سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :23

 

ڪريم بخش خالد

 

شاه لطيف جي ڪلام جو فارسي ترجمو

 

شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سنڌ وارن لاءِ، سندن تهذيب و تمدن جو محافظ ۽ سندن علمي ڪارنامن ۽ ذهني نشوونما جو زنده جاويد مثال آهي. دنيا جي هن وڏي مفڪر ۽ فلسفه جي پيچيده مسئلن کي آسان بڻائيندڙ جي حالات زندگي ۽ سندس شعر جي خوبين متعلق گهڻي ئي قلم جنبش ۾ اچي چڪا آهن.

هو ڇا هو ۽ ڇا ڪرڻ ٿي گهريائين؟ ان جو جواب سندس ڪلام مان جستجو ڪرڻ سان ملي سگهندو. سندس ڪلام مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي طرز تي آهي، جو قرآن جي طرز بيان وانگر، ڪوبه قصو شروع ڪري پوءِ احڪام ۽ پند و نصيحت ٻڌائيندو، وري وڃي اصلي قصي ۾ پوي ٿو.

هن صحبت ۾ اسين سنڌي ادب جي تاريخ جو فراموش ڪيل ورق بيان ڪريون ٿا جو آهي مولانا مولوي هدايت الله ميمڻ هالائيءَ جو، شاه ڀٽائيءَ جي رسالي جو فارسي ترجمو. مرحوم مولانا صاحب جو شاه بابت لکيل مواد، مڪمل طور اڃا تائين دستياب ٿي نه سگهيو آهي انڪري في الحال هٿ آيل گنجينه مان چند جواهر پيش ڪيا وڃن ٿا.

فارسي شعر جي نموني پيش ڪرڻ کان اڳ اسين مولانا مرحوم جي بلڪل مختصر طور حالات- زندگي پيش ڪريون ٿا.

مولانا هدايت الله هالائي پنهنجي والد الحاج محمد حسن ميمڻ سان گڏ، هالن کان ڪراچي لڏي آيو هو. پڻس ڪراچي ۾ سوسين جو واپار ڪندو هو. سندس ولادت شايد 1315 هجريءَ ۾ ٿي هئي، جيئن ته هن 1365 هجريءَ ۾ 50 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي. پاڻ شرح السند و ترجمته الاستاد ۾ لکيٿو ته مون بعض فارسي ۽ عربي ڪتاب پنهنجي والد ماجد الحاج محمد حسن هالائي کان پڙهيا ۽ اڪثر ڪتاب پنهنجي استاد، مولانا ملوڪ کان پڙهيا، تانجو مان رمضان 1333هه ۾ فارغ التحصيل ٿيس ۽ شوال ۾ سند ملي.

مولوي صاحب وڏو فقيهه ۽ ديندار شخص هو. سنڌيءَ جو ايڏو عالم هو جو شاه جي رسالي جو چئن جلدن ۾ بهترين شرح لکيو هئائين. مگر ٺٽه ۾ هڪ لڱا ڪمال شاه جي زيارت تي ويو جتان ڪو شاهينگ، اهي ۽ ٻيا ڪتاب چورائي ويس.

فارسي زبان جو چڱو شعر هو، شاه صاحب جي ڪلام جو منظوم ترجمو ڪيو هئائين ۽ النظم الشريف الڪلام السيد عبداللطيف نالو رکيو هئائينس. سنڌي غزليات جو هڪ ديوان جمع ٿيل اٿس، جنهن ۾ مختلف بحرن ۽ وزنن تي عجين و غريب شعر چيا اٿس. سندس عربي ۽ فارسي قلمي تصنيفات ۾ 20 کن وڏا ڪتاب، هر هڪ سراسري 400 صفحن جو ۽ 50 کن ننڍا رسالا ۽ ڪيتريون ئي مختلف فقيهي مسئلن تي تحريرون آهن.

سنڌيءَ ۾ سندس هٿ لکيل شاه جي رسالي جو ٻيو جلد هٿ آيو جو مون وڌيڪ تحقيق لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب جن کي ڏنو هيو. غزلن جو ڪتاب، سنڌي، اردو ۽ بلوچي لغت، بنده وٽ محفوظ آهي.

