سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :20

سُرُ مَعذُورِي

داستان پهريون

1

هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، کُهِجَنِ[1] ڪي کوٽِيُون،

پَهَڻُ تَنِين پَٽُ ٿِئي، جي لئي لالَنَ لوٺِيُون[2]،

سَڀِ سَهيليُون سِڪَ کي[3]، چُنجُهون[4] ۽ چوٺِيُون[5]،

ٻانڀَڻِ! ٿِيءُ ٻوٽِيُون[6]، ته ڪُتا کينَئِي[7] ڪيچَ جا.

2

ڪُتا کِيَنَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهُونءَ،

اَگهين[8] هوند اَسونهَن، جي جانارَنِ[9] يادِ پُئين[10].

3

تَنِ پيئِي جانارَنِ ياد، جي پارِيلَ[11] پُنهُونءَ ڄام جا،

سَندِي لالَنَ لاڌ[12]، مُئِيان[13] پوءِ مُنڌَ ٿِئي.

4

جاڳايَسِ جَنبُورَ[14]، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،

بَهِي بَهُڪِي[15] اُٿِيو، گِهڏِي[16] مَنجهان گُهورَ،

سَڀِ لاهِندو سُورَ، گِرِي[17] هِنَ غَرِيبِ تان.

5

نَه ڪِين آهِيُون چُوهَڙا[18]، نَه ڪِي آهِيُون چورَ،

هنگامان[19] ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِيين ڪَنِ تي؟

6

ڪُتو چي، قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌَ[20] سَهِي[21]،

پِهرِين بات[22] بَهِي، پُڇُون پوءِ پانڌِيَنِ کي.

7

ڪُهين، ته آپُ ڪُهُه، ڏَسِ مَ چُوهَڙِيان،

سَندا آهيڙِيان[23]، آن نه سَهَندِي هَٿَڙا.

8

ڪُتو طالِبُ ڍونڍَ جو، اَسين ڪُتي ڪِيڙَ[24]،

چَهُٽِي آهي چِيڙَ[25]، ڪارايي[26] جي ڪَنَ ۾.

9

ڪُتو[27] ڪُرِٽي هَڏِيُون، جُوان مَڙدُ[28] جِڳِرُ کاءِ،

اَلدُنِيَا جِيفَہ وَ طُلّابهَا کِلَاب[29]، ايئن هِنئين سين لاءِ.

10

جُهه يارُ ڏِٺائُون يارَ جو، پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ[30]،

ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، اُنهيءَ ۾ آهينِ،

ڏِسِي نَه ڏاڙِهين، شَبانَ[31] جي سَڳَ کي.

11

سَگِبانَ[32] سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَهَنِ،

ڦِريا نه فَرمانَ کان، مُلُهه نه موتِيَئڙَنِ[33]،

ڪونهي ڏوهُه ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا[34]، ڏاڙِهينِ ٿا.

12

ڏَکا[35]، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،

پُڙَندا[36] ڪِينَ پَرِيَٽِ[37] تي، هِنَ جا سَڌَرَ[38] ٿا سُڄَنِ،

سَڳائِيءَ[39] جِي، سَيّدُ چي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،

هوند نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِيو.

13

ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتي آيم، هيئَن،

رَفاقَتَ[40] راکَنِ[41] جي، پَهُتَيسِ پاهَڙَ[42] سِيئَن[43]،

ماڙُهو[44] مُلاحظو تنهن جو، ڪيچِ نه ڪندا ڪيئن،

ذاِتِ نسورِيائِي نِيئَن[45]، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِيو.

14

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکَنڊيِن[46] پيياسِ،

ڪيرَ بِرَهَمِڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ[47]،

هوند نه سِنڌِ سُياسِ، هِنَ پُرئين[48] ڪِيَسِ پَڌَرِي.*

وائي

خُوبِي مَنجِهه خِفَتَ[49]، اي دوستَ! دِقَتَ[50]،

آهي عَبدُاللّطِيفَ کي.

مَدَحَ مُون کان نه ٿِئي، سَندِي سُورَ صِفَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفَ کي.

هِجي ڪَرِيان هيجَ سين، مُطالِعُ[51] مَحَبتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفَ کي.

حُزنُ[52] هوتَ پُنهُونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفَ کي.

پِرِيان جي پِستانَ[53] جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ،

آهي عَبدُاللّطِيفَ کي.

 

داستان ٻيو

 

1

ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناهِه، بُکِيءَ کِلَ نَه اُڄَهي،

اُگهاڙِيءَ وِهانءُ[54]، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.

2

اَدِيُون! وَرُ[55] اُگهاڙَ، وِهانءُ جنهن وِسارِيو،

جيڏِيُون! ڇَڏي جاڙَ[56]، سَڀِ نَنگُيون ٿِي نِڪَرو.

3

سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،

سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نه ٿِئي.

4

سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، پَڙهَڻَ[57] ڇَڏي پوءِ،

مُنهَن[58] مِڙَنِئان هوءِ، ڪَهي[59] جا ڪِينَ کَڻِي.*

5

ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهُتِي سا،

وِهي[60] ويڙِهجِي[61] جا، وَصلُ تنهن وِڃائِيو.

6

وَصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌ سُرمي سِيئن،

سا لُوٺِي[62] لِيلا جيئن، مَڻيو جنهن مِٽُ[63] ڪيو.

7

هُوندِئان[64] هوتُ پَري، اوڏو آ[65] اَڻَ هُوندِ کي،

ساڄَنُ تَنِ سَري، لا[66] سين لَڏِينِ جي.*.

8

لائي[67] خَنجَرُ لا جو، هَئي! خَچَرَ[68] کي هَڻُ،

سَڌُنِ جون سَيّدُ جي، وَٿُون سَڀ وِڪَڻُ،

پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَه هَلَڻَ ۾ هورِي[69] وَهين.

9

هورِنِ[70] هاڙهو لَنگِهيو، ٿِيءُ جَرِيدِي[71] جوءِ!

هُوندِ جَنِين سين هوءِ، هوتَ نَه هُوندو تَنِ سين.

10

هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، مُٺِ! مُوسَٽُ[72] ڇَڏِ،

لا سين اُٿِي لَڏِ، ڪِينَ رساڻي[73] ڪيچَ کي.

11

هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ،

ڪيچِ تَنِين کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِين جي ڪَڇَ ۾.

12

 هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، ڳَورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ[74]،

هاڃي تنهن هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيّدَ چي.

13

نه ڪا هِتِ، نه هُتِ، ڪا ڳَورِيءَ سَندِي ڳالِ،

ڪِينَ پَهُتِي مالِ[75]، حالِ[76]، پَهُتِي هوتَ کي.


 

وائي

هَلُ هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

پيرَ پنهنجي پرينءَ لئي، ڪوڏِ[77] رَتائِين ڪالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

چَڙهندي سِرِ[78] چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِيَڙُسِ لالَ،

شالَ سَڳَرِ[79] ٿيندينءَ[80] ساٿَ جي!

