کي ڏاڍو ننڍڙو
محسوس ڪري ٿو. ”مان به ڪِريل، ڪميڻو نيچ آهيان.
هروڀرو وتندس ماڻهن کي لڙڪندو. اڙي ڄَٽ جا پٽ
تنهنجي حيثيت ئي ڇا آهي؟..... نه نه ڇو، منهنجي
حيثيت ڇو نه آهي، مان ايڏو انٽليڪچوئيل، انسانذات
جو هڏ ڏوکي، سادو، اندر اجرو، اديب شاعر، حساس
ماڻهو مون وٽ جيڪڏهن مادي وسيلا نه آهن، ته ڇا ٿي
پيو؟ دنيا جي هر عظيم انسان سان ائين ٿيو آهي
تاريخ ۾. والگانگ، والٽيئر مطلب ته ڪنهن ڪنهن جا
نالا کڻان، روسو به ته سڄو ڏينهن رات ويٺو پئرس جي
ڪيفيئن ۽ ريسٽورانٽن ۾ ڪوپ ڀڃندو هو ٻيو ڇا! فرانس
جا اُمراء شرفاءُ به ته روسو کي آوارا رولو لوفر
سمجهندا هئا. پرواهه ناهي جي مان جيمخاني ۾ نه ويس
ته ڇا ٿي پيو! تاريخ ۾ هميشہ ائين ٿيو آهي.“ جميل
مڙئي پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو؛ پر هن جي باهه اڃا جهڪي
نه ٿي آهي ”جيڪي وري اُتي دُنيا، ٿلها پيٽ ڪڍيو
چَڏَن کي کنهندا دعوت ۾ آيا هوندا سڃاڻان ٿو انهن
کي مان به چڱيءَ طرح، ڄٽ، جاهل، بد دماغ، ڌرتيءَ
جا غدار، پاٿاريدار، ڪامورن جا ڇاڙتا.... ڄاڙي
باز، ڌارين جا دلال، پڙهن سڄي سنڌي اخبار به ڪونه،
چور چور جا پُٽ... هون...“ جميل پنهنجي اندر جي
سڄي ڄَرَ دل ئي دل ۾ انهن دعوت وارن تي ڪڍي ٿو. دل
جي رفتار وڌي وڃيس ٿي، وڏا وڏا ساهه کڻي ٿو. ٽيبل
تي رکيل جڳ مان پاڻيءَ جو سڄو گلاس ڀري پي وڃي ٿو.
ان سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ کي به پُڻيندو رهي ٿو.
”شاباس ته وري توکي آ سهڻا، سڄو ڏينهن وتين اهڙن
ماڻهن سان لُور لُور ڪندو، توسان ته ڪيئي ڀيرا
اهڙيون جُٺيون ٿيون آهن، پر پوءِ به مُڙين ته ڪونه
ٿو.... ڀلا ٻيو ڇا ڪيان مان، ڪنهن سان وڃي هن شهر
۾ برٽرانڊرسل، پڪاسو، ڪانٽ، آئنسٽائن يا اياز جي
شاعريءَ تي ڳالهايان.... ته پوءِ اِهي ذِلتون،
مهڻا، ڍيڪ، لنوائڻ ۽ بي عزتيون توکي ٻچا سَهڻيون
پونديون.... اهو ته سهون ويٺا.... پوءِ اها ڪاوڙ
ڇا جي، تيزي ڇا جي، اَنا ڇا جي....“
اڄ شهر ۾ ڏاڍي سٺي ٿڌي هوا پئي لڳي، سڄي رات جُهڙ به هو؛ اڌ
ڪلاڪ کن مينهن به پيو هو ۽ اڃا تائين جُهڙ لڳو پيو
هو. عباس ۽ جميل ڏاڍي سٺي موڊ ۾ هئا. پاڻ ۾ ڏاڍا
چرچا ڀوڳ پئي ڪيائون. ٻنهي کي هڪ شاديءَ ۾ وڃڻو
هو. جميل کي به ان شاديءَ جو دعوتنامو مليل هو.
