سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :2

هيءُ رسالو آر- ايڇ احمد برادرس جي اڳواڻ مرحوم حاجي قاسم ڪاٺياواڙي ميمڻ جي عشق سان شايع ٿيو. رسالي جي تزئين ۽ آرائش توڙي پروف ريڊنگ مرحوم ع- ق- شيخ ڪئي ۽ پڪي جلد سان، پهريون ڀيرو رنگين پاٺي جي پوش ۾ بند ٿي بازار ۾ آيو، جنهن جي تصوير ۽ خطاطي پڻ ع. ق. شيخ مرحوم جي ڪيل هئي. پنو نهايت اعليٰ درجي جو، ان دور جي لحاظ کان ڄڻ آرٽ پيپر. ڇپائي تي خاص نظر هئي، جيئن چڪن جو ڪو احتمال نه رهي. رسالي جي رونق وڌائڻ لاءِ ان ۾، شاهه جي پکي جهلڻ، واري تصوير به شايع ڪئي وئي، جيڪا برٽش ميوزم لنڊن مان حاصل ڪئي وئي، جا دراصل هڪ سنڌي صوفي جي سري سان اتي محفوظ هئي، ۽ جنهن تي ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم هڪ اختلافي مضمون به لکيو هو ته اها ڀٽ ڌڻي جي تصوير نه آهي.

هي اهو زمانو هو جنهن ۾ سنڌي ڪتاب جي خريداري چڻ ٿيندي ئي مشڪل سان هئي، پر رسالي جو هيءُ ڇائو هٿوهٿ وڪامي ويو. راتورات هن رسالي جي تعريف ۽ توصيف توڙي تنقيدن جا سلسلا هليا، پر جيڪي ڪارنامو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. ماڻهن محبت واري پورهيي کي دل سان قبوليو، ۽ اها قبوليت اڄ به قائم آهي. انهيءَ پهرين ايڊيشن ۾ پروفن جون چُڪون ڄڻ ته هيون ئي ڪين، اهو ڪمپازيٽر صاحبن جو ڪمال هو جو زير زبر هر حرف جي مٿان ۽ مناسب جاءِ تي. اهي ڪهڙا ڪمپازيٽر هئا، تن مان فقط هڪ جو نالو منهنجي دل ۾ هُري پيو: استاد واحد بخش ڀٽي. اهو سندس پيار جو پورهيو هو، جو اڄ جو ڪپيوٽر به ان انداز جون اعرابون نٿو ڏئي سگهي، جيڪي هن پورهيت ڏنيون هيون.

رسالي جو موجوده ڇاپو، جيڪو سنڌيڪا جي سرواڻ محترم نور احمد ميمڻ جي محنتن سان شايع ڪيو پوي وڃي، تنهن کي موجوده صورتخطيءَ ۾، محض ان لاءِ مٽايو ويو آهي جو آڳاٽن قلمي نسخن توڙي ڇاپي نسخن جي اشاعت وقت، سنڌيءَ زبان جي موجوده صورتخطي جي پوريءَ طرح سان تشڪيل نه ٿي هئي، انهيءَ ڪري گربخشاڻي صاحب توڙي شاهواڻي صاحب اڳين اصولن پٽاندر، رسالي ۾ سنڌي صورتخطي قائم رکي. اڄ جڏهن سنڌي صورتخطي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان پنهنجي تڪميل تي پهچي وئي آهي، تنهنڪري، هن دور جي پڙهندڙن لاءِ، موجوده صورتخطي اختيار ڪئي وئي آهي. ان ڪوشش جو بنيادي مقصد فقط اهو آهي ته اسان جا هن دور جا پڙهندڙ، اڳين قلمي توڙي ڇاپي نسخن جي ڏئي صورتخطي پڙهڻ ۾ جيڪا ڏکيائي محسوس ڪن ٿا، اُن کان آجا ٿي آساني سان لطيفي پيغام توڙي زبان کان لاڀ پرائي سگهن.

منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاهواڻي صاحب جو هيءُ ڇاپو، اسان جي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيندو. گڏوگڏ، هن ڇاپي ۾ چند جاين تي معنيٰ توڙي داستانن جي اعتبار کان ڪي واڌارا ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ ۾ ٿيل موجوده تحقيق تي آڌار رکن ٿا. اُميد ته اهي اضافا پڻ پڙهندڙن لاءِ سودمند ثابت ٿيندا.