مگر غير مڪمل آهي. شاه جي بيتن جي شرح جون چند جزون هٿ آيون، جيڪي سنڌي لغت جي ڊائريڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي ڪيون اٿم.

مولوي هدايت الله مرحوم لکڻ جو اڻ ٿڪ ۽ تيز حافظي وارو هو. سنڌي هوندي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ ۾ عاليشان ڪتابت ڪندو هو. سندس وفات 2 شوال 1365 هجري مطابق 19 آگسٽ 1946ع جي، ڪلان ڪوٽ ڪراچيءَ ۾ ٿي.

انالله و انا اليه راجعون.

شاه جي بيتن جو مثنوي ۾ ترجمو ڪيو اٿس. جناب ڊاڪٽر دائود پوٽه جي چوڻ مطابق فارسي، سنڌيءَ کان به وڌيڪ فصيح ۽ روانيءَ سان آهي. ترجمي جي لطافت ۽ بلند خيالي، شاه جي مطالب تي حاوي آهي ۽ اهل- ذوق لاءِ هڪ بي بها نعمت آهي. شعر جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو:

 

(سر آبري داستان ٽيون)

(1)

هل هيين سين هوت ڏي- پيرين پنڌ وسار،

قاصداڻي ڪار- ڪين رساڻي ڪيچ کي.

(2)

هل هيين سين هوت ڏي- پيرين ڪرم پنڌ،

رائي پڇ م رند- رڙه روحاني سسئي.

(3)

هل هيين سين هوت ڏي ڇپر هڏ ۾ ڇل،

آرياڻي امل ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.

(4)

هل هيين سين هوت ڏي سسي کڻ م ساڻ،

جنين ڀانيو پاڻ سي آرياڻئا اوري رهيون.

(5)

هل هيين سين هوت ڏي - ڇپر ڇل م تون،

منجهان لڌون مون ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.

(6)

ڪوڙيون پڇن ڪيچ هوت پڇي ڪا هڪڙي،

جن پنهوءَ سين پيچ تن پيرين پنڌ وسارئو.

(7)

وه م هنڌ ڀنڀور ۾ - ڪر ڪو واڪو وس،

ليڙن جو لطيف چئي ڏونگر اٿئي ڏس،

پنهون اچي پس سر ڀو هلر سسئي.

(8)

 وه م منڏ ڀنڀور ۾- ڪر ڪو واڪو وس،

ٻانهي ٻاروچن جي گولي ڇڏ م گس،

ڏورڻ منجهان ڏس پوندءِ هوت پنهوءَ جو.

(9)

وه م منڏ ڀنڀور ۾ - هاڙي هڏ م هل،

ڪوڙي ڪج م ڪڏهين سچي ڳالهه م سل،

جانب ليءَ م جل سور وسار م سسئي.

(10)

 سکين ٿي م سنري پسي ڏک م ڏر،

پٽي ڪرم پانهنجو گهوري اڏ م گهر،

ماري هڏ م مر مڇڻ جي جياريين.

(11)

سکين ٿي نه سنري ڏکين تان نه ڏري،

اوري هڏ نه اُڀيي پري تان نه پري،

سرتيون ٿو نه سري ٻنهين ري ٻانڀڻ کي.

 

وائي

معلوم حال حبيب مونکي درد قديمي

آلودي آزار کان توريءَ ٿيس طبيب

شادي ڏين صحت جي غمي لاهه غريب

آهئا ٿي آهون ڪيان نعرو منجهه نصيب

ڪاهل آهيان ڪوڙي رسي لاهه رقيب

حاذق آهين هن جو اچين شال عجيب

دوا آهين دل جي پڇ پچ رهيس طبيب

الا عبداللطيف کي ڪوڙي لاءِ قريب.

