سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :10

 

مولانا خير محمد نظاماڻي

 

اسلام جو روحاني شاعر

 

سنڌ جي مايه ناز شاعر، صوفي صافي ۽ عارف درويش، شاه عبداللطيف ڀٽائي جي سلوڪ کي سمجهڻ ۽ پنڌ کي پروڙڻ ۽ انجي شعر جي راز ۽ رمزن کي ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته شاه جي ڪلام جو محقق تصوف جي حقيقت ۽ مقصد کان آگاه ٿئي.

صوفين سڳورن لاءِ جن ماڻهن هيئن سمجهو آهي ته هو شريعت جا منڪر ۽ مخالف آهن ۽ هنن جو گس شريعت جي راه کان ٻيو آهي؛ تن صوفين جي متي ۽ مقصد کي بلڪل غلط سمجهيو آهي.

بلڪ حقيقت هن طرح آهي ته صوفياءِ ڪرام جو چوڻ آهي ته هو شريعت جي به پوري پابندي ڪن ٿا ليڪن انهي سان گڏ هنن وٽ انهي کان وڌيڪ به ڪجهه آهي ۽ هو علماء ظاهر کي اهو ڏوهه ڪونه ٿا ڏين ته هو شريعت تي ڇو عمل ڪن ٿا بلڪ هنن جو اعتراض آهي ته شريعت جي مقصد ۽ روح جي حفاظت ۾ علماء ظاهر احتياط نٿا ڪن.

صوفي عبادت الاهي کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا، هڪڙي هٿن پيرن ۽ اعصاء جوارح جي عبادت جنهن ۾ زبان سان ڪلمئه شهادت، نماز، روزو، حج، زڪوات، ڏيتي ليتي، تجارت، شادي غمي وغيره سان تعلق رکندڙ اعمال الله پاڪ ۽ رسول مقبول جي شريعت مطابق ادا ڪرڻا آهن ۽ ٻي قلب جي عبادت جنهن موجب قلب ۾ الله پاڪ جي عشق ۽ محبت جو مچ ٻارڻو آهي. صوفي هٿن پيرن جي عبادت ۾ علماء شريعت سان شريڪ آهن، ليڪن هنن جي دعويٰ آهي ته قلبي عبادت جنهن جو آخري درجو معرفت الاهي آهي، سا صوفين لاءِ مخصوص آهي- شاه صوفين جي انهي نقطه نظر کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي:

روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،

اوڪو ٻيو فهم جنهن سان پسڻ پرينءَ جو

اهو ٻيو فهم جنهن جي ذريعي محبوب جي معرفت ٿئي ٿي سو آهي عبادت قلب!

ليڪن سالڪ کي انهي ٻئي فهم جي حاصل ڪرڻ لاءِ به شاه وٽ شريعت جي سبق جي ضرورت آهي:

ساري سک سبق، شريعت سندو سوهڻي،

طريقتاً  تکو وهي حقيقت جو حق، معرفت مرڪ اصل عاشقن کي

(سهڻي)

شاه جي نظر ۾ حقيقت جو دريا جيڪو طريقت کان تکو وهي رهيو آهي، خالي طريقت جي مدد سان انهي دريا کي پار ڪرڻ محال آهي تنهن ڪري انهي دريا مان تري پار پوڻ لاءِ شريعت جو سبق سکڻ ضروري آهي.

معرفت مرڪ اصل عاشقن کي معرفت هڪ ته سڃاڻڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿي ٻيو علم جي معنيٰ ۾- هن بيت ۾ معرفت معرفت الاهي جي معنيٰ ۾ استعمال نه ٿي آهي بلڪ علم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿي آهي ۽ پهرين تڪ جي مفهوم تي عمل ڪرڻ لاءِ عاشق يعني سالڪ کي همتايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته علم شريعت ڪا عيب جهڙي ڳالهه ناهي جيئن ڪن ملحدن جو خيال آهي بلڪ شريعت جو عالم ۽ عامل هجڻ ته سونهي ئي سالڪ کي ٿو-

ساري سک سبق، شريعت سندو سرهڻي

طريقت سان شريعت جو هجڻ شاه وٽ لازمي آهي جيئن ته چوي ٿو:

ڪر طريقت تڪئو، شريعت سڃاڻ

هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ

هوءِ ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين

(آسا)

يعني سالڪ کي گهرجي ته طريقت تي ويساه رکي ۽ ان سان گڏ شريعت جو علم به سندس لاءِ ضروري آهي ۽ طريقت شريعت جي ظاهري آداب ۽ رسومات جي پيروي سان گڏ سالڪ کي قلبي عبادات جي پاڻ ۾ عادت وجهڻ گهرجي هنيون حقيقت هير تون سالڪ جي منزل مقصود معرفت الاهي آهي ۽ انهي آخري منزل تي ئي سندس سفر جي پڄاڻي ٿيڻي آهي تنهنڪري هو پنهنجي انهيءَ منزل مقصود کي هر وقت پنهنجي اکين آڏو رکي ۽ انهي ڏانهن ئي پنڌ پٽيندو وڃي ماڳه معرفت ڄاڻ.

