سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :6

 

شاهه جا همعصر

 

ٻارهين صدي هجري جو زمانو اسلام ۾ هڪ زبردست مردم خز زمانو ٿي گذريو آهي. هڪ طرف اسلامي بادشاهتن جي زوال يا زبوني جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا ته ٻئي طرف هر هڪ اسلامي ملڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ عالم، عارف ۽ شاعر پيدا ٿي رهيا هئا. هندستان يا ترڪي کي ڇڏي فقط سنڌ جي ننڍڙي ٽڪري تي نظر ڪجي ٿي ته حضرت شاهه ڀٽائي جي وقت ۾ اسانجي سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ صاحب ڪمال بزرگ موجود هئا، سنڌ جو مرڪزي شهر ٺٺو، ان سمي وڏن وڏن عالمن ۽ چوٽيءَ جي چترن شاعرن ۽ عارفن ڪاملن سان ڀريو رهيو، ان کان سواءِ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪيترائي ڪامل ڪماليت وارا ماڻهو موجود هئا.

شاهه صاحب جون پنهنجي همعصر بزرگن مان جن ماڻهن سان ملاقاتيون ٿيون يا روحاني روماڻيون ڪيائون، تن مان جيترو به تاريخ جي ڪتابن مان حال هٿ آيو آهي سو هيٺ ڏجي ٿو:-

1. شاهه صاحب جي ڦوه جوڀن جو وقت هو، والد بزرگ به جيئرو جاڳندو موجود هون، سنڌ جي سير ۽ سالڪن جي صحبت لاءِ جيڪو سواد هن صاحبزادي کي سمايل هو، سو کيس سنڌ جي نامور صوفي شاهه عنايت الله شهيد جهرڪ واري جي ملاقات لاءِ ڇڪي آيو.

هي نوجوان عارف سيد عبداللطيف جو قبض بسط جي ڪشش ۾ ڦاٿل هو تنهن کي ڏسندي شاهه عنايت الله جو ڪجهه پهريائين فرمايو سو هيٺيون بيت هو:

 

ڏسي ڏونگر ڏار، متان هلڻ هيري ٿئين،

ڪي مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،

پويان پائج پرين کي، حقيقي هار،

سگهي لهنديءِ سار، آريجا عنايت چئي.

 

هن ڪلام ۾ طريقت جي منزلن طيءِ ڪرڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون پيش اچن تن کي مڙسن وانگي منهن ڏيڻ جو ارشاد ٿيل آهي، جنهن کان پوءِ ئي هڪ سالڪ پنهنجي مقصد کي ماڻي سگهي ٿو.

جواب ۾ حضرت ڀٽائي گذارش ڪئي ته:

 

پسي ڏونگر ڏاه، متان هلڻ ۾ هيري ٿئين،

پڇي پورج سسئي، مهندا بلوچاڻي باه،

ان وڙائتي ور جو، آسرو هڏم لاه،

اکين اوڏو آه، پرين پرايو م چوين.

 

حضرت ڀٽائي، شاهه عنايت الله کي سندس آگيا جو جواب ڄڻ هائو ۾ ڏئي ٿو چوي ته ور ڪهڙو به اڻ وڙائتو هجي پر ان کي ڪئن ڇڏبو؟ پراهون آهي پر ڪشالا ڪندڙ محبتي لاءِ بلڪل ويجهو آهي.

شاهه عنايت الله صوفي 1133هه ۾ شهيد ٿيو ان وقت شاهه صاحب جي ڄمار 31 سالن جي هئي. صوفي صاحب جي شهادت واري واقعي جو سندس طبيعت تي ايڏو اثر ٿيو جو ڪن جو چوڻ آهي ته سر رامڪلي جي فصل 8 جا شعر انهي واقعي کان متاثر ٿي چيا اٿس:

 

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

هو جي جيءُ جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

----------

اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين جوڙ،

ساري سناسين کي، کامي ٿئين تون کوڙ،

من جنهين سان موڙ، سي لاهوتي لڏي ويا.

------------

اهڙن بزرگن جي ملاقات ۽ ديدار جي حق ۾ فرمائي ٿو ته:

 

جياسون جوڙ ٿي، جوڳي ڏٺاسون،

ڪنا تنهين مون، حاصل هي حال ٿيو.

 

هن شعر ۾ جياسون جوڙ ٿي، جي معنيٰ (1) جڏهن کان هي دنيا پيدا ٿي. (2) جڏهن کان جوڳين سان ملياسون ۽ ساڻن ملاقات ٿي، يعني جڏهن کان اهڙن بزرگن سان ميلاپ ٿيو ته انهن جي صحبت ۽ سنگت ۾ ئي منهنجو  هي حال ٿيو آهي.

