سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :26

 

شاهه جو پيغام

 

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم

والي واحد وحده رازق رب رحيم

سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.

* * *

جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين

خاوند خاص خلقي محمد مڪائين

ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چايائين

نا مولاڪ انت محبوبي، ايهم اتائين

ڏکي ڏنائين، ٻئي سرائون سد چئي.

 

الله جنءَ نالوءِ

الله جنءَ نالوءِ، تنءَ مون وڏو آسرو،

خالق تهجي کاند جو، پرو پاند نه ڪوءِ،

نال رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.

* * *

صاحب تهجي صاحبي، عجب ڏنيسون،

پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون،

جيڪر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

* * *

وڏي سگهه سندياءِ، باجهن ڀريو آهيين،

مون تان مهر م لاه، آئون تهيجي آهيان.

* * *

مٺو جنءَ نالوءِ، تنءَ مون وڏو آسرو،

ڪو در ناه جهوءِ، مون ٻيا در گهڻا نهاريا.

* * *

جيڏو تهجو نانءُ، ٻاجهه به تيڏيائي مڱا،

ري ٿنڀين، ري ٿوڻين، تون ڇپر، تون ڇانءِ،

ڪڄاڙو ڪهانءَ، توکي معلوم سڀڪا.

* * *

م ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،

تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.

* * *

ستر ڪر ستار! آئون اگهاڙي آهيان،

ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناه جو.

(سر ڏهر)

ههڙو حال سندوم

ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجئا!

سيهي جو سيد چي، وکر وهايوم!

ههڙو حال سندوم، توه تهجي اُبهان.

* * *

ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا!

پڃرو جو پاپن جو، چوٽيءَ تائين چور!

معلوم اٿيئي مور، ڳورها! انهم ڳال جو.

* * *

ڪوڙ ڪماءِ م ڪچ اُٿي اوڙ الله سين،

ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،

محبت سندو من ۾، ماڻڪ! ٻارج مچ،

اِن پر اُٿي اچ، ته سودو ٿيئي سفرو.

* * *

سودو اهوئي سفرو، سو مون پلءِ پاءِ،

وس ويچاري ناهه ڪو، تون آگا! عرض اُناءِ،

ري همراهيءَ هادي جي، مور نه مڙي ماءِ،

لطف ساڻ لنگهاءِ، لهرو لهرن وچ مان.

* * *

سڙه سوان، لاجو نوان، مهاڻا سندن مير،

ساٿي سفر هلئا، ٿيا سڻاوا سير،

جي اچن ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين!

(سر سريراڳ)

تون پارس، آئون لوه

ڄاڻين تپ نه ڄاڻ، اي در اٻوجن جو،

ان در سي ئي اگهئا، جن نه ڀانيو پاڻ،

ريجهاڻو، راڄاڻ، آهي اٻوجهن جو.

* * *

ڏڌ ٿي ڏان گهرج تون، ڇڏ وڄا وڃائي،

سپڙ رات سنباهيا، تازي تو لائي،

جو ڄاڻي نه ڳائي، تہ سين ٻيلي ڌڻيءَ ٻاجهه ڪي.

* * *

سپڙ ساه پساه، جاجڪ! جم وساريين،

ريهي رپي سنديون، تندون تنبي کي پاءِ،

لنگها! تون ليلاءِ، اڳيان وڃي ان جي.

* * *

تون سپڙ، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئو ڏڏ،

سڻي تهجو سڏ، ڪلي پاتم ڪينرو.

* * *

تون سپڙ، آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئون ڏوه،

تون پارس، آئون لوه، جي سڃين ته سون ٿيان.

* * *

ڏاتار ته تون، ٻئا مڙئي مڱڻا،

ميہ ته مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

(سر پرڀاتي)

مون ور وڏي ذات

ڪر ڪو ڀيرو ڪاند، مون نماڻيءَ جي نجهري،

پرين تهجي پاند، ڍوليا ڍڪي آهيان.

