سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :19

 

عطا محمد حامي

شاهه جون نازڪ خياليون

 

ڪنهن به فطرت شناس ۽ حقيقي شاعر جي شعر ۾ اصليت ۽ سادگي خواه جوش ۽ اثر سان گڏ تخيل جي بلند پروازي لازمي آهي ڇو ته تخيل کانسواءِ شعر پست ۽ رواجي رهجي ٿو وڃي. حقيقت ۾ تخيل ئي شعر جو حقيقي ۽ اصلي جوهر آهي. شاعر جي فڪر جو پکي جيترو مٿي اُڏامندو اوترو سندس شعر جو درجو به ارفع و اعليٰ ٿيندو. شاه صاحب جو سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ٿو ليکجي سو به انهيءَ خصوصيت جي ڪري. سندس شعر جي تخيل جو دائرو ايترو ته وسيع آهي جو جيترا دفع پڙهبو اوترا نوان خيال نظر ايندا ڇو ته هو خيالات جي درياه ۾ ٽٻيون هڻي بلڪل نوان ۽ نادر موتي هٿ ڪري ٿو، پوءِ انهن کي بدايع ۽ معانيءَ جي سئيءَ سان سخن جي سڳي ۾ پوئي هڪ موهيندڙ مالها پيش ٿو ڪري. هو فڪرو نظر جي عام معيار کي ڇڏي ڪائنات جي هر اعليٰ خواه ادنيٰ شيءِ جا حقيقي اسباب ۽ ڪوامل دريافت ڪري انهن مان بلڪل بلند ۽ حڪيمانه نتيجا پيدا ٿو ڪري. مان هن موقعي تي شاه صاحب جي بلند پروازي ۽ نازڪ خيالي جا ڪجهه مثال پيش ڪري پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

دنيا جي مشاهير شعراء مان اهڙو ڪو ورلي ملندو جنهن انساني زندگيءَ جي فلسفي تي ڪجهه نه ڪجهه خامه فرمائي نه ڪئي هجي. ليڪن ڪنهن بي شباتيءَ جو پهلو پيش ڪيو آهي ته ڪنهن وري سندس قرار و ثبات جي ثابتي ڏني آهي. اهو شاه ئي آهي جو صرف ٻن سٽن ۾ پنهنجي فنا ۽ بقا جا سمورا پهلو پيش ڪري ٿو وڃي. هو هن انقلابي جانور جي هستي ڏيکاري ٿو ته لفظ به انقلابي ادا ٿو ڪري ۽ کيس نه فقط گهوٽ، پر ڳاڙهو گهوٽ چئي هن جي شوخي ۽ بي باڪيءَ جو اظهار ٿو ڪري. وري جڏهن سندس فنا جو منظر ٿو ڏيکاري ته ثمثيل لاءِ ساري ڪائنات مان صرف واريءَ جو ڪوٽ تلاش ڪري ان جي اوٽ ٿو ڏئي. اهو خيال شاه صاحب جي لفظن ۾ ادا ٿيل ڏسو:

ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾

واري سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.

وري جڏهن محبت جو تذڪره ٿو ڇيڙي تڏهن به سندس فڪر جي رسائي عام شاعرن کان اڳري ٿي رهي ۽ هر منزل تي سندس رفتار نرالي ۽ نياري نظر ٿي اچي. هتي فقط محبوب جي تير جفا ۽ عاش جي طرز وفا جي مضمون جو معائنه ڪنداسين.

شاه صاحب پنهنجي محبوب کي هڪ خوني ۽ بي باڪ تير انداز جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته اهو تيز انداز پنهنجي شڪار جي سامهون ڪمان ۾ قسمت جو تير وجهي کيس هدف بڻايو بيٺو آهي. هو پنهنجو موت اکين آڏو ڏسندي به پنهنجي جان جي ڪا پرواه نٿو ڪري پر خيال ٿو ڪري ته مبادا اهو تير شڪار جي بدران شڪاريءَ کي نه لڳي وڃي ڇو ته ان جي جڳهه سندس دل ۾ آهي.

پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مارو مون،

مون  ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

مٿئين بيت ۾ شاه جي محبوب جي قهاري ۽ جباري ڏسو جو پنهنجي چاهيندڙ جي سامهون قسمت جو يتر ڪشيو بيٺو آهي. وري سندس شان ڪريمي ۽ قرب ذاتي ڏسو جو دل جي ديري ۾ گهر ڪيو ويٺو آهي. هيٺئين بيت ۾ ساڳي تير انداز جو ٻيو پهلو ڏسو. کيس حبيب ڏسي چوي ٿو ته هروڀرو تير رکي احسان نه جتاءِ، مگر تير هڻي احسان ڪر ڇو ته تنهنجي تير سان شڪار ٿيندس ته منهنجو مان مٿي ٿيندو. ڪنهن شهيد ناز جي تڪميل آرزوءَ جو نقشو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙن لفظن ۾ ادا ٿيندو:

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ م ٿورو لاءِ

پرين تنهنجي گهاءِ، مران ته مان لهان.

يا وري ساڳي صياد کي حبيب جي نالي سان پڪاري ٻٽن ٻاڻن هڻڻ جي التجا ٿو ڪري ۽ انجو نتيجو به عجيب و غريب پيرايه سان ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن نازنين نگاهن جا ٻٽا تير لڳندا ته کيس يار جي آغوش ۾ اچڻ جو وجهه ملندو ڇو ته فطرتا شڪاري شڪار کي ڪرندو ڏسي وڃي کڻندو ۽ انهيءَ نموني سان حقيقي محبوب جي مشاهدي ماڻڻ جو سٺو سبب بڻجي پوندو.

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ

ماڳهين مون مہ ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻ

ان پر ساجن ساڻ، مان مقابلو مون ٿئي

هاڻي وري انهي ساڳئي تير جو تاثير ڏسو. عاشق جان باز کي نازنين تير انداز پنهنجي نظر و ادا جو قهري ڪان ٿو ڪڙڪائي جيڪو اهڙو زور سان اڇلايل آهي جو ڪڙ ڪڙ ڪندو وجود کي چيريندو ٻاهر نڪري ٿو وڃي، انهيءَ حالت ۾ به عاشق آهي و زاري جي بدران اڳتي وڌي پنهنجي حبيب سان هم ڪلام ٿو ٿئي. پڇي ٿو منهنجي مارڻ مان محبوب کي مزو آيو يا نه، يعني شڪار ڪندي سندس هٿ ٺريو يا اڃا ڪا ڪسر باقي آهي. ڏسو ته ڪهڙي نه عجيب آرزو آهي. ڪهڙن لطيف لفظن ۾ ادا ڪئي ويئي آهي.

سر جو سچيو سڄڻين، ٻنگا ٻاڻ ڀري،

ويو وجودان نڪري، ڪڙڪڙ ڪان ڪري،

پڇيو پير ڀري، ته ڪي ٺريو هٿ حبيب جو!

اهو دستور آهي ته شڪاري شاڪر کي تير هڻي ور ۾ وڃي تکي ڪاتيءَ سان ڪهي ان کي حلال ڪندو آهي. انهيءَ حالت جو نقشو هيٺين بيت ۾ ڏسو. وري خيال ڪري ڏسو ته ڪيئن عاشق ادائن جي تير جو شڪار بڻجي پنهنجي ڪنڌ تي قرب جي ڪاتي وهندي ڏسي پوءِ به اها تقاضا ٿو ڪري ته شل اها ڪاتي تکي نه ٿئي مبادا يڪدم سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي ۽ محوب جي هٿن کي مزو نه اچي، هو چاهي ٿو ته اها ڪاتي مڏي رهي جيئن قاتل جي ظلم ۾ اضافو ٿيندو رهي ۽ سندس هٿ دير تائين مقتول جي مارڻ مان مزو وٺندا رهن:

ڪاتي تکي م ٿئي، مر مٺيائي هوءِ

مان ور من توءِ، پريان جا هٿڙا!

شاه صاحب صرف پنهنجي شعر جي تيرن سان، سخن جي ملڪ تي قبضو نٿو ڪري مگر وٽس ٻيو به گهڻو سامان آهي جنهن جي ذريعي هو رضا وتسليم وارن کي پنهنجو مطيع بنائي ٿو ڇڏي. سندس ترڪش جي ان ٻن ٽن تيرن ڏسڻ بعد سندس نماڻن نينن جو نهايت نزاڪت ڀريو نقشو ڏسو:

اکڙين آرام، ڪڏهين تان ڪونه ڪيو،

هنيون منجهه حمام، کاڻيون کوري وچ ۾.

