سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :4

 

شاه عبداللطيف ڀٽائي تعارف

 

جيتوڻيڪ هيءَ عجيب ڳالهه آهي مگر امر واقعه آهي ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجن سڪندرن ۽ دارائن کي فراموش ڪيو. سنڌ جون همه گير سياسي شخصيتون پنهنجي هر جبر ۽ قهر ۽ پنهنجي بزرگي ۽ عظمت جي باوجود ماڻهن جي ذهن مان نڪري ويون مگر شاه عبداللطيف ڀٽائي کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهيا.

هي شاهه صاحب جي عظمت ۽ بزرگي جو هڪ غير فاني ثبوت آهي ۽ تاريخ شاهد آهي ته شاه صاحب جا هر دلعزيزي، پنهنجي زندگي ۾ حاصل ڪئي هئي سا کيس موت بعد به حاصل ٿي.

شاه جي اهڙي عظمت هوندي به تاريخ يا روايتن مان هي مستند طور واضح ٿي نه سگهيو آهي ته شاهه ڪڏهن پيدا ٿيو. پر مورخن جو قياس آهي ته هو 1690ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1752ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري محبوب حقيقي سان وڃي مليو. عاش فريدا و مات حميدا (هن يگاني زندگي بسر ڪئي ۽ سهڻي نموني وصال ڪيو). سندس آرامگاهه ڀٽ (ضلع حيدرآباد) ۾ آهي. سنڌ جي حاڪم غلام شاه ڪلهوڙه (72-1755ع) مٿس قبو اڏايو جو انوقت جي مشهور رازي عيدن جوڙي راس ڪيو هو. ٽالپرن جي آخري حڪمران مير نصير خان (1804ع 1845ع) قبي جي مرمت ۽ توسيع ڪرائي. قبي جي دروازه مٿان شاهه صاحب جي وفات جي تاريخ بابت ٺٽي جي مشهور فارسي شاعر محمد پناهه رجا جون هيٺيون قطعات اڪريل آهن:

(1) گفت اين رجا مريد سن ارتحال پير

گرديده محو عشق، وجود لطيف مير.

(2) زد نعره در فراق، دگر کرد سينه چاک

شد محو در مراقبه، جسم لطيف مير.

انهن قطعن تاريخن کان سواءِ مسجد جي ديوار، جا اتر طرف آهي تنهن تي پڻ هيٺين قطع تاريخ نقش ٿيل آهي:

شاهه صاحب ذوالمناقب، سيدي عبداللطيف،

آنکه قطب وقت خود بود است در مردان حق

چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد

گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق،

1165 هجري

 

 

شاهه لطيف جي آخري آرام گاهه جا ٻه قريبي منظر

 

 

صورت، سيرت ۽ مذهب:

شاه صاحب صورت ۽ سيرت جي مڙني وصفن سان آراسته ۽ سينگاريل هو ۽ قدرت منجهس ڪنهن به ڳالهه جي ڪمي نه ڇڏي هئي. سندس قداور قد، موڪرا ڪلها، پورو پنو جسم، ڪارا ۽ گهاٽا وار، سنهاري چاپئين، نوراني چهرو، ڪشادي پيشاني، مڻيادار اکيون ۽ سفيدي ڏانهن مائل ڪڻڪ رنگ، اهڙيون نشانيون آهن جي هڪ ڪامل ولي ۽ نيڪدل انسان ۾ هئڻ ضروري آهن. سندس سيرت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هن جامع الڪمالات ۽ منبع فيوضات ۾ سڀ اخلاق حسنى جون خوبيون موجود هيون: صبر، رحم، عفت، حشمت، رياضت، سخاوت، توڪل، تسليم و رضا، سادگي، تقوى، پرهيزگاري، صدق، اخلاص ۽ عجز. انهن سان گڏ صاحب شريعت هئڻ، پرائي گلا ۽ غيبت کان ڪناره ڪشي، خود قرباني، نفس تي ضابطو، بي طمعي، ڏيک ويک کان بڇان، ٿورو گهرجائو، نئڙت ۽ نماڻائي سندن سيرت کي سهڻو بڻايو. صوفين وانگر سماع ۽ سرود جو بيحد شوقين هو ۽ چوندو هو ته منهنجي دل ۾ الاهي محبت جو هڪ وڻ آهي، جو راڳ بنا سڪيو ٿو وڃي. شاهه جي رهڻي ڪهڻي هڪ عمدو مثال آهي جنهن ۾ هر نموني جون خوبيون آهن. دنيا ۽ دين جي منجهس سرفرازي آهي. جيئن چيو اٿس:

منهه ڏنائين ماڻهين، هنيون ڏنائين هوت.

شاهه جو مذهب اسلام هو ۽ سندس رسالي ۾ حمد، نعت ۽ قرآني احڪامن، احاديث نبوي ۽ اسلامي مسئلن جي متعلق بيت موجود آهن. هو شريعت جو پورو پورو پابند هو ۽ صوم و صلواة تي پوري طرح عمل ڪندو هو. جيئن سر سهڻي ۾ چيو اٿس:

ساري سک سبق شريعت سندو سهڻي

طريقتا تکو وهي حقيقت جو حق

معرفت مرڪ اصل عاشقن کي.

