سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :13

سانگهڙ جا ڪي هنر جا سگهڙ ــــــ!

محمد خان ٻرڙو

 

ٻولي اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري نه رڳو، پنهنجو سماجي ڪارج پورو ڪري ٿي، پر ان جي وسيلي سماج ۾ ايندڙ تبديلين، رخن، موڙن ۽ معاشرتي ڌارائن کي محفوظ پڻ ڪيو ويندو آهي. فطرتي اصول آهي ته جيترو سماج سگهارو ۽ ويڪرو هوندو، ٻولي به اوتروئي گهري ۽ شاهوڪار هوندي. ٻوليءَ جي ان ادبي سرمائي جي تاريخ مطالعي وسيلي اسان ان سماج جي ذهني سطح ۽ اوسر جو ارتقائي اندازو ڪري سگهون ٿا.

دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻوليءَ جو ادب به شاعريءَ کان شروع ٿيو آهي. اهو شروعاتي ادب يا شاعري انسان جي اوائلي اظهار جو ذريعو رهي، جا پهريائين سينن ۾ سانڍي وئي ۽ بعد ۾ لکت ۾ آئي، لکت ۾ اچڻ بعد گڏيل سماجي ملڪيت ٿي پئي، جنهن کي پوءِ لوڪ شاعري، يا لوڪ ادب جي نالي سان سڏيو ويو ۽ اڄ به چيو وڃي ٿو، ان ڪري لوڪ ادب انسان ذات جو سڀ کان وڏو قيمتي تهذيبي ورثو ڪري ڄاتو وڃي ٿو.

سنڌي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ هتي هيترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته پنهنجي ججهي ذخيري، گونان گون مواد، خيال جي ڳُوڙهائپ ۽ ويچار جي لَهر سببان هڪ اٿاهه سمونڊ لڳندو جنهن ۾ هزارين ماڻڪ موتي ملندا، منجهن نه مَٺ نه مير نه ڪسُ، سچُ ئي سَچُ، سچ به سَچَ ڪوڏيءَ جيان سچلو صاف ئي صاف.

سانگهڙ صدين کان علم ادب ۽ لوڪ ثقافتي ورثي جي حيثيت سان مٿاهون پَٽُ پي رهيو آهي، هتي نه رڳو نامور عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن پر هاڪارا ۽ نالي چڙهيا سگهڙ به پيدا ٿيا آهن جن جو لوڪ ادب ۾ سوايو حصو پتي آهي. آءٌ هتي اڄوڪي صحبت ۾ صرف نڙ بيت جي شاعريءَ جو مثال پيش ڪندس جن جو مواد، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل عشقيه، نيم عشقيه ۽ جنگي داستانن ۾ نڙ بيت شاعري هيٺ آيل آهي تن ڪتابن ۾ سانگهڙ جي هيٺين شاعرن جو ڪلام آيل آهي.

موريو فقير، شيخ محمود، ٻاجهي فقير، حڪيم ڏاهري، شادي مري، شير محمد لغاري، مريد بهڻ، دلمراد مري، مريد مري، محمد صديق پلي، ليمون شر، بچايو رند، عبدالرحيم ڏاهري، شادمان مري، لونگ ابڙو، حاجي مهوال خاصخيلي، جڙيو فقير خاصخيلي، جاڙو مري، لعلڻ لغاري، فقير سليمان ملاح پاتڻي، مولابخش خاصخيلي، مرو فقير نظاماڻي، طيب خاصخيلي وغيره، گنوهر فقير ڏيٿو ۽ رستم فقير رند هن صنف جا باڪمال شاعر اڃا به موجود آهن، جن جو ڪلام ڇپجي نه سگهيو آهي، ان حيثيت ۾ هن لوڪ صنف جا شاعر، مڙني سنڌ جي شاعرن کان گهڻا ٿيندا.

اڄوڪي هن ادبي ميڙاڪي ۾ آءٌ لوڪ شاعري جي هڪ سگهاري ۽ پيچيده صنف ”هنر“ بابت سانگهڙ جي ڪجهه سگهڙن جو ڪلام پيش ڪندس، جن رڳو هن ئي صنف کي اختيار ڪري، منجهس مضمون ۽ معنيٰ جي نواڻ آڻي، موجوده ڪڙيءَ تي آڻي بيهاريو آهي.

