سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :10

سر کنڀات

داستان پهريون

1

ڀَلا ئِي آهِينِ، پِرِين ڀلائِيءَ پانهنجي،

سَٻاجها سِرِ چَڙهيو[1] ڏوراپو نه ڏِين،

مان ڏي مَدِيُون[2] ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ[3] ۾.

2

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀَلائيءَ جا ڀيرَ[4]،

اَڱَڻِ اُڪَنڊِيُنِ[5] جي، ڏِئي پاٻوهي[6] پيرَ،

قَمَرَ[7] پاڙي[8] ڪيرَ، شمسَ[9] سُپيرِيَنِ سين.

3

تُون چَنڊ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسين ٿو پِرِينءَ کي،

آڏِتُ[10] چَئِجِ اُنِ کي، ڏِياءِ جو روئِي،

هيڪاندِيءَ هوئِي[11]، سانگُ[12] مَ پَوي سَڄَڻين!

4

مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃنِ سيڻ!

رَهيا آهِين رُوحَ ۾، نِتُ جَنِين جا نيڻَ،

وِماسِيا[13] جَن ويڻَ[14]، ٿو تاريءَ[15] تَڳي تَنِ هِنُيون*.

5

راتِ سهائِي، ڀُون[16] سَنئِينِ، پَٽئين[17] وڏو پَنڌُ،

هَلَندي حَبيبن ڏي، ڪَرَها[18]! موڙِ مَ ڪَنڌُ،

ٻَنڌَڻُ[19] سوئِي ٻَنڏُ[20]، جو پَهُچائي پِرِيَنِ کي.

6

راتِ سَهائِي ڀون سَنئِين، ڀائِي! گُهرجي ڀَلُ[21]،

اَهُرَ[22] ۾ ايلاچِيُون،[23] چَندَنُ چَرِي چَلُ،

مُون توهين سين[24] ڳالهڙي، ٻِئي ڪنهين[25] مَ سَلُ،

هاهُرَ[26] ڪندو هَلُ، ته کِجايُون[27] کَرَنِ[28] کي.

7

راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پِرِتِ[29] نَئِين، پنڌُ پُورِ[30]،

مِيا[31]! مَحبُوبَنِ جي، هَلِي وانءُ[32] حُضُور،

جي چِڻِڪَنِ[33] چِتَ ۾، سي ڪيئن سَڄَڻَ ڏورِ،

اَللهَ لَڳِ اَسُورِ[34]، اُئان[35] ئِي ٿي آءُ تُون.

8

اَڄ پُنِ اَڇائِي، چوڏهينءَ ماهَه چَنڊَ جِي،

مون گَهرِ مون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،

مون گَهرِ واڌائِي، پيئِي کامَ[36] کَرَنِ[37] ۾.

9

اَڄُ پُڻِ اُمارو[38]، چوڏِهينءَ ماهَ چَنڊَ جو،

مون گَهرِ مون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،

سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ[39] گَهرِ ائِيو.

10

چوڏِهينءَ چَنڊُ اُڀِريو، اُوڻٽِيههَ پَسيسِ عامَ*،

مَٿَسِ[40] ناهِ مَلام[41]، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو[42].

11

چوڏهين چَنڊَ تون اُڀرِين، سَهسين ڪَرِين سينگار،

پَلَڪَ پِرِيان جي نَه پَڙين[43]، جي حِيلَنِ ڪَرِيين هَزار،

جِهڙو تون سَڀَ ڄَمارَ، تَهِڙو دَمُ دوستَ جو.

12

سَهسين سَڄَنِ اُڀِري، چوراسي چَنڊَنِ،

بِاللهِ[44]، ري پِرِينِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانئيان.

13

چَنڊَ! تنهنجي ذاتِ، پڙِيان نه پَرِيَنِ سين،

تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهرا.

14

چَنڊَ! چِٽائِي[45] تُنهنجي، سِياهِيءَ[46] ۾ سُور،

لايان لالَ لِڱنِ کي، چَنڊَنِ ڀَري ٻُورُ*،

ڪُوماڻو ڪَپُورُ[47]، مون واجهائيندي پَرينءَ کي.

15

چَنڊَ! لَڳَنَئِي مَنڊَ، سنجهي ئي سِيخ[48] ٿيين،**

ڪَرِ اُونداهِي اَنڌَ، ته مِلان مَحبُوبَنِ کي.