هڪ روايت آهي ته شاهه عنايت الله پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن عمر مارئي جي ڪهاڻي تي ڪي بيت چيا هئا ۽ شاهه عبداللطيف کي مارئي جو مذڪور سڻائي هن ۾ به مارئي جي بيتن چوڻ جو چاه پيدا ڪيائين. پروفيسر ڀيرو مل لکي ٿو ته شاهه عنايت بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو اول ۾ مارئي جا بيت چوندو هو، شاهه عبداللطيف جا سسئي وارا بيت ٻڌائين ته ڏاڍو وڻي ويس جو پاڻ به اهڙا بيت چوڻ لڳو:

اڌر نڌر اڀري، ڪوجهي ڪميڻي،

تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيون، هوت ڏسي هيڻي،

اگهائي شاهه عنايت چوي تنهنجي ٽڪر مان ٽيڻي،

جا هي ور جي وهيڻي، تنهن کي محب مليو ميهاڙ ۾.

 

(2) انهيءَ وقت جي بزرگن مان جن سان شاهه صاهب جي ملاقات ٿي آهي تن مان خواجه محمد زمان لواري جو بزرگ به آهي، (وفات 1188 هه). خواجه صاحب جي جواني جو وقت هو ۽ حضرت شاهه صاحب جو ٻڍاپڻ، خواجه جي درويشي جو پڙلاءُ پري پري پهچڻ لڳو جنهن جي زيارت لاءِ سفر جون سختيون سهي وٽن ڪهي آيو.

جڏهن لواريءَ ۾ خواجه صاحب جي رهڻ واري حجري جي دروازي تي پهتو تڏهن خادم کي چيائين ته اندر وڃي اطلاع ڏي! خادم وڃي خبر ڪئي، خواجه صاحب فرمايو ته ترسو ته اسان پاڻ استقبال لاءِ اچون ٿا شاهه صاحب خادم کان پڇيو ته خواجه صاحب ڪهڙي مشغوليءَ ۾ هئا، هن چيو ته خاموش ويٺا آهن، شاهه صاحب فرمايو ته اهو شغل ته سندن ختم ٿيڻ وارو ئي نه آهي، اُٿ ته اندر هلون! شاهه صاحب جڏهن اندر لنگهي آيو تڏهن ڏسي هي بيت چيائين:

سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،

جن هيٺيان ڪنڌ، آءٌ نه جئندس ان ري.

 

خواجه صاحب ٺهه پهه ورندو ڏنو:

ڪين آهين ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،

لاڳاپا لوڪ جا لا سين سڀ لهراءِ،

سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

 

انهيءَ تي شاهه صاحب فرمايو:

 

قلم وهي وئو ڪانہ، سرتيون ڪنهن سهاڳه لئي،

انگ اڳي ئي لکيو، ات نه پهچي بانہ،

ڪنهن کي ڏيان دانهن، ته پرين مان سين هيئن ڪيو.

 

خواجه صاحب وراڻيو ته:

 

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾،

ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن،

پنو سو پاڙهين، جنهن مان پسن پرينءَ کي.

 

انهن بيتن جي ذريعي ملاقات کان پوءِ شاهه صاحب پڇيو ته فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟ جنهن تي خواجه محمد زمان ورندي ڏني ته فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟ خواجه محمد زمان اگرچه حضرت شاهه عبداللطيف جي مريد خواجه محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو مگر جڏهن تصوف جي طريقه وحدت ۾ سندس نالو ٻڌائون ته سندن ملاقات لاءِ وٽن لنگهي اچي رهاڻيون ڪيائون. خواجه محمد زمان جي حياني لکندڙن جو چوڻ آهي ته انهي ملاقات کان پوءِ شاهه صاحب وٽ خواجه صاحب جي ڳالهه نڪرندي هئي ته هيٺيون بيت پڙهندو هو:

سي مون ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنهين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

خليفه ابراهيم ساند، جو خواجه محمد زمان صاحب جو هڪ ڪامل مريد آهي، سو لکي ٿو ته مان پنهنجي مرشد خواجه لواريءَ کان پڇيو ته:

سيد عبداللطيف ڀٽائي را بسيار تعريف ميکند: جواب فرمودند که در اينجاهم آمده بود وطلب کرد، مايان گفتم اگر سلسله خلق گذاشتہ مريد شوي تا راهي نمايم خسته شد وقت، گفتم مرشد بوديانه؟ فرمودند ذکر قلمي بودش که امروز شمار است.

(رساله ابراهيم فقير قلمي)

هن جو مطلب آهي ته شاهه صاحب خواجه لواريءَ کان ڪي تصوف جون ڳالهيون پڇڻ گهريون خواجه صاحب کيس مريد ٿيڻ جو مشورو ڏنو. جنهن تي شاهه صاحب ناراض ٿي واپس ويو. خواجه صاحب هي اقرار ڪري ٿو ته شاهه صاحب، صاحب دل در جه وارن عارفن مان هو. سندس قلب هميشہ ذڪر ۾ مشغول هو.

(3) ٺٽي جي نامور عالمن ۾ مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو هڪ وڏي ۾ وڏو عالم ٿي گذريو آهي، هو ظاهري علمن جو هڪ ڇوليون هڻندڙ درياء هو ته باطني علم جو اونهين کان اونهو سمنڊ هو. علامه محمد معين شيخ ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي جو تصوف ۾ تربيت يافته هو. علم حديث شاه ولي الله دهلوي کان پرايو هئائين.

