سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :3

 

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه

شاهه جي ورسي

 

(53) ٽيونجاهه سال گذري ويا آهن جو 1919ع ۾ هڪڙي شاعر جي يادگيريءَ کي تازو رکڻ لاءِ هندستان جي شاعر ٽئگور کان پڇيو ويو. هن ان سوال جو جواب جو اُن وقت ڏنو سو اسان جي پنهنجي شاعر شاهه جنهنجي 210 ورسي ملهائي رهيا آهيون اُنهيءَ سان به ٺهڪي ٿو اچي. شاعر دراصل وقت جا آهن ئي ڪين. هو ڪنهن به ملڪ جا خاص پيغام آڻيندڙ نٿا ٿين. هو ته موج مستيءَ ۾ ٻٽيو ڌاڻ ڏيندا رهن مجروحن ۽ محرومن کي. اسان جي عام طرح دم کڻندا رهون سي کايو پيئو، سمهيو، دنيا جو وهنوار هلايو وقت نباهيو رمندا راهي ٿي ٿا وڃون. مگر شاعر وقت جي وچين ٻني تي بهي گذريل خواهه حال، ايندڙ خواهه ابدي اوقاتن جو احوال اشارن ۾ ٿا ڏيندا رهن. امڙن الهام آڻيندڙن جي عزت ڪاغذ ۽ قلم جي تصوير سان ڪرڻ ڪين جڳائي، نڪي وري ڪو بت بنائڻ اسانکي جڳائي. عام طرح ايهي ٻه طريقا اسانجي طرح مصرعه ٿي پيا آهن. ائين آهي ته شاعر ڪلاڪار آهي. اُنجي يادگيري ڪنهن ڪلاڪاري ڪرداريءَ سان ڪرڻ ئي ڪامل عزت ڪرڻ جو رستو آهي.

شاعر جو دڳه علحدو؛ وڳه نرالو؛ واٽ ويرانيءَ ۾ وسنوَ واري. شاهه ڪا وستي نه وسائي. هن ته پٽن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري اُها کڻي وڻڪار بنائي جو صدين جي لٽ ڪا مٽ پئدا ڪري نه سگهي آهي جيڪي سو منڊل ماڙيون ٺهي پيون آهن ۽ محل منڊڻ جا خوض ۽ خيال ٿي رهيا آهن.

ٽئگور ٿو چوي ته ايهي به يادگيري قائم ڪرڻ جون عقلي تجويزون آهن مگر عقل کان وڌ واٽ آهي عشق جي. شاعر حسن جو پارکو آهي. هو حسن جي ڇٽ ڪرڻ جو حيلو ته ڪونه ٿو هلائي مگر خوشيءَ ۽ غم جي سرحدن جو سئر ڪندي سندس دل کي اهڙو ته جوش اچيو ٿو وڃي جو حد بي حد ڀڃي وڃي اُت ٿو رسي جت نهايت نانهن ڪا. اُٽليو پوي سندس آواز جنهن مان ساز سيني جو راز ماٺي جي ماٺائي کان مٿي ۽ ڇوهي جي ڇوهائيءَ کان ڇنائي هليو هلي. اهڙي انقلابي آلاپيندڙ جي يادگيري مصور، مشڪل ايامن کان اڳي تائين هلائي قائم ڪري سگهندو.

شاهه آواز اُٿاريو ڀٽن ۾. اُن آواز کي ڪيترا راڳي وقت بوقت تازو ڪندا ٿا رهن مگر اُهي سناٽي واريون سهايون، مهڙ اونداهيون راتيون جن جي رڳه رڳه رباب ڪري ڇڏي، اُهي ڏينهن جن جو جسم ۽ اسم آلاپ ڪباب ڪري ڇڏي، اُهي ئي يڪتاري يا دلارو ٿي سگهن ٿيون.

شاعر ٿو چوي ميلائي اهڙو مچ مچائي سگهن ٿا، کيس ڄاڻ پئي ٿي ڏسجي جو ان 53 سال اڳه لکيل خط ۾ لکي ٿو ته مون کي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ جڏهين ڪنهن عوامي شاعر جو ميلو لڳندو آهي ته ماڻهو راتن جون راتيون تند تواريندا رهندا آهن. سال گذرندا پي رهيا آهن مگر سنڌي پنهنجو رويو قائم رکندا پي آيا آهن. اهڙي ميلي جي تياري لاءِ ڪي ڪميٽيون ڪٺيون ڪين ٿينديون آهن ۽ نه جماعتون ڪو جمع ڪيل ناڻو ڏينديون آهن. مونکي ته شاعر جي شان، مان قائم رکڻ جو ڪو ڪامل رستو ٻيو سمجهه ۾ اچي ئي ڪين ٿو.

ايامن کان اهي راتيون راڳه واريون ڀٽ تي قائم دائم آهن. انهن راتن جي ريس ملڪ کي ويڙهيندي پئي اچي. ڳوٺ ڳوٺ شاهه جي ورسي ملهائيندو ٿو رهي. مگر اڃان به ڪو ڳولائو، اڃان به ڪو پانڌي پنڌ جو هنڌ ۽ سنڌ سخن ۽ سرود مان لهيون نٿو لهي ته هو ڪٿان ٿو نڪري ۽ ڪٿ ٿو ويهي ۽ وري پيهي ڪٿ ٿو.

