سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :27

 

واقف نه وڻڪار جي

واقف نه وڻڪار جي، باري سڄن بر،

ور، وسيلا! سپرين، ٿڪيس ڏوري ٿو،

لهج، لعل لطيف چي، ڪاند! مئيءَ جي ڪر،

ولهي ڪري، ور! مڇڻ مارڳه ڇڏيين.

* * *

واقف نه وڻڪار جي، اڳه نه ڏيہ ڏنوم،

ڏنگر ڏوراپن سين، ڪاتي ري ڪٺوم،

جيلاه محب مٺوم، تي ڇلون ڪريان ڇپرين.

* * *

واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،

جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،

لڳي لڪ، لطيف چي، معذورن مٿاءُ،

اتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيڪلي آهيان.

* * *

واقف نه وڻڪار جي، جت جبل جوراڻون،

اتي عبداللطيف چي، سڄي سفر سٽاڻون،

پهرو ئي پاڻو، سولو ڪريبن ساٿ جو.

* * *

واقف جي وڻڪار جا، ونءُ تني جي سڏ،

ساٿن سان، سيد چي، لڏو لڏي گڏ،

نيئي نماڻي نجهرو، اوٺين پاسي اڏ،

سک ڀنڀور جا ڇڏ، ته ڪاهي رسين ڪيچ کي.

(سر سسئي آبري)

هل هيين سين هوت ڏي

ڪوڙيون پڇن ڪيچ، هوت نه پڇن هتم،

جن پنهوءَ سين پيچ، تن پيرين پنڌ وسارئو.

* * *

هل هيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،

قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.

* * *

هل هيين سين هوت ڏي، پيرين ڪرم پند،

رائي پڇ م رند، رڙه روحاني سسئي.

* * *

هل هيين سين هوت ڏي، ڇپر هڏ م ڇل،

آرياڻي امل، ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.

* * *

هل هيين سين هوت ڏي، ڇپر ڇل ۾ تون،

منجهان لڌو مون، موهيارو ڪيچ ڌڻي.

* * *

هل هيين سين هوت ڏي، سسي کڻ م ساڻ،

جنين ڀائيو پاڻ، سي آريائڻا اوري رهيون.

* * *

ڪجي پنڌ پڇان تو، ڪيچين ڪارڻ ڪينءَ،

بيخود هلج بر ۾، آئون ٿو چئان اينءَ،

سڪن ساڄن سينءَ، متان، مٺي! ڇڏيين.

(سر سسئي آبري)

مري جيءُ

مري، جيءُ، ته ماڻين، جانب جو جمال،

ٿيين هند حلال، جي پند اهائي پاريين.

* * *

مر، ته موچاري ٿين، اجلا اڳي اڄ،

جان ڪي هئين جيري، ته منڌ! ڀنڀورا ڀڄ،

پنهوءَ ساڻ پهچ، ته ملڪ الموت ماڻيين.

* * *

مر، ته موچاري ٿيين، جيڻ آڏو جت،

هاري، ڪرهمت، ته ڏيئي دم، دوس لهين.

* * *

مر، ته موچاري ٿيين، ويهي جيءِ م، جوءِ!

منڌ مرڻا پوءِ، پهچندينءَ پنهوءَ کي.

* * *

اجلا اڳي، سسئي! منڌ جيريائي مر،

تولئا تہ م ٽر، جہ روح وڃايو راه ۾.

* * *

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات،

هندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.

* * *

جيڻا اڳي جي جيا، جڳه جڳه سي جين،

او موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا.

(سر معذوري)

گهڙو ڀڳو ته گهورئو

گهڙو ڀڳو ته گهورئو، مر چور ٿيي چوڙو،

طالب الموليٰ مذڪر، اي ٻڏندن ٻوڙو،

ڪوڙهئو دم ڪوڙو، مون مهار من ۾.

* * *

گهڙو ڀڳو ته گهورئو، پاڻا حجاب،

واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،

ساهڙي ري صواب، آئون گهڻو ئي گهوريان.

* * *

گهڙو ڀڳو ته گهورئو، تان ڪي تر هيان،

ادب اکڙين کي، ڏيهاڻي ڏيان،

مهارن ميان، سئون سنهايم پيچرو.

* * *

گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وئا وسيلا،

سار ڇڏيائين سير ۾، هيءِ! رهيا حيلا،

سهڻيءَ جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا.

* * *

گهڙو ڀڳو، منڌ ويئي، وسيلا وئا،

تهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ مهار جا.

* * *

جڏه وسيلن، لوڙهي ڇڏي لڙ ۾،

پارارا پرين، تڏه پڇي سوهڻي.

(سر سهڻي)

سختي شهادت جي

ڏٺو محرم ماه، سنڪو شهزادن ٿئو،

مڪي، مديني ماڙهين، رلو مٿي راه،

تہ واحد کي واه، جو حڪم ههڙائي ڪري.

