سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :14

 

ڪريم بخش خالد

نئون نياپو

 

نئون نياپو آئيو، راڻي وٽان رات،

لڏيسون، لطيف چئي؛ ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪهڙي پڇين ذات، جي آئيا سي اگهيا.

صوفياء ڪرام جي ڪلام جون ٻه خوبيون هونديون آهن. ظاهري ۽ باطني- شاه صاحب جي ڪلام ۾ به اسان کي ٻئي خوبيون بلڪل غير مبهم نموني ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.

شاه صاحب پنهنجي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ جو هڪ آسان ۽ لا زوال ذريعو اختيار ڪيو ۽ اهي اسان جا عوامي داستان آهن جي سالها سال کان عوام جي ذهن ۽ دلين تي نقش ٿيل آهن. اهي داستان اسانجي ماضي، عظمت، شجاعت، غيرت، محبت، حب الوطني، نياز ۽ قرباني جا محض داستان ئي ڪين آهن، پر شاه صاحب انهن ۾ جو پيغام ڏنو آهي، سو ابدي آهي. اهو پيغام قومن لاءِ بقا سرفرازي جو سنيهو آهي. جيسين دنيا ۾ هڪ آدمي به سنڌي سمجهندڙ زنده آهي، جيسين شاه جي ڪلام جو هڪ بيت به اسانوٽ موجود آهي، اسان زنده جاويد ٿي سگهون ٿا. اسان کي دنيا جا انقلاب، معاشرتي ۽ معاشي تبديليون ۽ ڪشمڪشون، دارو رسن جا دڙڪا ۽ ڏيرن جا ڏهاڳ ته ڇا پر موت به ماري نه سگهندو.

شاه جي ڪلام ۾ نه فقط ظاهري، پر باطني طور پڻ اهو ئي پيغام ڏنو ويو آهي جو انسانيت جو پيغام آهي اهو پيغام ظلمت، بالادستي ۽ غير مساويانه رويه خلاف، برادري، محبت ۽ انساني همدردي جو پيغام آهي. اهو قرآني پيغام وانگر آهي جو بنا ڪنهن ذات ۽ دنيوي حيثيت جي هر ڪنهن لاءِ ۽ هر هڪ دور لاءِ آهي. راڻي ۽ مومل جي داستان جو مٿيون بيت انهيءَ نياپي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جو پنهنجي نوعيت ۾ آهي ته قديم، پر هن نفسا نفسي ۽ باهم بي اعتمادي ۽ خودغرضيءَ جي زماني ۾ نئون آهي. اسانکي انهيءَ نئين نياپي کي نظر ۾ رکي، سهاني رات ۾ سنئين ڀونءَ تي، وڏو پنڌ ڪري، منزل مراد تي پهچڻو آهي.

هن وقت اسان جنهن احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهيون ۽ زماني جي روش کان جنهن بزدلانه نموني ۾ اثرانداز ٿي، زندگي جي حقائق کان گريز ڪري رهيا آهيون، سو مجموعي ۽ انفرادي طور اسان لاءِ نقصانڪار آهي. انسان تي ڪيتريون مشڪلاتون ۽ تڪليفون اچن ٿيون جنجو هو مردانه وار مقابلو ڪري ٿو. ڳڀرن وانگر عشق کي راند نٿو سمجهي، پر سسي نيزي پاند اڇلائي، شفاعت جي ننڊ ڇڏي سلطاني سهاڳ ٿو ماڻي.

اڄ اسانجا معمر ماڻهو بي فڪر ۽ گوشه عجلت ۾ آرامي آهن. نوجوان طبقو، تعليم جي ڪمي، معاشي ۽ معاشرتي ناهموارين ۽ غير صالح ماحول سببان بي راهروي جي اوڙاه ۾ تيزي سان ڌڪجي رهيو آهي. هو سهل پسند آهي ۽ خود اعتمادي جي جذبه کان بنهه عاري آهي. شاه جو هن کاءِ نياپو آهي ته:

تتي ٿڌي ڪاهه، ناهي ويل وهڻ جي؛

متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پرين جو

آزاديءَ کان پوءِ اسانکي هڪ نئين جدوجهد ۾ منظم طرح شريڪ ٿيڻو پيو آهي. اها جدوجهد هڪ نئين معاشره جي قيام لاءِ آهي، اهڙو معاشرو جتي ذات پات، وڏ ننڍائي جو ڪو سوال ڪين آهي. هڪ قوم آهي، هڪ ملڪ آهي ۽ ان قوم ۽ ملڪ جي نشاة ثانيه لاءِ ۽ ملڪي وقار لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. ترقيءَ جون نيون واٽون ڳولڻيون آهن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. نااميدي ۽ ناسازگار ماحول کان متاثر ڪين ٿيڻو آهي.

ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي،

سون ڏينهن جا ڏکڙا، هڪ لحظي ۾ لاهي،

اهڙو به الله آهي، جو ماڳ پهچائيندء مارئي.

