سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :17

 

جواهر ٺاڪرداس جواهر

 

شاه جو شاعراڻو تصور

 

جيئن آسماني گرهن جو مهندار سج آهي تيئن سنڌي شاعرن جو سرتاج شاهه آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته شاهه صاحب جي شعر جو ذخيرو بي بها آهي ۽ انجي سنڌ توڙي هند ۾ قدر شناسي ٿي آهي. سندس شاعراڻي کستوري جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. سندس ڪلام ڇا خلوت ۾ پڙهو ڇا محفل ۾ ٻڌو، هر وقت سندس شعر ۾ ضرور ڪا حيرت واري هدايت ۽ نرالي نزاڪت پسبي جا اڳ ڌيان ۾ ئي نه آئي هوندي. سندس خزاني منجهه آب ورنگ، اونهائي ۽ تنهائي، خال و خط ۽ حاجت ناهي. اڄ تائين جنهن به سڪ جي سيلاني، شاهه جي سئن جي سمنڊ ۾ سيوئو آهي تنهن طرحين طرحين جا معنيٰ ڀريا ماڻڪ حاصل ڪيا آهن:

سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيوئو جن،

آندائون عميق مان جوتي جواهرن،

لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،

ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.

مطلب ته جن به سنڌي ساهتيه جي سڄڻن شاهه جي ساگر ۾ من گهريا موتي پائڻ لاءِ غواصن جيان پاتار ۾ پيهي سونجهه سانجهه ڪئي تن بيشڪ سياڻپ ۽ ساڃهه جو سبق پراپت ڪرڻ ۾ وک وڌائي آهي.

شاهه جي تصور يا ڪلپنا جي شڪتي ڪيترو نه اوج پرواز ۽ اونهي آهي، تنهنجي لکا سندس هر هڪ سر جي سٽ سٽ مان ئي پوندي، بشرطيڪ معنيٰ کي سلجهائڻ واسطي اندروني اک کي ڪشادو ڪجي. فارسي واري ڪين چيو آهي ته: زر وليت آستين بردار و گوهر را تماشا ڪن. شاعر جي عظمت ۽ بزرگي جي ٻوجهه سندس جمال ۽ جلوي جي مشاهدي ماڻڻ جي پهتل درجي مان پوندي آهي. هو ڪيئن نه پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي پاڻ سان گڏ ڪلپنا جي ومان تي چاڙهي، امنگن ۽ جذبن جي اتساهه ۾ ٽمٽار ٿيو، ڪڏهن آسمان جو سير ڪرائي ته ڪڏهن پاتال ۾ موتي ميڙائي ٿو. شاهه ڪڏهن سهڻيءَ کي درياءَ جي دهشت ۾ دم دم دهڪائي ٿو ته ڪڏهن سسئيءَ کي سورن جا سخت سفر ٿو ڪرائي. جيڪڏهن شاهه جي شعر ۾ نازڪ خيالي سان گڏ فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت جا عمدا جواهر جهنجهيل آهن ته ايترو چوڻ لازم ٿيندو ته منجهس واقع نگاري ۽ سيرت نگاري، جا تصور کي حيرت انگيز بڻائي، لاجواب ڪماليت جي آهي. حسن جي جلوي توڻي قدرت جي ڪماليت، انساني امنگن توڻي غمن کي شاهه پنهنجن انوکن بيتن ۾ باريڪ بينيءَ سان ترجمان ڪيو آهي. لالن جي لبيس، چوٽا تيل چنبيليا، چمن جو چهچٽو، درياء جي دهشت، وڄن جي وس، تاري جي تنوار گويا حقيقت بڻجيون پون. شاهه سنڌ جي ڳوٺن ۽ پوٺن، ڍٽن ۽ برپٽن، وڻجارڻ ۽ واڻين، ملاحن ۽ مهاڻن، ماڱرن ۽ مارين، جتن ۽ ميهارن کي سندن وايو منڊل ۽ سر گرمين ۾ هستي ڏيئي حقيقت جو روغن رنگيو آهي.

شاهه صاحب پرين پاران ڪڏهن چنڊ جي جلد اڀرڻ تي ناراضپو ظاهر ٿو ڪري ته ڪڏهن کيس پنهنجو ايلچي بڻائي محبوبن ڏانهن نياپا ٿو موڪلي:

چنڊ! م آءٌ چڙهي، سگهو ڪر م سوجهرو،

اسان پرين پاڻ ۾، گهارڻ ڏج گهڙي،

تو پڻ هوند سري، جي پلڪ پانهيرو اُڀرين.

اي پيارا چنڊ! متان تو جلدي چڙهي روشني ڪئي اٿيئي. ذرا انڌڪار ۾ گهڙي کن ته پرين سان روح رهان ڪرڻ ڏي:

پر وري ٻئي هنڌ چوي ٿو:

چڱا چنڊ! چئيج، سينها کي سڄڻن

مٿان اڱڻ اڀري، پيرين پئيج

جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.

زالن جي دلي ڪمزورين ۽ احساسن کي شاهه کانسواءِ ورلي ڪو ڪوي ورنن ڪري سگهي. جواهرن جي جهرمر يا چاندي جي چمڪي تي ايمان وارين استرين جو به چت ڦري ٿو وڃي. سو ليلا ٻاڪاري ٻولي ٿي:

مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چت

هار کٽنديس هوڏ ۾ نيبهه ٿيندم نت

ڪونروءَ جو ڪرت، منها مٿاهون ٿيو.

