سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :16

 

حسيني قطب علي شاه

 

لطيفي دنيا جو سير

 

سڀ تعريف آهي تنهن خالق جي جنهن عدم مان ڪائنات پيدا ڪئي ۽ سراج منير جي جهڳ مڳ سان ڪائنات جي انڌيري کي روشن ڪيو، ۽ تنهن جي محبوب جي پيرن سان ڪائنات جي ڪوچي ڪوچي کي سينگاريو! سڀ تعريف آه تنهن رب جي جنهن بادلن جي لبن تي بجلي رکي، نهرن ۾ تک رکي ۽ لهرن ۾ وک رکي، ڪلين ۾ تبسم رکي ۽ گلن ۾ خوشبو رکي، جڳنو جي پهلو ۾ چمڪ رکي ۽ ڪائنات جي پهلو پهلو ۾ مسڪراهٽ رکي!

سڀ تعريف آه تنهن خالص جي جنهن خاڪ مان انسان کي پيدا ڪيو. انسان کي احسن تقويم جو لباس پهرايو ۽ ڪرمنا جو تاج سر تي رکيو! انسان کي رشڪ ملڪ ڪيو، انسان کي رشڪ فلڪ ڪيو! انسان کي گويا ڪيو، انسان کي جويا ڪيو، انسان کي ريجهاڻي لاءِ قدم قدم تي نوان درشن رکيا ۽ وک وک تي نوان ديدار رکيا! ذري ذري کي عشق جون رمزون سمجهايون، ذري ذري کي الفت جا سبق پڙهايا! ذري ذري ۾ جمال رکيو، ذري ذري ۾ ڪمال رکيو! ذري ذري ۾ تڙپ رکي، ذري ذري ۾ اضطراب رکيو!

ڪئن ڪايائون تنهن جون، لکن لک هزار،

جي سڀڪنهن جيءَ سان درشن دارودار،

پريم تنهن جا پار، آءٌ ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!

سڀ تعريف آهي تنهن محبوب جي جنهن مومن جي سيني ۾ ايمان جو ديپڪ جلايو! اکڙين ۾ مينگهه رکيا، اکڙين ۾ ملار رکيا! اکڙين ۾ وڄون رکيون، اکڙين ۾ وسڻ رکيا! مومن کي رات جي انڌيري ۾ پنهنجي ياد سان آباد ڪيو ۽ پنهنجي ريجهاڻ جا آداب سيکاريا! مومن جي جگر جا جلڻ ٿيا، سيني جا سڙڻ ٿيا! ۽ اکڙين جي ٽمڻ سان پاڻ کي ريجهايو! مومن کي ريجهايو، رات کي ريجهايو، ريجهاڻ کي ريجهايو! عجب درشن ٿيا، عجب ديدار ٿيا. سرندا وڄيا، ساز ٿيا، خاموشيءَ جي محفلن ۾ ريڄاڻيون ٿيون ۽ راز کليا! لاالله جي بيچينيءَ ۾ الاالله جا سڪون ٿيا.

ڍول ۾ کڻي ٻانهڙي، پرين م کڻي پاند

آءٌ پنهنجو ڪاند، لوڪان لڪي رائيان!

 

يا رب! هيءَ ڪهڙي انوکي رات آهي.

جنهن ۾ هزاران پرڀاتون نظر اچن ٿيون؟

يا رب! هي ڪهڙي انوکي تات آهي،

جنهن ۾ انيڪ لاتيون ٻڌجن ٿيون؟

يا رب! هي ڪهڙيون اکڙيون آهن،

جي تنهن جي محبوب جو ديرو بنجي ويون آهن؟

يا رب! هي ڪهڙو پيارو اتارو آه،

جو تنهنجي محبوب جي درشن سبب رشڪ حورو قمر بنجي ويو آه.

يا رب! قسم آه واليل جو جنهن ۾ والضحيٰ جي رمز لڪل آه! ۽ قسم آه والقمر جو جو ڪائنات جي انڌيري کي پنهنجن چانڊوڻن سان روشن ڪندو، پاٻوهجيو، والشمس جي پٺيان ڊوڙي ٿو، ته مومن جي زندگيءَ جي هر رات هڪ جليل القدر رات آه! ۽ مومن جي اکڙين مان جي لالون ۽ لڙڪ ڪنبنٿا ۽ ڪرنٿا، انهن جو ملهه به ڪوئي ملهه آهي، انهن جو شان به ڪوئي شاه آه! عجب اها مدهوشي آه جنهن ۾ انيڪ هوش لڪل آهن. عجب اها مستي آهي جنهن ۾ انيڪ مستيون موجزن آهن! اها اُها بي علمي آه جنهن ۾ ڪوڙين علم لڪل آهن، اها اُها ٻاراڻي ٻوجهه آهي جنهن ۾ انيڪ ٻوجهون لڪل آهن! اهي اهي اکڙيون آهن جي ڪائنات جي ذري ذري ۾ فطرت جا عجيب درسگاه ڏسن ٿيون! اهي اُهي اکڙيون آهن جن کي ذري ذري ۾ محبوب جي من لدن علم جا دفتر نظر اچن ٿا؛ اهو شان لطيف سائين جي اکڙين جو شان آهي، جيءِ، جسي ۽ جان ڪر حضوري حج ڪيو! جا حيرت انگيز درشن آهن، ديدار آهن، پالوتون آهن، پيار آهن، صحبتون آهن، قرار آهن.