ائين ته ڪين ٿو ٿي سگهي ته شاعر اول سر سهڻي آلاپيو هوندو. سهڻيءَ ۾ سڪ آهي؛ انهيءَ سڪ ۾ سوز آهي. انهيءَ سوز مان نوروز نڪورو نروار ٿي پيو هوندو شاعر جي نيڻن ۾ دلو به تشبيهه وسيلي ليءِ؛ درياهه دنيا جنهن ۾ ڪو تارون تکه ۽ تار جو. اول کان ستي سڪ جي هونديس به ته به رنداني راهه جي سيري جو پهريون ڏاڪو ڪئن ٿو ابهو سو ٿي سگهي جڏهين شاعر موت جي حسن تي مست ٿي سهڻيءَ کي اُتس فدا ڪيو ٿو ڇڏي. شايد ان کان اڳ راهه ۾ رلڻ سسئيءَ وارو، سندس پنڌ جي پؤڙيءَ جو اڳيون ڏاڪو هجي. پنهونءَ کي ته سندس ڀائر کنڀي ويا. سسئي ٻارن وانگيان ويسهه ۾ ستي رهي. اُٿي ته چوندي رهي مون سان ڏيرن ڏاڍ ڪيو. منهنجو پنهل ته ڪين هيو. ڇا ايهو سر سهڻي کان پوءِ هوندو. رلڻ موت تي موهت ٿيڻ کان اڳه ٿو ٿئي. ڪهڙي جاءِ ان سر جي سيريءَ ۾ ٿيندي تنهنجي فيصلي لاءِ ٿورو تحمل ڪرڻو پوندو.

هن سونهاري سنسار ۾ ڪيتريون نه ڪڻيءَ واريون ڪامڻيون ٿيون ٿين جن جي مٿي تي جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس ٿين ته اُهي هرکه هاريو وهن. حسن تي هرکه هارڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ جو داستان اوائلي داستان ٿو سمجهيو وڃي. ليلا راجا جي راڻي آهي. راڄ ڌياڻي آهي. جيڪي کيس گهرج ۾ هجي ها سو سولائي سان اک جي اشاري تي اچي اڳيانس رکن ها. هوڏانهن ڪونئرو آهي جا چنيسر جي هاڪ ٻڌي بي باڪ اچي ليلا وٽ ٻانهي ٿي ٿئي، حرفتون ۽ حيلا هزارين ٿي هلائي؛ رس ۽ جس جا ٻاڻ خوب ٿي چلائي مگر سندس ڪا به چالاڪي ليلا جي چت کي چوٽ نٿي ڏئي. منٿون ٿي ڪريس ته هڪڙي رات چنيسر سان چوڄ ڪرڻ ڏي. مگر ليلا ڪٿ ٿي ڪنت ڪونئروءَ کي ڏي. هوءَ پڄي ئي نٿي. ڪونئرو مٿا هڻي بيٺي آهي مگر وٽ وٽي اصل ڪين ٿي. آخر سوچي سرڪ ٿي گهري. هار هڪ وٽس آهي سو کڻي ٿي سيني تي سجائي. هار تي جي نه چٽ هوا تن ليلا کي لوئي لوڙهي ڇڏيو. هوءَ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هئي. ڪونئرو کي ته قيمت جي ڪمي ڪانه هئي. هوءَ ته ڪونئري قرب ۾ ٿي پيئي هئي. وري به چيائينس چنيسر جي هڪ رات جي صحبت. ليلا چري هئي هار تي تنهن ڪونئري جي وار جي ڌار جي سمڪ ئي نه رکي. حسن جي حرص ۾ هاڪري هڪ رات ڇا مگر هميشہ لاءِ پنهنجو سهاڳ وڃائي ويٺي. حاصليت کي ڪئن ٿو هٿون حرص وڃائي ويهي تنهنجو فڪر آهي مگر ذڪر هن داستان ۾ انسان جي ڦاسڻ جو ڦندي ۾.

