سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :8

 

لطف الله بدوي

 

شاهه ڀٽائي جو سنڌ جي رسمن بابت مطالعو

 

شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه جي غير فاني ڪلام جي اندر جي روحاني ۽ جداني تاثر موجود آهن، انهن کان قطع نظر پنهنجي شعر جي اندر سنڌي تهذيب ۽ تمدن جي بابت جي رهاڻيون ڪيون اٿس انهن جو نقش سندس حب الوطني جو اڻ مٽ يادگار آهي. اها حب الوطني ڪا معمولي نه آهي. مگر سندس شعر جي هر لفظ ۽ لفظ جي هر حرف مان صاف چمڪندي نظر ٿي اچي. انگلنڊ جي مشهور نقاد ۽ مصنف ڪارلايل پنهنجي هم وطن شاعر ۽ تمثيل نگار وليم شيڪپيئر جي بابت ڪهڙو نه عمدو لکيو آهي ته:

جيڪڏهن اسان کي چيو وڃي ته شيڪسپيئر کي هندستان تي قربان ڪيو ته اسين جيڪر شيڪسپيئر تي هندستان کي قربان ڪري ڇڏيون.

شاهه ڀٽائي منهنجي نظر ۾ شيڪسپيئر کان گهڻو بلند آهي. آءٌ ڪارلايل جذبي جو احترام ڪريان ٿو، هو هڪ خوددار قوم جو فرد هو ۽ هن کي اهڙي جوش واري جذبي جو اظهار زيبا هو، مگر اهو تصور هر هڪ قوم پرست ۽ محب وطن جي اکين لاءِ سرمون آهي. هيءُ ڪا بيجا دعويٰ نه آهي. انگريز مصنف پنهنجي قومي تمثيل نگار جي خصوصيتن کان مرغوب ٿي کيس دنيا جي اڳيان بي مثل ۽ بي نظر پيش ڪري ٿو، ان جهڙيون خصوصيتون شاهه ڀٽائيءَ جي ذات گرامي سان به وابسته آهن. دنيا جا عظيم الشان مفڪر پنهنجي دل آويز تخيل، دلڪش محاڪات، دلربا گفتگو سان پنهنجي ڪلام کي شيرين ۽ متين بڻائي دنيا کان خراج تحسين پئي وصول ڪندا رهيا آهن. جا شاهه ڀٽائي پنهنجي ڪلام تي مهر دوامي نه هڻي ڇڏي آهي؟ علامه اقبال سچ فرمايو آهي:

 

نہ اڻها پهر کوئي روي عجم کي لالہ زارون سي

وهي آب و گل ايران وهي تبريز هي ساقي

 

اهائي سنڌوندي جي وسيع وادي ۽ بي سنگ و ميل واريءَ جون ڀٽون، مگر شاهه ڀٽائي جو مثيل وري پيدا ٿي نه سگهيو آهي.فاصبترو يا اولي الابصار! آخر شاه ڀٽائيءَ جي شعر ۾ اها ڪهڙي مقناطيسي قوت ۽ جاذبيت آهي، ڇا سامعين کي صدق سان پنهنجي طرف ڇڪي ٿي وٺي. هر مصنف ۽ مضمون نگار کي حق آهي ته شاهه جي شعر کي پنهنجي رنگ ۾ پيش ڪري کيس ڪيمياگر، تمثيل نگار، رومي ثاني ۽ ٻيو ڪجهه ثابت ڪري، مگر سندس شعر جي حقيقي عظمت فقط سندس مادر وطن جي محبت ۾ مضمر آهي. سندس ڪلام جي جنهن به حصي کي وٺو، ان ۾ اسان کي اهائي خصوصيت نظر ايندي. سرڪلياڻ اسلامي تصوف جي زنده جاويد اصولن جو شاهڪار آهي، مگر انجي اندر به اهوئي نقش نگار موجود آهي:

 

ارتڙ ڪنهن نه اولئا، ستڙ ويا سالم،

هيڪائي هيڪ ٿيا احد سين عالم،

بي بها بالم، آگي ڪئه اڳهم.