چرخو پنهنجي جت سان، ڀنئي ڀيريو جن،

توڙي ڪمانه ڪتن، ته به ڪاند تنين جو ڪوڏيو.

لال لطيف جي شعر جي، اي قلم! تون ڇا تعريف لکندين؟ لطيف ساءِ جو ڪلام ساقي الست جي ميخاني جي مستين جو پيالو آه. پيالو به هڪ سخا جو پيالو آه. هنڌ هنڌ، قدم قدم تي پيالي مان بڪ بڪ جي گداگريءَ جو تماشو آه، مگر ساقيءَ جي سخا به ڪائي سخا آه! اڃا لک لطيف جي، پلر پياري جو دور جاري آهي. اديب مست آهن، لبيب مست آهن، فيتيهه مست آهن، خطيب مست آهن. اُرڪ سرڪ سيد جي، لڳس ڏوٿ ڏهي جو چوڌاري چهچٽو نظر اچي ٿو! ڌمڻ جي ڌنءَ ڌنءَ لوهار اچانگ لطيف جا بيت پڙهي رهيو آه! نهائينءَ جي خاموشي ڪنڀار کي لطيف جا بيت ياد ڏياري رهي آه. پرڀات جي خاموشين ۾ ٻڍڙيون عورتون چرخو چوري، لطيف سائين جا بيت پڙهي، پنهنجي مولا کي ريجهائي رهيون آهن. جت اٺن کي لطيف سائين جا مٺڙا مٺڙا بيت ٻڌائي اڳتي وڌائي رهيا آهن. طوفان جاري آهن. ناکئن لاڄو ڇوڙيا آهن ۽ سڙه سنوان ڪيا آهن. سوداگرن جو هنيون درياه جي هيبت سبب ڪنبي رهيو آه. مگر لطيف سائين جو سر سامونڊي طوفان کي مٺڙي مٺڙي هير بنائي سمنڊ کي خاموش ڪري رهيو آهي. اميد جي جهلڪ نااميديءَ جي انڌيري ۾ نظر اچڻ لڳي آهي. اي مولا! توکي قسم آهي انهن لطيفي بيتن جو، جي تنهنجي محبوب جي فراق ۾ لطيف سائين چيا آهن، ته غاريبي غراب کي لپيٽ نه لڳي، چڪڻ جي چپيٽ نه لڳي! مهار پنهنجي ڪارين، ڪڪين ۽ ڪنڍين ڏانهن نهاري، رسول الله جي شفاعت جا بيت ڳائي رهيو آهي. برسات وسي رهي آهي. رحمت جي ريلي سبب اڃايل ۽ بکايل، فقير ۽ امير، خوشيءَ وچان لطيف سائين جي سر سارنگ ۾ محو ۽ مست آهن. سنگاريون ماٽيون ڦيرائي مکڻ ڪڍي رهيون آهن. مگر سندن محبوب لبن تي لطيف سائين جي سر سارنگ سارنگي تماشا لائي ڏنا آهن! برن ۽ ٿرن ۾ لطيف سر سارنگ دائوري الحانيون لاءِ ڏنيون آهن. امڙ پنهنجي ٻچڙي کي لطيف جي بيتن جي مٺڙي مٺڙي لولي ڏيئي رهي آهي! گندريون لطيف سائين جا بيت پڙهي، پنهنجي گندگي تي ناز ڪري رهيون آهن. مطلب ته سنڌڙيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لطيفي سرندو وڄي رهيو آهي ۽ سنڌڙيءَ جي ٻچڙي ٻچڙي جي اٻوجهه لبن تي لطيف جو ڪلام جاري آهي.

مگر يا رب! هيءَ لطيف سائين جي ڪلام ۾ ڪهڙي آگ ڦوڪيل آهي ۽ ڪهڙو بي بنياد دونهون آهي جو رات جي انڌيري ۾ تنهنجي عاشقن کي جلائي رهيو آهي؟ عاشقن جي اکڙين جي لالاڻ ڏس! اها لطيف سائين جو ڪلام حنابندي ڪري رهيو آهي! رات جي انڌيري ۾ لالائي جا لطيف جي، ڪر ماڻهن ونا مينهن جو سارنگي تماشو لڳو پيو آهي. نه نه، اڄ محبوب پنهنجي سخاوت ۽ پالوٽ سبب عاشقن جي اکڙين ۾ لالائي لالن جي لٽڪائي رهيو آهي. سورن سارنگي ساز لاءِ ڏنا اهن. ڏونگرن ۾ اوڇنگارون نظر اچن ٿيون.