سگهڙ پائيءَ ۾ هنر، سينگار ۽ ڏهس نهايت مشڪل ۽ پيچيده صنفون ڪري شمار ڪيون وڃن ٿيون. وڏو سُڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي پارکو سگهڙ ئي انهن صنفن کي اختيار ڪندو آهي، جيتوڻيڪ ٽنهي جي فني جوڙجڪ ۽ گهاڙيٽو ساڳيو اسان جي ڪلاسيڪي بيت وارو آهي. پر پنهنجي پنهنجي مضمون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان انهن جي ورڇ ۽ سُڃاڻپ الڳ الڳ آهي.

هنر معنيٰ ڪاريگري، سگهڙ لفظن ۾ مام، رمز يا ڪک رکندا آهن، اهڙن لفظن کي تُڪ يا بند چوندا آهن، انهن بند وارن لفظن جي ڀڃ گهڙ ۽ ابتو سبتو ڪري معنيٰ نروار ڪندا آهن يا زبر، زير يا پيش کي هيٺ مٿي ڏيڻ سان به اصل معنيٰ نڪري ايندي آهي، يا ساڳوڻا لفظ جنهن کي تجنيس حرفي چئجي ٿو وري وري ايندا آهن، اهڙي هنر کي عام طور سادو هنر چيو ويندو آهي.

سگهڙن هنر جي فني هيئت ۽ مضمون تي تجربا ڪندي ڪندي ان جا ڪيترائي قسم مقرر ڪيا ۽ الڳ الڳ نالن سان سڏيائون جيئن- رواجي هنر، چيرون هنر، بي سرا هنر، سرائتا هنر ۽ دُراها هنر. تواريخي طور اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ڪيترا اهڙائي بيت ملن ٿا جن کي هنر چئجي سگهجي ٿو.

جا هَڙَ اندر جيءَ، ساهڙ ڏنِي ساهه کي

سا هَڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ، ساهڙ ريءَ

ساهڙُ ميل سميع، ته سا هَڙَ ڇڙي ساهه جي.

ان ساڳئي ڪلهوڙا دور ۾ اسان کي جلال کٽي نظر اچي ٿو. جنهن جا هنر به ملن ٿا، جلال کٽي هونئن ته سينگار شاعري جي ڪري ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، مگر هُن، هنر شاعري به ڪئي آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هنر جي صنف جو بنياد ڪلهوڙا دور ۾ پيو، پنهنجا تجرباتي درجا گذاري، موجوده وقت لوڪ شاعري ۾ نهايت مقبول وزندار ۽ سگهاري جنس ڪري ڄاتو وڃي ٿو ۽ هرڪو سگهڙ هنر تي طبع آزمائي ڪرڻ ضروري ڄاڻي ٿو.

سانگهڙ ۾ به ڪيترن ئي سگهڙن هن صنف تي پنهنجو شعر چيو آهي، آءٌ هتي صرف اهڙن ڪجهه سگهڙن جو مختصر ذڪر ڪندس، جن رڳو هن ئي صنف کي اختيار ڪيو ۽ ان جي ڪري ئي سڃاتا وڃن ٿا.

حاجي دينار مري:- پاڻ ڳوٺ الهه بخش مري لڳ ڦلهڏيون جو ويٺل هو، لڳ ڀڳ 1935ع ڌاري وفات ڪيائين، پنهنجي وقت جو هڪ مڃيل داناءُ سگهڙ ليکجڻ ۾ ايندو هو. سندس رڳو ”هنر“ هٿ اچي سگهيا آهن، سٽاءُ ۽ معنيٰ جي لڪ رکڻ ۾ سندس وڏو ڪمال آهي، پاڻ هنر جي نکيڙ ۾ وري به جواب بيت ۾ ئي ٻڌائي ٿو، سندس ڪجهه هنر ڏجن ٿا.

جت هنج رهن- سي منگهه گليون پائن

آڙي چئه انهن کي، جي ٻولهايون آهن

لاکي ڄاڃي سومرا، پيڻ پهيو ٿا ڏين

نه ته ڪا نيراڊاهن، ڪرين ٻُوئارون سومرا.

پکين جا قسم:- هنج، منگهه گليون، آڙي، ٻولهايون، لاکي ڄاڃي، پيڻ، ڪانيرا، پوئارون.

اکيڙ:- هنج- هنجه ۾، منگهه گليون- منگليون، آڙي- آءٌ ڙي، ٻولهايون- ٻوليل ٻول ٻڌل، لاکي ڄاڃي،- لک ڄاڃي، پيڻ- پاڻ ڪانيرا- ڪان هڻي، ٻوئارون- ٻوهاڙون.

پاڻ بيت ۾ هيٺئين نموني معنيٰ نروار ڪري ٿو:

جيڪي تنهنجي هنج رهن، سي منگليون پائن

آءٌ ڙي چئه انهن کي، جي تو ٻولايون آهن

اتي لک ڄاڃي ڪر سومرا، جتي پاڻ پهي سڱ ڪن نه ته ڪان هڻي ڊاهن، پوءِ ڪرين ٻوهاڙون سومرا.

