سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :21

 

ماهتاب منور عباسي

 

ڀٽائي (رح) نفسيات جو ماهر

 

ڀٽائي (رح) کي ماهر نفسيات بيان ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته نفسيات چئبو ڇاکي آهي؟ انسان جو خودپسنديءَ ۽ خودنمائيءَ جو شڪار ٿيڻ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ وڌ سمجهڻ. انسان جي فطري خواهش ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪو هن کي چاهي. عشق جو مسئلو، ان جي ابتدا ۽ عشق ۾ فراق ۽ وصال ٻئي لازم ۽ ملزم شيون آهن. انسان جو وحشي ۽ ساڳئي وقت نرم دل ٿيڻ. نفرت ۽ پيار جو مادو. نفسيات انسان جي زندگيءَ جي هر موڙ ۽ ساهه جي هر حرڪت ۾ نمايان ٿيڻ. عورتن ۽ مردن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا. همدردي ۽ پيار جو شديد احساس. اهي سڀ نفسيات جا مظهر آهن، نفسيات ڇا آهي؟ ان جا سڀئي ۽ هر هڪ مظهر نه سمجهي سگهبا آهن ۽ نه سمجهايا ويندا آهن، پر انهن جو احساس هر انسان جي دل جي هر حرڪت ۽ ڌڙڪڻ ۾ موجود هوندو آهي.

عمر مارئيءَ جي داستان ۾ ايترو غم ۽ ايترو اثر ڇو آهي؟ مومل. راڻي جي عشق ۾ ڇو اڙجي پئي؟ سسئي ۽ پنهون ڇو هڪ ٻئي سان ساري زندگي گذارڻ جو قسم کاڌو؟ ڄام تماچي ڇو صرف نوريءَ تي ئي ايترو مهربان ٿيو؟ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر جا ڪردار ڇو شاه صاحب چونڊيا؟ جيڪڏهن مٿين سوالن تي گهڙي کن غور ڪيو ويندو ته هر باشعور انسان کي هڪڙو ئي جواب ملندو ۽ اهو صرف هيءُ ته (ڀٽائي رح) شاعر هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ ماهر نفسيات به هو.

ڀٽائي (رح) جي هر شعر ۾ حقيقت جو ائين ته رنگ ڀريل آهي جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ هر شعر ۾ پنهنجي دل جو آواز صاف طرح ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو. ڀٽائي (رح) پنهنجي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي هر موڙ تي ان خاص سماج جي، جنهن جي هر پيداوار ترجماني ڪئي آهي.

هر هڪ شاعر، مفڪر ۽ اديب ان سماج ۾ رهندڙ انسانن جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪي هو لکي ٿو يا چوي ٿو ان متعلق ان کي موضوع به ان سماج مان چونڊڻا ٿا پون ۽ ان کي موضوع ايستائين نه ملي سگهندا، جيستائين هو نفسياتي طور انسانن جي مجموعي حرڪتن ۽ احساسن جي پرک نه لهندو هجي.

ڀٽائي (رح) به پنهنجي وقت جي، جن موضوعن کي مختلف ڪردارن جي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، اهي بلڪل نفسياتي آهن، جنهن معنيٰ ۽ حالتن ۾ سنڌ جي واديءَ جي عوام جي ترجماني ڪئي آهي. دنيا جي مشهور ماهر نفسيات ينگ جو مقولو آهي ته ماهر نفسيات لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عوام جي فطرت جو ترجمان هجي ۽ انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هن جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي هجي، جنهن سان هن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو عام ماڻهن جي صحبت ۾ گذريو هجي. انهي نظريه کي سامهون رکندي جڏهين اسين ڀٽائيءَ جي ڪلام ڏانهن نظر ورايون ٿا ته اسانکي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڀٽائي (رح) عام ماڻهن جي جذبات ۽ فطرت جي جيڪا ترجماني ڪئي آهي؛ تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو هڪ عوامي شاعر کان علاوه ماهر نفسيات به هو. اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ چٽيءَ طرح سان واضح ٿيل آهي ته ڀٽائي (رح) عشق ۽ محبت جي هرهڪ ۽ سڀني داستانن ۾ پيار سان ڪنهن به رشتي کي منسلڪ ڪونه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي خيال موجب پيار ۽ محبت سان ڪنهن به رشتي جو تعلق پيدا ڪرڻ خود پيار جي توهين ڪرڻي آهي.