 

سنڌ جي ڪچي ۾ جنهن سفر ڪيو هوندو ان کي خبر هوندي ته درياه جي ڀر تي ڪيتري قدر نه ملاح ٻيڙيءَ کي ستڙ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن غلطي وچون هو اوتڙ وڃي پوندا آهن ته ڪيتري قدر نه کين ٻيڙيءَ کي ڪناري تي آڻڻ ۾ مشقت ڪڍڻي پوندي آهي. اڪثر مهاڻا هن مشقت کي ٽارڻ لاءِ اجهاڳه پاڻي کي جهاڳي، ڪنهن ستڙ تي وڃي پهچندا آهن هن سڄي بيت ۾ شاه ڀٽائي روحاني دنيا جي اهم نڪتي جي وضاحت ڪئي آهي. مگر انجي اندر جا تشبيہ ڏني اٿس انکي جيڪڏهن اسين ڪنهن سادي مهاڻي جي آڏو پيش ڪريون ته هو ان کان اوترو متاثر ٿي ويندو، جو اسانجا ڊگها وعظ به کيس ان منزل تي پهچائي نه سگهندا.

تصوف جهڙي مشڪل مضمون ۾ جتي هن عجيب موشگافيون ڪيون آهن، اتي هن هل لحظي لاءِ به پنهنجي عزيز وطن جي ثقافتي نشونما کي پنهنجي هٿ کان نه ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي جو جهنگ، ۾ ريڍار ۽ ٻڪرار، شهر ۾ عالم ۽ استاد يڪسان سندس سحر آفرين شعر کان مستفيض ٿيندا رهن ٿا. هي خدا جو دين آهي. جنهن کي هو عطا ڪري. ذالک فضل الله يوتيہ من يشاء. ٻي هنڌ فرمائي ٿو:

 

سخر مڪر سڌ سري جي، جي تون ٽارين ٽوه

 

ٽوه، سنڌ جو هڪ ڪڙو ڦل آهي. شراب جي ڪوڙاڻ کي ٽوه جي ڪڙي ذائقي سان ڀيٽ ڪري، شعر کي ايترو ته عام فهم بڻائي وڌو اٿس جو انجي عالمانه تشريح جي ڪا ضرورت ئي نه ٿي محسوس ٿئي. ڪٿي ڪٿي زهربه ڪم آندي اٿس، پر توه جي ڪم آڻڻ ۾ جا جدت آهي، ان کي ٽوه جا واقف ئي سمجهي سگهن ٿا. زهر زهر آهي، مگر ٽوه ۾ ڪوڙاڻ سان گڏ اصلاح به آهي. اهڙي ريت شاه جي زنده جاويد ڪلام ۾ سنڌ جي تهذيب و تمدن جي نقش کي اهڙي ريت ته سمويو ويو آهي، جنهن کي هر سنڌي سيني سان لائي پنهنجي قومي امانت ٿو سمجهي.

 

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو هڪ ٻيو منظر

 

ڀٽ شاهه بس اسٽاپ (حيدرآباد هالا سڙڪ تي)

 

تاريخ تحفةالڪرام جو مصنف علي شير قانع پنهنجي تصنيف ۾ سنڌ جي هڪ دلڪش رسم پکين جي ٻولين مان تفاوت ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ڪانءُ کي سنڌ جي گهر گهر ۾ قاصد سان منسوب ڪيو ويندو آهي. انتظار ڪشيده دل ته ڪانءُ کي محبوب جو قاصد سمجهي ساڻس روح رهاڻ ڪندي آهي. اڏر اڏر ڪانءُ منهنجا پرديسي ڪڏهن ايندا. هيءُ ته رواجي جملو آهي، جو هر گهر ۾ ٻڌبو آهي. منهنجو شاه ڀٽائي انهيءَ مخصوص انداز ۾ فرمائي ٿو:

 

اڏر لڳ الله، ويلو ڪر م وچ ۾

آءٌ جو ڏيئي سنيهو، سانڍ برابر ساه،

سندي ڳجهاندر ڳاه، ڪهنج م قريبن ريءُ.

