سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :7

 

محمد شفيع علوي

 

شاهه جو زمانو (1689-1752)

 

ڪنهن به اديب، عالم، شاعر، مورخ، مصلح ۽ مجدد جي ادبي آثارن، تصنيفن، شعر، جديدي ۽ اصلاحي ڪارنامي کي پڙهڻ کان اڳ سندس زماني جو مطالعو ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻکي ماحول جي اثر کان بچائي نٿو سگهي ۽ نه وري الڳ ئي رکي سگهي ٿو. ادبي تحقيق جي ماهرن، محققن ۽ نقادن جو قول آهي ته ڪنهن به شاعر جو ڪلام سندس دور جو آئينو هوندو آهي جنهن ۾ ان وقت جو سماج، معاشره، اقتصادي حالتون، ريتون رسمون، رواج، ادبي رحجانات، مذهبي ۽ سياسي تحريڪون ۽ ٻيا ڪارناما منتڪس ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري ئي عربي شعر متعلق به چيو ويو آهي ته الشعر ديوان العرب يعني ته عربن جو شعر سندن زندگي جو داستان آهي جنهن ۾ سندن ماحول جا سڀ واقعا محفوظ ٿيل آهن. شاعر جي زماني يا دؤر جي مطالعي ڪرڻ سان نه فقط سندس شعر سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي، پر سندس حاصل شخصيت، فلسفه ۽ شاعرانه مدار جي ترقيءَ متعلق بيش بها معلومات حاصل ٿيندي ۽ انجي ڪن تاريڪ ۽ گمنام پهلوئن تي روشني پوندي. باغ ۾ ڪو گل بخود نٿو ٽڙي پر ان لاءِ ٻين ڳالهين جي ضرورت به آهي. جهڙوڪ زمين کيڙي هموار ڪرڻي ٿي پوي، عمدو ٻج ٿو ڇٽجي، وقت سر پاڻي ٿو ڏجي، ٻني ٻار کي خس و خاشاڪ کان صاف ٿو ڪجي تڏهن مس بي مغل گل ٿو اڀري، جو حسن ۽ خوشبوءِ فطرتي آهي. ساڳئي طرح هڪ شاعر به پنهنجي ماحول جو مرهون منت آهي جنهن سندس شاعراڻي قوت وڌائڻ ۾ سندس مدد پئي ڪئي آهي. اهڙا ڪي مفلق شاعر ٿورا آهن جي پنهنجي ماحول کان بلڪل بي نياز رهن ٿا ۽ انکان اڳتي وڌيل آهن ورنه هرڪو شاعر ان جو مقلد آهي ۽ منجهس پنهنجي استعداد آهر ڪجهه نه ڪجهه استفاده ڪري ٿو. اقبال جئن چيو آهي:

هست اين ميکده و دعوت عام است اينجا،

قسمت باده با اندازهِ جام است اينجا.

هڪ حقيقي شاعر وانگر شاه جو ڪلام به سندس زماني جي ڪنايتن تلميدن، اشارن، تاريخي حقيقتن، واقعن ۽ داستانن سان ڀرپور آهي جنهنجي ڄاڻڻ لاءِ شاه جي دور جو مطالعو ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

شاهه جو زمانو 1102 هه کان 1165 هه تائين مطابق 1689ع کان1752ع تائين آهي جو عصر اٽڪل اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تي مشتمل آهي. اسان کي هن عهد کي هينئر تاريخي روشنيءَ ۾ ڏسڻو آهي.