 

(فارسي ترجمو)

 

(1)

سوئـﻶ جانانت برو با جان و دل رفتن اقدام را از خود بهه

اين بپا رفتن بود کاربريد در حرم با اونمي بايد رسيد

(2)

بادل خود از پـﻶ جانان برو در سلوک عشق باگامـﻶ مرو

پرسش راهش بريگستان مکن سوئـﻶ جانانت قدم باجان بزن


 

(3)

بحر جانان رفتنت بايد بدل دربدر خودرا مگر دان در جبل

دلبر تو دور نيست از جان تو مسکنش جانت برو آنجا بجو

(4)

سوئـﻶ جانانت بدل داري سفر هستي خود را بخود همره مبر

هرکہ پندارد خودي در خود براند از حضور جانجانان دور ماند

(5)

 در پـﻶ جانان روان شو با روان - هين بريگستان مشو هرگز دوان

من به جان خويش چون بشتافتم جانجانان را بجانم يافتم

(6)

 کاذبان خواهند نعمات و جنان عاشقان جويند ذات جانجان،

هرکہ بسته با بسته حبيب خود عقود رفتن اقدام رانسيان نمود

(7)

هاشقا منشين غافل در جهان کوشش خود دار و کن آه و فغان،

گرهمـﻶ خواهي رفتگان اشان جملهء اشيائـﻶ اورا شد نشان،

دلبرا اين عاشق زارت نگر سوئي تو راهي شده با جان وسر.

(8)

عاشقا با مرطغت گو خيرباد در منادات و طلب کن اجتهاد،

اي کنيز دلبر اعليٰ مثل اين طريق وراهِ راهرگز مهل،

جستجوئي گرکني يابي نشان از حريم و بارگاه جانجان.

(9)

کاخ فاني را بمهل دراين مقام صخره و کوه و جبل را کن سلام

در سلوک ورهروي کاذب مباش حب صادق را مکن در راه فاش،

بهر جانان آتش اندر جان مزن درد هائـﻶ عشق رانسيان مکن.

(10)

در جهان عيش خود هرگز مباش از فراق و رنج در نغرش مباش

نـﻶ که ويرانه کهن اين خانه نـﻶ که تعمير کهن کاشانهء

در فراق و رنج او خودرا مکش نفس خود هرگز مکن با غير خوش.

(11)

عاشق اندر عيشها مسرور نيست از بليات و محن مجبور نيست،

دوراز جانان نمي دارد قيام در حريم درستان آرد مقام،

عاشقان را از همين هر دو مقال نيست هرگز چاره و دستور حال.

 

غزل

حال زار من تو داني جانجان درد کهنه شد مرا اندر نهان

مبتلا گشتم به صد رنج و بلا از فراقت اﻵ طبيب انس و جان

شاد گردان از سرور عافيت دور ساز از من غم ورنج گران

از تکاليف و مصائب در فراق مي زنم صد نعرهء آه و فغان

کاهل و بد خلق ماندم اﻵ حبيب عيبمايم دور سازو بـﻶ نشان

حاذق هر درد من مسکين توئي کاش بربا لينم آئي ناگهان

تو دوائي درد هائـﻶ قلب من جز تو پر سيدم بسـﻶ دارو کنان

برهمين مهجور خود زارو نزا با و صال خويش کن صحرا نشان

 

-------------


 

(داستان چوٿون)

(1)

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي

لڪو ڪين لطيف چي، ٻاروچو ٻي پار

ٿي ستي ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو

------------

از پـﻶ دلبر چہ گردي کوبکو در وجود خود کن اورا جستجو

دلبر تو از تن تو دور نيست درد گر اطراف آن مستور نيست

مخلص اندر حب وشوبستہ ميان هم وفا کن عهد حب جانجان

دست دارو کن نگاه خود بدار هست اورا در وجودت بار گاه

(2)

پنهون ڇڏئو پوءِ، جانب جبل ڳولين

تيلاهين تنگون ڪرين، جيلاهين تون جوءِ

ساڄن سڃ نهاريين، ڏکي ڏوه ڪيوءِ

هاڙي هوت نه هوءِ، وري پڇ ويٺين کي

-----------

در عقب بگذاشتہ آن بيمثال جستجويئيش کني اندر جبال

اين تگا پوئي کني و جستجو زانکہ گشتي بستئہ پيمان او

جستجوئـﻶ يار در ويران کني درد مندا اين همہ عصيان کني

جانجانان نيست در کوه و جبال از جليس کنج خلوت کن سوال


 