* * *

مير مدينئا نڪري، رڙهئا مٿي رند،

گهوڙا تن گهوٽن جا، پرئا مٿي پنڌ،

جتي رهئا راتڙي، سي سنهارا هنڌ،

ڪلا، ڪرنگر، ڪنڌ، جهرن جهونجهارن جا.

* * *

مير مدينئا نڪري، آئيا نه موٽي،

ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،

آن تنين لاءِ لوٺي، جي مير مسافر رانئيا.

* * *

سختي شهادت جي، سڻ! شاديءَ جو ڏيہ،

ذرو ناه يزيد کي، نسوروئي نيہ،

مرگ آه ميہ، عليءَ جي اولاد کي.

* * *

سختي شهادت جي، ملار مڙوئي،

ذرو ناه يزيد کي، آثار اهوئي،

ڪسڻ هو ڪوئي، اصل امامن سين.

* * *

 

سختي شهادت جي، نسوروئي ناز،

رند پروڙن راز، قضيا ڪربلا جو،

(سر ڪيڏارو)

رڪ وهندي راند

آيا، اجرين، تنڪ، تراريون تئرا

سانگيون سائن هٿ ۾، ڪلنئون نه لاهين،

اُڀائي آهين، مهائي مرڻ تي.

* * *

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ

وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾.

* * *

بهادر گڏئا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،

وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن.

ڪرن، ڪنڌ نچن، رڻ گجئو راڙو ٿئو.

* * *

هوڏانهن هن ڪارئو، هيڏاه هي هڻن،

سرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنين پار ٻرن،

گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

* * *

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيڻ ٿورا ڏينهڙا

ڪڏه منجهه ڪوٽن، ڪڏه واهي رڻ جا.

* * *

گهوڙو گهوٽ پلاڻئو، مٿس زين ڌري،

علي شير پٽن کي، اُڀو سڏ ڪري،

قضا ڪنءَ ٽري؟ جنءَ امر الاهي آئيو.

(سر ڪيڏارو)

اک الٽي ڌار

اکن کي آهين، عجب جيهون عادتون

سور پرائي ساٿ جا وڃئو وهائين،

اتي لنءُ لائين، جت حاجت ناه هٿيار جي.

* * *

اکن کي آئون، جان ڪي جهلون پائيان

لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، ساڄن سونائون،

مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون.

* * *

اکن پهجي مت، پاڻ سين پاڻهين ڪئي

اتي وڇي لڳيون، جتي جان کپت،

نه ڪال ڳال نه ڳت، جيءَ ڏني ري نه جڙي.

* * *

اکڙين آرو، منها پڇي نه ڪئو

اتي وڃي اڙيون، جتي چوڻ نه چارو،

هيڙو ويچارو، واٽون جهلئون وجهلي.

* * *

اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين

جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وه اوڀار،

منجها نوچ نهار، پر پينرو پريءَ ڏي.

* * *

اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پريءَ کي

ٻي ڏاه ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين.

(سر آسا)

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو؟

 

راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آديسي آيو،

چوڏي ماه چنڊ جنءَ ڪئو سامي سهائو،

لٿو انداهو، جوڳيءَ سندي جوت سان.

* * *

راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي،

کٿوري خوشبوءِ سين، ولات سڀ واسي،

سودو سناسي، اتاهين ٿي آيو.

* * *

راڻو رب راضي ڪري، مان ورائي واڳ،

چندن سين چڪ ڪري، مومل لنبي ماڳ،

سوڍي جي سهاڳ، ڍٽ مڙيوئي ڍڪئو.

* * *

نئون نياپو آئيو، راڻي ملا رات،

لڌيون، لطيف چي، ڪنا ڏاتر ڏات،

ڪهڙي پڇين ذات؟ جي آئيا، سي اگهيا.

* * *

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چتاڻو،

منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين لڊاڻو

راڻو ۽ راڻو، ري راڻي ٻئو ناه ڪو.

* * *

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو؟ چٽاڻو چوڌار،

منجهين ڪاڪ ڪڪوي، منجهين باغ بهار،

ڪانہ ٻي توار، ٿئو مڙوئي ميڌرو.

(سر مومل راڻو)

* * *

 

 

ککي هاڻيون کاريون، ڇڇي هاڻا ڇڄ،

پاند جينن جي پاند سين، لڳو ٿيي لڄ،

سمون ڄام سهج، اڀو ڪري ان سين.

(ڀٽائي رح)

 

 

 

 

 

 

مون ڀانيان مهمان، جيڪس پهر پنهون جي،

آڌي رات اٿي ويا، ڏيئي تنگن تانگ.

(ڀٽائي رح) 

 

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com