سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :13

 

رشيد احمد لاشاري

 

شاه جي ڪلام ۾ لاعلميءَ جو فلسفو

 

سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته سڀڪو پاڻ کي سير سڏائي ٿو پر پاءُ ڪوبه نٿو سڏائي. حقيقت ۾ اها چوڻي اسان جي قوم جو هڪ نفسياتي تجزيو آهي ۽ انهيءَ جي روشنيءَ ۾ اسين دنيا جي اڳيان پنهنجي اسلاف جو آزمايل هڪ اهڙو فلسفو پيش ڪري سگهون ٿا، جنهن جي عقده ڪشائيءَ لاءِ دنيا جا وڏا وڏا فلاسفر اڄ ڏينهن تائين سرگردان آهن. انهي فلسفي کي عام اصطلاح موجب لاعلميءَ جو فلسفو چيو ويڃي ٿو، جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته انسان ڪنهن شيءِ جي حقيقت کي ڪڏهن به سمجهي نٿو سگهي. يعني ڪيترين ڪوششن جي باوجود اسين ڪنهن شيءِ جي حقيقت معلوم ڪري نٿا سگهون. مثلاً، اسان کي اها ته خبر آهي ته اسان جو مادو تحليل ٿيڻ کانپوءِ ايترن ننڍڙن ننڍڙن ذرڙن ۾ ورهائجي ٿو وڃي جو اُنهن کي وري ٻيهر تحليل ڪري نٿو سگهجي. پر ساڳئي وقت اڄ ڏينهن تائين اسين اها حقيقت معلوم ڪري نه سگهيا آهيون ته مادي جي انهن تحليل ذرڙن جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ اهي ڪيئن وجود ۾ آيا ۽ ڪٿان آيا؟ اهڙيءَ طرح اسين هڪ صوف هٿ ۾ کڻون ٿا ۽ ائين سمجهون ٿا ته اسين انهيءَ صوف کي چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. پر غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اسين اُن کي بلڪل نٿا سڃاڻون. ڇاڪاڻ ته اسين ڏسون ٿا ته صوف هڪ خاص مقدار رکي ٿو. اُن ۾ خوشبوءِ آهي، رنگ آهي، سواد آهي ۽ اهڙيون ٻيون وصفون موجود آهن، جن کي قديم يوناني فلسفي جي اصطلاح موجب عرض سڏيو وڃي ٿو. يعني ان صوف ۾ ڪابه شيءِ جوهر قائم بالذات (پنهنجي ذاتي جوهر جي ڪري قائم) نه آهي. بلڪ ڪيترن ننڍن ننڍن ذرن ۽ جدا جدا وصفن کي صوف سڏيو وڃي ٿو حالانڪ صوف هڪ قائم بالذات (پنهنجي ذات جي ڪري قائم) شيءِ آهي؛ انهيءَ هوندي به اسان کي صوف جي اصلي حقيقت ڪجهه به شي معلوم ٿي نٿي سگهي.

علت ۽ معلول جو سلسلو، جو اسين ڪنهن شيءِ ۾ قائم ڪريون ٿا، سو جيتريقدر تحقيقات وڌندي ٿي وڃي اوتريقدر بيڪار ۽ بي اعتبار ثابت ٿيندو ٿو وڃي. هڪڙو راز کلي ٿو ته وري ٻيو پيدا ٿئي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح انسان کي پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ هرهڪ مسئلي جي سلجهائڻ ۾ لڳاتار ڪانه ڪا رنڊڪ درپيش ايندي ٿي رهي ۽ کيس هر حالت ۾ پنهنجي لاعلميءَ جو احساس ٿئي ٿو. ايتريقدر جو هو پنهنجي مادي جي حقيقت سمجهڻ کان به قاصر آهي. سر کي سمجهي ٿو ته ڌڙ جي خبر نٿي پويس ۽ جيڪڏهن ڌڙ جي تحليل ڏانهن ڌيان ٿو ڊوڙائي ته سندس سر يعني عقل ساٿ نٿو ڏئي:

سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه!

هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ؟

وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا.