وحدت الوجود جو مسئلو به شاهه ولي الله جي صحبتن ۾ سکيو هو. انهيءَ زمانه ۾ ايڏو وڏو عالم همه اوست جو قائل ۽ سماع سڻندڙ ٻيو ڪوبه ڪونه هو. شاهه صاحب جڏهن هندو جوڳين جي سنگت مان ويدانت فلاسفي يا تون هين تون جي حقيقت معلوم ڪئي ته انهيءَ ساڳي شيءِ کي اسلامي تصوف جي ذريعه به هڪ وڏي مسلمان عالم کان معلوم ڪرڻ گهريائين، جنهن ڪري هنگلاچ کان موٽندي ٺٽي ۾ اچي مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهيو. اها سندن سنگت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي آئي. شاهه صاحب ٺٽي م ڪيئي دفعا مخدوم محمد معين جي ملاقات لاءِ ايندو ويندو هو ۽ شهر ۾ ٻين به ڪيترن ماڻهن سان سندس ڏيٺ ويٺ هئي ۽ ماڻهن جو منجهس جهجهوئي اعتقاد هو.

محمد امين فقير گراڻي ٺٽوي کان نقل آهي ته هڪ دفعي شاهه صاحب ٺٽه ۾ مخدوم محمد معين وٽ مقيم هو ۽ اهي ٻئي بزرگ گڏجي پير پني (شيخ حسين ديبلي) جي مقبره تي آيا، توجه ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا واندا ٿيا ته ٻنهي جو چهرو ملول ۽ غمگين هو. ان کان پوءِ شاه وجهه الدين جي مقبره ڏي متوجه ٿيا تڏهن اتان ڏاڍي کليل چهري سان خوش ٿي اُٿيا. گراڻو فقير جو انوقت ساڻ هو تنهن پڇيو ته سائين اهو ڇا هو؟ جو پير پني وٽان ڏکويل نموني ۾ اُٿيا ۽ شاهه وجهه الدين وتان خوش ٿي موٽيا، ان جو ڪارڻ ته ڪو هوندو؟

فرمايائون ته شيخ پني جي روح اسان کي ٻڌايو ته هن وقت خدا جو ڪوبه طالب ڪونه رهيو آهي، جنهن ڪري اسان کي ڏاڍو ڏک پهتو ان کان پوءِ شاهه وجهه الدين جي روح فرمايو ته هن وقت اوهان جا طالب به ملي سگهندا جي اوهان کان خدا جي طلب ڪندا، ان دلاسي ڪري دل کي آٿت آيو.

(گلشن اولياءَ قلمي)

شاهه صاهب ۽ علامه مخدوم محمد معين جو پاڻ ۾ ايڏو لاڳاپو هو جو جڏهن مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجهو آيو تڏهن هڪ دفعي اوچتو شاهه صاحب پنهنجي جماعت کي چيو ته هلو ته پنهنجي يار جي پوئين ملاقات ڪري اچون. پاڻ ڀٽ تان روانا ٿي ٺٽي اچي پهتا، فقيرن سماع جي صحبت شروع ڪري ڏني؛ مخدوم محمد معين رح تي انهيءَ صحبت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو راڳ جي ذوق واري حالت ۾ مجلس مان اٿي اندر ويو، هڪ پل به نه گذري ته سندس روح جو پکي پرواز ڪري وڃي بهشت جي باغن ۾ رسيو. اهو واقعو سنه 1160 هه ۾ ٿي گذريو. شاهه صاحب پنهنجي دوست جي جنازه نماز پڙهائي ڀٽ ڏانهن روانو ٿيو ۽ فرمايائين ته ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جي ڪري ئي اچڻ ٿيندو هو، کانئن پوءِ بس.

(تحفته الڪرام)

(4) ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ امير  سيد مير محمد عطا امير خاني (وفات 1178 هه) وٽ به شاهه صاحب اچي رهندو هو، ساڻس به چڱا تعلقات هئا. تحفته الڪرام مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ دفعي شاهه صاحب مير محمد عطا جي اوطاق جي مٿئين طبقي ۾ مقيم هو ته هڪ مست حبيب شاهه صاحب نالي مير صاحب جي حويليءَ جي ڏيوڍيءَ ۾ چادر تاڻي اچي سمهي پيو ۽ برابر 3 راتيون ۽ 3 ڏينهن اتي ستو پيو هو جو پاسو ئي ڪونه اٿلايائين ٿي، ماڻهو ڏاڍا تنگ ٿي پيا. آخر شاهه صاحب کي هن مست جي ڊگهي سپني جي ماجرا ٻڌائي وئي، جنهن تي شاهه صاحب مست جي سيرانديءَ کان ويهي چوڻ لڳو ته مست! هي ننڊ ڪنهن کان سکيو آهين، توکي جيڪي ننڊ ۾ حاصل آهي سو اسانکي ته جاڳ ۾ به نصيب ڪونه آهي؟

آنچه تو در خواب داري مارا در بيداري نيست.

