سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :9

 

مولائي شيدائي

 

شاهه جي رسالي ۾ تاريخي اشارا

 

معزز حضرات! وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هينئر وطن مالوف ۾ سنڌي مٺڙي زبان جي جان جا افزاهير لڳي رهي آهي ۽ اسانجا علماء ڪرام ۽ اديب سنڌي زبان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ سال بسال ڀٽ شريف تي ادبي ڪانفرنس جا اجلاس ٿي رهيا آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته شاه رحه جو رسالو اسانجي پياري زبان جو بيش بها خزانو آهي، جنهن کان وطن مالوف جو ٻچو ٻچو آشنا آهي. هن خوش نصيب واديءَ جي ڪوهسارن، جهنگن توڙي برپٽن ويندي علمي محفلن ۾ شاهه سائين جي بيتن ۽ ڪلامن جو آواز گونججي رهيو آهي. وطن جي سرتاج شاعر جي رسالي جي ٽيهن سرن ۾ روحاني رمزون ۽ راز سمايل آهن، جنکي هرڪو پڙهندڙ پنهنجي فهم ۽ حال آهر سمجهي سگهي ٿو. شاهه سائين نه رڳو ڪامل درويش ۽ ولي الله هو، پر هڪ سياح، جاگرافيدان ۽ مورخ به هو. جئن قرآن پاڪ جي سورتن ۾ تمثيلي طرز تاريخي واقعات ڏنل آهن تئن رسالي جي هرهڪ سر جي بيتن ۾ جيڪي تاريخي اشارا ڏنل آهن تنهن مان هن باڪمال شاعر جي مورخانه انداز ۽ معيار جو پتو پئجي سگهي ٿو. اهڙي طرح رسالي جي مطالع ڪرڻ سان اسين چئي سگهون ٿا ته شاه رح جاگرافيدان به هو ۽ ڪره ارض جي مشرقي طبقي جي ملڪن جو کين ڄاڻ هو. اهڙو ثبوت سر سارنگ جي فقط هڪڙي بيت مان ملي سگهي ٿو. شعر لفظ شعور مان نڪتل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ڄاڻ. شاعر لاءِ پنهنجي ڪلام جي پختگيءَ لاءِ وسيع نظر کپي. فردوسي، خواجه حافظ، سنائي، شبلي، حالي، اقبال ۽ ٻين چوٽيءَ جي شاعرن جي ڪلامن ۽ بيتن ۾ تاريخي واقعات ڏنل آهن. اڄ کان ٻه سؤ ورهيه اڳ اسانجو سرتاج شاعر هن فن يعني علم تاريخ کان واقف هو. اهڙي وسيع نظر ۽ غير محدود معلومات ڪري شاه سائين عوامي شاعر ڪوٺجي ٿو. منهنجي مضمون جو عنوان آهي شاه جي رسالي ۾ تاريخي اشارا. هن محفل ۾ مان انهن تاريخي حوالن جو مختصر بيان خذمت ۾ پيش ڪيان ٿو حالانڪ ٽيهن سرن جي تاريخي حوالن کي بيان ڪرڻ لاءِ جدا دفتر کپي:

(1) سرڪلياڻ ڇا آهي جواب جيئن قرآن پاڪ جي ابتدا سوره فاتحه سان ڪيل آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ جي تعريف ۽ عاجز انسان جي ٻانهپ جو ذڪر ڏنل آهي تان سرڪلياڻ جو رسالي جو ابتدائي سر آهي، تنهن ۾ شاه سائين ساڳيءَ طرح حضرت قبريا جي حمد و ثنا ڪئي آهي، جئن فرمائي ٿو:

اول، الله، عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي

قادر پنهنجي قدرت سين، قايم آه قديم

اڳتي هلي حضور پاڪ جي نعت، مسجد نبوي ڏانهن اشارو ڪيل آهي ۽ چئن خليفن سڳورن جي تعريف ڪيل آهي. فرمائي ٿو:

جوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پروار

حامي، هادي، هاشمي، سردارن سردار

سنهي صحابن سٿ ۾، منجهه مسجد مڻيادار

چارئي چڱا چؤڌار، هوا هيڪاندا حبيب سين.

