سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :5

 

هن پنهنجي غير فاني رسالي ۾ سنڌ جي زندگيءَ جو نقش ايترو ته صاف ۽ مڪمل چٽيو آهي جو انجي پڙهڻ سان ان وقت جي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي حقيقت، اسان جي اڳيان بي نقاب ٿي پويٿي. هن سنڌ جي سر زمين تي جو ڪجهه ڏنو آهي، تنهن کي اهڙي لطيف انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو ان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ اميد رکي نٿي سگهجي.

هو جهڙو بادلن جو بيان ڪري ٿو ته سنڌ جو ريگستان ڇڇر ۽ تلاءَ بڻجي وڃي ٿو. سهڻي جي سر ۾ مهراڻ جي دهشت دم جا ايڏا هيبتناڪ نظارا پيش ڪري ٿو جو دل دهليو وڃي. سسئي جا سور، جبل جون جاڙون، سڃ ۽ رڃ، ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي جا ڪهڙا نه دردناڪ نظارا آهن. ماروئي جي ملڪ جو سير ڪرائي ٿو ته للر، لنب، لاڻا، ڇيهن چارڻ واريون، لؤريارون، ڀٽون ۽ ڀاڻا سڀ اچي سامهون ٿين ٿا. (مولانا دين محمد وفائي).

سنڌ جي حيوانن جو بيان ڪري ٿو ته سسئي جي سر ۾ به درجن نالا اُٺن جا ڳڻي وڃي مٿي چڙهي ٿو. پکين ۾ ڪانگ، ڪونجون، ٻگهه، ڪائنرا، باز، ڪارايل وغيره جو ذڪر ڪيو اٿس. ماڻهن جا ڌنڌا، مشغوليون، زالن جو چرخو ڪتڻ ۽ مردن جي هر وهڻ کي به نه ڇڏيو اٿس.

مرحوم هدايت الله مشتاق متعلوي لکيو آهي ته سلوڪ جي رستن، مجاهدي جي طرحن، ترڪ ۽ توڪل جي واٽن، زهد تقويٰ جي صفتن، حقيقتن جي معرفتن، وحدت وجودي جي وصفن، مقام شهود جي شرطن، تصوف جي اسرارن انهن مان جيڪي ڳولهجي سو سندن ڪلام فيض نظام ۾ موجود آهي، مگر پروڙڻ جو مادو ۽ سمجهه جو مادو ضرور گهرجي. بيتن جون معنائون فقط قصن آکاڻين تي حمل ڪرڻ، شاهه صاحب جو مقصود اصلاً هرگز ناهي. سندس ڪلام ڪامل مرشد جو قائم مقام آهي. فقط ان ۾ ذڪر ٿيل امرن ۽ نهين جي تعميل ڪجي ته ڪنهن عالي درجي ۽ اعليٰ مقام کي پهچي.......... سوز گداز ۾، نابودي ۽ نياز ۾.

ظاهر ۾ ٻيو ذڪر ۽ باطن ۾ پنهنجي محبوب جي محبت جي بيان ڪرڻ ۾، سنڌيءَ زبان ۾ ڪلام بي نظير ۽ لاثاني آهي؟

تعليمي نظريو

شاهه صاحب جي تعليم متعلق هڪ روايت مشهور آهي ته سندس والد کيس آخوند نور محمد وٽ پڙهڻ لاءِ وهاريو پر ڪا مستند معلومات حاصل ٿي ڪين سگهي آهي ته شاهه صاحب تعليم سان ڪيتري دلچسپي ورتي.

شاهه جي امي يا پڙهيل هجڻ بابت هتي بحث ڪرڻ بي مهل آهي پر رسالي جي ڪردار نگاري مان شاهه صاحب جي انساني نفسيات ۾ ماهر هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. ڪسبي علم کانسواءِ کيس وهبي ڏات به هئي.

سندس رسالي مان اندروني شهادتن وسيلي خبر پوي ٿي ته شاهه صاحب تعليم جي ثانوي درجه تي پهچڻ وقت ارادتاً وڌيڪ پڙهڻ ترڪ ڪيو. ڇاڪاڻ ته اها دستوري ۽ سطحي تعليم سندس تيز ذهن ۽ بلند فڪر جي قوتن کي فروغ ڏيڻ کان قاصر هئي، تنهنڪري هن ظاهري تعليم جي خوب لاک لاٿي آهي، مثلاً:

اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار

اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

---------

پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾

پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائن وترا.