جي ڀايين جَتَنِ جي، ويجِهي ٿِيان وِصالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

ٻُري[81] پَٻَ[82] وَڻنِ ۾، وِجِهجِ ڪا وَڙالَ[83]،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالُ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

اِيندِيَئي بُو بوتَنِ[84] جِي، تُون جَهلِجِ پَٻَ پَيالَ[85]،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

جِتي جَمازَنِ[86] کي، جَبَلُ ٿِينِ جَنجالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

پُڇِي پِيادِيَنِ کي، اُتِ آرِياڻِي اَحوالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، سَڄَڻُ مِلَندُمِ شالَ!

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

 

داستان ٽيون

 

1

هَلندي هاڙهو مَڻِي[87]، ڪَرَڻُ ڪوهَه[88] پِيامِ،

اَرِڏا[89] آرِيءَ ڄامَ ري، گُوندَرِ گُذَرِيامِ،

لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چي، اورانگَهڻُ آيامِ،

پُرَڻُ[90] پُنهُونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،

مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِهان تان نَه وَسي، پِيو.

2

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، ڏَڪَنِ منهنجا ڏوهَه،

هو اَوڇَڻَ[91] سِرِ اُٺَنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پَڇاڙي پوءِ،

ليڙَنِ[92] ري، لَطِيفُ چي، ڪيئن ڪَرِيندِيَسِ ڪوهَه،

اَڳِيان رائو سُڄي روهَه[93]، وِهان تان نه وَس پِيو.

3

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، سِسِ ڏِيندِيَسِ ساهُه،

لِڱنِ تان، لَطِيفُ چي، پاري نِيُمِ پاهُه[94]،

ڪَندو ٻاجَهه اَللهُ، وِهان تان نه وَسِ پِيو،

4

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، گَسان[95] تان مَ گُسان[96]،

لَڪَنِ تان، لَطِيفُ چي، رِڙهِي مانَ رَسان،

پُنهُون شالَ پَسان، وِهان تان نه وَسِ پِيو.

5

ڀائِي حالَ[97] هَلِي وِيا، ڪنهن کي سُورُ سَلان؟

کَڻِيو لَڄَ، لَطِيفُ چي، لَڪَنِ مَنجهه لُڇان،

پانڌِي ڪيرُ پُڇان، وِهان تان نه وَسِ پِيو.

6

وَڌو ڪِيمَ، وَڻاهُه[98]! اُونچا، ڏُونگَرَ! مَ ٿِيو،

ٽِمو مَ، نيڻاهُه[99]! تَه پيرُ نِهارِيان پِرِيَن جو.

7

وارو مُون، وَڻاهُه!  ڪا سُڌِ سُونهَپَ[100] جِي نه ڏِيو؟

اِيءَ اِهائِي ڳالَهڙِي، شَجَرَ! سُڻيجاهه،

چوٽِيءَ چاڙهيجاهُه، ته مُوڙِهيءَ ڪو منهن ٿِئي[101].

8

وارو[102] مُون، وَڻَراهه! ڪا سُڌِ سونهَپَ جِي نه ڏِيو؟

وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،

مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادِي ٿِي هَلاءِ،

پِرِيان کي پَهُچاءِ، ته لَڳِي لُوٺو نه ٿِيين.

9

وارو مُون وَڻِڪارَ، ڪا سُڌِ سونهَپَ جِي نَه ڏِيو؟

آهي اَسُونهِينءَ جِي، مَٿي تو مَيارَ،،

وِڙهِيا ويراڳِڻِ[103] سين، لَڪَنِ جا لِيارَ[104]،

ڪَرِيان ٿِي ڪُوارَ[105]، ڪَنڊَنِ، ڪانڊيرَنِ جِي.

10

ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،

آڱرِ، آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،

وِيندي ڏانهن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ[106] نه پائِيان.

11

جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِين پيرَ پِرِين،

لاٿِيُون سَڀِ پَرِين[107]، سَسُئِيءَ سُپِرِيَنِ کي.


 

وائي

جيڏِيُون! جا جَڙَ[108] لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،

سا مُون، سَرَتِيُون! سيباڻِيامِ[109]: تنهن جِيئَڻُ جالَ[110] ڪِيامِ،*

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

مَهَرَ[111] جا مَيَنِ جِي، سَنجهي هَٿِ هُيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

صُبح سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وييامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

هَڪَل هوتَ پُنهُونءَ جِي، سَڳَرَ مَنجِهه سُيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿَهَرَ[112] ٿوڀَ[113] ٿِيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا، گَنجي[114] مَنجِهه گُهرِيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

سُتِي سَنگَهرَ پَٽِيين[115]، سِگَهڙِي سارَ لَڌِيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڪِيهُون ڪوهَنِ[116] پَٽِيين، ڪُوڪُون جَماجانِ[117]،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

هوتاڻِي هَٿُ کَڻِي پُنهُونءَ پِيادِيانِ[118]،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

ڏُکُون، بُکُون، ڏاکڙا، ڪارَڻِ جَنِ ڪِيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

موٽِي، ماءِ ڀَنڀورَ ۾، اَڱَڻِ سي آيامِ،

جِيءُ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!

 

داستان چوٿون

 

1

مَرِي، جِيءُ ته ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ،

ٿِيين هوند حَلالُ[119]، جي پَندِ[120] اِهائِي پارِيين.

2

مَرُ، ته موچارِي ٿِيين، اَجَلان[121] اَڳي اَڄُ،

جان ڪِي هُئينءَ جيئرِي، ته مُنڌَ! ڀَنوران ڀَڄُ،

پُنهُونءَ ساڻُ پَهَڄُ[122]، تَه مَلَڪَ المَوتو ماڻِيين.*

3

مَرُ ته موچارِي ٿِيين جِيئَڻ آڏو جَتَ،

هارِي! ڪَرِ هِمَتَ، تَه ڏيئِي دَمُ دوسُ لَهِين.

4

مَرُ ته موچارِي ٿِيين، ويهِي وِجُهه مَ ويرُ[123]،

دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ[124] تُون، ڦِرَڻَ سَندو ڦيرُ،

توڻي لَهين نه پيرُ، توءِ[125] راحَتَ آهه رِڙهَڻَ ۾.

5

مَرُ ته موچارِي ٿِيين، ويهِي جِيءُ مَ جوءِ،

مُنڌَ! مَرَڻان پوءِ، پَهُچَندِينءَ پُنهُونءَ کي.

6

اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ جِيَئرِيائِي مَرُ،

ٽولِيان[126] تنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَه ۾.

7

مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نه ماتِ،

هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان[127] اَڳي جي جِيا.

8

جيئڻا اَڳي جي جِيا، جُڳِ جُڳِ سي جيئَنِ،

اوءِ موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جي مُئا.

9

اُونچو اُتاهُون گَهڻُو، جيئڻَ کي جَبَلُ،*

مَرَنَ! مُون سين هَلُ، تَه پُٺِيءَ تو[128] پَنڌُ ڪَرِيان.