ڪونروءَ جي ملهائتي مڻئي جي مڻيا تي ليلا پنهنجي مت منجهائي راجا چنيسر جهڙو بي بها هيرو وڃايو. پر اهو لاڳو آهي رڳو ليلا جهرين مغرور راڻين سان ۽ نه مسڪين ۽ حق تي قائم رهندڙ مارئي سان، جا عمر جا اڪيچار عيش ٺڪرائي ٿي ڇڏي پنهنجي سون کان سرس سپرين ۽ سيڻن لاءِ. شاهه صاحب جي ڪلپنا امير استرين جي شونقن جي نتيجي ۽ غريب نارين جي سچي صدق جي پختگي تي ڪماليت جو طوفان ٿي برپا ڪري.

اي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي

اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت

پکن جي پريت، ماڙي سين نه مٽيان.

يا وري ٻي هنڌ چوي ٿو:

آئون ڪيئن سوڙين سمهان؟ مون ور گهاري ولهه

کٿيري تاکل، عمر! ڪج م اهڙي.

پرديسي جي پريت ايامن کان بدنام ٿيل آهي. اها ڪڏهن ديسي ٿئي ڪونه. پرديسيءَ جي پريم سسئي جهڙي کيٿروئي سورمي کي ڀنڀور کان باز آڻي، ڪنهن سٽاڻي سانگ گهنگهر ۾ آڻي گهيريو.

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟

لڏئو لاڏوڻا ڪيو پنهنجي ديس وڃن

پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.

سسئي ته پنهن جي سهيلين ۽ ساٿين کان کليو کلايو موڪلائي هالار جبلن جون قطارون جهاڳڻ لاءِ ڊوڙندي ٿي وڃي. پر بڇڙا حال ٿين ٿا سهڻي سان جا پاڙي وارن جي پچار ۽ ڏم جي ڏوراين کي ڌيان ۾ آڻي ڪنبي وڃي ٿي. لڪ چوريءَ اڻٽيهين اونداهي رات جو جڏهن سهڻي درندن واري درياء جي ڪپ، هن ڀر ترڻ يا هن ڀر ٿيڻ لاءِ دل من هڻي رهي آهي تڏهن شاهه صاحب درد ڀريو داستان ٿو ڪري:

ڳورا ٻئي پار، هينون حيرت ۾ پيو

وهان ته ويرم ٿئي، نيهه ۾ پوي نهار

وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوي پچار

هت ٿي وعدي وار، هٽ سو تون ڏنيم سرتيون.

شاهه جو تصور حد حاصل ڪري ٿو جڏهن هو انهيءَ عقل جي عشق سان بيسود ۽ اجائي جنگ کي ثابت ٿو ڪري. سهڻي لاءِ ميهار ڪهڙو نه موهيندڙ آهي جنهن لاءِ سر ڏيندڙ ويرم نه ڪندي. جيڏين کي سمجهاڻي چوي ٿي ته هڪوار ساهڙ جي صورت پسو ته ننڊ کي حرام ڪيو، مونکان اڳ۾ ئي گهڙو کڻي گهڙو ها!

جيڏيون! ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي

سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڪانڌن پاسي ڪي

منهائي اڳي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.

سو سهڻي ۾ شاه درياءَ جي دڙڪن ۽ ڪنن جي ڪڙڪن جي قهر جو بيان قابل داد ڪيو نموني ۾ آهي ته سر ڪاموڌ ۾ ڍنڍن جي آسپاس رهندڙ ڪارين ڪوجهين، جي ککي هاڻيون کاريون ۽ ڇڇي هاڻا ڇڄن جي وچ۾ وڌي رهيون آهن، جو واهه جو ورتانت ڪيو آهي. اوچتو ساوڻ ۾ اتر پار کان سارنگ سانگ ڪيو سرچي ته سانگي ڪيئن سرها ٿين ۽ هاري هوشيار ٿي هر سنڀالين، سو شاهه هيئن سلي ٿو:

اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاري ڪئي تنوار

هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار

اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

شاهه صاحب ڪٿي ڪٿي اهڙا ته بيت رچيا آهن جن مان لکا پوي ٿي ته هو صاحب هاڻوڪي ارٿ شاستو (Economics) جي کپت ۽ رسد جي قاعدي (Law of Demand and Supply) کان چڱي پر واقف هو. چويٿو ته برسات پوڻ ڪري، ان ارزان ۽ مال مکڻ جهجهو ٿيندو ۽ ستت ئي آڪاڙيل بزار ڪرندي. سستائي ٿيڻ بدولت جن ڏڪارين ان ۽ مال کي گندين ۾ سقي ۽ سانڍي رکيو سي هٿ مڻندا رهجي ويندا:

حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٿ ڪجن

وڄون وسڻ آيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن

جن مهانگو اچي ميڙيو، سي هٿ هڻن

پنجن منجهان پنڌرهن ٿيا ائين ورق ورن

ڏڪاريا ڏيهه مان شل موذي سڀ مرن

وري وڏي وس جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن

سيد چوي سڀن، آهه توه تنهنجو آسرو.

شاهه ڪهڙي به موضوع تي لات لنوي پر لات جي پٺيان جيڪا باطن بات آهي سا آهي وحدت جي وارتا، لالن جي لبيس يا سسئي جي سورن جي عبارت ۾ گهري ٿو ته يڪدم تصوف جي نهايت تکي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃي. خيال چٽو آهي:

جي تون بيت ڀانئين سي آيتون آهين

وڃئو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

 

--------------

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com