هو ٻاهرين ڏيکه ويکه ۽ ظاهري مذهبي رسم رواج ۾ اعتقاد نه رکندو هو پر سچي طرح دل سان پيروي ڪرڻ جو قائل هو. جيئن چوي ٿو:

ان پر نه ايمان جئن ڪلمي گو ڪوٺائين

دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان

منهن ۾ مسلمان اندر ۾ آذر آهين.

هو دل مان حرص و هوس، خواهشون ۽ خودي ڪڍي اُنکي صاف ڪري عبادت بنائڻ متعلق چوي ٿو:

ڪين مائيندا من ۾ خودي ۽ خدا

ٻن ترارن جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾.

سندس طريقو ٻين وڏن صوفين وانگر اسلامي تصوف هو جنهن ۾ شريعت جي پابندي لازمي آهي. تصوف ۾ صلح ڪل لازم آهي ۽ مذهب جي ظاهري رسمن کان مٿي انجي روح جي تلقين ڪيل آهي جيئن مشهور صوفين جا قول آهن:-

جنگ هفتاد و ملت هم را عذر بنهه

جون نديدند حقيقت ره افسانه زدند. (حافظ)

 

ملت عشق از هم دينها جدا ست

عاشقان را مذهب و ملت خدا است. (رومي)

 

شاه جو به مذهب ۽ ملت عاشقن وارو هو ۽ عشق ئي سندس امام هو. هو مجازي منزل کان حقيقت تي رسيو هو ۽ واصل بالله هو. هو روحاني رمزن سان بيخودي جي عالم ۾ دوست جي حضور ويندڙ هو جئن چيو اٿس:

هل هئين سين هوت ڏي پيرين ڪر م پنڌ

رائي پڇ م رند، رڙه روحاني رمز سين.

 

هل هئين سين هوت ڏي سسي کڻ م ساڻ

جنين نيو پاڻ، سي آرياڻيون اوري رهيون.

 

هل هئين سين هوت ڏي پيرين پنڌ وسار

قاصداڻي ڪار، ڪين رسائي هوت کي.

ڪلام

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ظاهري خوبيون به آهن ته معنوي وصفون به آهن.سنڌي زبان جون ترڪيبون، جملا، پهاڪا، محاورا ۽ ورجيسون اهڙي ريت پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون اٿس جو پڙهندڙ جي دل ۾ پيوست ٿيو وڃن.

سندس ادبي ڪارنامو سنڌي ادبيات جي سموري تاريخ تي ڇانيل آهي. سندس ڪوششن، سنڌي ادب ۽ زبان کي بيش بها خزانن سان مالامال ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي شاعري ۽ زبان کي حيات جاويد ۽ لازوال شهرت عطا ڪئي.

هڪ شعر جي خوبي هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي ان جو پورو پورو اثر پئجي سگهي. شاهه صاحب صوفيانه خيالات ڪري علم نفس جو وڏو ماهر ڏسجي ٿو، هو جيڪا ڳالهه چوي ٿو سا هر هڪ ماڻهوءَ جي دل وٽان چوي ٿو.

فرمائي ٿو ته:

تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن،

تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن،

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪريو انکي.

هن شعر جي هڪ هڪ مصرع تي ويچار ڪريو ته انساني فطرت جي ڪيئن نه ترجماني ڪري رهيو آهي، پويون مصرع اڄ سنڌ وارن وٽ پهاڪي طور ڪم ايندو آهي:

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪريو انکي.

شاه جي ڪلام تي ويچار ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته هو ڪڏهن ڪڏهن مولانا جلال الدين رومي واريون هم اوست، يعني تون ئي تون جون ڳالهيون پڻ ڪري ٿو. صوفيانه شعر واري شراب جو نشو تڏهن ئي تيز ٿيندو آهي جڏهن ان ۾ هم اوست جو افيون ملايو ويندو آهي:

 

وحدت تان ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪل

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م سل

هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻن.

- - -

پاڻهين جل جلالہ، پاڻهين جان جمال،

پاڻهين صورت پرن، پاڻهين پاڻ خيال،

سڀ سڀوئي حال، منجهائي معلوم ٿيو.

 

ڪڏهن وري عارف سعدي شيرازي وانگر نسيحتون ۽ وعظ فرمائي ٿو ۽ ڪڏهن وري خواجه شمس الدين حافظ شيرازي جيان شراب جي پيالن کي سامهون رکي پياسن ۽ پياڪن کي سڏي ٿو:

آڻ اتر واؤ موکي مٽ اپٽيا،

متارا تنهن ساءِ، اچن سر سنباهيو.

-       -       -

موکي مٽ اپٽيا سويرا صبوح،

اونچي عبداللطيف چئي باس نه پهتي بوءِ،

ڪڙو جي ڪڪوه، ته به وٽ سر گهرن وٽيون.

عشقيه داستان

شام مثنوي رومي وانگر قصو به بيان ڪري ٿو پر هن جي قصن بيان ڪرڻ جو رنگ ئي نرالو آهي.