عباس کي ته دعوتنامو هو ئي هو. بنگلي ۾ اندر وڏي
ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ چوڌاري صوفا سيٽ ئي رکيل هئا
ڀتين سان. فقط وي آءِ پي مهمانن کي ئي اندر ڪمري ۾
ويهاريو ويو هو. جميل به فقط عباس جي ڪري ئي اُتي
ويٺل هو. سافٽ ڊرنڪ هلي رهيو هو. عباس ۽ جميل جي
هٿن ۾ به ڪوڪوڪولا ۽ ٽِيم هئي. شادي قبائلي وڏيري
جي پُٽ جي هئي. ذات وڏيرو ۽ ڪجهه ڪامورا به ويٺل
هئا. جميل سخت احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا نروس لڳو
ويٺو هو. ڪڏهن ڇت ۾ پئي ڏٺائين، ڪڏهن هروڀرو ماڻهن
کي پئي پري کان کيڪاريائين. ڪڏهن ڪڏهن تڪڙا تڪڙا
گوڏا لوڏيندي جهونگاري ٿو. وڏيرو جانڻ خان، عباس
کان جميل جي باري ۾ پڇي ٿو ”رئيس عباس خان هن
سائينءَ کي ڪڏهن ڪونه ڏٺو اٿئون!“ عباس ڪجهه لمحن
لاءِ مُنجهندي ”سائين هي... هي ڀائو منهنجو پراڻو
يار آهي. گڏ به پڙهيا آهيون. اديب شاعر آهي. پيءُ
بزنس ڪندو اٿس“ ”اڇا اڇا ماشاالله ڏاڍو سٺو، ادو
جائي به ڏاڍو ڀلو ماڻهو ٿو ڏسجي“ وڏيري جانڻ خان
کي ڪير سڏ ڪري ٿو ۽ هُو هليو وڃي ٿو. جميل جي پاسي
۾ هڪ ماڻهوءَ کان پوءِ صوفا تي جيڪي مهمان ويٺل
آهن. اُهي پاڻ ۾ سُرٻاٽ ڪن ٿا. جميل اخبار منهن
اڳيان ڏيو پڙهي رهيو آهي، پر پاسي وارن همراهن جي
سُرٻاٽن تي هن جا ڪن سَرلا ٿي وڃن ٿا. ”ماڻهن جون
ڊاڙون ته ٻڌو، پڻس کي شاهي بازار ۾ موچڪو دڪان
آهي، سڄو ڏينهن ويٺو بوٽ ٺاهي، هتي وري بزنيس مين.
هون!“
”تون هن کي سڃاڻين ڇا؟“ ”ها ها ڇو نه سڃاڻانس رئيس عباس خان سان
سڄو ڏينهن چنبڙيو پيو هوندو آهي.“ ”ها ها ماڻهوءَ
کي رڳو مُنهن جي پڪائي کپي. ڪٿان چانهه ڪٿان بوتل
مڙئي پٽ سٽ تي گذران.“
رئيس عباس خان جي ڪري مڙئي چڱا هن لُوسيءَ کي به کڻي دعوت
موڪليندا آهن، نه ته ڪير ٿو اهڙن ماڻهن کي ههڙن
خاندانن جي دعوت ۾ آڻي“ جميل جو سڄو ڌيان ان
گفتگوءَ طرف هو.... اهڙيون سنهيون ٿلهيون جُٺيون
ته جميل سان گهڻو ڪري اهڙين محفلن ۾ ٿينديون
رهنديون هيون. اِهي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هو نَودُ بڻجي
ويو هو؛ پر هن تازي گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي
وجود سان ڪراهت ويتر وڌي وئي هيس. هن حملي جي ڪجهه
شدت گهٽائڻ لاءِ، جيئڻ جا جتن جاري رکڻ لاءِ ۽
پنهنجو پاڻ کي ان ٿيل ذلت جي اثرن کان ٿورو ڪڍڻ
لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه سوالن جا جواب ڏئي ٿو.
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ، اهي وري ڪهڙا چڱا مڙس آهن. مان ڪو
انهن جو مهمان ٿوروئي آهيان. اهو به شڪر آ جو
ههڙين دعوتن ۾ ويٺو آهيان هڪ موچيءَ جو پُٽ هوندي.
