سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :12

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

عورت شاهه جي نظر ۾

 

جيئن هر ملڪ جي تهذيب، تمدن ۽ دستور پنهنجي پنهنجي قسم جو هوندو آهي، خورد و نوش جي شين ۽ انهن جي ٺاهڻ کائڻ جو ڍنگ ٻيو ٻيو ٿيندو آهي. چوڙماڻ جا طريقا ۽ نمونا جدا جدا هوندا آهن ۽ آب و هوا يا موسمن وغيره جي ٽائيمن ۾ فرق رهندو آهي، تيئن عشق و محبت ۽ گهرو زندگي جا اصول به ٻيا ٻيا هوندا آهن. ساڳي طرح اسان جي ملڪ ۾ به مٿين ڳالهين ۾ ڪئين ڦيريون ڦاريون آهن، اڄ کان نه بلڪ هزارن سالن کان. البت اسان وٽ اسلام اچڻ کان پوءِ ضرور ڪافي فرق به پيدا ٿيو آهي تاهم حالتون رسمون ۽ واقعا، جيڪي قديم ملڪي ماحول ۽ فطرت موجب هئا، اُهي اڄ به گهڻي ڀاڱي قائم آهن.

جديد سوارن جي تيز رفتاريءَ دنيا کي ايترو ته ننڍڙو ڪري ڇڏيو آهي جو مهينن جو سفر ڏينهن ۾ پورو ٿيو وڃي ۽ دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو ۽ هر چيز هر هنڌ هڪدم پهچي رهي آهي. ٻين شين سان گڏ نيون رسمون ۽ رواج به روزانه جهازن، ٽيليفون، تارن ۽ اخبارن توڙي فونن ۽ سئنيمائن جي ذريعي آسانيءَ سان علم ٿي رهيا آهن.

الهندي دنيا جي ملڪن جي پيروي ڪرڻ ڪري اسان جي ملڪ ۾ وڏيون ۽ گهڻيون تبديليون آيل آهن، اچي رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون. اسان وٽ پئسي جي گهٽتائيءَ جو صرف انڌي پيروي ڪرڻ ئي هڪ عظيم سبب آهي. جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو، اهو فيشن، سئنيمائون، هوٽلون، ڊنرون ۽ رسيپشنون تقريبات وغيره گهليو وڃن. باقي ٿوري گهڻي بچت اسپتالن ۾ هلي وڃي. اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ تهذيب و تمدن، رسم و رواج دستور  و اصول جي به نه فقط مهانگائي آهي، پر ترکوٽي به آهي. افسوس وري هي ته اهي شيون خريد ڪرڻ سان ڪٿان ملي به نٿيون سگهن. نه ڪنهن فئڪٽري ۾ ٺهن، نه سندن ڪو بڪ ڊيپو آهي ۽ نه وري ٻاهرين ملڪن مان اهي شيون درآمد ٿي سگهن ٿيون. اهي هيون ئي هتي جون، جي هينئر تباه ۽ برباد ٿي رهيون آهن.

الهندي دنيا واري آزادي، جنهن کي آءٌ سخت پابند سمجهان ٿو (ڇو ته ان آزاديءَ ۾ ڦاسڻ بعد ڪوبه جند ڇڏائي نٿو سگهي) جا اسان جي ملڪ ۾ به هڪ عرصي کان ڪاهي پئي آهي ۽ ذري گهٽ اوج تي آهي تنهن ٻيڙي سير تي چاڙهي ڇڏي آهي. هن وقت انهي آزاديءَ جي صرف هڪ نڪته ڏي منهنجو اشارو آهر. جنهن تي هن مقالي جو دارو مدار آهي. اهو نڪته آهي عورت جي آزادي. اها آزادي تعلق کي چئجي ٿو يعني عورت جو مرد سان تعلق ٽٽي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح مرد به انهي آزاديءَ ۾ گرفتار آهي. نفسيات جا ڄاڻو جيڪڏهن غور ڪندا ته مرد ۽ عورت غير شعوري طرح انهن حالتن کان گهٻرايل آهن ۽ سندن لاشعور نجات حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ڪي هوشيار هستون انهيءَ آزاديءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ به هٿ پير هڻي رهيون آهن.