(الف) سياسي پس منظر:-

سياسي نقطئه نظر کان هي عرصو سنڌ ۾ مغل طاقت جي الحطاط ۽ زوال جو دور آهي ۽ ڪلهوڙي خاندان جي عروج جو زمانو آهي. هن عهد جي اوائل ۾ دهلي مرڪزي سرڪار پاران سنڌ جي مختلف صوبن بکر، ٺٽه ۽ سيوستان لاءِ نواب ايندا هئا جي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سيوستان جي صوبيدار ٿيڻ ۽ ٺٽي صوبه جي مقاطعه کڻڻ پڄاڻان بند ٿي ويا. ان وقت ڪمزور دهلي مرڪز جو هڪ مقامي باشندي فائدو وٺي سنڌ ۾ ڪلهوڙه گهراڻي جو بنياد وڌو. ميان يار محمد ڪلهوڙي مريدن ۽ بروهين جي مدد سان منڇر ڍنڍ کان لاڙڪاڻه علائقه فتح ڪيو ۽ مغل شهنشاهه سندس وڌندڙ اقتدار محسوس ڪري کيس خدا يار خان جو لقب ڏنو. هن هالا ڀرسان خدا آباد جو شهر ٻڌائي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. مغل سرڪار پاران هن ديره غازيءَ خان طرف ٿيل فسادن کي سرجوشيءَ سان روڪيو سندس وفات کانپوءِ پٽس ميان نور محمد ڪلهوڙه (1718- 1755) گادي تي ويٺو جنهن فتوحات جو سلسلو اڃان جاري رکندي ڪلهوڙه حڪومت وسيع ڪئي. هن شڪارپور جي دائود پوٽن کي شڪست ڏيئي کين بهاولپور ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. محمد شاه مغل شهنشاه جي حڪم سان قلات جي والي عبدالله خان تي ڪاهيائين ۽ بروهين کي فاش شڪست ڏئي پنهنجي حڪومت جون حدون بلوچستان تائين وڌائين. مغل شهنشاه محمد شاه سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي سنه 1737ع ۾ کيس خدا يار خان جو خطاب ڏيئي سيوستان جو گورنر مقرر ڪيو. هن مغلن کان ٺٽه جو صوبو خراج تي ورتو اهڙيءَ طرح ساري سنڌ جو خودمختيار حڪمران بنيو. سندس ڏينهن ۾ سنه 1840ع ۾ نادر شاهه افشار دهلي کان موٽندي سنڌ تي ڪاهيو ۽ ميان نور محمد خوف وچان امر ڪوٽ وڃي هڪ مضبوط قلعي ۾ پناهه ورتي. جئن ته امر ڪوٽ جو رستو مشڪل ۽ دشوار هو ۽ راهه ۾ کاڌي پيتي ۽ گاهه ٻني جو ڪوبه انتظام ڪونه هو تنهن ڪري ميان، نادر شاه جو اتي پهچڻ محال ٿي سمجهو پر سندس اميدن جي خلاف هي ايراني سپهه سالار اوچتو اچي مٿس ڪڙڪيو. ميان صاحب ٻيو چارو نه ڏسي ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي نادر شاه کي قرآن مجيد ميڙ ڪري پيش پيو ۽ کيس عذر ڏنائين ته جيئن ته سندس خاندان ڪيترن پشتن کان وٺي مغل حڪمرانن جو نمڪخوار ۽ باجگذار آهي تنهن ڪري جي هو پهريائين سندس اطاعت ڪري ڪو عهدو قبولي ها ته جڳ ۾ پنهنجي آقا سان بيوفائي سببان رسوا ٿئي ها. نادر شاه سندس اهو معقول عذر مڃي مٿس هڪ ڪروڙ روپيه تاوان جنگ ۽ 14 لک روپيه ساليانه خراج مڙهي، کيس ملڪ موٽائي ڏنو. تاوان جنگ جي عيوض هو سندس ٻه پٽ محمد مرادياب خان ۽ غلام شاه پاڻ سان ايران وٺي ويو. تاوان جنگ جي وصوليءَ لاءِ نادر شاه چار سو مغل سوار خداآباد ۾ ميان صاحب مٿان مسلط ڪري ويو جئن اهي کانئس اها رقم ۽ خراج اڳاڙي کيس ايران موڪليندا رهن. انهن مغل فوجي سردارن سنڌ ۾ جنسي ظلم جي باهه ٻاري ڏني. جنهن به امير ۽ سيد وٽ ڪو عمدو گهوڙو ٿي ڏٺائون يا ڪنهن مقامي باشنده وٽ ڪا جواهرات ترار يا ڪو قيمتي ڪپڙو سندن نظر ٿي چڙهيو ته اهو فوراً کانئن ڦري ٿي ورتائون. اهو ظلم ۽ ڦر لٽ سنڌ ۾ تيستائين قائم رهي جيستائين ان تاوان جنگ نه ڀريو. نادر شاهه خراج وصول جي عيوض ميان نور محمد کي شاه قلي جو لقب ڏيئي درياه سنڌ جو شمالي حصو شڪارپور ۽ بکر وغيره سنڌ کان ڇني ايران سان ملائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح هن سنڌ ۾ هميشہ لاءِ مغل حڪومت جو خاتمو ڪيو. نادر شاه جي قتل ٿيڻ کانپوءِ سندس جانشين احمد شاهه ابدالي ٿيو جنهن ميان نور محمد کي شاهنواز خان جو خطاب ڏيئي سندس ٻئي نظر بند پٽ موٽايا. جئن ته ميان صاحب کيس خراج ادا نه ڪيو تنهنڪري جڏهن احمد شاه ابدالي سنڌ مان پنجاب ٿي ويو تڏهن ميان نور محمد ڊپ کان خدا آباد کان ڪڇ ڀڄي ويو جتي وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ مراد ياب خان، احمد شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي کيس خراج جي جمله بقايا رقم ڀري ڏني، جنهن تي افغان حڪمران کانئس خوش ٿي کيس سر بلند خان جو خطاب ڏنو. هي هو شاه جي عهد جو سياسي پس منظر، جو عرصو يار محمد جي عهد ۽ نور محمد جي اوائلي دور کانسواءِ باقي سارو وڳوڙ ۽ انتشار جو زمانو هو. هن دور سان هي ٻه سنڌي پهاڪا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن ۽ جو ڏاڍو سو گابو بلڪل ٺهڪي اچن ٿا.