انسان فطري ۽ نفسياتي طور خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آهي، پر ساڳئي وقت جيڪڏهن ان جي زندگيءَ ۾ غم جو ڪوبه عنصر ڪونه هوندو آهي ته سندس زندگي خالي، ڦڪي ۽ بي سواد پئي نظر ايندي آهي. ڀٽائي (رح) پنهنجي ڪلام ۾ عشق ۽ محبت جا ڪيترائي داستان بيان ڪيا اهن ۽ ساڳئي وقت جدائي ۽ وصال جون حقيقتون به. پر جدائي ۽ بيوفائيءَ جي قصن کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. خوشي ۽ غم ٻئي هڪ ٻئي جي ابتڙ شين ۽ احساسن جا نالا آهن، پر اهي ڇو هڪ ئي وقت انساني ذهن ۽ جذبات تي اثر انداز ٿيون ٿين ۽ تسڪين به ڏين ٿيون. اهو سڀ انهيءَ ڪري ته نفسياتي طور اهي سڀ ڳالهيون ضرورتن جو روپ ڌاري چڪيون آهن ۽ ڪنهن به وقت انساني خيال ۽ عمل کان الڳ ٿي نه سگهنديون.

ڀٽائي (رح) جو مغلن جي گهراڻي ۾ هڪ نينگر سان پيار.......... سندس چيچ کي ڏسڻ ۽ پڪڙڻ........ تنهن کانپوءِ جا واقعات جيڪڏهن انهن سڀني کي گڏي هڪ هڪ ڪري ملائبو ته هڪ پوري نفسياتي ڪهاڻي بڻجي پوندي.

ڀٽائي (رح) جو رڻن ۽ پٽن ۾ گهمڻ، ٿرن ۽ واري ۾ لٽجي وڃڻ سڀ نفسيات جو مظهر هئا:

لڳي لڳي واءُ ويا انگڙا لٽجي.

انهيءَ ۾ هيءَ ڳالهه ته ضرور ثابت ٿي ٿئي ته ڀٽائي (رح) پنهنجي جوانيءَ جي زماني کان وٺي نفسيات جو ڄاڻو هو.

ڀٽائي (رح) پنهنجي شعر کي عورت جي زباني پيش ڪري ٿو. عورت ئي محبت آهي ۽ شاعري ۽ محبت جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي، ليڪن انهيءَ مان صرف عورت جي اهميت کي واضح نٿو ڪجي، بلڪ مرد به انهيءَ سلسلي ۾ اهميت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڀٽائي (رح) جي رسالي ۾ روحاني راز خدا ڏانهن آهن، پر ظاهري طور سسئي، پنهون، سهڻي، ميهار لاءِ جيڪي شعر چيل آهن تن مان ظاهر آهي ته مرد ۽ عورت ٻنهي جي زندگي هڪ ٻئي کانسواءِ نامڪمل ۽ ناممڪن آهي. انهي پهلو ۾ ڀٽائي (رح) عورتن جي نفسيات کي واضح ڪيو آهي ۽ انهن جي جذبات ۽ احساسات جي اهڙي ته سهڻي طرح سان عڪاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جو ڪنهن به ماهر نفسيات عورت جي جذبات جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني نه ڪئي هوندي.