ڇڏ پٿوري سومرا- اڪڙي ناهيان

الله کئي سومرا- ڪڪيجي ڪاهيان

نجاري ناهيان، ڦلهڏي سومرا.

هن ۾ سگهڙ تعلقي کپري جون ڪجهه ديهون ڄاڻائي، لڪ رکي آهي.

ديهن جا نالا:- پٿورو، اڪڙي، الله کئي، ڪڪيجي، نجاري، ڦلهڏيون.

(اکيڙ:-)

پٿورو- پئي ٿوري، اڪڙي- هڪڙي، الله کئي- ال کيئي، ڪڪيجي- ڪاڪيجن، نجاري- بکاري. ڦلهڏيون- ڦلاڏين

معنيٰ بيت ۾ هن طرح بيهندي!

ڇڏ پئي ٿوري سومرا، آئون هڪڙي ناهيان

اَل کيئي سومرا، آئون ٿي ڪاڪيجن ڪاهيان

بکاري ناهيان، تون ڦلا ٿو ڏين سومرا.

سندس ٽيون هنر به پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ تلفظ جي هير ڦير ۾ معنيٰ تي ڪک رکيا اٿن.

مَگتو اچي- موراڙي کي من

هڪ اونڌاهي راتڙي، ٻيو ڪَرو پاڻي ڪن

مُڇ صلاحون منهنجون، مرهان تنهن کي من

ڀورن ڀوريو ڪونه ڪيو، حاجي چئي هوتن

الله ساڻ اودن، مينهن جو مُلاحو ڪرين

(اکيڙ): منگتو= مَ گوتو، موراڙي= مورڙي، اداهي- اونڌاهي رتڙي- راتڙي، ڪرو- ڪارو، مُڇُ- مَڇَ، صلاحون- لائون

مَرهان- ماريان، ڀورن- ڀائرن، ڀوريو- ڀيرو، اودن- ادن، مينهن جو- منهنجو، مُلاحو- ميلائو.

مگتو اچي- موراڙي کي من

هڪ اونڌاهي راتڙي- ٻيو ڪارو پاڻي ڪُن

مَڇَ سان آهن لائون منهنجو، وڃي ماريان تنهن کي من

ڀائرن ڀيرو ڪونه ڪيو، حاجي چئي هوتن

الله ساڻ ادن، منهنجو ميلائو ڪرين.

امام بخش شر:- هي سنڌ جو ناميارو هنر جو سگهڙ، لڳ ٻوٻي تعلقه سانگهڙ جو ويٺل هو. 1952ع ڌاري وفات ڪيائين، سنڌ جو هيءَ واحد مڃيل سگهڙ آهي جنهن جا هنر سڄيءَ سنڌ ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا، جن جو تعداد به گهڻو آهي، سڀني قسمن جي هنرن تي شاعري ڪئي اٿس. پنهنجي هنرن ۾ معنيٰ جي ڳوڙهائي ۽ لڪ سان گڏ، بيت جي فني پختگي به رکي اٿس، انهن خوبين کيس هنر جو شاه ڪاريگر بنائي ڇڏيو آهي.

مارک مون ڌڻي، ۽ شاهو بجر کي

خيرو، محمد علي ڪندو، ڄام واهن تي

آوت ڪرين ٿو سومرا، ڪلياڻ تي

امام بخش اتي، ساڱروئي ٿئي نه سومرا.

[1] سمن جي دور جا واهه:- مارک، آوت، ڪلياڻ ساڱرو

* ميرن جي دور جا:- شاهو، بجر، خيرو، محمد علي، ڄام،

اکيڙ:- مارک- مان رک، امن ڏي، شاهو- شاه، ڌڻي، بجر- بُج، سلامت خيرو- خير، محمد علي- محمد صلعم ۽ علي رضه، ڄام، ڌڻي. واهن تي- واهه نه اتي. آوت- چڙهت، ڪلياڻ، ڪَلَ مان آڻ. ساڱرو- سڱ روئي.

