سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :15

 

نجف علي شاه ڪمتر

شاه جا سر

 

شاه جي رسالي ۾ استعمال ٿيل لفظ سر جي معنيٰ تي غور ڪبو ته ٻه معنائون نڪرنديون راڳ ۽ داستان.

رسالي جو هر عنوانه لفظ سر سان شروع ٿئي ٿو. جتي جتي به عنوان ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ته اتي ان راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو اچي ٿو مثلا سر سريراڳ، سر ڪلياڻ يا سر ڪيڏارو ۽ جنهن هنڌ به عنوان ڪنهن خاص افساني، واقعي يا تاثر سان لاڳاپو رکي ٿو اتي ان افساني يا واقعي جو نالو ڏنو ويو آهي، مثلا سر مارئي سر سامونڊي يا سر ڪوهياري وغيره.

شاه جي رسالي جي ابتدائي ترتيب ڏيندڙن رسالي کي 37 حصن ۾ وراهيو هو ۽ هر هڪ حصي کي ڪنهن راڳ يا داستان يا ڪنهن تاثر مطابق نالو ڏنو هو.

رسالي جي پوين ترتيب ڏيندڙن به ساڳيا عنوان قائم رکيا. هڪ فاضل محقق ڪافي تحقيق ۽ تجسس کانپوءِ رسالي جي 37 حصن مان 7 حصا خارج ڪري ڇڏيا. انهيءَ محقق جي دليلن پڙهڻ ۽ انهن ستن حصن کي ڏسڻ سان اهو نتيجو نڪري ٿو ته واقعي اهو ڪلام ڀٽائي گهوٽ جونه آهي ۽ ابتدائي ترتيب ڏيندڙن غلطي ڪري اهو ڪلام شاه جي رسالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن ابتدائي رسالن مان اهي ست سر ڪڍي ڇڏبا ته باقي 30 سر بچندا، جن مان 16 سر راڳ ۽ راڳڻين جي نالن سان قائم آهن باقي سرن تي اهڙا مختلف نالا رکيا ويا آهن جن جو راڳ يا راڳڻيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونهي هندستاني موسيقي جي ماهرن راڳ جا ڇهه بنيادي قسم مقرر ڪيا آهن. جن جا نالا آهن ڀيرو، هنڊول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس. انهن راڳن مان ٻيون راڳڻيون ۽ راڳ نڪتا جن جا راڳن جي مناسبت سان مختلف نالا رکيل آهن. انهن 16 سرن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ سر سريراڳ تي نالو ڇهن بنيادي راڳن مان هڪ راڳ سريراڳ جو رکيل آهي. باقي 15 مان چوڏهن سرن تي راڳڻين جا نالا رکيل آهن، جهڙوڪ: ڪلياڻ، ايمن ڪلياڻ، کنڀات، سهڻي، ديسي، ڪاموڌ، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، آسا، رامڪلي، پورب، پرڀاتي ۽ بلاول. باقي هڪ سر حسيني هندستاني راڳڻي سان تعلق نٿو رکي. اهو عربي موسيقيءَ ۾ استعمال ٿيندڙن سرن مان هڪ سر آهي.