16

چَنڊَ! چُئَيِن[49] حَقُ، جي وِڙهين، جي وِچِرين[50]،

ٻه اَکَيُون ٽِيو نَڪُ، تو ۾ ناهِه پِرِيَنِ جيهو[51]،

17

چَنڊَ! چُئَين سَچُ، جي مَٺِي[52] نه ڀائِيين،

ڪَڏِهن اُڀِرين سَنهڙو، ڪَڏِهن اُڀِرين ڳَچُ،

منهن ۾ ٻَري ئي مَچُ، تو ۾ ناهِه پيشانِي پرينءَ جِي.

18

کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائون نازُ نَظَرُ[53]،

سُورِجُ شاخُون جَهڪيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،

تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا[54]، ديکِيندي[55] دِلبَرُ،

جَهڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.

19

اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ ۾، پِرِيءَ[56] پَسايو پاڻُ،

چَنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاوَ ۾*.

20

تارا تيلِيءَ رُوءِ[57]، لُڌا[58] لالَنَ[59]! اُڀرِين،

جِهَڙِو تو صُبُوح، تَهڙي صافِي[60] سَڄَڻين.

21

تو ڏانهن گَهڙو نِهاريان، تارا تيلاهين،

سِڄَڻُ جيڏاهين تون تيڏاهين اُڀِرين.

22

هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ[61]، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏهين.

23

هُنَ تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،

سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏهين.

24

هُنَ تاري، هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپرِين،

سَڄَڻَ ماکِيَ ساءِ[62]، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪڏهن.

25

تارا، تِرَ[63] تِروڪِڻيُون[64]، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون[65]،

کوءِ[66]! سي راتَڙِيُون، جي مون پرينءَ پُڄاڻان پيئِيون.

وائي-1

جيڏِيون! هِيُ ضَرُورُ، آيَل[67]! ڪيئن رَهندو پرينءَ ري[68]،

سَگهو ساعِتَ[69] نه ڄندَڙو، اَٺئِي پَهر مَلُورُ[70]،

آيَلِ! ڪيئن رَهندو پرينءَ ري.

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ[71] جي، ساڄَنَ! تُنهنجو سُورُ،

آيَلِ! ڪيئن رَهندو پرينءَ ري.

پيرين[72] آئون نه پُڄَڻِي ڏيهُه پِرِيان جو ڏُورُ،

آيَلِ! ڪيئن رَهندو پرينءَ ري.

وَڃي ويلَ سڀ ڪنهين هينئڙو پرينءَ حُضُورِ،

آيَلِ! ڪيئن رَهندو پرينءَ ري.

 

وائي-2

آڱڻِ آيامِ پيهِي، يا اَلا! مون سارِيندي سُپِرِين.

مُشڪَ عطُرُ[73] مون پِرِين، سِڪيَسِ ڄَم[74] سَڀيئِي[75]،

يا اَلا! مون سارِيندي سُپِرِين.

تَنُ جَنِين جو طالِبُو، رُوحَ تَنِين سين ريهِي[76]

يا اَلا! مون سارِيندي سُپِرِين.

ساڄَنَ سندِيَ سُونَهنِ جِي، آئون ڳالهه ڪَرِيان ڪيهِي[77]؟

يا اَلا! مون سارِيندي سُپِرِين.

ٿيو لُطفُ، لطِيفُ چي، دوسُ[78] آيو دَرِ پيهِي،

يا اَلا! مون سارِيندي سُپِرِين.

وائي-3

وَهِلي[79] وَنءُ[80] مَ وِهامِي[81]! رَهُه راتَ، رائِينديَسِ[82] پرينءَ کي.

شَمعَ ٿينديس شَبِ[83] ۾، اِنَ خُوشييءَ کان کامي،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

بابُوئَنِ[84] سَندِيَ باهِه جيئن[85]، ٻَران شالَ اُجهامِي*!

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

پَرِتِ جا پِيتَمَ[86] جِي سا ڪِينَ پُروڙي عامِي[87]،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

مون کي مون پِرِيَنِ جو، آهي دَردُ دَوامِي[88]،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

آهِيان يارُ سَيّدُ[89] جو ڪانَه رَهي ڪا خامِي[90]،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

هُو جو لَنؤُ، لَطيفُ چي، مون کي آهِه مُدامِي،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

روشَنُ[91] ٿِيان رُڃُنِ[92] ۾، جي هُئان لَنؤُ اِنهين لامِي[93]

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

ڪارِي سا قِيامَ سَئِين[94]، هوتُ جنهن جو حامِي[95]،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

آيَمِ[96] تنهن لوڪَ سين[97]، جيسِين مان چَوَنِ سُوامِي[98]،

رَهُه راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.