مارئي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ عجز سان چوي ٿي: منهنجا شاهن جا شاهه، مون کي امن ڏي، جيئن منهنجو وار ونگو نه ٿئي. جتي ٻي واهه نه هوندي اتي حضرت محمد صلعم ۽ حضرت علي رضه، ساڻي ٿيندا، اي عمر تون مون سان چڙهتون ٿوڪري، پنهنجي ڪُلَ ذات سان ڪر ته خبر پونئي، اي سومرا توکي ته ڪابه ساڃهه ئي ڪانه آهي. سگهڙ ساڳي طرح سانگهڙ جي اڀرندي حصي مان وهندڙ آڳاٽن ۽ موجوده دريائن، واهن ۽ شاخن جي نالي ۾ ڪمال حرفت سان هنر ٻڌو آهي:-                                                     هلندڙ

 

فقير ميان غلام علي مسرور

(مختصر سوانحي خاڪو ۽ ڪلام)

بيدل مسرور

 

پيدائش:

سنڌ جو هي معروف بزرگ صوفي شاعر، 1- جولاءِ 1894ع/26 ذوالحج 1311هجري تي شهر شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مخدومي ميان ”رحيم بخش بدوي“ المعرف ”ماستر“ هو.

 

تعليم ۽ تربيت:

سندس تعليم جي ابتدا پنهنجي شفيق والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي، 1901ع کان قاضي محلا شڪارپور ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. 1910ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد ٻه سال تپيداري اسڪول حيدرآباد ۾ ٽريننگ ورتائين.

 

ملازمت:

1912ع ڌاري تپيداريءَ جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. ملازمت دوران نواب شاهه، نوشهروفيروز، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص جي مختلف تپن تي رهيو. 1928ع ۾ کيس ترقي ملي ۽ پاڻ بئراج مختيارڪار وٽ سپروائيزنگ تپيدار مقرر ٿيو. 1936ع ڌاري سندس بدلي لاڙڪاڻي ٿي ۽ اتان ئي پاڻ 1945ع ۾ رٽاير ڪيائين.

 

شادي:

عزيزن جي حڪم تي 1923ع ۾ شادي ڪيائين. کيس ڇهه پُٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون.

 

سير سفر:

سرڪاري نوڪريءَ ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو باقي وقت سنڌ جي بزرگن، اوليائن ۽ فقيرن جون چونڪيون ڏيڻ، انهن جو ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ڳائڻ، دوستن عزيزن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ ۽ غريبن غمزدن جي غمخواري ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. هر هفتي پنهنجي مرشد راهه هدايت شهنشاهه فقير قادر بخش بيدل، جي درگاهه تي روهڙيءَ وڃي حاضري ڏيڻ، هر پندرهين ڏينهن دولهه درازي سرڪار عبدالوهاب سچل سرمست جي چونڪي، يا ماه پهرين سومر رات حضرت عثمان مروندي قلندر لعل شهباز جي ڌمال لاءِ سيوهڻ، توڙي سنڌ جي سرتاج ڀٽ ڌڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درٻار جو سلام ڪرڻ، ڀٽ شاهه، ڪڏهن هالا، ته ڪڏهن شاهه عنايت جهوڪ واري وٽ، ته ڪڏهن ڪنڊڙيءَ جي بزرگن سان ملاقاتون، سندس زندگيءَ جو مسلڪ هو.

 

فقيري فيض:

ظاهري طور 1908ع ڌاري جڏهن پاڻ اڃا پندرهن سالن جو هو، ته شهنشاهه فقير بيدل سائين جي درگاهه تان کيس باطني فيض مليو، جنهن لاءِ پنهنجي ڪيترين ڪافين ۾ ذڪر ڪيو اٿس.

 

شخصيت:

فقير سائين نهايت سهڻو، کلمک ۽ هر دلعزيز هوندو هو، سندس سريلي ۽ مٺڙي آواز، ستار وڄائڻ، يڪتاري تي درويشن جا سنگ ڀرڻ لاءِ ته هرڪو سندس ساٿي ٿيڻ لاءِ آتو هوندو هو، پر سندس فڪر انگيز ڳالهين، سدائين مرڪندڙ مک ۽ پروقار هلڻيءَ تي به هزارين موهت هوندا هئا.

 

همعصر ۽ مداح:

فقير سائين جي پيارن، دوستن ۽ کيس چاهڻ وارن جو ڳاڻاٽو انتهائي مشڪل آهي، پر علم ادب ۽ فن جي ميدان جون ڪجهه اهم شخصيتون جيڪي پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن لاءِ ووڙيندا هئا، تن مان فقير سائينءَ کي چاهڻ وارا ڪجهه هي آهن:

حڪيم الامت فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر علامه مُحّمد عمر بن دائود پوٽو، مُحّمد هاشم مخلص، مُحّمد بخش واصف، حافظ حيات شاهه، حاجي مُحّمد صديق ميمڻ، رئيس ضياالدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، ڪشنچند بيوس، حاجي امام بخش خادم، حاجي محمود خادم، نواز علي نياز، عثمان علي انصاري، علي نواز علوي، سردار محمد بخش ڪوجهي، آغا صوفي، مخدوم الله بخش عاصي، کيئلداس فاني، بولچند راجپال، پروفيسر ڦيرواڻي، مولابخش مسڪين ڀٽو، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، حبيب الله ڀٽو، آغا عبدالنبي عليگ، لطف الله بدوي، احسان بدوي، شفيع احمد اوج علوي، لعل محمد لعل، خواب حيدرآبادي، فقير عبدالوهاب ناظم، عبدالفتاح عبد عاقلي، ميان غلام عباس قادري، علي گوهر يڪتا، مرزا افضل بيگ، ڊاڪٽر مُحّمد ابراهيم خليل، شاهنواز عارف، پروفيسر رام پنجواڻي، مُحّمد خان غني، حافظ محمد احسن چنا، غلام مُحّمد گرامي، غلام احمد نظامي، پرسرام ضيا ۽ شيخ اياز.

 

فنڪارن مان:

ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنور، ڀائي ڇيلو، گلشن صوفي، الله رکي، جيوڻي، قدرت الله خان، سينڌو خان ۽ الله ڏنو نوناري.

 

فقيرن مان:

مُحّمد فقير کٽياڻ، فقير هدايت علي تارڪ نجفي، فقير غمدل، فقير سائين بيدل جو صحبتي فقير الله اوباهي شاهه، فقير جلالاڻي، ميرل فقير هنباه وارو، سائين انور شاهه جهانپور وارو، شائق فقير عمراڻي جيڪب آباد وارو، فقير قلندر بخش هيسباڻي ڪنڊياري وارو سندس پيارن ۾ شامل هئا.

 

شاعري:

فقير سائينءَ جي طبيعت نهايت موزون هوندي هئي، علم موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب ۽ فقيري رمز جي اظهار لاءِ سدائين طرب جي حالت ۾ رهندو هو. سندس والد به منجهس اهڙين لازوال ڪيفيتن کي ڏسي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ چوڏهن سالن ۾ علم عروض ۽ موسيقي ۽ صنايع بدايع ۾ مهارت حاصل ڪري وٺڻ سبب سرائڪيءَ ۾ سي حرفيون ۽ فارسي ڪلام به چوڻ لڳو.

فقير سائين بنيادي طور ”ڪافي“ جو وڏو شاعر هو؛ پر علمي ادبي ڄاڻ سبب ۽ عروضي دور سبب سندس ڪافين ۾ خيال، فڪر ۽ موضوع سان گڏ عروضي خوبيون به آهن. پاڻ بيت، مولود ۽ ڪافين سان گڏ مسدس، مخمس، مرثيو، مثمن، مثلث، مربع، مستزاد، معشر ۽ مثنوي جي صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس سموري ڪلام جو محور عشق، امن، درد، هيڪڙائي، نفي ۽ اثبات جي سڳنڌ پکيڙيندڙ آهي. پاڻ سنڌي، اردو، هندي، سرائڪي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪلام چيو اٿس.

 

تصنيفون:

فقير سائين سنڌيءَ ۾ اٽڪل 13 طويل مسدس لکيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري تصوف جي نقطي کي عيان ڪرڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا، جن مان ”اسرار حسيني“ جيڪو 261 بندن  تي مشتعمل آهي اڃا اڻپورو ۽ اڻڇپيل آهي؛ پر فقير سائينءَ جو ”مسدس مسرور عرف هيرن جو هار“ 1941ع ڌاري شايع ٿيو. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون طبعزاد ۽ طويل (97 بندن تي مشتمل) مسدس آهي. اهو ڪيترو عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽر ۽ بي. اي جي نصاب طور مقرر ڪيو ويو هو. انهن کان علاوه سندس تصنيفون هن ريت آهن:

مداح ستگرو سائينءَ جي سوکڙي. (هندي الف ب وار چيل 36 بندن تي مشتمل مخمس- ڪيترائي دفعا شايع ٿيل)

 مجازي معشوق: (مسدس- صنعت سوال جواب)

 ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار: (شايع ٿيل- سنڌي ادبي بورڊ- مؤلف لطف الله بدوي)

 بيدل جو سنڌي ڪلام: (شايع ٿيل- آزاد بوڪ ڊيپو جيڪب آباد- مؤلف بولچند راجپال)

 راڳ جي شرعي حيثيت: (شايع ٿيل- ماهوار پيغام ڪراچي مئي جون 1981ع)

 واچوڙو مل: (ناٽڪ- شايع ٿيل- ادب محل شڪارپور)