هاڻي مطلب تي اچون ٿا ته اسان جي ملڪ جي عورت کي مرد سان ڪهڙي نموني ۾ هلڻ گهرجي، کيس مرد سان ڪهڙي قسم جو برتاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ سندن مرد سان ڪهڙو تعلق رهڻ گهرجي. مرد بابت هڪ ٻيو مقالو لکبو جنهن ۾ مرد جي تعلقات وغيره تي روشني وڌي ويندي. پنهنجي مقالي جو مقصد مونکي ڀٽائي صاحب جي ڪلام مان ئي پيش ڪرڻو آهي. ڇو ته ٻئي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي ۾ انهي قسم جي وضاحت ٿيل ڪانه ٿي سجهي.

دنيا جي عورت کان هندستان جي عورت جي وفاداري ۽ خاوند يا محبوب سان نيازمندي بالا تر آهي. پاڪستان به هندستان مان آزاد ٿيل هڪ ٽڪرو آهي، تنهنڪري اسان وٽ به اها ساڳي شيءِ موجود آهي ۽ موجود هئڻ گهرجي.

شاعريءَ ۾ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ مبالغو به ڪنهن حد تائين جائز سمجهيو ويو آهي ۽ سڀني شاعرن ان مان ڪلام کي خوبصورت بنائڻ لاءِ فائدو ورتو آهي. هر شاعر عشقيه طور ۽ طريقا بيان ڪيا آهن ۽ شاه به انهن حقيقتن کي بي حجابي ۽ آزاديءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندو آهي. پر هيترو ضرور آهي ته شاه جو ڪلام اڪٿر مبالغي کان به پاڪ آهي. عشق ۾ ڪي خاص حالتون پيدا ٿينديون آهن ۽ ڪئين عجيب واقعا وجود ۾ ايندا آهن، جن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ٻين ڳالهين کي ڇڏي هت هي ڏسڻو آهي ته عشق و محبت جي عالم ۾ عورت تي ڪهڙا فرض عائد ٿين ٿا. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ عورت ئي عاشق آهي، تنهنڪري ان جو مقام ٻين ملڪن جي مرد عاشقن کان هجڻ ته مٿاهون گهرجي نه ته به گهٽ ۾ گهٽ برابر ته هجي.

عاشق جو فرض آهي ته هو پنهنجي محبوب جي هر رضا تي راضي رهي ۽ سندس هر ناز و ادا ۽ سختيون، جن ۾ پيار هوندو آهي، خنده جبينيءَ سان برداشت ڪري ۽ اهوئي طريقو وصال جي حاصل ڪرڻ جو آهي.

هاڻي شاه جي رسالي مان مثال پيش ڪري مٿين ڳالهين تي روشني وجهجي ٿي

ليلا چنيسر جو واقعو سنڌ جي پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل شخص کان لڪل ڪونه آهي. چنيسر ڪنئروءَ ڏي اک کڻي به نٿي ڏٺو! ڇو ته هو فقط ليلا جوئي هو. پر جڏهن ليلا هڪ هار تي هرکجي چنيسر کي ڌوڪو ڏيئي کيس هڪ رات لاءِ ڪنئروءَ وٽ وڪڻي ڇڏيو ته هن جي مردانه غيرت ۽ محبت کي ڌڪ لڳو ۽ هو هميشہ لاءِ ڪنئرو جو ٿي ويو. ليلا جي طلب تي ساڳيو هار بلڪ اهڙا ٻيا به ڪيترائي هار چنيسر هن کي وٺي آڻي ڏئي سگهيو ٿي. پر عورت جي آزاديءَ هن کي هڪ سو يا وڌيڪ موتن واري هار حاصل ڪرڻ جي بدران هزارين لڙڪن جا موتي سندس اکين مان ڪيرايا. انهيءَ سلسلي ۾ شاهه کيس چوي ٿو ته:

مڻين تي موهجي- موڙهي ڪيئي مرڪ

چري چنيسر ڄام سين- وڌو تو فرق

وري ويو ورق- آئيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو.

