سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :28

 

اي نه مارن ريت

جن ڪراين ڪچ جا، ور ساهيڙيون سي!

ات اڪنڍي آهيان، منہ ماروءَ جي،

پکن سين پاڙيان، هنڌ هتي جا هي،

اهل اباڻن کي، مري شال ملهائيان.

* * *

ڪراين ڪروڙ جا، چوڙا ڪوڙا جن،

سو مرڪ ماروئرن جتان لوڪ لڄ ٿئي،

* * *

ڪارا ڪراين ۾ سون اسان کي سوءِ،

ور جيڏين سين جوع، فاقو فرحت ڀائيان!

* * *

اي ته مارن ريت، جنءِ سين مٽائن سون تي

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،

پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

* * *

عمر! اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪنءِ ڪن؟

جنين جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن،

هوءِ جا حق ڀڃن، سي ڪنءِ ستيون؟ سومرا

* * *

آئون ڪنءُ سوڙين سمهان؟ مون ور گهاري ول

کٿيري تان کل، عمر! ڪج م ايهڙي!

* * *

آئون ڪنءَ سوڙين سمهان؟ مون ور گهاري سڃ!

ور اباڻن سين اڃ، کوءِ شربت تهجو، سومرا!

(سر مارئي)

 

واجهائي وطن کي

الا! اي م هوءِ، جنءِ آن مران بند ۾

جسو زنجيرن ۾، راتو ڏيهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مرپڄنم ڏيهڙا.

* * *

آئون بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي پييس بند،

منهين لڳو ميهڻو، ڪ منهين ڪڙو ڪنڌ؟

مران جي هن هنڌ، ته نجاه مئٿ ملير ڏي.

* * *

واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساه

بت مهجو بند م قيد م ڪريجاه

پر ڏيهياڻي پري ري، ڌارم ڌريجاه،

ٿڌي وسائجاه ٿرن جي، مٽي مئي مٿاه،

جي پويون ٿئي پشاه ته نجاه مڙه ملير ڏي.

* * *

واجهائي وطن کي، ساري، ڏيان ساه

هي ساڙيہ سامهون، مهجو نج، ميان!

مقامياڻي مارئين، وڃي ٿڙ ٿيان،

ميائي جيان، جي وڃي مڙه ملير ڏي.

* * *

 

واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،

گور منهنجي سومرا، ڪج پهنوارن پاس

ڏج ڏاڏاڻين ڏيہ جي منجهان ولڙن واس،

ميائي جياس جي وڃي مڙه ملير ڏي.

(سر مارئي)


 

اکيون اوهان جي آسري

ناسيندي نگاه، پهرين ڪج پرين ڏي،

احوال عاجزن جا، آکج لڳ الله،

روز نهارن راه، اکيون اواهنجي آسري.

* * *

ناسيندي نظر، پهرين ڪج پريڻ ڏي،

قمر! ڪهج قريب کي، نست آئون نٻر،

ٻي ڀيڻي ناهم ڀر، اکيون اواهنجي آسري.

* * *

ناسيندي نرت! پهرين ڪج پرين ڏي،

قمر! ڪهج قريب کي ساري ساڻ سرت،

ٻئو ڀروسو نه ڀت، اکيون اواهنجي آسري.

* * *

ناسيندي نهار، پهرين ڪج پرين ڏي،

آئون جي ڏيئن سنيها، چئج چنڊ! اپار،

ساڄن سڀ ڄمار، اکيون اواهنجي آسري.

* * *

آئون جي ڏيئن سنيها، سي تون چنڊ! پليءَ ٻنڌ،

چئج حال حبيب کي، نئي نوڙائي ڪنڌ،

تو تيڏانهن پنڌ، جيڏاه عالم آسرو.

(سر کنڀات)

 

عشق جنين کي آڪرو

ڪونہ آڳہ اهڙو، جهڙي محبت من،

اڀيون اورايين پار ڏي، ڪوڙيون ڪکه پڇن،

ندي تن نير ٿئي، جي ري ترهي ترن،

سڪر ساڻي، سوهڻي، اصل عاشقن،

سي جهليون ڪين ڪنن، پڇن جي مهار کي.

* * *

پڇن جي مهار کي، پڇي سي مهار،

تر هو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.