اهو ته منهنجي جاکوڙ جو معراج آهي، نه ته ڪٿي هڪ
موچيءَ جو پُٽ ڪٿي ههڙي وڏيري جاگيردارن جي دعوت!
ڀلا جي اڃا به مان ڪنهن ڀنگيءَ جي گهر ۾ ڄمان ها ۽
سڄو ڏينهن ناليون صاف ڪندو وتان ها،.... هل سائين
پوءِ ڇا ٿو چئين.... پر جيڪڏهن مورڳوئي انڌو ڪاڻو
ڄنگهه ٻانهن ڀڳل پيدا ٿيان ها.... پوءِ ڇا ڪيان
ها.... نه نه ائين نه چئه هينئر به گهڻن کان سٺو
آهيان، ڪُتن کي ڀونڪڻ ڏي..... (اهڙي نموني جيون
جنگ جاري آهي.)“ اڄ سنڌ جي سليٽي سانجهيءَ جا ڊگها
هلڪا پيلا ڪيسوڦل مائل هيڊاوان پاڇا رستن جاين
جڳهين ويران وستين وسندڙ واهڻن ۽ شهري عمارتن مٿان
ڦهلبا پيا وڃن. عباس سنڌ جي ان سندر سانجهه جي
لڙهندڙ پاڇن مان ڀرپور مزو ماڻڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن
جميل وٽ اچي ويندو هو. اڄ به آيو هو. ”يار جميل اڄ
مون وٽ هڪ سياسي ليڊر آيل آهي، پر ان کي رات جي
وقت سخت تنهائيءَ واري ڪمپني گهرجي. پيئڻ کائڻ
وارو ماڻهو آهي اصل نيرن کان به اڳ بوتل کولي
ويهندو آهي.“ ”ها ها پر يار توکي ته خبر آ ته مان
ته بلڪل ڪونه پيان.“ ”ها ها پوءِ ڇاهي تون رڳو
ويٺو سيون اپ ۽ پستا کائجانءِ ٽڪا به تيار ڪرايا
اٿم، يار ڏس نه جميل پليز! ٽڪيٽ جو آسرو آهي نه!“
”ها بلڪل سمجهان ٿو سڀڪجهه اها به تنهنجي
انويسٽمنٽ آهي.“ عباس وڏو ٽهڪ ڏئي ٿو. ”ها ها ائين
سمجهه يار.... پوءِ ٺيڪ آهي نه“ .... اوطاق تان
ڪيڪ بسڪوٽ کائي. بوتلون پي پارٽيءَ جي مسئلن تي
ڳالهائي نيٺ سڀ ڪارڪن ۽ عهديدار هليا وڃن ٿا. هاڻي
فقط جميل ۽ اهو سياسي ليڊر طاهر صاحب وڃي بچيا
آهن. طاهر صاحب عباس کي چئي ٿو، ”سائين عباس صاحب
ڀلا ڪڍو هاڻي مال پاڻي ورڪرن ته ڀيسان مٿو ئي چٽي
ڇڏيو آهي.“ عباس فرج کوليندي، ”ها سائين ها مال
پاڻي جام، رڳو حڪم ڪيو.“ ”ته بس شروع ڪيو! سياسي
ليڊر پلنگ تي بوٽن سميت ليٽي پوي ٿو.“
۽ ها مون سان ڪمپني به فقط تون ۽ جميل ڪندئو. ڇو ته اسين هر
ڪنهن سان ايڏو فري ناهيون ٿيندا.“ ”ها سائين ها
بلڪل ائين ئي ٿيندو“ ”ڇو ته مون اندازو لڳايو آهي
ته جميل ڏاڍو سنجيده، سلجهيل ۽ انٽيليجنٽ ٿو لڳي“
”ها سائين ها ان لاءِ ته اسان به جميل صاحب جو ساٿ
نٿا ڇڏيون.“ جميل ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجي ان تعريف
تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي واقعي وڏو
ماڻهو سمجهڻ لڳي ٿو؛ پر پنهنجي نِوِڙت ڏيکارڻ ڪاڻ