هوءَ ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين ثابوتي يعني ثابت ۽ واضح، اهو شريعت ڏانهن اشارو آهي ڇاڪاڻ ته شريعت نالو آهي قرآن پاڪ، سنت نبوي ۽ اجماع امت جو، جن جي ثابت هجڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ۽ مجتهد جو قياس جنهن کي شريعت جو چوٿون اصول سڏيو وڃي ٿو سو پڻ انهن ٽن اصولن سان ٽهڪي اچڻ کان پوءِ دليل جي حيثيت رکي ٿو نه ته نه- پسڻ کان پالهو رهين يعني گناهن جي آلائشن کان پاڪ رهين ۽ سڄي تڪ جي معنيٰ ٿي ته هميشہ شريعت جو پابند رهه ته گناهن کان بچندو رهين انهي تڪ جي وڌيڪ تشريح هن بيت جي ملائڻ سان ٿئي ٿي:

مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو اوڙاهه،

اُڀا ائين چون، ته متان پاند پسائين

اوڙاهه يعني هي دنيا جيڪا گناهن جو سمنڊ بني پئي  آهي- الله پاڪ انسانن کي هن گناهن جي اوڙاهه ۾ اڇلي تنهن کان پوءِ حڪم ڏنو ته گناهن ۾ پنهنجو پاند نه پسائجو.

اوڙاهه ۾ ڪرڻ ۽ پاند نه پسڻ ظاهر ۾ ناممڪن ڳالهه آهي ليڪن انهي محبوب شريعت موڪلي پسڻ کان پالهي رهڻ جو به ڏس ڏيئي ڇڏيو هوءِ ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين!

شريعت جو صوفياء ڪرام وٽ وڏو ادب ۽ احترام آهي ۽ هو شريعت کي ڪسوٽي جي حيثيت ڏين ٿا- جيئن ته پيرن جو پير حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه فرمائي ٿو:

کل حقيقتہ لاتشهدلها الشريعتہ فهي زندقہ

(الفتح الرباني ص 164)

(اها سڀڪا حقيقت جنهن جي تائيد شريعت مان نٿي ٿئي سا بي ديني ۽ زنديقي آهي).

۽ ٻئي هنڌ نالي جي صوفين کي هن طرح للڪاري ٿو: ريلک تدعيٰ لک صوفي و الت کدر- الصوفي من صفا باطنہ وظاهره بمتبعته کتاب الله عزوجل وسنته رسولہ (ص 438).

(تو تي افسوس آهي جو تون دعوا ٿو ڪرين ته تون صوفي يعني صاف آهين، حالانڪ تون گندو آهين، صوفي اهو آهي جنهنجو اندر ۽ ٻاهر الله پاڪ جي ڪتاب ۽ رسول الله  جي سنت جي تابعداري سان پاڪ صاف ٿي چڪو آهي)

معرفت جي ماڳ ڏانهن هلڻ لاءِ صوفي جي قلب کي سفر ڪرڻو پوي ٿو ۽ هو دل جي پيرن سان ڪيئن لڪ لتاڙيندڙ، مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جا جبل جهاڳيندو، منزلن تي منزلون ماريندو پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌندو رهي ٿو. قلمي سفر جي انهي حالت کي صوفياء جي اصطلاح ۾ سيراليٰ الله يا خدا ڏانهن پنڌ سڏيو ويندو آهي.