هي بيت عليم الشان تاريخي واقعو آهي. چنانچه مدينه منوره ڏانهن هجرت ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي جهانن جي شهنشاه پنهنجن هٿن مبارڪن سان مسجد نبوي تعمير ڪئي. اڳ قبلو بيت المقدس هو، بعد ڪعبه ڏانهن ڦري ويو. قرآن پاڪ جو اڳ مسلمانن جي سينن ۾ محفوظ هو سو قلمبند ڪيو ويو. خلافت راشده اسلامي صحيح جمهوريت جو زمانو هو. هن چاليهن سالن جي قليل عرصي اندر اسلامي فتوحات جون حدون نيل کان آمو درياه تائين وڃي پهتيون. دنيا جي فاتح قومن جي تاريخ کولي ڏسو ڪنهن به قوم ايتري قليل عرصي ۾ ايڏي فتوحات ڪانه ڪئي. خلافت راشده کان پوءِ اسلامي جمهوري نظام شهنشاهيت ۾ بدلجي ويو.

(2) سر يمن ڪلياڻ تصوف ۽ عشق جي تاريخ آهي. هن سر ۾ شاه سائين تصوف ۽ حقيقي عشق جا راز ۽ رمزون عمدي پيرايه ۾ بيان ڪيون آهن، جي سالڪن لاءِ مشعل راهه آهن فرمائي ٿو:

پڇ پتنگن کي، سندن ڪامڻ خبرون،

آڻئو وجهن آگ ۾، جيءُ پنهنجو جي،

جيري جنين جي، لڳا نيزا نيہ جا.

شاهه سائين جي زماني ۾ اسلامي تصوف جي اصلي صورت بدليل هئي. اميه ۽ عباسي دؤر ۾ يوناني، هندي ۽ ايراني، فلسفي جي اشاعت ٿيڻ ڪري حضور سرور ڪائنات صلعم جو تصوف، ابوبڪر صديق، علي مرتضيٰ، سلمان فارسي، ابوذر، جنيد بغدادي، رابعه بصري، حضرت شيخ جيلاني رح، شيخ سهروردي جو تصوف مٽجي ويو، تنهن کي ٻيهر جيارڻ لاءِ خواجه اجميري، خواجه نقشبندي مجدد سرهندي، مخدوم نوح هدايت ڪندا رهيا. پوئين دؤر ۾ شاهه ڀٽائي ۽ شاه ولي الله دهلوي ڪلام ۽ قلم سان جيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن سر ۾ شاهه جيڪي تمثيلون ڏنيون آهن، تن ۾ ان زمانه جي سنڌ جي عروج، هنرن، ڪاريگرن ۽ اوزارن ڏانهن پڻ اشارو ڪيل آهي. سنڌ پاڪستان جو تهذيبي صوبو آهي. تنهنجي تاريخ- تمدن جو اهم باب آهي، جئن هڪڙي بيت ۾ فرمائيٿو:

اڄ آڳڙيا آيا، سوڌا سراڻي،

پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.

(3) سر کنڀات- فن سيرت نگاري تاريخ جو حصو آهي. هن سر ۾ شاهه هڪڙي سيرت نگار جي حيثيت ۾ شمائل نبوي بيان ڪري ٿو. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته حضور پاڪ جي ڄمڻ وقت، ڪفر جا قلعا ڪڙڪاٽ ڪري لڏي ويا. استبدايت جي ايوانن ۾ زلزلو پئجي ويو، قيصر ۽ ڪسريٰ جي محلاتن جا ڪنگرا ڪري پيا ۽ آتشخانه سرد ٿي ويا، حضور پاڪ جي سونهه ۽ اخلاقي حسن جي جن لفظن ۾ تعريف ڪيل آهي، اهي آبدار موتي آهن ۽ سيرت نگاري جي حد آهي. فرمائي ٿو:

کڻي نيڻ خمار مان، ڪئائون ناز نظر

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر

تارا ڪتيون تائب ٿيا، ويکيندي دلبر،

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.

