سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :26

سُرُ ڪاموڏ

سر بابت:

ڪاموڏ، هڪ هندستاني راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪڙي آهي. هن کي سمپورن راڳڻي پڻ چوندا آهن. ڪاموڏ سنسڪرت لفظ ڪامودا جي بگڙيل صورت آهي ۽ معنيٰ اٿس؛ ڪام وهيڻي.

هن سر ۾ ڪوبه ڌاريون ڪلام نظر ڪونه ٿو اچي. هن سر جون پڙهڻيون عموماً، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون قائم رکيون ويون آهن.

آکاڻي:

هن سر جي مضمون جو مدار، ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جي قصي تي آهي، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

سمي گهراڻي جو هاڪارو حاڪم، ڄام تماچي ٺٽي ۾ حڪومت ڪندو هو. سندس حد ۾ هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪپ تي ڪيترائي مهاڻا رهندا هئا. اهي اڪثر ڪري ڪارا ۽ ڪوجها هوندا هئا، پر منجهن، نوريءَ نالي هڪڙي نينگر، نهايت حسين هوندي هئي.

هڪ لڱا، ڪينجهر ڍنڍ تي سير ڪندي، ڄام تماچيءَ جي نظر وڃي نوريءَ تي پيئي. هن جو نوراني نراڙ ۽ ناز ڀريا نيڻ ڏسي، ڄام جي من ۾ محبت جي ميخ لڳي ويئي؛ ترت ئي مهاڻن کان سڱ ڇڪيائين، مهاڻن جون ڏهه ئي گهه ۾ پيون؛ سو خوشيءَ سان قبول ڪيائون. پوءِ ته شاديءَ لاءِ منڊل منڊجي شادمانا ٿي ويا. نوريءَ سان ڏاڍا سنهنج ۽ سولايون ٿيون. مهاڻن تان محصول معاف ٿي ويو ۽ ڍنڍ امداد ٿي ملين. آخر ڄام نوريءَ کي نوازي، آڻي محلات ۾ راڻين سان راڻي ڪري رهايو.

ڄام جو، نوريءَ تي ايترو ته آر هوندو هو، جو ڪڏهن ويهي مورڇل مٿانئس هڻندو هو، ته ڪڏهن شيل شڪار لاءِ پاڻ سان ڪينجهر ڍنڍ تي وٺي ويندو هوس. چوندا آهن ته ڪر سهاڳڻ سا جڳ سهاڳڻ، سو سڀڪا پيئي فوريءَ اڳيان نمندي هئي. خود سميون به اچيو هن جو نياز ڪنديون هيون. انهيءَ اوج ۽ عزت هوندي به، نوريءَ جو من نه وڌيو. هٺ ۽ وڏائيءَ جو منجهس نالوئي ڪونه هو.

هڪ ڀيري، نوريءَ جي نئڙت ۽ نياز جي امتحان لهڻ لاءِ، ڄام سڀني راڻين کي سنيهو موڪليو ته، اڄ شام جو سهي سنڀري وهجو ته آءٌ، اوهان مان جنهن کي وڻندم، تنهن کي شيل شڪار لاءِ وٺي ويندس. نياپو سڻي، سڀئي سميون سينڌ سرمون ڪري سنڀري ويٺيون، به نوريءَ نڪو ڪيو هار، نڪو ڪيو سينگار، اُٽلو اباڻو وڳو ڪري ويهي رهي، ڄام حويليءَ ۾ آيو ته سڀڪنهن ٿي اوچو ڳاٽَ کڻي، ناز نخري سان کيس ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر ڄام کي نوريءَ جي نهٺائي وڻي سو کيس وٺي گهمائي آيو. شاهه سچ چيو آهي ته: ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.

 

روحاني راز:

شاهه، مختلف سرن ۾ ڄاڻايو آهي، ته سائين سٽاڻو سردار آهي، کيس شرڪ ڪونه وڻي؛

پاڻن ڌار پريان، ڪانڌ ڪنهنجو نه وڻي.

هي ماڻي جو ماڳ نه آهي. ڪنبي ڪتڻ گهرجي. چنيسر سان جيڪو چاڳ ڪندو، سو خطا کائيندو، ڇاڪاڻ جو:

ڪانڌ ڪهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ،

کائيندي سا گهاءُ، جا هوڏ ڪندي حبيب سين.

ساڳي هدايت ڏيندي، شاهه نوريءَ کي نئڙت ۽ نياز جي پتلي ڪري ٿو پيش ڪري ۽ ان مان سالڪ کي، سبق پرائڻ لاءِ تلقين ٿو ڪري.

پنهنجو حسب نسب ياد ڪري، نوريءَ کي هميشه اهو انديشو هوندو هو، ته متان اپار عيب ڏسي، ڪنهن وقت به محبوب مهر جو هٿ کڻي، دربدر ڪري ڇڏيم- انهيءَ اڊڪي ڪري، هوءَ سهاڳ تي بار بنهه ڪانه ڪندي هئي ۽ سدائين ٻانهون ٻڌي ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندي رهندي هئي. ساڳي طرح سالڪ کي به سائين کان هردم عاجزيءَ سان عنايت گهرڻ گهرجي. ڀلي ڀلاري جو ڪيڏو به کڻي ڪير لاڏلو ۽ دادلو هجي، ته به آزي نيازي ۽ نئڙت ۽ نياز ڪرڻ جڳائي.

هن سر ۾ شاهه اُلٽي طلب جو ذڪر دوباره ڇيڙيو آهي. سر مومل راڻي ۾، الله کي انسان جو طالب بنائي، ڄاڻايو اٿس ته:

تو جَنِين جِي تاتِ، تَنِ پُڻِ آهي تُنهنجِي.

وڌيڪ ڏسو روحاني راز سر مومل راڻي جو.

نوريءَ کي ڄام ڇو نوازيو؟ تنهن جو راز ٻڌائيندي، شاهه واضح  ڪري ٿو، ته نوري جي دل جو آئينو نهايت اوجل هو. مولانا روميءَ جو فرمودو آهي ته:

جنهن جي دل جو آئينو ڪٽ ۽ گندگيءَ کان صاف ٿيل آهي، سو حقاني سج جي سوجهري سان چڱيءَ ريت ڀرپور رهي ٿو.

اِنّ الله جَمِيلُ يِحّبَ الَجمَالَ، يعني خدا خود سهڻو ۽ سونهن تي عاشق آهي، هڪ حقيقت آهي. جنهن انسان جي اندر ۾ سونهن ۽ سوجهرو هوندو، تنهن کي ڌڻي ڳولي ڦولي پنهنجي وصل جو پيالو پياريندو.

سر ڪاموڏ

داستان پهريون

 

1

تُون سَمُون، آئُون گَندِري[1]، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ[2]،

پَسِي راڻِينِ رُوءِ[3]، مَتان ماڱرِ[4] مَٽِيين!

2

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون م عَيبَ اَپارَ،

پَسِي لِيءَ[5] لَغارَ[6]، متان ماڱرِ مَٽِيين!

3

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ[7]،

پَسِي کِکِي کوڙ[8]، مَتان ماڱرِ مَٽِيين!

 

4

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيهَه،

پسِي مِئَڪي[9] ڌِيءَ، مَتان ماڱرِ مَٽِيين!

5

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ،

هِنَ منهنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ،

ڪارَڻِ رَبّ اَلَکَ[10]، مَتان ماڱرِ مٽِيين!

6

تُون تَماچِي، تَڙَ- ڌَڻِي، آئُون مُهاڻِي مي[11]،

مُون ڏُهاڳُ مَ ڏي، آئُون جا نالي سُيَسِ تنهنجي.*

7

تُون تَماچِي تَڙَ- ڌَڻِي، آئُون گَندِرِي غَرِيبِ،

تو سين ڄامَ! قَرِيبِ[12]، ڪِي ڏَنُ[13] ڇَڏائِي ڏيجِ مُون.*

8

کاڄُ جَنِين جو کِکِيُون، مالَ جَنِين جا مَڏَ[14]،

سَمي سيئِي سيڻَ ڪِيا، هيڻَ[15] جَنِين جا هَڏَ،

ڄامَ پَرِتيَئيءِ لَڏَ،*** سانگِيَنِ[16] جي، سَيّدُ چي.

9

ڄارا[17] ۽ کارا، مالُ جَنِين جو مَڪُريُون[18]،

تماچِيءَ جي تَڪِيي[19]، اَچَنِ سَوارا[20]،

مِيءَ[21] مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِيا.

10

کِکِيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ[22] هاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿئي لَڄَ،

سَمُون ڄامُ سُهَڄَ[23]، اُڀو ڪَري اُنِ سين.

11

ڪارِيُون، ڪوجِهيُون، ڪُوَڙيُون[24]، مُورِ نه موچاريُون،

وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون،

اُنِين جُون آرِيُون[25]، سَمي رِيءَ ڪيرُ سَهي؟

 

12

ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ، ڇِيرِيُون، جَنِ جِي محَبَتَ مَڇِيءَ ساڻُ،

رَهَنِ، وِهَنِ سِرِ[26] ٻانڌِيين[27]، سَڀيئِي بَدِبُوءِ هاڻُ[28]،

لُڌِڙَنِ[29] جيئن، لَطِيفُ چي، پاڻِي وِجَهنِ پاڻُ،

تَنِ مَلاحَنِ[30] جو ماڻُ[31]، سَمي سِرِ ڪِيو پانهنجي.

13

گَندَ[32] جَنِ جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا[33] پوشاڪَ،

اُنِين جِيَ اوطاقَ، راجا رِيجهِي آئِيو.

14

گَندَ جَنِ جِيَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پينامُ[34]،

اُنِين کي اِنَعامُ، مَڃَرُ [35] مِڙوئِي ٿِيو.

15

گَندَ جَنِ جِيَ گوڏِ ۾، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون[36]،

اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون [37]، سَمي جي سَلامَ تي.

16

ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُهاڻان مَحرُومَ[38]،

نَنڍيءَ وَڏِيءَ گَندِرِيءَ، مٿي ماڙِيءَ ڌُومَ[39]،

جي ڪِينجَهرِ، جي رُومَ[40]، سي سَڀِ اِنعامِي ٿيا.*

17

نَه وَڍي، نَه وِڪڻي، نه ماري، نه ڌاري،[41]

کارو وِڌائين کُوهَه ۾، نِرِتُؤن[42] نِهاري،

سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.**

18

نَ وَڍِي، نَه وِڪِڻي، نَه کَڻي ۾ کاري،

اُهِجَ[43]، سُهِجَ[44]، ساهِمِيُون، ڌُرِيان[45] نَه ڌاري،

سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.

19

پاٻوڙو پيشِ ڪِيو[46]، نَئُون نُورِيءَ نيئِي،

حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون[47]، سَمِيُون سَڀِيئِي،

نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندِرِي.

20

مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ، نَه گاءُ،

نيڻَنِ سين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ[48]،

سَمُون سَڀَنِ مُلاءُ،*** هيرِيائِين حِرفَتَ[49] سين.

21

نورِيءَ جي نِيارَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ[50] هوءِ،

سَمُون سِرُ سَڀَنِ ۾،* مي مُورَڇِيو[51] سوءِ،

اَچيو اُڀِيَنِ پوءِ[52]،+ حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.**

22

مي مَڇِيءَ ۾ هَٿَڙا، ويٺِي ڪَري ڪَرَنَ،

راءَ اَڳِهين[53] رَکِيِي، مُهاڻِي مُنجِهه مَنَ،

تَماچِيءَ جي تَنَ ڳالهيون چَيُسِ ڳُجِهيون.

23

هَٿين، پيرين، آرِکَڻين [54]، مُنهُن نَه مُهاڻِي.

جيئن سَڳو وِچِ سُرُندَڙي، تيئن راڻِينِ ۾ راڻِي،

اَصلِ هُئِي اُنَ کي، اَهلَ[55] ڄاماڻِي،

سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو[56] ٻَڌُسِ ٻانهن ۾.***

24

تِهَڙو ڪينجهر ۾ ڪِينَ ٻِيو، جِهَڙي سونهن سَندِياسِ،

مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ،

مُرِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تَماچِي تي[57] هَڻي.