چوي ٿو، ”نه سائين طاهر صاحب، عباس مڙئي منهنجي دل
پيو رکي، مان ته هونئن به توهان ٻنهي جو خادم
آهيان، ڇا هي ته دراصل جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي جي
وڏائي بيان ڪندو آهي ته دراصل اهو شخص پنهنجي ئي
سٺائي بيان ڪندو آهي.“ طاهر صاحب پنهنجي بوٽ جون
ڪهيون کولي ٿو. ”سائين جميل صاحب جا اهي ئي گفتا
ته وڻندا آهن.“ پوءِ سڄي رات پيگ هلن ٿا. طاهر ۽
عباس چار بوتلون چٽ ڪري چڪا آهن جميل کي به زوريءَ
هڪ بوتل بير جي پياري چڪا آهن. رات جو هڪ ٿي چڪو
آهي. عباس، جميل ۽ طاهر کان موڪلائي گهر هليو وڃي
ٿو. طاهر اڃا تائين پيئندو رهي ٿو. طاهر صاحب جون
اکيون صفا ڳاڙهيون ٿي چڪيون آهن. ۽ پورجي ويون
اٿس. هُو اٿي ٿيڙ کائيندو باٿ روم ۾ وڃي ٿو، پر
باٿ روم ۾ ٿاٻڙجي ڪري پوي ٿو ۽ اُلٽيون ڪرڻ لڳي
ٿو. آتن جو آواز ٻڌي جميل هڪدم باٿ روم ڏانهن وڃي
ٿو ۽ طاهر صاحب کي ڪلهن کان سهارو ڏئي، اٿارڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو. طاهر صاحب جيئن ئي اُٿي ٿو هڪ وڏو
آتُ ڏئي، سڄي اُلٽي جميل جي ٻانهن تي ڪيرائي ٿو اڌ
اُلٽي جميل جي ڳٽي تي به لڳي ٿي. جميل کي اُگري ڌپ
هاڻي اُلٽيءَ جي بدبوءِ تي پاڻ آت اچن ٿا، پر هو
پنهنجو ساهه بند ڪري طاهر صاحب کي ڪڇن کان گهليندو
باٿ روم کان ٻاهر نڪري اچي ٿو، ۽ طاهر صاحب کي
پلنگ تي ليٽائي ٿو ۽ پاڻ هڪدم باٿ روم ۾ وڃي
پنهنجن ڪپڙن تي پاڻي هاري ٿو، هٿ منهن ڌوئي ٿو ۽
فرش تي پيل اُلٽيءَ مٿان به پاڻي هاري ٿو. ان
دوران طاهر صاحب ڪجهه سامت ۾ اچي ٿو، ”جميل او
جميل.... جميل نالو اٿئي نه!“ ”ها سائين ها مان
هيڏي باٿ روم ۾ آهيان.“ ”بابا سڀ ٺيڪ آ، ائين
ٿيندو آ، متان گهٻرائين.... ڏس منهنجو پيگ ڪٿي
رکيل آهي.“ جميل حيران ٿيندي، ”سائين توهان اڃا
به.....!“ ”ها ها بابا ڇا هي پوءِ، پيئڻ ڪو ٿوروئي
بند ڪبو.“ ”پر سائين توهان جي ته هينئر طبيعت تمام
خراب ٿي چڪي آهي. منهنجو خيال آ ته هاڻي کڻي پيئڻ
بند ڪيو.“ ”نه بابا ائين ڪيئن ٿيندو، ٻار آهين ڇا،
تون شايد مون کان واقف ناهين، سڄي سنڌ ۾ مشهور
آهيان پيئڻ ۾.“
”ها سائين پر پنهنجي جان جو ته ڪجهه خيال ڪيو.“ ”اڙي.... ڇو پي
ويو آهين پڻهين جو ٿو پيان ڇا؟“ جميل پريشان ٿيندي
”نه سائين نه ڀلي پيو، مالڪ آهيو، سڄي فرج ڀري پئي
آهي.“ ”پوءِ طاهر صاحب وري پيئڻ شروع ڪري ٿو ۽
جميل کي رڳو سيون اپ پياريندو رهي ٿو ۽ کائڻ لاءِ
لوڻيل پستا ڏيندو رهي ٿو.