ساري ملڪ سجاڳي جي هڪ لهر موجزن آهي. ڪيترين سامجي براين جي پاڙ پٽي ويئي آهي ۽ قوم ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ ولولو ۽ جذبو پيدا ڪيو ويو آهي. فقط زرعي سڌارا ئي هڪ اهڙو قدم آهي جنهن ڪري، سنڌ علاقي جا هزارين ماڻهو سالها سال جي نيم- انساني زندگي جي لعنت کان آزاد ٿي نئين زندگي بسر ڪندا. ظالمن ۽ ستمگرن جي صاحبي جو دور ختم ٿيو آهي ۽ سلطاني جمهور جو وارو آيو آهي:

متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿوڻا هڻين،

تو جا ڀائين اچ، تنهن بنا ڏينهڙا

انهي نئين جمهوري دور ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جو فرض آهي ته هو پنهنجي ذات ۽ ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺي ۽ اهڙي طرح سمنڊ سوجهي جو ماڻڪ ئي ملن:

سمنڊ جي سوجهين، تني ماڻڪ ميڙيا،

جلڙ جي چوئين، تني سانکوٽا ۽ ستيون

انهيءَ مقصد لاءِ اسانکي دل مان دغا ڪڍڻي پوندي ۽ خلوص ۽ سچائي سان اڳتي قدم کڻڻو پوندو:

ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،

محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،

ان پر اٿي اچ، ته سودو ٿئي سٿرو

نئين نياپي ۾، شاه صاحب اسانکي پنهنجي باهمي تعلقات سلجهائڻ ۽ يڪ جهتي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ چند اصول ٻڌايا آهن ته انهيءَ معاشره ۾ ذات پات ڪين پڇي ويندي ۽ ڏاتر وٽان جنهن کي ڏات مليل آهي سو مهندار ۽ سردار آهي ۽ اسان لاءِ اهو زيبا ناهي جو هڪ ٻئي تي ڇوه ڇنڊيون ۽ طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪريون:

هو چوني، تون ۾ چو، واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.

اسانکي ڀرپور ڪوشش ڪري پنهنجا معاملا سلجهائڻ گهرجن. نئين معاشره لاءِ فقط جهدالبقا جي اصول تي عمل ڪرڻو نه آهي، پر قادر مطلق جي رحم و ڪرم جي پڻ ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو اسانجي زندگي، موت ۽ عقل، خالق اڪبر لاءِ ئي آهي.

جيڏو تنهنجو ناءُ، ٻاجهه به اوڏي ئي منڱان،

ري ٿنڀي، ري ٿوڻي، تون ڇپر تون ڇانءُ،

ڪڄارو ڪهان، توکي معلوم سڀڪي.

رب جي رضا ۽ رحمت سان گڏوگڏ اسانکي، پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ مفاد جي سنڀال لاءِ سڀيئي اکيون ڌارڻيون پونديون ۽ ٻين ڏانهن نهارڻ بدران، اهڙو طريقه ڪار سوچڻو پوندو جيئن ڏيهه ۾ نه ڏونگر ڏسڻ ۾ اچي نه وري ڪيچن جي ڪاڻ ڪڍڻي پوي.

نعري بازيءَ جو وقت ويو، ٻين کي مٺيون ۽ اشتعال انگيز ڳالهين ٻڌائڻ جو دور ختم ٿيو. هينئر ڪنڌيءَ تي بيهي ساهڙ ساهڙ ڪرڻ بدران، ساه جو سانگو نه ڪري، منجدهار ۾ گهري پوڻو آهي. پنهنجن ننڍن ۽ وڏن، عورتن ۽ مردن کي نئين زماني جون نيون ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻيون آهن ۽ نئين جوابدارين ۽ ذميوارين کان کين آگاه ڪرڻو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ويڇا وساري خلوص ۽ محبت سان اهڙي طرح هلڻو آهي جو اسانجي دل جون اميدون ۽ امنگ پورا ٿين. ڪاميابي جي معراج تي پهچون، زندگي جي مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪريون ۽ مستقبل کي ماضيءَ وانگر شاندار ۽ قابل تقليد بڻايون.

اسان جڏهين اهو نئون نياپو سمجهيو ۽ انکي دل سان هنڍائي عمل ڪيو ته پوءِ اسانجي هر مشڪل آسان ۽ هر مسئلو حل ٿي پوندو: ظلمت جي اونده ختم ٿيندي ۽ چوڌاري چٽاڻو رونما ٿيندو. نااميدي جي بدران اعتماد ۽ يقين جون قوتون بيدار ٿينديون ۽ هر طرف باغ بهار ڏسڻ ۾ ايندا. دوئيءَ جا هاڃيڪار خيال ختم ٿيندا، هر طرف راڻو ئي راڻو نظر ايندو ۽ خود اعتمادي، انساني محبت ۽ همدردي ڪار فرما هوندي. اتحاد ۽ اتفاق هوندو. نئين نياپي جون هن وقت اهي ڳالهيون آهن جن جي اسانکي پنهنجي مستقبل لاءِ ضرورت آهي ورنه اڳتي هلي اسانکي افسوس ڪرڻو پوندو ته:

سنجهي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سور،

آڌي رات دمئو، ڏين پلٽيو پور،

جتن جي ضرور، مادر ماري آهيان.

 

 

--------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com