سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :18

 

ڊاڪٽر آصف جاه ڪارواني

 

شاهه جون تلميحون --- آتڻ

 

سنڌ ڏيهه ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي- گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن ۽ ٻيا پيدا ٿيندا- پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو هر وجہ ڪامل ۽ هر دل عزيز شاعر سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي. اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل ملندو جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي ۽ اهڙو ڪو هنڌ نه هوندو جتي سندس شاعراڻي کستوريءَ جي خوشبوءِ نه پهتي هجي. سندس قوت فڪر جي هڪ وڏي خوبي هي آهي ته جيئن جيئن اسين وينداسين سندس شعر تي اونهو غور ڪندا تيئن تيئن اسان ۾ ان لاءِ ويندي نئين نئين حيرت پيدا ٿيندي.

ڪنهن به شاعر جي بزرگي ايتري قدر قبول ڪئي ويندي جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا- نه رڳو ايترو بلڪ ان سان گڏ منجهس ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي. هن هنر کي شاعري صنعت چئجي ٿو. شاعر هن صنعت جي ذريعي پنهنجن خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن طريقن ۾ ۽ اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي اختيار کنئچجيو وڃن ۽ اها تصور ڪيل صورت اکين اڳيان ڦريو وڃي.

شاه جي شاعرانه ڏات اهڙي اعليٰ درجي جي هئي جو شاعريءَ جو ڪوبه پهلو اهڙو ڪونهي جنهن ۾ سندس دماغ درياءَ جي لهرن وانگر ڇوليون ماريون آهن. هر طرح جا مضمون سندس خيالي خزاني ۾ موجود آهن پر لطيف جي ڳالهه هي آهي ته سندس سموري ڪلام جو مرڪزي خيال هڪڙو ئي آهي- يعني بندو ۽ خالق ۽ سندن رشتو- انهيءَ خيال کي شاهه سائين مختلف سرن ۾ تلميحن ۽ تمثيلن ذريعي پيش ڪيو آهي. شاه صاحب نزديڪ انسان جيڪو ذي حيات شين ۾ بلڪ هن سڄي ڪائنات ۾ اشرف المخلوقات هي ۽ افضل ترين درجو رکي ٿو داخلي ۽ خارجي طور مخالف ۽ حيات شڪن طاقتن ۾ ڦاٿل آهي. اهي طاقتون سندس ايمان ۽ قوت عمل کي ڪمزور بنائي کيس بي اعتمادي ۽ بي عملي جو شڪار بڻائين ٿيون ۽ آهستي آهستي انسان ۽ سندس خالق جي درميان هڪ خليج حائل ڪنديون رهن ٿيون. هن کي گهرجي ته هو هنن مخالف قوتن کي سڃاڻي، پنهنجي ايمان ۽ عمل کي درست ڪري ۽ ثمر جنهين نه ساڻ هوت حمائتي تن جو جي اٽل حقيقت تي اعتماد رکي پنهنجي منزل مقصود ڏانهن وڌندو رهي. شاه صاحب اهو خيال اهڙي دلپذير طرز ۽ اهڙي وڻندڙ ٻوليءَ ۾ پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙ جي دل ۾ ازخود چڀيو وڃي. ان جي اڏاوت جو مکيه بنياد آهن ڪهاڻيون تلميحون جي عام ماڻهن ۾ مروج آهن. اهو طريقو مولانا رومي پڻ اختيار ڪيو آهي پر شاه لطيف ۽ رومي جي وچ ۾ هي تفاوت آهي جو رومي سڄي آکاڻي منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين کڻندو، اندروني مطلب ۽ معنائون ڪڍندو وڃيو توڙ کي پهچي، پر شاه سڄي آکاڻي ڪٿي ڪونه ٿو کڻي، فقط ڪي دلچسپ حالتون ٿو نقش ڪري. شاه جي نصيحت جو هي هڪ نئون نمونو آهي جو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شاعر ڪم نه آندو آهي. ناصح کي جيڪڏهن انهن باريڪ نڪتن جي خبر نه هوندي جن جي وسيلي نصيحت جي ناگواري ۽ ڪڙائي دور ٿي وڃي نه سندس نصيحت قبول پوڻ جي بدران ملامت ۽ نفرت پيدا ڪندي.