رات جا اٽڪل ٽي ٿي چڪا آهن. جميل ڏاڍو بيزار ٿي چڪو آهي، هو گهر
وڃڻ چاهي ٿو پر طاهر ان کي وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
”سائين هاڻي ته ٽن کان به مٿي وقت ٿي ويو آهي، مان
هاڻي وڃان ٿو گهر.“ ”اڙي پوءِ مون کي برف ڪير ڪُٽي
ڏيندو.“ ”ها سائين پر مون کي هاڻي ننڊ ٿي اچي.“
”اڙي ننڊ ٿي اچئي ته مان ڇا ڪيان. ويهه هتي مون
سان، توکي عباس ڇڏي ويو آ، هتي منهنجي خدمت ۾ وري
ويٺو ٿو نخرا ڪرين.“ جميل جون اکيون کلي ويون
”نوڪرِ خذمت“ ”ها ها ڏسين ڇا ٿو!“ ”سائين ڏسو
توهان آئوٽ آهيو هينئر، ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته مان
عباس جو دوست آهيان، نوڪر ناهيان“ ”اڙي هَلُ هَلُ
مون کي سڄي خبر آهي، نوڪر ناهين ته ٻيو ڇاهين، مون
کي ڪارڪنن سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي. عباس جو خاص ماڻهو
آهين ٻيو ڇا، ويهه ويهه ته هاڻي ٽڪا ۽ ڪباب ٿا
کائون، ناراض نه ٿي.“
”سائين مون کي ٽڪا ۽ ڪباب ناهن وڻندا. مان گهر وڃي کائيندس
ماني.“ ائين ڪندي وري طاهر آت ڏئي ٿو ۽ پلنگ تي
پاسيرو ليٽيل اُلٽي ڪندو رهي ٿو، پر هن ڀيري طاهر
جي حالت تمام خراب آهي، زبان نڪري اچيس ٿي،
ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو هئڻ جي باوجود مُنهن پگهر ۾ شل
اٿس،، اُتي ئي ٻوٽيل اکين سان جميل کي چئي ٿو،
”اڙي جميل هڪدم ڊاڪٽر گهراءِ، هانءُ ٿو ٻڏي. واقعي
منهنجي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ۽ ها عباس کي به
گهراءِ، جلدي ڪر جلدي.“ ”ها پر سائين عباس صاحب ته
هن وقت گهران ڪونه اٿندو آهي.“
”اڙي ڪيئن به ڪري اٿارينس چوانءِ ٿو نه ذليل....“ جميل گاريون
ٻڌي توائي ته ڏاڍو ٿو ٿئي پر وري طاهر کي آئوٽ
سمجهندي، ان جي گارين کي درگذر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، ”اڙي هيڏانهن اچ جميل جا پُٽ فون ڪر ڊاڪٽر کي
يا وڃ ڪار تي ڪنهن ڊاڪٽر کي کڻي اچ.... اڙي مُنجهي
ڇو پيو آهين نه ته ڀلا مون کي کڻائي هل ڪنهن ڊاڪٽر
وٽ“ جميل ويتر ششدر ٿي وڃي ٿو. ”سائين هن وقت ڪوبه
ڊاڪٽر جاڳيل ڪونه هوندو.“ طاهر دانهون ڪندي چئي
ٿو. ”اڙي ذليل ڪجهه نه ڪجهه ته ڪر مون لاءِ مرانءِ
ٿو، اجايو خون ڳچيءَ ۾ پئجي ويندءِ! خون جو نالو
ٻڌي جميل جائي به دهلجي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ته واقعي
هيءَ فلم ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي؛ پر جميل طاهر کي ان
نشي جي حال ۾ ڪٿي کڻي وڃڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڇو
ته هُو ڊڄي ٿو ته ٻاهر گشت تي بيٺل پوليس ٻنهي کي
ڪٿي گرفتار ڪري نه وٺي وڃي. پر پوءِ خوف مان جميل
تڪڙو تڪڙو اچي ٻاهر ستل ڊرائيور کي اٿاري ٿو ۽ ان
کي سڄي ڳالهه ٻڌائي چئي ٿو ”هڪدم عباس کي ڪيئن به
ڪري وٺي اچ نه ته مان طاهر کي ان ئي حالت ۾ ڇڏي
هليو ويندس.“ جميل پوءِ طاهر صاحب جي ڪلهن کي زور
ڏئي ٿو. رکي رکي طاهر سُڪا آت به ڏيندو رهي ٿو ۽
رنڀندو به رهي ٿو. جميل تي دهشت ۽ خوف طاري آهي،
اندر ئي اندر ۾ پاڻ تي ملامت به ڪندو رهي ٿو ۽ ان
گند ۾ پاڻ کي الجهائڻ تي پشيمان به ٿيندو رهي ٿو.