(تحفته الڪرام)

(5) حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1172 هه) جي هڪ تقريب تي شاهه صاحب سان ملاقات ٿي گذري آهي. مخدوم صاحب جو دين جي رواج ڏيارڻ ۾ ملڪ ۾ ڏاڍو ڌاڪو هو. حاڪم وقت جا سندس چئي ۾ هوندا هئا، خصوصاً ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جو هڪ وڏو ديندار عادل حاڪم ٿي گذريو آهي، تنهن پاران اسلام جي حڪمن رائج ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب ڏانهن پروانا جاري ٿيل هئا. شاهه صاحب جو يڪتاري تي راڳ ٻڌندو هو اها ڳالهه وقت جي ديندار عالمن ۽ عام ماڻهن کي ڏکي لڳي ٿي، جنهن تي علمائن جو وڏو اجتماع چڙهائي ڪري شاه صاحب وٽ لنگهي آيو جن سڀني جو سرڪردو مخدوم محمد هاشم صاحب هو.

لطائف لطيفي وارو لکي ٿو ته جڏهن شاه صاحب کي عالمن جي آمد جو پتو پيو تڏهن هنن جي احترام کي سامهون رکندي فقيرن کي حڪم ڪيائون ته جيڪي به طنبورا يا سرود ٻاهر پيل هجن سي کڻي اندر ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند رکو ته جيئن دين وارن جي اُنهن تي اک به نه پوي. رواجي مرحبا ۽ آجيان کان پوءِ شاه صاحب اڳرائي ڪري علماءَ سڳورن کان پڇيو:

جيڪڏهن هڪ اهڙو سلو هجي جنهن مان عام ماڻهن کي فائدي پهچڻ جي اُميد هجي پر پاڻي نه هجڻ ڪري خشڪ ٿيڻ تي اچي بيهي، پوءِ جيڪڏهن انهيءَ ٻوٽي يا سلي کي ڪنهن پليد تلاءَ مان پاڻي پياري تازو ڪيو وڃي ته جائز آهي يا ڇڏي ڏجيس ته سڙي سڪي وڃي؟

عالمن سڳورن يڪ زبان ٿي هي جواب ڏنو ته جيڪڏهن ان وڻ کي پليد پاڻي به ڏنو وڃي ته ڪو ڀؤ ڪونه آهي، ڀلي هن کي عام فائدي لاءِ سائو رکيو وڃي. شاه صاحب فرمايو ته منهنجي دل ۾ حقيقي عشق جو وڻ اڀريل آهي جنهن جي سرسبزي ۽ شادابي لاءِ راڳ پاڻيءَ جو ڪم ڏئي ٿو.

لطائف لطيفي وارو لکي ٿو ته ان سوال جواب کان پوءِ ڏٺو ويو ته ڪوٺيءَ ۾ جيڪي يڪتارا ۽ طنبورا بند پيا هئا، سي ازخود وڄڻ لڳا، ڄڻ ته ڪو ماڻهو کين وڄائي رهيو آهي. جنهن تي عالمن ۽ مخدومن کي ڏاڍو غصو اچڻ لڳو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي جو اسانجي هجڻ واري حالت ۾ هي حرڪت ڪئي وڃي ٿي، هوڏانهن اسان شريعت جي عزت رکڻ لاءِ سرودن جي روڪڻ لاءِ آيا آهيون! شاه صاحب جواب ۾ فرمايو ته اُن ۾ منهنجو ڪو ڏوهه نه آهي، ڏسو وڃي ته هو پاڻ مرادو وڄي رهيا آهن. جاچ ڪرڻ تي سموري حقيقت حال معلوم ڪرڻ تي ڏاڍي حيرت ۽ اچرج ٿين. ان جي ڪارڻ پڇڻ تي شاه صاحب فرمايو ته جڏهن عالمن هڪ وڻ جي پليد پاڻي سان پرورش جائز ٺهرائي تڏهن خدا  جي قدرت سان طنبورن واڄٽ شروع ڪري ڏنو ته جيئن منهنجي دل واري درخت کي سيرابي ۽ تازگي رسي.

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته سازن جي ازخود وڄڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي اهو مٿيون قصو اصل ۾ مير عبدالحسين سانگي لطائف لطيفي ۾ آندو آهي ۽ مرزا قليچ بيگ اُتان نقل ڪيو آهي. هونءَ به ملڪ ۾ اهو واقعو عام طرح ورهن کان وٺي مشهور آهي، پر پوءِ سچو آهي يا ڪوڙو، ان جو علم الله کي آهي. ساڳئي نموني ۽ ساڳئي رنگ جو قصو شاه صاحب ۽ مخدوم گهڙن واري جو تاريخ آئينه جهان نما ۾  ڏنل آهي جي هيٺئين ريت آهي:

(6) مخدوم محمد عاقل رابع پنهنجي ڏاڏي مخدوم محمدي (وفات 1171 هه) جي حالات ۾ لکيو آهي ته مخدوم محمدي جي زماني ۾ هڪ دفعو  حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي کهڙن جي ٻاهران ميان سچيڏنه اُڄڻ فقير جي کوهه تي اچي منزل ڪئي.