جَسُ جڳائي سنڌيڪا اڪيڊمي کي، جنهن هيءُ ڳرو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو، ۽ آئينده پڻ هن رسالي جو هڪ مصور ايڊيشن شايع ڪرڻ جو شوق ۽ اُتساهه رکي ٿي. ڌڻي کين پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب ڪندو.

هن رسالي کي نئين صورتخطي ۾ سنوارڻ ۽ حاشين جي اضافي ۾ سنڌيڪا وارن جي گذارش تي محترم عبدالرحمان نقاش مون سان برابر جو ساٿ ڏنو ۽ نهايت عرق ريزيءَ سان انهيءَ ڪم کي سرانجام ڏنو جنهن لاءِ هُن کيرون لهڻيون. لطيفي لات لاءِ سندس اهو پورهيو هميشه يادگار رهندو.

ممتاز مرزا

ڪراچي

22 جولاءِ 1993ع

 

مهاڳ

(پهريون ڇاپو)

شاهه جي رسالي جا، ٻه چار مختلف ڇاپا نڪتل هئا، جن کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي شهه ڏيئي ڇڏي، پر افسوس جو ان جا فقط ٽي جلد نڪتا، جن ۾ شاهه جي مستند 30 سر اچي سگهيا. هاڻ مادري زبان کي، ترقي وٺائڻ جي مٺڙي هير لڳي آهي ۽ شاهه جي ڪلام جي، قدر شناسي زياده ٿيڻ لڳي آهي، پر شاهه جو رسالو مارڪيٽ ۾ ملي ڪو نه ٿو سگهي. شاهه عبداللطيف جهڙي عاليشان شاعر جي ڪلام جو دستياب نه ٿيڻ افسوس جهڙي ڳالهه سمجهي، بنده، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جون پڙهڻيون عموماً قائم رکي، باقي حصي کي پڻ حتي المقدرو لاڙي تلفظ ۾ پيش ڪيو آهي. چند عمدا بيت، جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي ۾ اضافو ڪيا ويا آهن. سر ۽ بيت، جيڪي باقي حصي ۾، تحقيقات بعد معلوم ٿيا آهن ته شاهه جو ڪلام نه آهن، سي رد ڪيا ويا آهن. پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ، هر هڪ لفظ تي اعرابون ڏنيو ويون آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڏنل شرح تي ڪئين چمگويون ٿيون، تنهن ڪري مفصل شرح کان پاسو ڪيو ويو آهي ۽ فقط ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي، جيئن سڀڪو پڙهندڙ پنهنجي استعداد ۽ حال آهر، رسالي مان روحاني موتي چونڊي پنهنجو دامن ڀري.

پڙهندڙن کي سرن سمجهڻ ۾ سهوليت پيدا ڪري ڏيڻ جي خيال کان، سر جي شروع ۾ سر بابت احوال، سر جو مضمون، سر ۾ آيل آکاڻي يا تلميح يا حوالا ۽ سر جو روحاني راز، مختصر طور نثر ۾ ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن کڻي فرض ڪجي ته شاهه جو هر هڪ بيت آيت نه آهي، ته به سرن ۾ آيل بيتن مان اهڙا مسلسل روحاني راز ۾ رمزون پيدا ٿين ٿيون، جو صوفي ته ٺهيو، پر عامي ماڻهن لاءِ به ڪارائتيون ٿين ٿيون ۽ شاهه جي فرمودي کي ثابت ڪن ٿيون ته:

جي تو بيت ڀائِيا، سي آيتون آهِينِ،

وڃئِون مَنُ لائِينِ، پرِيان سَندي پارَ ڏي.

جيتوڻيڪ ڪتاب کي سهڻي ۽ صحيح بنائڻ جي، هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي ڇپائيءَ تي ڪافي توجهه ۽ خرچ ڪيو ويو آهي، تڏهن به ممڪن آهي ته منجهس ڪي خاميون رهجي ويون هجن، جي اميد ته معاف ڪري، بندي کي ورتل تڪليف لاءِ دعا سان ياد ڪندا.