 

داستان ٻيو

1

ناسِيندي[99] نِگاهَ، پِهرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،

اَحوال عاجِزَنِ جا، آکِج[100]، لَڳِ اَللهَ،

روزُ نهارِنِ راهه، اَکِيُون اوهان جي آسَري.

2

ناسِيندي نَظَرَ، پِهرين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،

قَمَرَ! ڪَهِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ[101] آئون نِٻَرُ[102]،

ٻِي ڀيڻِي[103] ناهيم ڀَرُ[104]، اَکِيُون اوهان جي آسَري.

3

ناسِيندي نِرتَ[105]، پِهرين ڪِجِ پرِيَنِ ڏي،

قَمَرَ! ڪَهِجِ قَريبَ کي، ساري ساڻُ سُرتِ[106]،

ٻيو ڀَروَسو نه ڀِتِ[107]، اَکِيُون اوهان جي آسَري.

4

ناسِيندي نِهارَ، پَهرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،

آئون جي ڏِيَئن[108] سَنِيها، چَئِجِ چَنڊَ! اَپارَ[109]،

ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکيُون اوهان جي آسَري.

5

چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سنِيها کي سَڄَڻين،

مَٿان اَڱڻِ آُڀِري، پِرِيَنِ جي پئيجِ،

جِهيڻُو ڳالهائيج*، پيرين وِجهي هَٿَڙا.

6

آئون جي ڏَيِئن سَنِيها، سي تون چَنڊَ! پَلءِ ٻَنڌُ،

چئِجِ حالُ حَبيبَ کي، نَئِي[110] نِوِڙائي ڪَنڌُ،

تو تيڏاهِين پَنڌُ، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.

7

اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مون ڏُور،

سَڄَڻَ سُتا وِلهَه ۾، چوٽا ڀري ڪَپُورَ**،

پيرين آئون نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ[111] ڏِئي نَه ٻُورِ[112]،

جنهن تي چَڙِهي اَسُورِ[113]، سَنجهي سَڄَڻَ سِيَٽِيان[114].

8

آئون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرين ڀَلا، پَرَ ڏُورِ،

ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُورِ، پَنڌَ نه جوڳِي[115] پيَڙِي[116]***.

9

ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪِڏهين، حياتيءَ[117] هيڪاندِ[118]،

مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائِي[119] راند،

پِرِيَنِ ڏيساندَرَ پاندِ[120]، ڳُجُهه ڳَرَهِيان[121] ڪَنِ سين.

10

هينئڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندم هيرَ[122]،

اَچِي لالَنَ! نه ڏيين مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،

ٿِي وِرُوهَڻَ[123] ويرَ[124]، ڳُجُهه ڳَرَهِيان[125] ڪَنِ سين.

11

وَڏَ ڦُڙو ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو[126] کوڙيو،*

کوءِ، ٻَنِ، پَلاڻِيان، اولاڻيو[127] نه اُٿِئي**.

12

پَلاڻِيان پِيو! اولاڻيو نه اُٿِئي!

جيڏاهن وَڳُ[128] ويو، اُڀو تَرسي[129] اوڏهين[130].

13

ڪَرَهو، نه ڪِيڪانُ[131]، پيرين آئون نه پُڄَڻِي،

جو مون راتِ رَساڻي، نيئِي ساڄَنَ ساڻُ،

مون نه وهِيڻُو[132] پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان[133].

14

ڪَرَها! ڪَسَرَ[134] ڇَڏِ، وِکُون وِجُهه وَڌَندِيُون،

هيڪَرَ حَبِيبَنِ سان، مون کي نيئِي گَڏِ،

مَڇُڻِ[135] پُونئي هَڏِ، آهُون اُڪَنڊِيَنِ جُون*.

15

ڪَرَها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌندِي پاءِ،

منهنجو هَلَڻُ اُتهِين[136]، جِتي جانِبَ جاءِ،

توکي چَنڊَنُ چارِيان، ٻِيو وَڳُ[137] لاڻِي کاءِ،*

اِيهين[138] اُٺَ! اُٺاءِ، جِيئن هُوندِيءَ رات[139] هُتِ مِڙُون.

16

ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ[140]، وِکُون وِجُهه وَڌَندِيُون،

سَنئِين سُپيريَنِ جِي، وِنگِي[141] ڀانءِ مَ واٽَ،

ڇَڏِ جهورِي[142]، ڏي جهاٽَ[143]، ته هونديءَ راتِ هُتِ مِڙُون.