جئن ته ان وقت جي استادن ۽ معلمن جي تعليم جو معيار بلند ڪين هو ۽ هنن جي لياقت نصابي ڪتابن جي مطالعي تائين محدود هئي انڪري انهن مان ڪنهن اخلاقي يا روحاني ترقي يا رهبري جي اميد رکڻ بي معنيٰ هئي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب ان وقت جي استادن (ملن) کي خوب ٽوڪيو آهي. مثلاً:

ميڙيو معلم خبرون اوريائين آڻين،

سا تان سڌ نه ڏين، جتي وهه ويڌ ڪري.

-----------

اوريائين اوڄون ڪري منجهايا ملن،

سي پريتئون پاسي ٿيا، ڳهه ڳهه ڳالهيون ڪن.

هن مان واضح ٿو ٿئي ته شاهه ظاهري علم پڙهڻ ۾ اعتبار نٿو رکي پر انکي دل سان هنڊائڻ تي زور ٿو ڏئي. جئن اقبال چيو آهي ته:

علم را بر تر زني ماري بود

علم را بر دل زني ياري بود.

شاهه صاحب تعليم جي مقصد کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي.

(1) شاگرد جي قوت فڪر، بصيرت ۽ ڄاڻ کي فروغ ڏيڻ.

هن سلسلي ۾ شاهه شاگردن ۾ فقط ڪتابن پڙهڻ جي عيوض حقيقتن کي ڳولهڻ ۽ سمجهڻ وارو هڪ دائمي نفسياتي رجحان پيدا ڪرڻ گهري ٿو. هنن ۾ ڪائنات جي ظاهري جنسار جي اصليت ۽ حقيقت کي سڃاڻڻ، هن ظاهري جنسار جي اختلافات پويان پوشيده وحدانيت کي پروڙڻ جي صلاحيت ۽ ذوق پيدا ڪرڻ گهري ٿو. ان لاءِ چوي ٿو ته:

اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار

اندر کڻي اجار، بنا پڙهندي ڪيترا.

ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:

هارائج هنئين ۾ الف سندي اوڙ،

ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجهائين معلوم ٿئي.

شاهه صاحب بصيرت جي معنيٰ نيڪ نظر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

ڪوڙيين ڪتابن ۾ حرف مڙوئي ايڪ

جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي.

(2) تعليم جو ٻيو مقصد آهي شاگردن جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ.

شاهه صاحب اخلق پيدا ڪرڻ کي تعليم جو بنيادي مقصد سمجهي ٿو. اها تعليم ڪهڙي ڪنهن ذريعي بلند اخلاقي ۽ فضيلت پيدا نه ٿئي. ان ڪري شاهه صاحب استاد ۽ شاگردن ٻنهي کي هدايت ڪري ٿو ته:

سٽون پڙهه ساڃاءَ جون، ڪنز قدوري ڇڏ.

(3) تعليم جو ٽيون مقصد شاهه صاحب جي نظر ۾ هي آهي ته علم انسان کي خود غرض ۽ متڪبر نه بڻائي ۽ انجي برعڪس ان ۾ نياز، نئڙت، تحمل، بردباري ۽ تواضع جون خوبيون پيدا ڪري. ڇو ته جيڪڏهن تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ائين سمجهي ته هو علم ڪل تي حاوي ٿي پيو آهي ۽ هو انهيءَ علم جي بنا تي خالق سان ٽڪر کائي سگهندو ته اها سندس غلطي ۽ چشم ڪوري چئبي. انڪري شاهه صاحب چيو آهي ته:

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

اهڙي طرح اقبال پڻ چيو آهي:

خرد کي گهتيا سلجها چکا مين

ميرـﻶ مولا مجهي اهل- جنون کر-

(4) تعليم جو چوٿون ۽ اعليٰ مقصد شاهه صاحب جي نظر ۾ هي آهي ته تعليم هر فرد ۾ خود شناسي جي صلاحيت پيدا ڪري جئن هو حقيقت ازلي کي سڃاڻي انسانيت جي معراج تي پهچي سگهي.

اهڙو علم جو مٿئين مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي نٿو ڪري سگهي سو شاهه صاحب جي نظر ۾ ناقص ۽ اڻپورو آهي. خود رسول پاڪ صلعم فرمايو آهي ته:- اللهم اعوذبڪ من علم لا ينفع يعني يا الله غير نفع بخش علم کان پناهه ڏي.