علم موسيقيءَ جي ماهرن خاص خاص راڳن ڳائڻ لاءِ خاص خاص وقت مقرر ڪيا آهن. شاه صاحب پنهنجن بيتن ۽ واين ڳائڻ لاءِ راڳ جو جيڪو خاص نمونو اختيار ڪيو هو ان جي ڳائڻ جو وقت جيڪو پاڻ مقرر ڪيو هئائون سو هو سج لٿي کان وٺي فجر جي اذان تائين. هندستاني راڳ جي ماهرن جي راءِ مطابق سر ڪلياڻ ڳائڻ جو وقت سج لٿي مهل آهي، تنهن ڪري رسالي جي ترتيب ڏيندڙن به شاه صاحب جي نظريه ۽ راڳ جي قانون مطابق رسالي جي منڍ ۾ سر ڪلياڻ رکيو ۽ شاه به هڪ سچي مسلمان شاعر جي حيثيت ۾ سرڪلياڻ ۾ اول ئي اول پروردگار جي حمد و ثنا جا بيت چئي ترتيب جي ابتدائي حسن ۽ خوبيءَ کي برقرار رکيو آهي. ڪلياڻ کان پوءِ يمن ڪلياڻ آيل آهي. رسالي جي سرن جي انهي ترتيب ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته مشهور موسيقار تان سين جا ٻه پوٽا جيڪي شاه جو نالو ٻڌي سندس خدمت ۾ فيض پرائڻ لاءِ آيا هئا تن به سرن جي نالن رکڻ ۾ ۽ رسالي جي ابتدائي ترتيب ڏيڻ ۾ شايد ڪافي مدد ڪئي هجي. رسالي جي ترتيب ۾ سر يمن ڪلياڻ کان پوءِ سر کنڀات اچي ٿو جو به علم موسيقيءَ جي لحاظ کان تقريباً پوري جاءِ تي بيهاريل آهي. ڇو جو موسيقيءَ جي قانون مطابق سر کنڀات هڪ پهر رات گذرڻ کان پوءِ ڳايو ويندو آهي. ان کان پوءِ رسالي جي سرن جي ترتيب راڳ جي وقتن مطابق يا موسيقيءَ جي قانون مطابق نه آهي ۽ مختلف جاين تي مختلف داستانن کي راڳ ۽ راڳڻين جا نالا ڏنا ويا آهن جن جو ذڪر اڳم ٿي چڪو آهي.

باقي جيڪي سر آهن تن جا نالا اهڙا رکيا ويا آهن جن جو راڳ يا راڳڻيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي سي آهن: سر سامونڊي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ڪوهياري، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر گهاتو، سر رپ، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر. انهي سرن ۾ شاه مختلف واقعن، مختلف افسانن ۽ مختلف تاثرات کي نهايت سهڻي پيرايه ۾ بيان ڪيو آهي.

مثلا سر سامونڊي ۾ شاهه سمنڊ جي عورابن ۾ سفر ۽ واپار ڪرڻ وارن مردن جي گهروارين جا الڪا ۽ اوسيڙا اهڙي ته رقت آميز طريقي سان بيان ڪيا آهن جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جي دلين تي گهرو گهاو ڪيو وجهن، وڻجارن جي وهين کي نهايت سهڻيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏنا اٿس. انهن جي جذبات ۽ احساسات جو اهرو ته نقشو ويهي چٽيو اٿس جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦريو وڃي. مثال طور:

سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماءِ سامونڊي آئيا

مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾.

سر سسئي آبريءَ ۾ سسئيءَ کي اڀري ۽ هيڻي عورت تصور ڪري سندس ناتوانيءَ ۽ بيوسيءَ جو ذڪر نهايت دلسوز نموني سان ڪيو اٿس. لفظ آبريءَ جي ٻي معنيٰ آهي پاڻيءَ کان سواءِ. سسئي هٿين خالي پنهوءَ جي تلاشي ۾ نڪري پئي. ساڻس پاڻيءَ جي کلي نه هئڻ ڪري کيس اڄ به سخت تڪليف ڏني. سسئي جي انهي اُڃ جو بيان شاه سر سسئي آبريءَ ۾ هيئن ٿو ڪري:

ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي

اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃئو ان کي.

سر سسئي آبريءَ کان پوءِ سر معذوري آهي. اهو سو به سسئي پنهوءَ جي قصي متعلق آهي. هتي لفظ معذوريءَ جي معنيٰ آهي محتاج. هن سر ۾ شاه سسئيءَ جي محتاجيءَ ۽ صعيفي جو ذڪر هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

هلندي هاڙهو مڻي ڏڪن منهنجا ڏوهه

هو اوڇڻ سر اٺن تي هي پنڌ پڇاڙي پوءِ،

ليڙن ري لطيف چئي ڪيئن ڪرينديس ڪوه،

اڳيان رائو سجهي روه، وهان تان نه وس پئو.