انهي پنڌ جي ابتدا هن طرح ٿئي ٿي، جو غافل انسان جڏهن غفلت جي اگهور ننڊ ۾ غرق ۽ هن دنيا جي عيش و آرام ۾ مدهوش هوندو آهي تڏهن الله پاڪ جي رحمت جوش کائيندي آهي ۽ هن کي پاڻ ڏانهن سڏيندي آهي ۽ انسان جي قلب ۾ پوشيده جيڪو واعظ الله يا خدا جي طرف جو ناصح آهي سو غافل ۽ ستل قلب تي اوچتو هڪ زوردار ڌڪ هڻي ٿو ۽ دل جي اک کلي پوي ٿي ۽ انسان نهايت بي آرام ۽ اضطراب جي حالت ۾ سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو، آءٌ ڪير آهيان؟ ڪٿان آيو آهيان؟ ڪڏهن آيو آهيان؟ مون کان اڳي هتي ڪير هئا؟ هي جيڪي منهنجي سامهون کٽولن تي کڄيو پيا وڃن سي ڪيڏانهن پيا وڃن؟ ڇا انهن ويندڙن مان ڪو هيڏانهن وري آيو، جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ هي دنيا منهنجو وطن ناهي ۽ آءٌ مسافر آهيان ۽ مون کي هن پرڏيهه کي ساڻيهه سمجهڻ ۾ غلطي لڳي آهي- هتان مونکي زوري ڪڍيو ويندو ۽ هتي اڏڻ ۽ مڏڻ سڀ ٻين جي ڪم ايندو ۽ پريشانين ۽ حسرتن کانسواءِ مونکي هتان ٻيو ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو- اهي ڳالهيون سوچي هو پنهن جو اصل نسل ۽ بڻ بنياد کي ياد ڪريٿو ۽ پاڻ کي هڪ خالق جي مخلوق سمجهي ٿو ۽ هڪ مالڪ جي ملڪيت ڄاڻي ٿو ۽ يقين ٿي وڃيس ٿو ته ملڪيت پنهنجي مالڪ ۽ مخلوق پنهنجي خالق ڏانهن موٽڻي آهي ۽ پڪ ٿي وڃيس ٿي ته سندس وطن اڳي به انهي سائين جي حضور ۾ هو ۽ دنيا جا سؤ ورهيه پورا ڪرڻ کانپوءِ کيس هتان ضرور بسترو گول ڪرڻو آهي:

انالله و انا اليه راجعون

(اسين الله جي ملڪيت آهيون ۽ اسان کي هر حالت ۾ انهي ڏانهن موٽي وڃڻو آهي).

بنده ۽ مالڪ، خالق ۽ مخلوق جو تعلق سمجهڻ کان پوءِ کيس پنهنجو اصلي وطن ۽ حقيقي ديس ياد اچي ٿو ۽ انهي جي سوز ۽ سڪ ۾ سڙڻ ۽ پچڻ لڳي ٿو ۽ هتان جي هر شيءِ کيس زهر نظر اچي ٿي ۽ هو موت جي مارڻ کان اڳ هن جهان ۾ پاڻ کي مئل سمجهي ٿو ۽ هن جهان جي هر شيءِ کان هڪ ميت وانگر بي واسطه ٿي وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ هجڻ جي باوجود دنيا کي ترڪ ڪري پنهنجي حقيقي وطن ڏانهن وري ٿو ۽ سڪ جو سمر کڻي، قلب جي پيرن سان پنهنجي محبوب ڏانهن پنڌ پوي ٿو:

شاه واعظ الله جي جاڳائڻ کي هن طرح ادا ڪيو آهي:

ستي سيج هياس، مونکي آه اٿاريو

جنين جاڳايس آءٌ نه جيئندي ان ري

(رامڪلي)

واعظ الله جي جاڳائڻ کان پوءِ به انسان پنهنجي عادتي ننڊ جون اوجهراڻيون کائي ٿو ۽ وري انهي غفلت جي اوڙاه ۾ غرق ٿيڻ ڏانهن جهڪي ٿو اهڙي حالت ۾ شاهه کيس حقيقي وطن جي ياد ڏياري ٿو ۽ هن فاني دنيا ۽ مانجهاندي جي ماڳ ۾ بلڪل غفلت ۾ غرق ٿي وڃڻ کان کيس هنن لفظن ۾ روڪي ٿو:

ڪي سمهه ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

اي مانجهاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀانئيو!

(ڏهر)

انسان کي داڻي پاڻي جي ڇڪ ۽ قضا جو قلم هن فاني جهان ۾ کڻي آيو آهي ورنه هن جو اصلي وطن ۽ حقيقي ديس ڪو ٻيو آهي.

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روهه

ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.