فخر موجودات صلم جي روضي جي زيارت ڪرڻ جي اُڪير لاءِ اُٺن کي وک وڌائڻ لاءِ هدايت ڪريٿو. هن سر ۾ شاهه سائين ليڙو لفظ به اُٺ لاءِ ڪتب آندو آهي، جنهن لفظ ۾ تاريخي راز سمايل آهي. هونءَ به سنڌ قديم زماني کان اُٺن جي پرورش جو بهترين گرم ملڪ آهي. اڳ بشاري مقدسيءَ جي بيان موجب هت ٻن قسمن جا اُٺ ٿيندا هئا. هتي جا ٻن ٿوهن وارا اُٺ نهايت قيمتي هئا جنجو نسل بلخ ۽ ايران ڏانهن کڄي ويو. عربستان هڪ صحرائي ۽ جابلو صوبو آهي تنهنڪري ديار- حبيب جي مسافري ڪرڻ لاءِ شاهه سائين ليڙو قسم جو اٺ انتخاب ڪري ٿو. ليڙو اصل بلوچي لفظ ليڙو آهي جنهن جي معنيٰ لاڏو اٺ. چنانچه مڪران جا لاڏو اُٺ صحرائن ۽ پهاڙن جي پيچرن تي آسانيءَ سان مسافري ڪن ٿا. غرض هر هڪ سر ۾ بي انتها تاريخي سرمايو سمايل آهي.

(4) سر سريراڳ ۽ سامونڊي ۾ ٽي نقطا سمجهڻ ضروري آهي:-

(1) سنڌي مير بحرن جو سامونڊي سفر جڏهن سياري ۾ اتر جي هوا لڳندي هئي. (2) وڻجارا جيڪي گجرات، لنڪا ۽ بنگال تائين قيمتي شين جهڙوڪ سچا موتي، ايلاچي، لعلون وغيره جو واپار ڪندا هئا. گجرات ۾ چانور ڪونه ٿيندا هئا. سنڌ جي لاڙي جانورن کي گجراتي خريد ڪندا هئا. سلطان محمود بيگڙه چانورن جي پوک رائج ڪرائي هئي. سنڌ جي ڏاکڻي سامونڊي ڪپ تي گسري جي کاري مان سچا موتي ٽالپري دور تائين نڪرندا هئا. 1849ع ڌاري انگريزن کي گسري جي نيڪن مان 6265 روپيه آمدني هئي. مٿين حقيقت ٻن بيتن ۾ سمايل آهي:

سڙه سوان، لاچو نوان، مهاڻا سندن مير،

ساٿي سفر هليا، ٿيا سڻاوا سير،

جي اچن ساڻ اڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين.

 

ويا جي عميق ڏي، مہ ڪائو ڏيئي،

تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي،

ڀسندا سيئي، امل اکڙين سين.

(2) نقطو آهي فرنگي دريائي چورن متعلق:-

معلم ماڳ نه اڳين ڦلنگي منجهه ڦريا

يعني فرنگين جي اچڻ شرط معلم پنهنجو مقرر هنڌ ڇڏي ٻيڙين تان ڀڄي ويا. ياد رهي ته پور چوگيز پهريان فرنگي هئا جن عيسوي 16 صديءَ ۾ سمنڊن تي قبضو ڄمائي مسلمانن جي جهازن کي سمنڊن تي ڦري، ماڻهن کي قيد ڪري زوري عيسائي بڻائيندا هئا.

انهن ظالمن 1555ع ڌاري سنڌ جي دولتمند تخت گاه شهر ٺٽه تي ڪاهي ويهن لکن پائونڊن جي ملڪيت لٽي، شهر کي باه ڏيئي اٺ هزار بيگناه شهري قتل ڪيا هئا. سر سامونڊيءَ ۾ شاه سائين لنڪا (سيلون) ڏانهن به اشارو ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

لنڪا لنڪا ڪن، لاءِ لنڪا جي اوهرئا،

سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين،

پره پڳ ڇوڙيا، کاري کيڙائن،

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.

لنڪا ۽ سنڌ جا تعلقات تاريخ جو اهم باب آهي. چنانچه سنڌ جي ديبل مندر جي پنڊتن جي پرچار ڪرڻ سان لنڪا ۾ ٻڌ ڌرم جو رواج پيو هو. اهو ديبل بندر هو جتي مسلمانن واپارين جي جهازن کي سنڌ جي هندن ڦري بيواه مسلمان عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو هو. هن واقعي ڪري الور ۽ دمشق جا سياسي تعلقات ٽٽي پيا ۽ حجاج بن يوسف غازي محمد بن قاسم کي فوجون ڏيئي سنڌ روانو ڪيو هو. لنڪا ۾ اڄ به سچا موتي نڪرن ٿا ۽ لعلن جون کاڻيون آهن. شاهه سائين چئي ٿو ته سنڌ جا واپاري اتان سون ڪمائيندا هئا.