نيٺ اکيون مهٽيندو عباس به اچي وڃي ٿو. ”اڙي سائين
طاهر صاحب ڇا ٿي ويو، ڪجهه وڌيڪ پي ويئو ڇا؟“
چچريل آواز ۾ طاهر جواب ڏئي ٿو، ”يار تو اهڙي ته
بُرائي ڳنڍي ڇڏي آهي مون سان، نه پاڻ پيئي نه ٻئي
کي پيئڻ سهي، شروع کان ئي هي.... پنهنجي ڪِرڪِر
لايو ويٺو هو... رڳو ويٺو جهلي... گهڻو نه پيئو،
اها عادت خراب آهي، مُلي جو پُٽ ڄڻ سندس ٿو
پيئان.“ عباس اشارن ئي اشارن ۾ جميل کان گارين جي
معافي وٺندو رهي ٿو ۽ طاهر کي وري چوندو رهي ٿو
”ها سائين ها.... پر هاڻي طبيعت ڪيئن اٿوَ.“ ”هاڻي
ڪجهه ٺيڪ آهي، پر هڪدم ڊاڪٽر کي گهراءِ ۽ ها هن
جميل منحوس کي هتان ڪڍ، اها سڄي برائي هن ۾ آهي.“
عباس هاڻي ڇا چئي، مُنجهي پوي ٿو.
”ها سائين ها پر جميل صاحب ته تمام سٺو آهي ڪچهريءَ جو ڪوڏيو
يار ويس. منهنجو ته ڏاڍو پيارو دوست آهي.“ ”پيارو
دوست ۽ تنهنجو، مون کي ڄڻ خبر ئي ڪانهي، اڙي هي ته
تنهنجو ماڻهو آهي ماڻهو- ڄڻ ڪارڪنن مون کي ٻڌايوئي
ناهي. ههڙو لوٺيو ماڻهو، توهان جهڙن خانداني ماڻهن
جو ڪيئن دوست هوندو، پر هاڻي ڪڍينسن هن برائيءَ کي
هتان، رت ٿو ٽهڪي.“ جميل کي زمين جاءِ ڏئي ها ته
جيڪر ان ۾ گهڙي وڃي ها! اڄ ته صفا انتها ٿي چڪي
هئي؛ زندگيءَ ۾ ڪنهن هن کي ايڏيون گاريون ڪونه
ڏنيون هيون ۽ اُهي به اجايو. نه هن جو ڏوهه نه
گناهه. پر پوءِ به وِهه جا ڍڪ ڀريو خاموش پٿر بڻيو
بيٺو آهي. عباس بي وسيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي.
نئين سياسي دوست ۾ ان جو مفاد آهي ۽ جميل وري ان
جو ننڍي لاءِ جو دوست آهي. بهرحال اشارن ۽ اکين جي
ميڇن ۾ جميل کي اهو تاثر ڏيندو رهي ٿو ته ”يار
معاف ڪجانءِ هي آئوٽ آهي.“ ”اڙي وري هي اڃا بيٺو
آهي!“
”نه نه طاهر صاحب بس وڃي ٿو ويچارو، هان توهان في الحال هيءَ
ٽيبليٽ ته کائو پاڻيءَ سان، پوءِ ڊاڪٽر کي به فون
ڪيون ٿا. ڊاڪٽر به پنهنجو ڪزن آهي. بس ٿوري همت
ڪيو“ پوءِ طاهر صاحب پاڻيءَ سان ٽيبليٽ ڳهي ٿو.