17

ڪَرَها! ڪُرُ[144] سُڃاڻُ، پِيَئڪو[145] ۽ پانهنجو،

اَصلِ آهي انهنجو[146] ناليرو نِڌانُ[147]،

ڪَرَها! اسان ساڻ، ڪي، چانگا[148] ڪِج چَڱائِيُون.

18

آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون[149] چَري،

ڪُڌاتُورو[150] ڪَرَهو، لِڪِيو لاڻِي[151] کاءِ،

اِنَ مَييِ[152] سندي ماءِ! مون ڳالهڙينِ ڳوڙها ڪِيو[153].

19

مَيا! مَڃِ مينَٿَ، اَڄُ مُنهنجِي ڪَرَها!

جهاڳيندي جَر[154] پَٽِيُون[155]، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ[156]،

سُپيرِيان جي سَٿَ[157]، مون کي نيئِي ميڙِيين.

20

ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مالَ[158]،

ڪَدِيفي[159] جِي ڪَرَها، هيدِي[160] پايئين[161] حالَ[162]،

چَندَنُ چاريئين[163] جالَ[164]، جي مون راتِ رَساڻِيين.

21

ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهه مَهارَ،

چنگا! چَندَنُ چارِيئين، اَٺَئِي پَهرَ اَپارَ،

سَندِيَ پِيءَ[165] پَچارَ[166]، جي مون راتِ رَساڻِيين.

22

مَيا! تو مَهارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،

چارِيئين چندَنُ چوٽِيُون[167]، نايو[168] ميندِيءَ ڏارَ،

سَندِيَ پيءَ[169] پَچارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين.

23

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ[170] سين، چَري لاڻُو،

مَيي کي مَجازَ[171] جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻُو[172]،

ڀَٽاري ڀاڻُو[173]، مَرَندي سِينءَ[174] نه مَٽِيو.

24

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، ٻَڌو چَري نه پُورُ[175]،

مَيي کي مَجازَ جو، ڪُڙِهه[176] اَندَرِ ڪو سُورُ،

سو ڪر پِرايَئِين[177] پُور[178]، سُڪِي جيئن ساڻُو ٿِيو.

25

اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،

لَڳِيَسِ نائُڪَ[179] نينهن[180] جي، نِهوڙِيو[181] نانگو[182]،

ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ[183] پِرِيَنِ جي.

26

ويهي منجَههِين[184] وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،

ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌرِ پَڳَ نه لَڳَ*،

جَڳَ سين جِهَڙو جڳُ، هِيئين سين هُتِ چَري.**

 

27

ڀُورُ[185] نه چَري ٻُورُ، ڇڏيو تُورُ[186] تَڪُون ڪَري[187]،

مُونين هَڻِي[188] موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ[189]،

مَيو ٿِيو مَعمُورُ[190]، چنڊَنُ چَکِي آئِيو.

27

پيشانيءَ ۾ پِرِيَنِ جي، چانگي رَکيو چِتُ،

نيٽَ[191] ڇِنايو نِتُ، اُڀو اوڏاهين آسري.

29

اَڄُ نه اَڳئين ڍار[192]، ڪَرَهو جيئن ڪالهه هُئو،

اَڱڻِ آيو نه ڪَري، پاهوري[193] پَچار،

جيڪُسِ مَنجِهه قَطارَ[194]، ڪا وَلِ چِنائين[195] وِهَه جِي[196].

30

مِيي ماڪائي[197]، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،

خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِين[198] کي، وِڏُوڻا[199] واهي[200]،

ڪَرَهي ڪاڪَتَ[201] ڇَڏِيِي،[202] وَريَسِ نه وائِي،

چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاري وِسَرِي.

31

مِٺِيُون لَهِي مُهاءِ[203]، جي تو چانگا چِنِيُون[204]،

وَلَڙِيُون وِهَه ساءِ[205]، اَڃا تو مُهَندِيُون[206]،

32

وَٽي سيٽَ[207] سُوَٽَ[208] ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي،

وَلِيُون واسَ وَرَنِيُون[209]، پَهرِيُون[210] مَٿي پَٽَ،

چانگي چَکِي چَٽَ[211]، ته پوءِ نه رَهندو پَيِنڌَ[212] ري.

 

33

ڪين[213] جو ڪيڏاهين، چانگو چَکِي آئيو،

تاڻيو تيڏاهين[214]، نيٽَ[215] ڇِنايو نِڪري.

34

ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پينڌَ پَلَڻ[216] جا،

ليڙو[217] لاڻِيءَ کي چَري، نيئر[218] ساڻُ نَئِين[219]،

چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُهه سَئِين[220]،

اوباهِيوسِ[221] اَئِين[222]! لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چي.