پاپي جون چڪون، ورلي نظر اينديون ۽ جيڪڏهن ڪي آيون ته اهڙيون خسيس هونديون، جو پرهندڙ کي ڪا به مونجهه نه ٿيندي. موجوده سنڌي ٽائيپ جي ناقص بناوت سبب ءَ مٿان زبر لڳي پيئي آهي جنهن ڪري چَئيِن بدران چَئيِنِ ڏسڻ ۾ ايندو ڏ جي مٿان ڌار آهي جنهن ڪي ڪن هنڌان مشن تي ڪري پيا آهن جنهن ڪري ڀلنامون ڏجي ٿو.

ڇپائيءَ جي صحت ۽ صفائي لاءِ، محترم علي بخش احمد زئيءَ کيرون لهڻيون- انهيءَ ڪري آءٌ سندس نهايت شڪر گذار آهيان.

هن وڏي ڪم ۾ هٿ وجهڻ لاءِ، ڪيترن دوستن همت افزائي ڪئي آهي، جنهن لاءِ مان هنن جو شڪر گذار آهيان.

هر هڪ ڏکئي لفظن پٺيان انگ ڏنل آهي ۽ انهيءَ ساڳئي انگ سان هيٺ حاشيءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ ڏني ويئي آهي. جتي نشانيون ڏنل آهن. اتي اصطلاح يا ساري سٽ جي معنيٰ ۽ مفهوم ڏنل آهي.

غلام محمد محمد ابراهيم شاهواڻي

حيدرآباد سنڌ

6 آڪٽوبر 1950ع

 

مقدمه

فصل 1

شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن کي ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ ڌڻي، لال لطيف ۽ لاکيڻو لال ڪري پڻ سڏيندا آهن، تنهن جي زندگيءَ جو مفصل احوال ڪٿي به قلم بند ٿيل ڪونهي؛ پر سندس حياتيءَ جو ڪجهه قدر احوال هيٺين ڪتابن مان دستياب ٿي سگهي ٿو:

پارسي ۾ ڪتاب، تحفة الڪرام جو مير علي شير قانع ٺٽويءَ سن 1767ع ۾ لکيو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب سنڌ ۽ سنڌ ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون ، جو سر رچرڊ برٽن، سن 1801ع ۾ شايع ڪرايو.

شاهه جي سوانح عمري جا سر بارٽل فريئر سن 1801ع کان 1809ع ۾ لکارائي، جا خطي حالت ۾ ڪمشنر جي ڪتب خانه ۾ سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ رکيل آهي.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب سنڌ بابت ٿورو ذڪر جو ديوان ڏيارام گدومل، سگما جي نخلص سان سن 1882ع ۾ شايع ڪرايو.

سنڌيءَ ۾ ڪتاب، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، جو مرزا قليچ بيگ، سن 1887ع م ڇپايو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب، شاهه لطيف جي حياتي، مذهب ۽ شعر، جو ديون ليلارام سنگ وطڻمل لعلواڻيءَ سن 1890ع ۾ شايع ڪرايو.

شاهه جي رسالي جو مقدمه جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سن 1923ع ۾ ڇپايو.

سنڌيءَ ۾ لطيفي سير جو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، سن 1927ع ۾ شايع ڪرايو.

انگريزيءَ ۾ ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مسٽر سورلي سن 1940ع ۾ ڇپايو.

ڊاڪٽر گربخشاڻي واري مقدمه ۾ ڏنل آهوال کان سواءِ، ٻين سڀني تذڪرن ۾، آکاڻين ۽ افسانن ۽ ڪرامتن ۾ معجزن جو گهڻو احوال درج ٿيل آهي. انهن سڀني نسخن کي مقابل رکي، ڇنڊ ڇانڊ ڪري، مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

شاهه عبداللطيف جي شجري ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو، ته سندس عالي نسب، حضرت محمد ﷺ جن سان وڃيو ملي. سندن وڏا اصل هرات جا رهاڪو هئا، جي نه فقط زهد ۽ تقويٰ ڪري مشهور هئا، پر ججهي دنيوي مال متاع جا پڻ مالڪ هئا. منجهائن مير حيدر شاه، سير ۽ سياحت سانگي هالن مان اچي نڪتو، جت هن جي شاهه محمد هاليءَ جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. ٽن سالن ۽ اٺن مينن بعد، پنهنجي والد جي وفات جي خبر ٻڌي، کيس وطن واپس وڃڻو پيو. سندس اسهڻ بعد، کيس پٽ ڄائو، جنهن جي اولاد مان سنڌ جو ناميارو اولياءُ، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، ٿي گذريو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيد حبيب الله شاهه جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، سيد جمال شاهه جو پڙ پوٽو ۽ شاهه ڪريم جو تڙ پوٽو هو. شاهه عبداللطيف، حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾، حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، جو ڀٽ کان 9 ڪوهه پري آهي. سندس والد، وقت جو وڏو بزرگ اهلبيت هو ۽ کيس گهڻائي مريد هئا. سندس والده هڪ مجذوب درويش، شاهه دياني جي نياڻي هئي. شاهه ديانيءَ کي مخدوم عربي پڻ ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ گهڻن ماڻهن جو منجهس اعتقاد هوندو هو.