ڄاڻڻ گهرجي ته علم ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪ عالمن وارو ۽ ٻيو جاهلن وارو. جهڙيءَ طرح سج، چنڊ، زمين ۽ آسمان ۽ اهڙين ٻين شين کي هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو به ڄاڻي سڃاڻي ٿو ۽هڪ عالم ۽ فلاسفر به. پر ٻنهي جي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي؟ اهو ساڳيو حال لاعلميءَ جو آهي. هڪ فلسفو به ڄاڻي ٿو ته هو خدا جي حقيقت کي نٿو سمجهي سگهي ۽ هڪ جاهل به انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪري ٿو، پر ٻنهي جي اقرار ۾ جيڪو نمايان فرق آهي، سو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. عمر خيام کي لاعلميءَ جي انهيءَ فلسفي تي وڏو ناز هو. سندس چوڻ آهي ته هر هڪ ماڻهو انهيءَ لاعلميءَ جي درجي تائين نٿو پهچي سگهي:

تو بـﻶ خبري بـﻶ خبري کار تو نيست

هر بـﻶ خبرﻵ را نہ رسد بـﻶ خبري

اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو شاعر چوي ٿو:

تا بجا ئـﻶ رسيده دانش من

کہ بدانم همـﻶ کہ نا دانم

يعني،هينئر منهنجو علم انهيءَ درجي تي وڃي پهتو آهي، جو مان ڄاڻان ٿو ته مونکي ڪجهه به نه ٿو اچي.

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ به زندگيءَ جو صحيح سڪون انهيءَ لاعلميءَ ۾ ئي سمجهي ٿو ۽انساني ڏاهپ کي علم جي انتها ۽ زندگيءَ جو رهبر سمجهڻ جي بدران ڏکن جو ڏاج ٿو سمجهي:

الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک پسن،

مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ڀال ڪيا.

شاه صاحب جوچوڻ آهي ته هن دنيا جون حقيقتون اهڙيون ته منجهيل ۽ ٽڙيل پکڙيل آهي.جو انسان ان جي حقيقت کي ڪڏهن به پروڙي نٿو گهي.قدرت جا ڪرشما ائين ته ڳتيا پيا آهن، جيئن ڪنهن مانڊي منڊ پکيڙيو هجي، پر انسان پنهنجي معمولي معلومات جي ڦونڊ ۾ ڀرجي، لاعلميءَ جي بدران، حقيقت جي انتها پاڻ تي ئي ختم سمجهي ٿو ۽ان مانڊي جي منڊکي ٽوڙي اڳتي وڌڻ جي هرگز ڪوشش نٿوڪري:

عالم آئون ساڻ، ڀريو ڀير ڪري،

پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکيڙيو.

انهيءَ عظيم غلطيءَ جي ڪري، انسان پنهنجو پاڻ کي هر حالت ۾ ڪامل ٿو سمجهي ۽ پنهنجي علم جو اقتدار ۽ پنهني عقل ۽ عرفان جو سڪو سڄي دنيا تي ڄمائڻ چاهي ٿو. پر کيس اها خبر ئي ڪانهي ته انهيءَ لاعلميءَ کان نفرت ڌاري، تڪبر جي پيالي پيڻ مان عزازيل کي ڇا حاصل ٿيو؟

اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ؟

ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏا ايءَ نه آءُ،

ان سرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.

شاه صاحب جي انهيءَ هدايت جو اصل مقصد هيءُ آهي ته انسان دنيا جي علمن ۾ ڪيڏو کڻي قابل هجي، پر هو ڪنهن به علم جي پهرين سٽ يعني اصل حقيقت معلوم ڪرڻ کان هر حالت ۾ قاصر آهي ۽ شين جي حقيقتن جو علم ڪلي الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به ڪونهي:

وسريوم سبق، پهرين سٽ نه سنڀران،

اڃا هيءُ ورق، هيءِ! مطالع نه ٿيو.

ظاهري علمن جا ڄاڻو ۽ لادين فلاسفر، تحقيقات جي عالم ۾ زمين کان آسمان تائين ته پهچي وڃن ٿا، پر اهو نٿا سوچين ته اها حقيقت. اڃا پري آهي، جتي زمين ۽ آسمان جي اها تسخير بلڪل بيڪار ۽ کل جهڙي نظر اچي ٿي:

جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،

نڪو ڇارو چنڊ جو، نڪو سج سرو،

اُتي آديسين جو لڳو دڳ درو،

پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.