 

سهڻي (عمل: ظفر ڪاظمي)

 

شاهه جون سورميون

 

ويٺي نت نهاريان، راڻا تنهنجو راهه،

موٽائي ماڳن ۾، آڻيندءِ الله،

سوڍا تو ڳر ساه، نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾.

(ڀٽائي)

 

 

جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي تڏهن دعوت لاءِ شاه صاحب جي خدمت ۾ ماڻهو موڪليائين، جواب ۾ شاه صاحب هيٺيون بيت چورائي موڪليو:

اڄ نه آيس آءٌ، صبح ايندس سپرين،

توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کهين جا.

 

وعده موجب ٻئي ڏينهن شاه صاحب مخدوم صاحب جو اچي مهمان ٿيو. شاه صاحب جي عادت هوندي هئي جو اسر جي ويلي اٿي تهجد جي نماز پڙهندو هو ۽ ان کانپوءِ يڪتاري تي ڪجهه راڳ ٻڌندو هو، سفر ۾ به فقيرن جي ٽولي ساڻ هوندي هئس. کهڙن جهڙي شريعت واري شهر ۾ شاه صاحب کي مخدوم صاحب جي خليفن عرض ڪيو ته راڳ سواءِ سرود جي بيشڪ ٻڌي سگهو ٿا پر سرود وڄائڻ جي هن شهر ۾ هرگز موڪل ڪانه آهي.

شاهه صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي. طنبورا ۽ يڪتارا کڻائي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند رکيائون، رات جو تهجد جي نماز کان پوءِ جڏهن شاه صاحب فارغ ٿيو ۽ فقيرن ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن بند ٿيل ڪوٺيءَ مان طنبوري جو آواز به اچڻ لڳو. ماڻهن وڃي انهيءَ مامري جو مخدوم صاحب کي اطلاع ڏنو يعني ته بند ڪوٺيءَ ۾ سرود وڄي رهيو آهي، مخدوم فرمايو ته اها هڪ نرالي حالت آهي، جنهن سان شرعي قانون لاڳو نه ٿي سگهي ٿو. ان کان پوءِ شاه صاحب کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ برابر هڪ هفتو ٽڪيو پيو هو ۽ پاڻ ۾ روح رهاڻيون ڪندا رهيا ٿي.

(تاريخ آئينه جهان نما قلمي)

هي روايت هڪ وڏو عالم متشرع ديندار پنهنجي وڏي ڏاڏي جي زماني جي ڪري رهيو آهي، جنهن تي اعتبار نه ڪرڻ جو اسان کي ڪوبه حق ڪونه آهي. باقي لطائف لطيفيءَ واري روايت مشڪوڪ چئي سگهجي ٿي ڇاڪاڻ جو مرحوم مير عبدالحسين خان ان کي ڪٿان هٿ ڪيو ان بابت ڪو صحيح حوالو ڪونه ڏنو اٿس، اگرچه ان صاحب روايتن گڏ ڪرڻ ۾ ڏاڍي محنت ورتي آهي ۽ صحبت جو لحاظ رکيو آهي.*

(7) شاه صاحب اتر سنڌ جي سفر وقت درازن جي ڳوٺ ۾ ٻه دفعا آيو هو. پهرئين دفعي درازن جي مشهور فقير ميان محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنه (وفات 1192 هه) سان ملاقات ٿيس، جڏهن هو صاحب شهر کان ٻاهران کيڙن جي ويڙهه ۾ هڪ گفا ٺاهي رياضتون ڪندو رهندو هو. شاه صاحب کيس فرمايو ته يار کي لڪائڻ نه گهرجي پر کليو کلايو ٻاهر آڻي ڏيکارجي، جنهن تي فقير صاحب ويراڳ مان نڪري ٻاهر آيو، انهيءَ جاءِ تي کوهه کڻايو ۽ مسجد ٺهرائي ويئي آهي. او صاحب به فقير درازن جي مشهور صوفي بزرگ سچيڏنه جو ڏاڏو هو.

ٻئي دفعي جڏهن شاه صاحب درازن ۾ آيو تڏهن سچل فقير پنجن ورهن جي ڄمار جو هو.* هن ٻارڙي کي ڏسي ميان صاحبڏنه ۽ سندس فرزند ميان عبدالحق (سچل جو چاچو ۽ مرشد) کي فرمايائين ته هن نينگر کي پڙهڻ جي ڪا گهڻي گهرج ڪانه آهي، اسان جيڪو ڪُنو رڌو آهي ان جو ڍڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو. شاه صاحب جي اها پيشنگوئي لفظ بلفظ نيڪ نڪتي، جو شاه صاحب وحدت الوجود جو مسئله جنهن رمز ۽ راز سان بيان ڪيو آهي تنهن کي سچل فقير کليل الفاظن ۾ ٻڌايو آهي.