شاهه جي ولادت جي تاريخ جي پوري خبر ن هي. ڊاڪٽر ٽرمپ، شاهه جي رسالي جي ديباچي ۾، شاهه جي ولادت جو سال سن 1670ع ڄاڻايو آهي، پر سگما جو چوڻ آهي ته شاهه سن 1690ع ۾ ڄائو هو. انهي اختلاف سبب سندس وفات جي تاريخ ۽ سندس ڄمار مان، سندس ولادت جي تاريخ ڳولڻ ۾ گهڻي هٿي ملي سگهندي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي چوڻ موجب، شاهه صاحب سن 1611ع هجري مطابق سن 1747ع ۾، يعني 27 ورهن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي؛ پر سگما جي چوڻ موجب شاهه سن 1125 هجري مطابق سن 1701ع ۾ 23 ورهن جي عمر ۾ چولو بدلايو.

مسٽر ليلارام شاهه جي روضي تي اڪريل ابيات مان، ابجد جي حساب لڳائڻ ۽ ٻين دليلن مان ثابت ڪيو آهي ته، شاهه 14 صفر سن 1125هجري مطابق 1701ع ۾ وفات ڪئي. درگاهه جي فقيرن، مريدن ۽ معتقدن جو متفق رايو آهي، ته شاهه جي عمر، حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت علي (ڪرم الله وجهہ) جي عمر جيتري، يعني 23 سال هئي. انهي حساب سان شاهه صاحب سن 1102هجي مطابق 1279_1290ع سن ۾ متولد ٿيو.

شاهه عبداللطيف جي ولادت باسعادت بعد، شاهه حبيب هالا حويليءَ مان لڏي، اچي ڪوٽڙيءَ ۾ مقيم ٿيو، جا ڀٽ کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. انهي وقت جي رواج موجب، شاهه عبداللطيف کي، آخوند نور محمد ڀٽيءَ، وائيءَ واري وٽ خٿاب ۾ وهرايو ويو. آخوند صاحب جڏهن الف- بي شروع ڪرايس، تڏهن شاهه الف ته چيو پر ب چوڻ کان بنهه پڙ ڪڍي بيٺو؛ چي: الف کان پوءِ ڇا آهي، جو پڙهان؟ جڏهن شاهه حبيب کي خبر ٻڌائي ويئي، تڏهن هن پٽ جي روحاني رمز پروڙي ورتي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو: پر سمجهائينس ته جيئن لباس جي پهرڻ جو رواج آهي، تيئن ظاهري علم حاصل ڪرڻ جو پڻ ضرور آهي.

هن ڳالهه ڪري ئي شايد تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته، شاهه بلڪل اُمي يا اڻ پڙهيل هو، پر سندس رسالي جي سرسري مطالعي مان ئي معلوم ڪري سگهبو، ته ائين بلڪل ڪين هو. جي ائين هجي ها، ته ميان نور محمد ڪلهوڙو کيس جلال الدين رومي جي مثنويءَ جو سونهري اکرن ۾ لکيل قلمي نسخو تحفي طور ڪيئن ڏئي ها؟ ڊاڪٽر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اهڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاهه جو ديوان ئي ڪافي ثبوت آهي، جنهن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن جو اونهو محاورو ڏيکاريو آهي.

مطلب ته شاهه هڪ فاضل ۽ عالم شخص هو، جنهن ڪجهه تعليم درسگاهه مان ۽ ڪجهه تعليم دنيا جي تجربي گاهه مان حاصل ڪئي هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، رسالي جي مقدمي ۾ چوي ٿو، ته شاهه عربي ۽ فارسيءَ جو عالم هو ۽ پنهنجي مادري زبان تي کيس ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ائين، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪي قدر واقفيت هيس، جهڙوڪ بلوچي، سرائڪي، هندي ۽ پنجابي وغيره. ازانسواءِ، سندس تاريخي معلومات به وسيع هئي. سنڌ توڙي هندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ۽ ڪهاڻين وغيره جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراهه هوندا هئا. هو عام ملن وانگر ڪين هو، جن لاءِ پاڻ چيو اٿس ته:

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.

