سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :22

 

سيد لطف علي شاه منظور

 

شاه جي رسالي جي تصحيح

 

تحقيق جي تقاضا آهي ته جنهن شيءِ جي تحقيق ڪئي وڃي ان کي هر زاويئه نظر کان چڱيءَ طرح ڏٺو وڃي، تاڪه سندس ڪو اهڙو جزو رهجي نه وڃي، جيڪو ظاهر نه ٿيو هجي. ان تحقيقي نظر سان ڏسبو ته سنڌ جي بلند پايه شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شايع ٿيل ڪلام ڄڻ ته هزارن غلطين جو مجموعو آهي. ائين هرگز نه آهي ته ڪو اهي غلطيون شاه صاحب جن کان سرزد ٿيون آهن، بلڪ اهي غلطيون شاه صاحب جي ڪلام کي غلط پڙهڻ وارن ۽ غلط شايع ڪرائڻ وارن جون لغزشون آهن. انهن ۾ مولف جي وڏي ۾ وڏي غلطي هي آهي جو کين جيڪي ڪجهه گنج مان مليو آهي سو بي ڪم و ڪاست يا معموليءَ ڪمي سان شايع ڪيو اٿن. سندن نازڪ طبيعتن ڪڏهن به اها تڪليف گوارا نه فرمائي آهي ته تحقيق ڪري ڏسن ته آيا شاه جو ڪلام رڳو اهو آهي جيڪو اسان کي گنج مان مليو يا ان  کان به وڌيڪ آهي؟ حتيٰ ڪ ڊاڪٽر گربخشاڻي به هن غلطيءَ جو فربه شڪار نظر اچي ٿو. پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس ته ڪراڙ ڍنڍ ۾ شاه صاحب جي ڪلام ٻڏڻ کان پوءِ جيڪو ڪلام تمر فقير ۽ مائي نعمت کي ياد هو اهو گڏ ڪيو ويو ۽ اهوئي شاه صاحب جن جو ڪلام آهي.

انهيءَ مختصر لکت کي غور سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته شايد شاهه صاحب جن هرڪو ڪلام چوڻ کان پوءِ تمر فقير ۽ مائي نعمت کي پئي ياد ڪرايو يا شايد تمر فقير ۽ مائي نعمت شاه صاحب سان هر سفر ۾ شرڪت ئي ڪئي. ائين به هرگز نه آهي ته شاه صاحب جن سيرو سياحت ڪري قدرت جو مطالعه ڪري وري واپس اچي ڪلام چيو هجي. حقيقت ۾ شاه صاحب جن تقريباً هر سفر ۾ ڪنهن به فقير يا فقيرياڻيءَ کي شريڪ نه ڪيو هو ۽ شاه صاحب جن سنڌ جي جنهن به حصي ۾ ويا ٿي اتي جي ماحول مان واقف ٿي انهن ماڻهن جي لهجي ۾ ڪلام ڪري اهو ڪلام انهن ماڻهن کي بخش ڪري ٿي آيا. ان ڪري شاه صاحب جن جيڪو ڪلام لاڙ ۾ چيو اهو لاڙ ۾ رهيو، جيڪو ٿر ۾ چيو اهو ٿر ۾، ۽ جيڪو جبل ۾ چيو اهو جبل ۾. اهڙي ڪلام جي خبر نه تمر فقير کي هئي نه مائي نعمت کي ۽ نه وري هاڻوڪي صديءَ جي مولفن کي ان ڪري اهو ڪلام گنج جي شموليت کان رهجي ويو ۽ اڄوڪن رسالن ۾ به عدم موجود آهي. اهو ڪلام به اهڙو ئي شيرين آهي، جهڙو شايع ٿيل ڪلام، پر ان ڪلام ۾ خوبي اها آهي جو منجهس اصليت آهي ڪابه خامي يا گهٽ وڌائي نه آهي. حقيقت ۾ هن صدي جي مولفن کان نانگ نڪري ويو آهي رڳو ليڪو پيا ڪٽين. رڳو گنج تان وايون ۽ بيت ڪسب ڪري انهيءَ کي ئي شاه صاحب جو مڪمل ڪلام سمجهو شايع ڪرايو ڇڏين.

ان کان سواءِ ٻيون به ڪيئي اهڙيون غلطيون ڪريو ٿا وڃن جن جو تدارڪ ئي مشڪل. مثلاً ڪٿي صرف ميم جو اضافو يا ڪمي، ڪٿي ته، پڻ، پر وغيره جي ڪمي يا واڌارو ڪٿي هڪ سر جو بيت ٻئي سر ۾، ته ڪٿي بيتن مان سٽن جون سٽون غائب، ڪٿي سنگهرن جون سنگهرون ٺهن ئي ڪونه. مثلاً شاه صاحب جي سر مارئي وارو زمرز خرف وارو داستان ئي ٻئي هنڌ ڪت مڇر الخ وارو داستان آهيئي ڪونه.