غير نافع علم اهو آهي جو حقائق الاشياءَ کان محروم ڪري ۽ خدا پاڪ جي محبت ۽ عرفان کان غافل رکي. هي ئي شاهه صاحب جي نظريه جو مرڪزي نقطو آهي جنهن جي وضاحت هن طور ڪئي اٿس:

رتي علم نه راس، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.

انقلابي نظريو

سياسي نقطه نظر کان شاهه جي زندگي وارو زمانو برصغير پاڪ و هند ۾ عموماً ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ خصوصاً هڪ انقلابي زمانو  ٿي گذريو آهي.

سنه 1707ع ۾ جڏهن شاه لطيف اڃان سن بلوغت کي پهتو هو تڏهن اورنگزيب عالمگير وفات ڪئي. سندس انتقال بعد مغل سلطنت ٽڪر ٽڪر ٿي زوال پذير ٿي ويئي.

سنڌ ان وقت مغل سلطنت جو باجگذار صوبو هئي. پر پوءِ ڇڄي ڌار ٿي. ڪلهوڙا، جي مذهبي پيشوا هئا ۽ پيري مريدي ڪندا هئا تن پنهنجي مذهبي اثر رسوخ سان سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي اهڙي ڪاميابي سببان کين سنڌ جي ٻين مذهبي پيشوائن ڏانهن بدگماني ۽ بدظني پيدا ٿي پئي ۽ هنن پنهنجي سياسي اقتدار ۽ مذهبي حيثيت جو ناجائز فائدو وٺندي ڪيترن سياسي ۽ مذهبي شخصيتن کي مارائي ڇڏيو.

جڏهن نادر شاه دهلي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ قتل عام ڪري خون جون ڪسيون وهايون تڏهن شاه جي عمر پنجاه سال کن هئي. جڏهن سندس عمر اٺونجاهه سال ٿي ته احمد شاه ابدالي هندستان ۾ مرهٽن کي شڪست ڏيئي هندستان تي اسلامي پرچم لهرايو ۽ سنڌ کي به ان سلطنت سان شامل ڪيو.

معلوم ائين ٿو ٿئي ته شاه صاحب تي ظاهري طرح انهن انقلابن جو ڪو اثر ڪين پيو آهي ۽ هو پنهنجي محبوب جي مشاهده ماڻڻ جي جستجو ۾ سرگرم عمل رهيو. پر هن هي ضرور محسوس ڪيو ته ڏاڍي جي لٽ کي ٻه مٿا آهن. شاهه ڀٽائي غريب عوام جي رحم جوڳي حالت کان اڳيئي متاثر هو ۽ هينئر ته غريبن ڏانهن هيڪاري وڌيڪ متوجه ٿيو ۽ پنهنجي ڪلام ذريعي، سندن حال، خيال ۽ رهڻي ڪهڻيءَ بابت کين هدايت ڏيڻ لڳو ۽ آهستي آهستي تدريجي انقلاب آڻڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو.

شاهه انهن دنيوي حاڪمن جو مخالف هو جي انسان ذات تي جاه ۽ جلال ظاهر ڪري مٿن حڪومت هلائين ٿا. هن جي نظريه مطابق، الله تعاليٰ انهن حاڪمن کان وڏو آهي ۽ سندس دل ۾ حاڪمن ۽ دولتمندن بنسبت غريبن لاءِ وڌيڪ محبت آهي. هو عام ماڻهن جي سادگي سچائي ۽ ٻين خوبين جي تعريف ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٻجهي انهن اصولن کي ساراهي ٿو ته دولتمند ۽ حڪمران ماڻهن جي شان ۽ شوڪت ۽ عيش عشرت واري زندگي ۽ غريبن جي سادي رهڻي ڪهڻيءَ جي وچ ۾ فرق ظاهر ٿئي. هن جي دلي تمنا آهي ته عام غريب ماڻهن جي اصولن تي عمل ڪيو وڃي. جئن ته فرمائي ٿو:

ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.

پر هن گهربل انقلاب جو جيڪو رستو ڏسيو آهي سو امن، بلند پروازي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام آهي. هن کي ڪنهن جي لاءِ به نفرت ڪانهي پر اهي سنڌ جا مجاهد جن اڳي پنهنجي همدردانه رويه، انسانيت ۽ ڪشاده دلي سان عام ماڻهن جي تمنائن ۽ اصولن کي همٿايو هو تن جا مثال وڻندڙ نموني ۾ ڏيئي، برسر اقتدار ماڻهن جي رويه ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انقلاب جي هن طريقي مان ظاهر آهي ته شاه صاحب صلح پسند ۽ امن جو حامي هو ۽ سندس پرجوش تقاضا ڏيکاري ٿي ته هو صلح پسند انقلابي هو.