هن لاءِ فطرت هڪ وڏو درسگاه هو، جنهن جي وهندڙ نهرن ۾ هن لاءِ ڪتاب، ته پنن ۽ پٿرن ۾ معرفت ڪردار جا دفتر موجود هئا.

شاهه جي ننڍيءَ ٽهيءَ جا، ڪئين قصا ۽ ڪرامتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جي شايد سندس معتقد مريدن جون رائج ڪيل ٿيون ڀانئجن؛ پر کين ڪابه تاريخي تصديق ڪانه ٿي ملي؛ تنهن ڪري ويهن ورهن تائين سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي. شاهه صاحب جڏهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس جيڪو مجازي عشق ٿيو هو، تنهن جو احوال هن ريت ڏين ٿا، ته انهيءَ ساڳيءَ ڪوٽڙيءَ ۾، جتي شاهه صاحب جن رهندا هئا، مرزا مغل بيگ نالي، هڪ سکر ماڻهو رهندو هو، جنهن جو خانداني سجرو وڃيو چنگيزن خان سان لڳي ٿو. مغل بيگ ۽ سندس سڄي ڪٽنب ۽ قبيلي جو؛ شاهه حبيب ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو ۽ سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بيمار ٿي پيئي ۽ دستور موجب تعويذ ڦل ۽ دعا ڦيڻي لاءِ شاهه حبيب کي سڏايو ويو. اتفاقاً شاهه حبيب، انهي ڏينهن عليل هئڻ سبب نه وڃي سگهيو، تنهن ڪري شاهه عبداللطيف کي اوڏهين روانو ڪيائين. مغل نهايت سخت پردو ڪندا هئا ۽ حويليءَ ۾ ڪنهن به مرد ماڻهو کي، اچڻ ڪونه ڏيندا هئا؛ سو ڇوڪريءَ کي چادر ۾ ويڙهي سيڙهي کڻي وهاريائون. جيئن شاهه کي، ڇوڪريءَ جي آڱر ڦيڻي وجهڻ لاءِ هٿ ۾ ملي، تيئن عشق ڄڀيون ڏيڻ لڳو. شاهه امالڪ، ڇوڪريءَ ت اڪن ڇڪن تي ڇوڻ لڳو، ته جنهنجي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي نڪو لهر، نڪو لوڏو. مغل پرولي ڀڃي ويا؛ پر اوڏيءَ مهل، مٺي به ماٺ ۾ مٺي به ماٺ ڪري، سور پي ويا؛ پر پوءِ ته اچي ساداتن کي اُچائي کنيائون. پيري مريديءَ واري واٽ ته ڇٽي، پر هاڻي خصومت وجهي ويٺا ۽ تيسين ساه نه پٽيائون، جيسين ساداتن کي تنگ ڪري ڇنا نه ڇڏايائون. هنن جي مظالمن ڪري سيدن کي لاچار ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃڻو پيو.