 

(ب) اقتصادي:-

اقتصادي نقطه نظر کان هي سنڌ جي آسودگي جو دور هو، مغل نوابن کان وٺي ڪلهوڙن جي اوئلي حڪومت تائين امن امان، صلح ۽ سلامتي سببان صوبه سنڌ زندگي جي مختلف شعبن جهڙوڪ علم و هنر، صنعتن ۽ ڪاريگرن، واپار ۽ زراعت وغيره ۾ خوب ترقي ڪئي. جئن ته حڪمران طبقو ڪاريگرن ۽ صنعتڪارن جو دلداده ۽ سر پرست هو تنهن ڪري سندن امداد ذريعي سنڌ جي هنرن ۽ ڪاريگرن گهڻي ترقي ڪئي. ٺٽه، سيوستان ۽ نصرپور ۾ اعليٰ ۽ نفيس ڪپڙو گهڻو تيار ٿيندو هو جو ملڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ کان سواءِ ڪافي انداز ۾ بيروني ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جو هن مان اندازو لڳائي سگهبو جو صرف نصرپور شهر ۾ ئي ٽي هزار ڪورين جا گهر هئا. جئن ته هنرمندن ۽ ڪاريگرن جو گهڻو قدر هو تنهنڪري ماڻهون ڌنڌو پشت به پشت اختيار ڪندا هئا جنهن ڪري کين ان ۾ غير معمولي مهارت حاصل ٿيندي هئي، ڪپڙي جي صنعت کانسواءِ، جنڊي، ڪاشي ۽ چمڙي جي صنعتن سنڌ ۾ ڪافي ترقي ڪئي جن جو مال ٻاهر موڪليو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ عام ماڻهن جو زراعت پيشو هو ۽ سندن حالت بهتر هئي. ڪلهوڙن دائمي آبپاشي لاءِ واهه کوٽايا جنهن ڪري سنڌ جي زراعت ۾ واڌارو آندو. مختلف جنسون جهڙوڪ ڪڻڪ، چانور، جوار، ٻاجهري ڀليون ٿينديون آهن. چانڊوڪي پرڳڻي ۾ عمدا چانور ٿيندا هئا. اپر سنڌ ۾ جوار ۽ لوئر سنڌ ۾ ٻاجهري عمدي ٿيندي هئي. اناج، گوشت، مڇي، ڀاڄيون، مرغيون، مکڻ، گهه ۽ ميوا جام ٿيندا هئا. سندن اگهه ڪريل هئا. سنڌ ۾ انوقت سڪر سڻائي جو زمانو هو. ماڻهو سڀ سکيا ستابا هئا ۽ ڪو انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو ڪين هو.