(3)

وري پڇ ويٺين کي، موٽي پڇ پاهين

عبث آڳاهين، وڃئو ڪوڪين ڪانڌ کي

-----------

رو بپرس از گوشہ گيران با ادب باز گرد و جستجو کن در عقب

شد عبث اين پيشتر پوئيدنت جانجان را خواندن و جوئيدنت

(4)

وري پڇ ويٺين کي سندا پار پنونہ

ويهي ڪر ورونہ ڪپر ڪوڪم ڪانڌ کي

----------

رو بپرس از عاکفان يک مکان مسلک و آئين وصل جانجان

کنج خلوت گيرو در بادش بمان هيچ بـﻶ دستور جانان رامخوان-

(5)

وري پڇ ويٺين کي سندا پنهونءَ پار

ساڄن سڀ ڄمار ڏکي ڏورج ڏيل ۾

----------

باز آو پرس از گوشہ گزين منهج و مرسوم وصل مهہ جبين

تا بقائـﻶ زندگي جسم وتن جانجان را کن تلاش اندر بدن

(6)

ڏکي ڏورج ڏيل ۾ - پنهون پاڻ ڳري

پريت ڪيم پري حب ۾ ڳولج هوت کي

-----------

در وجود خود بکن تفتيش يار جانجان نزد تو دارد قرار

نيست دور، اﻵ عاشقا! معشوق تو در نشيب و واديش هرگز مجو

(7)

هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوه پهي

في انفسکم افلا تبصرون سوجهي ڪر سهي

ڪڏهن ڪانه وهي هوت ڳولڻ هٽ ۾

-----------

در وجود تو مکان لا مکان از چہ پرسي راهگيران را نشان

هست در جانت، نمي بيني چرا جستہ ودرياب آنجا مرو را

هيچ کس هرگز نہ شد اندر زمان در تلاش جانجانان درد کان

(8)

هوت تنهنجي هنج ۾ - پڇين ڪوه پرياڻ

سو تان توهين ساڻ جہ لئي جبل ڳوليين

-----------

مسکن اودر حصور تو قريب از دگر پرسش چہ کردي بـﻶ نصيب

هست باتو نزد تو در تو مدام انکہ گردي در پئـﻶ او هر مقام

(9)

هوت تنهنجي هنج ۾ - پڇيم ڪوه پرياڻ

ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد تنهنجو توهين ساڻ

پنهنجو آهي پاڻ آڏو عجيبن کي

-----------

دلبرت را در وجود تو مکان پس چرا پرسي دگر جايش نشان

نحن امرب گفتہء دلبر بود جانجانان نزد تو در بر بود

اين خودي خويش گردد حجاب حائل پرده ميان آنجناب

(10)

ڪونهي اُت ڪوهيار جت تو ڀوري ڀانئيو

پنڌ م ڪر پهاڙ ڏي وجودئي وڻڪار

ڌارئان ڀائج ڌار پڇ پريان ڪر پاڻ تون

-----------

آن نگارﻵ گلعذارﻵ با وفا نيست در جائـﻶ کہ پنداري ورا

هيچ سوئـﻶ کوهها راهـﻶ مرو جائـﻶ او بهر تلاشش جان تو

جانجان از غير هردم دور دان خود بپرس از خود نشان جانجان

(11)

پڇ پريان ڪر پاڻ، پر گهران پاسو ڪرين

سو تان توهين ساڻ، جہ لئه جفائون ڪرين

-----------

جستجوئـﻶ يار کن از خويشتن اجتناب از غير او دائم بکن

جانجان با جان تو در تو نهان آنکہ بهر او شدي محنت کشان

(12)

سڀئي ساري سسئي، گهر ڪنڊون تون گهور،

وڃي ڏور م ڏور، دران منجهه دوت ٿيو

-----------

عاشقا اندر تلاش آن نگار جملہ خانہ را بجوئـﻶ و هر کنار

بهر تفتيشش مرو در جائـﻶ دور در نهان تو حريم آن حضور

(13)

سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏورين سسئي!