------------

هئينءَ گهڻو هوشيار- ڪل به هيئي ڪانڌ جي

ڀانئيي موچاري ٿيان- ڳچيءَ پائي هار

ڪانڌ، ڪوڙ تي جو نه وڻي- سئين ڀتين سينگار

وهم لهي وينجهار- دليون پرکي داسڙو.

ليلا پوري نه پئين- چئي چنيسر ساڻ

تو جو ڀانيو پانهجو- سو ريساڻو راڄاڻ

پاڻان ڌار پر پاڻ- ڪانڌ ڪنهن جو نه وڻي.

پنهنجي بيقدري ۽ غلطي کان هن ڪانڌ نه وڃايو پر هاڻي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي اهو کيس ٻڌايو وڃي ٿو:

ليلا حيلا ڇڏ - جو تون سوڀي سکيين

پائي پاند ڳچيءَ ۾ - پاڻ غريبيءَ گڏ

هڏ نه چوندءِ لڏ جي ڪارون آڻي ڪانڌ کي.

-----------

جي ڪارون آڻي ڪانڌ کي نه روئي ريجهائيج،

ليلا، ليلائيج اٿئي ماڳ منٿ جو.

------------

ليلا لڇ م ايترو اٿي اڱڻ سور

ابو، ڏاڏو گهور پاڻ سوڌو پرين تان.

------------

ليلا لڇ م ايترو اٿي سور ٻهار

ڍوليون اڱڻ يار ڪانڌ ڪميڻين آئيو.

------------

ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج

آسرو م لاهيج سڄڻ سٻاجهندڙو گهڻو.

ڪاوڙيل محبوب کي ڪهڙن لفظن ۽ ڪهڙن منٿن سان پرچائڻ گهرجي، اهي الفاظ وغيره به ليلا جي زبان مان ادا ڪرايا ويا آهن. مثلاً:

جي مون موڙهي مت ته پاڻ سڃاڻج سپرين

اصل اواين جا عيب ڍڪين تون اُت

ان پر پنهنجي پت جئن ولهيون ڍڪين ولها.

------------

لکڻ ڪيم لکيج جي موراهين ناهه مون

مونکي ملهائيج وارو ڏيئي ولها.

------------

ڪوڙين تنهنجيون ڪامڻيون تون ڪوڙن سنڌو ڪانڌ

مونکي ڇڏ م داسڙا ته وڃان نه وڏ واند

مون ڳچيءَ ۾ پاند تو چنيسر هٿ ۾.

خطا ٿي وڃڻ بعد خاطيءَ کي ٽن مقالن مان گذرڻو پوندو آهي. پهريون مقام ڪوڙ ۽ بهانا ٺاهي پنهنجي غلطي لڪائڻ. ٻيو مقام غلطي؟ مڃڻ، ليلائڻ ۽ پرچائڻ. ٽيون مقام پنهنجي غلط عمل تي پاڻ سان ڳالهائڻ ۽ پاڻ کي سٺڻ. ٻن مقالن جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي. هت آخري مقام واري حالت پيش ٿي ڪجي:

جيڪس ڪم سندام جوٺا ڏنا جيڏيين

کلن سڀ مٿان ساهيڙيون ۽ سرتيون.

------------

ڏاهي هيس ڏيهه ۾ - سرتن منجهه سڄاڻ

ڪاجا پيم ڪاڻ - جيئن منهن مٿائون نه کڻان.

الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن

مون سان مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.

ليلا غلطي ڪري انجو نتيجو ڀوڳي هاڻي سرتن ۽ ساهيڙين کي سمجهائي ٿي ته:

چنيسر سان چاءُ متان ڪا منڌ ڪري

ڪانڌ، ڪنهين جو نه وڻي گيرب ۽ ٻيو گاءُ

ٿڙي ٿورڙياءُ ته درس دسائي داسڙيون.