(8) انهيءَ سفر ۾ راشدي پير صاحبن جي وڏي ڏاڏي سيد محمد بقا لڪياري (وفات 1192 هه) سان به شاه صاحب واٽ ويندي ملاقات ٿي هئي. جڏهن سيد صاحب جهنگ ۾ ڍور چاري رهيو هو، شاهه صاحب پنهنجن فقيرن جي ٽوليءَ سميت اچي اتان لانگهائو ٿيو. سيد صاحب کڻي شاه صاحب کي چيو ته ڇو هيتري خلق خداءِ جي رلائي خراب ڪئي اٿئي؟ سيد محمد بقا رحه جو هڪ همنام ڪامل درويش هو ان جو مطلب هو ته ڏيکاءُ کان بهتر آهي ته گمناميءَ ۾ گذارجي. شاه صاحب ورندي ڏني ته سائين تنهنجي اولاد ۾ اهڙا مرد پيدا ٿيندا جو هن کان گهڻا وڌيڪ خلق کي رلائي خراب ڪندا. آخر ٿيو به ائين جو پير محمد بقا جو فرزند حضرت پير محمد راشد روشي ڌڻي رحه ايڏو بزرگ پيدا ٿيو جنهن ڏانهن سموري سنڌ جي مسلمانن رجوع ڪيو ۽ لکن جي تعداد ۾ جماعت سندس پوئتان هوندي هئي ان کان پوءِ پاڳارن جي گاديءَ ايڏو ته زور ورتو جو سندن مريدن مان حرن جي جماعت جو گاديءَ واري پير ۾ ايڏو اعتماد هوندو هو جو ان جو ڪوبه مثال پيش ڪري نٿو سگهجي.

(9) جن بزرگن سان شاه صاحب جون ملاقاتيون ٿيون آهن، تن مان نصرپور جو سيد عنايت الله شاه رضوي بکري به آهي. سيد عنايت الله فرزند آهي* سيد نصيرالدين بکري نصرپوريءَ جو. اهي سادات اصل بکر يا روهڙيءَ جا رهاڪو هئا، جو پوءِ نصرپور ۾ اچي رهيا. سيد عنايت الله سنڌي ٻوليءَ جو عمدو شاعر هو ۽ شاه صاحب سان سندس ملاقاتيون رهنديون هيون ۽ شاه صاحب به ڪيترائي دفعا نصرپور ۾ آيو آهي، شاه صاحب کان ڄمار ۾ سيد عنايت الله وڏو هو. شاه صاحب جي جواني ۽ سير سفر واري زمانه ۾ سيد صاحب پير مرد ٿي چڪو هو. هن جو سنڌي ڪلام به شاه صاحب جي ڪلام جهڙو آهي مگر هيترو فرق اٿن جو سيد عنايت الله جي ڪلام ۾ پرهيزگاري؛ موت، قبر ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ جي بڇ ڪيل آهي. گناهن کان بچڻ جو ڏس ڏنل آهي. پر شاه عبداللطيف جي ڪلام ۾ هر رنگ جو مضمون موجود آهي.

نقل آهي ته هڪ زميندار ڏهيسر نالي پليجي سيد عنايت الله رضوي جي بي ادبي ڪئي هئي، جنههن تي سيد صاحب کي ڏاڍو رنج پهتو ۽ سندس واتان بد دعا نڪري ويئي. وڏيري کي پوءِ اچي ڊپ ورايو ۽ شاه صاحب ان زمانه ۾ اُتي ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ آيل هو.

وڏيرو ڏهيسر ڀڄي اچي شاه صاحب جي پيش پيو ۽ دعوت ڪيائين، وڌيڪ عرض ڪيائين ته سيد عنايت الله مون تي ناراض ٿي بد دعا ڪئي آهي اوهان خير جي دعا فرمايو ته ڪو بچاءُ ٿئي ۽ معاملو رفع دفع ٿي وڃي. شاه صاحب فرمايو ته سيد عنايت الله خدا وارو درويش آهي، ان سان هر حالت ۾ نيڪي ڪرڻ ضروري هئي، توکان اها غلطي ٿيل آهي، آخر ڏٺو ويو ته اهو ڳوٺ ئي ويران ٿي ويو ۽ ان ۾ ڪوبه ڪونه رهيو.

(10) مٽيارين ۾ مولانا سيد شهمير متعلوي (وفات 1177 هه) شاه صاحب جي عزيزن مان هڪ وڏو عالم ۽ فاضل ۽ مخدوم هاشم ٺٽوي جو شاگرد هو. شاه صاحب جو ان بزرگ سان به ملاقاتيون ٿينديون رهيون آهن. سيد شهمير شريعت جو نه فقط پابند هو پر شريعت جي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش وٺندو هو.

