سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :25

 

ڪريم بخش خالد

هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي

 

گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،

مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،

ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سان.

(شاه)

اڄ اسين وري محبت، اخلاص ۽ ادب سان هزارن جي تعداد ۾، سنڌ جي سرتاج شاعر ۽ دنيا جي هڪ وڏي رتبي واري صوفي ۽ پيغامبر سيد شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 210 ورسي ملهائڻ لاءِ سندس ابدي آرام گاه ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ تمدن جي آخري پناه گاه تي اچي ڪٺا ٿيا آهيون.

هن عظيم الشان اجتماع جو مقصد فقط اهو ڪين آهي ته اڄ اسين انهي دانائـﻶ راز جي ياد تازي ڪريون جنهن اسان تي خالق اڪبر سان وصال جا راز ظاهر ڪيا، جنهن اسانکي پنهنجي وطن جي محبت جا لازوال داستان ڏنا، جنهن حق ۽ باطن جو فرق سمجهايو. جنهن تمثيان جي ذريعي حقيقي خوشي ۽ طالب ۽ مطلوب جي راز و نياز جا مختلف مرحلا ٻڌائي، منزل مراد تاءِ پهچڻ جي رهنمائي ڪئي.

شاه اسان پاڪستانين جو هيرو آهي. افسوس آهي جو زماني جي بي اعتنائيءَ سببان سندس پيغام هڪ محدود خطي ۽ محدود ماڻهن جي حلقي ۾ رهيو پر آزادي کانپوءِ سندس پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ڪافي ڪم ڪيو ويو آهي تنهن ڪري اڄ اسانکي شاه صاحب جي عرس تي، هڪ نئين نظر سان، هڪ جديد فڪر سان سوچڻو آهي. اها سوچ شاه جي همه گير پيغام جي عملي صورت بابت آهي.

 

  ڏيا تيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ،

ڍوليو ڍٽ رهائيو، ڪنهن سٽاڻي سانگ،

چانگي چڙهي آءُ تون، لعل! ورائي لانگ،

ڪوڙين ڀتين ڪانگ، اڏايام اچيج تون.

(ڀٽائي)

 

ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيهه اونداهي،

چنڊ نالو ناهه ڪو، دريا دڙ لائي،

ساهڙ ڪارڻ سوهڻي، آڌي ٿي آئي،

اي ڪم الاهي، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي.

(ڀٽائي)

 

شاهه اسانجو هيرو آهي. دنيا جو دستور پي رهيو آهي ته قومي هيرو جي يادگار عظيم الشان نموني ۾ ملهائي ويندي آهي. پر شاه صاحب جي حالت ۾، اسان لاءِ ضروري آهي ته رونشي ۽ تفريح جي سامان مهيا ڪرڻ جي بدران، سندس عرس جي موقعي تي، پنهنجي ذات جو جائزو وٺندي سندس اقولا ۽ رشد و هدايت تي عمل ڪرڻ جو عزم مصم ڪريون ۽ پنهنجي زندگي ۽ ماحول ۾ سندس فلسفي مطابق تبديلي آڻي اهڙو معاشرو پيدا ڪريون جتي حق ۽ انصاف، محبت ۽ اخوت جي فضا هجي.

شاهه صاحب انسانيت جو شاعر هو سندس پيغام سڀ لاءِ آهي. اهو ايترو ته همه گير آهي جو طبقو ۽ هر فرقو ۽ هر گروه ان کي پنهنجي لاءِ مخصوص پيغام سمجهي رهيو آهي شاه عالم گير انسانيت جو علم بلند ڪيو ۽ تنگه نظري، نفرت ۽ رقابت کان منع ڪئي. هن پنهنجي پيغام لاءِ ذات پات جي ڪابه بندش مقرر ڪين ڪئي.

نئون نياپو آيو، راڻي وٽان رات

لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات

ڪهڙي پڇين ذات، جي آياسي اگهيا.

انهي ڪري ضروري آهي ته اسان بنا ڪنهن تعصب ۽ ذاتي رنجشن ۽ ذهني بندشن ۽ قيود جي، اڄ ڪلهه جي ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي مناسب نموني ۾ وابسته ڪريون ۽ زندگي جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺي منزل مراد تي پهچون.