هت ڪو مومل وارو طلسم جو ٺاٺ نه هو. هت ته چمڪ جي چمڪ هئي. جنهن تي من ريبجي فريبجي پيو. هوڏانهن راڻو رنڀ ۽ دنڀ وارن شيرن ۽ بلائن کي نظرانداز ڪري ڪاڪ ڏانهن ڪاهيون مومل جو ماڻ وڊاهيون سڌو هليو ٿو اچي. هزارن ڪنڌ ڪپايا هوا مومل جي حسن تي، مگر راڻو راٺوڙ هو جو انهن ڊپن ڊاون جي ڦاهن ۾ ڦاسي ڪين پيو. ناتر جي ناز جي راز کي عشق جو آغاز سمجهي اُتس هرکه هاري ويهي نه رهيو واٽ تي. شڪاري شائق پنهنجو نشان نظر ۾ رکندو، پانڌيڙو منزل ڏانهن منهن موڙيندو رند هند سنڌ کي پاسيرو رکي، جسم کي جوفا ڏئي پيو ڌنوڻيون ڦوڪيندو. مومل راڻي جي بهادريءَ اڳيان پاڻ هارائي ويٺي مگر سومل سان ٻيلهه سمهڻ ۾ راڻي کي رسائي ويٺي. ڏيا تيل ڦليل جا ٻاري تاڪيون تڪڻ لڳي. تارا ڪتيون جڏهين مڙندا ويا، ٽيڙو ٽري ويا، صبح جي بانگ جا آواز ڪن پيس، ڪانگ لنوڻ لڳا تڏهين پڪ ٿيس ته راڻو نه آيو. حيلا هلايائين مگر هوت وٽ هڪ به نه هليس. آخر موت کي مرحبا چئي ڏاگهه تي چڙهي ويٺي. راڻي کي جڏهن خبر پئي ته مومل ٿي پاڻ کي جلائي پورو ڪري تڏهين ڊوڙندو آيس. چي هاڻ هوڏ تان لهي اچ. مومل عاشق ته لعل هئي تنهنکي موت ڇا ڪندو. هن هڪل ڪيس ته او راڻا سياڻا! منهنجو ڏوهه گناهه ته ڪو نه هيو پوءِ به سزا اهڙي سخت. هاڻ موت ڌاران ميلو مشڪل آهي. سهڻي ٻڏي مئي، سسئي رلي مئي، مومل جلي مئي. ايهي ٽيئي سر هڪ دفعي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. ليلا ۽ مارئي ٻي دفعي ۾. مارئيءَ کي لالچون آڇيون ويون مگر محبت سندس ملير ۽ مڱيندي لاءِ کيپ کٽي. ليلا لڙهي ويئي. سهڻي به لڙهي وئي لهرن ۾ مگر مارئيءَ وار واسي نه ڌوتا، ڪلهي ڦاٽو ڪنجهرو نه بدليو، ليڙون لوئي ٿي ويس ته به مرڻ تائين نباهڻ جو نعرو هڻندي رهي ۽ عمر کي چيائين ته لوٿ منهنجي ملير رواني ڪج. ڪيڏي نه وفائي جو وٿ آهي هن ويچاريءَ ڳوٺاڻيءَ وٽ وفا ۽ جفا جي جنگ ۽ رنگ جو هيءُ بي مثال بيان آهي. عورت جا سون چانديءَ جي چمڪ ۽ ڇمڪ تي چري هوندي، سان ڪيئن محڪم ارادي سان، عمر جي آڇ کي ڇوهي جي ڇاڇ ڀانئين انکي ٿوکٽا ڪيو ٿي ڦٽي ڪري. ليلا ۾ مارئي حقيقت جون صورتون آهن. هڪ موتين تي موهجي ڊوهجي ڍول وڃائي ٿي وهي. ٻي ڍول جي ڍار رهي لوڀ جي طوق مان پار اُڪري ٿي وڃي. هڪ غلاميءَ جي صورت آهي ته ٻي آزاديءَ ۽ عصمت جي مورت آهي. مينهان ۽ نينهان ٻئي آلڙ هيڪڙي. محبت جي پار جي وڃڻ لاءِ واجهه وجهن سي لڪ لنگهڻ، چاڙهيون چڙهڻ، ٻڏي مرڻ، جلي خاڪ ٿيڻ لاءِ سدا تيار ٿا رهن. لهن به لعل اڻملهو اُهي ئي ٿا. وڏو طالع تن جو جي رستي منجهه مرن. مرڻ ته جسم جو ڏاج آهي مگر ڏاگهه مومل جهڙيءَ منڌ جو ساج آهي.

جسم جي ڪوٽ ۾ رهندي جمال جرڪي اچي ٿو سمي کي گندريءَ جي گهر ۾. نور الاهي وقت سمو هنج ڪيو ٿو هلي، نڪي آهي کيس رسم جي رواج جي ڪاڻ، نه اٿس ڪو راجائي رنگ جو ماڻ. جمال کي جڏهن جهوليءَ جلال ٿو جهلي ته او جهڪي اُن ۾ پاڻ سمايو ٿو ڇڏي. جلال تڏهين جمال کي ڪل ڪمال بخشي کيس بحال ٿو ڪري. اهو دڳه آهي دوست جي ديري جو.

هڪ طرف آهي موت جي محبت ٻي طرف سونهن جي صحبت. انهن ٻنهي ۾ ڪا ٻيائي جي ديوار آهي ڪين. سهڻي کي يقين هو ته ٻڏيءَ جا ٻيڻا آهن، سسئيءَ کي سڪ جي ڇڪ ايڏي ته اوچي هئي جو چيائين پي ته ملي ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان. انهيءَ وفائيءَ ۾ اهڙي ته جدائي ڀري وئي جو هوءَ چوڻ لڳي پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪچن ڪاڻ پنهون ٿيڙس پاڻ، سسئي تان سور هوا.