----------

وهلور وريا پرين، آءٌ ڪانگا وڻ ويهه

جنين ڏور چيتاريو دير، سي اڏامي آڻ پرين.

 

هن عجيب رسم جو شاه ڀٽائي هڪ درد ناڪ نظارو، سر حسيني ۾ ٿو ڏيکاري. سسئي موهوم اميد جي آسري تي ڀنڀور کان الوداع ڪري رهي آهي، سرتيون ۽ جيڏيون هڪ طرف، سندس ماءُ پيءُ ٻي طرف کيس وقت ۽ مڪان جو نشيب ۽ فراز سمجهائي رهيون آهن، مگر سسئي اُٻريل اکيون کڻي کين ورندي ٿي ڏئي:

 

گهوڙا! گهڻي ڀون، ووءِ ووءِ وڃن نڱيا

مادر مٿان مون، ڪانگ لوندا ڪڏهم.

 

هوءَ ڪانگ لنوڻ کان قطعي نااميد ٿي چڪي آهي. صاحب تحفةالڪرام لکي ٿو ته ماڻهو تتر جي آواز کان به نيڪ ۽ بد کي معلوم ڪري وٺندا آهن. عام طرح سنڌ جي توهمات ۾ هي داخل آهي ته تتر جيڪڏهن رستي ويندي کٻي پاسي کان ٻوليندو آهي ته ان کي نحس سمجهيو ويندو آهي. شاه ڀٽائي هن کي عجيب وهمي رسم کان به واقف هو. سر ديسي ۾ فرمائي ٿو:

 

ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جت رڻ تتو رائو

تتر ٿئي  ۾ تن کي ڏونگر ۾ ڏائو

جڏهن ڄام پنهون جھائو، تڏهن ٿي وس وڻڪار ۾.

 

پکين جي ٻولين جي اهميت جو اشارو شاه ڀٽائي سر معذوري ۾ هڪ هنڌ هيئن ٿو ڏئي:

 

پڇي پہ پکين کي، پئي منڌ پرياڻ

ڏنس ڏيہ وڻن جا، تن الله لڳه اهڃاڻ

----------

 

اڳئين وقت ۾ چرخي ڪتڻ جي رسم ۽ رواج سنڌ ۾ عام هو. مگر انگريزن جي آئي کانپوءِ جڏهن لورپول ۽ مئنچيسٽر کي فروغ حاصل ٿيو، تڏهن هيءَ رسم سنڌ جي گهرن مان بتدريج گم ٿيڻ لڳي. ان هوندي به هي رسم اسانجي ڳوٺاڻي زندگي ۾ ڪٿي ڪٿي اڃا تائين آهي. ڳوٺاڻن گهرن ۾ چرخي ڪتڻ وقت آتڻ ۾ عجيب چهچٽو لڳندو آهي. هرڪا پنهنجي چرخي کي چورڻ شروع ڪندي آهي. اُن وقت سرتين ۽ جيڏين جي کل ۽ خوشي هڪ عجيب قسم جي بهار پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. شاه ڀٽائي هن مسرت بخش رهاڻ کان پوري ريت واقف هو.

 

ڪوجو وه ڪاپاتين، ڪنبن ۽ ڪتن

ڪارڻ سود سواريون، آتڻ منجهه اچن

اُن جي سونهه سيد چئي، صرافئي سڪن،

اگهئا سٽ سندين، پائي تارازي نه توريا.

 

سسئي، پنهون جي پويان پٻ وڃي رهي آهي. شاه ڀٽائي ان منظر کي هيئن چئي زياده سوزو گداز پيدا ٿو ڪري:

 

هو آتڻ، هو چرخو، هو اورڻ اولاڪو،

صبح سڀاڪو سرتيون ڪيم وسارجو.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

امڻ! وڃي آڻ، چرخو آتڻ وچ مان

ڪتم جنهين ڪاڻ، سو ڪرهيارو ڪيچ ويو.