10

تو سَڱُ، ساهَ گَهڻَنِ سين، جيئَڻَ! گوشي جاءُ،*

مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.

11

تو سامائي سَسُئِي! مَرَڻُ ڪِيو مُردارُ،**

ڪُپَرِ سين[129] ڪوهِيارُ، لُوٺِي! تو لَڄائِيو.

12

پَرِ ۾ پَڄِي پِرِينءَ ک، مَرِي نه ڄاتوءِ،

مُوتُوا[130] مُنڌَ نه سوءِ ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽِيين؟***

 

وائي

توڏَنِ تان نه تَنوارِيو، منهنجو لالَنُ وارِيو،

اَللهَ ڪارَڻِ، مِيان اوٺِيا!

شَرَفُ لَهي سَسُئِي، ڪُٺَلِ کي ڪَمُ ڪارِيو[131]،

مُنهِنجو لالَنُ وارِيو.

ميندِيءَ مورَ[132] مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀِ چارِيو،

مُنهِنجو لالَنُ وارِيو.

 

داستان پنجون

 

1

هٿين، پيرين، مُونَڙِيين[133]، هَلِجِ ساڻ هنئين،

عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباهي نئين،

جان جان ٿِي جِيئين، تان پاڙِجِ[134] ڪو مَ پُنهُونءَ سين.

2

هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ ڪَپارَ،

مَتان، ڇورِي! ڇَڏِيين، پَرِيَتَڻي پَچارَ،

توکي سَنَدَ[135] سَسُئِي! سَندِي لَنئُون لَغارَ،

جي هونَئِي هوتَ هَزارَ، ته پاڙِجِ ڪو مَ پُنهُونءَ سين.

3

هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ قُدام[136]،

وِچ وَسِيلو ناهه ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ،

هينئين لائي هامَ[137]، پاڙج ڪو مَ پُنهُونءَ سين.

4

هَٿين پيرين مُونَڙيين، پُرِي ڪج پَرَکَ[138]

قَدَمُ ڪيچ- ڌڻِين ڏي، پاءِ وڌندي وِکَ،

جي هُونَئي هوتَنِ لَکَ، ته پاڙجِ ڪو مَ پنهونءَ سين.

5

هَٿين، پيرين، مُونَڙِيين، سِرِج ساهَه پَساهَه،

هوتُ گَڏِبُئِي حَبَ ۾ رَهَبَرُ مَٿي راهَه،

جان جان ساڻءِ ساهه، ته پاڙِج ڪو مَ پُنهُونءَ سين.

6

ٿَڌِي ٿَڪِي نه وِهي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ،

وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ[139]،

پُڇي پَهَه[140] پَکِينِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ[141]،

ڏِنَسِ ڏيهَه وَڻَنِ جا، تَنِ اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻَ،

مانَ پَرَچِي پاڻَ، اَچي آرِياڻِي وَرِي.

7

توڻي وِلاڙُون[142] ڪَرين، توڻي هَلين وِکَ،

لِکِيي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نه ٿِيي.

8

لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙِيءَ نَه ٿِئي،

پارِيو ويٺِي پارِ،* جيڪين لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.

9

جِتي جيتَريُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،

تِتي تيتَرِيُون، گَهڙِيُون گهارَڻُ آئِيُون.

10

ڪِيائِين ڪيچِيَنِ لئي، جُسو جَلاوَتَ[143]،

ڇَڏي، پيٺِي[144] ڇَپَرين، هارِي سَڀِ حُجَتَ،

هُئِي نِماڻِي نِسَتَ[145]، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.

11

ڏُکِيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،

ڏِيلُ جنهن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو[146]،

هُيَڙُسِ آڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.

12

پَنڌ نه پَنڌَنِ جيتَرو، ڪئين سُڄَندِي[147] ڪِيهَه[148]؟

جيڪَرَ ڪَرِيان رِيهَه[149]، پَرَ چوندا مُنڌَ چَرِي ٿِئِي.

13

چُونِمِ مَرُ، چَرِي ٿِئِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِين،

مَرُ مُنهِين[150] کي ڏِين، ماڙهُو[151] اَچِيو مِيهَڻا.

 

14

ماڙهُو ڏيئِي مِيهَڻا، مُون کي ڪَندا ڪوهُه؟

جنهن ڇورِيءَ ۾ ڇوهه[152]، سا پِٿُون[153] ٿِيندِي پيرَ تي.

وائي

وِهُه[154] مَ واٽَ وِرچِي[155]، هو اَلَا مِيان!

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

ڪَنِين اَچِي ڪا ڪَهِي[156]، ڪَنِين اَچي ڪا چَئي،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

اَمُلُهه ڀايان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئي،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

پيرَ پٽائِين[157] ڪُونئَرا،[158] رائي ڪِيَسِ رَچِي[159]،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

مُنهُن ڪَرِ مَعذُورِيَنِ ڏي، پُنهُون ڄامَ! پَرَچِي،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

مُون کي تِنهِين مارِيو، جَتَنِ جا چَئِي،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لهندينءَ.

وندُرَ واٽَڙِينِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،

جيئن ڪَهندينءَ تيئن لَهندينءَ.

 

داستان ڇهون

 

1

جَهلِي تان نَه رَهان، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي،

اَپَرِ عاجِزِ آهِيان، لالَنُ جان نَه لَهان،

فَردا[160] مُون ڦِٽِي ڪِي، وَعدي ڏي نَه وَهان،

صُباحَ سِين[161] نه سَهان، خواه ميڙِيين، خواهِ مارِيين.

2

فَردا مُنڌَ ڦٽِي ڪِي، نَقدُ[162] کَنيو نارِ[163]،

هِيءَ جا واڳَ وِلَهِيءَ[164] جِي، ويرَمَ[165] ڏي مَ وارِ،

جيڪِين[166] مُٺِيءَ مارِ، جيڪِين ميڙ مُٺِيءَ کي.

3

مُٺِ ٿِي مُدَعا[167] گُهري، موتُ ٿِيو مَوجُودُ،

اَچين تَه اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،

جيڪِين ني وُجُودُ[168]، جيڪِين ميڙِ مُٺِيءَ کي.

4

جيڪِين ميڙِ مُٺِي کي، جيڪِين مُٺِيءَ مارِ،

ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرَ هوتُ اکين سين.

5

ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ[169]، لَهَسِي لَئون پُنهُونءَ جي،

ڏيئي آڳ اَتور[170]، سَڀَ نَه کانئي سَسُئي.

6

ڏُکِي! ڏِکَ[171] وِسارِ، سيڄ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي

پَٽِيين پيرُ نِهارِ، تَه آرِياڻِي اُتان لَهين.

7

ڏُکِي! ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ[172] ڇَپَرِ پيهِي،

گَڏِبَئِي ڏيهي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.

8

ڏُکِيءَ ڏيهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿَڙا،

تنهن پَرِ نه کاڻِي، جنهن پَرِ جِئي، جيڏِيون!