25

تَڙُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، تَماچِي تَڙَ- راءُ،

تَماچِيءَ جي تَڪيي[58]، تُون تَماچِيءَ ڳاءِ[59]،

تَه تُون تَماچِياءِ[60]، تَماچِي تَڙِ لَهين.*

26

کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومَرِيُون! جي اَچَنِ اُونچي ڳاٽِ،

وَرُ سي ڪينجُهرَ ڄائِيُون، جَنِ تَماچِيَ جِي تاتِ،

راڻِنِ مُلا[61] راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.

 

وائي

هِيري[62] هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾،

نَوازَشِ نُورِيءَ جِي، آهي تَماچِيَ تائِين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

گَندَگِيءَ گوشو ڪيو، عطر اوتَ[63] اوتيائين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

انڌا منڊا آئِيا، سَخا سَڏُ[64] وِڌائِين،

ويهي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

انڌا منڊا آئيا، سَخا سَڏُ[65] وِڌائِين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

پَسو جُودُ[66] جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونَه مَٽِيائِين[67]،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

قِيمَتَ[68]، ڪَميڻَنِ سين، جِهڙي وَٽَ[69] وَٽِيائِين[70]،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

پَسو جو پَيدا ٿِيو، جوهَرِي جيائِين[71]،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

موتِي مَڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جيئن ڪَڍِيائِين*،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

ماڻِڪَ مِياڻِين ۾، ڇِلُرَنِ جيئن ڇَٽِيائين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

ڏيئِي سونُ سُوالَ[72] ۾، رُپي راندِ ڪِيائِين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

پاڻِيَٺَ[73] آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

فيروزا[74] فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀِ گهورِيائين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.

اُتي عَبدُاللّطِيفُ چي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين،

ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾.


 

 

داستان ٻيو

 

1

سِرُ سَلابَتَ[75] سُپِرِين، مَرَڪَڻَ![76] تُون مَ مَريجِ،

آهِيين ٺارُ اکين جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،

تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏينهن، ڪينجَهرَ ڪَنڌِيين.

2

ڪو ڏينهن ڪِينجَهرَ ڪَنڌِيين، تُون، تَماچي! تَڳُ،

اُونچو ٿِيومِ اَڳُ[77]، مُون ڪَرُ، مَلاحَنِ ۾.

3

هيٺِ جَرُ، مَٿِي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ،

ڪوڙيين ڪاڄَ سِڌامِ[78]، اَڻَ سِڌو ڪونَه رَهيو.

4

هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَه[79]،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جِي ساءَ[80]،

لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجُهرُ هِندورو ٿِئي.

5

هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤنرَ[81] تَرَنِ،

وَرِئي واهُوندَنِ،* ڪينجُهرُ کَٿورِي ٿيئي.

6

سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون،

ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي[82] ڄَٻيرنِ[83] وِچَ ۾.

7

ميءِ هَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،

سَڄو ڏينهن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهه هُئو.

8

نَورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تماچِي[84] تي[85]،

گاڏي چاڙهي گَندِرِي، ماڙهُو ڪِيو[86] مي،

ڪِينجُهرِ چُوندا[87] ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَهڙي.

9

ڄامان[88] اَڳي جي ڄائِيُون،* تَنِ جيي نِرتِ نُورِيءَ کي ناهِه،

نَه مَنهَه[89] نه مارِڪي[90] نه وَڃَنِ ڪنهن وِهانءِ[91]،

سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاهِه[92]، جَنِ تَماچِي تَڪِيو[93].

10

نَه ڪنهن ڄايو ڄامَ کي،** نه ڪو ڄامَ وِياءُ[94]،

نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِرِيءَ، سَڀَنِ آهِه سياءُ[95]،

لَم يَلِد وَلَم يُولَد[96]، اِيءُ نِجابَتَ[97] نِياءُ[98]،

ڪِبرُ[99] ڪِبرِياءُ[100]، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.***

 

11

پَکنِ پوءِ پَچارَ، اَڄُ تَماچِي آئِيو،

مَرِڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيءَ[101] ٻارَ،

وَڏِي ڄامَ ڄَمار، جنهن مِياڻِيُون موکِيُون[102].

12

پکا پکارِيو[103]، ڄامُ تَماچِي آئِيو،

گوندَرَ لاهيو، گَندِرِيُون! آتَڻ اُجارِيو،

ڪِينجهرُ قَرارِيو، سَمي سامَ[104] بَخشِئِي.

13

ڪو جو ڪامَڻُ[105] مي، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،

تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون[106] پايو ني[107]،

عِشقُ ايئن ڪَري، جيئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي[108] ڪِيو.


 

وائي

تنهن کي ڪيرُ چَوندو مي، اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمَنگِي[109].

سَمي جي سُهاڳَ جو، مِينڊو[110] ڳُتو[111] مي،*

اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمَنگِي.

جَن وِيهَڻُ نه ڏِنِ وَٽِ ۾[112]، ٿِيا سَلامِي سي،

اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمَنگِي.

عالَمُ اِنعامِي[113] ڪِيو، نُورِيءَ نازُ ڪَري،

اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمَنگِي.


 

 

 

سُرُ گهاتو

 

سُرَ بابت:

هن نالي سان ڪابه هندستان راڳڻي ڪانهي. هن سر تي مضمون موافق نالو رکيو ويو آهي. گهاتو لفظ جي معنيٰ آهي ماري يا شڪاري. هن سر ۾، مَچَ مارڻ جو ذڪر ڪيل آهي، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس.

هن سر ۾ پڙهڻيون عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون اختيار ڪيون ويون آهن.

 

آکاڻي:

اوڀائي نالي مهاڻي کي ست پٽ هوندا هئا. انهن مان هڪڙو پٽ مورڙو البت ڇوٽڙو ۽ منڊڙو هوندو هو. ٻيا ڇهه ئي ڀائر پهلوان هوندا هئا. هو مڇي مارڻ لاءِ ويندا هئا ۽ جسم جي جڏي ڀاءُ کي گهر جي سُڌسماءَ ۽ سنڀال لاءِ پٺيان ڇڏي ويندا هئا.

دودائي، ٻروچن مان هڪ مائي، جنهن جو نالو ڪلاچي هو، تنهن پنهنجي وڳر سان سمنڊ جي ويجهو اچي ڳوٺ ٻڌو هو. انهيءَ ڳوٺ تي مائيءَ جو نالو پيو. اهو ساڳيو ڳوٺڙو وڌي، هاڻي ڪراچي جو وڏو شهر ٿي پيو آهي. انهيءَ ڳوٺ تي مائيءَ جو نالو پيو. اهو ساڳيو ڳوٺڙو وڌي، هاڻي ڪراچي جو وڏو شهر ٿي پيو آهي. انهيءَ کان ٿورو پري، يعني هاڻوڪي ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾، ڪلاچيءَ جو اونهون ڪُن هوندو هو، جنهن ۾ عوراب غرق ٿي ويندا هئا. انهيءَ کان سواءِ منجهس هڪ مانگرمڇ پڻ رهندو هو، جنهن کي جيڪي ور چڙهندو هو، تنهن کي نهوڙي نيندو هو. اتفاقاً هڪ ڀيري مورڙي جا ڀائر اچي، انهيءَ ڪن وٽان نڪتا. اتي جي ملاحن گهڻوئي سمجهاين ته ڪن ۾ قهر لڳو پيو آهي، پر هي يار ڪٿي ٿا مڙن. اڃا رڇ وجهي اڳتي وڌيائي ڪين، ته ڪن ڀريون پائي، آڻي اونهي ۾ هنين، ٻيڙي غرق ٿي ويئي ۽ هي مانگرمڇ جو لقمو ٿي ويا.

گهر ورڻ جي ويل ويئي، ته مائٽن کي اچي آنڌمانڌ ٿي. مورڙو ڳولا ۾ نڪتو. واردات تان حقيقتون حاصل ڪري، موٽي ماڳ تي آيو. مٽن مائٽن، بدلي وٺڻ جون صلاحون ۽ رٿائون ڪيون. آخر هڪ لوهي پڃرو تيار ڪرايائون، پڃري جي اردگرد ڪيترا تکا ڪيل ۽ ڪلا هئا. هرهڪ ڪلي ۾ رسو ٻڌل هو. اهو سارو ساز ۽ سامان کڻي، هو ڪراچيءَ جي ڪن ڏانهن ويا.

مورڙو پڃري ۾ ٿي ويٺو ۽ همراهَن کي چيائين، ته هاڻي پڃرو ڪن ۾ ڪيرايو، جڏهن رسا لڏندا ڏسو. تڏهن ڇڪي ٻاهر ڪڍجو. پڃري کي ڏسي، مانگرمڇ منهن کولي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيل ڄاڙيءَ ۾ اڪري ويس. مڇ وٺجي وين. مورڙي وٺي رسا لوڏيا ۽ مهاڻن وٺي ڇڪيو. سڪيءَ تي پهچڻ سان، مهاڻن مانگرمڇ ماري مورڙي کي پڃري مان صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو. مورڙي مڇ جو پيٽ چيري، ڀائرن جا ڪرنگها ڪڍي، آڻي ڪراچيءَ جي اتر- اولهه طرف جبل جي پاڙ وٽ دفن ڪيا ۽ پاڻ مقام جو مجاور ٿي ويٺو.

مورڙو، هو ڇوٽڙو پر هو سو عقل جو اڪابر. شيخ سعديءَ به گلستان ۾ ڇوٽڙي شهزادي جي هڪ آکاڻي ڏئي ثابت ڪيو آهي ته:

گهوڙو تازي هجي ضعيف ڀلي، ته به سو گڏهن جي ڪڙه کان بهتر آهي.

روحاني راز:

سڀيئي صوفي، نفس کي نهوڙي نيڻ تي خاص زور ڏيندا آهن. شاهه به سڀني سرن ۾ نجس نفس کي ناس ڪرڻ لاءِ ورجائي ورجائي پئي تلقين ڪئي آهي. هن سر ۾ ته نفس کي مانگرمڇ سان مشابهت ڏئي، بري تي بڇ ڪرڻ جي خاص هدايت ڪئي اٿس. جيئن ڪلاچيءَ جي ڪن واري مانگرمڇ مارڻ لاءِ معمولي اوزارن مان ڪين وريو ۽ مورڙي جهڙي مانجهي مڙس خاص اوزار استعمال ڪيو هو، تيئن سالڪ کي به گهرجي، ته فقط روزن ۽ نمازن تي اڪتفاءِ نه ڪري، پر او ڪو ٻيو فهم ڳولي لهي جنهن سان پرينءَ کي پسجي. هن کي موذيءَ ۾ ملعون مارڻ لاءِ زبردست مجاهدن ۽ رياضتن جو ضرور آهي.

هن سر ۾ شاهه ڄاڻائي ٿو، ته دنيا مهراڻ ۽ انسان ڪن جي مثل آهي، جيئن ڪن ۾ ڪئين بي بها خزانا پيا آهن: تيئن انسان جي اندر ۾ به ڪئين روحاني خزانا موجود آهن. انهن خزانن جي چؤگرد، هڪ هيبتناڪ مانگرمڇ وات ڦاڙيو ويٺو آهي. جنهن کي اهي روحآني املهه ماڻڪ هٿ ڪرڻا هجن، سو هن سٽاڻي سيسار سان مقابلي لاءِ تيار ٿئي. معمولي ماڻهن کي هيءُ مانگرمڇ ڳڙڪايو وڃي ۽ رواجي اوزارن سان به مات ٿيڻ جو ناهي، تنهنڪري سالڪ کي گهرجي ته خاص اوزار استعمال ڪري. سمجهه ۽ سياڻپ کان ڪم وٺي، وڃي مورڙي وانگر منزل مقصود تي پهچي ۽ ابدي آرام حاصل ڪري.


 

 

سر گهاتو

 

داستان پهريون

 

1

گَهنگَهرِيا[114] گَهڻَ- ڄاڻُ[115] مُوڙهِي مَتِ مَهائِيين[116]،

وِيا گڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهن مهراڻُ[117]،

اَڳِيان پويان ٽاڻَ[118]، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.

2

ماڪَ ڀڄايَنِ مولِهيا[119]، مَٿان راتِ پَئِي،

اولِيُون[120] اُجَهڻَ[121] لَڳِيُون، وِيا وَنجَهه[122] وَهِي،

ڪَلاچِيان[123] ڪَهِي، ڪَڏِهن ڪونَه آئِيو.