35

ڪَرَها[223]! توکي ڪامَ[224]، مون سَچو پَسِي سَڃِيِي[225]،

مانَ پَرُوڙي مامَ[226]، ساڱاهي[227]، سَئينءَ وهين*.

36

کَنڀاتِڙي تَڙِ[228] وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،

مانَ اَچِهُون[229] ڪاءِ، سُواڌائِي[230] سَڄَڻين.

37

چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿاءَ اَڪَ نه اُلَهي[231]!

جنهن وَلِ گَهڻا وِهاٽِيا[232]، اُنَ سين آرِ[233] لَڳِياسِ،

چوڌاري چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ[234] پِياسِ،

راڙي[235] رَتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري[236] ڪَرَهي!

38

اُٿِي اَڙائِينس[237]، ڇَڏِيو ته ڇيڪَ[238] ٿِيو،

کارايا، کِڙِيو[239] وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ،

ڏاوَڻِ تنهن ڏائِنسِ، جيئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو[240]**.

39

دُو دَستي، دُو پيرَ! سِيني سنڱهرَ رُڪَ جِي*،

ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، تازي ڦُلَنِ** هير[241]،

تنهن ڪامَڻَ[242] ڪَندِي ڪيرَ، جو مُونِهين[243] وَٽِ مَسَ رَهي.

40

ڪَنِين ڪامَڻَ ڪياءَ، ڪِيئن ڀنڀولِئين[244] ڪَرَها،

اَکِيَنِ مَٿي اَکِيا[245]، پَڙَ[246] ۾ پيرَ ڱٺاءِ،

وَڳَ ڪِ[247]، وِسَرياءِ، ٻَڌو جيئن گهاڻي وَهيِن!

41

هوسُ وَڏيرو وَڳَ جو، مِڙِنِي ۾ مَهِندارَ!

چُنِمَ[248] ٿي چاڳَ[249] مَنجهان، موڙِيو مَڃَرَ ٽارَ،

لِکِئي جي لَغارَ[250] آڻي ٻَڌَمُ اَکِيا.

42

نَوَ[251] نِيئرَ پائي، جان مون هينئڙو جَهلِيو،

وِيئڙو ڇنِائي، پوئينءَ رات پِرَينِ ڏي.

43

نَوَ نِيئرَ، ڏَهَ ڏاوَڻِيُون، پنڌرهن[252] پَينڌَ[253] پِياسَ،

جڏهن سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇِرڪَ ڇِنايَئِين[254] هيڪَڙي.

44

کائي نه کَٽَڻَهارَ[255]، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري[256]،

اَگَرَ[257] اوڏو نه وَڃي، سِرِکَنڊَ[258] لَهي نه سارَ،

لاڻي جي لَغارَ[259]، مَيو مَتارو ڪِيو.

45

چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِيين نه موڪَ[260]،

اَڱرَ اوڏو نه وڃين، ٿُڪِيو ڇَڏيين ٿوڪَ[261]،

لاڻي وَچان لوڪَ[262]، تو ڪِهَڙي اَکَرِ[263] آئڙِي[264]؟

46

جِئان[265] ڪوڙِ به ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پاءُ،*

مَيو تنهن ماڳاءُ[266]، ڏِيهاڻِي[267] ڏارَ چَري.**

47

جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون پَنجين لَکين پَنُ،

تَئان ڇاڻي ڇُڳِيُون[268] مَيي رَتو[269] مَنُ،

تنهن وَلِ سَندو پَنُ، ڪُوماڻو ڪوڙيين لَهي.+

48

لَکِ لاکِيڻو[270] ڪَرَهو، ڪوڙيين ڏيئِي ڳِڌومِ،

اَڱَڻِ سُونهن ٿِيومِ، مُلهه مهانگو مَ چئو.

49

لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙيين ڏيئي ڇوڙِ،

اِها سَٽ[271] سَيّدُ چي، جِهِين تِهِين[272] جوڙِ،

تُرتُ رَساڻي توڙِ[273]، جُهه پَلاڻِيو[274] ته پرينءَ مِڙي.

50

لَکِ لاکِيڻو ڪَرَهو، ڪوڙِيين ڏيئِي ڪاهِه،

ايلاچِيُون آهُرَ ۾، پُوڄَ[275] مَيي کي پاءِ،

ڪَٿَ نه ڪندو ڪاءِ*، جُهه پلاڻِيو نه پرين مِڙي.