* * *

عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تن،

جي ساهر کي سڪن، تنين جو جنڊ ٿئي.

* * *

ترهو آڇ م تن کي، جن عشق سين آگاه،

پڇي مس ملاح، ساهڙ مڻي سوهڻي.

* * *

ساهڙ سا سوهڻي، سائر پڻ سوئي،

آهي نجوئي ڳجهه ڳجهاندر ڳالڙي.

(سر سهڻي)

 

اندر جنين اڃ

جي سجهاثي سڪ، ته پڻ سڪي سسئي

پيتائين پنهوءَ سين، هڏ نه ڀڳس هڪ

ان تڙ منجهان تڪ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.

* * *

محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار،

پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،

پنهو! پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اُجهايان.

* * *

محبت سندو من ۾ پر پيالو جن،

پيڻ پرچا ناه ڪو، ڪہ جہ ڏاه ڏڀن

تت نهايت ناه ڪا، جہ سڃا سڃ وڃن،

ليلاه اڄ مرن، سدا سائر سير ۾.

* * *

سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اڃ،

پسڻ جو پريءَ جو سا سڀائي سڃ،

تيلاه مرن اڃ، سدا سائر سير ۾.

* * *

ساڄن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي،

اندر جنين اڃ، پاڻي اڃئو اُن کي.

(سر سسئي آبري)

 

سي اڏامي آڻ پرين

آءُ اڏامي ڪانگڙا! پارانڀان پچار،

ويهي هتي وصال جو، تان ڪو تر توار

جي ڏسڻ ۾ ڏيسار؛ سي اُڏامي آڻ پرين.

* * *

پارانڀان پچار، مٿي لا م لطيف چي

ڦير م فضيلت تون؛ جا ڪر اوان جي ڪار

جي ڏني ۾ ڏيٺار؛ سي اُڏامي آڻ پرين.

* * *

وهلو ور؛ وريا پرين، آءُ ڪانگا! وڻ ويہ

جنين ڏور چيتاريو ڏيہ، سي اُڏامي آڻ پرين.

* * *

وهلو ور، وريا پرين؛ آءُ ڪانگا! لنءُ لات

ويا جي قلات، سي اُڏامي آڻ پرين.

* * *

ڪانگل! سي ئي ڪوٺ، پرين جي پر ڏيہ وئا

جنين ري جهان ۾ ؛ اکڙين اَروٺ،

الله لڳ؛ لطيف جي ڪج ڳاراچو ڳوٺ،

جي ڏمرئا ڪہ ڏوٺ، سي اُڏامي آڻ پرين.

* * *

اُڏر لڳ الله ويلو ڪرم وچ ۾

آئون جو ڏيئي سنيهو؛ سانڍ برابر ساه

سندي ڳجهاندر ڳال؛ ڪهج ، قريبن ري.

(سر پورب)

سڪ نه آهي سٿري

جان عاشق مٿي رت؛ تان دعويٰ ڪري م نيهن جي؛

سائو منهن؛ سونهن گئي؛ سڪڻ ايءُ شرط

نه ڪي گوڏ گرٿ؛ مٿان سر سودا ڪري.

* * *

اڃا تو منجهان؛ ڪکه ڇتي رت نڪري

منهن ۾ معشوقن جا؛ ڪئن جهليندي گهاءُ

سو تو ڪڄاڙيا؛ سڪڻ جون سڌون ڪرين.

* * *

سڪڻ اي نه سڌ، جئن لڪيو لياڪا پائين؛

پئي پريان جي نه ٿيين؛ مٿي اڱڻ اڌ؟

اي پڻ ڪوڙي سڌ؛ جئن کليو؛ کايو سمهين.

* * *

سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هيڪڙي،

وهڻ واٽڙين تي؛ ڪارڻ ضروري؛

ٻنهي جي پوري؛ جيءَ ڏني ري نه جڙي.

* * *

سڪ نه آهي سٿري؛ کڻ پروڙي پير؛

ڪسڻ ڌاران ڪير؛ ڪري سڌ سڪڻ جي؟

* * *

جي ڪي سکڻ سکه؛ نات پس سڪنديين

پاسي تنين م لڪ، نيہ نه سڃاڻن جي.