مومل جو حسن بي مثال مشعال وانگر عيان هو ته به بيان جو شاهه ٿو پيش ڪري مومل کي مجاز جا هوا اکين ۾ الماس سو مٿاڇرو آهي. قدرت جي نظارن جا چٽ جي شاعر چٽي به ٿو ته به زندگي جا سندرتا ۽ جمال آهي سا باکه ڪڍي تي ڪين ٿي عشق جا افسانا اکڙو ڪرسان کڻي کولي ڏيکاريان مگر اُهي ته به مانا آهن. ڇوهه ڇوهي جو، پاڻيءَ جي اُڀر نيلي رنگ سان نروار کڻي ڪجي مگر گاج ۽ گجگوڙ گجميل واري گم آهي. مصور کي انهيءُ مام جي گم ئي ڪانهي ته محبت بي بيان آهي. حسن عيان هوندي به نهان آهي. ڪير ٻڌائي ايها ٻولي  ٻوڙي کي. گونگو گيان ڪٿي به ته ٻوڙو ٻڌي ڪئن؟ گونگو کائي ڳڙ مشڪي ڪشڪي ڪين ڪي، وڃي وات وائي ڪڍندو. اديون اوهان ڇا ڏٺو هو، جيڪي ڏٺو هو مون. سج چنڊ تارا ڪتيون تنهن کان محب مٺو هو! ڪهڙو آهي سندس روپ ۽ رنگ؛ ڪهڙو آهي سندس ونگ. من واڻيءَ کون پري آهي وستار اُنجو ميهار هڪ آڪار آهي مگر ان ۾ ڪهڙي مڻيا ۽ ڪڻيا موجود آهي؟ انهي سونهن ۾ ڪهڙو سوجهرو هو جنهن سهڻي کي مينگه هڻي سوگهو ڪيو جو هوءَ گهاگهائي گهري پئي مهران ۾. حد تائين اکر اشارا ڏين ٿا مگر ان سرحد کان پري او چپ ۾ چور آهن. من ۽ دل ڪيڏا به تصويرن جا انبار ٺاهن ته به اُنهن کان به اعليٰ آهي آڪار عشق جو.

عڪسي اُتارا ڪرڻ وارن رنگن کي به جهٽڻ سان ڪمال ڪيو آهي. شاعرن بيان ۾ آڻڻ سان احساس ۽ تاثرات پئدا ڪرڻ سان وس ڪيو آهي مگر حسن اکرن جي چوديواريءَ ۾ ڪٿ ٿو قابو ٿئي، اُهو آزاد آهي. عشق گونگو آهي يا کڻي چئجي ته چوٽ ۾ اهڙو چور ٿي ويو آهي جو چوڻ چڪي ويو اٿس. ڇا ٿي اکه چکي؟ ڪهڙي لکه ٿي لکي تنهنجو ليکو لکي ڪير؟ مرڻ مهل ڇا ٿو دل جي ڦرهيءَ تي اچي بيهي تنهنجي سڪ سمڪ اُنکي ئي هوندي جنهن مٿان سڪرات جو سمو اچي سهڙيو هوندو. ٻڌائي ته سگهندو ئي ڪين. راز کي کولڻ جي منع آهي مڙسن کي.

شاهه جي شاهوڪاري ڪٿان شروع ٿي. اول آکاڻيءَ ڪهڙي ۾ اوائلي آزمودو بند ڪيائين، پوءِ ڪهڙو ڏاڪو ڏاڪڻ جو چڙهيو ۽ پوءِ ڪهڙو، تنهنجي اُپٽار اڃان تائين ڪنهن ڪين ڪئي ٿي ڏسجي.

بيان ته دهشت دم درياهه جي ناڪارن ڏونگرن ڪهه گهڻي ٻي واٽن تي واري، جي کڻي ڏئي به ٿو ته به ناتر وانگر گوهي ڏئي نڪريو وڃي ۽ مومل جي ماڙي تائين پهچائي ڪين ٿو. گودڙين ۽ گوسائن جو سنگي هو؛ نانگن ۽ مونن جو محبي ۽ صحبتي هو ته به گس ڏيکاري، رس ۽ چس چکائي پاڻ نڪريو ٿو وڃي. ڀل ڍونڍيندڙ مونا ڀڃي ڪنڌ جهڪائي ويٺو ڍونڍي.

آکاڻيون شاهاڻيون آهن. منجهن مام محبت جي به مئو آهي. عشق جي اکٽ اُٿل آهي ته به اڃان به ويڪر، اونهائي، چوڙائي جا چارا ڪنهن ڀيٽيائي ڀَو کان يا ڍوَ کان آهن ئي ڪين. ڍو ته ڍولڻ جي ڍار ۽ چاڙه مان ٿيندو ئي ڪونه؛ ٿڪي ڪڏهين پڪي نه چئبي. تڏهين رسالو مصالحو مصلحت جو ات اچي پورو ٿيو ڪئن، جت اکر ٿا اورون اورين يا اُت جت سامي ٿا سمر نيون سورين. جواب وري به شاه جي اکرن ۾ نه اوراڙ نه پراڙ. ٻاروچو ٻي پار ته ڪونهي. ٿيءَ سسي، ٻند سندرو پرت پنهون سين پار؛ نائين نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو واعدو وصل جو اصل کان اٿس ته به چوي ٿو تون به ٿج اڳڀري متان ائين چوي ٻروچ ته ڪمينيءَ مان ڪين ٿيو چنيسر سين چاڳه متان ڪا منڌ ڪري هتي جڏهن به هوڏ ٻڌي گوڏ ڪري ٿي بيهي ته گوهي اهڙي ٿو ڏي وجهيس اڳلو جو ويٺي چوي ناريءَ تڳي ئي تنهنجي يا وري ٻي گهير ۾ اچي ٿو اوري.