هڪ ڏينهن جو واقعه آهي ته ڪنهن هندوءَ کان ڪو اهڙو لفظ واتان نڪري ويو جو هن کي مسلمان بنائڻ ضروري ٿي پيو.*

معاملو سيد شهمير جي پيش ٿيو، سيد صاحب تحقيقات ڪرائي حڪم ڏنو ته هن کي مسلمان بڻايو وڃي مگر هندو چوي ته منهنجي دل مسلمان ڪانه ٿئي ٿي ۽ اهو اکر ته مون کان اوچتو اُچارجي ويو آهي. ماڻهن جا اچي ڪرڳل ڪٺا ٿيا. واڻيو رڙيون ڪندو رهيو ٿي ته ايتري ۾ شاه صاحب اچي اتان لنگهائو ٿيو. خلق جو گوڙ شور ڏسي پڇڻ لڳو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ کيس سموري ڳالهه ٻڌائي ويئي، جنهن تي پاڻ ماڻهن جي ميڙ ڏي لڙي اندر گهڙي آيو. ڏسي ته ماڻهو واڻئي کي ويڙهيو بيٺا آهن ۽ کيس زوريءَ مسلمان بڻائي رهيا آهن، جنهن تي شاه صاحب کي هن ويچاري هندوءَ تي رحم آيو ۽ مٺيان به لڳس. سيد شهمير رحه کي چيائين ته هي ڇا ڪري رهيا آهيو، ڪنهن ماڻهوءَ کي موچڙن سان به دين تي آڻبو آهي ڇا؟ ائين چئي واڻئي کي گوڙ مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيو، پوءِ اهو واڻيو شاه صاحب جو ڏاڍو ٿورائتو ٿي پيو ۽ شاه صاحب وٽ رهڻ لڳو ۽ مريد ٿيڻ کانپوءِ هو ازخود مسلمان ٿي رهيو.

(11) مخدوم صابر ولهاري* جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم، درويش ۽ نقشبندي طريقه جو مرشد هو، تنهن سان به شاه صاحب جي ملاقات ٿي آهي، هڪ دفعي شاهه صاحب سفر ۾ هئا ۽ سندن اکيون اُٿي پيون هيون جنهن ڪري اکين تي سائي اڳڙي لڙڪائي ڇڏي هئائون. مخدوم صابر پنهنجي تر ۾ شاه صاحب جي آمد جو ٻڌي سندس ملاقات لاءِ ڪهي آيو ۽ شاه صاحب کي مخدوم ولهاري جو اڳ ۾ ئي نالو ٻڌل هو، جڏهن مخدوم صاحب سندس ڪچهريءَ ۾ اچي ويٺو تڏهن شاه صاحب اکين تان اڳڙي پري ڪندي فرمايو ته اي منهنجون اکيون هي اهڙوئي آهي نه؟ جهڙو مون اوهان کي چيو ٿي؟ مخدوم صاحب سان هڪ طالب علم مريد ملا حسين نالي ساڻ هو، تنهن کي شاه صاحب جو مٿيون گفتگو نه آوڙيو ڀانيائين ته شاه صاحب منهنجي مرشد تي ٽوڪ ڪئي آهي. تنهن شاه صاحب کي چيو ته اوهان جو والد ته ڪهڙو نه وڏو بزرگ ۽ ديندار درويش هو جنهن جو ظاهر باطن شريعت سان سينگاريل هو. تو پاڻ کي ائين ڇو بڻايو آهي؟ جو الله تعاليٰ جي نعمتن کان محروم رهجي کٿو ڍڪيون گهمندو وتين ٿو؟ شاه صاحب فرمايو ته مخدوم صاحب آهي گلاب جو گل جنهنجي بوءِ کان دماغ کي تازگي پهتي آهي. پر گل سان ڪنڊا به ٿيندا آهن جي پيا چڀندا آهن. پوءِ هيٺيون بيت فرمايائون:

پنوهارڪي پاهي، جي هوند چکيائين،

ته ميهارڪي مهي، ساجهر ڇڏيائين.

پاهي معنيٰ ٻاڪري ڇڊي جهڻ. مهي- گهاٽو ڏڌ. شعر جو مطلب آهي ته جيڪڏهن پنوهار جي ٻڪرين جي ڇڊي لسي چکي ها ته مينهن جي گهاٽي مهي وسري وڃيس ها. يعني ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪارڻ نابودي ۽ عاجزي قبول ڪري ته هوند سندس وڏائي ۽ گيرب ۽ گاءُ سڀ ڇڏي وڃيس ها.

(12) شاه صاحب جي گهاٽن دوستن مان مخدوم دين محمد صديقي سيوهاڻي به آهي. (وفات 1192 هه) شاه صاحب سيوهڻ ۾ مخدوم دين محمد صديقيءَ وٽ تمام گهڻو وقت اچي رهندو هو ۽ پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا. مخدوم دين محمد هڪ وڏو عالم ۽ صوفي ۽ سهروردي طريقه جو درويش هو ۽ شاه صاحب قادري طريقه جو عارف هو. مخدوم صاحب شرعي حڪمن جو به ايڏو پابند هوندو هو جو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شرعي فيصلن ۾ کانئس مشورو يا فتويٰ وٺڻي پوندي هئي. شاه صاحب جي ايڏي وڏي شرعي عالم سان ايڏي محبت هئي جو هڪ دفعه هڪ ٻئي جون دستارون بدلائي ڍڪيائون ۽ پاڻ ۾ پڳ مٽويار بڻيا هئا. (انهيءَ مخدوم دين محمد جو هڪ فرزند مخدوم عبدالواحد سيوستاني ٿي گذريو آهي جنهن جي فتويٰ تي اڄ تائين سنڌي مسلمان عمل ڪندا رهن ٿا.)