9

ڏِسَڻُ ڏِکان[173] اَڳَرو[174]، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ،

ٿِيءُ ٻانِهِي، ڀَرِ اوئِيُون[175]، لُڏُ مَ، پَسِي لَڪُ،

وَرُ[176] پُنهُونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ[177] ٻارَهَن ماهَ ٻِيَنِ سين!

10

هَر دَمُ هوتَ پُنهُونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانئج ڏِکَ،

وَرُ پُنهُونءَ ساڻُ پَلَڪَ! ٻَنِ ٻارهن وَرِهَيه ٻِيَنِ سين.

11

ٿورَ ويرَمِي[178] ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَمَ نه سَهي،

ڏيئي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،

هُڏِ نه هوندو هيءُ، ساهُه پِرِيان تان صَدَقو!

12

ڏُکيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِيءَ آهُون پُونِ[179]،

ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِين[180] چَيو چُونِ،

آرِيءَ جي اَرِمانَ ۾، ماڙهُو، مِرُون رُونِ،

اِنَ پَرِ سيئِي هُونِ، هينئڙا جَنِ هَڄِي وِيا.*

13

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرِين، پَسو! پِٽُون پُون،

مُئي پُڄاڻان مُنڌَ کي، روجَهه[181] رُڃُنِ ۾ رُونِ،

ڀُوڻان[182] اِيَهين[183] چُونِ،** تَه مُئِيءَ اَسان کي مارِيو.

14

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،

هَڻِي سانگِ[184] سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِيو[185] ڪيچَين،

جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنِين جي هَنجَ ۾.[186]

15

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،

وَٽان ويهِي جَنِ، وَڍِيءَ[187] سي واڍوڙِيا[188].

16

وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏِٺو جَنِ،*

مَوتُ قَبُوِليو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.

17

ڪنهن جنهن[189] ڏُکا[190] ڏي، پارانڀا[191] کي پانڌِيين،

سُورَ ڀَرِيائِين سي، ڳالِهه ڪِيائِين جَنِ سين.

 

18

ڪو جو وَڍِيءَ وَڍُ، جيئن وِڻُ[192] وَڍِيائِين وَڍَ سين،**

ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ[193]، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِيا.

19

وَڍَيَلِ[194] ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ[195] ڪُوڪاري،

هُنَ پَنَ پنهنجا سارِيا، هِيءَ هَنجُون هَڏَنِ[196] لئي هاري.[197]

20

ڏُکِيءَ توءِ[198] ڏُڪارُ، توڻي وَسَنِ مينهَڙا،

صاحِبَ هَٿِ سُڪارُ، هِنَ وَسِ آهِينِ هَٿَڙا[199].

21

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارَ، سيڻَنِ ڏيهُه سُڪارِيو،

ٻاروچاڻُو ٻارُ، سَڀوئِي سُواءَ[200] سين.

 

وائي

اَچِي، لالَنَ! لَٽِ، مِيان! مُئِيءَ جو لوڙهُه[201] لَڪَنِ ۾.

هو کانُ[202] کَٿَورِيءَ هيرَئُون[203]، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽِ،

مُئِيءَ جو لوڙهُه لَڪَنِ ۾.

آرِياڻي! اَچي ڪَري، ڪا گَهڙِي مُون وَٽِ جَٽِ[204]،

مُئِيءَ جو لوڙهُه لَڪَنِ ۾.

کَٿُورِيءَ کَشبوءِ[205] سين، هارِيائُون هَٽِ هَٽِ،

مُئِيءَ جو لوڙهُه لَڪَنِ ۾.

دَردُ منهنجي دِلِ جو، تُون، ڪامِلَ! اَچِي ڪَٽِ،

مُئِيءَ جو لوڙهُه لَڪَنِ ۾.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، سِرَ تائِين آهي سَٽِ[206]،

مُئِيءَ جو لوڙهُه لَڪَنِ ۾.

 

داستان ستون

 

1

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏينهن ٿِيا،

راتين روزَ[207] وِيا، عَبَثُ[208] آرِيءَ ڄامَ ري!

2

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، سهَسَين سِڄَ وِيا،

هَلَڻَ ويرَ هِئا[209]، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!

3

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄَ

آئُون جي ڏيَئين سَنِيها، نيئِي پِرِيان کي ڏِجِ،

وَڃِي ڪيچِ چَئِج، ته ويچاري واٽَ مُئِي!

4

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِيو پَساهه،

سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راهه،

شالَ مَ وَڃِيمِ ساهه، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي!

5

آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،

وِلَهِيءَ ڏينهن وِڃائِيا، سَرِتِيُون! سَڀيئِي،

پِيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي!

6

آئُون نَه گَڏِي پرينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙَ[210]،

آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهِيڪا ۽ چاڙَ[211]،

مُون مُٺِيءَ کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجِهه وِلاڙَ،

عُمِرِ سَڀ اَواڙَ[212] ويَيَم، ٿِي واڪا ڪَرِيان!

7

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، هِيءُ پُڻِ ڏينهن وِيو،

نِهوڙي ناڀُنِ[213] سين، مُون کي نينهن نِيو،

مُٺِيءَ مَوتُ ٿِيو، پِيُ، پِيُ[214] ڪَندي پَنڌَ ۾!

8

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عزِرائِيلُ،

جو راڻي[215] سين، جيڏِيُون! نه ڪو قالُ نه قيلُ[216]،

آيو مَوتَ دَلِيلُ، ماريندو مُرادَ کان!

9

آئُون نَه گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ،

واجهائيندي وَرِهَه ٿِيا، هَڏِ نه گڏِيُمِ هوتَ،

جيڪُسِ ٿِينديَسِ فَوتُ، فَنا هِنَ فِراقُ ۾.

10

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڳِجُهنِ ٿيندي ڳاهُه[217]،

سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙهِيو، پِرِيان لَئي پَساهه،

هُو مِرُون، هيُ ماهه، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکِيو.

11

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، رَئِي[218] پَسِيو روءِ:

وِچان جو وِچُ پوءِ[219]، سو ڪنهن پَرِ ڪَهِي لاهِيان!

12

وِلاڙيو وَڻين چَڙهي، اُونچَنِ[220] مَٿي اَڄُ،

لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين[221] بردارَ[222] جو.

13

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،*

ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ[223]، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جيئن.

14

وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو سَگَهه سَندياس

آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي[224]، نَه ڪو پِيءَ نَه ماسِ،

سوئِي سو سيڻاسِ[225]، پَري پَڙاڏا ڪَري.**

15

وِلاڙيو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏُورِ،

سُپيرِيان جي سُور، پَري پَڙاڏا ڪَري،

16

پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نه آهي،

ڪَمتَرِ[226] ڪا ڪاهي، پَهُچي هِنَ پَٽَيءَ[227] کي.

17

رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ[228] جِي ڪُوڪَ،

وَلوَلو[229] ۽ وُوڪَ[230]، اِيءَ تان آهَه عِشقَ جِي.

