سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1992ع

مضمون

صفحو :8

ياترا

موهن ڪلپنا

 

شهزادي منڊيءَ وٽ ٽانگي واري چيو، ”حضور ڪيڏانهن“

”تاج محل.“

”اچو سرڪار“

”گهڻو وٺندين؟“

”ڪجهه به نه“

”نه پهرين طيءِ ڪر، آگري ۾ سيلانين کي ڦريو ويندو آهي“

”هڪ روپيو ڏجو“

”فقط هڪ روپيو! اها تاج محل جي بي عزتي آهي“

”حضور، تاج محل، ڏهن ڏينهن بعد اڄ کُليو آهي ۽ اهي ڏهه ڏينهن مون ۽ منهنجي گهوڙي بک ڪڍي آهي، ۽ بک ۾ اگهه ڪرندا آهن.“

ٽانگو هلڻ لڳو. ٻنهي طرف ٽئگور جي نظمن جيان شاهي وڻ. پڇيومانس، ”ڪيئن آهي تاج محل؟“

”اوهان نه ڏٺو آهي صاحب؟“

”نه ڏٺو آهي،“

”ڄڻ اڄ ٺهيو آهي.“

”گهوڙو سٺو آهي گهڻي ورتئه.“

”ساڍي ستين سوَ روپين“

”بس! ريس جو هڪڙو گهوڙو چئين لکين وڪامي“

”ها بابو جي ٻڌو اٿم، ته لکن جي انهن تي راند ٿئي.“
”تنهنجو گهوڙو گهڻي جو کاڌو کائي؟“

”روز پنجين روپئي جو.“

”۽ تون، تنهنجو گهر؟“

”بابو جي، هي ٽانگو نه آهي، هندستان آهي. هن ٽانگي سان ملڪ جي بک ۽ غريبي لاڳو آهي، ماڻهو تاج اندر ممتاز جي قبر وٽ پئسا رکندا آهن ۽ مولوي ”الله هُو“ پڪاري چوٿين منٽ، پنهنجي آواز جو پڙاڏو ٻڌائيندو آهي جو به هڪ تاج جو جادو آهي؛ پر پئسا ته شاهجهان جي قبر اڳيان رکڻ گهرجن، جنهن تاج محل ٺهرايو.“

واپسيءَ ۾ منهنجا فنڪار دوست مون کان الڳ ٿي ويا ۽ منهنجي دماغي آوارگي مون کي جمنا ڪناري ٽن شهرن ۾ ڇڪي آئي، مون کي ديال باغ، تاج جي خلاف بغاوت جي هڪ اڌوري رچنا لڳي، جو پنجهتر سالن کان ٺهي رهيو هو ۽ کيس ٺهڻ ۾ اڃا ٽي سو سال ٻيا لڳڻا هئا، فتح پور سڪريءَ ۾ مون کي بابر ۽ راڻا سانگا يا پرتاب ۽ اڪبر جي لڙائي، جوڌابائي جي رنڌڻي، انارڪلي جي سنان تلاءُ، سليم جي جنم- آستان يا حضرت خواجه سليم چشتيءَ جي درگاهه ۾ مغل معمار جي فن کان وڌيڪ. انهن ٻن وزيرن جو خيال آيو جي سنڌ، اڪبر کي ڏنا هئا ۽ بعد ۾ جمنا کي ڏسي آئون ڪوٽڙيءَ پهچي ويو هئس ۽ شاهه جو دهشت دم درياهه ۾، ڪلام ياد پيو هوم.

ڇو آهي من ۾ اها ڀٽڪ؟ هر زمين جا داستان مختلف پر حاصل مطلب ساڳيو آهي. سنڌ ۾ موهن جو دڙو اکڙجڻ لڳو آهي. شهر اکڙجي دڙو ٿيو، پر دڙو اکڙجي ڇا ٿيندو؟ هڪ تهذيب دڙي ۾ بند آهي ۽ هڪ تهذيب مٽي ٿيندي. هي تاج جنهن جي هڪ مناري جي هڪ ڏاڪي وٽ مان ويٺو آهيان. ان جي پٿر کي ڪئنسر ٿيندي. اهو آهستي آهستي ٽٽندو. پوءِ رڳو تاج جا داستان رهجي ويندا. الف ليليٰ ۽ حاتم طائي جي محلن جيان ان جا قصا بڻجندا ۽ قصا حقيقت کان وڌيڪ سهڻا هوندا آهن. هونئن به تاج ۾ سونهن ڪانهي. تاج جي تاريخ ۾ آهي، ۽ تاريخ ۾ بادشاهن جو ذڪر هوندو آهي، عوام جونه.