ڪڏهن ڪنين نه ڪيو ڄلڻ منجهان ڄاڻ،

پڇ پريان ڪر پاڻ، ته تون تئائين لهين

-----------

يار خود برداشتہ اندر کنار مـﻶ کني تفحيص هرجا آن نگاه

هيچگاهـﻶ در زمانہ هيچ مرد از تگا پوئي بہ عرفن ره نہ برد

خود ز خود پرس از ره آن بار گاه- تابيابي يار در آن جايگاه

(14)

جو تون ڏورين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو،

لالن لئي لطيف جي، منجهئي ٿي معذور

منجهان پنئي پروڙ، تو منجهه آهس تڪيو

-----------

آنکہ سـﻶ جوئي ورا در جائـﻶ دور هست آن محبوب با تو در حضور

از برائـﻶ وصل جانان ونگار شاغل اندر جان باشي اﻵ نزار

از همين يک نکتہ ور مزﻵ بدان اندرون تو ست جائـﻶ جانجان

(15)

منجهان پنئي پروڙ، سڀ ۾ پڇج سسئي

ويهي وڏي ڍڳ مان، ڌڻي وجهج ڌوڙ

ته تون ماڻين موڙ، جي پند اهائي پاريين

-----------

در بياب از يک اشاره اﻵ عقول- از کس و نا کس مکن پرسش فضول

در جهان از تو ده اسباب معاش بر هواو آز نفست خاکپاش

در بيابي مايہء وصل جميل گر بہ انجام آوري پنداﻵ عقيل


 

وائي

وڃي وڃي ٿينديس ويجهي، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي

آڏا ڏونگر لڪيون، موٽج محب مجيجي

پرين پهنوار تو چوٽان، ٻير آهيان ٻي جي

نم گهرجي نيہ جو، آهيان آءٌ اِري جي

جا نه هلندي هوت ڏي، پي تهين جو پيجي

-----------

 

غزل

رفتهہ رفتہ مـﻶ شوم نزديک بهر ديدار حبيب بـﻶ مثال

صخره و کوه و جبل حائل شدند باز آ اﻵ واقف و دانائـﻶ حال

اﻵ هوائـﻶ نفس مـﻶ گويم ترا من شدم پيوستہ عهده لايزال

شبنم شوق و محبت بايدم تاکہ شاخ خشک يابد ابقلال

آنکہ جذبہء رو بہ جانانش نہ شد هست مرغوب دلش ساز زوال

------------

 

داستان ٻارهون

(1)

ڪن تي ڪيچن ڪڇئو، ڪڇ م ٿا ڪڇن

اشارتون ان جيون، سڪوتا سڄن

وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائيين.

-----------


 

گوش باش آن دلبرت گفتار کرد

بند کن لفظت کہ سخنـﻶ يار کرد

ان اشاراتـﻶ کہ ياران را بود

از سکوت حاضران حاصل شود

در حضور - شان نشين و دار گوش

تاکہ يابي در دل خود سوزو جوش

(2)

سڻ ته سوز پرائيين، آءٌ چيائون اڄ،

ٻولي ٻي نه سکئا پاڻان چوندءِ ڀڄ

واڄي وٽ م وڄ، ٻڌ نه ٻيائي لهي.

گوش کن تا سوز يابي عاشقا

آن حبيب و منعمت گفتا بيا

نزد ايشان نيست غير از اين مقال،

کاين خودي و هستيت را کن زوال

شور چون بربط مکن اندر حضور

بشنو از ياران کہ گردد شرک دور

ٻڌ ته ٻيائي لهي، آئون ات نه آهه

ڪڇڻ ڪنڍي لاهه، ڪن ٿي ڪيچن ڪڇئو

-----------

بشنو از ياران کہ گم گردد دوئي،

من و ما آنجا نبا شد جز توئي

طوق گفتار خودت را دور کن،

گوش باش آن يار آمد در سخن،

(4)