18

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ، چَتُونءَ جِي چانگارَ،

اِيءَ عِشقَ جِي اُٻَڪارَ[231]، نَعرو آهي نينهن جو.

19

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهَڙِي ڪَري جوءِ[232]،

اِيءَ نه عَورَتَ هوءِ، اِيءَ تان آهَه عِشقَ جِي.

 

20

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ[233] ڪُرَڪي[234] ڪُونجَ،

نَعرو مَنجِهه نِڪُونجَ[235]، اِيءَ تان آهَ عِشقُ جِي.

21

رُڄُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر سارَنگِيءَ ساز،

اِيءُ عِشقُ جو آوازُ، ماڙهُو رَکَنِ مُنڌ تي.

 

وائي

هِيءَ گهايُلِ هَڏِ گهورِي، وو! اَلا! ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻا.

عِشقَ آرِي ڄامَ جِي، هِيءَ جُهونَڙي هِڏِ[236] جهوري[237]،

وو! اَلا! ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻا.

رَهِي جان رُڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِهو[238] مَ ڇوري،

وو! اَلا! ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻا.

اَدِيُون! آرِيچنِ لئي، ڏُونگَرِ ٿِيندِيَسِ ڏورِي[239]،

وو! اَلا! ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻا.

 

سر ديسي

 

نالو

ديسي، لفظ جي معنيٰ آهي ڏيهي. ديسي هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي جا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي.

 

مضمون:

هن سر جي مضمون جو بنياد پڻ، سسئي ۽ پنهونءَ جي آکاڻيءَ تي رکيل آهي، جا سُر آبري جي شروعات ۾ ڏنل آهي.

 

روحاني راز:

جيڪو سالڪ پنهنجو نفس قابو نه ڪندو، تنهن جو حال به اهڙوئي ٿيندو، جهڙو اٺن کي قابو نه ٻڌڻ ڪري سسئيءَ جو ٿيو هو. دنيا غفلت ۽ آرام ڪرڻ جو ماڳ نه آهي. هيءَ ڪش۾ڪش ۽ جدوجهد جي جاءِ آهي، جتي بازي اهو کڻندو جيڪو هوشيار ۽ هميشه تيار رهندو. هن دنيا ۾، سالڪ جا دشمن ڳجهه ڳوه ۾، سندس روحاني تباهيءَ ۽ پريشانيءَ جي لاءِ سامان پيا تيار ڪن. سسئي جا ٽي دشمن هئا جهڙوڪ، ڏاگها، ڏونگر ۽ ڏير. سالڪ جا به ٽي دشمن آهن جهڙوڪ، نفس، دنيوي تعلقات ۽ خودي. اهڙن حيلي باز حڙيفن کان جند ڇڏائڻ لاءِ حمايتي گهرجي. توائي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، سالڪ کي ڪامل رهبر هٿ ڪري، دل تان دود دور ڪرڻ گهرجن. هيءَ دنيا هڪ اهڙي ترڪڻ بازي آهي، جو نيشن کي نرت پوندي، نه ته سڀ ڪنهن جي جاءِ نه آهي. جتي واٽون ويهه ٿين، اتي ڪهڙي اختيار ڪجي، تنهن جو پرو پير کان پوندو. وڌيڪ ڏسو، سر سسئي آبري جا روحاني راز صفحِ ۽ سر معذوريءَ جا روحاني راز صفحي تي.

 

سرديسي

 

داستان پهريون

 

1

مُٺِيَسِ! جَهلِ مَهارَ، ڪُٺِيَسِ! ڪاهِه مَ ڪَرَهو[240]،

مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري[241]، ڀيرو ڪِجِ ڀَتارَ!

ساڄَنَ! تو هان[242] ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏينهن قِيامَ جو.

2

ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرَنِ، ٽنهي ِنَمِ ڏُکَ،

سي سَڀ ڀانَيَمِ سُکَ، هيڪاندِ[243] ڪارَڻِ هوتَ جي.

3

ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي[244]،

پُڇان پيرُ پُنهُونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،

لِکِئي آئُون لَڌِي، ناته پَٽنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟

4

ڏاگها[245]! ڪِيمَ ڏَرو[246]، اَڃا آرِياڻِي اَڳي[247] ٿِيو،

موڙي مَڃَرَ[248] ٽارِيُون، چانگا! ٿا چَرو،

آن تان[249] حَرَفُ هَرو[250]، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.

5

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا[251]، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺَئي ڏينهن[252]،

وَٺِي سَڙَڪَ[253]، سَسُئِي! ويهُه وِهاڻِيءَ سينءَ[254]،

چوٽي[255] سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجيرَنِ جيئن،

ته هوتُ تنهنجو هِيئن، پُنهُون نِيائُون نَه پاڻَ سين.

6

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏاگها ڏِينهَن ڏِٺاءِ،

ڪُنجُون جي قُفِلَنِ[256] جُون، تان ڪنهن لَلِ لِڪاءِ،

ته سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻي[257] سَسُئيِ!

7

اَڱڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺِئي اُٺَ،

ڏايُئِي نه ڏاگَهنِ کي، اوڳِي[258] سانُ اَڳَٺَ،

ته هوند نه تنهنجي هَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئِي!

8

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺَئي توڏا،

دَنگِيئي[259] نَه وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا،

ته لَڪَنِ جا لوڏا، هوندَ نَه سَٺَئِي سَسُئِي!

9

ڏاگَهنِئُون[260] ڏيرَنِ، جي آندا ٻَرڌَ[261] ڀَنڀورَ ۾،

هَڻِي چِيلَ[262] چَرا ڪِيا، وَهِه پَئِي[263] وَهُڙَنِ[264]،

کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، هوندَ سُتي سو[265] سَڀَنِ،

ڏاندَنِ ساٿِ، سَيّدَ چي، پِيادِيُون پَهُچَنِ،

جَن جو پيرُ نه لَڳو پَٽِيين، تَنِ آيُمِ ساڻُ اُٺَنِ،

گُنگَنِ ۽ جُنگَنِ[266]، مُنڌَ اَسُونِهين ميڙيين!

10

اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي[267]،

پلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺنِ،

ڪا جا مامَ[268] مُٺَنِ، هِنِ پُڻِ هُئِي هُنِ سين.

11

ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿِيي!*

اُٺَنِ، اوٺِيَڙِن جي، ڇا وَهِيڻُو[269] ويرَ،

هِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري.

12

ديسِي سيڻ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرين،

لَڏِيو، لاڏُوڻا ڪِيو[270]، پنهنجي ديسِ وَڃَن،

پُڄاڻا پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.

13

ڌُرِيائِين[271] ڌاريان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،

مَدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِيڪارِيان،

صُبُوحِ ٿِي سارِيان، ته اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.

14

اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَهنِ ڏُڌِي آهِيان،

هَڻِي هَٿُ هَيَنِ[272] کي، پَري نيئِي پَلاڻِ،

هوتُ منهنجو هاڻِ، پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين.