* * *

جنءَ تون قائم ڪاند، تنءَ آئون ور! ولهي نه ٿيا،

پکي ڇنا پاند، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻئو.

* * *

ڪاند ٻين ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،

مٿان ڏيئي هٿ، جہ عيب مهجا ڍڪيا.

* * *

ڪاند ٻين ڪيترا، مون ور وڏي جوءِ،

لوڪ نه آڇي اوءِ، جي ڏسي ڏوه اکن سين.

* * *

ڪاند ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کاند،

پاڻا ڪڍي پاند، جي ڏسي ڏوه اکن سين.

* * *

ڪاند ٻين ڪيترا، مون ور وڏي ذات،

لوڪ نه آڻي وات، جي ڏسي ڏوه اکن سين.

* * *

ور سين وجهئو ڪاڻ، کر سين کلڻ ڀائيين،

ڀوري منڌ اڄاڻ! ڪڻ ڇڏئو، تہ ميڙين.

(سر ڏهر)


 

تون سمون، آئون گندري

تون سمون، آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،

پسي راڻن روءِ، متان ماڱر مٽيين.

* * *

تون سمون، آئون گندري، مون ۾ عيب اپار،

پسي لي لغار، متان ماڱر مٽيين

* * *

تون سمون، آئون گندري؛ مون ۾ عيبن ڪوڙ،

پسي ککي کوڙ، متان ماڱر مٽيين!

* * *

تون سمون؛ آئون گندري، مون ۾ عيبن ويہ،

پسي مئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽيين.

* * *

تون سمون، آئون گندري؛ مون ۾ عيبن لک،

هن مهجي حال جي، توکي سڀ پرک،

ڪارڻ رب الک، متان ماڱر مٽيين.

* * *

تون تماچي، تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مي،

مون ڏهاڳه م ڏي، آئون جا نالي سيس تهجي.

* * *

تون تماچي، تڙ ڌڻي، آئون گندري غريب

توسين، ڄام! قريب، ڪي ڏن ڄڏائي، ڏيج مون.

(سر ڪاموڏ)

ستا اُٿي جاڳه

ستا اٿي جاڳه، ننڊ نه ڪجي ايتري

سلطاني سهاڳه، ننڊن ڪندي نه ٿئي.

* * *

ڪي سمہ ڪي جاڳه، ننڊ نه ڪجي ايتري،

اي مانجهاندي جو ماڳه، جو تو ساڻيہ ڀائيو.

* * *

جاڳڻ منجها جس، آهي ادا! تہ کي،

لاهي جو لطيف چي، مٿان قلب ڪس،

ورنه ڪجان وس، صبح ساڻ، سيد چي.

* * *

ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرين جي،

وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

* * *

هي تان ٿورڙيون، جي تون ڀورا! پسي ڀليين،

رانيون ٻيون گهڻيون، جي تو اينديون هيڪليون.

* * *

سمهڻان ساڙو، جيڏيون! جيڏوئي ٿيو،

هوت لنگهيا هاڙهو، تون اناسي اوجهرين.

* * *

پره ڦٽي، رات گئي جهيڻا ٿيا نکٽ،

هاري! ويئي وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

(سر ڏهر)

جا تو ڏٺي اڇ

سچ ڪ سڪو ڍور، ڪندهيءَ اڪ ڦلارئا،

جنگن ڇڏئو زور، سر سڪا، سونگي گيا؟

* * *

سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪندهيءَ ڏٺو ڪائو،

سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،

ماڙهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.

* * *

جان واهڙ ۾ واه، تان تون مڇ نه موٽيين،

ڪائي ۾ ڪوه ڪريين، پوءِ موٽڻ جو پہ؟

سر مٿي سہ، مهميزون ملاحن جون.

* * *

جان جر هئڙو جال، تان تون مڇ نه موٽيين،

پونديءِ اڄ ڪ ڪال، سانڀويون سانگن جون.

* * *

جان جر هئڙو سير، تان تون مڇ نه موٽين،

آڏا اڏي ڪير، گهٽ به جهليا گهاتئين.