ڍوليا ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان؛

مون ور تونهين تون، تو گهر وهون ڪيتريون.

 

تون صاحبزادو سپرين، آءٌ نسورو نوڪر؛

بيحد ڪريان بندگي هٿ ٻڌي حاضر؛

ڇن ڇڏيندس ڪين ڪي دوس اوهان جو در؛

مون تان مهر نظر پرين لاهه م پانهنجو.

 

سال ٿيا ته بينگال ديس مان ڪهي آيو عطائي هت. فقيرن جو محبتي هو. راجپوتانا جي راڻي فقيراڻيءَ جو فڪر ۽ ذڪر هت کڻي آيو جي ميران جي سموري سڪ جي سيري سندس ڇهن شبدن مان ٿي ظاهر ٿئي. اُنوقت ئي مون انهيءَ عطار کي چيو خبر ڪئن پئي. هن چيو ماءُ ڌيءُ کي علم سمورو سيکاريندي. مگر ڄاڻ سهاڳه جي لاڳ ۽ راڳه جي کيس ڏيندي ئي ڪين.

ميران جو پهريون قدم اڳتي هليو جڏهن ماءُ کيس چيو ته گهوٽ تنهنجو گرڌر آهي. تنهن بعد هو چوڻ لڳي.

سني هي مئن ني هري آون ڪي آواز.

تڙپ تکي ٿي. هوءَ هيڏانهن نهارڻ لڳي ته ڪيڏانهن ٿو اچي ڪانڌ منهنجو. شاهه جي بيتن ۾ مومل جي داستان ۾ ساميءَ جو بيان ٿو ڪري جو سندس دل کسي ويو ٿو ڏسجي.

يا وري سر سهڻي ۾ ٿو چوي:

صورت صاحب ڄام جي، سا جا ڏٺي آن،

ته هوند پليو مان گهرو سڀ گهڙا کڻي.

اڳتي هلي ٿو چوي:

انڌيءَ وچون، تنگي وچون تن گيان لهي نه تکه؛

صورت صاحب ڄام جي ڏيل پنهنجي ڏکه.

هاڻ تڏهين سوال اُٿي ٿو ته سر سهڻي اوائلي سر آهي ڪي مومل راڻو. شاهه ته جبري جفا، جاچ، جاکوڙ، جنگ، جهد جو مجاهد آهي پوءِ ڪئن يڪدم فتويٰ ڏئي ٿي سگهجي ته هت پهرين قدم جا نشان آهن. پهرين ته دنيوي انسان کي نفس ٿو نهوڙي. لوڀ لالچ، طمع ۾ کيس ٿو لوڙي ۽ ٻوڙي. ڇو ته ائين چئي مقرر ڪجي ته ليلا جي ڪچائي ۽ ڦڪائي انساني طلب ۾ پهرين ترڪڻ آهي جتان شاهه پڻ ورانگهه وجهي لنگهيو ٿو ڏسجي. چنيسر کي موتن اُت ٿي رمڻي مٽائي. ڪامڻيءَ ۾ ڪا اونهي آگ آهي چمڪ ليءِ. ڍرڪي ٿو پئي پنڊو ڪچو هيءُ پوءِ جڏهين پٺيارو ٿي ٿو ڏسي او ته پسي پيو اُهو ڪي جنهن مان پريشاني ۽ پشيماني ٿي کيس پڙ پئي. ليلا جڏهن ور وڃائي ويٺي، گهر ٻار گنوائي بيٺي اُن منزل تي جت اونداهي هئي. هاءِ گهوڙا ڪري چوڻ لڳي الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏکه ڏسن؛ مون سان مون پرين، ڀوڙائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

رسڻ سو راڻي ۾ به آهي مگر اُت هڪ ٻي قسم جي غيرت تي ور کي حقارت ۽ نفرت ٿي اچي وٺي. راڻي کي حقيقت معلوم ڪينهين ته ٻيو شخص مرداني پوشاڪ ۾ ٻکه وجهي مومل سان ستو پيو آهي سو آهي ڪير. ٻئي مرد کي ڏسي هو باهه ٿي ويو. ٽاهه کائي لڪڻ نشانيءَ طور ڇڏي ويو هليو. آخر ايتري قدر ته عشق ۾ بي تاب ٿي چوڻ لڳي حال گهوريان، ماک گهوريان، گهوريان لڊاڻو؛ فدا ٿي فقير جي، شل رسي م راڻو. غيرت ته بعد ۾ ٿي سر مٿي ڪري. اول ته آهي موهه مڻي جو. زوريءَ کنڀي ٿو وڃي عمر، مگر واعدو سندس کيت سان هزارين لالچون ڀڃي نٿيون سگهن. چئجي ته هيءُ پوڙي جو ٻيو ڏاڪو آهي. شاعر جو خاڪو ٿو پيش ڪري سو لاشڪ لطيف ۽ نفيس آهي. نفسيات جي نگاه سان نقطو نوراني هر هڪ مان بکندو ٿو رهي مگر لهي ڪير ترو انهيءَ مهران جو. غواض هجي ته ٽٻي ڏئي سپ هٿ ڪري جنهن ۾ بي بها موتي هجن.

