سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :11

 

مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽه

 

شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور

 

ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي:

اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.

انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ عالم اڪبر ڪري سڏيو آهي ۽ انسان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي عالم اصغر ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهي، تنهنجو اختصار انسان ۾ موجود آهي، تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي، انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامت ناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاه صاحب فرمايو آهي:

نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها،

جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته من عرف نفسہ فقد عرف ربہ جنهن پاڻکي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

باوجود انهيءَ رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ۾ آهي. منجهس ملڪوتي طاقتون به آهن ته بهيمي (يعني مرن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي طاقتون زور پئجي ويون، ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو، پر جيڪڏهن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته ملڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو، جيئن فارسيءَ واري چيو آهي:

 

آدمي زاده طرفہ معجونيست

از فرشته و از حيوان

گر کند ميل اين شود بہ ازين

ور کند ميل آن شوديہ ازان

 

تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ۾ هميشہ جنگ جاري آهي، جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻکي الاهي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙيءَ حد کي پهچي ٿو، جتي اُن کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، پنهنجي ڪمال ۽ قرب سبب اهڙيءَ حد تي پهتل آهي، جو نڪي عاشق آهي، نڪي معشوق ۽ نڪي خالق، ڪي مخلوق. انهيءَ باري ۾ شاه لطيف فرمائي ٿو:

عاشق جو م ان کي،

 

م ڪي جو معشوق

خالق چو م خام تون،

 

م ڪي جو مخلوق

سلج تنهن سلوڪ،

 

جو ناقصائي نڱيو.

اهڙي حبيبي حقيقت جنهن کي صوفي حقيقت محمدي ڪري چوندا آهن، خواجہ محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي:

عجب جهڙي آهه،

 

حقيقت حبيب جي،

نڪين چئبو سو ڌڻي،

 

نڪين مخلوقا،

مشفق جي ساڃاءِ،

 

جامع ليل و نهار کي.

 

گرهوڙي صاحب وري انجو وستار هن طرح ڪيو آهي:

وصف جنهن ورنهه جي،

 

مٿو مور نه آهه

سسئي سهڻي مون پرين،

 

مارئي محبوبا،

پاڙي مون پرين جي،

 

مجنون مستانا،

حقيقت حبيب جي،

 

عجب جهڙي آهه،

جامع ليل و نهار کي،

 

شفق جي ساڃاءِ،

آگو چو م ان کي،

 

نڪين مخلوقا.

 

اهو سالڪ آهي جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو،، تنهن گويا توڙ ڪيو ۽ اهو آهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فدائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاه فرمائي ٿو:

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،

مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،

ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ۾ راءِ ڏياج ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهنجي اپتار انهن بزرگن ڪئي آهي، جي اسلامي تصوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن سي انهن جي روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين.

اها تمثيل شاهه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين:

 

نهيو ٻڌيو روءِ، اڳڻ اجهو ڪيو ڪرهو،

ڪو چنيسر چوءِ، ليلا وڃي لڏيو. (ڀٽائي)

 

قسمت قيد قوي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾؛

لکئي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريس هي!

پرچي ڪين پنوها ريءَ، جان جسو ۽ جيءُ!

راجا راضي ٿيءُ، ته مارن ملي مارئي.  (ڀٽائي)

 

 نرتي تند نياز سين، پرائي ٻيجل،

راجا رتولن ۾، اونائي امل.

راز ڪيائين راءَ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،

انا احمد بلاميم چئي، سين هئين سائل،

ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هردوئي هيڪ ٿيا.

 

ڪنهين ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي،

الانسان سري وانا سره ورتي ايءَ وائي،

راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا.

 

اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پر جو.

 

واقف نه وڻڪار جي اڳ نه ڏيهه ڏٺوم،

ڏونگر ڏوراين سين ڪاتيءَ ري ڪٺوم

جيلاه محب مٺوم، تي ڇلون ڪريان ڇپرين.

 

هتاءَ کڻي هت، جن رکئو سي رسيون،

ساڄڻ سونهه سيرت، وکائي ويجهو گهڻو.

 

------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com