ليلا هاڻي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو ته چنيسر جي دل ۾ ته ليلا جون بي پرواهيون ۽ بيواجبيون وغيره ته اڳ ۾ ئي موجود هيون، جن کان اڳ ۾ ئي ليلا کي پاڻ سنڀالڻ گهربو هو ۽ چنيسر کي هاڻي فقط هڪ نمايان غلطي ٿيڻ لاءِ انتظار هو ته ليلا کي ڏهاڳ ڏي. مگر اهو به ليلا جو چنيسر تي الزام آهي چوي ٿي ته:

چنيسر جي چت ۾ - ڪي جو اڳ هيو

تهان پوءِ ٿيو مڻئين سندو مامرو.

پر شاه ليلا لاءِ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته ليلا کي ڇو اهي ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ انجو سبب به ٻڌايو ويو آهي ته:

ٿڙڪي پسي ٿوڪ ترڪي تڪبر ۾

اچئو اچئو اگلي ليلان، ڪهي لوڪ

اندر اوڀالن سين ساڙي ڪيائين سوڪ

ٻالاپڻ جو ٻوڪ ويو ويچاري وسريءَ.

وري مومل راڻي جي واقعي تي غور ڪبو ته به ساڳيون ڳالهيون نظر اينديون. مومل سان گڏ اگرچه سندس ڀيڻ سومل مردانه لباس ۾ ستل هئي، مگر محبوبانه غيرت، جنهن ۾ مردانه غيرت سختي سان ڪار فرما هئي، جوش ۾ آئي ۽ راڻي جئن پٺ واري تئن وري نه وريو. جيئن عورت جي فطرت آهي ته سندس محبوب تي ٻئي ڪنهن به عورت جي نگاه نه پوي، تيئن مرد ته پاڻ ٻٽي قدم اڳتي آهي. يعني هو به چاهي ٿو ته سندس محبوب تي رڳو نر پکي جي به نظر نه پوي.

مومل جي زباني معلوم ڪجي ته عورت کي پنهنجي محبوب لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو آهي:

ڪين ساڱايم سپرين جاڙون ڪيم جال

سوڍا مونکي محال موٽي منهن ۾ آئيون.

------------

ڪين ساڱايم سپرين جاڙون ڪيم جال

سوڍا مونکي سي موٽي منهن ۾ آئيون.

مومل پنهنجي غلطي جو اعتراف هنن لفظن ۾ ساهڙين سان ڪري ٿي. چوي ٿي ته:

اديون آتڻ واريون نر جا نڪ ٿيا

وڍيا تان نه ويا پاڻان موريا منهن ۾.

موريا منهن وڏا ٿيا وڍيان تان نه وڃن

اديون اڻاسن ڪوجهن کي ڪئن ڪريان.

مومل کي ساهڙيون صلاح ڏين ٿيون ۽ عورت جا فرض بيان ڪن ٿيون ته ور سان ڪيئن هلڻ کپي:

سڱ ڪري سين نيهن ڪنڌ م ڦيرج ڪيڏهن

رمج راڻي پٺ ۾ - نرتئون منجهان نيهن

ائين نه وسج عام تي جئن مومل وسن مينهن

نه ته سندي حشر ڏينهن سوڍو ساريندينءَ گهڻو.

----------

لائجي ته نڀائجي نه ته اصلي نه لائجي. حقيقت ۾ لؤن لائڻ آسان آهي مگر نڀائڻ مشڪل. هاڻي سسئي جو مثال پيش ڪبو. اهو واقعو يا حادثو به لڪل ڪونهي. نڀائڻ جا ڍنگ ته ڏسو ويچاري عورت ڇا ڇا نه ڪيو. چوي ٿي:

هلندي هوت پنهوءَ ڏي کهجن ڪي کوٽيون

پانهن تن پٽ ٿئي جي لالڻ لئي لوٺيون

سڀ سهيليون سڪ کي چنجهيون ۽ چوٽيون

ٻانڀڻ ٿئي ٻوٽيون ته ڪتا کائنس ڪيچ جا.

