سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :20

 

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

 

شاه ۽ وطن جي حب

 

وطن جي حب شاعري جي ڪارنامن جو هڪ وڏو تفصيل آهي. شاعر جو ڪيترين ڳالهين ڏي خيال رهي ٿو. هو ڪڏهن اخلاق جو وڏو معلم ٿي قومي مدرسه ۾ اچي ٿو ۽ قوم کي اخلاقي تعليم ڏئي ٿو. ڪڏهن مذهبي رنگ ۾ نروار ٿي ماڻهن کي مذهب ڏانهن راغب ڪري ٿو. ڪڏهن وطن جو سورمو ٿي پنهنجي اخلاق ۽ ملڪ لاءِ عام جهاد جو اعلان ڪري جنگي ميدان مڃائي ٿو. ڪڏهن سلوڪ جي واٽ جو رهبر ٿي اچي ٿو ته ڪڏهن مجازيءَ جي مام به سلي ٿو. اهڙي طرح هن جو دماغ ڪيترا خيال ڪري ٿو. شاعر جي احساس طبيعت وطني حب جي جذبن مان به ڀريل رهي ٿي ۽ بي اختيار هنجي خيالن مان وطن جي حب ۽ ديس جي سر سبزي جا امنگ پڌرا ٿين ٿا.

شاه ڀٽائي عليه الرحمت سنڌ جو اهو بلند پايہ شاعر آهي جنهن جي رسالي ۾ هر هڪ قسم جو مراد موجود ملي ٿو. غور ڪندڙن کي ڏسڻ ۾ ايندو، هو وطن جي حب جا اُهي وڻندڙ ۽ دل کي اڀاريندڙ خيال ڏيکاري ٿو جي شايد ڪنهن وڏي مقرر جي هڪ وڏي تقرير مان به اهڙي رواني ۽ دلچسپي سان ڪين ظاهر ٿيل ڏسبا جهڙا شاه جي مختلف بيتن جي ٿوري سٽن مان!

حب الوطني جي عنوان جا جدا جدا ڀاڱا آهن. وطن جي آزادي- خيالن جي آزادي- معاشرت جي آزادي- لباس، رهڻي ڪرڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزادي- وطن جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ آسودگي، وطن ۾ پيدا ٿيندڙ پاڻي، اناج ڪپڙي وغيره سان پيار- ڪنڊي ۽ ڪکه سان پيار- ڪلر ۽ ڪانڊيري سان پيار- کاري ۽ لڙهاٽيل پاڻي سان پيار- ککيءَ هاڻيون کاريون ۽ ڇڇيءَ هاڻا ڇڄن سان پيار- هي سڀ حب وطن جا جزا آهن.

هتي اسانکي ڏسڻو آهي ته شاه صاحب حب وطن ڪهڙي رنگ سان ادا ڪريٿو؟ شاه صاحب جو سڄو ڪلام، رسالي جي صورت ۾، ۽ ان جو هر هڪ بيت، وطن جي حب سان معمور آهي، ڇاڪاڻ ته انجي عبارت، انجون اصلاحون، انجون تشبيهون ۽ استعارا نج سنڌي آهن حتيٰ ڪ جيڪا فضا ۽ ماحول پيش ٿو ڪري سي به سنڌي آهن. گل و بلبل، سر و صنوبر، خال و خط، ساقي و ميخانه جي ڳالهه نٿو ڪري جيئن اسين موجوده دؤر جا شاعري ڪري رهيا آهيون بلڪ سنڌ جون خالص شيون جهڙوڪ ڪرڙ، ڪانڊيرو، ٿر ۽ بر، ڄار ۽ نمون، ڪنڀر جي نهائين، واري جا نانگ ۽ بلائون تن جا چٽ چٽي ٿو. ان مان ثابت آهي ته شاه کي پنهنجي ٻولي لاءِ ڪيتري نه حب هئي. رسالي جو هر هڪ ورق اٿلائي ڏسندا ته هڪ هڪ لفظ مان سنڌ ديس جي سڳند ايندي.