انساني ارتقا جو اهو مرحلو اڃا پري آهي، جو رڳو ظاهري علم پڙهڻ سان حاصل نٿو ٿئي، پر ان جو دارومدار قلوب ۾ ڪڙهڻ تي آهي ۽ انهيءَ بعد ئي نانهن جي عالم ۾ دڳ درو قائم ڪري سگهجي ٿو. باقي جيڪڏهن رڳو دنيا تي تسلط قائم ڪرڻ جي ارادي سان ايٽمي قوتون ايجاد ٿينديون رهيون ۽ انساني تباهيءَ لاءِ سائنس جي علم جا ورق ورائبا رهيا ته اهو سڄو ڏوهه انهن علم جي اڪابرن تي ئي آهي، جي لاعلميءَ جي فلسفي کي ڇڏي پنهنجي ڪلي علم جي آڌار تي، پاڻ کي موت ۽ حيات جو ابدي مالڪ سمجهڻ لڳا آهن:

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،

پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائن وترا.

شاه صاحب جي تعليم مطابق، هر قسم جي تحقيق ۽ انڪشاف ايندڙ زماني جي ايجادن جو سرچشمو آهي ۽ اهو سڀڪجهه لاعلميءَ منجهان ئي حاصل ٿئي ٿو.

ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان کي اهو يقين ٿي وڃي ته اسين سڀڪجهه ڄاڻون ٿا، يا اسان کي اها خبر پئجي وڃي ته جنهن شيءِ جو اسان کي علم حاصل آهي، اسين اُن جي آخري حد تائين پهچي چڪا آهيون، ته پوءِ علمي تحقيقات لاءِ باقي ڇا بچندو؟ اسين اڳتي نين شين جي ڇو کوجنا ڪنداسين؟ ۽ علمي جدوجهد ۾ ڇو مشغول رهنداسين؟اهو لاعلميءَ جو ئي فلسفو آهي، جو اسان کي هر قدم تي اڳتي وڌڻ لاءِ موقعو ڏيندو ٿو رهي. ۽ اسين جيتريقدر ڄاڻون ٿا، تنهن کي ٻين لفظن ۾ اڻڄاڻائي يا لاعلمي سڏيو وڃي ٿو. يعني ڄاڻ هوندي به اسين ڪجهه نٿا ڄاڻون ۽ اسان کي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙڻ گهرجي. اها اڻڄاڻائي ئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين الله جي حقيقت يعني، معرفت الاهي تائين پهچي سگهون ٿا.الله هر هڪ جي آڏو آهي ۽ هر هنڌ موجود آهي. اسان جي اندر ۾ به الله ئي وسي ٿو پر اها ساڃهه اڻڄاڻائيءَ کانسواءِڪڏهن به حاصل ٿي نٿي سگهي،جنهن لاءِشاه صاحب جن فرمائين ٿا:

سڀڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالي ناه،

احدان جي ارک ٿيا،سي ڪائر ڪبا ڪاه،

محب منجهين من ماهه، مون ڄاڻيندي اجهيو.

لاعلميءَ جو فلسفو نه رڳو معرفت الاهي، بلڪ حقيقت محمدي جو به مظهر آهي. احد ۽ احمد ڇا آهي ۽ ميم جي پردي ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون عقل ۽ فلسفي سان ڪڏهن به هٿ اچي نٿيون اچي سگهن ۽ انهيءَ حقيقت جي عقده ڪشائيءَ لاءِ سڄي دنيا اڃا تائين حيران ۽ سرگردان آهي:

احد، احمد پاڻ ۾ وچان ميم فرق،

آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.

انسان جو لاعلميءَ جي اقرار کان انڪار جو ئي نتيجو آهي، جو هو پنهنجي مالڪ سان پنهنجي ڪلي علم جي حجت ٿو هلائي ۽ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جي اقرار کان انڪار جي حالت ۾ پنهنجو اُڌارو عطا ٿيل ٿورو گهڻو ڄاڻ به وڃائي ٿو ويهي:

سسئي ڪين سمجهيو، اوري آريءَ ساڻ،

ڪري پيک پنهونءَ سين، پاڌاريائين پاڻ،

ڄٽ وڃايو ڄاڻ، ٻانڀڻ ٻروچن سين.

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي،انسان جي ضعيف العقل ۽ قادر مطلق جي اڳيان سندس بي پهچ هستيءَ جو بلڪل صاف لفظن ۾ اقرار ٿوڪري ۽ فرمائي ٿو:

ڀينر آءٌ ڀوري، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو،

ڏيندا مون ڏير ويا،جهڄڻ ۽ جهوري،

لڳي جن لوري،ڏونگر سي ڏورينديون.

-----------

اديون! آئون اڄاڻ،مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو،

هوند نه سليم هيتري، ڪوهياري جي ڪاڻ،

رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ لڙايم جت سين.