هونءَ ته هو مؤلف جنهن شاه جو ڪلام شايع ڪرايو آهي، تنهن ڄڻ ته شاه صاحب جن تي ۽ سنڌ تي هڪ وڏو احسان ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪنهن به مولف ڪڏهن به ائين نه سوچيو ته شاه صاحب جن جو ڪلام جيڪو اسين شايع ڪرائي رهيا آهيون سو واقعي شاه صاحب جن جو ڪلام آهي يا نه؟ جي اهو ڪلام شاه صاحب جن جو آهي ته مڪمل آهي يا کٽل؟ يا ڪٿي ڪنهن بيت جي سنگهر مان ڪا ڪڙي وڃايل ته نه آهي؟ ان کانسواءِ معنيٰ وارن رسالن ۾ ته معنيٰ جون اهڙيون فاش غلطيون ٿيل آهن جو ڏسيو حيرت وٺيو وڃي. ائين به آهي ته شهرن ۾ رهڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته ٻهراڙيءَ ۾ فلاڻي مشتعمل لفظ ڇا آهي؟ جي اهڙي لفظ جي معنيٰ پاڻ ڏنئون به ته بلڪل قياسي، جنهن يقينه شاه صاحب جن جي بيت جو مفهوم ڦيرائي ڇڏيو هوندو، نه ته به اهڙو ته خراب ڪري ڇڏيو هوندو جو شاهه صاحب جن جو روح خود هڪ ڪرب ۽ بي چيني ۾ مبتلا ٿي ويو هوندو. ان جي مثال ۾ شاهه صاحب جن جو هڪ بيت پيش ڪريان ٿو جو سڀني رسالن ۾ هينئن ڏنل آهي:

گند جنين جي گوڏ ۾ مٿي ٿي موڙيون

اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.

آنجهاني گربخشاڻي لفظ گند جي معنيٰ ڪچرو ڏيکاري آهي ۽ جنت نصيب شهواڻيءَ گند هڪ عام لفظ بمعني ڪچري جي سمجهي معنيٰ نه ڏني آهي. اها آهي سندن سخن فهمي ۽ سخن شناسي جو لفظ گند جي معنيٰ ظني ڏني اٿن. پاڻ ڪڏهن به بيت جي معنيٰ تي نظر نه ڪيائون ته جي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي سلام تي وڃبو آهي ته ڪا سٺي سوکڙي کڻي وڃبي آهي. جي ڪا سٺي سوکڙي نه هوندي آهي ته هروڀرو ڇيڻان ڀتر نه کڻي وڃبو آهي. پر اهو هڪ وڏو دليل آهي ته شهري زندگيءَ جي لطافن جا آشنا شاه صاحب جن جي قديم دهقاني زبان مان ڇا ڄاڻن؟ جي مؤلف حضرات ڍانڍين جي زبان مان واقف هجن ها ته کين خبر پئي ها ته لفظ گند جي معنيٰ ڇا آهي؟ گند ڪم جي پاڙ کي چوندا آهن جا ڪچي به کائبي آهي ته رڌي به، اهو آهي نيلوفر جنهن ۾ ڪم، ڪوڻيون، گند، لوڙهه سڀ ٿين. هاڻي لفظ گند جي معنيٰ ظاهر ٿيڻ سان بيت ڪهڙو نه عمدو ٿي پيو آهي جنهن جي معنيٰ تي ته سمي جي سلام ڀرڻ لاءِ ساڻيهه جي سوکڙي گند (ڪم جي پاڙ) گوڏ جي جهوليءَ ۾ وجهي کڻي ويون.

اڃان اهو بيت اڻ پورو آهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. ان کانسواءِ ٻيا به هزارين الفاظ اهڙا آهن جن مؤلفن لاءِ عقده لاينحل بڻجي رهجي ويا آهن.

هتي آءٌ ڪي بيت اهي پيش ٿو ڪريان جيڪي سڀني رسالن ۾ اڻ پورا ڏنل آهن ۽ ڪي بيت اهي لکان ٿو جيڪي شاه صاحب جن جا آهن پر رسالن  ۾ شايع ٿيل نه آهن. مثلاً مٿيون بيت سڀني رسالن ۾ سر ڪاموڏ ۾ ٻن سٽن ۾ هينئن آيل آهي ته:

گند جنين جي گوڏ ۾ مٿي تي موڙيون

اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.

هو بيت اصل ٽن سٽن جو آهي. رسالن ۾ ڪنهن جو اڌ ڪٿي ته ڪنهنجو اڌ ڪٿي ڏئي مڙئي ڪن ڳڻائي ڇڏيو اٿن. اهو بيت هينئن آهي ته:

گند جنين جي گوڏ ۾ ڪلهن تي ڪوڻيون

اپاڙي جي ان جون مٿي تي موڙيون

اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.