ان وچ ۾ جميل خاموشيءَ سان اوطاق جو ٻاهريون در کولي چپ چپات ۾
هليو وڃي ٿو... ٻاهر سڄي شهر ۾ سناٽو ڇانيل آهي،
رات جو پويون پهر آهي. ٿڌڙي ٿڌڙي هوا جا جُهوٽا
جميل جي پگهريل بدن تي ڪڏهن ڪڏهن هلڪيون سياٽيون
ڪڍي ڇڏين ٿا. ڪٿان ڪٿان پري کان ڪنهن ڪتي جي
اُوناڙ جو آواز اچي ٿو، جميل اڪيلو سُنسان روڊ تان
هلندو وڃي ٿو، گهٽيءَ جي هڪ پوڙي ڪُتي پُڇُ
لوڏيندي جميل جي پيرن کي نُوسي ٿي، شايد اهائي
انساني عظمت جي مڃتا هُئي. پر نه صبح شام هن
گهٽيءَ مان اچڻ ڪري ڪُتي جميل کي پنهنجوسمجهندي
هئي، جميل سوچي ٿو ته انسان کي انسان کان وڌيڪ
ڪُتو سڃاڻي ٿو، ڇو ته انسان جي ڀيٽ ۾ ڪُتي کي
سڃاڻڻ ۽ سنگهڻ جي 6 لک دفعا وڌيڪ سگهه آهي. جميل
رات جي ٺريل سناٽي جا سينا چريندو گهر پهچي وڃي
ٿو. رات جا ساڍا ٽي ٿي چڪا آهن ٻه ڀيرا در کڙڪائڻ
کان پوءِ زالهنس در کوليس ٿي. جميل بلڪل چُپ آهي ۽
کٽ تي ليٽي پوي ٿو. ”پپي به هينئر هينئر تنهنجي
اڳيان سُتي آهي، سڄي رات لُڇندي رهي آهي، ڪڻسجي
پئي آهي، ڪال پول ڏنو ٿمانس، تنهنجي ماني ته ڪانه
بچي آ، ۽ ها حميد به آيو هُيئي ٻه ڀيرا تنهنجو
پڇڻ... سچي، مُشو به پاس ٿيو آهي، اڄ رزلٽ کڻي آيو
هو؟“ ”چڱو چڱو ٺيڪ آ، سمهي پئه هاڻي.“ جميل جون
اکيون کليل آسمان ۾ کُتل آهن. هڪ ڪنو ٿرڊ ڪلاس
ماڻهو وڏيرو نشي ۾ ڪيڏيون نه گاريون ڏئي ويو آهي
مون کي اُهي به اجايو... ويچارو... ويچارو مان
ويچارو آهيان... ڄاڻي ٽڪو به ڪونه! ٿيو آ ليڊر!