شاهه صاحب ويو هو مسيحا ٿي، پر موٽيو خود ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي. لُونءَ لُونءَ ۾، لالن جي لغار لڳي ويس. اتي اندر جي اُڌمن ڪڍڻ ۽ بخارن ڇنڊڻ لاءِ، سندس لڪل شاعراڻو شعور پلٽجي پيو. ڪئين پيو بيت ڏيندو هو. ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ۽ سڄي شهر ۾ هر هنڌ اهو چرچو هلڻ لڳو. جتي چار ماڻهو گڏبا هئا، اتي اها پچار ڪندا هئا. مغل جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌاندا هئا، تڏهن هيڪاري پيا پچندا هئا، چي اسان کي کڻي بدنام ڪيو اٿس. شاهه جي نينهن جا نعرا، (سندس بيت) مغلن لاءِ نوڪدار نيزن جو ڪم ڪرندا هئا. ٻئي ڌريون، پنهنجي پنهنجي نقطي نگاه کان مجبور هيون: هڪڙي ڌر کي عميق عشق هو، ته ٻئي کي اڻ لڀ عزت جو خيال. هرڪو مجبور ث لاچار هو. مغلن شاهه کي عش ق جي راه کان هٽائڻ لاءِ جيڪي ڪي حيلا ڪيا، سي بيڪار ثابت ٿيا. هنن جي ظلمن، شاهه کي عشق جي اڙانگي راهه کان هڪ قدم به پٺتي ته ڪونه هٽايو، بلڪل اٽلو برهه جي باهه کي زيده ڀڙڪو کارايو. تن، من، دنيا ۽ ماسوا جو سماءُ نه رهيس. جهنگلن ۽ برن ۾ ڏينهن جا ڏينهن پيو ڀٽڪندو هو ۽ بيت ڏئي دل ٺاريندو هو. هڪڙي لڱا، ڪنهن وڻ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو ۽ محبوب جي خيال ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو ٽي ڏينهن لنگهي ويس ۽ اڏامندڙ واي ڪلهن تائين ڍڪي ڇڏيس. سندس والد، کيس ڳولي ڳولي اچي ڏسي، ته اکيون پوريون پيون اٿس ۽ ڌڙ واريءَ ۾ دٻيو پيو اٿس. نهايت درد ڀرئي آوز سان پڪاريائين، ته:

لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا لٽجي.

شاهه عبداللطيف، پيءُ جو آواز سڃاڻي اُتر ڏنس ته:

پيئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

هڪ طرف جواني ديواني، ته ٻئي طرف عشق آرنڀا ڪيا؛ سو شاهه برهه جي باهه ۾ پچي لعل ٿي پيو. ڪڏهن قمر کي پرينءَ ڏي، قاصد ڪري اماڻيندو هو، ته ڪڏهن ڪانگل کي- سر کنڀات ۾، جيڪي بيت آيل آهن، سي شايد هن جا چيل ٿا ڏسجن. مطلب ته ڦوهه جواني جي تيزاب تي، جيڪي عشق جا الا اي پيا هئا، تن هڪ اهڙو ڀنڀٽ ٻاريو جو ساري سنڌ روسن ٿي ويئي ۽ سنڌي ادب جو بهترين حصو پيدا ٿي پيو.

پٽ کي بيقرار ڏسي، شاهه حبيب مغلن مان سڱ ڇڪيو، پر سندس سعيا سجايا نه ٿيا، تنهن ڪري شاهه عبداللطيف نااميد جي حالت ۾، جهنگ منهن ڏئي اٿي هليو. سڄا سارا ٽي سال گم هو. ڪيڏانهن ويو هوندو، تنهن جو پرو سندن رسالي جي بيتن مان پئجي سگهي ٿو. شاهه جو وطن جا وڻ ڇڏي، پرديس جا ڏک ڏاکڙا بر سر کنيا، تنهن جو ڪارڻ بيان ڪندي ٿو چوي، ته:

بره مڻايس بر، نت سکي! ڪير سڌون ڪري؟

جڏهن شاهه ڳوٺان نڪتو هوندو، ته ضرور هالن کان شاهي سڙڪ وٺي، حيدرآباد ڏي رخ رکيو هوندائين، جتي گنجي ٽڪر وٽ سنياسي فقير مليا هوندس. انهي ڳالهه جي ثابتي سر کاهوڙيءَ ۾ درج ٿيل، انهن بيتن مان ملي سگهي ٿي، جن گنجي ڏونگر گام جي تعريف ڪئي آهي، چي:

پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو،

ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.

سنياسي، جيڪي هنگلاج يا لاهوت ويندا هئا، سي گنجي ٽڪر تي، ڪاليءَ جي مندر وٽ، اچي گڏ ٿيندا هئا، تنهن ڪري شاهه کي هنگلاج ۽ لاهوت وڃڻ جي خواهش به هتي پيدا ٿي هوندي. شاهه ضرور هتي 16 ڏينهن رهيو هوندو، جو سر رامڪلي ۾، ڪاپڙي فقيرن سان ٻارهن ڏينهن جي صحبت جو احوال ڏنو اٿس. هن جيڪا انهن جوڳين لاءِ راءِ قائم ڪئي، سا ٻڌائيندي چوي ٿو، ته:

مون سي ڏٺا ماءُ! جني ڏٺو پرينءَ کي.