هن کي نه فقط ستم زده غريبن لاءِ همدردي هئي مگر هو غريبن جي ساراهه پڻ ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو انسان کي اشرف المخلوقات سمجهي ٿو. پاڻ چوي ٿو:

جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.

هتي هي سمجهڻ گهرجي ته شاه ان انقلاب کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪا سول نافرماني يا ستياگره يا فوج ڪشي جي تعليم ڪين ٿو ڏئي. سياسي تبديليءَ مان اصل مقصد معاشرتي انقلاب اٿس جنهن ڪري هن پنهنجي ڪلام ۾ هر جڳهه تي بلند اخلاقيءَ جي تعليم ڏني آهي جنهن لاءِ هن مختلف موضوع ٻڌايا آهن جيئن ته:

عبادت ۽ ذڪر:

(1)                          مان پڇني سپرين، چتان چر م لاهه،

پرين اڳيان پاءِ، پلو منڱڻهار جيئن.

(2)                         جاڳڻ منجهان جس، آهي الله جن کي،

لاهي ٿو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،

ورنهه ڪجاءِ وس، صبح ساڻ سيد چئي.

سچ ڳالهائڻ:

مان پڇني سپرين، چت ۾ چيتا ريج،

ڪڍي ڪائي ڪچ کي، ڪوڙ م ڪمائيج،

وڻج وهائيج، سڀ سوداگر سچ جو.

اخلاص:

تن ۾ ترازو توهه جي، گهڻو لهه گهوري،

ادب ۽ اخلاص جا سڙهه ٻڌج سوري،

وکر وينتي جو تنهن ۾ پاءِ توري،

ته عادنئون اوري، تنهن جو توائي نه ٿئي.

صبر ۽ تحمل:

(1)                          کم کمندن کٽيو، هارايو هوڏن،

چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.

(2)                         نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،

تئي سانڃائو، جي اڀين انهي پير تي.

(3)                         هو چوني تون م چؤ واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاند ڳچيءَ پائي، پڇج پوءِ پريتڻو.

 

نياز نئڙت:

ڇنن توءِ نه ڇن، پاءِ اَميري ان سين،

جي هو اوڳڻ ڪني اسهين، ته تون ڳڻان ئي ڳن،

پاند جهليون تون پن، هن سونهاري سنگ ۾.

جفاڪشي ۽ اورچائي:

تتي ٿڌي ڪاهه ناهي ويل وهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

دنيا کي چنبڙي نه پوڻ:

فاني اي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،

لٽي لوڙهه لتن سين جوڙيندءِ جاني،

ڪوڏر ۽ ڪاني، آهه سر سڀ ڪنهن.

انهي تعليم تي عمل ڪرڻ سان جيڪو معاشره قائم ٿيندو ان ۾ بهترين انسان هوندا. هتي انفرادي آزادي سان گڏ پيار، سچائي، سادگي، خودداري، مروت، ڪشاده دلي ۽ باهمي راضپي جهڙا زندگيءَ جا بلند بنيادي اصول موجود هوندا.

شاهه جا حڪيمانه اقوال:

فرمائيندا هئا ته نمازي ۽ عابد اهو آهي، جنهن جي مان وڃايل هجي. روزائت اهو آهي جو ٻئي ٻانهي جو محتاج نه ٿئي. (حديث شريف ۾ آهي ته روزو مون لاءِ ۽ آءٌ ئي ان جو عوض آهيان). شاه صاحب جو

انهيءَ حديث جي مفهوم موجب هي مقصد آهي ته جڏهن روزائت الله جو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ٻين ٻانهن جي ڪهڙي محتاجي ڪڍندو.

(2)

فرمائيندا هئا ته مسجد جي ڪعبه ڏانهن پٺ آهي، يعني ته هن ۾ پنهنجو ڏيکاءُ ڪونهي پر نيازمندي آهيس، تنهنڪري ئي هن کي شرف مليو آهي ته ماڻهن جو سجده گاه بڻجي. تنهنڪري هر هڪ ماڻهو کي گهرجي ته پنهنجو پاڻ ڇڏي ڏي. ماڻهن جي واکاڻ ڏي نه واجهائي. اهڙي ريت هلي جيئن سندس اندر جي ٻاڦ ئي ٻاهر نه نڪري. عابد هجي يا زاهد، طالب هجي يا مطلوب، غالب هجي يا مغلوب سڀني کي نوڙت ۽ نيازمنديءَ سان هلڻ گهرجي، ان ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي. جيڪو ڪامياب زندگيءَ لاءِ ضروري آهي.