(ڏهر)

مسافر ڪونجڙين جي وطن لاءِ ڪڻڪ ٻڌي شاه کي پنهنجو اصلي وطن ۽ پرين جو پاڙو ياد اچي ٿو ۽ يار جي فراق ۾ بي اختيار هي دانهن نڪري وڃيس ٿي:

م لنئو ڪونجي! ماٺ ڪر، چورم هنئين چاڪ

ڦٽيون جي فراق، سي گهر گهارينديون ڪيترو؟

م لنئو ڪونجي! ماٺ ڪر، چورم هنئين سل

ڳوڙها مٿي ڳل، جيئن م وهاڻي وهايئين

ڪونجڙي ڪالهه لنئين، سڄڻ وڌم چت

آءٌ جنهن ري هت گنگهر گياريان ڏينهڙا

اتر ڏي آلاپ، ڪالهاڪون ڪونج ڪري-

پرينءَ پسي منجهه خواب، وهاڻي وايون ڪري

(ڏهر)

انسان دنيا جي هن مسافرخانه ۾ ڪونجڙين وانگر داڻي پاڻي جي ڇڪ تي اچي ويو آهي ۽ جهڙي طرح ڪونجڙين کي مارڻ لاءِ ماري ۽ شڪاري ڪئين حيلا هلائيندا آهن ۽ ڪيترين ويچارين کي وطن ورڻ کان اڳ مسافري ۾ ماري ڇڏيندا آهن، اهري طرح ئي آدم اولاد جو دشمن ۽ ماري شيطان به انسان کي وطن ورڻ کان اڳ هتي سفر ۾ ئي پورو ڪرڻ ۽ کائي کپائي ڇڏڻ جي پٺيان آهي ۽ هو پنهنجا ڍٻ (دام) ڍڪيو ويٺو آهي شاه انهي خطري کان سالڪ کي هن طرح خبردار ڪري ٿو:

ڪونج! نه پسين ڪک، ڍٻ جنهن سين ڍٻيو

ماري ماري لک وڳر هڻي ويڇون ڪيا

ڪونج نه لکئو ٻاڻ، (تير) جو ماري سندي من ۾

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇو ڪيا

بغل منجهه بندوق، ماري ميرا ڪپڙا- ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي

(ڏهر)

اهو شيطان ميرن ۽ ملوڪن يعني وڏن درويشن ۽ بزرگن کي به ڀلائيندي ويرم نٿو ڪري- جهڙي طرح ڪونجڙين کي ڏسي شاه کي پنهنجو حقيقي وطن ياد پيو آهي اهڙي طرح عمر مارئي جو مشهور قصو ٻڌي هو مارئي جي لباس ۾ لڪي وڃي ٿو ۽ پنهنجي پرين جي پاڙي ۽ اصلي ساڻيهه جي سڪ ۾ ڪيهون ۽ ريهون ڪري ٿو ۽ روز الست جو عهد ۽ انجام ياد ڪري انهي وطن ويڙيچن سان پنهنجي قلب جو ڪاڍو هن طرح بيان ڪري ٿو:

الست بربکم جڏهن ڪن پيوم

قالوا ابليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم-

تهين وير ڪيوم، وڃن ويڙيچن سين.

نه نه بلڪ انهي کان به اڳي شاه پنهنجي محبوب سان ملاقات ڪئي آهي:

نڪا ڪن فيکون هئي، نڪا هونگ نه هون-

سڄڻ انهي ساعت ۾، ڀيٽي ڏٺوسون-

مون تن تڏاهڪون، ملي ملاقات ڪئي.

ظاهري طور انسان حيران ٿيندو ته جڏهن ڪن فيکون ڪانه هئي، ۽ اڃا خلق پيدا ئي نه ٿي هئي تڏهن شاه ڪٿي هو جو سڄڻ کي ڀيٽي ڏنائين! هي مسئلو نهايت سوچ ويچار جهڙو آهي ڇاڪاڻ ته هتان موحد ۽ ملحد جا رستا الڳ ٿين ٿا ۽ ملحد سمجهي ٿو ته خالق ۽ مخلوق ٻئي هڪ هئا ۽ مخلوق خالق جي وجود ۾ ملي پئي هئي حالانڪ ڪن فيکون کان اڳ ۾ مخلوق جو خالق جي وجود سان گڏجڻ ته ڇا پر مخلوق جو وجود ئي نه هو.