انهيءَ بيت ۾ عاشق جي اکين جي نفسيات نروار ڪئي ويئي آهي جن کي هميشہ حمام ۾ رهندي به آرام نصيب نٿو ٿئي. اکين جي آلاڻ کي حمام سان تعبير ڪري وري گريه جي گرميءَ کي کوري جي کامڻ سان ياد ڪيو ويو آهي. حالانڪ اکيون پاڻيءَ ۾ آهن پر سوز فراق ۾ هميشہ اهڙيون بيقرار آهن جو گويا کوري ۾ کامي رهيون آهن. ائين پاڻيءَ ۾ باهه پيدا ڪري ڏيکارڻ سڀ ڪنهن شاعر جو ڪم نه آهي. وري ٻي هنڌ شاه صاحب جي اکين جا احسان ڏسو:

مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،

ته پڻ پرين  پسن، کڻان جي سامهون.

فقط اکين جي اشاري سان اين ما تو لوافثم وجهه الله جو تفسير پيش ڪيو ويو آهي. حالانڪ اهو خيال جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون ۾ اڳ ئي آيل آهي. مگر هتي رعايت لفظي جو شان بلڪل نرالو آهي. ڪوبه عاشق پنهنجي رقيب جو منهن ڏسڻ گوارا نه ڪندو آهي. مگر هي شاه صاحب جو ڪمال آهي جو هو اهي معجز نما اکيون پيش ٿو ڪري جو ياد جي صورت سان اهريون ته مانوس ٿي ويون آهن جو رقيب جي منهن ۾ به پنهنجي قريب جو قرب پائي ٿيون وٺن. شاه صاحب پنهنجي اکين کان تمام گهڻا ڪم ٿو وٺي. مثال طور سندس هڪ ڪم جو نمونو هن بيت ۾ ڏسو:

اکين ۾ ٿي ويهه، ته توکي واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه ڏيهه، مان نه ڏسان ڪو ٻيو.

پنهنجي پرين وٽ پاڻ کي رهائڻ لاءِ ڪا ٻي ڪابه جاءِ موزون نٿو سمجهي، آخرڪار کيس اکين ۾ وهارڻ جي آڇ ٿو ڪري. کيس ونين ۾ وهاري، ڇپرن ۾ ڇپاڻئي ٿو ڇڏي، جيئن ڪوبه انهيءَ پرده نشين کي ڏسي نه سگهي. وري سندس غيرت اهو گواره نٿي ڪري ته پاڻ سندس پاڪ پيشاني پسڻ کانپوءِ ڪنهن ٻي شيءِ ڏانهن نظر ڪري غور ڪري ڏسو ته انهيءَ سبت ۾ ڪيڏي نازڪ خيالي آهي. پنهنجي نازڪ بدن يار لاءِ اکين جهڙي ڪهڙي نه نفيس جاءِ ٿو ڳولي. رقابت ايتري جو ڪنهن کي ڏسڻ نٿو ڏئي غيرت اها جو غير کي ڏسڻ جي بدران پنهنجون اکيون پوري ٿو ڇڏي. مٿئين بيت ۾ به پنهنجي جاني کي پنهنجي اکين ۾ جاءِ ٿو ڏئي. هاڻي وري پرينءَ جي اکين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙڻ جي تقاضا جي تصوير ملاحظه ڪيو ۽ ڏسو ته انهيءَ مڪان جي مڪين ٿيڻ لاءِ ڪهڙو شرط ٿو وجهي:

جان تن ڪيئي نه تئن، سوئريان نهٿرو،

پرين پائيندا ڪئن، توکي اکڙين ۾.