 

15

جَتا! شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو[273]،

ٻانَڀڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيِلي[274] ناهِه ٻِيو،

ڇِنَڻ تان نَه پِيو، هِيءُ سڱ نه ڇِنَڻَ جَهڙو

16

جَتَنِ جا جيلان[275]، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،

آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان[276]،

اُنِ کي ناڪيليُون نَڪَنِ ۾، دُهِرِيُون، دَليلان[277]،

سِرِ هَڻِيو سيلان[278]، لايو نِينهُن نِنڊُون ڪَريين.

17

جَتَنُ ڪِج[279] جَتَنِ جو، آئِيان ڪِ اِيندا،

وَٺِي پُنهُون پانهنجو، وَٽان تو وِيندا،

دَمُ نه دَمِيندا،* سِڌارِيندا[280] ساڻيهَه[281] ڏي.

18

جَتَ هَڏِهِين هُتِ، مُون هِتِ هينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا[282]،

چَنگلَ[283] جَنِين چَؤڦرا[284]، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ[285]،

گُنگَنِ جِي گُپُتِ[286]، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرِين.

19

جَتَنِ وِڌِيَس جارِ[287]، ناتَ هُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي[288]،

ٿِيئَڙا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏي گُوندرين.

20

جي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ[289] پَٽاندَرُ[290] هيتَرو،

آئُون ڪيئن مُلا[291] تَنِ، سَرَتِيُون! سُورَ پِرائِيان؟

21

هي جي آيا هِيرَ[292]، مُون اَڳَ نه ڏِٺا ڪَڏِهِين،

آئُون تَرَسان، هو تَڪِڙا، پَٽ نَه لائِنِ پيرَ،

ڀَنڀولِيَسِ[293] برنِ ۾، پَسِي ڀِينڊيَنِ[294] ڀيرَ،

آءُ آرِياڻِيءَ! اُسَرِي، ٿِي واهَرَ جِي ويرَ،

هِيءَ ڪَمِيڻي ڪِيرَ، تُون پارِسَ رسِجِ پَٻَ ۾.

22

جَتَنِ يارانُو، ڪيچِنِ مون سين ڪونَ ڪيو،

نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِمِ ٻارانُون،*

تيلاهِين طَعنُو، ڏيندا مُون ڏيرَ وِيا.

23

گورا وَڃَنِ گامَ[295]، ڏيرَنِ سَندا ڏيهَه تي،

توڏَن جُون تَڙَڀيڙَ ۾[296]، تَرِيُون تِرِڪَنِ تان مَ،

اوٺِيئڙا آرامَ[297]، لَنگهي پَٻُ، پَري ٿِيا.

24

گَهَه[298] سِرِ[299] ٿِئي مَ گُسَ[300]، پَڻِي[301] پوءِ مَ پرينءَ تي،

جنهن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،

پُنهون پاڪَ پُرِسَ[302]! هوتَ نه ڪِجَنِ هيڏِيُون.

25

اُسَ مَ لڳي اوٺِيين، ليڙان لُڪَ مَ لَڳَ،

اَللهَ! آرِيچن کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ[303]،

جَتَ ججها ۾ جَڳَ، منهنجي پِرِتِ پُنهُونءَ سين.

26

لَڏِيندي لِباسُ[304]، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِيو،

اَچي آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،

مِروُن کِيِنَمِ ماسُ، هَڏَ هَلندا هوتَ ڏي.

27

اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِيئڙَمِ ڏيرَ،

چوٿُون ويرِي واءُ ٿِيو، جنهن لَٽِيا پُنهُونءَ پيرَ،

پُنجُون ويرِي سِڄُ ٿِيو، جنهن اُلَهِي[305] ڪِي اَويرَ،

ڇَهُون ويرِي ڇَرُ ٿِيو، جنهن سَنوان نه ڪِيا سيرَ[306]،

سَتُون ويرِي چَنڊُ ٿييو، جو کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ[307]،

واهيري جِي ويرَ[308]، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

 

وائي

ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَهِن ڪيچِنِ ساڻُ

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

آئُون سُتِي، هو هَلِيا، وِيئَڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

آسَڻَ[309] اَڳِيان اُنِ جي، ٻَرِ! ٻَرِ! ڪِيو ٻاڏائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

چَتُرَ[310] ڏيئي چِتَ کي، وِيِئَرا هوتُ ڇَپائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

جيڪا هُيَنِ مَنَ ۾ وِيَئڙا پنهنجي پُڄائي،*

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

اَدِيُون! عَبدُاللّطيفُ چي، اِيندَمِ واڳَ وَرائي،

مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائي!

 

[1]. ٿڪجن

[2]. رليون، ڀٽڪيون

[3]. سببان

[4]. چوچيون، گهٽ نظر واريون

[5]. تنگدل، بخيل

[6]. ٻُوٽيون، گوشت جا ننڍا ٽُڪرا، پُرزا پُرزا

[7]. کائِنَئه، توکي کائن

[8]. تون اگهامين، قبول پئين

[9]. جانورن

[10]. پَوين

[11]. پاليل

[12]. حاصلات

[13]. مرڻ کان پوءِ.

[14]. زنبور، ڏينڀوءَ جهڙو سجاڳ ڪتو

[15]. ڀؤنڪي

[16]. بدن لوڏي

[17]. گير ڪري

[18]. چُهڙا، ڀنگي (عشق کان غير واقف)

[19]. هنگاما

[20]. چڱا، خوب

[21]. واقف، پورا

[22]. دفعه، ڀيري

*. ڪتو چوي ٿو ته اسين ماڻهو ماڻهوءَ کي سڃاڻيندا آهيون، پر پهريائين ڪنهن کي پريان ڏسي ڀؤنڪندا آهيون ۽ پوءِ سڃاڻن تي ڀونڪڻ بند ڪندا آهيون

[23]. شڪارين جا

[24]. ڪينئون

[25]. چچڙ

[26]. ڪتي تي ڪوڏ جو رکيل نالو

[27]. نفس

[28]. جُوان مَردُ

[29]. دنيا ڍونڍ آهي ۽ سندس طالبو ڪتا آهن.

[30]. پير کڻن

[31]. ڌنار

[32]. ڪُتو ڌاريندڙ، مالِڪَ، ڌڻيءَ

[33]. ڪتي تي ڪوڏ جو نالو

[34]. بڇڻ تي

[35]. حملا ۽ هلائون، تيزيون

[36]. فتح پائيندا

[37]. کٽاڻيءَ

[38]. سگهارا دوست

[39]. مائٽيءَ

[40]. همراهي

[41]. نگهبانن

[42]. پهاڙ

[43]. تائين

[44]. ماڻهو

[45]. کٽياڻي.