(5) سر سهڻي ۾ شاه سائين سهڻي جي نينهن ۽ سرفروشي کي حسين منصور بن حلاج سان تشبيہ ڏئي ٿو. سهڻي ميهار جي محبت ۾ ايتري قدر مست هئي جو هن نه ڪچي گهڙي جو خيال ڪيو نه وري درياه جي دهشت کان دهلجي ويئي. آخر سر ڏيئي سرهي ٿي. جئن فرمائي ٿو:

گهڙو ڀڳو ته گهورئو، موچور ٿئي چررو،

طالب الموليٰ مذڪر، اي ٻڏندن ٻوڙو،

ڪوڙهئو دم ڪوڙو، مون مهار من ۾.

جيئن سهڻي ۽ ميهار تاريخي قصو آهي تيئن حسين منصور حلاج جو واقعو به تاريخي اهميت رکي ٿو. هن هجري چوٿين صديءَ جي شروعات ۾ سهڻيءَ جي استقلال وانگي پنهنجي دعويٰ اناالحق (آءٌ خدا آهيان) کان ڪين مڙيو، جنهن ڪري وقت جي وڏي قاضي سيد الطائفه خواجه جنيد بغداديءَ جي فتويٰ سان سوليءَ تي چاڙهيو ويو. جئن شاه فرمائي ٿو:

جر ٿر توار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،

سڀئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،

همہ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.

(6) سو سسئي آبري ۾ شاه رح پنهونءَ کي ڄام جي لقب سان سڏي ٿو. لفظ ڄام اصل هندي آهي. مورخن جا ان باري ۾ جدا جدا رايا آهن. فرشتا ڄام کي جمشيد ڏانهن منصوب ڪري ٿو. حقيقت ۾ سري ڪرشن جي ستين راڻي جا موتي جي بطن مان جيڪو اولاد ڄائو سي پاڻ کي ڄام سڏائيندا هئا. سما سلاطين جو لقب ڄام هو اهي نؤ مسلم راجپوت هئا. ساڳي طرح (Orate) اورٽي لس ٻيلي جا هوت به نؤ مسلم هندو هئا. سندن لقب ڄام هو. هاڻوڪي لس ٻيلي جي حاڪم غلام قادر کي به ڄام جي لقب سان سڏين ٿا. گجرات جي نوا ننگر جي راجا جو لقب به ڄام آهي. شاه سائين پنهونءَ کي سندس اصلي خانداني لقب سان سڏي پنهنجي تاريخ دانيءَ جو ثبوت ڏئي ٿو. فرمائي ٿو:

اکيون آري ڄام جيون، آهين انڌي ساڻ،

پسي ڪنديون پاڻ، پيشاني پنهونءَ جي.

(7) سر ليلا چنيسر به تاريخي قصو آهي. سومرن جي داسڙي خاندان جو حاڪم چنيسر 1288ع کان 1356ع تائين ديبل تي راڄ ڪيو، جنهن جي حسن جي بيحد هاڪ پيل هئي، جئن شاه رح فرمائي ٿو:

چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏها ڏه ڏهڪار

ناڪر اکين نار، مڻيي تي ميٽين.

ساڳي وقت راڻو کنگهار ڍٽ تي حڪومت ڪندو هو جنهن جي حور شمائل ڌيءُ ڪونرؤ جي هار تي ليلا هرکجي ويئي هئي ۽ هار تان مامرو متو هو شاه فرمائي ٿو:

چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هئو،

تهان پوءِ ٿيو، مڻيي تي ٿي مامرو.

(8) سر مومل راڻو. هي قصو 15 صدي جو آهي جڏهن راجا نند گجر راجپوت ماٿيلي تي راڄ ڪندو هو. مومل سندس ڌيءُ هئي جا حسين هئي ۽ سندس ٻي ڌيءَ سومل جادوگراڻي هئي، جنهن جيسلمير جي لڊاڻي شهر جي ڀر ۾ ڪاڪ نئين جي ڪپ تي جادوءَ جو رنگ محل اڏايو هو. هن تاريخي قصي مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته عيسوي 15 صديءَ تائين سنڌ ۾ جادوءَ جو رواج هو ۽ اها هڪ کليل حقيقت آهي جنهنجي شاه سائين هن سر ۾ نقاب ڪشائي ڪري اسان کي سنڌ جي تاريخ جو وسريل ورق ياد ڏياري ٿو:

گجر کي گجمير جيون، تارن ۾ تبرون،

هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،

ڪاڪ ڪنڌي قبرون، پسو پرڏيهين جون.