هتي هڪ ڳالهه انهي ضمن ۾ عرض رکندس ته ڪيترا اسان جا دوست ۽ بزرگ شاه جي بيتن جو موازنو ڪري، هندي، فارسي ۽ اردو جي شاعرن جي ڪلام سان عربي اهو ثابت ڪرڻ ٿا گهرن ٿا ته شاه به شاڳيو خيال، بدرجه اتم، انهن شاعرن کان بهتر لکيو آهي. مگر هو اهو نٿا سمجهن ته اهڙي موازنه مان خود شاه جي گهٽتائي آهي. ڇا شاه صاحب وٽ پنهنجا خيال ڪين هئا جو ٻين کان اڌارا ورتا اٿس؟ پوءِ اهو خيال کڻي ٻين کان بهتر نموني ۾ پيش ڪيا اٿس. ڪي حضرات انهن کي توارد جي درجي ۾ شامل ڪري صفائي ٿا پيش ڪن. منهنجي خيال ۾ شاه صاحب جي هن کان وڌيڪ ٻي توهين ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اهي تمام حضرات ڀليل آهن جو شاه صاحب جهڙي فطرتي شاعر لاءِ اهڙا خيال رکن ٿا.

شاه صاحب اهڙي قسم جا جيڪي به بيت آندا آهن. جي ٻين زبانن جي شعرن سان مشابه آهن سي سڀ هن ارادتاً تمثيل وانگي آڻي پنهنجا نظريا پوءِ پيش ڪيا آهن. غير ٻوليءَ جا شعر اصلي حالت ۾ پيش ڪري نٿي سگهيو تنهنڪري انهنکي سنڌي وڳو ڍڪائي، نيٺ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي اصطلاحن ۾ پيش ڪيو اٿس تاڪ سنڌ جا اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا به سولائي سان سمجهي سگهن. انهيءَ نقش ڪشي ۾ به ڪيترو نه حب الوطني جو جذبو مضمر آهي. انهيءَ دليل جي حمايت ۾ وڌيڪ عرض ڪندس ته شاه صاحب نه رڳو غير سنڌي ٻولي جا تمثيل آڻي پنهنجا بلند نظريا پيش ڪيا آهن بلڪ ڪيترن نامور سنڌي شاعرن جا بيت به ساڳي طرح تمثيل وانگر آندا اٿس، جهڙوڪ شاه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام يا قاضي قاضن جو ڪلام. اسانجا ڪيترا بزرگ ٻين سنڌي شاعرن جو ڪلام، شاه جي ڪلام ۾ ڏيکاري اهو ثابت ڪرڻ ٿا گهرن ته اهو ڌاريو ڪلام شاهه جي بيتن ۾ غلطي سان گڏجي ويو آهي. منهنجي ناقص عقل ۾ ائين نه آهي بلڪ شاه صاحب خود اهو ڪلام تمثيل ارادتاً وانگر آندو آهي. اهي ڌاريا بيت شاه جي ڪلام ۾ جتي جتي آيل آهن اتان جيڪڏهن ڪڍي ڇڏبا ته شاه جي مضمون جو ربط ٽٽي پوندو ۽ جيڪو نظريو هو پيش ڪرڻ ٿو گهري سو خبط ٿي ويندو. مٿين بحث مان هيٺيون ڳالهيون واضح ٿين ٿيون ته:

(1) شاه صاحب ٻين شاعرن کان خيال اُڌارا نه ورتا آهن بلڪ اهي تمثيل هن طرح پيش ڪري پنهنجا نظريا ٺيٺ سنڌي ۾ ڏنا اٿس جنهن مان سنڌي زبان لاءِ سنڌي حب ظاهر آهي ته ڪيئن نه سنڌي زبان کي به بام ترقي تي پهچائي سگهجي ٿو.