ڀٽائي (رح) عورت جي محبت کي، جنهن بلند نظرئي سان پيش ڪيو آهي، هڪ ماهر نفسيات ئي اهڙي طرح پيش ڪري سگهي ٿو. هن اهو به واضح ڪيو آهي ته عورت جڏهن ڪنهن مرد جي محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿي ته ان جي سامهون ذاتي مفاد ۽ مقصد نٿو ٿئي، بلڪه هو انهيءَ کان گهڻو بلند ۽ پاڪ مقصد لاءِ جدوجهد ڪري ٿي، جنهن کي شعوري تعلق چيو ويندو آهي. انسان جي سامهون جڏهن ڪو اهڙو مقصد هوندو آهي جيڪو ذاتيات يا ذاتي مفاد کان بلند تر هوندو آهي ته اهو زندگيءَ ۾ هڪ نمايان تبديلي پيدا ٿو ڪري. جڏهن ذاتي مفاد سامهون هوندو آهي تڏهين زندگيءَ جو مقصد صرف پنهنجي خواهش جي تڪميل، مسرت ۽ ذاتي اطمينان ۽ آرام ئي هوندو آهي، ليڪن جڏهين زندگي جي اقتدار ۾ تبديلي ٿئي ٿي ۽ ذاتي مفاد جي بجاءِ هڪ بلند تر ۽ وسيع تر مفاد سامهون اچي ٿو تڏهن زندگي جي ڪامرانين ۽ مسرتن جو معيار يڪسر تبديل ٿيو وڃي. مسرتن سان گڏو گڏ غم به هڪ حقيقت معلوم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ جيڪي شيون ذاتي مفاد جي معيار کان مسرت جو باعث هيون، پوءِ زندگي لاءِ ناقابل قبول نظر اچن ٿيون. ڏک، درد ۽ مشڪلات زندگي لاءِ لازم حقيقتون معلوم ٿينديون آهن ۽ جڏهين عورت جي دل ۾ محبت انهي بلند مقصد جي روپ ۾ پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ ان جي سامهون ذاتي مفاد بلڪل باقي نٿو رهي.

اهڙيءَ طرح هن جي زندگي ۾ هڪ نئو پاڪيزه، بي لوث ۽ بي غرض ۽ بلند مقصد پيدا ٿي وڃي ٿو، جو هن کي زندگي جي لڪل حقيقتن کان آشنا ڪرائي ٿو.

ڀٽائي (رح) جي رسالي ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته گهڻنئي نفسياتي ڪتابن وانگر هي صرف انساني زندگيءَ جي پيچيده مسئلن جو حل پيش ڪرڻ لاءِ صرف چند آسان ۽ مقرر ڪيل اصولن کي پيش ڪرڻ تي ئي قناعت نٿو ڪري، بلڪ زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو نفسياتي تجزيو پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي اهو موقعو ملي ٿو ته هو انهيءَ جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي سمجهن ۽ پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن.

 اسانجي تهذيب انهيءَ منزل تي پهچي چڪي آهي، جتي اچي اسانکي انهيءَ ڳالهه جي شديد ضرورت محسوس ٿي ٿئي ته اسين پنهنجي باري ۾ شعوري آگاهي حاصل ڪريون ۽ هڪ ٻئي کي شعوري ۽ نفساتي طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ باهمي همدردي، پيار ۽ همت سان هڪ ٻئي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تعاون ۽ مدد ڪريون. ڀٽائي (رح) جو رسالو وقت جي انهيءَ تمام وڏي ۽ اهم ضرورت کي پورو ڪري ٿو.

مشهور مغربي مفڪر ڊاڪٽر سورلي ڀٽائي (رح) تي ڪافي ريسرچ ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ شاه صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ڀٽائي (رح)، جنهن ماحول ۾ رهندي انساني فطرت ۽ جذبات جي جيڪا ترجماني ڪئي آهي اها هڪ ماهر نفسيات به نٿو ڪري سگهي.

ڀٽائي (رح) جو رسالو عورت ۽ مرد کي (پيار جي تعلق سان) پنهنجي حقيقت ۽ پنهنجن مسئلن کي سمجهڻ ۽ مرد کي عورت جي زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ جو موقعو ڏئي ٿو. ڀٽائي (رح) جي رسالي ۾ ٺيٺ نفسياتي شعر پيش ڪيل آهي، تنهن ڪري انهيءَ کي صرف ظاهري معنيٰ ۾ نه پر ڳوڙهي سوچ ويچار جي ضرورت پيش اچي ٿي.

ڪن هنڌن تي ڀٽائي (رح) جا شعر ڪافي مشڪل نظر اچن ٿا، ليڪن انهن ۾ جيڪي حقيقتون پوشيده آهن، تن کي سمجهڻ بيحد ضروري آهي. اسانجي زندگي جي گهڻن مشڪلاتن جو سبب انهن حقيقتن کان لاعلمي آهي. ڀٽائي (رح) جي رسالي پڙهڻ کانپوءِ اسين فخر سان چئي سگهون ٿا ته علم نفسيات ۾ ماهر ٿيڻ رڳو مغربي مفڪرن جي حصي نه آيو آهي، بلڪه ڀٽائي (رح) ڪنهن به حالت ۾ انهن کان گهٽ نه هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com