سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :2

 

فيض بخشاپوري

سنڌ جو سردار ڀٽائي

 

تو پردهءِ اسرار ڪيو تار ڀٽائي!

آ تنهنجو فرشتن ۾ به اذڪار ڀٽائي!

هر طرف جهان ۾ هو ائيو شور سخن جو

ٿيو بحر طبيعت کان گهُرَ بار ڀٽائي

هر شعر آهي ساغر عرفان محبت

اي يار ڪيو خلق کي سرشار ڀٽائي

آ شانئه ابيات تهه گيسوءِ اُلهام

اسرار الاهي آهن اشعار ڀٽائي

هو شورو نوا باعث آگاهيءِ انسان

خوابيده جهان کي ڪيو بيدار ڀٽائي

دلڪش ۽ دل آويز آ صد رنگ رسالو

گويا هي آهي گلشن بي خار ڀٽائي

ٿيو بند نه دردام هي عنقاءِ خوش آواز

کليو نه در معنيءِ اشعار ڀٽائي

ويران هيو شهر سخن پيشتر ان کان

بڻجي ويو رونق بازار ڀٽائي

هن دجاءِ دنيا ۾ هجي غرق ها ورنه

سنڌي جو سفينو آ ڪيو پار ڀٽائي

قدمن ۾ رهيا تاج آهن تاجورن جا

دراصل آهي سنڌ جو سردار ڀٽائي

هان! بيت نه ڀائين جو هي آيتون آهن

صدقي وڃان هن قول تي صدبار ڀٽائي

آ زبدة الشعرا ٿو چوي زمره شعرا

هر فرد آهي قائل ابرار ڀٽائي

سرسبز آهي واديءِ مهراڻ هميشہ

بي خوف خزان کان آهي گلزار ڀٽائي

آسان نه ڪو آهي درو ديوار هلائي

سنڌي جي عمارت جو آ معمار ڀٽائي

بستان طبيعت جي سندم ساز هجي ها

توتي مان ٿيان خوب ها گلبار ڀٽائي

دربار ۾ هي فيض ستم ديده اچي ها

افسرده طبيعت کان آ لاچار ڀٽائي!

 

 

-------- ٽزززز

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com