 مثنوي هير رانجهو: (اڻڇپيل- 168 صفحن- ٽن ڀاڱن ۽ 2379 شعرن تي مشتمل)

 پريم ساگر: (اردو ۽ هندي ڪلام)

 حسن ازل: (فارسي ڪلام)

 عشق نامو: (اڻڇپيل)

 وحدت نامو: (اڻڇپيل)

 سرود نامو: (اڻڇپيل)

 قيامت نامو: (اڻڇپيل)

 رهنمائي موسيقي: (اڻڇپيل)

 من جي مستي: (اڻڇپيل)

 سلطاني سهاڳ: (اڻڇپيل)

 دشمن: (اڻڇپيل)

 مڪتوبات مسرور: (اڻڇپيل)

 بيدل جا فارسي رسالا: (اڻڇپيل- مرحوم لطف الله بدوي جي ڪتب خاني ۾)

 صديق فقير سومري جو ڪلام: (اڻڇپيل- مرحوم بدوي جي ڪتب خاني ۾)

 فقير واليڏني جو ڪلام:

 ڪليات مسرور: (ترتيب هيٺ- سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرڻ لاءِ منظور ڪيل).

 

      وصال:

فقير سائين مسرور پنهنجي سموري زندگي فقيريءَ ۾ گذاري ۽ پاڻ دنيا وارن جي ذميوارين کي پوري ڪرڻ ۾ سک پاتائين، سرڪاري نوڪريءَ تان رٽاير ڪرڻ جي باوجود به خانگي نوڪريون ڪري پنهنجي گهرو ذميوارين سان منهن ڏنائين، آخر ۾ سردار محمد بخش ڪوجهيءَ جي زمين سنڀالڻ لاءِ ٽنڊي آدم وڃي رهيو، جتي تاريخ 19 آگسٽ 1983ع/ 8 ذوالحج جي رات جو پنهنجي حقيقي محبوب جي دعوت قبول ڪندي هن ديهه مان پرواز ڪيائين.

سنڌ ۾ 8 ذوالحج تي هر سال سندس عشق اوتاري تي سندس فقير فرزند سائين مٺل سائين ميڙاڪو مچائيندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي صوفي، فقير ۽ اولياءَ اچي شرڪت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح هندستان ۾ فقير سائين مسرور جي ورسي 19- آگسٽ تي ملهائي ويندي آهي.

 

ڪافي

عشق جي ساقيءَ هٿئون هميشہ، خُمر[2] پيالا طهر[3] پيئون ٿا،

معنيٰ مام پروڙي ساري، رمز رنديءَ جي رنگ رچئون ٿا.

 

ڳالهه ڳُجهي سڀ سانڍي ڳجهڙي، عام سان ظاهر اُٿئون ويهئون ٿا،

باطن بيشڪ مُلڪ بقا جي، وحدت واري ويڙهه وڙهئون ٿا.

 

صورت مورت صاف سڃاڻي، ڪڏهن نه ڪي ڪجهه ڪُڇئون پُڇئون ٿا،

سودي سيلَ جي خاطري سچ پچ، پنهنجي مرضيءَ مَرَئون ڄَمئون ٿا.

 

پاڻ ئي پاڻ ۾ پاڻ اڙائي، پنهنجو چرچو پاڻ پَسئون ٿا،

درد فراق ۽ هجر جون هوليون، سِر تي سختيون سورَ سَهئون ٿا.

 

هي هُو ٻئي ”مسرُور“ اسان جا، پنهنجي رائي اَچئون وَڃَئون ٿا،

گُهمئون ڦِرئون ڇا گُوندر گهاريون، جو ڪجهه آهيون ٻيو نه ٿِيئون ٿا.

 

ڪافي

اڄ وري اظهر[4] نوان ڪي عشق جا آثار ٿيا،

خوض[5] خاصا بي خوديءَ کان ٿَمُ[6] اچي هڪوار ٿيا.

جذب[7] دل جي جوش مان ايندا وڃن هڪ ٻئي مٿان

سي اکر اعوام[8] ليءِ سڀ هينئڙي جا هار ٿيا.

 

صدق[9] دل جي سان سُڻي، جيڪي هليا هن حال تي،

مرد سي مانجهي حال [10] مڻيادار،[11] سِرُ ڏئي سردار ٿيا.

 

هيءَ حَقيقت حگھال واري جن پڙهي پِرتئون[12] سڄي،

وهم خطرا تن ڪنان، سڀ دُور دُک آزار ٿيا.

 

مِهر مرشد جي مگر، ”مسرُور“ ڪجهه پنهنجي جفا،

طالبن کي اِن طرح سڀ دل گُهريا ديدار ٿيا.