ڪن ٿي ڪيچن ڪڇئو، ڪڇ م ڪڇيائون

رهي نه رتي جيتري، اُنين وٽ آئون

وڍي وڌائون، هو جو وڻ هؤن جو

-----------

گوش باش آن يار گويد گفتگو

دلبرت گفتا کلامـﻶ تو مگو

پيش او چيزﻵ نمانده چون کبود

از خودي و هستي و جان و وجود

اين وجود دنيوي را آن حميد

کرد از بيخ و بنش قطع و بريد

(5)

ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏه ٿجي وات

ڪڏه ٿجي ڪات، ڪڏه ٿجي ٻڪرو

-----------

گاه باشي گوش بهر استماع

کہ دهان بهر دعائـﻶ اجتماع

گاه باش دسنئہ نفس و هوا

گاه چون بزغانہ پيش - دلربا

(6)

ڪٽارو ۽ ڪوس اڱڻ آري ڄام جي

ديت آهي دوس، ماڳ ۾ مين جي

-----------

خنجرو و تيغ و تفنگ و قتل عام

هست در ايوان ياران برد وام

کشتہء تيغ حبيب و بردرش

خون بهائـﻶ نيست الا خود سرش

(7)

ڪامون مڇيجاه، گهٽيون گهرجن آن اوليا

هي وڻ نه لهنداه، هو وڻ اوڏاهين گهڻان

------------

بهر نفست تازيانہ ها ببر

بايدت در رهروي چلدين قدر

در حريمش نيست باغ دنيوي

نزد او بسيار باغ اخروي

(8)

اکيون آريءَ ڄام جون، انڌي سين آهين

هو جي وڻ وندر جا سي مون سنهائين

ڏسئو ڏيکارين، پيشاني پنهوءَ جي

------------

چشمهائـﻶ دوريين دلبران

کور را هستند باخود همر هان

شاخسار- اين بوادي مايہ دار

از برايم گشت فخر و افتخار

ديد چون روئـﻶ منور يار را

مـﻶ نمايد جلوه ديدار را

(9)

اکيون آريءَ ڄام جون، آهن انڌيءَ ساڻ

پسي ڪنديون پاڻ پيشاني پنهوءَ جي

------------

ديد هائـﻶ خورديين يار من،

هست اعميٰ را بخود بدل الحسن

مـﻶ کنذ از ديد روئـﻶ آن نگار

جبهہ خود عين پيشاني - يار

(10)

سڏ م ڪر سڏن ري، هلڻ ري م هل

جلڻ ري م جل، رئڻ ري متان رئين.

------------

بـﻶ مناجات خلوص اورا مخوان

بـﻶ سلوک غم مشو زينجا روان

بـﻶ تپ عشقش مشو هرگز تپان

بـﻶ بکاء دل مشو گريہ کنان

(11)

لڳندي لڪن سين، آئون جي مران آئين،

ماءُ منهنجي نينهن؛ ته ڪرلائون لڌيون.

------------

گر بخوردن صديئه کوه و جبال

ميرم جان از تلم گردد زوال

 

تا خنگ بختـﻶ شده با من قريب

هم همايون طالعم گشتہ نصيب

وائي

ڳالهيون هوت هوت ٻروچي ساڻ؛ منهنجي جيءُ جون جيڏيون

ڇلي بينيس ڇپرين، سڱ تهين جي ساڻ

چڙهي ڏاڍين ڏونگرن، پرزا ڪنديس پاڻ

رلي ڇلي ڇپريب، ڄام وڃايم ڄاڻ

هٿان هڏ نه ڇڏيان، سندو نيهن نداڻ

نصيب ڪر ته سسئي کي؛ پنهو اٺ وٿاڻ

------------

غزل

با حبيب و دوست و پاکي نڙاد

بست گفتار دل و راز نهاد

سر کشيدم در جبال و کوهسار

يا همان پيوستگي و اعتماد.

ذره ذره اين وجودم را کنم،

در صعود اين جبال و اين صماد

اندرين گرديد و آوارگي

عقل و دانش را نمودم افتقاد

ترک هرگز من نہ گردانم ز دست

ذوق و شوق و عشق هم حب ود واد

اين عديم و بـﻶ نشان را کن نصيب

آن حريم و بارگاه خوش مهاد

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com