[46]. پَرانهَنِ (ڏورانهنِ) کنڊن ۾، ملڪان ملڪ، پرديس

[47]. هن کي، کيس

[48]. ملڪان ملڪ، مختلف ماڻهن ۾ پشت به پشت

*. هونئن جيڪر سنڌ ۾ به منهنجو نالو ٻڌڻ ۾ نه اچي ها، پر هُن (پنهونءَ) مون کي ملڪان ملڪ مشهور ڪيو ۽ پيڙهين تائين منهنجو ذڪر ٿيندو رهيو

[49]. نماڻائي، عاجزي

[50]. تڪليف ۾

[51]. پڙهان

[52]. غم، درد

[53]. ڇاتي، اُرهه.

[54]. شادي، خوشي

[55]. بهتر، چڱي

[56]. غفلت، ٺٺولي

[57]. پَهَرڻ، پوشاڪون

[58]. مُهَڙَ ۾، اڳيان

[59]. ڪاهي، هلي

*. جيڪا ڪين (اڻهوند) پاڻ سان گڏ کڻي نڪري ٿي، يعني ڪُجهه به ساڻ نٿي کڻي، سا سڀني جي اڳيان ٿي هلي ٿي!

[60]. ويهي

[61]. ويس وڳا ڪري

[62]. لالچي، رليل، ڏهاڳڻ.

[63]. مِٺو، مِٺو.

[64]. هوند يا خودي يا هستيءَ کان

[65]. آهي، اچ

[66]. نيستي

*. هيءُ بيت خواجه بيت خواجه محمد زمان لواريءَ واري ڏانهن هِن پڙهڻيءَ سان منسوب ٿيل آهي:

هوندئان هوتُ پري، اوڏو نه اَڻهوندَ کي،

سڄڻ تَن سَري، لا لاهين جي. (ڏسو ڪتاب ابيات سنڌي مؤلف ڊاڪٽر دائود پوٽو)

[67]. تِکو ڪري

[68]. نفس

[69]. هلڪي بار واري

[70]. هوِريَنِ

[71]. جريده (ع)، مجرد، اڪيلي، ڇڙي

[72]. هار سينگار

[73]. رَسائي، پهچائي

[74]. ڳهن، آهستي هلن.

[75]. ملڪيت سان

[76]. اڪير، حب

[77]. خوشيءَ مان

[78]. مٿان

[79]. راهه

[80]. تون ٿيندينءَ

[81]. هُلي

[82]. پٻ جبل

[83]. ڳولا ڦولا

[84]. ننڍن اٺن

[85]. ترو، پاڙ، دامن.

[86]. مهري اٺن

[87]. هاڙي جبل ڏانهن

[88]. پنڌ جاين ٻن ميلن وارا ماپا، ڪوهين

[89]. سخت

[90]. هلڻ

[91]. ڍڪڻ جو ڪپڙو، هتي اٺ جو گاشو

[92]. اٺن

[93]. جبل تي.

[94]. پاڻي، رونق، طاقت

[95]. گَسَ تان، واٽ تان

[96]. ڀُلجان، ڀٽڪان

[97]. حال ڀائي، راز محرم

[98]. اي وڻ

[99]. اي نيڻ، نيڻن کان

[100]. رهبري

[101]. منجهيل جو ڪو بلو ٿئي.

[102]. وارو ڪريو! واهر ڪريو!

[103]. بيراڳي فقيرن، ويراڳ جي ماريل (سَسُئيءَ)

[104]. ليار جا وڻ

[105]. شڪايت، گلا

[106]. ذات، بنهه، اصل

[107]. پريون، رسمون.

[108]. ميخ

[109]. مون کي وڻي

[110]. گهڻو وڌيڪ (وبال) جنجال

*. انهي عشق جي ميخ ڪري، حياتي وڌي يعني بار ٿي وئي اٿم

[111]. مهار

[112]. ٺهر، آرام

[113]. قرار، آرام

[114]. ٽڪر، جنهن تي وڻ ناهي.

[115]. ميدانن جي

[116]. جبلن

[117]. جهاز ۽ اُٺ، هنن جي اٺن.

[118]. پيادين ڏانهن

[119]. مقبول

[120]. صلاح، نصيحت

[121]. اجل يا مقرر ٿيل وقت کان

[122]. پرچ، ٺهه.

*. موت (جو فرشتو) ماڻين، مري جيئڻ جو مزو وٺين، موت کان پوءِ واري دائمي حياتي ماڻين!

[123]. دير

[124]. وهم، گمان

[125]. تڏهن به

[126]. ٽوليءَ کان (طريقت جي صاحبن کان)

[127]. جيئڻ کان

*. جيئڻ جي تمنا رکندڙ لاءِ جبل اڙانگا آهن.

[128]. توتي چڙهي. (تنهنجي پويان)

*. اي جيئڻ! مون کان ڀڄي پاسو ڪر.

**. مرڻ جهڙي عمدي شيءِ کي نڪمو ۽ مردار سمجهيو.

[129]. اهڙيءَ خراب هلت ڪري.

[130]. موتوا قبل ان تموتوا مرو مرڻ کان اڳي (حديث)

***. (حرصن کي ختم ڪر)، بدن کي ڇو پئي چيچلائين؟

[131]. مراد حاصل ڪرايو

[132]. گؤنچ.

[133]. گوڏن سان

[134]. برابر يا ثاني ڪج

*. ڪنهن کي به پنهون جو مَٽُ نه ڪجانءِ

[135]. آڌار، ڀروسو

[136]. پيشانيءَ

[137]. هائو، قبوليت: دل و جان سان قبول ڪري

[138]. نظر، آزمائش.

[139]. سڪائڻ، چڱي گهرج

[140]. رستي تي

[141]. نشان پرين جي

[142]. وڏيون ٻرانگهون، تڪڙو تڪڙو هلين.

*. ويٺِي ڀوڳ، گذار.

[143]. سڙيل

[144]. پيهي وئي، گهڙي وئي، پنڌ پئي

[145]. نٻلَ، ضعيف، ڪمزور

[146]. سِجِهيل، رَجهيل، رَڌل، سوڪُ

[147]. ٻڌڻ ۾ ايندي

[148]. دانهن، ڪوڪ

[149]. رڙ

[150]. مون

[151]. ماڻهو

[152]. عشق جو جوش

[153]. پرزا پرزا.

[154]. ويهُه

[155]. ورچي، ڪڪ يا بيزار ٿي

[156]. چئي

[157]. پَٽَ (ريشم) کان به

[158]. نرم

[159]. ڳاڙها، لعل.

[160]. سڀاڻي، آخرت جو ڏينهن، جڏهن محبوب جو ديدار ٿيندو.

[161]. تائين

[162]. روڪڙ، (حاضر وقت) هاڻي

[163]. زال

[164]. مسڪين

[165]. وير ۾، ساعت ۾، دير

[166]. يا ته

[167]. مراد

[168]. هستي يا جسم وٺي وڃ، يعني مار.

[169]. ڏڌل، اڌ سڙيل

[170]. محبوب

[171]. هار سينگار

[172]. وڃ

[173]. سينگار کان

[174]. بهتر

[175]. سانداريون

[176]. بهتر

[177]. کڏ ۾ پوي.