لطيفي بيتن اڄ پتنگي تماشو لائي ڏنو آهي، پتنگي تماشو!

حرم کـﻶ پاس کوئي کبهي هـﻶ زمزمہ سنج

کہ تار تار هوئـﻶ جس سي جامهان احرامي.

يا رب! اڄ ڇو مٺڙي مومل جا رنگ رتول جلي رهيا آهن؟ ڇو ليلا، ليلاءِ ليلاءِ چنيسر جي فراق ۾ ڦٽڪي رهي آهي؟ يا رب! هيءَ ڪهڙي مارئي مسڪين آهي جا اميري کي ٺوڪرون هڻي رهي آهي؟ جنهن جي هر انداز ۾ قلندري انداز نظر اچن ٿا! هي ڪهڙو بي ڏوهي قيد مارئي جا بيت پڙهي ڏوهين کي تائب من الذنب بنائي رهيو آهي! يا رب هيءَ ڪهڙي سهڻي آهي جا الست جا عهد پاتار ۾ پاري رهي آهي! هيءَ ڪهڙي عورت آهي جا جيڪي هادي هلايو سو پاري منڌ پاتار ۾ درياه جي سيني ۾ عبادت ۽ عشق جون منزلون طي ڪري رهي آهي، يا رب! هيءَ ڪهڙي سسئي آهي جا مومن جي عزم ۽ توڪل جو شان ٻڌائي رهي آهي! جنهن جي وک وک تي فطرت روحي لڪ خدائي جو آواز بلند ڪري رهي آهي. جنهن جا هڏڙا به هوت جي تلاش ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهن. زندگي ۽ موت جون باريڪ منزلون کولي سجل الڪتب جيان سندس قدمن هيٺان طي ٿي رهيون آهن! عبادت جو چرخو عشق جون ٺوڪرون سبب پرزا پرزا ٿي ويو آهي ۽ چرخي مان رت ڦهارا ڪري وهي رهيو آهي. آتڻ ويچاري به اڄ لالائي جا سارنگي تماشا لائي ڏنا آهن!

يا رب! هيءَ ڪهڙي گندري گنهگار آهي جنهن ۾ عيب اپار آهن، پاڻ شرمسار آهي؛ مگر معصوميت غريبيءَ جي هنج ۾ ٽڙي رهي آهي. انانيت ۽ تڪبر گندريءَ جي گندگيءَ اڳيان شرمسار آهن. قلب ۾ نه گيرب آهي نه گاءُ؛ اکڙين ۾ تماچيءَ جي محبت جا ڀنڊار آهن. فطرت سندس هر ادا تان فدا آهي. تماچيءَ جي پالوٽ سبب امل ماڻڪ ڇلرن جيان مياڻين ۾ ڇٽجي رهيا آهن. سچا موتي مڇيءَ جي هٽ تي ڪوڏن جئن ورڇجي رهيا آهن ۽ لال لعلون لٽجي رهيون آهن. يا رب! هيءُ ڪهڙي لطيف جي نوري گندري آهي جنهنجي اداڪاري ماحول کي مست بنائي ڇڏيو آهي؟ يا رب! هي ڪهڙو ٻيجل جو سرندو آهي جو ڪائنات جي ڪوچي ڪوچي مان سوز ڀريا آواز ڪڍي رهيو آهي ۽ عاشق به پاٻو هجي ڪٽاري ۽ ڪوس اڳيان زير لب اي شڪرالحمد، جئن سر گهريو تو مڱڻا جي تسبيح پڙهي رهيا آهن!

يا رب! عجب تنهنجو لطيف آهي ۽ عجب سندس ادائون آهن! والله تنهنجي آيات جي ترجماني آهي؛ فطرت جي مسڪراهٽون جي خوش بياني آهي! عجب سندس شعر ۾ مصوريون آهن! عجيب سندس ڪلام ۾ حنا بنديون آهن! عجب سندس ڪلام ۾ سندس نازڪ خياليون آهن! عجيب سندس ڪلام ۾ سحرگويون آهن! ڇا سندس حسن ادا آهي! ڇا سدس جوش بيانيون آهن! ڪوزي ۾ درياه بند آهي، صدف ۾ گوهر آهن! امنگ ۽ جذبات، پيچ در پيچ باد صرصر، تيز تيز، هنگامهءِ محشر پيدا ڪريو ڇڏين! ڇا منجهس ترنم آه، ڇا منجهس موسيقيون آهن! بيت بيت ۾ دائودي خوش الحانيون پلٽيل آهن! بيبت بيت سرندي جيان وڄي رهيو آهي! بيت بيت ۾ محبوب جي تلاش آهي! بيبت بيت ۾ محبوب جي تڙپ آهي! بيت بيت ۾ زندگي آهي، بيت بيت ۾ موت آهي! بيت بيت ۾ ڀلاري ڀڻڪ آهي. جنهن هيڪر حبيبن جو حضوري ڪيو آهي.