 

3

ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گِهڙي سو نِئي،

خَبَر ڪونَ ڏِئي، تَه رَڇَ ڪُڄاڙي[124] رَنڊِيا[125]؟

4

ڪالَهه ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون[126] کَڻِي ڇُڳيرَ[127]،

ڀائَرِن ڀيرو نَه ڪِيو*، اَدَنِ ڪِي اَويرَ[128]،

اِهَڙِي خاصِي کيرُ[129]، ڪُنَ وَرائي جَهلِيي.

5

تَرِيُون[130] پَسان نَه تار ۾، جُهڳا[131] جاءِ نَه ڪَن،*

مادَرِ! مَلاحَنِ، ماڳِ نَه ڍويا مَڪُڙا[132].

6

ڏِيهاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتَرا، جَنِين مَاريو[133] موڪَ[134]،

گَهرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ[135] جا، ٿا مارِينِمِ ٿوڪَ[136]،

لَڏي وِچان لوڪَ، اُونِهي وِيا اوهَرِي[137].

7

ڪالَ ڪَلاچِيءَ وِيا، گهاتُو ڪَري گُهورَ،

مادَرِ! مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَهان سُورَ،

مون کي ڪَري مَلُورَ[138]، اُونِهي وِيا اوهَرِي.

8

اُڀِي اوسِڙان[139] اُسَ ۾، جَهِليو ڪُنَ ڪِنارَ،

گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا، وَڏِي لَڳِيَنِ وارَ[140]،

هُيَسِ جَنِين هارَ[141]، سي موڙي چَڙهِيا مَڪُڙا.

9

کِلِي جان کِينڪارِيان[142]، تان ساٽِي[143] سَڱُ نَه ڪَنِ[144]،

وارِيو وَهِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀاڳِينِ سامهان.**

 

10

جِتي گهورِيو[145] گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ[146]،

سَهَسين ساٽِي مُٺَ[147]، سَرُ[148] سُڪو، سُونگِي[149] گَيا[150].

11

نَه ڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ[151]،

جِتي ڏَنڀَرِيَنِ[152] جِي، اَڳِي هُئِي اُگَهٽَ[153]،

سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.

12

مُون اُڌارِيا مَڇَڙا[154]، اَللهَ! گهاتُو آڻِ،

مِيان! مُدارَنِ[155] سين، مون کي، قادِرَ وِجُهه مَ ڪاڻِ،

هَٺَ [156] منهنجي هاڻِ، قَدُرَ لَڌو جَنِ ري*.

13

اوري هُئا ته آئِيا، جيڪُس[157] وِيا پَري،

ساٽِي سَڏَ ڪَري، ماڳَ نِهاري موٽِيا.

14

 اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيءَ پَرِ[158] گهاتُوئَڙَنِ جِي،**

ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ[159]، سُکِ نَه سُتا ڪَڏِهِن.

15

گهورِيندي[160] گُهورِ پِيا، اَگهورُ[161] گهورِيائُون،

مَيڪَرُ[162] مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهن سَنَرا[163].

16

جن گِهڙندا گهاتُوئان، تان رَجَنِ ڏِهو[164] رَڱَ،

سَڳائِيُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِيءَ ڪيرُ ڪَري؟*

17

جيئن جُهڳا[165] پائِين جهولَ[166] ۾، اِئين نَه مَرَنِ مَڇَ،

سَٻَرَ[167] ڌارِ[168] سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون[169] رَڱِيُون رَڇَ،

هي ڇاڙون[170] ۽ ڇَڇَ[171]، اَڃا اوڙاهه اَڳانهُون ٿِيو.

 

وائي

جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا.

ڪاهي وَڃو، ناکُئا[172]! ڪَرِيو بُري[173] تي بَڇَ[174]،

گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا.

ڪاٿي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿي سَندَنِ رَڇَ،

گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا.

ڪُنَ ڪَڙَڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَ[175]،

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، سڀِ لَنگِهيندا ڇَڇَ،

گهاتُو گَهرِ نَه آئِيا.


 

 

 

سُر سورٺ

 

سر بابت:

هندستاني موسيقيءَ موجب، سورٺ هڪ راڳڻي آهي، جا ڀئرو راڳ جي ٽئين پٽ جي زال آهي. ڪاٺياواڙ کي اڳي سئوراشٽر (عمدو ملڪ يا عمدي ملڪ جي) ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ هيءَ راڳڻي اُتي عام جام ڳائي ويندي هئي، تنهن ڪري شايد اهو نالو پيو اٿس. سورٺ سئوراشٽر جي بگڙيل صورت ٿي ڏسجي.

هن سر ۾ پڙهڻيون، عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون اختيار ڪيون ويون آهن.

 

آکاڻي:

هن سر جو مضمون، راءِ ڏياچ ۽ سندس راڻيءَ سورٺ جي قصي تي ٻڌل آهي، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

ڪنهن زماني ۾ راءِ ڏياچ نالي هڪڙو راجا جهونا ڳڙهه تي راڄ ڪندو هو. سندس ڀيڻ کي ڪنهن فقير جي دعا سان پٽ ڄائو، پر هن اهو صندوق ۾ وجهي انهيءَ لاءِ لوڙهي ڇڏيو، جو فقير ٻڌايو هوس ته پٽهين راءِ ڏياچ جي سِسِي ڌڙ کان ڌار ڪندو. صندوق لڙهندي لڙهندي اَچي انيراءِ جي ملڪ مان نڪتي ۽ ڪنهن چارڻ جي هٿ اچي ويئي. چارڻ ٻار نپائي وڏو ڪيو ۽ مٿس نالو رکيائين ٻيجل. ٻيجل چنگ وڄائڻ ۾ اهڙو ته ماهر ٿي ويو، جو ماڻهو ۽ مرون سندس چنگ چورڻ تي مست ٿي ويندا هئا.

ٻيجل جي ڄمڻ وقت انيراءِ کي اٺين ڌيءَ ڄائي. هن ڪاوڙ وچان اها ڌيءَ صندوق ۾ بند ڪرائي لوڙهائي ڇڏي. اها صندوق راءِ ڏياچ جي راڄ ۾ رتني نالي ڪنڀر کي هٿ لڳي. هن ڇوڪريءَ تي سورٺ نالو رکيو ۽ پالي نپائي وڏي ڪيائينس. سورٺ جي حسن جي هاڪ ٻڌي انيراءِ رتني کان سڱ ڇڪيو. رتني شادي جي آڇ قبول ڪئي، پر جڏهن راءِ ڏياچ کي خبر پئي، تڏهن زوريءَ سورٺ کڻائي آڻي محل ۾ ورهايائين. پوءِ ته سورٺ راءِ ڏياچ سان ريجهي شادي ڪئي.

انيراءِ، پنهنجي نالي ٿيل ٻانهن جي ٻئي سان شادي پنهنجي هتڪ سمجهي. هو راءِ ڏياچ تي ڪٽڪ وٺي ڪاهي آيو. قلعو هو مضبوط ۽ کاڌ خوراڪ منجهس هو مئو، سو سال کن ته انيراءِ ٻاهر پئي جڪ ماريا: آخر پنهنجي وطن وڃي منادي ڦيرايائين، ته جيڪو راءِ ڏياچ جو سِرِ آڻي ڏيندو، تنهن کي ٿالهه اشرفين جو اڳواٽ ۽ اڌ راڄ ڀاڳ جو پوءِ ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال مڙس تي بانور ڪري، اهو اشرفين وارو ٿالهه وٺي رکيو. جڏهن ٻيجل کي پنهنجي ٻائڙيءَ جي ٻول جو پرو پيو، تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو پر قول پاڙڻ لاءِ جهونا ڳڙهه پنڌ پيو. چارڻ کي سڀ ڪنهن هنڌ وڇڻ جي آزادي هوندي هئي، سو هن کي ڪنهن ڪونه روڪيو. جهونا ڳڙهه ۾ وڃي هن سرندو سوريو، جنهن ٿي آلاپ ٻڌو، تنهن ٿي سندس ساراه ڪئي. راءِ ڏياچ، چارڻ کي چؤڏول ۾ چاڙهائي پاڻ وٽ رنگ محل ۾ گهرايو. راڳ ٻڌي چيائينس: ته گهر جيڪي گهرڻو هجيئي.

ٻيجل اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ويٺو وري تندون تنوارڻ. راءُ هيڪاري ريجهي پيو، تنهن وري به چيس، ته گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي. ٻيجل ورندي ڏني، ته آءٌ ڪو معمولي مڱڻهار ڪونه آهيان. مون وٽ مال ماع جي ڪا ڪمي ڪانهي. باقي جيڪي گهرڻو اٿم، سو جي گهرندس ۽ توهان نه ڏيندا ته مفت ۾ ڏٺا ٿيندا. راءِ ڏياچ وچن ڏنس ته جيڪي گهرندين، سو پائيندين. آخر ٻيجل سر جي سَئنَ (صدا) هنئين. اهڙي خسيس گهر!- هن هڏي مان ڇا هڙ حاصل ٿيندئي؟.

سورٺ کي جڏهن سڌ پيئي، تڏهن هنيون هارجي ويس. ٻيجل کي گهڻيون ئي آزيون نيزاريون ڪيائين، پر وريو ئي ڪين. نيٺ راءِ ڏياچ ڪپار ۾ ڪرٽ هنيو ۽ سِر ڏيئي سرهو ٿيو.

ٻيجل پوءِ سر سوڌو انيراءِ وٽ پهتو. هن چيس، ته ڪميڻا! تو اهڙي سخيءَ جو سر لاهي ڪلور ڪيو آهي. جوفي وچان اهڙي داتا مان به ڪين گٿين، سو اسان سان ڪهڙا پير کڻندين- هاڻي توکي ملڪ نيڪالي آهي: وري پنهنجو منحوس منهن اسان کي نه ڏيکارج.

ٻيجل واپس وريو ۽ انهيءَ باهه جي اوڙاهه ۾ ڌوڪي پيو، جنهن ۾ راءِ ڏياچ جو ڌڙ ٿي چکيا تي چاڙهيائون ۽ جنهن ۾ سورٺ پڻ پنهنجي ور سان ستي ٿي.

 

روحاني راز:

سر کنڀات ۾ شاهه انهيءَ سالڪ جو احوال ڏنو آهي، جو اڃا طريقت جي راه ۾ تازو گهڙو هجي ۽ جنهن کي نفس اماره تمام تنگ ڪيو هجي. هو جڏهن ان کي ڪرهو ڪري مٿس سوار ٿئي، ته نجس نفس کيس سنوت نه ڏئي ۽ لڪيو وڃو لاڻو کائي: يعني دنيوي نجاست يا عيش عشرت ڪري، هن سر ۾ شاهه هڪ اهڙي سالڪ جو ذڪر ٿو ڪري، جنهن نفس اماره تي قبضو ڪيو هجي ۽ کيس سورٺ جهڙو نَفسُ مُطمَئِنہُ هجي ۽ ٻيجل جهڙو ڪامل مرشد ملي.

هن سر ۾ راءِ ڏياچ اهو مرادوند مريد آهي، جو مرشد جي چوڻ تي، تن من ۽ ڌن سندس قدمن تان قربان ڪري ٿو، بلڪ سر ڏيڻ کان به گريز نٿو ڪري. نفس مطمئني جڏهن اماره نفس جي ذريعي مرشد کي مال متاع آڇي ٿو، ته هن کي سر ڏيڻ جي ماهيت معلوم نه هئڻ ڪري خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙو ويل وهايان ٿو. هو اڃا هئڻ جي مڪان ۾ هجڻ ڪري، اهو نٿو معلوم ڪري، ته مريد جو روح اصل ڏي تاڻي رهيو آهي. ٻيجل جي تندن مان الست بربکم قالو بليٰ جو آواز نڪري ٿو، ته ڏياچ جي ڏيل ۾ ٿرٿلو مچي ٿو ۽ هو مرشد ۾ محو ٿي لا الہ الا الله جي ڪاتيءَ سان ڪپار ۾ ڪرٽ وجهي فنا في الله ٿئي ٿو، يعني صفات کي فنا ڪري، ذات ۾ لئي ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ذات جڏهن ذات سان ملي هڪ ٿئي ٿي، تڏهن صفتون سڀ گم ٿيو وڃن ٿيون.

مرشد جي حڪم جي پيروي ڪرڻ جي حافظ هيٺين اکرن ۾ تلقين ڪري ٿو.