ٻيا ٽي داستان آهن ٻڏ مئي، رل مئي، جل مئي جا. جلڻ ۽ جرڪڻ ته آهي ٽنهي ۾. ڳولا ۾ رلڻ آهي ئي آهي. خيال ۾ بي حال ٿي يا ته زمين دوز ٿو ڳولائو ٿي وڃي يا آب جي زير اچي دل پذير وصال ٿو حاصل ڪري مگر اهو به لاچاريءَ جو آچار آهي. وڇوڙي جي وڍن جي تيزي ڪري جو سموري سنسار کي پٺ ڏئي هو جسم جان قربان ڪرڻ لاءِ قصد ٿو ڪري ته مقصد ۽ منزل کي ٿو رسي. وصال جو مينهن اُتس پوءِ ٿو مٿس وسي. عام ڇا ڄاڻن ڪهاڻي ڪوٺ جي؟ ائين چئجي ته شاهه هي تصويرون چٽيون آهن ۽ سندس آزمودي جا عڪس نه آهن ته به ڪيترو اُن ۾ سچ ۽ ڪيترو ڪچ تنهنجو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. جي چئجي ته ايهي اٽڪون ۽ لٽڪون لنگهي هو اُت رسيو جت نفي به نانهن ته اثبات به نانهن. انهي هوندي به حدبندي سروري ڪرڻي پوندي نه ته بم بازي دائمي ٻيءَ سرحد جي ٿيندي رهندي. انهيءَ کان ته فقير امن ۽ امان گهرندا آهن. ٻيو طرف جي ڏسبو ته عشق ۽ ايمان جي سلامتيءَ جي جنگ ۽ جهد آهي. هڪ پاسي سسئي جو سوز آهي ته ٻي پار آهي سهڻيءَ جو نوروز، عشق افروز نظارو. وچ وهي ٿو درياءُ. دنيا سڀ درياهه ڪو ڪو تارون تنهن ۾ مگر جي سهڻي جيان ايمان ايڏو هجي ته هوند هر ڪو حرف ايهو ئي آلاپيندو رهي جا هڙ اندر جيءَ ۾، سا هڙ ڇڙي ساهه جي.

عشق جو ايمان ايهو آهي. نشان ايهو. جيهو وري جس وارو ڪٿ ڳوليو ملندو؟ سڪ سوز سهمان ساج آهن سورميءَ جا. ميران کي ٿا چون ته ڏس لوڪ ليها گيها ڪيڏا ٿو توکي لائي. کين جواب ڏنائين هڪ ليهو الائي ٿو ته آواز عجيب جو. گهوڙا نه جڏهين شاهه جا ٽپ ٽپ ڪندا ايندا ته ڌڌڙ ۽ گهمسان خبر خير جي ڏيندا. اچي ٿو او جنهن ليءِ مون ٿي پوٿيون پٽايون. سهڻي جڳه کان سهڻي. واتون ويڻ ڪڍي ئي ڪين. چوندي ساهڙ جا سينگار مون اڻ لکيا اڳي هوا. سدا صبر ۽ شڪر ڪندي رهندي ميارون ميهر کي ڏيندي ڪين. يقين جو اٿس ته ميهر مهر ري ڪونهي. جي کڻي چوندس سرتيون ساهيڙيون ته کين چوندي مينهون هن ميهر جون سدا شال جئن. سسئي چوندي اديون منهنجو پنهل ته ڪين هيو ڏيرن ڏاڍ ڪيو. اڳتي هلي چوندي ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو ئي نه ٿئي آخر جڏهين دئي جي ديوار ڀڄي ڀري ٿي پويس ته پنهنجي اندر ۾ ٿي سڀ پسي ۽ چوي ٿي:

پيهي جان پاڻ۾، ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچن ڪاڻ؛

پنهون ٿيڙس پاڻ، سسئي تان سور هوا.