تنهن وقت سنڌ جو واپار خشڪي خواه سمنڊ رستي ڏيساورن ۽ بيروني ملڪن سان هلندو هو، قافلن، دنگين، غورانن ۽ جهازن رستي  واپاري ۽ وڻجارا مال ٻاهر موڪليندا هئا جنهن جي شاهدي شاهه جي سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ مان ملي ٿي. لاهري بندر، اورنگا بندر، وستي بندر ۽ شاهبندر ان وقت سنڌ جا وسندڙ بندر هئا جن تي گهڻو واپار هلندو هو.

مطلب ته سنڌ صوبو تنهن وقت سکيو ستابو هو. انجي شادابي ۽ سالم مالي حالت جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگهبو جو سنڌ هڪ ڪروڙ ناوان ۽ چوڏهن لک روپيه ساليانه خراج نادر شاهه کي ڀري ڏنو ۽ ڪيترا ڏينهن نادر شاهي لشڪر جو 51/2 لکن کان مٿي چيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ کاڌي جي عيش عشرت ۽ ڦر لٽ جو ظلم ٻاري ڏنو. جيڪڏهن سنڌ انوقت وسندڙ ملڪ نه هجي ها ته هوند اهي افغان ۽ ايراني حڪمران ڪاهي نه اچن ها ۽ سندن لشڪر ايترا ڏينهن هت نه رهي ها.

جيتوڻيڪ سڀ شيون ارزان هيون ۽ معيار زندگي گهڻو گهٽ هو، پر تنهن هوندي به سنڌي ماڻهو جفاڪش ۽ محنتي هئا آدمشماري جو گهڻو حصو ڳوٺن ۾ رهندو هو ۽ زراعت تي گذر ڪندو هو. واپاري، شاهوڪار ۽ سک ماڻهون شهرن ۾ زندگي بسر ڪندا هئا جتي کين شهري زندگي جون سڀ سهولتون ميسر هيون ماڻهو ڪسرت ۽ مردانه راندين جا ڪوڏيا هئا جن ۾ اهي پنهنجو جوهر ڏيکاريندا هئا. اميرن جي مجلسن ۾ سازو سرود ۽ رقص جون، محفلون منعقد ٿينديون هيون جتي شراب جا دور جاري رهندا هئا. ان عيش وعشرت سان گڏو گڏ عابدن، صالحن ۽ صوفين جي به ڪمي ڪانه هئي، جي شبخيزيءَ جون عبادتون ۽ رياضتون ڪندا هئا ۽ سماج جا حلقا هڻندا هئا. ماڻهن جو ديني ڳالهين  ڏانهن رجحان هو ۽ اهي صوفين، پيرن اوليائن ۾ گهڻو اعتقاد رکندڙ هئا. ان وقت درگاهون ۽ خانقاه وسندڙ هئا.