 

 آتڻ جي وچ ۾ چرخو، ڳوٺ وارين جي لاءِ واقعي جي عجيب ورنهن هوندي هئي.

-----------

سنڌ ۾ اڪثر رواج آهي ته جڏهن فصل تيار ٿيڻ تي ايندو آهي ته غريب هاري ان جي قلت سبب لاباري کان اڳ ۾ سنگن کي ڪٽي اُن مان ان ڪڍي ڪجهه ويلا ٻار جي تيار ٿيڻ تائين، ائين ٽاريندا آهن. سارين جي پوک ۾ ته اها سٽ عام ٿيندي آهي. پر ڪڻڪ ۽ جوئر جون آڀون گڏ ڪرڻ جو به رواج عام آهي. شاه ڀٽائي ان رواج جي طرف هيئن ٿو اشارو فرمائي:

 

اڄ پڻ انگيم انگ، مٿان حبيبن جي

جا پرسوٽي سنگ، سا پرٿي سورن سين

--------

 

موت هڪ اٽل شيءِ آهي. ان تي روئڻ جون، هر هڪ ملڪ ۾ جدا جدا رسمون آهن. سنڌ ۾ جڏهن ڪا ڏهاڳڻ ٿيندي آهي ته پهريائين اڪثر انجا سڀئي زيور لاٿا ويندا آهن. سسئي کان پنهون کسجي ويو آهي، انجو ڏک ڪو معمولي ڏک ناهي. هوءَ اهي سڀئي رسمون ادا ڪري ٿي جي ڏهاڳڻ لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. هوءَ پنهنجي زيورن کي هيئن چئي لاهي ٿي:

 

سانڍ پنهنجي ساهه، ٻانهي ٿي پورا ڪري

واڳيون جي ورن سين، تن سرتين سيج سهاءِ.

 

پڙ تي روئڻ ۽ پٽڻ جو رواج سنڌ جي زالن ۾ عام آهي، جنهن کي پار ڪڍڻ چئبو آهي، ٻيو رواج هيءُ به آهي ته جيستائين پٿر پيل هوندو آهي، تيستائين همدردي جي طور پٿر تي رات جو قريبي رشته وارن کي سمهڻو پوندو آهي. شاه ڀٽائي ان رسم جو ذڪر ڪندي هيئن ٿو فرمائي:

 

سرتيون سوراتن جي، ڪہ ٿيون پٿر پون

گاءُ نه ڳلن گهٽ جو، ريامون ٿون رون

چيتاريو چون، پار منهنجي پرين جا.

 

شاه ڀٽائي جي ڪلام مان اسان کي سنڌ جي تجارتي سلسلي سامونڊي سفر جي چٽائيءَ سان خبر پوي ٿي. سر سامونڊي ۾ انهن سڀني حقيقتن، رسمن ۽ رواجن جي خبر پوي ٿي جي ان وقت موجود هئا. سنڌ جو شايد سلون سان ان زماني ۾ به تجارتي تعلق ٿو معلوم ٿئي جنهن ڏانهن شاهه ڀٽائي هيئن ٿو اشارو فرمائي:

 

لنڪا لنڪا ڪن، لاءِ لنڪا جي اوهڙئا

سڻي سون لنڪا جو سک نه سامونڊين.

 

اهي سامونڊي اڪثر سياري جي مند ۾ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا، جڏهن منجهس ڪوبه شر ۽ شور نه هوندو هو ۽ پاڻي ماٺيڻو هوندو هو، اڪثر هو پنهنجي سفر کي ڏياري جو ڏڻ گذارڻ جاري رکندا هئا، جئن شاه ڀٽائي فرمائي ٿو:

 

ڏٺي ڏياري، سامونڊي سڙهه سنباها،

وجهو ور ونجهه کي روئي وڻجاري

ماريندءِ ماري، پره سور پرين جا.