 

ڪافي

 

آيا جوڳي آيا، سَنت[13] سِرِي[14] سَت آيا

 

نينهون نيهي نسري هِتڙي،[15] وير[16] وِرڌَ کان وِسري هتڙي،

نُور منجهارون نڪري هتڙي، پِرت جا پير گُهمايا.

 

پنجن[17] تَتَن جو ميل مِلائي، ضُرت مُورت بيکُ بنائي،

ساز سُرندا ناد[18] وچائي، پنهنجا قرب وڌايا.

 

صفت[19] سامين جي ڪريان ڪهڙي، ليکيان ناهي ليکَڻَ جهڙي،

اوريان ناهي اهڙي تهڙي، سڀ کان سَرس سوايا.

 

اُڃ کان ڪين اُڃايان ڪڏهين، بُک کان ڪين بُکايا ڪڏهين،

ڏُک کان ڪين ڏُکايا ڪَڏهين، درد نه ڪنهن ڌمڪايا.

 

ڏٺي جنين جي[20] ڏُورُ ڏُکندا، ويٺي جن وَٽ وَرن[21] وَرندا،

سوامي هي ”مَسروُر“ سُڳنڌا،[22] مون کي ڌڻيءَ مِلايا.

 

ڪافي

مون ڀري موتين سندي هي ڇوهَه مان اڇلائي ڇاٻَ،[23]

ميڙ تن مان حاج سارو، ڀر کڻي گودو[24] ۽ ٽاٻَ[25]

جُهد ڪَر ڏسُ گوءِ غازي ٿا وڃن توکون کنيو،

تون ٿَڪل کائين ڀلا ڇاکون ٿُڏن جان ٿيڙ ٿاٻَ.

 

پَٽ ٻئي اکيون اندر جون هوش رک هَمت نه هار،

لعل نا لِڏِ ۾ لِڪي توڙي هجي ڊَس[26] ريت[27] ڊاٻَ.[28]

 

مهل ٿي هيءَ مرد ڏس، جو هُو وڃن ميڙيو مَڏي،

پوءِ ڪندين ڇا چپ ڪڍي تون مُنهن چِٻي چَٻ چاٻَ چاٻَ.

 

حسرتا ”مسرور“ جي مُنڍيءَ مٿان غازي اچي،

سِرڪندا صدقي جتي، تون ات ڪندين ڇا گهور گهاٻَ.

 

ڪافي

هن سير ۾ سامي وکر هڪ خاص وحدت[29] جو وَڻج،[30]

ڪثرت[31] منجهان وحدت[32] اندر تون پڻ قدم ڦُربئون کَڻج.

 

سچ پچ سچن کي سڪ وڏيءَ، ساقيءَ ڏئي ٿو سَڏ ڪيو،

تون ڀي وِرهه[33] جي پيءُ وَٽي، بي سِر صفا بي خُود بَڻجُ.

 

ڪو فڪر ان جو ڪين آ، هٿ پير[34] جي هِنِ حاجَ ۾،

اي ليڪ دل سان دوستن جي پارَ ڏي تاڻيو تَڻجُ.

 

هِت ڪجهه هلن هٿ پير نا، ڏس نانگ[35] جو نازڪ هلڻ،

هي حال منهنجي جِي خُلاصي، ڳالهه تون دل ۾ ڳَڻج.

 

هٿ ۾ ڪري هن حال کي، عاشق سچي عَطّار[36] جيان،

”مُسرور“ مانجهي مرد تون، تان نينهن جو نعرو هَڻجُ.

 

ڪافي

 

حيرت جو لَڪُ لنگهياسي پيو حالُ هَمهءَ وارو،

اچي بحر ان ۾ پياسي ڪنڌي نه جنهن ڪنارو.

 

ٻيڙي جا ٻاجهه واري اچي اوچتي پڌاري،

سهجئون ڪري سواري پاڻيءَ جو ڪيم پَسارو.

 

جاڏي نظر جو ڌرجي پاڻيءَ بنا نه پسجي،

ڦوٽو لهر مان بڻجي ناهي لهر نانءُ نيارو

 

حاصل ٿي نئين حياتي موٽي نه جنهن مماتي

ظاهر ٿيو نُور ذاتي هن سيرَ منجهان سارو.

 

جهاڳي بحر چڙهياسي ڪاهي ڪِينَ تي رَسياسي،

اُتهون اڳي هلياسي هڻي نينهن جو نغارو.

 

لنگهي بي خودي جو بندر جت ڄَم نه ڪو ڄماندر،

سڀ سير ۾ ٿيو هي سِرُ مُورت جو ويو مونجهارو.