------------

اديون آءٌ نه تئن جئن پريتڻو پرينءَ سين

سوگهو ٻڌي ستيس هوند ڇلور ڇاتي سين

ته ڪيچي ڪاهي ڪرها مون هان وڃن ڪئن

ڏوه منهنجي ڏينهن پنهونءَ کي ڪام چوي.

جيهي جي تيهي ته به ٻانهي ٻاروچل جي

حجت هوت پنهونءَ سين مون ڪميڻي ڪيهي

اصل آري ڄام جي پلوء آءٌ پيهي

هوءَ جا پائن پير ۾ - تنهن جتيءَ نه جيهي

وساري ويهي ڪيچي کي ڪئن رهان

هاڻي شاه ٿو سسئي جي نالي ۾ عورت ذات کي سمجهاڻي ڏي ۽ هدايتون ڪري:

هٿين، پيرين، مونڙين هلج ساڻ هنئين

عشق آريءَ ڄام جو نباهي نئين

جان جان تون جئين تان پاڙج ڪوم پنهونءَ سين.

------------

هٿين، پيرين، مونڙيين ڪهج ڀر ڪڀار

متان ڇوري ڇڏيين پريتڻي پچار

توکي سند سسئي سندي لؤن لغار

آهن هوت هزار پر پاڙج ڪوم پنهونءَ سين.

------------

هل هينئين سين هوت ڏي پيرين پنڌ وسار

قاصداڻي ڪار ڪين رساڻي ڪيچ کي.

------------

ڪهي جا ڪين کڻي پرين پهچي سا

ويهي رهي جا وصل تنهن وڃائيو.

اهڙن بي پرواه ۽ بيوفائن کي شاه هڪڙي ئي بت ۾ اهڙي هدايت ڪري ڇڏي ۽ ڏس ڏئي ڇڏيو آهي، جو زندگي لاءِ ڪافي سبق ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اعتراف ڪرڻ کانسواءِ گناه معاف ٿي نٿو سگهي. شاه فرمائي ٿو:

ستينئين سنجهي ئي منهن ويڙهي مئن جان

اوجاڳو اکين کي ڄاتئي نه ڏيئي

هٿان تو پيئي ٿي ڪچو ڪيچين کي چوين.

ويچاري مارئي، مسڪين ڳوٺاڻن جي مسڪين ڇوڪري، جنهن نه محل ۽ ماڙيون ڏٺيون نه زربفت ۽ ريشم جا ڪپڙا ڍڪيا. نه پلنگن تي ستي نه هندورن ۾ لڏي، نه ٻوڙ ۽ پلاءَ ڪڏهن کاڌئين ۽ شربت پيتئين ۽ نه وري هيرن ۽ جواهرن وارا زيور ئي ٿي ڪڏهين پاتئين، جن لاءِ دنيا سڪي ٿي، تنهن، بادشاه وٽ وڃي به انهن دنيائي نعمتن کي ٿڏي ڇڏيو، ڇو ته هوءَ ڪنهن جي ٿي چڪي هئي. هن کي راضي ڪرڻ لاءِ بادشاه ڇا ڇا نه ڪيو هوندو. پر هوءَ پنهنجي پڪ تي پختي هئي ۽ عورتاڻي وفاداري کي هن ڪڏهن به نه وساريو. خبر هيس ته سندس مارو ۽ محبوب منجهس بدگمان هوندا، پر تڏهن به چوي ٿي ته:

الا اوٺي آڻيين جي نياپا نين

آنءِ انين جي آهيان توڻي مون نه مڃين

مس منهنجي هٿ ۾ - ڪاغذ ڪي آڻين

لڙڪ نه لکڻ ڏين ڪريو پون قلم تي.

------------

پٽ نه پهرن سومرا جان ڪي تان جيان

آءٌ ڪئن لوئي لاهيان ڪارڻ ٻن ڏهان

جاسين ٿي جيان ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

 

هي منهن ڏيئي ٻن، تون وه کائي نه مرين؟

تان جي ملير ڄائيون، توسين سنڱ نه ڪن،

تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين؟ مارئي!