 

هي سامونڊي تقريباً  ڇهه مهينا سفر ۾ گذاريندا هئا ۽ بهار ۾ موٽندا هئا، جئن ڀٽائي فرمائي ٿو:

 

لڳي اتر اُهريا، واهوندن ورن

 

ڇهن مهينن جو اوسيڙو ڪو ٿورو ناهي، وڻجاريون پنهنجن ورن لاءِ رات ڏينهن پيون نهارينديون هيون. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي وڻجارا اڪثر هندو هوندا هئا، ڇو ته شاه ڀٽائي انهن جي رسمن جو ذڪر افراط سان ڏئي ٿو. هندو عورتون جڏهن آسائتيون هونديون آهن ته جر تي آکا پائينديون آهن. اٽي جا ڏيئا ٺاهي، مٿن سندر جا ٽڪا ڏيئي گهر مان ٻاري ٿالهي ۾ رکي جر تي وڃي رکي اينديون آهن. سنڌ ۾ اڪثر کوهن تي سهاڳڻ هندو عورتون، ميڙ ڪري، هيءَ رسم بجا آڻينديون آهن. شاهه ڀٽائي ان رسم ڏانهن اشارو ڪري فرمائي ٿو:

 

اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارڻ جون

آڻئو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ جي

 

ٻي رسم هندن ۾ آهي ته اهي پپر جي وڻن ۾ ڳاڙهي ڪپڙي جون جهنڊيون چاڙهيندا آهن انهيءَ لاءِ ته سندن آس پوري ٿئي. شاه ڀٽائي ان ڏانهن پنهنجي غيرفاني ڪلام ۾ هيئن ٿو اشارو ڪري:

 

جر ٿر ڏي، وڻ ٻڌي وائنٽيون

الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.

 

ڪن صاحبن، شاه جي ڪلام ۾ اکن ۽ وائنٽين جي رسم جو نقش ڏسي، اعتراض اٿاريو هو ته اهو شاه موحد جو ڪلام ٿي نه ٿو سگهي مگر انهن کي ڏسڻ گهربو هو ته اسانجي محبوب شاعر جو انهن جي بيان ڪرڻ کان مقصود ڇا هو؟ شاه ڀٽائي وطن دوست هو، هن جو ڪجهه پنهنجي وطن ۾ پئي ڏنو، ان کي پنهنجي ڪلام ۾ پئي گڏ ڪيو. غير معمولي جذبات انسان کي ٻئي انسان لاءِ محبت ۽ همدردي پيدا ڪري ٿي جيڪڏهن حساب شاعر جي اک ان تي نه پوي ته ٻيو ڪنهن تي پوندي. نقل کفر، کفرنباشد جي مصداق ڏنل شيءِ کي بيان ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙو گناهه آهي. ساڳي ريت هڪ معترض جو اعتراض ياد ٿو پوي جنهن شاه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ عمرڪوٽ کي امرڪوٽ بڻائڻ جي بيسود ڪوشش ڪئي آهي. ان صاحب کي ڪهڙي خبر ته شاه عبداللطيف جو عمرڪوٽ کان مفهم ڪهڙو آهي. هن وٽ عمرڪوٽ ۽ امرڪوٽ جو بحث نه هو مگر هن مارئي جي سوزو گداز کي هيئن ٿي پيش ڪرڻ گهريو:

 

اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت.

 

مارئي عمر جي ڪوٽ به هئي يا امر جي. هن فيصلو اصحاب بصيرت ئي ڪري سگهن ٿا.

مضمون طويل ٿيندو وڃي ٿو، آءٌ شاه ڀٽائي جي ڪلامن مان انهن حقيقتن کي جمع ڪيو آهي، جنهن سنڌ وارن جي نظر ۾ سندس شعر کي قريب قريب الهامي درجو ڏنو آهي. هي سڀ سندس حب الوطني جو نتيجو آهي. حياتي وفا ڪئي ته ڪنهن ٻي مجلس ۾ ٿر جي رسم ۽ رواج جو ذڪر ڪيو ويندو، جن جي متعلق شاه جي رسالي ۾ افراط سان اشارا موجود آهن.

حکايت بودي پايان بخاموشي ادا کردم

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com