بمي سجاده رنگين کن، گرت پير مغان گويد،

که سالڪ بي خبر نبود ز راه و رسم منزلها.

يعني جيڪڏهن توکي مرشد نماز جي مصلي کي شراب سان تر ڪرڻ لاءِ ارشاد ڏئي، ته اکيون ٻوٽي ائين ڪر، ڇاڪاڻ ته مرشد کي طريقت جي رستي جون ڀئي راهون ۽ منزلون معلوم آهن.

مولانا رومي وري هيئن فرمائي ٿو ته:

نيم جان بستاند و صد جان دهد،

آنچه در وهمت نه مايد آن دهد.

يعني مرشد هيءَ اڌوري حياي وٺي، ان جي عيوض سئو حياتيون بخشي ٿو ۽ اهڙيون نعمتون عطا ڪري ٿو، جي تنهنجي خواب و خيال ۾ به نه اينديون.


 

 

سُر سورٺ

 

داستان پهريون

 

1

اَللهَ جِي آسَ ڪَري، هَليو هِئائِين[176]،

چارَڻَ[177] ٻَڌا چَنگَ[178] کي، جُهوڙا[179] ۽ جهائِين[180]،

ڏُئِلِي[181] راءَ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،

وِينَتِي[182] واحِدَ دَرِ، تنهن ويرَ ڪِيائِين:

سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهايين راڳَ سين.

2

پَرَديسان[183] پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هِتِ،

جاجِڪُ[184] اُڀو جِتِ، سِرَ جون صَدائُون[185] هَڻي.

3

پَرَديسان پَنڌُ ڪري، هَلي آئِيو هِيءُ،

مالُ نَه مَڱي[186] مَڱڻو، جاجِڪُ مَڱِي جيءُ،

وَڍِ، وَهِلو[187] ٿِيءُ، ساعَتَ صَبرُ نَه سَهان.

4

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هُون[188]،

اُونچو تُون عَرشَ تي، آن ڀُوڻو[189] مَٿي ڀُون[190]،

ڪيئن تُسَندين[191] تُون، هِيءُ سِرَ سُوالِي مَڱڻو.

5

پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ اَڳاهِينءَ[192] ماءِ[193]،

جي وِهاڻِي[194] ويرَمَ[195] ٿِيي، تَه مُون هيرَ ئِي[196] هَلاءِ،

سونهارا[197] سورَٺِ وَرَ! ڳالهه هِيئين سين لاءِ،

سو مَڱڻهارُ مَلهاءِ[198]، جو وِچان ويرِينِ آئِيو.

6

پَرَديسان پنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،

مَڱان ڪِهَڙِيَ مَتِ سين، نِسورو نادانُ،

سو ڪو ڏِيارِيين ڏانُ[199]، جو طَعَعَ کي تَرَڪُ ڪَري*.

7

سَردِيءَ سالِمُ[200] نَه رَهان، گَرمِيَ ٿِيان گُدازُ[201]،

اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، سائِلُ[202] هَڻِي سازُ،

رَبابِيءَ[203] کي رازُ[204]، خالِصُ[205] ڏيجِ خَلِيلَ[206] جو.**

8

سَردِيءَ سالِمُ نَه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪانَه،

اَمُنُ ڏيجِ اقمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِيا دانَ،

پانڊَپَ[207]! کائِي پانَ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ[208] تي.

9

تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا[209]! جاجِڪُ وَٺي جِيءُ،

ڪَنان نارُ حامِيہ [210]، هاڻِ بَچائِجِ هِيءُ،*

والِي[211] ڏِياريئِي[212] وِيءُ[213]، جِتِ آهِه جَنّاتُ عَدَنِ[214].

10

تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! هِهَڙو وَٺِي حال،

اونائيجِ عَلِيلَ[215] جو، سَٻاجها! سُوالُ،

اَڱڻ مٿي آنهِنجي [216]، ڪَهي[217] ڪِي قَوالُ[218]،

ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِهو[219] اُنَ کي.

11

تو دَر آيُسِ، راڄِيا! ٻِيا دَرَ ڪَري دُورِ،

سائِلُ ٿو سَئنَ[220] هَڻي، هَردَمِ آن حُضُورِ[221]،

ٻِيو نَه مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِهو اُنَ کي.

12

تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ[222]،

ڪَهان جو ڪَماچَ[223] سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،

جا مَڱَ منهنجي مَنِ، سا توکي مَعلُمُ[224] سَڀَڪا.

13

ٻيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُس تُنهنجي دَرِ،

سونهارا سوَرٺِ وَرَ! ڪا منهنجي ڪَرِ،*

ڀلا! ڀيري[225] ڀَرِ، پالهو[226] پاندُ پينارَ جو.

وائي

ڏِنو راءِ ڏِياچَ، هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدَقو.

ڇَڏي هَلِيو هِتَهِين،، راڻِيُون پنهنجا راڄَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدَقو.

اَگِهيو دَرِ اَللهَ جي، ڪوڙيين پُنَسِ ڪاڄَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدَقو.

مَڱِي وَتو مَڱڻي، ڪَهِي ساڻُ ڪُماچَ،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدَقو.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، ٿِيَسِ ڪَمَ سُڪاڄَ[227]،

هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدَقو.


 

داستان ٻيو

 

1

جاجِڪُ[228] جُهونا گَڙَهه ۾، ڪو عَطائِي[229] آيو،

تنهن ڪامِلَ[230] ڪَڍِي ڪِينَرو[231]، ويهِي وَڄايو،

شَهڙُ سَڄوئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو،

دايُون درِماندِيُون[232] ٿِيُون، ٻايُنِ[233] ٻاڏايو،

چارَڻَ ٿي چايو[234]، ته مارِي[235] آهي مَڱڻو.*

2

سارِي راتِ صاحِبَ کي[236]، ڳَڙَهَه[237] ڀَرِ ڳايائِين،

اُٺَسِ[238] ماڻِڪَ، مِينهن جيئن، هَٿَ نَه ڇُتائِين[239]،**

تي لائَقُ لَڌائِين، جيئن هو ميراثِي مَڱڻو.+

3

نِرتِي[240] تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي[241]،

راڄا رَتولَنِ[242] ۾، وَرنائِي[243] وائِي،

ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارِٽُ[244] ٻاجهائِي[245]،

راڄا راڳائِي، هَرِدوئِي[246] هيڪُ ٿِيا.***

4

نِرِتي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،

راڄا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،

رازُ ڪِيائين راءِ سين، ڪنهن موچارِيءَ مَهَلَ،

اَنا اَحمَدُ بِلَا مِيمِ[247]، سَينَ هَنئِي سائِل،*

ڪنهن ڪنهن پيئِي ڪَلَ، تَه هردوئِي هيڪُ ٿِيا.

5

ڪَنِي ڪَنِي[248] ماڙهين[249] پيئِي ڪَلَ ڪائِي،

رَسِيا جي رَمزَ کي، تَن پارسِي[250] پائِي[251]،+

اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنا سِره[252]، وَرَتِي اِيءَ وائِي،**

راڄا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.***

6

راڄا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،

جا هَنيائِين هَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا[253] بِينَ،

جِتِ اَچَنِ نَه اُرِدابيگِيون[254]، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ[255]،

تازِي[256] ڏِهوسِ[257] تَڪِڙو، جَوهَرَ پائي زِينَ،

ٻِيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران[258] سِرَ، سَيّدُ چي.

7

راڄا جو راضِي ٿِيو، تنهن ڏِنا وَڏا ڏانَ،

موٽِي ڪَارِيا[259] مَڱڻي، طَرَحَ[260] تُنبي[261] کي تانَ[262]،

مُون وَٽِ مالَ مَتاعَ جِي، ڪَمِي آهي ڪانَ،

ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍِي، سُلطانَ ڏي.

8

سِرَ جِي،* هُئائين[263] هَلِيو، چارَڻَ چِتائي،

سو مُوڙا[264] جَهلي نَه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،

تو دَرِ آيُسِ تي، جيئن تو ناهِه نَه سِکِيو.**

9

پائي پَٽَ ڪڻا، مُون تان مُوِرَ نَه مَڱِيو،***

تازِي طَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهرِ گهڻا،

هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي، آن[265] ڪا تَندُ هَڻان،

جا مَٿي تو مَڻِيا[266]، تنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو.[267]

10

جي مِيراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،

ڪِي ڪَهُه[268] منهنجي ڪَنِ، اِرتَ[269] مَنجهارا[270] اُنِ جي+.

11

ڪا جا ڳالهه ڳَري[271]، ٻِيجَلِيا! ٻُڌاءِ مُون،

پيٺين جيئن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،*

ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين[272] مَڱڻا؟

12

مَڱَ نَه جَهلِيان مُورِهين[273]، نَه مُون پنڌَ پَري،

ڳڻِي[274] آيُسِ ڳالهڙِي، ڳُجهِي تو ڳري[275]،

سا سَمُجِهجِ، سَورٺِ- وَرَ! وِيندُيسِ ڪِينَ وَري[276]،

پُرِيان[277] پيرَ ڀَري، تو لئي آئِيو آهِيان.

13

مَڱَ نَه تُسي[278] مَڱڻو، نَه مِلڪَ، نَه مالِ،

ڏاٺَنِئُون[279] ڏُورِ ٿِئي، ڪا جا ڳِنِس[280] ڳالِ،

آهي اِنَ خيالِ، تَه ڏيٺِي ٿِيان[281] ڏاتارَ سين.

14

سِرُ مَڱي، سِرُ گُهري، سِرَ رِيءَ ٿئي نَه صَلاحَ[282]،

غَرِيبَنِئُون[283] نَه گُذَري[284]، ٿو مارِي مِيرَ مَلاحَ[285]،

نايو[286] نَوابَنِ جا، سورِيو[287] ڪَڍي ساهَه،

خالِقَ سَنجِهه صُباحَ، ڪونَه ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.

15

موٽِي مَڱڻَهارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِهِين،

اَٺَئِي پَهَرَ اَجَلَ[288] جو، ڪُنڍو مَنجِهه ڪَپارَ،

جنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، هَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.*


 

وائي

تنهنجِي تَندُ تنوارَ، يارَ! مُون مَنُ موهِيو،

مَلهِي[289] آيين[290]، مَڱڻا! گَجِي[291] ۾ گِرنارَ،

يار! مُون مَنُ موهِيو.

سِرَ جِي صَدا ڇَڏِ تُون، ڏِيانءِ ڏيجَ[292] اَپارَ،

يار! مُون مَنُ موهِيو.

دانَ ڏِيانءِ دُهِرا[293]، هَزارين هَزارَ،

يار! مُون مَنُ موهِيو.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ چي، پَسان پِرِيَنِ پار،

يار! مُون مَنُ موهِيو.


 

 

داستان ٽيون

 

1

ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنيءَ[294] ويهِي ڀانَ[295]،

راڄا رَتولَنِ ۾، سيباڻو[296] سُلطانَ،

آءٌ مَٿانهُون، مَڱڻا! مِقابِلِ مَيدانَ،*

گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چي، تنهنجي قَدَمَنِ تان قُربان،

مَٿو هِيءُ، مِزمانَ! هَلِي آءٌ تَه هِتِ ڏيَئين.[297]

2

آءٌ مَٿانهُون، مَڱڻا! چَڙهِي ۾ چَوڏولَ[298]،

توکي گهوٽَ گُهرائِيو، راڄا مَنجِهه رَتولَ،

ٻِيجَلَ! تو سين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.

3

مَحَلين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،

سِرَ جِي صَدا سُرَ ۾، گُهورَ هَڻِي[299] گُهرندو،

مَٿي رِيءَ مَلُوڪَ[300] جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،

جُهونا ڳَڙُهه جُهرَندو، پُوندِي[301] جهانءِ[302] جَهروڪَ[303] ۾.

4

مَحَلين آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سِرِي[304]،

لَڳِي تَندُ تُنبيرَ[305] جِي، پيا ڪوٽَ ڪِرِي،

هَنڌِين ماڳِين هُوءَ[306] ٿِي، تنهنجِي ٻِيجَلَ! دانَهن ٻُري[307]،

جُهونا ڳَڙُهه جُهرِي، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.

5

ڏاتارَ ۽ مَڱڻي، ڪونَه وَسِيلو وِچِ،

سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،*

جي هُتي، جي هِتِ، تَه ڳالِهه مِڙيائِي هيڪَڙِي.