شاه صاحب اڻڄاڻائيءَ جي انهيءَ ازلي امانت کي رڳو دنيوي زندگيءَ تائين محدود ناهي رکيو، بلڪ عالم برزخ ۽ عالم آخرت ۾ به سڄڻ کي سڃاڻڻ جو سهارو انهيءَ لاعلميءَ کي ئي سمجهي ٿو. جيئن ته سسئي جي روپ ۾ انهيءَ روحاني راز کي هن ريت ٿو ظاهر ڪري:

منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏنائين،

اڳيان اُٿي، اُن کي، پنهون پڇيائين،

ادا! اهائين، ڪو ڏٺو ساٿ سڄڻ جو.

يا وري سڪرات جي عالم ۾ سسئيءَ جي اڻڄاڻائي ڏسو:

اچي عزرائيل، ستي جاڳائي سسئي،

ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهون ماڻهو موڪليو.

شاه صاحب پنهنجي لاعلميءَ جي فلسفي موجب جيتوڻيڪ اسان کي اهو ٿو ٻڌائي ته توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو پر ساڳئي وقت پڇڻ ۽ پروڙڻ يعني اڻڄاڻ بنجي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ڄاڻ هوندي به پاڻ کي اڻڄاڻ سمجهڻ جي باري ۾ اسان کي بلڪل کليل لفظن ۾ للڪاري چوي ٿو ته:

ڪر ڪو واڪو وس، ويهه م منڌ ڀنڀور ۾،

چڙهي ڏاڍين ڏونگرين پير پنهونءَ جو پس،

ڏورڻ منجهان ڏس، اڳيان ٻاروچن جو.

-----------

سيڻن ڪارڻ سسئي، وڃڻ ڪجي وس،

جم ورچي ڇڏيين، سندو گنگن گس،

ڏوٿي ڏيندءِ ڏس، اڳيان ٻاروچن جو.

شاه صاحب جي انهيءَ لاعلميءَ واري فلسفي منجهان متان اهو اعتراض پيدا ٿيندو هجي ته اسان جي ملڪ ۾ جيترا به اڻ پڙهيل ۽ اڻڄاڻ ماڻهو آهن، سي سڀ فلسفي آهن، ۽ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. جيئن اسان جا عام اڻ پڙهيل صوفي فقير سمجهن ٿا:

اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر ائين اجار، پنا پڙهندين ڪيترا؟

شاهه صاحب ائين ڪين ٿو چوي ته هروڀرو هر ڪنهن ظاهري علم کي صفا ترڪ ڪري ڇڏجي بلڪه سندس پهرين تعليم ئي اها آهي ته اکر پڙهه الف جو ائين ڪونه ٿو چوي ته ڪجهه به نه پڙهه، پر الف جي اکر پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. يعني اهو علم، جنهن ۾ الف يعني الله جو راضپو موجود هجي سو پڙهه ۽ الله کان غير جا سڀ علم صفا وساري ڇڏ. يعني اُهو علم ئي ڇڏي ڏي، جنهن ۾ الله جو ناراضپو هجي.

سقراط جي باري ۾ مشهور آهي ته پنهنجي سڄي عمر علم ۽ فلسفي جي تحقيق ۾ گذاريائين، پر پڇاڙيءَ ۾ ائين چيائين ته بس، مون کي هاڻي چڱيءَ طرح معلوم ٿيو آهي ته مان ڪجهه به نٿو ڄاڻان. چون ٿا ته انهيءَ ڳالهه تي ماڻهن سقراط کان پڇيو ته جڏهن تون به ڪجهه نٿو ڄاڻين ۽ اسان به ڪجهه نٿا ڄاڻون، تڏهن تو ۾ اسان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ سقراط جواب ڏنو ته فرق رڳو هيءُ آهي ته مان اهو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نٿو ڄاڻان ۽ توهان کي اها به خبر ڪانهي ته توهان ڪجهه نٿا ڄاڻو. بس اهڙا ماڻهو، جي ظاهري اکرن ۾ اڙجي، پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي به اڻڄاڻائي ڪري نٿا سمجهن، حضرت شاه صاحب جن اُنهي جي حالت تي سخت افسوس جو اظهار ڪن ٿا ۽ فرمائين ٿا ته اهڙن ماڻهن ئي دنيا کي گمراه ڪيو آهي:

ملئين مٺو ماءِ! جيئن پتو ڦٿو پيٽ ۾

سڄائي الله، ٽٻي ڏنائون ڌوڙ ۾.