علمي حالت:- هن دور ۾ سنڌ جي علمي حالت به بهتر هئي. ملڪ ۾ ڪئين مڪتب، مدرسا ۽ دارالعلوم هئا. مڪتب ڳوٺن جي مسجدن سان ملحق هئا ۽ مدرسا، دارالعلوم شهرن ۾ هئا. روهڙي مٽياري، سيوستان ۽ ٺٽه ان وقت سنڌ جا علمي مرڪز هئا. انگريز سياح اليگزينڊر هئملٽن جو سنه 1699ع ۾ سنڌ ۾ آيو تنهن جي قول مطابق صرف ٺٽه ۾ ئي چار سؤ مدرسه هئا جن ۾ مختلف علوم و فنون جي تعليم ڏني ويندي هئي. سنڌ جي مدرسن، ساداتن ۽ اميرن وٽ ڪئين ڪتبخانه هئا جن ۾ نفيس ۽ نادر قلمي نسخا هئا. ڪيترا تيز قلم خطاط ۽ خوشنويس هر وقت ڪتاب اُتارڻ ۽ نقل ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا. ميان نور محمد جو نفيس ڪتبخانو نادر شاه لٽي ويو جنهنجو ميان صاحب کي آخري عمر تائين ارمان رهيو. ٺٽه ان وقت جو وڏي ۾ وڏو علمي مرڪز يا دارالعلوم هو جنهن ۾ ٻاهرين اسلامي ملڪن جا شاگرد تعليم پرائڻ ايندا هئا. جيتوڻيڪ فارسي زبان سرڪاري ۽ دفتري زبان هئي ته به ماڻهن ۾ عربي جو شوق گهڻو هو جا مذهبي زبان هئي. هن دور ۾ سنڌ ڪئين عربي عالم پيدا ڪيا جن ديني علوم جي سلسلي ۾ بيش بها خدمات سر انجام ڏنيون. ان دور جي عربي عالمن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (م 1174هه) شيخ محمد حيات سنڌي (م 1163 هه) حاجي فقيرالله علوي (م 1195هه) مخدوم محمد معين ٺٽوي (م 1161هه) محمد قايم سنڌي (م 1157هه) ابوالقاسم سنڌي (م 1130هه) ممتاز هستيون آهن جن جو تصنيفون اڄ به اسلامي دنيا ۾ پڙهيون ۽ پاڙهيون وڃن ٿيون. فارسي علم و ادب هن دور ۾ نمايان ترقي ڪئي. ڪيترن سنڌي نسل فارسي عالمن پنهنجي علمي لياقت وسيلي مغل درٻار ۾ رسائي حاصل ڪري ۽ معزز عهدا ماڻيا. اهڙن عالمن مان مير عبدالرشيد ٺٽوي صاحب منتخب اللغات ۽ فرهنگ رشيدي شاهه ولي ٺٽوي صاحب تحفہ المجالس، امين الدين خان ٺٽوي (م 1150هه) مصنف معلومات الاآفاق مشهور آهن. ڪيترا خوش فڪر سخنون موجود هئا جن شعر و سخن جي سرگرمين سان بزم سخن کي گرمايو. مير علي شير قانع جي تذڪر مقالات الشعرا مان خبر پوي ٿي ته ان وقت مشاعره جو رواج هو جنهن ۾ مشهور فارسي شاعر محسن ٺٽوي، غلام علي مداح، علي شير قانع، شير ڪرام عطارد، محمد پناه رجا، نجم الدين عزلت، غلام علي مومن ۽ حيدر الدين ڪامل حصو وٺندا هئا. مير علي شير قانع (1140- 1182هه) ان عهد جو مشهور مورخ آهي جنهن پنهنجي تاريخ تحفة الڪرام سنه 1181هه ۾ تصنيف ڪئي. قانع، تحفة الڪرام جي ٽئين دفتر ۾ سنڌ جي حڪمرانن، اولياء ڪرام، مشاهير علما عوامي ڪهاڻين ۽ شهرن جو ذڪر ڪيو آهي جو سنڌ جي تواريخ جو بهترين سرمايو آهي. جيتوڻيڪ مير صاحب ان ۾ اختصار کان ڪم وٺي سنڌ تي ٿورو ڪجهه لکيو آهي ته به ڪجهه لکيو اٿس سو اسانجو بيش بها سرمايو آهي. مير علي شير جي زماني ۾ سنڌ جي تواريخ ۽ سنڌي علم و ادب تي گهڻو ڪجهه مواد موجود هو مگر سندس غفلت ڪري اهو فنا ٿي ويو. مير موصوف جيڪڏهن انکي ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ها ته هوند اهو هميشہ لاءِ محفوظ ٿي پوي ۽ سندس سنڌ تي هڪ جاويد احسان ٿئي ها.