آزادي کانپوءِ، اسان ان جزبي ۽ ولولي سان اڳتي قدم ڪين وڌايو آهي جنهن مستعدي سان اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي ها. اڄ زندگي جي هر راه ۾، هر منصب ۾ ۽ هر موڙ تي، اسان پاڻ کي شڪست خورده پيا سمجهون ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان ڪا متاع عزيز وڃائي ويٺا آهيون.

انقلابن ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو آهي ۽ انقلاب هروڀرو سڀني ماڻهن لاءِ خوش آئينده ۽ مسرت ۽ شادماني جو باعث ڪين ٿيندا آهن. پاڪستان جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سنڌين گهڻو حصو ورتو هو پر آزادي حاصل ٿيڻ کانپوءِ اسانکي نااميد ۽ ڪم همت ٿيڻ نه گهرجي ملڪ ترقي جي شاهراه تي تيزي سان ڊوڙي رهيو آه ۽ اسانکي ان ۾ همت ۽ استقلال سان شريڪ ٿيڻ گهرجي ممڪن آهي ته انهي جدوجهد ۾ اسانکي ڪي ناگوار واقعا پيش اچن مگر انهن سببان اسانکي رڪجڻ نه گهرجي پر ان جي برعڪس اجتماعي مفاد لاءِ، انفرادي آسودگي ۽ مفاد قربان ڪري اڳتي ئي وڌڻ گهرجي. ڀلا اها ڪهڙي زندگي چئبي جنهن ۾ اسان مصنوعي ۽ عارضي (Guarrantees) جي ڀروسي تي زنده رهون. اسان کي انهن کان بي نياز ٿي ڪمر همت جي ٻڌڻ گهرجي.

تعليم جي ميدان ۾ اسان تمام پوئتي آهيون، واپار ۾ اسانجو قدم پوئتي آهي ملازمتن ۾ اسان مقابلي کان شايد گهٻرايون ٿا اسان جا عاليٰ تعليم يافته ذهني فصيلت ۽ وڏائي سببان، عوام سان رابطو نٿا رکن جنهن ڪري اسان پنهنجي عوام کي سجاڳ ڪري نه سگهيا آهيون.

اسان زباني تعليم ڏانهن مناسب ۽ معقول توجہ ڪيئن ڏنو آهي، علم مرد ۽ عورت لاءِ هڪ جهڙو ضروري آهي. جيڪڏهن زندگي جي سفر ۾ ٻئي رفيق هڪٻئي جا چڱا ساٿي نٿا بنجي سگهن ته سارو خاندان معاشري تي بار بڻجيو پوي ٿو ۽ قوم جو آئينده نسل قومي تقاضائن کي پورو ڪين ڪري سگهندو. عورت جي تعليم حاصل ڪرڻ سببان فقط ٻارن جي زندگي ئي ڪين سڌرندي پر ان جادو رس نتيجا ملڪ ۽ قوم لاءِ مجموعي حيثيت ۾ پڻ مفيد ٿيندا. حقيقت اها آهي ته زمانه تعليم جي ڪمي سببان اسان ڪيترين مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي پيا آهيون. اسان جون ڪيتريون معاشرتي ۽ معاشي ۽ سماجي تڪليفون عورتن جي پڙهيل هجڻ سببان دور ٿي سگهن ٿيون. تعليم يافته گهر ڪامياب زندگي جو هڪ اهم ذريعو آهي.

اسانجا زميندار پنهنجي زمينن سڌارڻ ۽ سنڀالڻ کان گريز ڪن ٿا. سندن اولاد تعليم کان پوري طرح آشنا نه آهي. سندن خرچ گهڻا ۽ عوامي بهبوديءَ وارن ڪمن ڏانهن توجهه گهٽ آهي.

اسان جو دولت مند طبقو اڃان آسمان جي خلاءِ بسيط ۾ چڪر هڻي رهيو آهي ۽ ان ۾ قومي مقاصد ۽ پنهنجن جي ڀلائي لاءِ ايتري قرباني امداد ۽ همدردي جو جذبو ڪينهي جو هئڻ گهرجي.