شاه صاحب جي انهيءَ فلسفي تي خوب غور ڪريو ۽ ساڳئي وقت نه رڳو جدا جدا مذهب جي ماڻهن، بلڪ خود اسلام جي فرقن ڏانهن به نظر ڊوڙائي ڏسو ته اُنهن جو پاڻ ۾ ڪيڏو نه اختلاف آهي! پر حقيقت ۾ اهي اختلافي مسئلا،اسان جي سمجهه ۾ ادراڪ کان گهڻو مٿي آهن.خدا جي ذات کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي باقي جيڪڏهن ڪو اختلاف آهي ته سندس صفتن ۾ جنهن صورت ۾ اسان خدا جي حقيقت کي ئي نٿا سمجهي سگهون، ته پوءِ سندس صفتن جي حد ڪيئن مقرر ڪري سگهنداسين؟

ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لکن لک هزار،

جيءُ سڀڪنهن جيءُ سين، درسن ڌارو ڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي، ڪيئن چوان؟

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ايڏي اڻڄاڻائيءَ جي باوجود هر فرقي کي اهو پورو پورو يقين آهي ته اسين حق تي آهيون ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن برخلاف هڪ اکر به ٿو ڳالهائي ته بس، اُهو سندن نظرن ۾ ڪافر آهي، ملعون آهي، مرتد آهي، گمراه آهي، جاهل آهي، سني آهي، شيعو آهي. مطلب ته سڀڪجهه آهي. پوءِ انهيءَ مذهبي تعصب ۽ فرقي بازيءَ جي ڪري خون جون نديون وهي ٿيون هلن ۽ هر هنڌ قيامت جو نطارو نظر اچي ٿو. اهڙن متعصب ماڻهن کان ڪو پڇي ته توهان جي نظرن ۾ توهان جي مخالف فرقي جو ماڻهو ته ڪافر، ملعون ۽ سڀڪجهه آهي، پر توهان پاڻ ڇا آهيو؟ جيڪڏهن ڪو مسلمان آهي ته اُن کي پهريائين اهو سوچڻ گهرجي ته الله سڄي دنيا جو خالق آهي ۽ سندس رسول، حضرت محمد مصطفيٰ نه رڳو مسلمانن جو، بلڪ سڄي دنيا جو رسول، رهبر ۽ هادي آهي. ۽ انسانيت جي لحاظ موجب اهو انسان سڀ کان بهتر آهي، جنهن جا عمل صالح آهن، ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي تعليم موجب اُهو ئي صحيح مسلمان آهي. حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي هڪ تنگ دل ۽ متعصب مسلمان کي بلڪل صاف لفظن ۾ للڪاري چوي ٿو:

ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪرٺائين،

دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.

اهڙيءَ ريت هڪ هندو کي تلقين ڪن ٿا ته هندو ڌرم ته امن ۽ شانتيءَ جو مذهب آهي. پر تون اُن جي بلڪل اُبتڙ هلي رهيو آهين، تنهنڪري اهو ڄڻيو توکي هرگز نٿو جڳائي:

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهيين، ڄڻيو تو نه جڳاءِ،

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

شاه صاحب جي انهيءَ تعليم مطابق، انسان فطرتي طرح خدا جي حقيقت کان اڻڄاڻ ڪونهي. پر ظاهري عناصرن جي اتصال جي ڪري ئي کيس اڻڄاڻائيءَ جي عالم ۾ گذارڻو پئجي ويو آهي. ڄاڻ، يا پاڻ سڃاڻڻ جو فطرتي عنصر سندس اندر ۾ اڳيئي موجود آهي. جو خدا جي ذات جي واحد ۽ لاشريڪ هئڻ لاءِ هر وقت آواز ڪندو ٿو رهي ۽ انسان کي اڻڄاڻ بنجي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو رهي ٿو. پر هو پنهنجي نفس اماره جي دام ۾ ڦاسجي انهيءَ ازلي آواز کي وساري ويٺو آهي. سندس ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آهن ۽ غفلت جي ڪري، قيامت جي ڏينهن، جتي دنيا جي عملن جو حساب ڪتاب ٿيندو ۽ ڪراماً ڪاتبين جهڙا شاهد سامهون ٿيندا، اُتي هن اڻڄاڻ ۽ غافل انسان کي ڳوڙها ئي ڳاڙڻا پوندا. جنهن لاءِ شاه صاحب فرمائي ٿو:

وحده لا شريڪ لہ ٻڌءِ نه ٻوڙا!

ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،

ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهان.