هتي پنهنجي سرير کي سئي کان به سنهي ڪرڻ مان مراد آهي مالڪ جو هستي ۽ هوڏ وارو وجود وڃائڻ- وري پرينءَ جي اکين ۾ (سرمي وانگر) پائڻ آهي حقيقي محبوب جي رضامند حاصل ٿئي. ڏسو ته شاه صاحب جو فڪر بليغ ڪهڙا نه نازڪ ۽ نفيس الفاظ استعمال ڪري، هڪ عام خيال ۾ خاص حال پيدا ڪري ٿو وڃي. اسان شاه صاحب جي طالب خواه مطلوب جي چشمن جون هڪ ٻه چالون ڏٺيون. هاڻي ڏسون ته هو پنهنجي رقيب جي لاءِ ڇا ٿو چوي. دنيا جو اهڙو شاعر ڪو ورلي هوندو جو پنهنجي رقيبن لاءِ چاهت رکندو هجي، ليڪن شاه اهو شاعر آهي جو رقيبن کي به دل سان دعائون ٿو ڪري ته:

الله کر جين، مدي جن جي من ۾

اسان ۽ پرين جون، اميدون پسن،

تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.

شاعر جي خيال جي نزاڪت ڏسو. دعا گهرڻ جو سبب ڇاهي ۽ ان جو نتيجو ڪهڙو ٿو چاهي، جيئن ڪدورت ۽ ڪيني کي سيني ۾ سانڍيندڙ پنهنجي نيت جي مار کائي از خود خوار خراب ٿي مرن، محبت جي تذڪره ۾ تير جفا، اکين جي ادا ۽ رقيبن جي دعا جا ڪجهه مثال ملاحظه ڪياسون هاڻ ڏسون ته شاه صاحب عشق جي آزار جو عنوان ڪيئن ٿو بيان ڪري. ڪيترن ئي شاعرن محبت جي مريضن جي ترجماني ڪئي اهي اهو دوا به ڏيندو يا درد جي دوائي يار جي ديدار ۾ آهي وغيره. مگر شاه صاحب هڪ اهڙو مريض پيش ٿو ڪري جيڪو دوا کي نندڻ کانسواءِ ويڄن کي ورائي ٿو ڇڏي ۽ هميشہ مرض ۾ مبتلا رهڻ ٿو چاهي. هو تقاضا ٿو ڪري ته شايد انهيءَ بيماريءَ جي بهاني سندس سڄڻ اچي سندس خبر گيري ڪن ۽ حال ڏسن.

ويڄ م ٻڪي ڏي، الا چڱي م ٿيان

سڄڻ مان اچي، ڪر لاهوتي ڪڏهين.

جهڙي طرح شاه صاحب برهه جي بيماريءَ جو بچاءَ نٿو ڳولي تهڙيءَ طرح هو جدائي کان جدا ٿيڻ به نٿو چاهي ڇو ته هو فرقت کان اهو فيض حاصل ٿو ڪري جو پنهنجي پرئن جي پچار ۾ لڳا تار لڳو ٿو رهي ۽ پنهنجي طلب جي تار ٽٽڻ نٿو ڏئي. مطلب ته مالڪ پنهنجي سڪ جو سڳو سوريندو، سدائين تمنا ۽ تلاش ۾ تڙڦندو رهڻ ٿو چاهي:

ڏوريان ڏوريان م لهان، شال م ملان هوت

من اندر جي لوچ، مڇڻ ملڻ مان ماٺي ٿئي.

آخر ۾ اسان سهڻي سيد جي سر سهڻيءَ جو هڪ بيت ڏيئي بس ڪنداسون. انهيءَ بيت ۾ شاعر سهڻيءَ جو ميهار وٽ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٻڏي مرڻ جو سبب ٿو ٻڌائي ته هوءَ ڏينهن جو ڏم وٽ رهندي هئي ۽ فقط رات جو ميهار سان ملڻ ويندي هئي يعني ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ ڪرڻ چاهيندي هئي. اها روش آداب عشق جي بالڪل برعڪس هئي. جيڪڏهن سمورو وقت سڄڻ وٽ صرف ڪري ها ته ڪڏهن به مٿس ڪال نه ڪڙڪي ها. بيت ٻڌو:

ڏينهان گهاري ڏم سان، راتيان سان ميهار،

ورتائين ٻه پار، تيلهه مئي سهڻي.

شاه صاحب جا مٿان چوڏهن نڪتا فقط نموني طور پيش ڪيا ويا آهن ورنه اهڙا هزارين مثال ملندا جن ۾ انهن کان به وڌيڪ طاقت ۽ نزاڪت نظر ايندي ۽ بلا مبالغي چئي سگهبو ته لطيف جو سمورو ڪلام واقعي لطيف آهي ۽ منجهس ڪابه ڪثيف شيءِ ڪانه آهي.

 

-------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com