(سر يمن ڪلياڻ)

عشق نه آهي راند

محبت جي ميدان ۾ اچي پير پيان؛

سر وڍڻ؛ ڌڙ ڌار ڌرڻ؛ ايءُ سينگار سندان؛

ڏيندا مون ڏٺان؛ مٿا محبوبن ليءِ.

* * *

محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ؛

سر سوري ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽ

عشق نانگ نپٽ خبر کاڌن کي پوي.

* * *

محبت جي ميدان ۾، سر جو سانگ م ڪر،

لاهي سر لطيف چي، دوسن اڳيان ڌر،

عشق نانگ اپر، کاڌن کي پوي.

* * *

محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪرم سانگ

سوريءَ سپرين جي، چڙه ته ٿيين چانگ

عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.

* * *

محبت جي ميدان ۾، ڪڏي پو ڪاهي،

ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتي! لاهي،

عشق نانگ آهي، خبر کاڌن کي پوي.

* * *


 

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو،

جيءَ، جسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند،

سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿيي.

(سريمن ڪلياڻ)

پتنگ چايين پاڻ کي

پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،

آڻيو وجهن آڳ ۾، جيءُ پهجو جي،

جيري جنين جي، لڳا نيزا نيہ جا.

* * *

پتنگ چايين پاڻکي، ته اچي اڳ اُجهجاءِ،

پڇڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،

واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.

* * *

پتنگ چايين پاڻکي، ته ڄيري پوءُ ڄاڻي،

تان تان تاڻج تو ڏي، جان آڳ نه اُجهاڻي،

وسہ وهاڻي، آڳ نه ڏجي عام کي.

* * *

پتنگ چايين پاڻکي، پسي مچ م موٽ؛

سهائي سترين جي؛ گهڙ ته ٿيين گهوٽ؛

اڃان تون اروٽ؛ کوري خبر نه لهم.

* * *

پري پتنگ آئيا؛ سري وٽ ساهي،

اچي پئا آڳ ۾؛ ڪڏي سڀ ڪاهي؛

ڌڳاپا لاهي؛ کاڻا کوري وچ۾.

* * *

 

پتنگن پہ ڪيو؛ مڙيا مٿي مچ

پسي لهس نه لڇيا؛ سڙيا مٿي سچ؛

سدا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

(سر يمن ڪلياڻ)


 

سوري آه سينگار

سوريءَ سڏ ٿئو، ڪا هلندي جيڏيون؟

وڃڻ تن پيو، نالو نيہ ڳنن جي.

* * *

سوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي

جي اٿئي سڌ سڪڻ ۾، ته ڪو م پيو پري،

سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻون.

* * *

سوري آه سينگار، اڳهين عاشقن جو،

مڙڻ، موٽڻ ميهڻون؛ ٿئا نظاري نروار؛

ڪسڻ جو قرار؛ اصل عاشقن کي.

* * *

سوري سينگاري اصل عاشقن کي؛

لڌئا ڪين لطيف چي؛ ٿئا نيزي نظاري؛

ڪوٺيو ڪناري؛ آڻيو چاڙهي ان کي.

* * *

سوريءَ مٿي سيڻ؛ ڪهڙي ليکي سنرا؟

جيلہ لڳا نيڻ؛ تيلهه سوري آئي سيڄ تي.

* * *

سوري چڙهڻ؛ سيڄ پسڻ؛ اي ڪم عاشقن؛

پاهون ڪين پسن؛ سائو هلن سامها.

(سر ڪلياڻ)

 

اسين سڪون جن کي

هٿن سين هاج ڪر؛ نيڻن سين نهار؛

اُڀا اڱڻا پار؛ پس بهجا سپرين.

* * *

اسين سڪون جن کي؛ سي اسين پاڻ؛

هاڻ وڃ گمان؛ صحي سڃاتا سپرين.

* * *

اسين سڪون جن کي؛ اسين پڻ سيئي؛

لم يلد ولم يولد ونءُ اوڏاهين پيهي؛

تها منجهيئي؛ پارک پرکج حق کي.

* * *

ڏسڻ ڏسين جي؛ ته همہ کي حق چئين؛

شارڪ شڪ م نين، انڌا انهي ڳال ۾.