اڻڄاڻائيءَ ۾ منجهان ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري راه ته اصل کان موجود آهي. مگر اُن تي هلڻ جي لاءِ اسان انسانن جون اکيون، دنيا جي ڌوڙ سان لٽجي بند ٿي چڪيون آهن. انهيءَ پرينءَ جي پيچري جي اسان کي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي ۽ نه وري شاه لطيف جهڙو ڪو روحاني رهبر ئي هن وقت رهيو آهي، جو اسان معذورن جي دلين تان لوڀ ۽ لالچ جي لٽ لاهي، اڳتي هلڻ لاءِ آماده ڪري:

اوجهڙ اسونهن، ڏيهه گهڻو ئي دوريو،

سڳوريءَ سونهن، پهتي ڪانه پنڌ ڪري.

شاه صاحب پنهنجي تجربي منجهان ثابت ڪري ٿو ڏيکاري ته لاعلميءَ جي فلسفي کي نه سمجهڻ ڪري، اڄ جو انسان بلڪل انڌو ٿي چڪو آهي ۽ اُن کي معرفت الاهيءَ جي راه ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اهڙي انڌائيءَ جي حالت ۾ ڪائنات جي سچي رهبر حضرت رسول مقبول جي لاعلميءَ واري تعليم تمام ضروري آهي:

اکيون لٽ اوراتيون، ڪنهن پر ڪريان پير؟

لٽ لاهيندو ڪير؟ مون جيهن معذور کي.

مطلب ته اُن حقيقي رهبر جي هدايت کانسواءِ انسان انڌو آهي ۽ اُن کانسواءِ معرفت جو ماڳ هرگز نٿو ماڻي سگهي:

اکيون آريءَ ڄام جون، انڌيءَ سين آهين،

هو جي وڻ وندر جا، سي مون سنهائين،

ڏسيو ڏيکارين، پيشاني پنهونءَ جي.

انسان جڏهن فطرتي طرح اڻڄاڻ آهي ۽ خدا جي حقيقت کي هن زمان ۽ مڪان جي عالم ۾ هرگز نٿو سمجهي سگهي، تڏهن کيس گهرجي ته اُهي انسان جي عناصر جي عالم ۾ ڦٽڻ جي باوجود روحانيت جا وڌندڙ وڻ آهن ۽ سندن چوٽيون آسمانن کان به پري آهن، تن کان اُنهيءَ محبوب جي ماڳ جو ڏس پتو معلوم ڪرڻ گهرجي. جيئن هڪ موڙهل انسان معرفت جون چوٽيون چڙهي، پنهنجو منهن ۽ مان مٿي ڪري سگهي:

وارو مون وڻاه! ڪا سڌ سنهپ جي نه ڏيو؟

ايءَ اهائي ڳالهڙي، شجر سڻيجاه،

جوٽي چاڙهيجاه، ته موڙهي ڪو منهن ٿئي.

------------

وارو مون وڻڪار! ڪا سڌ سنهپ جي نه ڏيو؟

آهي اسونهينءَ جي، مٿي ٿو ميار،

وڙهيا ويراڳڻ سين، لڪن جا ليار،

ڪريان ٿي ڪوار، ڪنڊن ڪانڊيرن جي.

شاه جي تعليم مطابق هيءُ دنيا مصيبتن ۽ ڏکن ڏاکڙن جو ميدان آهي، جنهن ۾ ڏاهن کان ڏاهپ وسري ٿي وڃي ۽ منجهن اڻڄاڻ ٿي زندگي گذارڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ڪونهي ۽ اهو مصيبتن جو ميدان محبت سان ئي لتاڙي پار پهچڻو آهي:

ڪوڙا ڏونگر، ڪہ گهڻي، جت برپٽ بيران،

ڏاهن ڏاهپ وسري، ٿيا حريف ئي حيران،

سسئي لنگهيو سيد چي، محبت سين ميدان،

جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهن جي ڪانهي باک بهيوم.

اهو ئي آهي شاه صاحب جي ڪلام ۾ لاعلميءَ جو فلسفو، جنهن لاءِ هو دنيا وارن جي مهڻن طعنن ۽ بدنامين جي ڪابه پرواه نٿو ڪري، بلڪه سندس اهوئي نعرو آهي ته:

چونم مرچري، پر جي سڏ سڻين،

مرمنهين کي ڏين، ماڻهو اچيو ميهڻا.

-----------

ماڻهو ڏيئي ميهڻا، مون کي ڪندا ڪوه،

جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوه، سا پٿرن ٿيندي پيرتي.

 

------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com