يا رب! آءٌ تنهن جي لطيف جي ڇا تعريف لکان! جنهن جو بيت بيت توکي ريجهائي رهيو آهي! هي ته صرف:

اين تڪلفهاءِ من در شعر من

ڪليمين يا حميري مست.

جو عاشقانه انداز ۾ لطيف سائين جو تنهنجي حضور ۾ ناز آهي نخرو آهي، لڏڻ آهي ۽ لاڏ آهي! هي نه شعر آهي، ڪلام آهي. هي محبوب جي حضور ۾ عشق جا آداب آهن! هي لڇڻ آهي، هي پڇڻ آهي، هي چيرڻ آهي چچرڻ آهي، هي ڪٽارو آهي، هي ڪوس آهي! نه نه هي محبوب جون مسڪراهٽون آهن، هي محبوب جو پاٻوه آهي. هي تمنائون جو غنچو آهي، هي آرزون جو ڀندار آهي! هي هٿان حبيبن ڪڏهن ڪونه ڏکويو جا دلاسا آهن ۽ دلبريون آهن! يا رب! آءٌ ڇا سنڌ کي ٻڌايان ته تنهنجي لطيف جا ڏونگر ڇا آهن، ڍنڍون ڇا آهن؟ اُٺ ڇا آهن ۽ اوٺار ڇا آهن؟ لوهار ڇا آهن، ڏمڻ ڇا آهن؟ ڪنڀار ڇا آهن؟ نهائين ڇا آهن؟ ٻگهه ڇا آهن، هنج ڇا آهن؟ مينگهه ڇا آهن؟ ملار ڇا آهن؟ وڄون ڇا آهن؟ وسڻ، ڇا آهن؟ مينهون ڇا آهن، ميهار ڇا آهي؟ ڪهڙا عشق جا آداب آهن، ڪهڙيون الفت جون رمزون آهن؟ ڪيئن لطيف توکي ريجهائي ٿو ۽ ڪيئن پريت جي ريت بنائي ٿو! اهي ڪهڙا بري آهن، اهي ڪهڙا ٿري آهن؟ ايهو ڪهڙو وڙ ويڙهيچن جو آهي، مارئي لوڏائي لکي وئي آهي؟ يا رب! ايهو ڪهڙو لطيف سائين ساٿ ڏنو آهي جنهن ۾ سوين ڪمي ۽ ڪوري لڏندا ۽ لاڏ ڪندا هلن ٿا ۽ لطيف سائين لنگين ۽ لورين جيان ليلائي پٺيان وڌي رهيو آهي. يا رب! لطيفي دنيا به ڪا دنيا آهي! عجب لطيفي دنيا آهي، عجيب سندس وارداتون آهن! ڇا علم جا دفتر آهن، ڇا عمل جا تماشا آهن! ڇا بي خوديءَ جون رمزون آهن، ڇا خوديءَ جا اسرار آهن. ڇا اخلاق جا زيور آهن. ڇا زندگيءَ جا ادب آهن. ڇا قوم کي پيغام آهن، ڇا قوم کي اشارا آهن، ڇا قوم لاءِ مڪتب آهي، ڇا قوم لاءِ سبق آهن!

يا رب! اڌوري قلم کي توفيق ڏي ته لطيفي دنيا جو سير ڪري، قوم جي ٻچڙي ٻچڙي کي لطيف جو پيغام پهچاءِ! لطيفي آداب سيکاري، لطيفي رمزون سمجهاءِ.

يا رب! قلم کي توفيق ڏي ته ٻچڙي ٻچڙي جي سيني کي چير چير ڪري، چاڪ چاڪ ڪري، ۽ ٻچڙي ٻچڙي جي سيني ۾ ايمان جو ديپڪ جلاءِ ۽ سراج منير جي جهڳ مڳ سان اندر روشن ڪري.

يا رب! تمنا آهي! يا رب! تمنا آهي! مومن کي اشتراڪيت جي طوفان کان پناه ۾ رک! مومن کي افرنگي چنگيزي ڪارواين کان امان ڏي! هر مومن کي مولائي يثرب جو حضوري ڪر ۽ هر مومن جي وار وار مان اچانڪ هي آواز نڪري:

تن نيڻن کي نيران، جني ساجهر سيڻ،

جيءَ، جسي ۽ جان، ڪر حضوري صبح ڪيو!

 

-------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com