انهي مختصر صحت سان بيت ڪهڙو نه واضح ۽ عمدو ٿي پيو آهي ته گنڌريون سمي جي سلام تي اچن ٿيون ته گند (نيلوفر جي پاڙ) گوڏ جي جهوليءَ ۾ وجهيو، ڪلهن تي ڪوڻيون (نيلو فر جون مکڙيون) ۽ مٿي تي اُپاڙي (ڪم جي ان) جون موڙيون سوکڙي کنيو اچن ڇو ته سندن ساڻيهه ۾ انهن کان سٺيون سوکڙيون آهن ئي ڪونه.

وري سر ديسيءَ جي ڇهين داستان ۾ سڀني رسالن ۾ هڪ بيت ٽن سٽن جو هينئن آيل آهي ته:

ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي جت واٽن تي واري

آڏا لڪ لطيف چئي بر سڄن باري

جا منزل جي ماري، سا قادر ڪيچ رساڻيين.

هن بيت ۾ صحيح اول سٽ جت جي بدران لفظ ٻي آهي آخرين سٽ ۾ رساڻيين غير فصيح آهي. اتي لفظ رسائين آهي ان کان سواءِ اهو بيت حقيقت ۾ چئن سٽن جو آهي جو هينئن آهي ته:

ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي ٻي واٽن تي واري

آڏا لڪ لطيف چئي ٻيا بر سڄن باري

برهمڻ بلوچ لئه ڪڙهي ٿي ڪاري

جا منزلن ماري، سا قادر ڪيچ رسائين.

حقيقت ۾ اهائي هڪ سٽ برهمڻ بلوچ لئه ڪڙهي ٿي ڪاري بيت جي جان آهي. ڪو ماڻهو گهڻي تڪليف ڪندو آهي ته سندس منهن مان ئي ظاهر ٿي پوندو آهي. شاهه صاحب جن سسئيءَ جي تڪليف جو ذڪر ڪندي چون ٿا ته پنهونءَ جي ڳولا ڪندي جهنگ جبل جهاڳيندي اسن ۾ سڙندي سسئي جو رنگ ئي اڊامجي ويو آهي، هاڻي اي جامع المتفرقين انهي منزلن جي ماري کي ڪرم سان ڪيچ ڀيڙو ڪر.

انهن مختصر درستين کانپوءِ آءٌ ڪجهه اهي بيت پيش ڪريان ٿو جيڪي اڄڪلهه جي رسالن ۾ ڪين آهن بلڪ ماڻهن جي سينن تي اڪريل آهن، جن تئين مؤلفن جو هٿ رسي نه سگهيو آهي. هي سر معذوريءَ جي ستين داستان جو هڪ بيت آهي جو ڪنهن به رسالي ۾ ڪونهي. شاه صاحب جن فرمائين ٿا ته:

ولاڙيو وڻن چڙهي ڏسڪيو جهلي ڏار

ٻيلائي ٻهڪي آيا ڪري ڪانڀؤ مان قطار

ڏسيو شيهن شڪر ڪري ڀانئين ڪرهن جا ڪپار

لڪن مان لطيف چئي نميو ڪري نهار

هو جي گهڙيا منجهه گينوار، سي ڀانيين اُٺ بلوچ جا

ندرت بيان ۽ طرز ڪلام ٻڌائي رهيا آهن ته يقيناً اهو بيت شاه صاحب جن جو آهي ۽ ان کانسواءِ سندن نالو خود ٻڌائي رهيو آهي ته اهو بيت سندن آهي ان کانسواءِ هڪ ٻيو بيت جو ديسي سر جي ستين داستان جو آهي پر ڪنهن به رسالي ۾ شايع ٿيل نه آهي سو هينئن آهي ته:

اٿيس آءٌ آوير، هوت سنجهي مان سنج ڪري ويا

لالائي جو لطيف چئي پرهه نهاريان پيو

ڀلي ڏمريا ڏير، جو وري نينهن نئون ٿيون.

ڪهڙو نه عمدو بيت مولفن جي نظر کان رهجي ويو آهي. آخر ۾ هي ٽيون بيت پيش ڪريان ٿو جو حسيني سر جي ڇهين داستان جو آهي، پر غير مطبوع آهي. شاه صاحب جن فرمائين ٿا ته:

تن سورن کي شاباس، جن گهنگهر مونسان گهارئو

هو تن  ڏي نا هڪڙي سڀ هماري پاس

جڏهن آءٌ مياس، تڏهه هو ويچارا وري ويا.

آخر ۾ آءٌ شاه صاحب جن جي رسالي کي وري ڇاپرائڻ وارن کي عرض ڪريان ٿو ته جي شاه جو ڪلام هٿ ڪرڻو اٿو ته تن آسانين کي ڇڏي، ٻهراڙين ۾ گهمو ته اهو خزانو هٿ اچيو، ورنه انهيءَ رسالي جو به اهوئي حشر ٿيندو جهڙو ٻين رسالن جو ٿئي پيو.

 

----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com