(2) شاه صاحب جو مطالع ڪيترو نه وسيع آهي جو هو عربي، هندي، سنسڪرت، گرنٿ صاحب ۽ فارسي زبانن جا تمثيل پنهنجي ڪلام جي اندر نج سنڌي زبان ۾ پيش ٿو ڪري. جنهن مان ثابت آهي ته شاه صاحب پڙهيل هو نه اڻ پڙهيل جيئن ڪيترا بزرگ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهو به حب الوطني جو هڪ طريقو هو ته پنهنجي زبان کي ڪيئن زرخيز ڪجي.

عام مشهور آهي ته پرديس ۾ ماڻهن ۾ پنهنجي وطن جي اڪير ايتري قدر ٿي رهي جو گهڻن وقتن تي بيماري لاءِ وطن جو پاڻي ۽ مٽي ملڻ ڪري بيمار کي شفا حاصل ٿئي ٿي. فارسي جي مشهور بيت ۾ چيل آهي: خار وطن از سنبل و ريحان خوشتر است. شاه صاحب مارئي جي واتان وطني حب جو آواز کڙو ڪري ٿو.

پهي سکه پيرن کيہ، ڪو نيهن نياپو ماروئين

ات اڪنڊي آهيان تن آتڻ تن ڏيہ

سندي جا ساڻيہ کہ کٿوري ڀانيان.

يعني وطن جي مٽي مون لاءِ کٿوري آهي. مسافر پرديس ۾ وطن کي ساري هيڻو ٿي ويو آهي ۽ جا واه ڪانه ٿو ڏسي جنهن مان پڪ ٿئيس ته اڄ يا سڀان وطن ڏي ورندس. انهيءَ نااميديءَ ۾ دل کي هيئن آٿٿ ٿو ڏئي:

ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏم لاهه

ڪامڻ آ منهنجي ڪر جي اي آڏ وڏائي آهه

ستي سيل نباهه، ملير ويندين مارئي.

وطن جي حب ۾ وطن جي شيءِ داران ٻيءَ ڪنهن به چيز مان لذت ڪانه ايندي، نڪي ان ڏي دل کي تانگهه ٿيندي.

مينڍا ڍوءِ نه مارئي، ٿيس ڪرنڊيون وار

ستي سيئي ساريا، جي پائر جا پنوهار

عمر اُنهون ڌار، مور نه وهي ماڙئين.

----------

مينڍا ڌوءِ نه مارئي، محلين مارئان ڌار

پايو ميٽ ملير ري، منڌ نه ويڙهي وار

جا هتيجن هار، سا ڪئن وهندي ڪوٽ ۾؟

وطن جي ڪنهن ماڻهوءَ کي رڳو پير ۾ ڪنڊو لڳي ٿو ته محبت وطن جو هنئين ۾ ڪرڀالو ٿو لڳي ۽ هو ديس لاءِ سڄو ڦٽجيو پوي.

آءٌ ڪيئن سوڙئين سمهان، مون ور گهارج سڃ

ور اباڻن سين اُڃ، کہ شربت تنهنجو سومرا

ديسين جي رهڻي ۽ ڪهڻي سادو کاڌو، سادو اوڍڻ محبت وطن کي وديشين جي پلائن ۽ نفيس پوشاڪن کان وڌيڪ پسند آهي.

شاه ٿو فرمائي:

آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڻي سومرا

سئا ڪيو سيد چئي سائون سڪائين

منجهان لنب، لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين

پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.

تن ونهين ويڙيچن ۾ سداءِ سڪار

چونڊ آڻيو چاڙهيون سندو ڏونرن ڌار

جنجو ويڙن سين واپار سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا.

شاه صاحب وطن جي حب ۾ وطن جي سر سبزي لاءِ ڪهڙي نه دعا گهري ٿو:

سانئين سدا ڪرين، مٿي سنڌ سڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

وطن جي حب جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿيندو؟ جو مئي کانپوءِ به پنهنجي قبر ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيڻ نٿو قبول ڪري بلڪ سڀ لوازما وطن جائي مرغوب اٿس.