* * *

مہ ڪر منجهارا، ٻهرا ڍونڍ م ڍور جنءَ؛

جي اکڙيين آرا؛ ته ڪنڌي اچڻ ڏاکڙو.

* * *

آڏو جو اثبات کي؛ سو شرڪ لاهي شڪ

هئي جہ ۾ حق؛ تہ تفيءَ جهو ناه ڪو.

* * *

وڏي تان ان واٽ ۾ ٻيلپ ٻيائي،

آهي اونداهيءَ جو، شرڪ سهائي،

چٽي چٽائي، الف جي عينڪ ۾.

(سر آسا)

پنهو ٿيس پاڻ

پيهي جان پاڻ ۾؛ ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏنگر ڏيہ ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهو ٿيس پاڻ؛ سسئي تان سور هئا.

* * *

ڏنا جيڻ لءِ جيڏيون! ڏيرن مون کي ڏک؛

ڀڳيس جان ڀنڀور کان؛ تان سور مڙيئي سک،

لٿي مون تان لک؛ پنهون ٿيس پاڻهين

* * *

پنهو ٿيس پاڻ؛ وئو سسئيءَ جو شرم،

هيڪليون هلن جي، ڀڄي تن ڀرم،

جو وندر ۾ ورم، سو سودو سرئس هتهين.

* * *

پنهون پاڻهين، ويئي سسئي جي سونہ

خلق آدم علي صورتہ، ايءَ وڻن منجهه ورونہ

چري منجهان چونہ، کڻي هوت ڪئو.

* * *

ويئي سونهن سسئيءَ جي، پنهو ٿيس پاڻ،

سڀن جي، سيد چي، آهي اُت اُماڻ،

ڀنڀور جا ڀاڻ، آڏا عجيبن کي.

* * *

 

وهم ورساياس، نات پنهون آئون پاڻ هئي،

پاڻ وڃايم پاهجو، پئي پريان جي پاس،

رتي علم نه راس، ڌارا پسڻ پريءَ جي.

(سر سسئي آبري)


 

جن وڃايو وجود کي

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز،

سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چو.

* * *

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود،

وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چو.

* * *

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪئو،

مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،

ڪبي ات ڪيهي؟ ڳال پريان جي ڳجهه جي.

* * *

ڳال پرياڻ جي ڳجهه جي، ڳال مڙوئي ڳجهه،

هيڙا! اُجهه م منجهه، ته پريتنئون پرين ٿيين.

* * *

صورت سوجهيم تہ جي، پي پڇين ٿو جو،

سخن ناهي سو؛ جو مہ مقابل نه ٿئي.

* * *

سڃاپي نه صورت ري؛ صورت هڏم سوجهه،

ٿي ٻاراڻي ٻوجهه؛ وڃائي وجود کي.

* * *

جن وڃايو وجود کي، سي فاني ٿئا في الله ۾

نه ته قيام نه قعود؛ نه ڪو ڪن سجود؛

جيلاه ٿيا نابود، تيلاه گڏئا بود کي.

(سر آسا)

پاڻہ صورت پريءَ جي

عاشق چو م ان کي، م ڪي چو معشوق

خالق چو م خام تون؛ نه ڪي جو مخلوق؛

سلج تهين سلوڪ؛ جو ناقصئا نڱئو.

* * *

وحدتا ڪثرت ٿي؛ ڪثرت وحدت ڪل

حق حقيقي هيڪڙو؛ ٻوليءَ ٻيءَ ۾ ڀل،

هو هلاچو هل؛ باالله سندو سڄڻين.

* * *

پاڻہ جل جلال؛ پاڻه جان جمال؛

پاڻہ صورت پريءَ جي؛ پاڻہ حسن ڪمال؛

پاڻہ پير مريد ٿئي؛ پاڻہ پاڻ خيال؛

سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

* * *

پاڻہ پسي پاڻکي؛ پاڻہ محبوب،

پاڻہ خلقي خوب؛ پاڻہ طالب تن جو.

* * *

سو هي؛ سوهو؛ سو اجل؛ سو الله؛

سو پرين؛ سو پساه؛ سو ويري؛ سو واهرو.

(سر ڪلياڻ)

-----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com