گڏهه پيا نوازجن.... ذليل ته تون به آهين... پوءِ
ڇو ٿو اهڙن ماڻهن سان رلجين، پر مان ته مڙئي عباس
جي ڪري کڻي ويس، نه ته اهڙن ليڊرن سان ته مان جيڪر
منٽ به گهاري نه سگهان، ماڻهو الائي ڪيئن اهڙن
بلهزيرن جي پٺيان پيا گوڏا گسائين... سائين تون به
ٿين ٿو وڏو ماڻهو. ٽانگن وارا، هوٽلن جا بيرا،
آفيسن جا پٽيوالا ۽ ماستر شايد اهڙن ماڻهن سان گڏ
ڏسي توکي به وڏو ماڻهو سمجهندا هجن... نه نه مون
ڪڏهن به ائين نه سوچيو آهي. مون کي پنهنجي هن
ڌرتي، ان تي رهندڙ انسان ۽ وري ڪائنات ۾ هن ڌرتيءَ
جي حيثيت جي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي... ته پوءِ هيڏا
جيئڻ جا جتن ڇا لاءِ؟
ڪوڙهه ورتل ڍونڍ جي ڌپ سان ڀريل هن زندگي لاءِ زنده رهڻ جو ڪهڙو
مقصد، قدم قدم وک وک تي هي ذلتون اذيتون، ڌئونسون،
نيچيڻو ۽ ٻچاپڙائي، ليلڙاٽ، خوشامد، لُور لور، ڪوڙ
دوکي لاءِ ها ۾ ها ڪرڻ- ٽڪي جي ماڻهن اڳيان هٿ
ٽنگڻ جي ڇا معنيٰ؟ ڇا مقصد؟... ڪجهه به نه... ڪجهه
به نه... ڀلا جيڪي لکين ڪروڙين جانيون هن دنيا ۾
اڃا نه آيون اهن انهن جو ڇا ٿيندو؟ يا جيڪي
زندگيون هتان ختم ٿي چڪيون آهن انهن جو ڇا ٿيو آ؟
ڪهڙي حيثيت ٿيون رکن اُهي وڃايل زندگيون، هن
ڪائنات ۾ تنهنجي ڪهڙي حيثيت آهي؟.... ڪجهه به
نه... پر پوءِ تنهنجا ٻار ٻچا... انهن ۾ جياپي جي
عمل کي جاري رکڻ جي اهليت هوندي ته اُهي پنهنجي
وجود کي موجوده حالتن ۾ اڳتي ڌڪيندا، پر جيڪڏهن
انهن کي ماحول ۾ فٽ ٿيڻ جي قوت نه آهي، ته پوءِ
اُهي ختم ٿي ويندا، اهو اصول ڌرتي تي رهندڙ هر
جيوت سان لاڳو آهي، ته پوءِ پاڻ کي اهڙي ڪِريل
نموني زنده رکيو اچڻ جي ڇا معنيٰ؟... ڪجهه به
نه... ته پوءِ دير ڇا جي... نه نه تون ائين نٿو
ڪري سگهين... ڇو؟ اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي... بس ٻه
ٽي چار ڏينهن گهر ۾ روڄ راڙو هوندو پوءِ سڀڪجهه
نارمل ٿي ويندو، هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ جُنبي
ويندو... ڪنهن کي ڪجهه به ياد نه هوندو.... صبح جو
جميل جي گهر اڳيان ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو هو. وڌيڪ
ماڻهو گڏ ٿيندا پيا وڃن- گهر ۾ روئڻ ۽ پارن ڪڍڻ جا
آواز آهن. ننڍا وڏا ٻار به روئي رهيا آهن. پاڙي
جون مايون گهر ۾ اچي وڃي رهيون آهن.“ ”ويچارو سادو
ماڻهو هوندو هو.“ ڪنهن پاڙي واري چيو... عباس
پنهنجي سياسي ليڊر دوست طاهر کي ڪار ۾ کنيو، جميل
کي به گهران کڻڻ لاءِ اچي ٿو. عباس، جميل جي گهر
اڳيان ماڻهن جو گوڙ ڏسي ڪجهه حيران ۽ وائڙو ٿي وڃي
ٿو. ڪار کي ٿورو پري ئي بيهاري پاڻ تڪڙو تڪڙو جميل
جي گهر طرف اچي ٿو... ”ڇا ٿيو؟ ڇا جو گوڙ آ هتي؟
خير ته آهي!؟“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪ شخص چيو ”ها
سائين رات جميل ويو!“ عباس پريشان ٿيندي ”چئو ڇا
ٿا؟ اڙي رات ته مون سان گڏ هو. ڇا ٿيس، گهڙيءَ ۾“
ماڻهن مان هڪ ٻيو شخص ”فنس جو سڄو دٻو پي آپگهات
ڪري ڇڏيائين“ عباس اکين تي آڱريون رکندي چئي ٿو،
”او ماءِ گاڊ، ڏاڍو جذباتي هو، بس ايتري ئي ڳالهه
تي.....“ |