واجهائي وطن کي آءٌ جي هت مياس

گور منهنجي سومرا، ڪج پنوهارن پاس

ساري ڏج سرتئين منجهان ولن واس

ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ۾.

انهيءَ بيت جي پوئين تڪ تي غور ڪريو؟ ته وطن جي حب ڪيتري قدر نه ڏيکاري ٿو. فرمائي ٿو ته منهنجو مڙهه ملير ۾ وڃي ته ڄاڻندس مئو ئي ڪين آهيان بلڪ نئين حياتي پاتي اٿم.

واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه

بت منهنجو بند ۾، قيد م ڪريجاهه

پرڏيهياڻي پرين ري ڌارم ڌريجاهه

ٿڌي مٽي ٿر جي ويهي وسائجاهه

پويون ٿئي پساهه، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي

مٿين ٻنهي بيتن ۾ زبان جي سادگي: سلاست ۽ نزاڪت جذبات جي دردناڪي ۽ خيالن جي بندش ۽ طرز ادا جي دلڪشي اهڙي آهي جنهنکي هوند معجزو چئجي ته بجا آهي.

اڃا به وطن جي سڪ دردناڪ انداز سان ٻڌائي ٿو.

واجهائي وطن کي ساري ساهه ڏيان

هي سر ساڻيهه سامهون منهنجو نج ميان

مقامياڻي ماروئين وڃي ٿر ٿيان

ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

هن بيت ۾ هڪ نڪتو نهايت عجيب ۽ بليغ ۽ حسرت ناڪ آهي، مارئي جي واتان فرمائي ٿو ته جيڪڏهن وطن کي ساريندي هتي عمرڪوٽ ۾ مري ويس ته منهنجو هي سر ساڻيهه ۾ ضرور نج. هتي لاشو نه چيو اٿس ڇاڪاڻ ته مارئي کي خبر آهي ته عمرڪوٽ ۾ منهنجو ڪو همدرد ڪونهي جنهنکي لاش نيڻ جي وصيعت ڪريان، تنهن ڪري مخاطب کي وينتي ٿي ڪري ته ميان منهنجو سر ئي کڻي ساڻيهه ۾ نج ته من سر مارن جي مقام ۾ جاءِ وٺي. سر انسان جي سڄي بدن جو مدار، سر وڃڻ سان گويا سڄو بدن وڃي چڪو. هي بلاغت ۽ نڪته شناسي ۽ مخاطب جي طبيعت جي نبض شناسي محض شاه صاحب جو حصو آهي، ٻئي جي طاقت ڪانهي:

وطن ۽ وطن وارن جي حب جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ملندو؟

سنهي سئي سمهيو مون ماروءَ سين ساهه

ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاهه

هنئون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماهه

پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾

وطن جي حب جو هي دلچسپ مثال ڏسو.

چرن چڻڪن چت ۾ هرن منجهه هنئين

لطف ٿيو، لطيف چئي مهرڪي منيئن

ڏکي کي ڏئين، سراهيون ساڻيهه جون!

وطن ۽ وطن وارن جي سڪ ۾ ڪيتري قدر نه وڌي ويو آهي جيتوڻيڪ هتي هڪ سلوڪ ۽ تصوف جو مسئلو آهي پر ظاهري معنيٰ ۾ بهشت وارا صرف ديسي آهن. بندش جي اسلوب تي غور ڪريو ۽ داد ڏيو.

زمر زخرف سومرا، مارو مون مهندار

اولائک اصحاب الجنہ، ماڳ سندن موچار

وسقاهم ربهم شراباً طهورا، پين پوڄ پنوهار

ويرو تار وجود ۾ پرين جي پچار

سٻاجها ستار، مونکي مارن ميڙئين!

هن بيت ۾ شاه صاحب مارئي جي واتان ملير کي بهشت ۽ پنوهارن کي بهشت جا مالڪ ۽ پلر جي پاڻي کي شراب طهور سان تشبيهه ڏيڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي.

 

--------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com