ساڳئي سر ۾ سسئيءَ جي مايوسيءَ جو بيان هن طرح ٿو ڪري:

آئون نه گڏي پرينءَ کي هي پڻ ڏينهن وئو

نهوڙي ناين سين مون کي نينهن نئو

مٺيءَ موت ٿئو، پيءُ ڪندي پنڌ ۾.

سر معذوريءَ کان پوءِ شاه سر ڪوهياريءَ ۾ سسئيءَ جا سور بيان ڪيا آهن. لفظ ڪوهياريءَ جي معنيٰ آهي ڪوه واري يا جبل واري. هن سر ۾ سسئيءَ کي جيڪي تڪليفون ۽ ڏاکڙا جبل ۾ پيش آيا آهن تن جو ذڪر ڪيل آهي. ڀٽائي گهوٽ سسئيءَ جي واتان جبل کي چئي ٿو ته:

ڏونگر ڏوراپو پهرو چونديس پرينءَ کي

پهڻ پير پٿون ڪئا، تريون ڇنيون تو

رحم نه پيئي روح ۾ قدر منهنجو ڪو

واڪا ڪنديس وو، مون سي جبل ٿو جاڙون ڪري.

سسئي هڪ هيڻي عورت ذات سان ور لاءِ ڇو پئي واجهائي، ڏيرن لاءِ ڇو ٿي ڏونگر ڏوري تنهن سوال جو جواب شاه ساڳئي سر ۾ هيئن ٿو ڏي:

هئي جي نه هئي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي

ان سڱ مقابل سسئي سندين ٿي سئي،

هن تان لڄ لئي، هن جو هلڻ هوت ڏي.

سر ليلا چنيسر، ليلا چنيسر جي پراڻي قصي تي چيل آهي. هن سر ۾ شاه ليلا کي سنديس غلطيءَ تي تمام گهڻو ڇينڀيو آهي. کانئس جيڪا خطا ٿي تنهن جي باري ۾ شاه هدايت ٿو ڪري ته:

ليلا ليلائيج اٿئي ماڳ منٿ جو

جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج

آسرو م لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

ليلا جي معمولي مڻيي تي پنهن جو محبوب مٽي ڇڏيو سا ڳالهه شاه کي بلڪل نه وڻي. هن سر ۾ شاه انهي مڻيي جي معاملي کي تمام گهڻو بيان ڪيو آهي. مثال لاءِ هڪ بيت ئي ڪافي آهي:

 

مومل (عمل: ظفر ڪاظمي)

 

راڻا! تنهنجي راه تي، ڏيهاڻي ڏيکان،

راڻي جي رهاڻ جون، روح اندر ريکان،

محبت جون ميکان، توسان لال لپيٽون.

(ڀٽائي)

 

قسمت قيد قوي، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،

لکي آڻي لوه جي هنڌڏيکاريس هيءُ.

(ڀٽائي)

 

مڻيون ناه مڻيون جو تون پسي هار هرکئين

اصل آهي اڳهين سندو ڪوڙ ڪڻيون

ان گهوڙن هينئن گهڻيون، دوستان دور ڪيون.

سر مومل راڻو نالو به مومل راڻي جي قصي جي ڪري پيو. هي سر سڄو درد ۽ فراق جو مجموعو آهي. راڻو مومل سان ڪاوڙجي کيس ڇڏي وڃي ٿو ۽ وري ورڻ واري ڪانه ٿو ڪري ۽ سندس فراق ۾ مومل جيڪي ورلاپ ٿي ڪري سي شاه صاحب جي ڪلام مان پڙهڻ لائق آهن:

اُڀي اُڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا

هڪ ميو ٻيو مينڌرو رات سڄي ساريام

ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.