اصل تفصيل هن مسئلي جو هن طرح آهي ته الله پاڪ جل جلالہ عالم ۽ عليم آهي ۽ سندس علم، سندس ذات پاڪ سان گڏ ازلي ۽ قديم آهي ۽ سندس علم، جيڪي ٿيو ۽ ٿيندو تنهن سڀ تي حاوي آهي ۽ اڃا جڏهن ڪن فيکون نه ٿي هئي ۽ مخلوق وجود ۾ نه آئي هئي تڏهن به ازل کان ورلي ڪائنات جو هي پورو نقشو ۽ هي چرندڙ ڦرندڙ تصويرون هن ئي شڪل، صورت ۽ حالت ۾ سندس علم ۽ ڄاڻ ۾ هيون ۽ جن شين کي اسين وجود ۾ اچڻ کان پوءِ بنيو يا بگڙندو ڏسي رهيا آهيون تنجي اها حالت الله پاڪ پنهنجي قديم علم سان انهن شين جي وجود ۾ آڻڻ کان اڳ ڏسي رهيو آهي ۽ موجود بالقوة ۽ موجود بالفعل جو اهو فرق اهل علم کان مخفي ناهي.

ڪائنات جي وجود ۾ آڻڻ کان اڳ ڪائنات جي متعلق الله پاڪ جي علم ۾ ڪائنات جو نقشو جهڙي طرح هو انهي کي صوفياء ڪرام جي اصطلاح ۾ اعيان ثابتہ سڏيو ويندو آهي ۽ شاه مٿئين بيت ۾ وجود ۾ اچڻ کان اڳ ٿيڻ واري مخلوق جنهن مان شاه به هڪ آهي تنهن جو جيڪو علم الاهي سان تعلق رهيو آهي تنهنکي بيان ڪيو آهي ۽ شاه انهي مسئلي ۾ موجدن جي عقيدي تي آهي، نه ملحدن جي خيال تي- جيئن ته هو پنهنجو رسالو شروع ئي هن بيت سان ڪريٿو-

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي.

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم.

والي واحد وحده رازق رب رحيم.

سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم.

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جيون.

شاه جي ڪلام ۾ ڪي اهڙا بيت ۽ تڪون اچن ٿيون جن مان ملحد پنهنجو مطلب ڪڍڻ گهرن ٿا ليڪن ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم وٺڻ جو طريقو جيڪو اهل علم وٽ مسلم ۽ مروج آهي انهي موجب جيڪڏهن شاه جي ڪلام جي تشريح ڪبي ته ملحد کي شاه جي ڪلام مان پنهنجي تائيد ۾ انشاءالله هڪ سٽ به نه ملندي- آءٌ انهي سلسلي ۾ مسئله وحدت وجود ۾ شاه جو مسلڪ جي عنوان سان مفصل مضمون لکڻ جو خيال ڪري رهيو آهيان ۽ انهي کان پوءِ انشاالله، ملحدن کي شاه جي ڪلام سان راند ڪرڻ جي همت نه ٿيندي- حقيقت هن طرح آهي ته هو عالمانه ۽ بلند پايه ڪلام ۾ ٻن قسمن جون عبارتون اينديون آهن. هڪڙيون محڪم يعني واضح ۽ ٻيون متشابهه يعني غير واضح ۽ محتمل المعاني، جن مان ڪئين مفهوم وٺي سگهجن ٿا ۽ انهن کي هر ڪو پنهنجي مقصد سان تاڻي وڃي سگهي ٿو ليڪن اهڙين عبارتن جي لاءِ قانون هي آهي ته مصنف يا شاعر جي متشابهه ۽ غير واضح عبارتن کي ان جي محڪم ۽ واضح عبارتن ڏانهن موٽائبو ۽ انهن کي اهڙي معنيٰ ڏبي جا مصنف يا شاعر جي واضح ۽ غير محتمل عبارتن جي خلاف نه هجي. اصول کي سامهون رکي شاه جي ڪلام جي تشريح ڪرڻ سان سندس ڪلام جون سڀ مشڪلون حل ٿي وڃن ٿيون ۽ ملحدن جي گمراهي لاءِ ڪابه گنجائش نٿي رهي.

شاه جي ڪلام جي هڪ ڏکئي مقام اچي وڃڻ ڪري عبارت سمجهائڻي پئي ۽ هاڻي مقصد ڏانهن موٽجي ٿو.

شاه هن دنيا کي سالڪ لاءِ قيد خانو سمجهي ٿو ۽ مارئي ۽ جي ڪوٽ جو قصو پنهنجي اندر جي آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ مناسب ذريعو هٿ اچيس ٿو:

قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾

ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد وطن آئون ويندياس

مارن کي ملندياس ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين

قيدالماء ٿئوم، هت اڙانگي گهاريان

هناکہ جسمي والفواد لديکم هنيون هت سندوم

قادر شال ڪندوم، ميڙائو سين مارئين

قيدالماء ڪنهن جو، سو مون پاند پيو

جف القلم بيا هو ڪائن وهي قلم ويو

اي قضا ڪم ڪيو، جيئن ٿرمارو، آئون ماڙيين.