(3)

فرمائيندا هئا ته ڪنهن ۾ به بدگمائي نه آڻجي. جڏهن ڪو ٻئي جو عيب يا اوڻائي ڏسي ته وري پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ته پنهنجون اوڻايون پيش ايندس. انجي سڌارڻ لاءِ ڪوشش وٺي. چڱائي يا بڇڙائي، جهڙي به حالت سامهون هجي، ان تي راضي رهي ۽ هن ڪوشش ۾ لڳو رهي ته پرين جو وصال ٿئيس.

(4)

فرمائيندا هئا ته الله تعاليٰ جي امانت اهڙي ريت هئڻ گهرجي، جو جيڪڏهن درويش ستو پيو هجي ته سندس مٿي هيٺان هجي، پر جيڪڏهن ان جي ڳولا ڪري ته هٿ نه اچي سگهي. انهي مضمون کي شاهه صاحب پنهنجي هيٺين شعر ۾ پيش ڪيو آهي:

سمهان تان سر هيٺ، ڪهان تان ڪيچان پري

ٻاروچي سين ڏيٺ، جيڏيون جيهي پر ٿي.

-----------

ڪهان تان ڪيچان پري، وهان تان وٽ مون،

ڀلي ڏوريم ڀون، عبث آري ڄام کي.

(5)

فرمائيندا هئا ته خودي ۽ خدا هڪ هنڌ گڏ ٿي نه سگهندا. انهي قول کي هيٺين بيت ۾ ادا ڪيو اٿن:

آءٌ سان ان پار، ڪڏهن تان ڪونه ويو،

هيڪڙائي وٽ هار، هنجون جي هنئين جون.

----------

ٻن ٻيائي سپرين، پاڻا مون کي پل

آءٌ اوراهون جهل، توکي رسي تو درين.

يعني ته منهنجا سپرين، حرص ۽ سڌون جيڪي مون ۾ آهن، جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڪجهه سمجهي رهيو آهيان، انهن کان روڪيو وڃي، تنهن کان پوءِ توهانجي دروازي تي پهچي سگهندس. فرمائي ٿو ته:

توکي رسي تو درين سڀوئي جمال

ڪونهي ٻيو خيال، جي شارڪ شڪ وڃائين.

جڪڏهن تون شڪ کي دل مان ڪڍي ڇڏين ۽ ٻيائيءَ کي خيال ۾ نه آڻين ته پوءِ تون پنهنجي مالڪ کي رسي سگهين ٿو، جنهن جي جمال جو هر هنڌ جلوو آهي.

هڪ دفعي شاهه صاحب کان ڪنهن فقير پڇيو ته ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان ڏسجي يا الله تعاليٰ کي خلق مان پسجي؟ جواب ۾ چيائون ته تنزل واري حالت ۾ مخلوقات مان الله تعاليٰ ڏانهن توجه ڪرڻ گهرجي، عروج واري حالت ۾ پيدا ڪندڙ کان سندس مخلوقات جو معائنو ڪجي.

 

(7)

گلشن اولياءَ جو مصنف لکي ٿو ته ڪوٽ اگهم جي هڪ پاٽوليءَ شاهه صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته الله تعاليٰ جي طلب جو شوق پيدا ٿئي. پاڻ فرمايائونس ته درويش کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ الله جي ذڪر کي ويهاري ڇڏي ۽ ان تي اهڙي بيهڪ ڪري جو ڪڏهن به ويسارو نه ٿئيس ۽ هميشه خبرداري رهي.

(8)

فرمائيندا هئا ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن به ڪم لاءِ سوال ڪرڻ، جو کيس ڏکيو لڳي، يا پنهنجي قسمت جي شڪايت ڪرڻ، يا ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ يا هڪ ٻئي سان گستاخي يا ٺٺولي ڪرڻ بي سود آهن ۽ انهن مان ڪوبه فائدو پهچڻو نه آهي.

(9)

مريد کي گهرجي ته پنهنجي مرشد جي بزرگيءَ تي فخر نه ڪري، پر پاڻ ڏي نهاري ۽ پنهنجي عملن تي ويچار ڪري ته کيس مستقبل ۾ ڪاميابي ٿئي.

ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز

 

ڪرار ڍنڍ ۽ ڀٽائي گهوٽ جي روضي جو نظارو

 

نواد رات

هيل تائين شاهه ڀٽائي جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمه (انتخاب) ڊاڪٽر سورلي، ليلا رام وطن مل ۽ گدومل کٽڻ مل هيرجاڻي ڪيو. ازانسواءِ اردو ۾ شيخ اياز، لطف الله بدوي، رشيد احمد لاشاري وغيره ڪافي بيت ترجمو ڪيا آهن پر مولانا هدايت الله ميمڻ هالائي (متوفي 1946ع) جو ڪراچي ۾ رهندو هو تنهن شاهه صاحب جي ڪلام جو فارسي ۾ منظوم ترجمو شروع ڪيو هو. سندس ڪلام ۽ ڪتاب ڪجهه چورائجي ويا ۽ ڪجهه گم ٿي ويا (لطف اللطيف صفحه 209). بهرحال ان فارسي ترجمي مان سرسسئي آبريءَ وارو حصو مونکي، مرحوم جي گهران ڪراچيءَ ۾ چند سال ٿيا جو هٿ اچي ويو. ان جو انتخاب علحده مضمون ۾ ڏنو ويو آهي.

ثقافتي مرڪز:

هي هڪ تسليم شده امر آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ادب ۽ زبان جي ترقي تيستائين نه رڳو مشڪل بلڪ ڪنهن حد تائين ناممڪن آهي جيستائين ان کي حڪومت جي سرپرستي حاصل نه ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ادب پنهنجي بي انتها علمي سرمايي جي باوجود فقط انهي ڪري ترقي ڪري نه سگهيو جو کيس حڪومت جي سرپرستي حاصل نه ٿي هئي.

هي اسان جي خوش قسمتي چئبي جو حڪومت مغربي پاڪستان سنڌ جي ادب ڏانهن متوجه ۽ سنڌ جي قديم ۽ جديد علمي ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڪمربسته ٿي آهي* ارباب علم، حڪومت جي ادب نوازي تي نهايت ئي مسرور آهن. کين يقين آهي ته سنڌي زبان جو قافلو، جو هيل تائين هڪ ٿڪل ۽ گمراه مسافر وانگر هلي رهيو هو، سو حڪومت جي رهنمائي ۾ جلد از جلد ترقي جي منزل تي پهچندو.

هن علاقي جي قديم تهذيبي قدرن کي برقرار رکڻ ۽ سنڌ جي شاعرن جي سرتاج، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي زنده جاويد بنائڻ لاءِ، حڪومت هر سال، شاهه جي ورسي ملهائڻ ۾ پوري دلچسپي وٺي رهي آهي* اسانجي حڪومت هن ڳالهه کان باخبر آهي ته سنڌ جي محبوب شاعر شاهه عبداللطيف جو ڪلام، سنڌ جي تهذيب جو سرچشمو ۽ جملي اساني خوبين جو آئينه دار آهي. تنهنڪري، سنڌ جي قديم تهذيب کي برقرار رکڻ ۽ قديم علمي سرمايه جي حفاظت جي خيال کان، رابندراناٿ ٽئگورجي شانتي نڪيتن جي تتبع تي هڪ ثقافتي مرڪز کليو پيو وڃي. انهيءَ مرڪز سان گڏ هڪ عجائب گهر به هوندو جتي سنڌ جي لافاني شاعر، شاهه عبداللطيف سان تعلق رکندڙ شيون ۽ شاهه جي رسالي جا مختلف قلمي پڻ ۽ ڇاپي نسخا هوندا. تازو ڀٽ شاهه ۾ هڪ اعليٰ پيماني تي لئبرري کولي ويئي آهي ۽ وڏو هال ۽ گئلري پڻ تعمير ڪئي ويئي آهي.

اسان تي هي واجب آهي ته اسين شاهه صاحب سان سطحي آشنائي يا ڪوڙي قرب جي دعويٰ ڪرڻ بدران هن محسن اعظم جي پيغام تي سرگرم عمل رهي سنڌ ۽ اتي جي باشندن جي خدمت ڪريون ورنه:

چو رخت خويش بربستم ازين خاک

همه گفتند با ما آشنا بود.

و ليکن کس ندانست اين مسافر

چه گفت و با کہ گفت و از کجا بود.

(اقبال)


 

*  سنڌي ادبي بورڊ کي هر سال حڪومت جي طرفان هڪ لک روپيا گرانٽ ملي ٿي.

*  حڪومت جي طرفان شاهه جي عرس جي تقريبات لاءِ گرانٽ ڏني ويندي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com