(13) حضرت شاه عبداللطيف جي مخدوم عبدالرحيم گروهڙي مجذوب موحد بزرگ سان به ملاقاتيون ٿينديون رهيون آهن، چون ٿا ته شاه صاحب جي تبرڪات مان گروهڙ جي خاندان ۾ اڃا تائين هڪ پيالو موجود آهي.

(14)شاه صاحب جي اصلي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾ هڪ هندو صوفي مدن نالي رهندو هو، جنهن سان شاه صاحب جي گهري دوستي هئي، مدن ڀڳت به هو ۽ سنڌيءَ جو شاعر به هو.

هڪ دفعي شاه صاحب مدن ڀڳت کي چرچو ڪري چيو ته:

حشر ويل حساب ۾ ڪافر ڪئين ڪندا؟

سوال ڏاڍو مزيدار هو. مدن ڀڳت ورندي ڏني ته سائين ان جو جواب ڪنهن ٻئي ويلي ڏيندس. سگهوئي هي ٻئي ڄڻا سنڌونديءَ جي ڪنهن پتڻ تي پهتا، پاتڻي ٻيڙي ڌڪي اڳڀرو ٿي چڪو هو. مدن ڀڳت سڏ ڪري چيس ته اسان ٻنهي کي چاڙهي هل ته توکي رواجي پتڻ کان ٻيڻو پتڻ ڏينداسون. انهيءَ تي پاتڻي هرکي پيو ۽ ٻيڙيءَ کي موڙي موٽي آيو ۽ ٻنهي کي ٻيڙيءَ ۾ وهاريائين. اتي مدن ڀڳت شاه صاحب کي چيو ته سائين اوهان ڪنهن وقت مون کان پڇيو هيو ته:

حشر ويل حساب ۾ ڪافر ڪيئن ڪندا؟

ان جو جواب اڄ اوهان کي ملي ويو يعني ته:

هٿ جني جو هينئن، سي پهرين پتڻ پار پيا.

يعني ته جن جو هٿ ڇوٽ آهي ۽ سخي مرد آهن يا جن جا گناه کان پلئه آجا آهن ۽ پنهنجي ڏني مان خلق خدا جي خدمت چاڪري ڪندا رهن ٿا تن جو حشر حساب سولو ٿي پوندو.

مدن ڀڳت جا ٻيا به ڪي بيت چيل آهن جهڙوڪ:

(1)     ميان! پرائي ملڪ ۾ گهڻي بڪ م بڪ،

                اڳيان رائور وٺندءِ روڪڙو، حاڪماڻو حق،

                    تڏهن مدن چئي مرڪ، جڏهن کنڌو ڏئي خلاصو ٿئين.

(2)    ڪالهه پڻ ڪالهه هئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،

                مڙهيءَ ۾ مدن چوي، ويهي ڪانگ ويو،

                   جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راه رهندي ڪيترو.

دنيا جي فنائيت ۽ آخرت جي حساب تي هڪ هندوءَ صوفيءَ جا هي بيت پوري توجه ڪرڻ جي لائق آهن.

------------


 

*  ازانسواءِ عام ماڻهن ۾ هي به رواج آهي ته گذريل زماني جو شرعي يا ديني ڪو وڏو معاملو ڪنهن دين جي عالم هٿان ٿي گذرندو آهي ته ان کي گهڻو ڪري مخدوم محمد هاشم ڏانهن منسوب ڪندا آهن، جيئن ته ڪعبته الله جي طواف وقت عورتن ۽ مردن کي جدا جدا طواف ڪرڻ جو واقعو مخدوم آدم ٺٽوي جي ذريعي ٿي گذريو آهي جڏهن هو صاحب حج تي ويل هو. پر ماڻهن ۾ مشهور آهي ته مخدوم محمد هاشم ائين ڪرايو هو. ساڳيءَ ريت شاه صاحب جي سرودن وڄڻ جو واقعو مخدوم محمدي وٽ مهمان ٿيڻ وقت ٿيو هجي پر پوئين ماڻهن ان کي به مخدوم محمدي هاشم ڏانهن کڻي منسوب ڪيو هجي.

*  سچل فقير جي ولادت 1152 هه ۽ وفات 1142 هه.

*  مقدمه رساله سچل فقير.

*  سيد نصيرالدين شاه خيرالدين سکر واري جو قادري طريقه ۾ خليفه هو. مخدوم نوح عليه رحمته جي فرزندن ۽ خليفن سان به صحبتون هيس.

*  سنڌ جي مخدومن ۽ عالمن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت واري زماني ۾ ڪي اهڙا لفظ قانوني طرح مقرر ڪري ڇڏيا هئا جن کي جيڪڏهن ڪو هندو واتان ڪڍندو هو ته هن کي مسلمان ٿيڻ جي فتويٰ ڏني ويندي هئي.

*  مخدوم صابر ولهاري جو مقبره ٽنڊوالهيار تعلقه ۾ آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com