شاه لطيف دنياوي مناظر ۽ واقعات جو هر هڪ جزو پنهنجي حڪيماڻي اک سان ڏسي ٿو ۽ هر هڪ مان اخلاقي نڪتو پيدا ڪري ان کي دلچسپ ۽ ديده زيب لباس پهرائي، پڙهندڙن جي پيش ڪري ٿو. مثال طور سر ڪاپائتي کي وٺو- هن سر ۾ شاهه سائين دنيا کي آتڻ سان تشبيهه ڏني آهي. انسان کي ڪاپائتي تصور ڪيو آهي. سندس قوت عمل کي ارٽ جو نالو ڏنو آهي. عمل کي سٽ جي ويس ۾ پيش ڪيو آهي- منڪر ۽ نڪير کي صرافن جي صورت ۾ پيش ڪيو اٿس. روز محشر کي عيد ۽ داور محشر کي ڪانڌ ڪري ڪوٺيو اٿس.

الله جل شانہ پنهني پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته روز محشر ڪوبه ڪنهن جي مدد نه ڪندو. هر ڪنهن کي پنهنجو عمل آڏو ايندو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي عمل سان پنهنجي عاقبيت ڇڏائڻي پوندي. شاه صاحب تلميح ذريعي اهو خيال هن ريت پيش ڪري ٿو:

هيءُ هڏ وهاڻي، جان ڪتندئن تان ڪت

ڪو پنهنجي عيد کي ڀري ڪج ڀرت

متان روئين رت صباح وچ سرتيين.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

پنهنجي تند تو آڏي ايندي

سنهي ٿلهي سڀ لنگهي نه ويندي

جنس سڀ ڪا جاري ٿيندي

هرڪا پنهنجو پورهيو جهليندي

انسان کي پنهنجي دنيا ۽ عاقبيت سنوارڻ جو موقعو فقط هڪ ڀيرو ملي ٿو. جيڪڏهن اهو موقعو هٿان نڪري ويو ته پوءِ سواءِ پڇتائڻ ۽ شرمسار ٿيڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ورندو. شاهه سائين چوي ٿو:

جان ڪتئين تان ڪت، هي هڏ وهاڻي

ڪاپائتي سڀ ڪا ڪتي سيباڻي

ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي.

ٻئي هنڌ ساڳيو خيال پيش ڪندي فرمائي ٿو:

ڪتڻ جي ڪانه ڪرئين، ستي ساهئين هڏ

صباح ايندي اوچتي عيد اگهاڙن گڏ

جت سرتيو ڪنديون سڏ، اتي سڪندئين سينگار کي.

شاهه سائين زندگي کي چرخي سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو ته جيڪو انسان پنهنجي زندگي اڄاين ڪمن ۾ وڃائي ٿو ۽ پنهنجي دنيا ۽ عاقبيت درست ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سو نقصان ۾ آهي. شاه صاحب ان کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو:

پائي ڏور ارٽ ۾ ڪتين نه ڪوڙي

وهانءِ واڌاڻي ڀڻين سنڀوڙي

مٿي جنهن موڙي، سا ڪيئن وهي ويسري.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

تو سير ارٽ سدا تو دانهيو دانهي

ته هيءَ مالهه منجهان مون لاهيو لاهي

ڪڍيو ڍڍڪيون، ڊاهيو ڊاهي

تو ڀڻين سدا ٿي بيڪار- چرکو چوري ڪت ڪاتار.

هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به پيا آهن جي پنهنجي بي بسي ۽ بي ڪسي جو مهن ڪري يا قسمت ۽ تقدير جو عذر پيش ڪري عمل جي واٽ ڇڏي بي عملي جو شڪار ٿي ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جي بهانن جو ذڪر ڪندي ڀٽائي صاحب چوي ٿو:

تڪ ونگي، ور گهڻا، ڪتان ڪڄاڙو؟

ڪاپي تان ڪيترو آڻيان اڌارو

جي ور ڏي وارو، ته سونهان سرتين وچ ۾.

۽ کين تلقين ڪري ٿو:

ڀيرئين ۽ ڀانيئين، ڀانئڻ ڀڃي ڇڏ

ڪتو وتو پورهيو، هوڏ وجهنديئي هڏ،

هتي ڏيڍ مٽي ڏڏ، جتي ڏڪن ڏهتي واريون.

هن دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪمي ڪانهي جيڪي چار ڏينهن سعيو ڪري پوءِ سستي ۽ ڪاهلي جو شڪار ٿي ويندا آهن يا وري ائين سمجهڻ لڳندا آهن ته اسين جيڪي ڪجهه ڪري چڪا آهيون اهو اسان لاءِ ڪافي آهي- وڌيڪ پاڻ پتوڙڻ جي ضرورت نه آهي. شاهه صاحب انسان جي انهيءَ ذهنيت کي مدنظر رکندي چوي ٿو:

اولاڻيا ارٽ، ڪيڏانهن ڪتڻ واريون

پهيون مٿي پٽ، لڙجن لاکيڙن جون.

-----------

ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آئيون

ارٽ اکلي مالهه، پوري ويئون نجهرا.

دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به پيا آهن جي ابتدائي زندگي برن ڪمن ۾ گذارين ٿا. پيريءَ ۾ چڱن ڪمن ڏانهن انهيءَ لاءِ رجوع نه ڪندا آهن ته هن مان ڪهڙو فائدو؟ شاهه صاحب اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو:

سي تو ويهي وڃايا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن

ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري پوري سيئين

تند پسندئن ڪيئن؟ هاڻي تون وڏي ٿئن.

 

توڻي تون وڏي ٿئين، ته اٿي آتڻ آءٌ

ٿي ڀيڙي ڀيڙم وارئين، ٻي هڏ ڪرم ڪاء

ته صراف تو صباح، ڪوٺي ڪا تارنسين.

هي دنيا ميدان ڪارزار آهي ۽ انسان جي زندگي هڪ مسلسل عمل، پر انسان جو اهوئي عمل سڦرو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ خلوص ۽ ايمان هوندو. رياڪاري ۽ ڏيکاءُ وارو عمل انسان جي ڪنهن به ڪم نه ايندو. انهي خيال کي پيش ڪندي شاه سائين فرمائي ٿو:

چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتو جن

تنجو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.

 

سٽ انهيءَ جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين

آواز ارٽ جو ساهه نه سڻائين

لڪايو لطيف چئي، ڪنبيو ڪتائين

جي ماڻڪ موٽائين، ته ملهه مهانگو ان جو.

جيڪي ماڻهو الله ۾ ايمان رکن ٿا ۽ پنهنجي عاقبيت کان باخبر، عمل جي ميدان ۾ هميشہ ڪمربسته رهن ٿا تن جو ذڪر ڪندي شاه صاحب جن فرمايو آهي:

ڪوجو وه ڪاپائتين، ڪتن ۽ ڪنبن

ڪارڻ سود سواريون آتڻ منجهه اچن

ان جيءَ سونهن، سيد چئي، ٿا صراف سڪن

اگهيا سٽ سندن، پائي ترازي نه توريا.

ٻئي هنڌ ساڳيو خيال پيش ڪندي فرمايو اٿن:

تنبائي تاڪيد سين جي پڃايو پاءُ

لسي تند لطيف چئي، هلي تن هٿانءُ

ململ منجهان ماءُ، جن سکيون تن سون ڪيو.

 

چرکو پنهنجي چٽ ۾ ڀي ڀيريو جن

 توڻي ڪين ڪتن، ته به ڪانڌ انهين جو ڪوڏيو.

اهي ماڻهو جيڪي تڪبر ۽ غرور کي ڇڏي، پنهنجي نفس کي ماري، من ۾ محبت ۽ عجزپائي ۽ خدا ۾ ڀروسو رکي عمل پيرا ٿين ٿا تن جو هر عمل عبادت آهي ۽ قابل قبول:

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن

تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.

هن دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪمي ڪانهي جيڪي تڪبر ۽ جهالت سبب بي سود بحث مباحثو ڪندا آهن. خدا ۽ عاقبت کان انڪار ڪري پنهنجي زندگي جاهه طلبي ۽ عيش پرستي جي نذر ڪري ڇڏيندا آهن. شاهه سائين اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪندي فرمائي ٿو:

تون ڀوري سدائين بدافعال، ڪرين ڪميڻي قيل و قال

ووءِ ووءِ تنهنجي هي هي حال، ويهي وڃائيي سمنڍا سال.

 

اڄ پڻ اُجهڻ کي مرين، نڪي ڪتوئي ڪالهه

ڀوري توسين ڀال، ڪانڌ ڪريندو ڪيترا؟

 

 

ويس بدلي، عمر بادشاهه، ماروئي کي کوهه تان زوريءَ کنيو پيو وڃي

 

هن سر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي تلميحن ذريعي ڪاپائتي ۽ چرخي کي وسيلو بنائي بني نوع انسان لاءِ وڏي نصيحت ڇڏي آهي. فرمائي ٿو.

پليءِ پايو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي

آءٌ ڪاپائتي آهيان، ڪامون ڪتائي.

وائي ۾ ساڳي نصيحت هن ريت ڪئي اٿس:

ڪا هنئين سين لاءِ، ڀوري ڪا هنئين سين لاءِ

تنبائي تاڪيد سين، جن پڃايو پاءُ

لسي تند لطيف چئي هلي تن هٿانءُ

پهيون تنهنجون جهرڪن جهوريون ٻيون اڏايون واءُ

ارٽ پاسي اوجهرين، توکي سمهڻ آيو ساءُ

آڌي عبداللطيف چئي، روئي ريجهائج راءُ.

 

----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com