[178]. تڪڙي پون ٿيون

[179]. پون ٿيون

[180]. ڪي

*. جن جون دليون عشق ۾ گرفتار يا فنا ٿيون پيون آهن.

[181]. اڇن پيرن وارا هرڻ

[182]. ڀُڻان

[183]. ايئن

**. ائين بيٺا چون، ائين چوندا وتن

[184]. لوهي سيخ، رَنبو، ڀالو _اصطلاحي معنيٰ ۾)

[185]. جهيڙو ڪيو

[186]. من قتله فانا ديته (جنهن کي مون قتل ڪيو، تنهن جي خون بها مون تي آهي!)

[187]. وڍيل (سسئيءَ)

[188]. وڍيا، زخمي ڪيا.

*. اهي شيون جن ۾ رت دورو ڪونه ٿو ڪري، يعني جمادات ۽ نباتات، پٿر، وڻ ٽڻ.

[189]. ڪنهن اهڙي

[190]. ڏک کان

[191]. سنيها

[192]. بين، نڙ

**. منجهس اهڙو سوز آهي جو هن جي آهُن جي اثر کان تڙ به ماتم شروع ڪيو آهي.

[193]. تسلي، آٿت

[194]. نڙ جيڪو اصل کان وڍجي ڌار ٿيو آهي

[195]. زخمي ٿيل (سسئي)

[196]. عزيزن، محبوب

[197]. هي بيت مولانا روميءَ جي مثنوي جي پهرين بيت جو ترجمه آهي: بشنو! ازني جون حڪايت مي کند، وز جدائيها شڪايت مي کند (هن بيت ۾، نَڙَ ۽ سسئيءَ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيل آهي: جيئن نڙ پنهنجي اصل، يعني وڻ، کان ڌار ٿيڻ جي ڪري وڇوڙي جا ورلاپ ڪري ٿو، تيئن سسئي به جتن کان جدائيءَ سببان ڪُوڪاري ٿي!)

[198]. تنهن هوندي به

[199]. هٿَ کڻڻ، دعا گهرڻ

[200]. سڻائو واءَ، سڪار.

[201]. قبر

[202]. خان

[203]. هريل

[204]. ترس

[205]. خُوشبو جو عام سنڌي اُچار

[206]. عيوض، سودو (سر جو سودو ڪرڻو آهي)

[207]. راتيون (۽) ڏينهن

[208]. اَجايو.

[209]. هتان

[210]. اجايو

[211]. چاڙهه

[212]. اجائي.

[213]. ننهن، چنبين، رانڀوٽن

[214]. پرين

[215]. زوراور (موت)

[216]. ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثو

[217]. کاڌو

[218]. غبار، اونداهه

[219]. جدائي پوي.

[220]. اُوچن، وڏن (وڻن تي)

[221]. ڪاڻ ڪڍيائين

[222]. ميوه دار (وڻ)

*. ريشمي پيشگير جي لانگ ورائي.

[223]. ٽپا

[224]. ڳولي

[225]. هن سان، ساڻس، سندس سيبڻ (مائٽ تنهنجو)

**. اهوئي ساڻس آهي جو پڙاڏو پيو ڪري سندس درد جي دانهن.)

[226]. ورلو، ڪميڻي

[227]. ميدان (مرتبه)

[228]. ڪوئل (پکي)

[229]. آواز

[230]. ڪوڪ.

[231].پڪار، نعرو

[232]. عورت

[233]. جهڙوڪر، جهڙوڪ

[234]. ڪونج جو آواز

[235]. چشمو

[236]. ٿڪل، ماندي

[237]. تڪليف ۾ آزادي

[238]. ڇڏيو

[239]. ڏوريندڙ، طالب.

[240]. اُٺ

[241]. جهوپڙي

[242]. تو کان

[243]. وصل، گڏجاڻي

[244]. ڦٽي، زخمي ڪئي.

[245]. اٺ

[246]. رڙيون ڪري ڦاٽو!

[247]. اڳتي، پري

[248]. ڪنڊيءَ جي وڻ جون سڱريون

[249]. اوهان تان، اوهان کان

[250]. ميار

[251]. ڌاريا

[252]. ڏينهن جو

[253]. ٻوٿاڙي، مهار

[254]. تائين

[255]. چوٽو، چوٽي، وارن جي مکيه چَڳَ، جنهن کي زنجير جياڻ وَڪَڙَ ڏبا آهن.

[256]. چوٽو، چوٽي، وارن يج مکيه چَڳَ، جنهن کي زنجير جياڻ وَڪَڙَ ڏبا آهن.

[257]. يادگيري، سار

[258]. نادان.

[259]. ور ڏيئي، ٻڌئي

[260]. اٺن جي بدران

[261]. ٻڙڌَ، ٻڙڌِيا (گجراتي) ڍڳا

[262]. چيريل کر

[263]. جوش ۾ اچي

[264]. جوان ڍڳن

[265]. سُئو، ٻڌو

[266]. اٺن ۽ بهدر جتن سان

[267]. ٿِي (لاڙي لهجي ۾)

[268]. ڳجهي صلاح

*. منهنجي قسمت نه ڦٽي.

[269]. هٿ وس.

[270]. سامان سڙو ٻڌيو

[271]. ڌُريان ئي، اصل کان ئي.

[272]. مصيبت پيلن

[273]. ڪريو

[274]. مددگار

[275]. جنهن صورت ۾ جنهن ڪري

[276]. تنهن صورت ۾، تنهن ڪري

[277]. ننڍا چڙا

[278]. دشالا، رات جو مٿو ويڙهي سمهڻ لاءِ ڪپڙو.

[279]. حِيلو ڪج، نظرداري ڪج

*. بلڪل ڪونه ترسندا

[280]. ويندا

[281]. وطن

[282]. رچي ويا، گڏجي ويا

[283]. چنبو

[284]. چئن نوڪن وارا

[285]. رفتار، لوڏ، موسم، وقت

[286]. خاموشي

[287]. جاڙ، ڏک ۾

[288]. اصل، بنهه

[289]. پوندو

[290]. نتيجو

[291]. وٽان

[292]. هينئر

[293]. ڀلجي پيس

[294]. دڙن

[295]. وک (تڪڙو)

[296]. تڪڙ ۾

[297]. آرام سان

[298]. اٺ جو گهه، اٺ بعضي ضد ڪري دڙها هڻي رستو ڇڏي ڏيندو آهي.

[299]. تي

[300]. رستو

[301]. دز

[302]. ماڻهو، ڀتار

[303]. تيز لڳ

[304]. ويس، ڍونگ، حرفت.

[305]. لهي

[306]. رستا

[307]. سويل، ساعت، اڳ ۾

[308]. پکين جي آکيري ۾ وڃڻ جي مهل، نماشام

[309]. جاءِ

[310]. دلبو.

*. جيڪا (اڳالهه) من ۾ هُين، سا پنهنجي (نيٺ) پوري ڪري ويا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com