6

جاجِڪَ! تو جُهارُ[308]، ڏَهَه ڀيرا ڏِياچُ چي،

جنهن ۾ مالُ نَه مِرِيءَ[309] جيتَرو، تنهن تُون طَمَعدَارُ،

جي اَچيئِي ڪمِ ڪَپارُ، ته وِيهَه ڀيرا وڍي ڏِيَئين.

 

7

ٻيلي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهاريا،

چورِي رَکِيَمِ چِتَ ۾، ڏِسِيَنِ[310] جا ڏاتارَ،**

هِيءُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي[311] ڪنهن نَه ٻولِيو.

8

سو جِيءُ مَڱڻهَارَ، مَ هوءِ، جنهن تو مَٿي سِرَ سَٺو[312] ڪِيو،

جو مُون مُلِ[313] نَه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ،

تَه جُڳان جُڳِ[314] ڏِنوءِ[315]، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.*

9

مَٿو مَٿائِين[316] گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ،

سو مُون ٿِئي نَه هَٿاءِ، جنهن[317] تُون لائِقُ مڱڻا!

10

مَٿو مٿائِين گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ،

هَڏو[318] هِيءُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪُ! وَهِلو[319] جاءِ[320]،

تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ[321] واچا[322] ۾ وِلَهو[323] وَهين[324].

11

مَٿو مُورِ نَه پاڙِيان، تنهنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،

سِرَ ۾ سَڃَڻ[325] ناهِه ڪِي،** موٽُ مَ مَڱڻهارَ،

ڪِينهين[326] مَنجِهه ڪَپارَ، لَڄِيندو[327] ٿو لاهِيان.

12

سَؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان،

اُٽَلَ[328] اوڏاهِين[329] ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي،

سَکَڻُو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِه ڪِي.

13

مَٿي اُتي[330] منهنجي، جي هُئا سِرَن سَوَ هَزارَ،

ته تنهنجِيءَ تَندُ تنوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيُم هيڪَڙو.

14

مَٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ،

تَه وارِيو وارِيو[331] وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،

تَه پُڻِ تَندُ تنوارَ، مونهان[332] مَٿانهُون[333] مَڱڻا.

15

جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀُڪو ڏي،

ڪي ناهِه جِهَڙو ڏي، جو سَنَدَ[334] ٿِيئي سُوالِيين.*

16

ڏِيَڻُ گَهڻو ڏُهِلو[335]، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ،

سو تان ڏِياچَ! ڏُکُ[336]، جو تَعلُقُ[337] رَکي تَندُ سين.

17

جو تَعلُقُ رَکي تَندُ سين، سو ڪِي پَلئه پاءِ[338]،

مون کي مَ موٽاءِ، آنءُ اَڳاهُون آئِيو.

18

پَسِي پاٽُ پُرِ[339] ٿِيو، سَندو جادِمَ[340] جُودُ[341]،

مَڱَ[342] وِهاڻِيءَ[343] مَڱڻا! مَٿو هيرَ[344] مَوجُودُ،

بَلڪِ آهي بُودُ[345]، ناڪَسِيءَ[346]، نابُودَ ۾.**

19

چارَڻُ چَنگُ ڪلهي ڪَري، رَمِي رَهِيو[347] راتِ،

صَدا جِي، سَيّدُ چي، وائِي ڪِيائِين واتِ[348]،

ديهَه[349] ڏِنا تنهن ڏاتِ[350]، ميڙي مَڱّڻَهارَ کي.

20

چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي[351] پاتا،

صَدا جِي، سَيّدُ چي، وائِي ڪِيائِين واتا[352]،

تنهن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،

مَرَڪي مَرُ[353] ماتا[354]، رُوڙِي[355] راءَ ڏِياچَ جِي.

 

وائي

مَٿو ۾ کِينڪارَ، يارَ! ڏاڻَ ڏيندوسَئين*، مَڱڻا.

جاجِڪَ! جُهونا ڳَڙَهه ۾، هَلُ تَه ٿِيَهُون[356] يارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.

مَتان ڪا منهنجي ڪَرِين، گِلا جِي گُفتارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.

مَٿي اُتي منهنجِي، جي هُونِ سِرَ هَزارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.

هَرَ هَرَ وَڍِيان هيڪَڙو، تنهنجي تَندُ تنوارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.

لَڄِيندي ٿو لاهِيان، ڪِينهي مَنجِهه ڪَپارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، لَڳِيَسِ لَنءُ لِغارَ،

ڏاڻَ ڏيندوسَئين، مَڱڻا.


 

 

داستان چوٿون

 

1

رِيءَ[357] مَصِلحَتَ[358] مَڱڻا، قَصَرِ[359] ڪِينَ اَچَنِ،*

نُورَ تَجَلّو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِ،**

خيمي[360] ۾ کَنگهارَ[361] جي، چانڊُوڻا[362] چَمَڪَنِ،

لَڌائِين[363]، لَطِيفُ چي، سَندا ڏاڻَ[364] ڏِسِيَنِ[365]،

تيلانهن[366] مُلڪَ- ڌَڻِيَنِ[367]، مَڃِيو مَڱڻَهارَ کي.

2

مَرُ تَه آئين، مَڱڻا! مامَ[368] پَرُوڙِي مُون،

جيڪا ڳالهه ڳالهائِيين، سا سَڀَ سَمُجِهيسُون،

تنهن ۾ تُسِجِ[369] تُون، جيڪِي پوئِي[370] پَٽَ[371] ۾.

3

چارَڻَ! تنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهيم اِيءُ،

هَڻِين اُڀو هَٿَنِ سين، جيئرو رَکِيو جِيءُ،***

راتِ منهنجو رِيءُ[372]، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.

4

تانُ نَه آهي تَندُ جو*، رُون رُون ڪَري رازُ[373]،

هَڻَندَڙَ سندا هٿڙا، سَڀُڪو چُئي سازُ،

سَٽَ ڏيئِي[374] شَهِبازُ[375]، ٿِيءُ ته ٿوڪُ[376] پِرائِيين.

5

تَندُ تُمارِيءَ[377] تانُ، ڪَهِيو سو قَبُولُ پِيو،

سِرُ تَه آهي سَٽِ ۾، پَرَ ٻِيو ڪي مَڱِجِ دانُ،

خاڪِ، مِٽِي ڪا[378] بانُ[379]، ڪاٽِيا[380] پوءِ ڪُجُهه نَهِين.

6

چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، جو گُهريُئي سو گهورِيان،

گَهرُ، سَورَٺِ نَه پَڙي[381]، جي تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان،

ڳُجِهي آهيم ڳالِهڙي، آءُ اوري تان اورِيان،

ڪِ ڪُلَهِنئُون ڪورِيان، ڪ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَئين؟

7

چارَڻَ چَنگُ، ٻَنگُ[382] لَهِي، وَڄايو وَڏاڻُ[383]،

سِرَ جو هَڏِ آسانُ[384]، پَرَ مَڱڻهَارُ مَٿي وَهي.**

8

ڳُجُهه پنهنجي ڳُجَهه سين، رِندَ[385]! رَساڻي[386] لاءِ،

اَجَلُ اُڀو آهِه، پُٺِيءَ تو پلاڻِيو.

9

وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَهو، مَ ڪِي آءُ، مَ ڳاءُ،*

جاجِڪَ! تو مَٿاءُ، مُلڪُ مِڙوئي گهورِيان.

10

ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو[387]، ڪَنڌُ،

تنهن جِهو ئِي[388] ناهه ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪِيو پَنڌُ،

اِيءُ شُڪرُ اَلَحمدُ[389]، جيئن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا.

11

ڪَنجهي[390] ڪِيرَتِ[391] ڪِينَرو[392]، واڄو وِلاتِي[393]،

هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تنهن پارِسَ[394] پيراتِي،

ڏِسنديئِي[395] ڏياچ کي، ظاهر ٿيو ذاتِي[396]،

ڪڍي تنهن ڪاتي، وِڌو ڪَرٽُ[397] ڪَپارَ ۾.

12

گُلُ[398] ڇِنو گِرنَارَ جو، پَٽَڻِ[399] ٿِيو پٽِين،

سَهَسين سورَٺِ جِهَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ[400]،

چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيو ڏِينِ،**

نارِيُون[401] ناڏَ[402] ڪَرِينِ، راڄا راتِ رَمَگَيو[403]!

سُر ڪيڏارو

 

سر بابت:

ڪيڏارو معنيٰ جنگ جو ميدان. ڪيداري هڪ هندستاني راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي.

ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته ڪيڏاري سر جا بيت احسان فقير جا چيل آهن، جو شاهه جو هڪ همعصر هو. پنهنجي دعويٰ هن ڳالهه تي ثابت ڪرڻ گهرن ٿا، ته گهڻو ڪري سڀني بيتن ۾ احسان سين لفظ اچن ٿا، جي حقيقت ۾ اڳي احسان چوي هئا، پر پوءِ فقيرن بدلايا آهن. هي دليل ضعيف آهي. ڪابه بيروني ثابتي ڪانهي. اندروني ثابتي مان صاف ظاهر آهي، ته هي ڪلام شاهه جو آهي. احسان فقير وارا امامن بنسبت چيل بيت پڙهي، هتي ڏنل بيت پڙهبا، ته فرق نمايان ٿي پوندو. احسان فقير وارن بيتن ۾، اهي شاعراڻيون خوبيون ڪونهن، جيڪي هنن بيتن ۾ موجود آهن.

ڪي صاحب شايد شاهه کي صرف سني ثابت ڪرڻ جي خيال کان، سر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام ڪري نٿا مڃين. اها هنن جي تنگ دلي آهي. شاهه فرقي بازيءَ جي فتني کان گريز ڪندو هو. سني سادات هئڻ ڪري، امامن سان اهائي الفت هوندي هيس جيڪا هر ڪنهن سني کي آهي. ازانسواءِ هن سر ۾، شاهه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه چئي آهي، جنهن تي ڪو سنين کي اعتراض ٿي سگهي. هن سر ۾ شاهه پاڻ سنين جو نقطه نگاهه واضح ڪيو آهي ته امامن جي شهادت امر الاهي هو ۽ ازل کان لکيل هو؛ تنهن ڪري انهيءَ واقعي تي سينه زني ڪرڻ ۽ بازارن ۾ سرگس ڪڍي نمائشي واويلا ڪرڻ نه جڳائي. امامن جيڪا شهادت جي سختي ڏٺي، سا الاهي محبت جو هڪ اسرار هو. خدا دادلا دوست ڪهائي ٿو- تنهنڪري سورهين جيڪو شهادت جو درجو ماڻيو، تنهن تي اسان کي ارهو ٿي، روڄ راڙو ڪرڻ نه سنهائي. اسين جنهن کي شهادت جي سختي سڏيون ٿا، سا امامن واسطي ازلي آزمائش هئي. هنن خدا تعاليٰ جو فرمودو بجاءِ آندو. هنن في سبيل الله موت ماڻي ابدي حياتي حاصل ڪئي، ۽ ازلي واعدو، وفا ڪيو. اهو ته هڪ الاهي اسرار هو، جنهن جي حقيقت ۽ مام ڄاڻڻ وارا ئي پروڙي سگهندا. باقي جيڪي نقلي دلدليون ڪڍي، گهوڙا سينگاري، هوليءَ جي سانگ وانگر منڊل منڊي، مزا ۽ موجون ڪن ٿا، سي ته پاڻ امامن تي ٺٺوليون ڪن ٿا.