* * *

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تہ پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

* * *

جا تون گهڙي گهٽ، مانگرياڻي مڇرا،

نيئي پڇاڙيا ڀٽ، تہ ڪنڌيءَ ڪڍي ڪيترا.

(سر ڏهر)

رس م، رسڻ گهورئو،

رس م، رسڻ گهورئو، اٺ اوراهون آڻ،

ليڙي جو لطيف چي، تنگ سوارو تاڻ،

شرمنديون سڀين پرين، پنيٰ لائج پاڻ،

اچي مشڪ ماڻ، ته ، سوڍا! سکياڻي ٿيان.

* * *

رس م، رسڻ گهورئو، پرچ، م وانءُ پري،

ماريس ڦٽ فراق جي، جهت جي ذري،

لالن جي، لطيف چي، سونهائي سري،

آيس تو ڳري، ته سوڍا! سکياڻي ٿيان.

* * *

رس م، رسڻ گهورئو، راڻا! ڇڏ رياءِ،

ميٽ مدايون موٽ تون، ڪري نرت نياءُ،

لالن جو، لطيف چي، ڪونہ سونہ سياءُ،

اوڳڻ ڍڪي آءُ، ته سوڍا! سکياڻي ٿيان.

* * *

رس م، رسڻ گهورئو، ڇڏ، راڻا! ريڏائي،

منهنجي ميٽ، ميڌرا! عاقل اگلائي،

لپيٽج، لطيف چي، ڪامل! ڪچائي،

ڪر معاف مدائي، ته سوڍا سکياڻي ٿيان.

(سر مومل راڻو)


 

سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻون

ليلا! جم لکائين، سوڀي! ساڻ سڃاڻ،

آهيين گهڻو اڄاڻ، مڇڻ پوري نه پئين.

* * *

ليلا، پوري نه پيئن، چئي چنيسر ساڻ،

تو جو ڀانيو پاهجو، سو ريساڻو راڄاڻ،

پاڻا ڌار پرياڻ، ڪاند ڪهجو نه وڻي.

* * *

چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! تون م لکاءِ،

دوس تنهنجو داسڙو، کاند وڏيائي کاءِ،

ته ڍولو ڍڪ سندياءِ، عيبن کي آڏو پئي.

* * *

چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ م تون،

اي ڪاند ڪهجو نه ٿئي، نه ڪا مون نه تون،

رنديون ڏنيون مون، ان در مٿي دادليون.

* * *

ليلا! حيلا ڇڏ، جي تون، سوڀي! سکيين،

پائي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ،

هڏ نه چنده لڏ، جي ڪارون آڻيين ڪاند کي.

* * *

جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج،

آسرو م لاهيج، سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻون.

(سر ليلا چنيسر)

ڏاهيون ڏکه ڏسن

ڏاهي ٿيس ڏيہ ۾، سرتين منجهه سڃاڻ،

ڪا جا پيم ڪاڻ، جنءُ مہ مٿاهون نه کڻان.

* * *

الا! ڏاهي م ٿيان! ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.

* * *

وڏيري هياس، ميڙو مون گهر سرتين،

هٿ ڇهڻ هار جي، ڪڙي ڪاند ٿياس،

ڍولي ڍيلياس، آيم ڏنءُ دهاڳه جو.

* * *

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دهلين، دمامين، نقرين، ٿي پليل پڇياس،

ڍپلي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيہ ۾.

* * *

هيس هندورن ۾، پيم ڪان پروڙ،

مڻيي سندي مامري، ڪوجهي وڌيس ڪوڙ،

سامها ٿيم سور، وتو ولٽي ولهو.

* * *

ڏهاڳا سهاڳڻيون، ڪهڙي ڏوه ڪنبن،

ور وڏوڻو ايهين، جنءَ جن پاڻ پسن.

* * *

 

گهوريو سو سهاڳه، جہ ۾ پسين پاڻ کي،

ڏوري لہ ڏهاڳه، جہ ڪر لاهو داسڙو.

(سر ليلا چنيسر)

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com