[1]. آمهون سامهون يا روبرو ٿي

[2]. اوڻايون، خاميون، لڱايون

[3]. چڱائي

[4]. ڀنڊار، خزانا، نشان

[5]. سڪندڙن، منتظرن

[6]. مشڪندي، خوشيءَ مان

[7]. چنڊ

[8]. برابر ڪري

[9]. سج (جهڙن)

[10]. سنيهو، پيغام

[11]. گڏ هجي، خلوت ۾، اڪيلائيءَ ۾

[12]. سانگي، سبب، سفر، وڇوڙو.

[13]. توريل تڪيل، غور ڪيل

[14]. سخن

[15]. تار، لنؤ، ڌن.

* محبوبن جي تار ۾ منهنجي دل پئي تڳي، يعني آءٌ جيئرو آهيان، اهي جن جا سخن سنجيدا آهن.

[16]. زمين

[17]. ميدانن

[18]. اُٺ

[19]. سندرو، قصد، ارادو

[20]. ٻَڌُ

[21]. ٻل، طاقت، همت

[22]. وٿاڻ (آهُرو)

[23]. الائچيون، ڦوٽا.

[24]. توسان ئي

[25]. ڪنهن کي

[26]. اٺ جي هونگار

[27]. خار ڏياريون، چيڙآيون

[28]. رقيبن، خرن، گڏهن، احمقن

[29]. پريت، نينهن، عشق

[30]. پورو ڪر، طئي ڪر

[31]. اي اٺ!

[32]. وچ، پهچ

[33]. هرن، ياد پون

[34]. اسر، پرڀات، رات جي پوئين پهر

[35]. اُتان.

[36]. ساڙ، حسد

[37]. رقيبن، خرن، گڏهن، حاسدن

[38]. سانباهو، تياري

[39]. پرهه ڦٽيءَ

عام ماڻهو اوڻٽيهن تاريخ کان پيا چنڊ کي ڳولين.

[40]. عام ماڻهوءَ تي

[41]. ڏوهه، ميار (ملامت)

[42]. اها پرولي يا راز نه سمجهين ته مون کان پڇ

[43]. برابر ٿئين

[44]. الله جو قسم ته.

[45]. روشنائي

[46]. اونداهي رات

* (توسان ملڻ لاءِ تياري ڪري)

[47]. ڪافور (Camphor)، سرهاڻ

[48]. شِخ

 ** سِيٽجي وڃين! مَري وڃين!)

[49]. چوائين

[50]. خفي يا پريشان ٿئين

[51]. جهڙو

[52]. بري يا ناجائز ڳالهه.

[53]. ناز سان نهاريائون

[54]. توبهه ڪئي، پيش پيا، شرمايا

[55]. ڏسندي

[56]. پرينءَ

* چند تارن سوڌو گم ٿي ويو.

[57]. تهڙيءَ طرح يا ريت

[58]. سهيل تارو، هڪ تاري جو نالو، جيڪو سڀاڳو سمجهيو وڃي ٿو.

[59]. اي سهڻا!

[60]. روشني، چمڪ

[61]. ميٺاج

[62]. ذائقو

[63]. خال

[64]. ننڍڙا تر يا خال

[65]. ننڍيون ڦليون

[66]. کڏ پون

[67]. امڙ

[68]. کان سواءِ

[69]. پل

[70]. ملول، پريشان

[71]. عاشقن

[72]. پيرين پنڌ ڪري، پيادل.

[73]. مشڪ ۽ عطر جهڙو

[74]. ڄمار، حياتي

[75]. ساري، سڄي

[76]. ريهه ٿيل، سوگهو ڳنڍيل (Rivelted)

* روح ان سان ريجهي يا رهاڻ ڪري.

[77]. ڪهڙي

[78]. دوست، محبوب

[79]. جلدي

[80]. وڃ

[81]. گذري، پوري ٿي

[82]. پرچائينديس (ماڻينديس)

[83]. رات

[84]. جوڳين، آديسين، فقيرن

[85]. جيان

* فقيرن جي دونهيءَ وانگر شل پئي ٻران ۽ اجهامان.

[86]. محبوب (پريتم)

[87]. عام رواجي ماڻهو

[88]. مدامي (دائمي)

[89]. حضرت محمد ﷺ

[90]. گهٽتائي، ڪچائي

[91]. صاف، نوراني

[92]. رڻ پٽ يا دنيا

[93]. نمندڙ، محو

* جيڪڏهن انهيءَ عشق (پيغمبر جي الفت) ۾ محو هجان ته دنيا ۾ صاف ۽ پاڪ مشهور ٿيان.