مضمون:

هن سر جو مضمون ڪربلا جي قضيي تي ٻڌل آهي، جنهن جو احوال مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

حضرت محمد ﷺ جن جي وفات بعد اهم سوال اٿيو، ته مسلمانن جو خليفو ڪنهن کي ڪجي. هاشمين جو خيال هو، ته حضرت عليءَ ڪرم الله وجه کي خليفو مقرر ڪجي، پر قريشين خلافت جو فيصلو، اجتماعي چونڊ تي ڇڏيو ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه خليفو منتخب ٿيو. مسلمانن ۾ انهيءَ ڪري تفرقو پيو ۽ قوم، سنين ۽ شيعن ۾ وراهجي ويئي. حضرت ابوبڪر رضه بعد حضرت عمر فاروق رضه، ان بعد حضرت عثمان رضه ۽ آخر ۾ حضرت عليءَ ڪرم الله وجهہ خلافت جو عهدو سنڀاليو. حضرت عليءَ کان پوءِ سندس وڏو فرزند، حضرت امام حسن خليفو چونڊيو ويو، پر هن شام جي حاڪم معاويه کي خلافت سونپي ۽ وڏا وظيفا وٺي، ڀاءُ امام حسين سميت، مديني ۾ اچي آرام سان زندگي بسر ڪرڻ لڳو. معاويه جي مرڻ تي سندس پٽ يزيد شام ۾ خلافت جون واڳون ورتون ۽ امام حشين ۽ عبدالله بن زبير کان بيعت ڪرائڻ لاءِ مديني جي امير کي لکي موڪليو. امام حسين ۽ عبدالله بن زبير راتو واه مدينو ڇڏي، عيالن سميت اٿي مڪي ڏي پنڌ پيا.

ڪوفين امام حسين کي خط لکيا، ته اسين تنهنجا تابعدار آهيون. ڪوفي ڏانهن اچو، ته يزيد خلاف جنگ جوٽيون. امام حشين خبرچار لهڻ لاءِ پنهنجي سوٽ امام مسلم کي ڪوفين ڏانهن موڪليو. امام مسلم ڪوفي ۾ پهتو، ته هزارن سندس هٿ تي اچي بيعت ڪئي. انهن ۾ جوش ڏسي، امام مسلم، امام حسين کي ڪوفي ڏانهن اچڻ لاءِ لکي موڪليو.

جڏهن يزيد کي ڪوفين جي بغاوت جي کڙڪ پئي، تڏهن نعمان کي برطرف ڪري، عيبدالله کي امير ڪري موڪليائين. عبدالله جي ڏاڍاين ۽ حرفتن ڪري، ڪوفي امام مسلم کان ڦِري ويا ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيائون، جنهن جي امام حسين کي مڪي ۾ ڪابه خبر نه پيئي.

امام مسلم جي لکڻ تي، امام حسين ڪوفي ڏانهن روانو ٿيو. محترم جي پهرين تاريخ، خميس جي ڏانهن سن 61 هجريءَ مطابق 670ع، بابل جي سرحد تي رسيو، جتي عبيدالله جي موڪليل هڪ سالار، حر، کيس اچي امام مسلم جي شهادت جي خبر ٻڌئي ۽ کيس نظربنديءَ جي حآلت ۾ ڪربلا جي ميدان ڏانهن وٺي ويو. هو محرم جي 3 تاريخ، فرات نديءَ جي ڪناري وٽ، ڪربلا جي ميدان ۾ اچي پهتا.

امام حسين مڪي موٽڻ لاءِ تيار هو. هو يزيد ڏانهن وڃي ساڻس روبرو ڳالهين ڪرڻ لاءِ به تيار هو؛ پر عبيدالله اجازت نه ڏني. اٽلو بيعت تي اصرار ڪري بيٺو. ناڪابندي ڪري پاڻي وغيره بند ڪرايائين. امام حسين سان فقط چاليهه پيادا ۽ ٻٽيهه سوار هئا. پوءِ حر، عبيدالله جي لشڪر کان ڇڄي، اچي امام سان ساٿي ٿيو.

شمر نالي سالار، محرم جي ڏهين تاريخ، وٺي تيرن جا وسڪارا مچارايا ۽ امامن جي خيمن کي ساڙڻ جو حڪم ڏنو، آخر ٻئي ڌريون لڙائي لاءِ تيار ٿيون. پوءِ ته ڪونڌر ڪسجڻ لڳا. هڪ ٻئي پٺيان امام جا عزيز شهيد ٿي ويا. آخر امام حسين مصري قبا پهري، مٿي تي پيغمبر ﷺ جن جي دستار مبارڪ رکي، ڪلهي تي حضرت حمزي واري ڍال ڍاري، چيلهه سان حضرت عليءَ واري ذوالفقار ٻڌي، ذوالجناح تي چڙهي، رڻ ڏي رخ رکيو ۽ ڪيترا ڪافر ڪيرائي، آخر جام شهادت پيتائين.

 

روحاني راز:

هن سر ۾ شاهه سچ جي راهه ۾ سور ۽ سختيون سهي، سر فدا ڪرڻ جو سبق امامن جي ڪربلا واري قبضيي مان پرائڻ جي تلقين ڪري ٿو. امامن دنيا تي دين ڪونه وڪيو. جيڪڏهن يزيد جي بيعت ڪن ها ته جيڪر وڏا وظيفا ۽ دنيوي سک ۽ سهنج حآصل ڪن ها. ائين ڪرڻ سان هنن کي هڪ طرف مان ۽ مرتبو ملي ها، ته ٻئي طرف سورن کان نجات. جيتوڻيڪ کين يقين هو ته يزيد سان پڄڻ محال آهي؛ ته به بي سروساماني جي حالت ۾ حق جي راهه کان نه مڙيا. نفس سان جنگ جوٽڻ، وڏو جهاد آهي، پر جبري حاڪم کي سڇ چوڻ انهيءَ کان به وڏو جهاد آهي. حق تي بيهي، اصولن کان نه مڙڻ، مانجهي مڙسن جو ڪم آهي. جهڙي تهڙي جي جاءِ ڪانهي. سچ چوڻ کڻي سولو هجي، پر ڪوڙي حاڪم کي حق چئي، پوءِ جيڪي سور سهڻا ٿا پون، تن جو اندازو فقط اهو ڪري سگهندو، جو انهي آزمائش مان گذريو هوندو. خود غرضي انسان کان الائجي ڇا ڇا ٿي ڪرائي. عهدي ۽ انعام جي لالچ، شمر کان هي شيطاني شغل ڪرايو. دنيوي حڪومت ۽ ان جي الفت يزيد کي اهلبيتن کان بيعت ڪراڻ لاءِ ڪيترائي خراب حڪم صادر ڪرايا.

سچ تان سر صدقي ڪندڙن جا مثال، دنيا جي تاريخ ۾ ٻيا به گهڻائي لڀندا، پر ڪربلا جي واقعي جهڙو رقت آميز حادثو مشڪل ملندو. حضرت عيسيٰ صليب تي سر ڏنو ۽ منصور سوريءَ تي پساهه ڇڏيو پر امامن جهڙي آزمائش ڪنهن سان ڪانه ٿي. هت ته هر هڪ، پاڻيءَ جي بوند لاءِ سڪي، بک ۾ پاه ٿي، سچ تان هر صدقي ڪيو. امام جيڪر اڪيلو شهيد ٿئي ها ته ٻين جهڙو ليکجي ها. شاباس آهي سندس اهل و اولاد کي جن مان هرهڪ ساڻس متفق ٿي بيٺو ۽ کانئس اڳ شهادت جو جام پيتو. هرهڪ عزيز، پٽ، ڀائٽي وغيره کي اکين اڳيان اجل جو شڪار ٿيندو ڏسي جيڪا مائٽ جي دل جي حالت ٿيندي، سا سمجهڻ يا محسوس ڪرڻ به سٿري ڪانهي.

صبر ڪري سور سهڻ؛ اصول تي اکين اڳيان اولاد ڪهائڻ، ننڍڙن ابهمن کيپاڻيءَ لاءِ پياسو تڙپي تڙپي ساه ڏيندو ڏسي، ثابت قدم بيهڻ، ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. محڪم ارادو ڪندڙ اصول جي پابندي ڪندڙ انسان، دنيا ۾ سختيون سهي ٿو، پر ابدي حياتيءَ جو مستحق ٿئي ٿو. شال ڪو دنيا خاطر دين برباد نه ڪري. شل ايمان تان هن دنيا جون سو حياتيون قربان ڪرڻ جي اسان کي قادر قوت ڏي!


 

 

سُر ڪيڏارو

 

داستان پهريون

 

1

ڏِٺو مُحَرمُ ماهُه[404]، سَنڪو[405]، شَهِزادَنِ[406]، ٿِيو*،

ڄاڻي هِڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون[407] جو ڪَري.

2

ڏِٺو مُحَرمُ ماهُه، سَنڪو شَهِزادَنِ ٿِيو،

مڪي، مَدِيني، ماڙهُوئين[408]، رُنو مَٿي راهَه،

تنهن واحِدَ کي واهَه[409]، جو حُڪُمَ هِهَڙائِي ڪَري.

3

مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نَه اِمامَ[410]،

مَدِيني جا ڄامَ+، مولا! مُون کي ميڙِيين!

 

4

مُحَرمُ موٽِي آئِيو، موٽِيا تان نَه اَمِيرَ،

مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ! مون ڏيکارِيين!

5

مِيرَ مَدِينِئان[411]، نِڪَرِي، ڏيرا[412]، ڏِنائُون+،

ڪاٺِيءَ، پاڻِيءَ، گاهَه کي ماڙهُو مُڪائُون،

چَڙهَندي[413]، چيائُون، تَه ٿيندي ويڙِهه وَڏاندَرِي[414].

6

مِيرَ مَدِينِئان نِڪَري، رِڙِهيا مَٿي رَندَ[415]،

گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِيا[416] مَٿي پَنڌَ،

جِتي رَهِيا راتَڙِي، سي سُونهارا هَنڌَ،

ڪُلَها، ڪَرِنگَهرَ، ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجهارَن[417] جا.*

7

مِيرَ مَدِينِئان نِڪَري، آئِيا نَه موٽِي،

ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!

آئون تَنِين لاءِ لُوٺِي[418]، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئِيا[419].

8

سَخِتي شَهادَتَ جِي، سُڻُ! شادِيءَ جو ڏينهن،**

ذَرو ناهِه يَزيدَ کي، نِسوروه ئِي نينهُن،+

مَرگُ[420] آهي مينهُن[421]، عَلِيءَ جي اولاد کي.

9

سَختِي شَهادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلهارُ[422]،

ذَرو ناهِه يَزِيدَ کي، اِي عِشقَ جو آثارُ[423]،

ڪُسَڻ جو قَرارُ[424]، اَصلِ اِمامَنِ سين.

10

سَختِي شَهادَتَ جي، مَلهارُ مِڙوئِي،

ذرَو ناهِه يَزيدَ کي، آثارُ اُهوئِي،*

ڪُسَڻُ هو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.

11

سَختِي شَهادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،

رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِئي[425] ڪَرِبَلا جو.

 

وائي

اَڄُ مِيرَ مَومِنَنِ جا، مَدِينو ڇَڏي هَلِيا،

مَدِينو ڇَڏي هَلِيا، سي مَدِينَئُون[426] لَڏي هَليا.

هَئي هَئي! مَدِينو ڇَڏي هَلِيا!

سِڄُ، چَنڊُ، مُصطَفيٰ ڏي، يَڪدِلِ گَڏي هَليا،

هَئي هَئي! مَدِينو ڇَڏي هَلِيا!

اَنڌارو ٿِيو، اُنِ ري، تارا لَڏي هَلِيا،

هَئي هَئي! مَدِينو ڇَڏي هَلِيا!

 

 

داستان ٻيو

 

1

چَنڊَ وِهاڻِيءَ[427] چَڙهِيا، مَلَ[428] مَدِينِئان مِيرَ،

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ،*

عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو[429] رُڪَ[430] سين.

2

چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان گهوٽَ،

اُنِ سين طَبَلَ بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪوٽَ[431]،

عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ[432]، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

3

چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان ڄام،

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، نيزا ۽ نِيشان[433]،

عَلِيءَ پُٽَ اَڀامَ[434]، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

 

4

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،

جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي[435] جوڙِيائُون،

مُنهن نَه موڙِيائُون، پَسيي تاءُ تَرارِ جو.

5

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهل- بَيتَ آيا،

ماري مِصرِيَنِ[436] سين، تَنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،

سَچُ ڪِ[437] بيبِي[438] ڄايا، هَهِڙا سُورِهيه سُپِرِين.

6

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيّدَ شيرَ،

ماري مِصرِيَنِ سين، ڍُونڍَ[439] ڪِيائُون ڍِيرَ،

دَهِليا[440] اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسَينَ جو.

7

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،

ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿَلِيا[441] آسمانَ،

ڪَرَههِ[442] هُئِي ڪانَ، هو نِظارو نِينهن جو.