(ڀٽائي)

مينڍا ڌوءِ نه مارئي، ٿيس ڪرنديون وار،

ستي سيئي ساريا، جي پائر جا پنوهار،

عمر! انهون ڌار، مور نه وهي ماڙئين.

(ڀٽائي)

 

عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪئن ڪن

جنين جا ٿرن ۾ - ور ٿا ويڻ سهن

هو جي حق پڇن سي ڪئن ستيون سومرا.

------------

ٿورا منجهه ٿرن مون سين ماروءَ جي ڪيا

عمر ان ڳڻن آءٌ ڪئن لوئي لاهيان.

------------

نوري ته مهاڻي هئي، پر بادشاهه هن کي سمين کان به مٿاهون درجو عطا ڪيو. سو ڇو؟ فقط هن لاءِ ته هن وفاداري جا سڀ حق ادا ڪري ڇڏيا. اهو ئي سبب آهي جو شاه فرمايو آهي ته:

لڪي لياڪا پائيا ساري رات سمين.

هي ته بادشاه جو ڪيڏو نه راز ۽ پيار هو مگر نوري ڪڏهن به پنهنجي حد کان ٻاهر قدم نه رکيو. ڇو ته نوريءَ کي صرف تماچي ۽ تماچي جي پيار جي ضرورت هئي. هن ويچاري فخر ته ڪونه ڪيو بلڪ پاڻ کي هميشہ پنهنجي اصلي حيثيت ۾ ڏٺئين ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سبق ڇڏي ويئي. هوءَ هميشه تماچي کي چوندي هئي ته:

تون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيبن جوءِ

پسي راڻن روءِ متان ماڱر مٽيين.

----------

تون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيب اپار

پسي لي لغار متان ماڱر مٽيين.

آون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيبن ڪوڙ

پسي ککي کوڙ متان ماڱر مٽيين.

------------

تون سمون آءٌ گندري مون ۾ عيبن ويءُ

پسي مي ڪي ڌيءَ متان ماڱر مٽيين.

هاڻي شاه صاحب اهو به ٻڌائي ٿو ته نوريءَ ڪهڙي طرح سان بادشاه کي پنهنجو بنايو ۽ اها ڪهڙي رمز هئي جنهن نوريءَ کي بادشاه جي نظر ۾ سڀني کان اعليٰ ڪري ڇڏيو. سو ٻڌو:

مهاڻيءَ جي من ۾ - نه گيرب نه گاءُ

نيڻن سين نياز ڪري ريجهاياءِ راءُ

سمون سڀن ملاءُ هيرياءِ حب سان.

-----------

کوءِ سميون ٻن سومريون جي اچن اوچي ڳاٽ

ورسي ڪينجهر جائيون جن تماچي جي تات

راين ملاءُ رات ماڻڪ مي پرائيو.

شاه جو رسالو انهن حقيقتن سان ڀريو پيو آهي. ٻين سرن ۾ به سڀڪي موجود آهي. مضمون ڊگهي ٿي وڃڻ ڪري شاه جي رسالي مان فقط سر ڪاپائتي جا ڪجهه بيت هيٺ پيش ڪبا. شاه فرمائي ٿو ته:

ڪيتوئي نه ڪال اڄ پڻ اجهڻ کي مرين

ڀوري توسين ڀال ڪانڌ ڪريندو ڪيترا،

-----------

ويهي تو وڃائيا ڪتڻ سندا ڏينهن

ارٽ اوڏي نه ٿئين ڀوري ڦوري سنئين

ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن اڱڻ عجيبن جي.

-----------

ڀيرئين ۽ ڀائيين ايئن وڏوڻو ڪاند

وٺي اور ارٽ سين ڳچي پايو پاند

ته تنهنجو ئي وڙ واند ڪتو وتو نه ٿئي.

------------

چرخو پنهنجي چت ۾ - ڀنئين ڀيريو جن

توڻي ڪم ڪتن ته به ڪاند تنهين جو ڪوڏيو.

-----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com