 

ٿيو حال هيڪڙائي، ”مُسرور“ وئي ٻي وائي،

جاچي ڏٺو مُون جائي ڪاملُ آهيان قرارو.

 

ڪافي

 

شمع حسن جا شائق عاشق، ڪاهيو اچن سِر ڪاههَ اَلو.

جَهلَڪَ پَسي سي جَهٽ پَٽ ڪن ٿا، صدقي سِر سِر واهَه، اَلو.

سَهجئون ڪاٽي ڳَچَ ڳچن جا، اَچن منجهه آڙاهَه، اَلو،

ويٺا وهنجن تيلَ تَرِيلَ جي، قُربئون مَنجهه ڪَڙاهَه، اَلو.

نِت نِت نئين حياتي پائن، عاشق عاليجاهَه، اَلو.

مِڙيو پَسن ”مسرور“ مٺل کي، شَوقؤن شاهنشاهَه، اَلو.

 

ڪافي

 

عشقِ جي راهه اڻائي ڏاڍي، طالب تِرڪڻ بازي ٿي.

حق حقيقي منزل جي، پوري عِشق مجازي ٿي.

رَهت انهيءَ ۾ راز جا واقف، عَجَبُ خِيال اَيازي ٿي.

هادِي ”بيدل“ مُرشد ساڳيو، داتا دُرسُ ”دَرازِي“ ٿي.

”شِبلي“ ”شمس“ ”عَطارُ“ اُهوئي، ”بُسطامِي“ ”شِيرازي“ ٿي.

وحدت وارو، ويسهه رکُ هِڪُ، ٻيو سَڀ ڪوڙ ڪَسازِي ٿي.

عِين اَلله ”مُسرور“ تون ڄاڻج، غير وچئون ڪڍ غازِي ٿي.


 


[1]  ڪلياڻ ۽ ساڱرو، موجوده حيدرآباد ضلعي جي هالن ۽ ٽنڊوالهيار تعلقن ۾ هوندا هئا ۽ باقي واهه ضلعي سانگهڙ جي موجوده تعلقن شهدادپور ۽ تنڊوآدم مان وهندا هئا.

[2] . خمر- مئي، مڌ

[3] . طهر- پاڪ

[4] . اظهر- ظاهر، پڌرو.

[5] . خوض- غور، سوچ، پچار،

[6] . جَزبِ دل- ڇِڪ، اُڌمو.

[7] . ٿَم ٿيا- سهڙيا، پڌاريا.

[8] . اعوام- عام.

[9] . صِدق دل- دل جي سچائي.

[10] . مانجهي- سورهيه، سياڻو.

[11] . مڻيادار- حسين، خوبصورت، مڻيا وارو.

[12] . پرتئون- پرت مان، پيار وچان.

[13] . سنت- اوليا، بزرگ.

[14] . سري- سائين، حضور (لقب).

[15] . وير- دشمني.

[16] . وروڌ- ڪلفت، بکيڙو.

[17] . پنج تَت- پنج شيون (هوا، باهه، پاڻي، مٽي، آڪاس).

[18] . نادَ- (جمع) نادُ- ڦوڪ جو ساز.

[19] . صفت- ساراههَ.

[20] . ورن- رنگ.

[21] . ورن- رنگ.

[22] . سڳندا- خوشبو وارا، سڳنڌ ڀريا.

[23] . ڇاٻَ- وڏي پنڊي، دٻڪي، (ڪڻڪ جي تيلين مان ٿالهيءَ جي نموني ٺهيل ٽوڪري)

[24] . گودو- کيسو، گِيدو.

[25] . ٽاٻ- ڳوڻ جو ٺهيل ٻورو.

[26] . ڊس- ڊسڙ.

[27] . ريت- واري

[28] . ڊاٻ- دَزَ مِٽي، ڌُوڙِ.

[29] . خاص وحدت- وحدت الوجود، دنيا جي سموري موجودات کي خدا تعاليٰ جو وجود ڪري مڃڻ.

[30] . وَڻجُ- ڌنڌو، واپار، ڪرت.

[31] . ڪثرت- گهڻائي.

[32] . وحدت- هيڪڙائي

[33] . ورهه- نينهن.

[34] . هٿ پير جي هن حاج ۾- جيڪڏهن زماني جو ڪم ڪارآهي.

[35] . نانگ جو نازڪ هلڻ- سيني ڀر سرڪڻ.

[36] . عطار- عطر وڪڻندڙ (شيخ فريد الدين عطار، فارسيءَ جو صوفي شاعر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com