 

8

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، پاڻَ آيا پِيهِي،

پَهُه ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِلِ[443] ويهِي،

قَضا[444] هِيءَ ڪيهِي، هَئي هَئي! ٿِي حُسينَ سين.

9

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،

ويهِي ويرِينِ[445] سامُهان، تِکا هَنيائُون تِيرَ،

هُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اِمامَنِ سين اَڳَهِين[446].

10

دوستَ ڪُهائي دادُلا[447]، مُحِبَ مارائي،

خاصَن خَلِيلَنِ[448] کي، سَختِيُون سَهائي،

اَللهُ اَلصّمَدُ[449] بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاهي،

اِنهييءَ مَنجِهه آهي، ڪا اُونِهيي ڳالِهه اِسرارَ[450] جِي.


 

وائي

واويلا! واويلا! مَلَڪَنِ[451] ڪِيو رِڻِ ماتامُ،

هَئي هَئي! شاهَه حُسَينَ سِڌاريو[452].

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،

جيڪا رَضا رَبّ جِي، لِکيو لوڙِيائُون،

هَئي هَئي! شاهَه حُسَينَ سِڌاريو.

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اڄ اَمِيرَ،

جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِيا، طَرَفَ سَندي تَقدِيرَ،

هَئي هَئي! شاهَه حُسَينَ سِڌاريو.

پَسِي سَخِتي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنو نَبِيّنِ زارون زار،

مَلَڪَ، فَلَڪَ[453]، ڌَرتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اوڇِنگارَ،

هَئي هَئي! شاهَه حُسَينَ سِڌاريو.

 

 

داستان ٽيون

 

1

ڏِٺو ڪالَهه ڪِنهين، جُهونجهارَڪو[454] جَهڳَڙو،*

هاٿِيَنِ[455] هَڏَ مُڇائِيا[456]، ريلو رَتَ نَئين[457]،

ڀانئِينِ[458] سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿِئي.**

2

ڪاري ڪَڪَرَ هيٺِ، مُون جهيڙِندا ڇَڏِيا،

ڪارا ڪُنَدَ هَٿَنِ ۾، اَڙَلَ[459] وَڇيرا[460] هِيٺِ،

ٿِي تَنِين سين ڏيٺ[461]، موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو.

3

آيا، اُجارِينِ تَنڪَ[462]، تَرارِيُون، تيئُرا[463]،

سانگِيُون[464] سائُنِ[465] هَٿَ ۾، ڪُلهنئُون[466] نه لاهِينِ،

اُڀائِي آهِينِ مُهائِي[467] مَرَڻَ تي.

4

هَڻَڻُ، هَڪَلَڻُ، ٻيلِي[468] سارَڻُ[469]، مانجِهيان[470] اِيءُ مَرَڪُ.

وِجَهنِ تان نَه فَرَقُ، رُڪَ وَهَندِيءَ راندِ[471] ۾.

5

بَهادُرَ گَڏِيا بَهادُرين، کَڙڳَ[472] کِلوِلِ[473] ڪَنِ،

وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، هاڪارِينِ[474] هَڻَنِ،

ڪِرَنِ، ڪَنڌَ نَچَنِ[475]، رڻُ گَجِيو[476]، راڙو ٿِيو.

6

هوڏانهن هُنِ هاڪارِيو، هيڏانهن هِي هَڻَنِ،

سُرِنايُون[477] ۽ سُنڌِڙا[478]، ٻِنهِي پارِ ٻُرَنِ[479]،

گهوٽَنِ ۽ گهوڙَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.

7

گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻ ٿورا ڏِينهڙا،

ڪَڏهن مَنجِهه ڪوٽَنِ، ڪَڏهن واهِي[480] رِڻَ جا.

8

گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِيُو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،

عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏَ ڪَري،

قَضا ڪيئن ٽَري، جيئن اَمُرُ اِلاهِي آئِيو.

9

جِهمَندِيُون[481] اَچَن، جهولِيُون[482] جُهونجهارن جون،

پايو ٻُڪَ ٻُهارَ[483] جا، اَن جون وَهُون[484] واڪَا ڪَنِ،

پِٽِينِ، پارَ ڪَڍَنِ، رِڻُ ڳَجيو، راڙو ٿِيو.

10

ڪانڌَ[485] ڪَلاڙين[486]، ڪَپِڙين، وَرَ! ونَاهِيو آءُ،

جِتِ سانگَينِ جِي سَٽِ وَهي،* اُتِ وِکَ وَڌَندي پاءِ،

تان تان ڀَئه مَ ڀاءِ[487]، جان جان لُونڌين[488] نَه چَڙهين.**

11

ڀَڳو، آئُون نَه چُئان، ماريو تَه وِسُهان،

ڪاندَ مُنهن ۾ ڌَڪَڙا، سِيڪيندِي سُونهان[489]،

تَه پُڻِ لَڄَ مَران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.

12

ڀَڄِي آئِيين، ڀَڄَڻا! لَڄايُئِي مُون، يار!

ويٺِيُون ڪَنِ ڪُوارَ[490]، مُنهن مَٿانهان جَنِ جا.

13

ڀَڄِي آئِيين، ڀَڄَڻا! لَڄايُئِي مُون سيڻ،

ويٺِيُون وِجَهنِ ويڻَ، مُنهن مٿانهان جَنِ جا.

14

مُنهن مٿانهان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پارَ،

جيڏِيُون! هِنَ جونجهارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪِيا.***


وائي

يا عَلِي عَلِي! سِرِ[491] يَتِيمَنِ جي آئي،*

آيو حُڪمُ اَللهَ جو، يا اِمامَ،

يا عَلِي عَلِي! سِرِ يَتِيمَنِ جي آئِي.

ٻَنِ وِڇوڙو مَوتَ جو، هَئي وو! هَئي! چارِئي پَهَرَ جُدائِي،

يا عَلِي عَلِي! سِرِ يَتِيمَنِ جي آئِي.

اَٿَرَ پَٿَرَ[492] ميڙي، سائِين، اَلا! بِيبِيءَ ديڳِ چَڙهائي[493]،

يا عَلِي عَلِي! سِرِ يَتِيمَنِ جي آئِي.

جَنِين ڪارَڻِ چاڙِهيائين، سي تان ڪَرِن[494] لَڙائِي،

يا عَلِي عَلِي! سِرِ يَتِيمَنِ جي آئِي.


 

داستان چوٿون

 

1

ڪا جا ڍُرِي[495] ڍُنگُرِي[496]، ڪو جو وَرِيو واءَ،

عَلِيءَ شيرَ وِياءَ[497]، رِڻَ ۾ پييَنِ راتَڙِي.

2

جهِرو لاهِه[498]، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سين،

سا نَه پَسَندِين[499] عِيدَ[500]، جا هوندِي مِيرَ حُسَينَ سين.

3

جَنِين جهيڙيو ڪَالَ[501]، عَلِيءَ جي اولادَ سين،

هَئي تَنِين جي حالَ، جي جَماتِي[502] يَزِيدَ جا.

4

جَنِين جهيڙِيو اَڄُ، عَليءَ جي اولادَ سين،

ڀَئِي[503]! تَنِين کان ڀَڄُ، جي جماتي يَزِيدَ جا.

 

5

ڪُوفِيَنَ قَهَرُ ڪِيو، ٿِيا جماتي يَزِيدَ جا،

پَلِيتَنِ کي پِڙَ ۾، وَرنَههُ[504] وَرِ پِيو[505]،

سَڌَرُ[506] هونِ سِهو[507]، شيرُ شَهادَتَ رَسِيو.

6

ڪُوفِيَنِ ڪاغَذُ لِکيو، وِچِ وِجِهي اَللهُ،

اَسِين تابِعَ تنهنجا، تُون اَسانهنجو[508] شاهُه،

هيڪَرَ هيڏي آءُ، تَه تَختُ تابيني[509] تنهنجي.

7

ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَه پِيارِينِ،

اُتي عَلِيءَ شاهَه کي، شَهِزادا سارِينِ،

نِڪَرِيو نِهارِينِ، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.

8

پِرِهَه پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي،

روضي پاسِ رَسُولَ جي، تنهن هَلِي هاڪَ[510] هنئِي،

ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي[511]، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.

 

9

پِرِهَه پَکِي آئِيو، صُبُحِ سَوارو،

روضي پاسِ رَسُولَ جي، هَنيائِين هاڪارو[512]،

مانجِهيَنِ ڪِيو مارو، چَڙهُه، مِيرَ مُحَمّدَ عَرَبِي.

10

پِرِهَه پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪالَ،

آهِه آلُودو[513] رَتَ سين، حَيرَتَ گَڏِيو حالَ،

گهوٽَ وِڻاهِيا[514] ڪالَ، ٻيلِي مِيرَ حُسَينَ جا.

11

ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهِزادَنِ جِي،

عالَمَ جا مَلُوڪَ[515]، رُڪَ روهي[516] جَهِليا.

وائي

سارو ڏينهن رِڻَ ۾، رَهِيا سي اِمامَ،

رِڻ ۾ رَهِيا سارو ڏينهن، رِڻَ ۾ رَهِيا،

هَئي هَئي! رِڻَ ۾ رَهِيا.

تُون جا وَڃين، ڪُونجَڙِي، هَئي هَئي ناني[517] ڏيجِ سَلامَ

هَئي هَئي! رِڻَ ۾ رَهِيا.

مون کي ويرِينِ ويڙهِيو، مولا! مينهن وَساءِ،

هَئي هَئي! رِڻَ ۾ رَهِيا.

 

داستان پنجون

 

1

حَسَنُ ناهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻيلِي نَه ٻاهُون[518]،

ساڻِيهُه[519] شَهزادَنِ جو، آهي اَڳاهُون[520]،

يَزِيدَ! جُلاهُون[521]، تيلانهن[522] ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.

2

ڪِلي[523] ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، هَئي جي حَسنُ هُئو،

ڀيڙو[524] ڀيڙو ڀاءُ تي، پَتَنگَ جيئن پِيو،

آهي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري هَلان مِيرَ حُسَينَ تان؟

3

ڪِلي ويرَ ڪَتَڪَ ۾، سائُو[525] سَڀِ نَه هُوِن،

پِڙَ تي سيئِي پون، موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو.*

4

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ[526] ۾، پاکَرَ[527] جو پائي،

اَڃا اُنُ کي جيئڻ جو، آ سانگو[528] آهي،

سُورِهيُه سو چائي[529]، جو رُڳو ئِي[530] رِڻِ گِهڙي.

5

سُورِهيه مرين سوڀَ کي، تَه دِلِ جا وَهَمَ وِسارِ،

هَڻُ ڀالا، وِڙهُه ڀاڪُرِين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،

مٿان تِيغَ[531] تَرارِ، مارِ تَه متارو ٿِيين.*

6

حُرّ[532] هَلِي آئِيو، مانجِهي مَردانو:

آهِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَرِوانو،

مانَ راضي ٿيئي رَسُولُ رَبّ جو، نَبِي تو نانو،

هِيُ سِرُ سَمانو[533]، گهوٽَ! مَٿانئِين گهورِيان.

7

هُئِي هدايَتَ حُرّ کي، اَزَلَ ۾ اَصلا[534]،

چَڙهِي آيو جَنگِ تي، هَلِي هُنَ پارا،

اِينديهي[535] چَيائِين اِمامَ کي: گهورِيُسِ آن مٿاءَ،

لَا يُڪَلّفُ اللهُ نَفساً اِلا وُسعَها[536]، جيڪا پُڄَندِيَم سا،

گهوٽَ پِه لَڳا گهاءَ، هِيءُ پِه[537] شيرُ شَهِيدُ ٿِيو.

8

پاوَنگُ[538] اُڀو پِڙَ ۾، هَڻِي هَزارِي[539] هولُ[540]،

جَوهَرَ[541] ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ[542]،

رَتورَت رَتولُ، مولِهيو[543] مِيرَ حُسَينَ جو.

9

ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙهُونءَ گُلَ جيئن،*

چوڏِهينءَ ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ[544]،**

ميڙي[545] ۾ مُحَمّد جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ[546]،

تنهن سُورِهَيه کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿِئي.

10

ڏاڙهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَه موتِيَنِ ڳُتِيا،***

چوڏهِين ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ[547]،

اَللهُ نُورُالسّمَاواتِ[548]، جَلوو زَمِيناسِ[549]،

سِيمَاهُم فِي وُجُوهِهِمِ[550]، مُونهن ۾ مَڻِ[551] ڳُتِياسِ[552]،

ڪَڪِرا ڪَربلا جا، مادَرِ ٿي مِيڙِياسِ،

ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِهياسِ،

مِڙَئِي[553] مَعافُ ڪِياسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ[554] جي.