شاه جو محبوب، شاه کي ساهه جي رڳن کان ويجهو آهي. ليڪن انهي ويجهڙائي جي هوندي به هو هن دنيا جي بند خاني ۾ پاڻ کي ان کان پري ڏسي رهيو آهي جنهن ڪري هو هن دنيا جي دلبن کان آزاد ٿي پنهنجي حقيقي وطن ورڻ گهري ٿو جنهن ڏانهن سنديس دل واجهائي رهي آهي ۽ هو مارئي جي زبان ۾ فرياد ڪري رهيو آهي.

جيڪي وطن لاءِ واڪا شاه مارئي جي زبان ۾ ڪيا آهن سي ساڳيون دانهون مولانا رومي مثنوي جي زبان ۾ ڪيون آهن:

بشنوانــﻶ چون حکايت مـﻶ کند وز جدائيها شکايت مـﻶ کند-

گزنيستان تامر ببريده اند از نفيوم مرد و زن ناليده اند-

سينہ خواهم شرحہ شرحہ از فراق تا بگويم شح درد اشتياق-

هر کسـﻶ کو دور ماند از اصل خويش باز جويد روزگار وصل خويش

 

شاه جي مارئي پنهنجي وطن ملير کان ڇڄي آئي آهي ۽ رومي جو نڙ نيستان کان وہہَِڊ:ضٰآشڊَءحڄڪ*للڪمڪڪ

ڍجي ڌار ٿي آيو آهي ۽ ٻئي وطن جي ياد ۾ دانهون ڪري رهيا آهن- لطيف ۽ رومي اگرچه ٻاهرين ٻولي ۾ مارئي ۽ نڙ جو نالئه و فرياد بيان ڪري رهيا آهن، ليڪن انهي فرياد جي اندر هنن جو پنهنجو فرياد پوشيده آهي ۽ هنن جو مارئي ۽ نڙ جي وطن سان ڪوبه واسطو ناهي بلڪ هنن جو هڪ پنهنجو وطن آهي جنهن جي جهوري جهڄي رهيا آهن.

شاه اگرچه مولانا روم جي مثنوي مان استفاده ڪيو آهي ۽ هر رومي جو پاپٺ شاگرد آهي ليڪن رومي نڙ جي حڪايت ۽ شاه جي مارئي جي ڀيٽ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته شاگرد استاد کان ڪئين منزلون اڳتي نڪري ويو آهي ۽ شاهه عمرمارئي جي قصي ۾ پنهنجي مقصد جي مناسبت سان اهي رنگ ڀريا آهن ۽ اهي تخيل پيدا ڪيا آهن جيڪي ويچاري ٻالي ڀولي ٿري ڇوڪريءَ جي وهم و گمان ۾ به ڪين هوندا- رومي به نڙ کان ڪافي دانهون ڪرايون آهن ليڪن هڪ بي جان گاهه، هڪ جاندار انسان جا ڪردار ڪهڙي طرح ادا ڪري سگهي ٿو!

بهرحال شاه پنهنجي مفهوم ادا ڪرڻ ۾ رومي کان وڌيڪ ڪامياب ٿيو آهي.

دنيا کان بي رغبتي ۽ زهد، تصوف جو وڏو اصول آهي ۽ دنيا جڏهن ته قيدخانو آهي ۽ قيدخاني ۽ ان جي اسباب سان انهي قيدي کي جنهن کي وطن جو عشق لڳل آهي، ڪهڙي انس ۽ دلچسپي ٿي سگهي ٿي؟ ۽ هوا تي ڪهڙي طرح تيل ڦليل ڪري اڇو اجرو ٿي رهي سگهي ٿو؟ شاه انهي ترڪ دنيا کي مارئي جي زبان ۾ هن طرح ادا ڪري ٿو:

سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙون ليڙ- واسي وار نه ويڙهيان،

مرچڳون وهن چيڙ- ههڙو حال همير! وٺي شال ويڙه وڃان!

سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن- ههڙو حال وٺي ڪري

وڃان منجهه ٿرن- مارو مان چون، ته هئي اسانهين آسري

شاه تصوف جا مختلف نڪتا ۽ سلوڪ جون منزلون جي عبادت قلب سان تعلق رکن ٿيون تن کي اهڙي خوش اصلوبي سان بيان ڪندو وڃي ٿو جو دل وجد ڪرڻ لڳي ٿي- هڪ طرف شاه جي مارئي قيدياڻي آهي ۽ وطن جي سڪ ۽ اڪير ۾ قيد خاني ۾ هار سينگار جي ڪنهن به رسم ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ تار ڪياڻي بني ويٺي آهي ۽ ٻئي طرف انهي ساڳئي حال جي لاءِ هڪ ٻيو سبب بيان ڪري ٿي مارو مان چون ته هئي انهين آسري. هن تڪ ۾ توڪل جيڪو تصوف جي پنڌ ۾ هڪ عظيم الشان منزل جي حيثيت رکي ٿي انهي کي نهايت لطيف پيرايه ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

پٽولا پنهواريون مور نه مٿي ڪن-

جہ لاک رتائون لوئيون ته سالنئا سونهن

ان، ايلا چنئون اڳري بخمل بافتن

سکر ڀانيان سومرا! کٿي کان کنهنبن-

جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران

هڪ طرف مارئي جهڙي مسڪين ڇوڪري ۽ ٻئي پاسي عمر جهڙو امير جنهن وٽ دنيا جي ڪنهن به سازو سامان جي ڪمي ناهي مارئي اڳيان حسن و آرائش ۽ لذت و آسائش جا سڀ سامان پيش ٿين ٿا ليڪن هو سڀني کي لت هڻي ڇڏي ٿي ۽ پنهنجي ڏاڏاڻن جي ڏنل لوئي کي لاهڻ لاءِ تيار ناهي.

شاه کي تصوف جي منزلن واع ۽ عفت کي بيان ڪرڻ لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪردار ملي ها؟ انهي کانسواءِ مارئي جي لوئي ۽ صوفين جي کٿي ۾ جيڪا مناسبت آهي سا شاه کي ايترو ڪشش ڪري ٿي جو هو هڪ ئي بيت ۾ مختلف رنگن ۾ لوئي کي ڳائي ٿو ڪڏهن ريشمي شالن کان لوئي کي سهڻو سڏي ٿو جہ لاک رتائون لوئيون ته سالنئا سونهن ۽ ڪڏهن وري ان کي ريشم ۽ بخمل تي ترجيح ڏي ٿو ان ايلاچنئون اڳري بخمل بافتن ڪڏهن وري کٿي کي کنهنبن تي فوقيت ڏي ٿو سکر ڀانيان سومرا کٿي کان کنهنبن صوفين وٽ دستور آهي ته مريد جڏهن ڪماليت جي درجي تي پهچي ٿو تڏهن مرشد انکي کٿي ڍڪائي ارشاد جي اجازت ڏيندا آهن ۽ مارئي کي ڏاڏاڻن جي ڏنل لوئي کي صوفين جي هن رسم سان خاص مماثلت آهي جا ڏنيم ڏاڏاڻن سان لاهيندي لڄ مران.

شاه جهڙي طرح سر مارئي ۾، مارئي جي پوشاڪ پائي وطن لاءِ واجهائي ٿو تهڙي طرح سر ڪاموڏ ۾ نوري مهاڻي جو پردو ڍڪي پنهنجي ڄام تماچي سان نياز ۽ نوڙت جون ڳالهيون ڪري ٿو:

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ

پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽيين

انهي طرح پورا ست بيت انهي ساڳئي ڍنگ ۾ ڏي ٿو ۽ اڳتي هلي رنگ بدلائي ٿو:

کاڄ جنين جو ککيون، مال جنين جا مڏ

سمي سيئي سين ڪيا، هيڻا جنين جا هڏ

ڄام! پرتئي لڏ، سانگين جي سيد چئي

ٻه بيت ڇڏي اڳتي هلي ٿو:

ڪاريون ڪوجهيون، ڪوڙيون، مور نه موچاريون-

وٺي ويٺيون واٽ تي ککي جون کاريون-

انين جو آريون، سمي ري ڪير سهي؟

اڳتي هلي نوري جي نوڙت جو نتيجو ٻڌائي ٿو:

مهاڻي جي من ۾ گيرب نه گاءُ- نيڻن سين ناز ڪري ريجهايائين راءِ

سمون سڀن ملاء، هيريائين حرفت سين

صوفين وٽ غفلت جي ننڊ مان اٿڻ جو علامتون لحظ القلب الي النثمته و مطالمته الجنايته يعني الله پاڪ جي فضل و ڪرم ڏانهن دل جي نگاه ۽ پنهنجي عيبن جر پروڙ- سرڪاموڏ ۾ سالڪ کي عبد جي عاجزي ۽ معبود جي مهرو ڪرم جو راز سمجهايو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته عيبن جي اقرار ۽ عاجزي جي آڌار تي بندو گندو ڪيئن پنهنجي موليٰ وٽ مقبول ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو ٻانهين ۽ سائين جو فرق نه سڃاڻي ملحدن وانگر برابري جو دم هڻي ٿو ۽ خدا پاڪ جي اڳيان اونچي ڳاٽ هلي ٿو ته انهي جو حال ڪهڙو ٿيندو:

کوءِ سميون! ٻن سومريون جي اچن اونچي ڳاٽ

ورسي ڪنجهر ڄائيون جن تماچي جي تات

راڻين ملا (وٽان) رات، ماڻڪ مي (مهاڻو) پرائيو

شاه، جنهن تماچي جي سامهون نوري جو پارت ادا ڪري رهيو آهي سو ڪير آهي؟:

نه  ڪنهن ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ

نندي وڏي گندري، سڀني آه سياءُ

لم يلد ولم يولد اي نجابت نياءُ

ڪبر ڪبرياءُ، تخت ڄام جو.

سالڪ کان سلوڪ ۾ ڪيتريون غلطيون ٿين ٿيون جنهن ڪري محبوب ناراض ٿئي ٿو- اهڙي منزل تي توبهه جي تنوار ۽ استغفار ڪم ڏيندي آهي- شاه کي به ڪنهن وقت ۾ اها حالت پيش آئي ٿي ڏسجي جنهن ڪري هو مومل جو روپ ڌاري هن طرح پنهنجي راڻي کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو:

رس م رسڻ گهوريو، اٺ اورانهون آڻ

ليڙي جو لطيف چئي تنگ سوارو تاڻ

شرمنديون سڀين پرين پني لائج پاڻ

اچي مشڪ ماڻ، ته سوڍا سکياڻي ٿيان

انهي کان پوءِ پورا چار بيت انهي ڍنگ ۾ چيا ويا آهن جن تي استغفار جو رنگ چڙهيل آهي ۽ سڄو سر گهڻو ڪري انهي جذبي ماتحت چيو ويو آهي- اهڙي طرح ليلان چنيسر جي سر ۾ پڻ اهو ساڳيو جذبو موجود آهي.

سلوڪ ۽ تصوف جون منزلون سوين هزارين آهن ۽ الله جي پانڌيڙن کي ڪئين لڪ لنگهڻا ۽ جبل جهوڳڻا پون ٿا ۽ ناز، نياز ۽ راز جون سوين حالتون سالڪن کي پيش اچن ٿيون جن سڀني کي شاه پنهنجي بيتن جي بحر ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي- هن مختصر مضمون ۾ انهن سڀني کي سميٽڻ ناممڪن آهي ليڪن هي مضمون انهي تمام تفصيل ڏانهن اشاري طور لکيو ويو آهي ۽ هن مان مقصود هي آهي ته شاه جي ڪلام جي شائقن جو توجهه؟ هن طرف ڇڪائجي ته شاه، مارئي ۽ ملير، سهڻي ۽ مهار، مومل ۽ مينڌرو، سسئي ۽ پنهون، ليلان ۽ چنيسر، نوري ۽ تماچي ۽ ٻيا جيڪي به ڪردار پنهنجي اظهار خيال لاءِ اختيار ڪيا آهن تن سڀني جي تهه ۾ نڪي قصه بازي جو جوهر ڏيکارڻ مقصود آهي ۽ نه وري ڪنهن سياست ۽ تهذيب و تمدن جي تعريف مطلوب آهي- هن الله لوڪ ۽ درويش، اسلامي تصوف جي طريقي تي موليٰ جي يار جو پنڌ ڪيو آهي ۽ انهي روحاني سفر ۽ قلبي سير ۾ پنهنجي منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ هن ڪئين گس گهڙيا ۽ پيچرا ٺاهيا آهن، تنکي هن انهن ڪردارن جو لباس پهرايو آهي ۽ هن پنهنجي اندر جي ڪيفيت کي ڪن ٻين جي زبان ۾ بيان ڪيو آهي ۽ بس- تنهن ڪري شاه کي اسلام جو روحاني شاعر سمجهڻ بدران جيڪي ماڻهو کيس دنيادار شاعر ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن سي شاه جي شعر جي پوٽي کي ته سينگاري ڏيکارين ٿا ليڪن ان ۾ جيڪو شاه آهي تنهن کي بلڪل ختم ڪري ڇڏين ٿا.

 -----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com