 راڻو ماڻو آهي ته وري حسن سياڻو آهي. طلسم آهي پکڙيل. راڻو حسن وٽ وڪاڻو آهي ته منزل تي رسڻ ڌاران پيو نه پوئتي ڪندو. سو تريءَ کڻي سوريءَ تي سوار ٿيندو ته به ڏورڻ ڪين ڇڏيندو. محبت ته موت؛ موت ريءَ محبت نه مچي. ميل وڇوڙي جي راند ۽ جاند جا اول کان آخر تائين پي هلي سا عاشق کي معشوق لاءِ اُڇل ٿي ڏياري ۽ وري معشوق کي عاشق بنائي کيس جيئري جان جي فدائي جي ادا ٿي سيکاري. ميهر سهڻي کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ درياهه ۾ ٿو ٽپو ڏئي ۽ ٻکه وجهي پاڻ به ٻڏي ٿو وڃي. حد آهي عشق کي يا بي حد آهي ايهو. حد به ٿو رکي ته بي حد جي چکه چکي بي حد به ٿيو پوي. ايهو آهي جو زندگيءَ ۾ انقلاب آڻيو ٿو ڇڏي. ملڪ ۾ نيون اڏون اڏي ٿو ڇڏي. ميهر عرف بيگه، پنهون، راڻو گهراڻي گهر جا گهوٽ آهن جي عقل جي ملڪ ۾ کوٽ پسي اوٽ وٺن ئي عشق جي جنهن جي هدايت کين جمال جسماني ٿو ڪري جنهن مان عشق آسماني رحماني ٿو اُڀري هلي. ترڪ آهي ڪمال. بي حال هوندي به بي مال، بي خيال نه آهي. دولت جي لٽ، خيال جي ٻٽ، حيراني، بيراني، ويراني ۾ به حسن جي حيرت آهي. عبرت آهي اڳتي قدم ڪرڻ جي. دم دم تي قدم ڪمال ٿو ڪري. سسئي سمجهو ته پنهون هاڻ پاتو اٿم، کيس سيني لاتو اٿم ته اوچتو ئي اوچتو اوٺي آيا جن جي سوارن پنهون کي سوگهو ٻڌي کڻي مڪران جو پنڌ پٽيو. ايها هام هٿ ڪرڻ ۽ حاصليت حاصل ڪرڻ جي هوت سهي سگهيو ئي ڪونه ڇو جو عشق احد آهي، امر آهي، آزاد آهي. وس کي واسي جو سو ڪئن اڻاسيءَ ۾ اڙجي ويهي. جڏهين ايها منزل ٿي اچي ۽ ميران ٿي چوي مئن گووند ليو هي مولهه، ڪوئي ڪهئي مهنگا، ڪوئي ڪهي سهنگا، مين ليو ترازون تول. ته مشاهدو سندس ماڻڪن مان ويندو رهيو. اهائي آهي انڌاري رات سهڻي واري؛ اڻٽيهين کان به اونداهي آهي رات ايها جڏهن گهڙوبه آواز نٿو ڪري. وڇوڙو به وڍ وڍيندو ٿو رهي. پوءِ ته آزيون ۽ نيازون آهن مدد ڪر ميهار، ترهو ڇنج م تار ۾. مومل به بي خيالي ٿي سمهي ته سومل سندس ڀيڻ اچي ڀر ورتي. سومل ڪير آهي جا ٿي کيس راڻي کان وڇوڙائي. هيءُ مڪاني مثال لامڪان لاءِ مشعال ٿيون ثابت ٿين مگر قدم جي ثابتي اثباتي عشق جون ٿيون ثابت ڪن.

نفي ۽ نابودي ۾ به هستي اچي مستي ۾ مچي ۽ غافل کي ڪاهل بنائي هڪواري نيست ۽ نابود ٿي ڪري.

ميران هام هڻي پاڻکي پڌرو ڪري وڌو. مئن گووند ليوهي مولهه ڪوئي ڪهي مهنگا، ڪوئي ڪهي سهنگا، مئن ليو ترازون تول. سهڻي هام هڻي نه ڄاتي؛ سسئي وصال جي مستي ۾ الوٽ پئي رهي مومل راڻي جي ريجهه ۽ رسڻ نه ڄاڻي سومل سان سمهي رهي؛ ليلا محبت پنهنجي تي مغرور ٿي مڻي تي مڙس مٽائي هارائي ويٺي هوت. گندري نور واري، نماڻي هميشه پنهنجي اصل نسل کي ياد ڪري پئي چوندي هئي تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيب لکه هستي ڪنهن سورميءَ ۾ ورلي ٿي واس ڏئي. مومل پاڻ پنهنجي ماڻ ۾ لاپرواهيءَ ۾ ستي رهي. راڻو سومل کي ستو پسي ٻيلهه پنهنجيءَ محبوبڙيءَ سان ڏهاڳه جو ڏنڀ ڏيئي رسي ويو ڍٽ.

مومل اُٿي نيشان ڏسي سسي وئي. چوڻ لڳي راڻا رسڻ گهوريو، آزي ۽ نيازي ڪرڻ لڳي. اوچي ڳاٽ جي اچن سي ڪڏهين ڪيم لهن پر جو پير. ملهه ڳنهڻ بعد آهي ماڳه منٿ جو. ميران ٿي چوي مني چاڪر راکو جي. ڪٿ خاوند واري هڪل، خريدار واري اُڇل ته ڪٿ نرٻل واري نيازي.

شاهه ڪهاڻين جي وسيلي رسيلي آواز ۾ راز رحمانيءَ جي ريت ۽ راند رچائي ته وري سامونڊيءَ ۽ سارنگ ۾ سفر سئر ۽ سڪ جي رنگ ۽ ونگ جي بين وڄائي آهي. ڪهڙي نه لطيف آهي لات، مينهان ۽ نينهان ٻئي اکر هيڪڙي. سامونڊي سفر ليءِ سنڀريا، سندس سڪايل هنجون هاريندي رهي مگر سامونڊيءَ کي ڪو ڌڌڪو نه آيو، نه ڪهل آئي ۽ نه ڪهڪاءُ. هو پنهنجي ماڳه هلندو هليو، جي نه ٽمڻ جي ٽور ڏسي مور مرد وٺي ته هوند منزل دور ڀڄندي وڃي. دنيا سڀ درياهه آهي. ڪير اُنتي چادر وڇائي نماز ادا ڪري. ڪو ڪو تارون آهي تکه جو نه ته سڀ تانگهي ۾ ٿاڦوڙا هڻندا ٿا رهن.