ان عهد ۾ ڪيترا وڏا صوفي ۽ عارف موجود هئا، جن ملڪ ۾ تصوف ۽ عرفان جا درياهه وهايا ۽ ڪيترن پانڌيئڙن کي پنهنجي روحاني فيض سان نوازيو. هن انتشار ۽ فتنه جي زماني ۾ نادر شاه ۽ احمد شاه ابدالي جي ڪاهن سببان ماڻهن جون دليون دنيوي چاهه و جلال کان کٽيون ٿي پيون ۽ مايوسي ۽ نااميدي وجان فنا جو فلسفو منجهن گهر ڪري ويٺو. ڪيترن ماڻهن عزلت ۽ گوشه نشيني اختيار ڪري تصوف جي اوٽ ورتي جنهن سندن گهر جون پوريون ٿي ڪيون. شاهه جي شعر ۾ فنا جي فلسفه تي سندس عهد جي ماحول پٽاندڙ گهڻو مواد ملي ٿو جئن ته:

فاني ئي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو

لٽي لوڙهه هٿن سان جوڙيندءِ جاني

ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سر سڀڪهين (شاه)

ان وقت جا وڏا صوفي شاه عنايت شهيد (م 1130هه)، خواجه ابوالمساڪين، سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواري (1188هه) فقير عبدالرحيم گرهوڙي (1192هه)، حاجي فقيرالله علوي (م 1195هه) ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي (م 1165هه) آهن جن فن تصوف جي بيش بها خدمت ڪئي ۽ پنهنجي توجهه سان ڪيترن ئي طالبن کي مولا ڏانهن رجوع ڪيو.

سنڌي ادب:

ڪلهوڙن جي عهد ۾ سنڌي ادب ۽ خصوصاً سنڌي شعر ڪافي ترقي ڪئي. جئن ته ڪلهوڙا مقامي باشندا هئا ۽ منجهائن ڪيترا حڪمران علمدوست هئا تنهنڪري انهن سنڌي ادب جي ترقي ۾ ڪافي دلچسپي ورتي. جيتوڻيڪ فارسي اڃا سنڌ جي دفتري زبان هئي ۽ سري ۾ شڪارپور ۽ بکر طرف ايران ۽ افغانستان جي اثر سببان فارسي دفتري ٻولي هجڻ کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي ٻولي پڻ هئي، پر سنڌي عوام جي زبان هئي. ڪيترا سنڌي سگهڙ ۽ شاعر ان دور ۾ پيدا ٿيا، جن جو ڪلام گهڻو ڪري نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابدالي جي ڪاهن ۽ مدد خان پٺاڻ جي حملي سببان ضايع ٿي ويو پر تنهن هوندي به باقي منجهائنس جيڪي ڪي ٿورو بچيو آهي سو انهن شاعرن جي زبان ۽ انداز تي ڪامل دسترس جو پتو ڏئي ٿو. سنڌي شعر ان عهد کان گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو ۽ پهرين دور جي قديم شاعرن جهڙوڪ قاضي قاضن (958هه)، پير محمد لکوي (1600ع)، شاهه ڪريم (م 1033هه) سنڌي شعر چئي انکي ماڻهن سان آشنا ڪيو، سندن شعر جون خصوصيتون سادگي، تجنيس سه حرفي ۽ سنڌي لغت جي فراواني آهن. هن دور ۾ سنڌي شعر ڪافي ترقي ڪئي. ان ۾ قديم شعر جي پهرين دور جي سادگي باقي ڪانه رهي. هن دور جي شاعرن شعر ۾ رواني پيدا ڪئي ۽ ان ۾ تجنيس سه حرفي کانسواءِ ٻيون به صنعتون ڪتب آندائون. شاعرن مختلف مضمونن تي طبع آزمائي ڪئي اڳ وانگر شعر جو هينئر صرف اخلاق ۽ تصوف موضوع نه رهيو. شاه عنايت رضوي (م 1160هه)، ميون عيسو سنڌي جي عوامي قصن تي طبع آزمائي، ۽ مختلف سرن ۾ ڪلام چيو جن جو شاهه موضوع جي لحاظ کان مقلد آهي. شاه عنايت رضوي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن مارئي ڳائي. سلطان العارفين خواجه محمد زمان لنواري (1125-1188هه) مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1192هه)، روحل فقير (1198هه)، صاحبڏنه فاروقي (م 1199هه) پنهنجي دور جا وڏا صوفي شاعر هئا، جن پنهنجي شعر ۾ تصوف جا باريڪ نقطا سمجهايا آهن. جئن شعر نثر کان وڌيڪ جاذب ۽ موثر ٿئي ٿو، تنهن ڪري ڪيترن ديني عالمن ضرورت محسوس ڪري ملڪي عوام ۽ نومسلمن کي ديني مسئلا آسان نموني سمجهائڻ لاءِ ڪتاب منظوم ڪيا. ان قسم جي تبليغي شاعرن مان مخدوم محمد هاشم (م 1174هه) صاحب تفسير پاره عم وتبارڪ، قوه العاشقين، فرائض اسلام، راحت المومنين، زادالفقير، ذبح شڪار، مخدوم عبدالله صاحب ڪنزالعبرت، قمرالمنير وغيره، ابوالحسن (م 1192هه)صاحب مقدمه الصلاة وغيره، مخدوم ضياءُ الدين صاحب ضياءُالدين جي سنڌي آهن. احسان لانگاه هالائي پهريون سنڌي مرثيه گو شاعر آهي جنهن جا مرثيا شاه جي رسالي جي سرڪيڏاري ۾ گڏجي ويا آهن. ڪلهوڙو حڪمران ميان سرفراز (حڪومت 1752- 1753) سنڌي مداح جو موجد آهي ۽ سندس مداح ڀلا ڄام هن غلام جو سٽ سڻج تون مشهور آهي. پهريون موزون سنڌي شاعر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي هالائي (م 1682ع) به هن دور ۾ پيدا ٿيو جنهن جا موزون مولود اڄ به شادين مرادين، عيدن ميلادن تي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. مٿين شاعرن کانسواءِ عزيزالله متعلوي سنڌي نثر ۾ پنهنجو تفسير قرآن لکيو جو درحقيقت تفسير بدران قرآن مجيد جو ترجمو آهي. اهڙي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ شاهه صاحب اک کولي ۽ پنهنجي نغمن سان سنڌ کي مسحور ڪيائين ۽ سنڌي شعر ۾ اوچتو انقلاب آندائين. هن نه صرف سنڌي زبان کي نون لفظن، ترڪيبن ۽ محاورن سان مالامال ڪيو پر سنڌي شعر جي محدود دائره کي جديد اسلوب، نون مضمونن، گوناگون خيالن، لفظي ۽ معنوي صنعتن، فطرت نگاري، حسن بيان ۽ انداز بيان، موسيقي، فلسفه ۽ ٻين شعر جي ضروري خوبين ۽ خصوصيتن سان متعارف ڪرايو. انکي دوهي جي محدود دائره مان ڪڍي وائيءَ جي وسيع ميدان ۾ آندائين. سنڌ جي عوامي قصن کي منظوم ڪري ملڪي ڪردارن کي مشهور ڪيائين. سندن عمدي ۽ علحده نموني سيرت چٽي ۽ فطرت بيان ڪري پاڻ کي هڪ وڏو سيرت نگار ۽ انساني نفسيات جو ماهر ثابت ڪيائين. مطلب ته شاهه جي شعر جون خوبيون ۽ محاسن سندس لاءِ ئي مخصوص آهن ۽ اهي به يڪ وقت ٻئي ڪنهن به سندس متقدم، همعصر ۽ متاخر شاعر ۾ نٿا ملن. ان ڪري ئي شاهه کي سنڌي شاعرن جو سرتاج ليکيو ويندو آهي.

 

 

-------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com