”تون ماٺ ڇو آهين ٽانگي وارا“

”پهرين اوهان کي ”شهزادي منڊي“ ڇڏيان پوءِ گهر وڃان“

”تو چيو هو تاج ڄڻ ائين لڳندو آهي ڄڻ اڄ ٺهيو آهي“

”ائين گائيڊ چوندا آهن“

”تو گهڻا ڀيرا تاج ڏٺو آهي. تنهنجي عمر سٺ سال ته هوندي.“

”عمر ته ياد ڪونهي ۽ تاج ته اڪثر پيا ڏسون“

”اندر وڃي چڱي طرح“

هن ڪو به جواب نه ڏنو. ٿورو رکي چوڻ لڳو:

”اوهين کلندا سرڪار، غريب انسان آهيون. اسين ڪٿي ۽ تاج محل ڪٿي!“

”پوءِ به“

”مون ڪونه ڏٺو آهي“

”گهڻن سالن کان هتي رهندو آهين؟“ مون عجب مان پڇيو.

”سال ياد ڪونهي، هتي ئي ڄائو آهيان“

”پوءِ به“

”ڏٺو ڪونهي، ان ڪري چوڻ نه گهرجي. تاج هڪ عياشي آهي، سوچيم جوانيءَ ۾ ڏسندس. پر جوانيءَ ۾ ڏسي نه سگهيس. سوچيم ڏسندس ته گهر وارن سان ٻئي جي ٽانگي ۾ چڙهي، بي فڪر، موج سان پر اهو ڏينهن....“

”اڃا نه آيو آهي.“ مون کي بيڪيٽ جي ڪنهن ڪتاب جو عنوان خيال ۾ آيو.

دهلي اسٽيشن ٻاهران هڪ گريجوئيٽ گڏيو. باغ جي ڪنڊ وٽ. هن وٽ لڪڙيون هيون. سنهيون ۽ ٿلهيون چيائين:

”بابوجي جي چار آنا ڏيندا ته ٻانهن کي سنهي لڪڙي هڻي اوهان کي اها ڀڃي ڏيکاريندس. رپيو ڏيندا ته وڏي. ٻانهن ۾ جيتري گهڻي تڪليف ٿيندي، اوترو وڏو اجورو وٺندس. اوهان جي هٿ ۾ ڪتاب آهن، ضرور شاعر هوندا. ائين ته مون به شيڪسپيئر پڙهيو آهي.“

سوچيان ٿو ٽانگي واري کي پنهنجو ٻٽون ڏيئي ڇڏيان. پر ڄاڻان ٿو، هو نه وٺندو. هن شيڪسپيئر جي پرستار کي مون ڏهه رپيا ڏنا. پر هن نه ورتا. چيائين: ”لڪڙي ڀڃائي، ان جي ٿولهه موجب اجورو ڏيو“

مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. مان ڪجهه ڪري نه ٿو سگهان. مان پنهنجي تصور کي ڪا عياشي بخشي نه ٿو سگهان. هن ياترا منهنجي عجب جي احساس کي ماري ڇڏيو آهي. ياترا خود ۾ هڪ ٺڳي آهي، سڀ موهه، ڀُنگُ.

”ٽٽل سوچ جا بي ايمان سلسلا“ (رپورتاز) مان ورتل.

ــــ  موهن ڪلپنا

 

 

 

 

 

پيڙا جو هڪ پيج

 

امداد،

سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري بنجي وڃڻ لاءِ آئون توکي اڳواٽ واڌايون ڏئي چڪو هئس، پر تنهنجون فرمائشون ئي پنهنجيون:

موهن تي لکي ڏي. هڪڙو ئي پيج لکي ڏينم.