سنڌ ۾ گهڻو آڳاٽو جادوگر رهندا هئا، جي جنترن منترن سان بيمارن کي ڇٽائيندا هئا. سنڌ جي جادوگرن جو يونانين بيان ڏنو آهي جيڪي شهرن جي ٻاهران هڪ ٽنگ تي اس ۾ بيهندا هئا ۽ ڪنهن سان ڪونه ڳالهائيندا هئا. عربي دور ۾ به اهڙن جادوگرن جو وجود موجود هو. منصور بن حلاج به وٽن جادو ۽ منتر سکڻ لاءِ آيو هو. مٿين بيت ۾ گجمير جي ڪهاڙين جو اشارو ڪيل آهي. گجمير جو شهر ۽ ڀٽ نير راجا گج ڀاتيءَ تعمير ڪرايا هئا. غزلي جو اصل لفظ گجني آهي سو به ڀاٽين جوڙايو هو. گجمير جون ڪهاڙيون تن ڏينهن ۾ مشهور هيون تنهن ڪري شاه سائين مومل جي تارن کي گجمير جي ڪهاڙين سان تشبيہ ڏئي ٿو. هينئر به انهيءَ تر ۾ ڏهرڪي جون ڪهاڙيون مشهور آهن. سنڌ ۾ ديبلي تراريون به مشهور رهيون.

(9) سر ماروئي جي چوڏهين عيسوي صدي جو تاريخي واقعو آهي جنهن ۾ ملير جي مارو قوم ۽ عمرڪوٽ جي تاريخ سمايل آهي عمر ڪوٽ اصل امرڪوٽ هو جو امراه سومري تعمير ڪرايو هو. مير معصوم بکري پهريون مسلمان مورخ آهي جنهن هن شهر کي الف بدران عين سان لکيو ۽ پوءِ ٻين مورخن به سندس پيروي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ڪوٽ لفظ به سنسڪرت مان نڪتل آهي. الوحيد جي گذريل پرچن مان هڪڙي ۾ عمرڪوٽ جو وضاحت سان بيان ڏنو آهي.

(10) سر ڪاموڏ ۾ شاه سائين سنڌ جي هاڪاري سمي حاڪم ڄام تماچي ۽ نوريءَ گندريءَ جو تاريخي قصو بيان ڪيو آهي. سر مومل راڻي، عمرماروئي ۽ تماچي ۽ گندري توڻي سسئي پنهونءَ جون آکاڻيون جن کي شاه وحدت جو رنگ ڏيئي رچيو آهي اهي آکاڻيون سنڌ جي عورتن جي تاريخ آهي. مومل جو راڻي جي فراق ۾ چکيا تي چڙهي سڙڻ مان پتو پوي ٿو ته سنڌ ۾ اڳي ستي لڪڙي جو به رواج هو، مارئي جي قصي مان پتو پوي ٿو هوءَ سيتاوان هئي، نوري گندري يعني مهاڻي هئي پر پنهنجي نئڙت، نيازي نيڻن جي ناز ڪري ڄام جي من ۾ محبت جي ميخ اهڙي هنئين جو راڻين جي راڻي ٿي رهي، جئن شاه سائين فرمائي ٿو:

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ

انين جي اوطاق، راجا ريجهي آيو.

سسئي اٻلا، ضعيف زائفان ٿي ڪري پنهنجي ڀتار جي ڳولا ڪرڻ لاءِ اڻ ڏٺي ڏيهه ۽ اوکي پنڌ تي ڪاهي ويئي. وري جڏهن رستي تي ڌراڙ ڏانهس ميري اک سان نهاريو تڏهن رب کي ٻاڏايائين. الله عرض اگهايس، پهاڙ ڦاٽي پيو، جنهن ۾ هوءَ اندر پيهي ويئي. مٿين سرن مان اوهان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي زالن کي پنهنجي خاوند لاءِ جيتري محبت ۽ پيار آهي اهڙو مثال ٻين ملڪن جي زالن جي تاريخن ۾ ورلي نظر اچي ٿو. مضمون وڌڻ جي خطري ڪري هت ختم ڪيان ٿو.

 

------------

 

رائي پير رت ڪيا، لڳي لڪ ڏينهان

لڪن جيون ليهان، لوڙيان لال لطيف چئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com