[94]. سڌي، بي خطر

[95]. مددگار

[96]. گهارڻو پيم

[97]. هن دنيا جي ماڻهن سان، جي عشق کان غير واقف آهن

[98]. جيسين مون کي مرشد جو ارشاد ٿئي.

[99]. اڀرندي، نڪرندي، چمڪندي

[100]. چئج

[101]. ڪمزور

[102]. بي طاقت (نِٻلُ)

[103]. اَجهو

[104]. آڌار

[105]. نظر، ڌيان

[106]. سمجهه، هوشياري

[107]. ديوار، آسرو، آڌار

[108]. ڏِيانءِ

[109]. بيشمار.

* آهستي ادب سان ڳالهائج

[110]. نمي

** محبوب کلي هوا ۾ سرها تيل ڦليل ڪري ستا آهن

[111]. بابو، پيءُ

[112]. ڀوري رنگ وارو، گورو يا ڪنواٽ (اُٺ)

[113]. اَسُر يا صبح جو

[114]. سَٽَ سَٽَ ڪري يا تڪڙو وڃان

[115]. لائق

[116]. پيل بيمار

*** مون پٽ پيل کان پنڌ نٿو پڇي

[117]. زندگيءَ ۾

[118]. وصال

[119]. بيماري، عشق

[120]. پرڏيهه ڏانهن

[121]. اوريان، بيان ڪريان.

[122]. هن وقت

[123]. رهاڻ

[124]. ويل، وقت

[125]. اوريان

[126]. اُٺ جي سيني جو اهو ڀاڱو جيڪو ويهڻ وقت پَٽَ تي کُپِي، زمين ۾ کڏ ٺاهيندو آهي.

* گيدي ٿي ويهي رهيو.

[127]. اڻ پلاڻيل

** کڏ پوي پلاڻڻ، ڇاڪاڻ جو هي اُٺ ته پلاڻڻ کان سواءِ ئي ٽنگون ٽيڙيو پيو آهي.

[128]. ولر

[129]. سِڪي تانگهي- فارسيءَ جي ترسيڊن مصدر مان ٺهيل مضارع جو فعل

[130]. اوڏانهن لاءِ پيو تڙپي

[131]. گهوڙو

[132]. هٿ وس

[133]. پتوڙيان

[134]. گيسر، دير

[135]. متان

* متان عاشق جون آهون هڏ ۾ پونئي (اثر ڪنئي).

[136]. اُتاهين، اوڏاهين، اوڏانهن

[137]. ولر

* ٻيا اُٺ جتي لاڻو کائين اتي آءٌ توکي چندن کارايان

[138]. ائين

[139]. رات هوندي، اڄوڪي رات

[140]. ننڍا اُٺ

[141]. ڏنگي ڏکي

[142]. رينگٽ، ڪر ڪر، ڳڻتي

[143]. سٽ ڏي، ڪاهه

[144]. بڻ، نسل

[145]. اباڻو، پيءُ وارو

[146]. اوهان جو

[147]. خاندان

[148]. متارا اُٺ

[149]. مُکڙيون (گلن جون)، گؤنچ

[150]. ڪميڻو، ڪمذات، ڪڌو

[151]. ٻوٽو (ذائقي ۾ کارو هوندو آهي) جو اُٺ کي ڏاڍو وڻندو آهي (هت نفساني خواهشون)

[152]. اُٺ

[153]. منجهيل سٽ جي ڳوڙهي وانگر پريشان ڪيو.

[154]. پاڻي

[155]. ميدان

[156]. شمار، ڳڻتيون

[157]. جماعت، گڏ

[158]. مالها

[159]. ريشمي (قطيفته)

[160]. مهار، واڳ

[161]. پايانءِ! پارايانءِ!

[162]. هڪدم، ٺهه پهه

[163]. چاريانءِ!

[164]. گهڻو

[165]. پرين

[166]. پيچري، منزل

[167]. گؤنچ، ڪچا پن

[168]. نمايو، هيٺ لاڙي

[169]. پيا، پرين

[170]. ولر

[171]. مغروري (مجازي عشق، هستي)

[172]. جاءِ، گهر

[173]. وٿاڻ

[174]. تائين.

[175]. ڀُرو اُٺ

[176]. ڪک، بدن

[177]. پرايائين

[178]. خيال، عشق

[179]. نؤڪ، چپيٽ (ناوَڪ (ف)= تيرُ)

[180]. نينهن، عشق

[181]. نابود ٿيو

[182]. اگهاڙو (اٺ)

[183]. رستي، پيچري

[184]. منجهئين

* ظاهر پير نٿو لڳيس، ظاهري روش تي نه لڳجانءِ.