لطيف لطافت سان سڀني سئر جي تهن ۾ گهري دهن خواهه ڌمائن جي فصاحت ٿو ظاهر ڪري. سوز جي سمنڊ ۾ گهڙي، ڪچي لي تي سهڻي کي گهيري ميري ٿو ڇڏيس ميهر سان. ڪچو، ڪچو سچل نه سمجهو، اُن کيس پڪي کان به سير سرس ڪري سمجهو جو چيائين قربان اُن ڪنڀر تان جنهن ڪچو بنايو؛ پڪي مان ڪين ٿيو مونکي ڪچي ملايو. ڇا لطيف جي لکه اهڙي تکي نه هئي ڪئن. لطيف نيٺ به لڪ وارو. سچل سرمست. هڪ ۾ سوز جو آٺريل عميق ته ٻي ۾ مست مهران جي موج مستي. آواز عشق جو الستي انهن ٻنهي ۾ پوءِ ڪير اڳي ڪير پوءِ. انهي پنڌ ۾ مڙيئي محبوب اڳي کان اڳي.

فاتح کي فتح جو حرص ته عاشق کي سدا هار جو سينگار. دم دم هن کي ڄار ۾ ڦاسائڻ ليءِ پيو ڦاها ڦڪي. عاشق ته سدا ڇڪ ۽ ڇڪ اُها ٿو ڇڪي جنهن جي نشي ۾ الوٽ ٿي مستي هستي جي هلاک ڪري الستي بي آواز آواز کان اُڪري اُت ٿو وڃي رسي جت وسي پيو مينهن؛ گجي پيو جت شينهن؛ چمڪي پئي وڄ جا ڪڙڪي کيس ٿڙڪائي کڙڪائي ٿي؛ جا نينهن جي نابوديءَ ۾ کيس ٽٻائي، لطف سان کيس لٽڪائي لاهوت، ملڪوت، باهوت کان پار ڪري، تار ڪري ٿي ڇڏي تار ۾. پڇ جي پنڌ پيرا پنهون جا سسئي به پوئتي ڇڏيا. چيائين ڇو ٿيون ڀينر پڇايو پنڌ پيرا، واٽ وندرجي وڻ پيا ڏسندا. وندر کان نڪري ويرانيءَ ۾ جڏهين ٿو جيو اچي تڏهين ته آسمان جي اوندهائي سندس اکين کي گليو ٿي وڃي. عڪس ۽ رقص جا سمورا وسيلا ڀڃي هو حق کي هڪ هڪ ۾ ٿو پسي. سير آهي سندس پوءِ سڀت ۾؛ پوءِ سنڀت ڇاجي سفر ڇاجو؟ اميد ڇاجي؟ آسرو ڇاجو؟ لطف ۽ لطافت مڙيوئي راحت روح جي.

منزلن مان لنگهي او کين کنگهي به نٿو کيڪاري. منزل ۾ به لطافت هئي ته لنگهڻ ۾ به اُهائي ته ليڪڙ جي ٻيڪر کي ٿوڪارڻ ۾ ڪا ٻي ته شيءِ نظر آهيس ئي ڪين.

هو ته رومان جو راڻو آهي. مومل سندس آهي حق جي حقيقت جا ظاهري طرح آهي زندگيءَ ۾ مگر جنهن جي جمال کي ڏسي نٿا ڏسون پسي نٿا رسون.

ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لکه هزار.

جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، مگر درسن ڌارون ڌار

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪئن چوان.

هر هڪ ساهه واري کي پنهنجي ساهڙ جي سڪ ٿئي ٿي. هو انهيءَ کي سيني ۾ سانڍيندو ٿو رهي. ايها سڪ جي هڙ هو سيني ۾ کڻي هلندو ٿو هلي. راز ئي سندس ساز آهي جنهن تي هو آواز ڪندو ٿو اچي:

جا هڙ اندر جيءَ، ساهڙ ڏني ساهه کي

سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ، ساهڙ ريءَ سميع.

انسان وري به ٻولي ٿو سگهي. اُنجي رومان وري به انسان سان ٿي ٿئي مگر بلبل جي گل سان، چڪور جي چنڊ سان، پتنگه جي شمع سان ٿيندي ٿي رهي. ڇو پتنگه پاڻ جلايو ٿو ڇڏي شمع جي شعاع تي. شاهه اُنتي به اڪن ڇڪن آهي. اُنمان سبق ٿو سکي. نهائين کان به اخلاق جو انگه ٿو پرائي چي:

نهائين کان نينهن سکه جا سڙي سارو ڏينهن مگر ٻاهر ٻاڦ ڪڍي ئي ڪين ٿي.

ٻڪرين کي سڪ هئي. اَساٽ هئي مگر جڏهين پاڻي پي رڄجي پيون ته اُتي ئي ڦونگڻيون لاهڻ لڳيون. انهن کي ڏسي شاهه چيو:

ڏوريان، ڏوريان، شل م ملان هوت

ڏورڻ ۽ ڏسڻ جو ڏاج شاهاڻو شاهه جو هو. ورسي ملهائڻ جو فائدو تڏهين ئي سمجهبو جي سندس ڪلام سان سلامي ٿي سمون گندري وانگيان گذاري هٿ ڪنداسين هوت. انهيءَ ڏس ۾ ڀٽائي ڀٽارو ٿو چئي:

ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،

ٿيءُ ستي ٻڌ سندرو، پريت پنهون سين پار،

نائين نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

ڪريم بخش خالد 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com