اڻ سڌي طرح شاهه سنڌ جي نامور عاشقن، صادقن جو ذڪر ڪيو آهي، جي تاريخ ۾ مشهور آهن. سندن شهرت، روايات سببان شاهه جي شاعريءَ جي زماني کان گهڻو اڳه سنڌي عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪي هئي. شاهه جي رسالي ۾ انهن زنده جاويد عاشقن صادقن جي تعريف ۽ توصيف جا درياءَ وهايا آهن ۽ پنهنجا خيالات ۽ نظريا سندن زباني چوايا آهن. شاهه جي عشقيه شاعريءَ جا بهترين مثال سسئي پنهون جي داستان ۾ ملن ٿا. مثلاً سسئي جي زبان ۾ شاه فرمائي ٿو:

آئون نه گڏي پرين کي تون ٿو لهين سج

آئون جي ڏيانءِ سنيها نيئي پريان کي ڏج

وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مئي.

- - -

آئون نه گڏي پرين کي پويون ٿيو پساه،

سڪان ٿي سڪرات ۾، رويو پڇان راه،

شال م وڃيم ساه، ڌارا پسڻ پرين جي.

سهڻي ميهار جي عشقيه داستان ۾ سهڻي سان قربانين ۾ شريڪ ٿي شاهه صاحب معرڪهءِ حيات ۽ جذبه ايثار متعلق پنهنجو نظريه بيان ڪيو آهي، جو مختصر لفظن ۾ هيءَ آهي ته روحاني منزل کي رسڻ لاءِ انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ قربانيون ڏيڻ ضروري آهن، ان جي شاهديءَ ۾ هي ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مر چور ٿيي چوڙو،

طالب المولى مذڪراً، اي ٻڌندن ٻوڙو،

ڪوڙ هئو دم ڪوڙو، مون مهار من ۾.

- - -

گهڙو ڀڳو ته گهريو، آسرو م لاهيج،

لا تقنطوا من رحمته الله، ترهي ان تريج،

حبيباڻي هيج، پسين مہ مهار جو.

ليلا جي ذريعي شاهه صاحب نهٺائي ۽ خاڪساريءَ جي تبليغ ڪئي آهي. خدا کي راضي رکڻ لاءِ انسان کي عاجزي ۽ التجا ڪرڻ جڳائي جيئن شاهه صاحب هڪ هنڌ ليلا جي زبان سان چنيسر جي خدمت ۾ هي التجا ڪرائي آهي:

ڍولا! ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميني آهيان،

سڪ تنهنجي سپرين! ڀيري وڌيس ڀون،

مون ور تنهين تون، تو ور وهون ڪيتريون.

 

ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ،

مون کي ڇڏ م داسڙا ته وڃان وڻواند،

مون ڳچيءَ ۾ پاند، تو، چنيسرا هٿ ۾.

حقيقت نگاري

واقعه نگاري جو اهڙو استاد آهي جو سندس ڪلام پڙهندي ائين پيو سمجهڻ ۾ ايندو ته پڙهندڙ جي سامهون اهو واقعو ڄڻ هاڻي ٿي رهيو آهي.

وڻجاري ڇا ٿي چوي جڏهن سندس وڻجارو پڳهه کڻي سمنڊ جي سير ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو:

ڳري جهلي روءِ مٿي مهري هٿڙا

کوءِ سودو سندوءِ، جو تو ڍوليا سکيو.

_________

الوڙڻ نه ڏي، ور وڌائين ونجهه کي

اڄوڪي راتڙي ره لالن مون لائي

وڃ م ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين.

جدائي يا ڦوڙائي ڪندڙ سامونڊي مسافر جي ونجهه کي ڀاڪر پائي بيهي رهڻ ۽ اتان نه چرڻ ۽ منٿون ڪرڻ، هڪ عورت جي جذبات جو هوبهو نقشو کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڪڍي سگهي ٿو؟

سهڻيءَ کي سائر جي سير ٻوڙي ڇڏيو، ساهڙ ڪنڌي تان اهو نظارو ڏسي ٿو ۽ ان حالت ۾ بيوس ٿي چويٿو:

ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن؟

دريا توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.

هڪ بيوس عاشق ميهر واري حالت ۾ ان کان وڌيڪ ڇا ڪري سگهيو ٿي ۽ شاهه صاحب جهڙي حقيقت نگار کان وڌيڪ انهيءَ حقيقت کي ٻين لفظن ۾ ڪو پيش ڪري نٿو سگهي.

ڪنهن فارسيءَ جي شاعر فرمايو آهي ته:

چشمي داري و عالمي در نظر است

ديگر چه حاجت معلم و کتابت داري.

ساڳي ريت شاهه صاحب جي شاعري جو سمورو مدار هن ڪائنات جي ڪتاب تي هو. هن انهيءَ ڪتاب کي سامهون رکي ويهي چٽ چٽيا آهن. جنهنڪري هڪ طرف هو صوفي آهي ته ٻئي طرف حڪيم يا فيلسوف به نظر اچي ٿو. 

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com