** منهنجو اٺ ٻين سان ٻين جهڙو آهي؛ پر حقيقت ۾ لنؤ يار سان لڳي پئي اٿس.

[185]. ڀورو (اٺ)

[186]. گلن ۽ مکڙين جون اندريون ڦلڙيون جيڪي اُٺ کائيندا آهن.

[187]. لوڻا ڦيرائي، گهور ڪري نهاري

[188]. گوڏن کي هڻي، لتاڙي، نه کائي

[189]. ڪافور (هتي خوشبودار گاهه)

[190]. ڀرپور

[191]. نوڙ

[192]. نموني

[193]. توبري جي

[194] ولر، وڳ

[195]. کاڌائين

[196]. زهر جهڙي تلخ

[197]. ڪڏ ڪري

[198]. ٻنيءَ جي مالڪن

[199]. ڪاوڙيا

[200]. سنڀاليندڙ (راکا)

[201]. طاقت

[202]. ڇَڏي

[203]. منهن اڳيان، ويجهو

[204]. کاڌيون

[205]. ذائقي، سواد

[206]. اڳتي، پريان، نقصان پهچائينديون

[207]. نوڙ

[208]. سٺا وٽيل، سخت

[209]. خوشبودار

[210]. پکڙيون

[211]. چهري ۽ سواد واري

[212]. پَيدُ، ڏاوَڻ، نوڙ

[213]. ڪجهه

[214]. تيڏانهين

[215]. مضبوط نوڙي

[216]. روڪڻ

[217]. اُٺ

[218]. زنجير

[219]. نمي کڻي

[220]. سڌي، چڱي

[221]. اُڀو ڪري بيهاريوس

[222]. اوهين، توهين

[223]. اي ڪرها، اُٺ

[224]. چهو، چهبڪ

[225]. سَڃيين، اولاري، هنئي

[226]. رمز، اشارو

[227]. ساڱائي، سمجهي

* سمجهي سنئون رستو هلين.

[228]. کنڀات نار واري تڙ تي (هتي دوست جو در)

[229]. اسان کي اچي

[230]. مبارڪ، خوشخبري

[231]. (پنهنجي ضد تان) هيٺ لهي.

[232]. موڳا ڪيا

[233]. محبت

[234]. گهڻا

[235]. رئاڙي

[236]. ڪميڻي، سڪڻي نسل واري

[237]. ٻڌينس!

[238]. اڻ سهائيندڙ نموني ۾ آزاد. رولو (ڇُڙواڳ)

[239]. ٽهيو، ٽٽو، ڀڳو

[240]. پيو

هن ٻن هٿن ۽ پيرن واري اُٺ/نفس کي رڪ جو زنجير سيني تي ٻڌو اٿم.

** گُلن

[241]. عادت

[242]. جادو، منڊ

[243]. مون ئي

[244]. ڀنڀلجي وئين

[245]. اکين جا کوپا

[246]. گهاڻي جي ميدان يا پڙ

[247]. ڪيئن

[248]. کاڌم

[249]. ناز

[250]. اثر، انگ

[251].-9 (Nine)

[252]. پندرهن

[253]. نوڙ

[254]. ڇنايائين.

[255]. اڇي گلاب جو قسم

[256]. ٿوڪاريو ڇڏي

[257]. وڻ جو قسم جنهن جون ڪاٺيون خوشبوءِ واريون هونديون آهن.

[258]. صبدل، چندن

[259]. چشڪي، عشق

[260]. جالارو پاڻي

[261]. شيون، کاڄ

[262]. مخلوقات مان

[263]. ڪهڙي سبب

[264]. وڻي

[265]. جتان

جنهن (وڻ) جي ٻن ڪاٺين جو مُلهه ڪوڙئين رپيا آهي ۽ جنهن جو پاءُ کن پنجن لکن ۾ ڳنهجي.

[266]. تنهن جاءِ تان

[267]. ڏهاڙي، روزانو، هرروز

** هيءُ اُٺ انهيءَ وڻ جون ٽاريون روز چَري ٿو!

[268]. ننڍا چڳا

[269]. رچي ڳاڙهو ٿيو

+ انهيءَ وَل جو ڪوماڻل پَن به ڪروڙين رُپيا لهي ٿو!

[270]. لکن جو

[271]. سودو، عيوض

[272]. جيئن تيئن، ڪيئن به ڪري

[273]. منزل مقصود تي

[274]. جنهن وقت پلاڻيون

[275]. گهڻيون

* ڪابه ڳڻ ڳوت نه ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com