موهن تي هڪڙو پيج! ڇا لکان؟... ڇو ڀلا توکي منهنجي ۽ موهن جي روحاني رشتي جي خبر ڪانهين ڇا؟ شايد توکي آهي. ڪوٽڙيءَ جي حوالي سان. پر توکي ان S.M. High School جي حوالي سان شايد ڪائي ڄاڻ ڪانهين. ها- هڪڙو پيج. شايد سچ پيو چوين. مون سڄي ڄمار ۾ موهن کي فقط هڪڙي چٺي لکي هئي. هڪڙي ئي پيج تي! ۽ ان جو جواب به پاتو هو. خبر ٿئي جوابي خط ۾ ڇا لکيل هو:

”علي، آئون اهو موهن نه آهيان جو توسان گڏ پڙهندو هو. شامون جو ڀاءُ هو. ان ويل تون اوچتو شهر جي ڳليءَ ۾ ڪري پيو هوندين ۽ مون توکي سهارو ڏنو هوندو. اڄ آئون هندستان ۾ ڪري پيو آهيان ڪو سهارو ڏيڻ وارو آهي ئي ڪونه....!“

تون چوين ٿو موهن تي لکي ڏي. ڀلا آئون توکي ڪهڙي موهن تي لکي ڏيان، جيڪو موهن مون سان پڙهندو هو؟ اُهو پهريون ڇوڪرو هو جنهن اسڪول ۾ مون کي اهميت ڏني هئي.

ڪهڙي اسڪول مان آيو آهين. يار- تون منهنجو ڀاءُ آهين. هي منهنجو ڀاءُ آهي شامون.

موهن جو جڏهن مون کي خط مليو هو تڏهن آئون روئي پيو هئس. هي موهن اُهو موهن نه هو. منهنجو موهن الائي ڪهڙي حال ۾ هوندو. الائي پرديس ۾ مان ياد به پوندو هوندو سانس ڪي نه. (”ڇو ڀلا، ائين ڇو آهي ته هر ماڻهو چاهيندو آهي ته ڏور ڏيساورن ۾ جت ڪٿ، ڪي پيارا ماڻهو کيس ياد ڪندا هجن....) شايد وجوديت جو فلسفو انسان پنهنجي انهيءَ جبلت مان تخليق ڪيو آهي.

چوڻ جو مطلب ته توکي ڪهڙي موهن تي لکي ڏيان! هڪ موهن اُهو آهي جيڪو هند سنڌ ملڪان ملڪ مشهور آهي. ٻيو موهن جنهن جي مون کي پاڻ کي به ڪل ڪانهين. بس رڳو ايترو ٿو چاهيان ته خدا ڪري حيات هجي، سهڻو جيون گهاريندو هجي. خوش هجي. اسين نه، ته سنڌوءَ جا ڪنارا ياد هجنس. لاڦ هڻندو.

سچ، هن ويل آئون ڏاڍو دکي آهيان. محسوس ڪريان ٿو ته ٻنهين موهنن سان منهنجو رشتو ساڳيو آهي. سرڳ جي ڳولا ۽ ”جلاوطني“ واري موهن سان منهنجو ناتو ڏاڍو پراڻو آهي. ايڏو جيڏو سيوهڻ جو شهر. سيوهڻ وارو موهن جيڪو ڪوٽڙيءَ ۾ به سيوهاڻي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ مون جيان ڄائو به ڪوٽڙيءَ ۾ هو. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. موهن جو ڏينهن ملهائڻ واري ڏينهن ”سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي“ پاران مون کي ڪارڊ به نه هو!  ۽ توکي خبر آهي ته مان سنڌي ادبي سنگت جي پيداوار نه آهيان. ان ڪري مون مان ڪا وڌيڪ اميد نه رکو. انهن ادبي سنگتن جي چڪر ۾ منهنجو الائي ڪيڏو ڪم اڌورو رهجي ويندو آهي!

چيم نه، هن وقت آئون دکي آهيان. ڏک ڪو چهري مان ٿوهر جيان ڦُٽي ڪين نڪرندا آهن. جتي باهه ٻلي.... نه موهن موٽيا نه ميگها نه مريادا. بيڊ لڪ.

تنهنجو

علي بابا

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

 

نوٽ: وفا جهڙي يار کي تنها ڇڏي ڏنو اٿئي- پٿر تان ته ٿي اچ.