هن سر ۾ شاه حسن جي تعريف ۾ به ڪمال ڪيو آهي. هن سر ۾ مومل جي حسن ۽ خاص طرح اکين جي بيان ۾ ته حد ڪري ڇڏي اٿس. اهڙيون سهڻيون تشبيهون ڪم آنديون اٿس جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن مٿال طور:

مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور

هڻي حاڪمن کي پٽ نهاري پور

گهوٽ پهرينءَ گهور، جي وئاسي وڍئا.

ان کان پوءِ سر مارئي کي به عمر مارئي جي قصي مطابق نالو ڏنو ويو آهي. سر مارئيءَ ۾ شاه صاحب حب وطن، مارئيءَ جي سيل، عمر جي ارڏاين ۽ مارن جي مسڪينيءَ جو بيان ڪيو آهي. هن سر ۾ شاه مارئيءَ جي مارن سان لاڳاپي جي باري ۾ چوي ٿو ته اڃان دنيا جو وجود ئي ڪونه هو، اڃان دنيا کي پيدا ڪرڻ لاءِ لفظ ڪن چيوئي نه ويو هو ان وقت کان به اڳي مارئيءَ جو پنهن جي سپرين سان سڱ ٿيل هو:

نڪا ڪن فيڪون هئي نڪو لڱ لحم

بنيو هو نه بت ۾ اڃان ڪي آدم

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين.

هن داستان ۾ شاه صاحب مارئيءَ ۾ لڪ ڪري پنهنجي جي مٺڙي ملڪ سا جيڪا سنديس محبت هئي تنهن جو بيان نهايت دلنشين پيرايه ۾ ڪيو آهي. شاه حب الوطنيءَ ۾ پنهن جو مٽ هو، وطن لاءِ کيس جا محبت هئي تنهن جو بيان اجهو هيئن ٿو ڪري:

واجهائي وطن کي آءٌ هت مياس

گورمنهن جي سومرا ڪج پنهوارن پاس

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان ولڙين واس

ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

سر گهاتو جو نالو به مورڙي ميربحر ۽ مڇ جي واقعي سان تعلق رکي ٿو. سر گهاتوءَ ۾ شاه ڪلاچيءَ جي مير بحرن مورڙن جي ڀائرن جي موت ۽ مورڙي جي بهادريءَ سان مانگر مڇ مارڻ جو ذڪر بلڪل مختصر ڪيو آهي. مثال لاءِ هڪ بيت ڪافي ٿيندو:

ڪالهه ڪلاچي وئا گهاتو ڪري گهور

مادر ملاحن جا ويٺي سهان سور

مون کي ڪري ملور، اونهي ويا اوهري.

سر آسا ۾ شاه مختصر تاثرات جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر جي فصل جو مضمون مختلف آهي. هن سر جي فصل ٻئي ۾ شاه صاحب اکين جو جيڪو بيان ڪيو آهي تنهن لاءِ اسان وٽ اهڙا لفظ ڪونه آهن جو بيان ڪري سگهجي. هن فصل مان صرف ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

وسن ۽ وهسن، ڏيهاڻي ڏسڻ لئه

ڏسي ڏسي آئيو تپ تلاشيون ڪن،

ڍاپيو نه ڊاپن، پسڻ منجهان پريءَ جي.

ٻيو بيت آهي ته:

اکين کي آئون، جان ڪي جهلون پائيان

لوڪ لتاڙي ننڊ ۾ ساجن سونائون،

مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيو.

ائين شاه لطيف موسيقي جي رائج سرن کان سواءِ ٻين سرن جو اضافو ڪري هن علائقي جي نه فقط ادب ۾ پر موسيقيءَ ۾ هڪ عمده ۽ دلپذير باب جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

-----------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com