شاهه دنيا کان اڳيئي بيزار هو، سو جو جوڳين ۽ سنياسي فقيرن جون ڳالهيون ٻڌيون هوندائين، سو ضرور ناني (هنگلاج) وڃڻ جي سڌ ٿي هوندس. جوڳين کي اهڙي سٽاڻي سفر جو سانباهو ڪندو ڏسي ٿو چوي، ته آئون پوڻو ڪين پوندس:

مون ملاقات ان سين، جن پورب جي پچار،

اَٺئي پهر اُن جي، آهه نانيءَ ڏي نهار،

سامين ساڻ ستار! لاهوتي لعل ٿيان!

(رامڪلي)

حيدرآباد ۾ هنگلاج هلڻ جي تمنا پيدا ٿي هوندس، پر پاڻمرادو هنن جي پٺيان ڪاهي ڪين پيو هوندو. جوڳين کيس هلڻ لاءِ پڻ چيو ٿو ڏسجي؛ ورنه شاهه ڪونه چوي ها، ته:

هلڻ جو هنگلاج ڏي، آديسين اُتوم.

جيڪي آديسي فقير، هنگلاج ڏانهن ويندا هئا، سي گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا هئا، تنهن ڪري ٿو شاهه چوي:

اڄ ملينديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديِسِ ڪپڙا،

جيجان جوڳياڻي ٿيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،

هوت ٻروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَر پئِيان.

اڄ تائين، شاهه صاحب جي گيڙوءَ رتي ڪفني سندس درگاه تي رکي آهي. شاهه گيڙوءَ رتي ڪفني اوڍي، پيرين اگهاڙو، ڪاپڙين سان سفر تي سڌاريو هوندو، ڇاڪاڻ جو چوي ٿو، ته:

جتيون سي پائينديون، جن پيرَ پِرين.

شاهه صاحب، سامين سان هنگلاج وڃڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيو هوندو، تنهن جو به رسالي مان پتو پئجي سگهي ٿو. حيدرآباد کان ڪراچي وارو رستو وٺي، اچي ڪينجهر ڍنڍ وٽان نڪتو هوندو، ڇاڪاڻ جو هيٺينئين بيت ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي چشم ديد نظاري جو نقش ڪڍيو اٿس:

هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،

اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جي ساءَ،

لڳي اُتر واءَ، ڪينجهر هندورو ٿئي.

هن بيت جي پهرين مصراع ۾ شاهه بيان ڪري ٿو، ته هيٺيان جر (پاڻي) يعني ڪينجهر ڍنڍ آهي ۽ مٿي مڃر (ڪنڊيءَ جو ٻور يا سڱر) يعني هيلاين واي ٽڪري ۽ برسان وڻراهه (ٻيلو) يعني بر وارو جهنگ آهي. سر ڪارايل ۾ وري، جيڪي ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي گهمندي ڏٺو اٿس، تنهن جو بيان ڏنو اٿس. مطلب ته، سياري ۾ ڪينجهر جي ڍنڍ اُڪري، ٺٽي ۾ آيل ٿو ڏسجي؛ جتان سهڻي ميهار جو قصو ٻڌي، ذهن نشين ڪيو اٿس. اتان اڳتي، ڀبڀور وڃي، سسئي پنهونءَ جي ڦوڙائي جو احوال حاصل ڪيو اٿس.

شاهه، جيترا بيت سسئيءَ متعلق چيا آهن: اوترا ڪنهن ٻي آکاڻيءَ ۾ سمجهائڻ لاءِ نه چيا اٿس- سو ڇو؟ انهيءَ جا ٻه سبب هوندا: (1) ٻئي، محبوب خاطر جهنگ جهاڳيندا ۽ ڏونگر ڏوريندا ٿي وتيا. سسئي پنهونءَ لاءِ پنڌ ڪيا ٿي، ته شاهه وري، هنيون حقيقت سان گڏي، معرفت جي ماٺ سان ڏيساندر ڏوريا ٿي. ٻنهي کي، ڀنڀور تياڳي، يعني دنيوي تعلقات ترڪ ڪري، محبوب جو مشاهدو ماڻڻو هو. (2) ٻنهي کي، منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ، ساڳيو ئي گس هلڻو ٿي پيو؛ جنهن ڪري، شاه، سسئيءَ جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو ذاتي تجربو ڪري، بيخوبي واقف ٿي، پاڻ کي سسئي تصور ڪرڻ لڳو هوندو. ڪيچ مڪران وڃڻ لاءِ، سسئي به اهائي ساڳي واٽ ورتي هوندي، جيڪا شاهه هنگلاج وڃڻ لاءِ ورتي هوندي. شاهن اهکن گسن ۽ اڻانگن لڪن لتاڙيندي، سسئي کي ڏاڍو داد ڏنو هوندو ۽ همدردي ڪئي هوندي.