 

 

 

 

 

موهن لالا سرڳ جي ڳولا ۾     [تاثر]

اياز عالم ابڙو

 

موهن لالا جي موت جي خبر پڙهي من موهن جي دڙي جيان ڀڙڀانگ ٿي ويو. هڪ دفعو وري ايئن لڳو ڄڻ دريا اندر ۾ آباد وسنديءَ کي لوڙهي ٻوڙي ڇر ڪري ويو آهي. پروفيسر رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، ماسٽر چندر ۽ موهن ڪلپنا.... مون اکين نه ڏٺا.... ويا هليا- پر انهن سڀني جا عڪس ۽ اولڙا مون کي ڏاڍا اوڏا ۽ بنهه چٽا پٽا ڀاسيا آهن. ڪنهن اوجاڳيل سپني جيان.

تاج جويي جي ڪوٺ تي ڪوٽڙي آيل آهيان. پر خبر اٿم ته اهڙن موقعن تي اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن. انهن تي ضابطو منهنجي اختيار ۾ نه هوندو آهي گڏجاڻيءَ ۾ وڃڻ بجاءِ ڪوٽڙيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي گذاريم. هڪ دفعي علي بابا کي ڪوٽڙي جي گهٽين مان مٽيندي چيو هوم: ”علي! خبر اٿئي! هن ئي گهٽيءَ کان مان ۽ موهن لالا ڪيترائي دفعا گڏ مٽيا آهيون.“ علي مٿي ۾ ٿڦڪي هڻي چيو!: ”اڙي! جنهن زماني ۾ موهن ڪوٽڙيءَ ۾ هو، تون ڄائو به ڪونه هوندين!“  ”ها پر جڏهين به ڪو ٽڙي جون گهٽيون گهمندو آهيان ته موهن لالا گڏ هوندو اٿم.“

”في الحال ته اڄ مان توسان گڏ آهيان، ڇو اچي موهن جي پويان پيو آن.... هو ڪو اسان وانگر واندو مل ڪونهي.... جو تو مون وانگر پيو رلندو....“

”تون برابر گڏ آن.... پر موهن لالا جو ذڪر نڪتو آ... ته هُو به جهڙو ڪر گڏ گڏ پيو هلي.....“

اهو سوچيندي درياهه جي بند تي اچي پهتم. شو مندر وٽ بند لهي ويهي رهيس.... اکيون ڀرجي آيون ڪا گهڙي هر منظر ڌُنڌجي ويو.

اڄ موهن لالا ڏاڍو پري پري ۽ اوپرو اوپرو ٿي لڳو. ڄڻ منهنجو ساٿ ڇڏي درياهه جي سير ۾ ڪاهي پيو هجي....“

”ڪاڏي ٿو وڃين لالا!.....“ ”سرڳ جي ڳولها ۾.... تون خوش نه ٿو رهين نه! مان تو لاءِ ديوتائن سان جنگ جوٽي.... فتح پائي پوءِ موٽندس.... جيستائين موت تنهنجو پيڇو نه ڇڏيندو....“

”ها!.... ياد آيو!.... هڪ دفعي لکيو هئائين!.... ٻڌو اٿم تون خوش نه ٿو رهين. اهو پڙهي اکين جي ڪُنڊن ۾ ستارا چمڪڻ لڳا.... خدا ڪندو تون جلد ٺيڪ ٿي ويندين. هر مرض جو علاج آهي يار! ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ گوڏا کوڙيندين ته زندگيءَ جو لطف ماڻيندين.....

هڪ دفعي لکيو هئائين!

”تون اچين نه ٿو؟..... مون وٽ اچي رهه! گڏجي دهلي هلنداسين. آگره هلي تاج محل ڏيکاريندوسانءِ..... فتح پور سڪري، قطب مينار جيڪو چاهين.... تون هلي ته آءُ....“

پر لالا! مان توکي دعوت ٿو ڏيان تون سنڌ اچ.... مان توکي موهن جو دڙو، رني ڪوٽ جو قلعو، ڪوٽ ڏيجي، آمري، سيوهڻ ۽ ڀٽ ڌڻي سڀ گهمائيندم- تون هڪ دفعو هلي ته آ....

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com