اسان جو نوجوان طبقو فلم زده آهي ۽ غير صالح ماحول ۾ بي مقصد زندگي گذاري رهيو آهي. هو پنهنجي آئينده کان بلڪل بي نياز آهي ان ۾ اڳتي وڌڻ، قوم جي نالي بلند ڪرڻ، ۽ مقصدي زندگي گذارڻ جي تمنا ڪونهي ۽ اسان جو ذهين طبقو، رهنمائي ڪرڻ بدران، عيش و عشرت ۾ غلطان آهي. هن کي خود غرضي ۽ نفسانيت ايتري قدر راس پئجي چڪي آهي جو کيس پاڻ کانسواءِ ٻيا انسان، هيچ ۽ اڇوت نظر اچي رهيا آهن.

اسان هر ڳالهه ۾ ڪو ڪمزور پهلو ڪڍي، ان تي نڪته چيني ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪريون ٿا. ٻين جي چڱڀلائي ۽ بهتري تي اسان بيچين ٿيو پئون ۽ ان تي هر قسم جي تنقيد ڪري پنهنجي ذاتي رنجش، حسد، بغض، نفرت، هڪارت ۽ ڪدورت جو اظهار ڪريون ٿا.

اهڙي طرح حسد سببان اسان خود ڪنهن ڪم ڪرڻ جهڙا ڪين ٿا رهون. وقت اچي ويو آهي جڏهن اسان ڪنهن محدود مخصوص ۽ تنگ نظريءَ بدران وسيع نظريءَ ساڻ هر شي جو جائزو وٺون رڪاوٽن ۽ ٺوڪرن جي باوجود اسان جي عملي زندگي ۾ جمود ۽ سڪوت نه اچي.

تتيءَ ٿڌي ڪاه ناه ويل وهڻ جي

متان ٿئي اونده پير نه لهين پرين جو

اسان جي ڪم همتي، زندگي جي حقيقتن کان گريز ۽ حالات کان شڪست خوردگي نه فقط اسان لاءِ هاڃيڪار ٿيندي پر اسان جي اولاد لاءِ نهايت نقصان ڪار ثابت ٿيندي انڪري ضروري آهي ته اسان خلوص، نيڪ نيتي ۽ محبت ۽ اخوت جي جذبن سان سرشار ٿي، زندگي جي مئَي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي گهڙي پئون ۽ يقين رکون ته ميهار ضرور ملندو- بقول رومي، بيڪار ويهڻ کان ناڪام ڪوشش چڱي آهي.

شاه چوي ٿو ته:-

ويهه ۾ منڌ ڀنڀورا، ڪر ڪو واڪو وس،

ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏيندءِ ڏس

پنهون لاءِ پس، سر ڀر هلي سسئي.

آئون پنهنجي محدود تجربي، مطالعي عقل ۽ فهم مطابق عرض ڪري رهيو آهيان ته وقت اچي ويو آهي جو هينئر اسان پنهنجي صلاحيتن کان ڪم وٺون ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ پوءِ اهو سرڪاري هجي يا خانگي، ڀرپور حصو وٺون ورنه اسان کي عبرتناڪ نموني ۾ سوچڻو پوندو.

اڱ مٿي اوپرا جڏهن ڏٺئه توڏا

ونگي نه وارن سان تن گورن جا گوڏا

ته لڪن جا لوڏا هوند نه سٺيءُ سسئي!

اسان جون جيڪي ذهني پريشانيون آهن سي حقيقت ۾ اسان جي سستي، سهل پسندي، طبيعت ۽ مزاج جي سڪونت ۽ جمود سببان آهن. انهن دشوارين جي حل ڪرڻ ۽ حالات کي قابو ۾ ڪرڻ، اسان جو پنهنجو عمل آهي، ٻيو ڪوبه ان ۾ اسان جي رهنمائي يا امداد نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي

لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،

ٿيءُ ستي ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار،

نئين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

 

------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com