ڀنڀور کان پوءِ هو ملير آيل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو ملير جي مشهور مينديءَ جو ذڪر ڪندي ٿو چوي، ته:

لائينديس، لڱن کي مليرا ميندي.

ملير کان پوءِ ڪياماڙيءَ وٽ، جيڪو ڪلاچيءَ جون ڪُن هو، تنهن وٽان اچي لنگهيو ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ جو اتان مورڙي مهاڻي جي ڳالهه جهپي، سر گهاتوءَ ۾ ان جو احوال ڏنو اٿس. انهي وقت اڃا ڪراچيءَ جو ڳوٺ ڪونه ٻڌو هو. ڪراچيءَ جو شهر سن 1729ع ۾ وسيو ۽ شاه، 21 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1710ع ڌاري هنگلاج ويو هوندو.

ڪراچيءَ کان آديسي فقير، هڪ اڳوئُو يعني سونهون يا اڳواڻ، کڻندا هئا، جو بيرق سميت، هڪ لٺ بيٺ سان ٻڌي، اڳيان هلندو هون، جنهن کي شاهه بر جو بورائو به ٿو ڪوٺي:

لکين لوڙائو، سهسين آهن سڃ ۾،

بر ۾ بورائو، کڻ پيادي پاڻ سين.

ڪراچي کان هنگلاج، هڪ سؤ ميلن جي مفاصلي تي آهي؛ تنهن ڪري شاهه، سٿ سميت منزلون طي ڪندو، اڳتي هليو هوندو. منزل کي، ڪراچي جا ماڻهو پاڻو چوندا هئا. تنهن ڪري شاهه، پهرين منزل تي خير سلامتيءَ سان پهچڻ لاءِ، آگي در ٿو التجا ڪري، ته:

پهرين ئي پاڻو، سڦرو ڪرن ساٿ کي!

ڪراچيءَ کان هلي، ستن ڪوهن تي، حب نديءَ وٽ، پهريون پاڻو ڪيو هوندائين، جو حب نديءَ تي روجه ڏسي چوي ٿو ته:

روجهه ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حب ۾.

اڇن پيرن واري هرڻ کي، روجهه چوندا آهن، جي ماڻهن جي ڊپ کان لڪي پپي رات جو، حب نديءَ مان پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا.

هن کان پوءِ- ور وراڪا وچ ۾، لکين آڏا لڪ _ (سر ديسي) آهن، جن مان بريدي ۽ ٻين لڪن ڏانهن، شاهه اشارو ڪري ٿو. اڳتي هلي، شاهه وندُر (هڪ نئن جو نالو) وٽ پهتو هوندو، جو سُرُ سَسِئي آبريءَ ۾ پڇي ٿو ته:

هيج نه هوندو جَن، سي ڪيئن وندر وينديون؟

حب نديءَ کان، وندر ڏي ويندي، بريدي لڪ ۽ پوءِ کارڙي ناڪو لنگهڻو پوندو آهي، انهيءَ ناڪي تي، لس ٻيلي جو حاڪم محصول وٺندو آهي، جنهن جو ذڪر به شاهه جي رسالي ۾ ڪيل آهي.

وندر کان، اڳڀرو هلبو ته هڪ رڻ ايندو، جنهن ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪتي ڪونه ٿو ملي سگهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن رڻ ۾، هڪ گرو ۽ هڪ چيلو، اڃ وگهي مئا هئا، تنهن ڪري انهيءَ رڻ کي، سڏين ئي گرو چيلي وارو رڻ هن رڻ مان لنگهندي، رڃ ۽ سڃ جو نظارو پسي، شاهه ٿو سسئي جي واتان چورائي ته:

سرتيون!سُڄي سُڃَ، متا ڪا مون سين هلي،

پاڻي ناهِ، پَنڌُ گهڻو، ڳئا رائو رُڳي رُڃَ،

مُڇڻ مَري اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پرين کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com