11

ڪَربَلا ڪَڪورِي[555]، دُلدُلِ[556] رَتا پيرَ،

سَٽُون ڏِيندي[557] شيرَ، مَٿاءَ سِڄُ مُرڪيو.+

12

چارِ تَرارِيُون چيلهه سين، ٻَڌِي ٻَه پاڳُون[558]،*

اَڳِيَنَ[559] جُون آڳُون[560]، ڪَونرَ[561] ڪِيلي ۾ موکِيُون.

 

وائي

اَڄُ نَه آيو اِمامُ، واويلا! مومِنا! ماتُم! واويلا،

اَنُ نَه پاڻِي اُنِ کي، نه ڪو وُٺَڙُنِ مينهن،

مومِنا ماتامُ واويلا!

هُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، نَوَ راتِيُون، ڏَهَه ڏِينهن،

مومِنا ماتامُ واويلا!

دُلدُلِ گهوڙو شاهه جو، مَٿِسِ لالَ[562] پَلاڻِي[563]،

مومِنا ماتامُ واويلا!

شيرَ شَهِزادي لَڏِيو،** سِيّدَ سيڄَ نَه ماڻِي،

مومِنا ماتامُ واويلا!


داستان ڇهون

 

1

ڪَؤنر ڪِلي[564] جا ڪوڏِيا، جان ڪِي تائِين جِيءُ،***

مَٿاءَ اَڙِيَنِ[565] اُسَرِي، رُڪَ پِيالو[566] پِيءُ،+

ڳاهُه[567] ڳِجُهنِ جو ٿِيءُ، ويٺي[568] جَنِ وَرِهيه ٿِيا.

2

پاڪَ جَنِين جا پيرَ، کَٽان[569] هيٺِ نَه کوڙِيا،

تَنگَ[570] تَرارِيَنِ تِڇِئا[571]، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳيرَ[572]،

ڍُونڍَ[573] تَنِين جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيَنِ ڳَرِ لائِيا[574].

3

ڇَپَرِ جيئن پَهُون[575]، تيئن رِڻُ ڳِجُهنِ رانئِيو[576]،

وَنڪا[577] وَنڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِينِ ڊَهُون[578]،

مهايَنِ[579] وَهُون[580]، نِيرُ[581] مَهانگو[582] ڪَندِيُون.

4

ڳِجُهون ڳوٺِ نَه هُونِ، وَتَنِ ڪِلي ڪوڏِيُون،*

حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، لَمِيو[583] لائُون ڏِينِ[584]،

ڳُتا[585] اُکوڙِينِ، چوٽا چُوڙِيَئَرَنِ[586] جا.

5

ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو[587]، راتو ڏينهان رِڻَ ۾،

ڀُڻِيُون پُڇَنِ پاڻِ ۾، ڪنهن مُنهَن ڪيڏارو؟**

کائِنِ کَڳَمارو[588]، ڪانئِرُ پِيو ڪِنُو ٿِئي.

6

ڳائو[589] ڳِجَهه نَه کاءِ، مِهي[590] ماسَ نَه هيرَئِين،

تَنِين لاءِ واجهاءِ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾.

7

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳِجَهڙِي، تارا تان مَ کاءُ،

پِيو نَه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو[591] راءُ[592]،

جيري[593] جنهن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَؤُ نَوَ گهاءَ،

راتِ جنهن جي ماءُ، روئِي، پَرِنيو[594] رَبّ کي.

8

کَنڀَ کُسَنئِي ڳِجَهڙِي، لِڱيِن پويئِي واءُ[595]،

اَمِيرَنِ مَٿاءُ، جيئن تو ڦُلين[596] ڇائُون[597] نَه ڪِيُون.

9

ڳِجُهنِ ويٺِي ڳاڙِيا، ڏَنجها[598] ڏُکَ گَهڻا،

تَنگِي لٿِيَنِ تُوڻِ[599] جِي، سُورِهَيه ساماڻا،

ڪَندا راماڻا[600]، ڪَؤنَر ڪِلي جا ڪوڏِيا.

10

ڪُوپا[601] ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ[602] ڪِينَ رَهَنِ،

سائُنِ[603] سِرَ فِدا ڪِيا، اڳيان اِمامَنِ،

يُجاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللهِ[604]، ڪَمُ اِهو ئي ڪَنِ،

حُورُون هارَ ٻَڌَنِ، سِهَرا[605] شَهِيدَنِ کي.

11

ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، سائُو سِلحِدارَ[606]،

هِڪُ ڀائُرَ، ٻِيا ڀائِٽا[607]، ٽيا جانِي جِگِرَ يارَ،

اَرِڙَنِ[608] ۾ اِحسان سين، سوڀا[609] ٿِيا سَردارَ،

حُورُنِ ٻَڌا هارَ، سِهَرا شَهِيدَنِ کي.

12

جَنّتَ سَندِيَنِ جُوءِ[610]، فائِقَ[611] هَلِيا فِردَوسَ[612] ڏي،

فانِي ٿِيا في اللهَ[613] ۾، هُوءِ[614] ۾ پِيا هُوءِ[615]،

رَبَ! ڏيکارِيين رُوءِ[616]، اُنِين جِي اِحسانَ سين!

13

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جَهانَ،

اُڏاڻا اوڙِي[617] ڪَري، ڪارين پَکين ڪانَ،*

پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيّدَ سَڀِ مَلهائِيا.

14

حَسَنَ، مِيرَ حُسَينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ[618]،

گَهرِ ماڙهُوئين، جَهنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ[619] ۾ مَلَڪَنِ،

پَکِيَنِ پاڻُ پَڇاڙيو، تَه لَڏِيو هوتَ وَڃَنِ،

اَلا! شَهِزادَنِ، سوڀُون ڏئين، سَچا ڌَڻِي!

15

حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَه هِينئڙي[620] جارُ[621]،

خالقُ ربُ جبارُ[622]، ڪِينَ مَرهِيندو[623] تَنِ کي.

 

وائي

ماتامُ اِمامَنِ جو ڪَرِيو، ماتامُ شَهِيدَنِ جو ڪَريو،

ماتامُ اِمامَنِ جو ڪَرِيو.

روئِي روئِي اَکِيُون، رَتَ سين ڇو نَه ڀَرِيو،

ماتامُ اِمامَنِ جو ڪَرِيو.

جيڪِي اِمامَنِ سين ٿِيو، سو پاڻَ ڌَڻِي پَيدا ڪِيو،

ماتامُ اِمامَنِ جو ڪَرِيو.

  

سُر سارنگ

 

سر بابت:

سارنگ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا برساتي موسم، يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. چون ٿا، ته جيڪو هن سر کي پوري سر ۽ تال ۾ ڳائيندو، سو جهڙ لائيندو ۽ مينهن وسائيندو. عام طرح وس تي وڇڻ وقت ماڻهو هي بيت جهونگاريندا آهن.

هي سر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جي ٽن ڀاڱن ۾ درج ٿيل ڪونهي، شايد چوٿين ڀاڱي ۾ آڻي ها. ڊاڪٽر ٽرمپ توڻي سرڪاري ڇاپي موجب داستان پهرين ۾ صرف 15 بيت ڏنل آهن. ٻين ڇپيل توڻي قلمي نسخن مان ڇنڊڇاڻ ڪري ڪل 33 بيت ڏجن ٿا. اڃا به هڪ بيت داستان بئي ۾ مضمون جي مدنظر ٽپايو ويو آهي ۽ هڪ بيت ميون جو ۽ 3 بيت ٻين سگهڙن جا رد ڪيا ويا آهن. داستان 2 ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ عبدالله جي وائي ني آهي، جا پڻ ڪڍي ويئي آهي. رواجي نسخن جي داستان 3 مان ڪيسر، سمن، گنگوءَ، عنايت ۽ لکمير جا درج ٿيل 5 بيت ڌاريون ڪلام سمجهي خارج ڪيا ويا آهن، ۽ ٻيا بيت هٿ ڪري وڌا ويا آهن. داستان چوٿين مان هڪ ڪيسر جو، هڪ جوڻيجي جو، هڪ عيسيٰ جو، ٻه ٿانور جا ۽ 2 ٻين سگهڙن جا بيت رد ڪيا ويا آهن؛ تنهن هوندي به ٻيا بيت هٿ ڪري، جتي ٽرمپ ۽ سرڪاري ڇاپي ۾ 23 بيت آهن، اتي 20 بيت ڏنا آهن، ٽرمپ واري نسخي ۾ ڏنل بلند شاهه واري سرائڪي ٻوليءَ ۾ وائي رد ڪئي ويئي آهي.

مضمون:

1950ع واري شاهه جي ورسيءَ تي شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي ڪيل تقرير، سندس اجازت سان هيٺ ڏجي ٿي، جنهن ۾ صاحب موصوف نهايت خوش اسلوبيءَ سان سارنگ جي سر جي مضمون کي واضح ڪيو آهي:

شاهه سارنگ کي پنهنجو يار ٿو سڏي اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا. سانوڻ ۽ بهار، سال جي جوانيءَ جا ڏينهن آهن. مون جهڙا ڪتابن جا ڪيڙا ۽ گهر گهيتڙا به جوش ۾ اچي ويندا آهن. اڃا جهڙ جهاما ٿيو، رعد جي رڙ ٿي ۽ وڄڙين ور وڌا، ته حال في الحال ٽپڙ سيري ڇڏيندس. پير ۽ ٽنگون بي اختيار نچڻ لڳنديون ۽ وات مان سارنگ جي بيتن جي جهونگار نڪرندي. اهري وقت موڙهلن کي به مت اچيو وڃي ۽ اهي به قدرت جي موج مستيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري، ڪو وقت اونگهه ۾ اچي ويندا آهن.

ڏينهن ڏاڍا ٿيا آهن ۽ ڪانوَ جي اک پئي نڪري، هاڙهه لڳو پيو آهي، گاهه سڪي ويا آهن، وڻن جا پن پيلا پيا لڳن، پٽ تاساريل آهن، پري کان رڃ پئي جرڪي. ماڻهو، مرگهه، مينهون، سڀ سارنگ کي پيا سارين، آڙيون ابر جي آسري ۽ انتظار ۾ آهن، تاڙا تنواري رهيا آهن، سمنڊ جون سپون سڄ ڏي سڪ سان پيون نهارين- ساريءَ جوڙ ۾ آنڌ مانڌ آهي، ڏڪار پريان ڏيڪر پيو ڪري، ٿري بري ويلا ڪڍي رهيا آهن: باقي مالدار موذين جا ڀانڊا ڀريل آهن، کڳيون پيا هڻن، چي: ڄاڻ اسان جي انن جو اگهه ٿيو پر اجهو ٿو سندن سانڍيل ان گرڪي ٿئي. مطلب ته ساريءَ ڪائنات ۾ ٿرٿلو آهي.

اتي خدا جي رحمت جنبش ۾ اچي ٿي. اتر جي ڪنڊ کي ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي. لڳهن جي لالائي پسو- چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿين ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. سارنگ کي ساٺ ڪري، ڏِکِي چٽي رسيلا رنگ ڏيئي سيڄ تي چاڙهيو اٿن. اجهو مينهن ٽهه ٽهه ڪري پيو ٽمي. سڀڪو پنهنجي اجهي ڀيڙو اچي ٿيو آهي. مينهون ڀٽاريون به ڀڄنديون پنهنجي وٿاڻن تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي. ڪانئر ڪم کان ڇٽي پيا آهن. جتي ڪٿي ساز، سرندڙا، سارنگيون ۽ چنگ پيا وڄن، پر انهيءَ  آگم جو انگ اهڙو ناهي، جهڙو پرين جو پسڻ. مينهن ۽ نينهن ٻئي هڪڙي اکر آهن. ورهن جا وڇڙيل اچي مڙيا آهن. ڇو ته سيڻن کان سواءِ روح رچنديون ڪيئن ٿينديون؟

انهيءَ عالمگير خوشيءَ ۾ به اسان جي لاثاني شاعر جو خيال وڃيو غريبن تي پوي. چي: ويچارا هن وڏڦڙي ۾ ڪيئن ڪندا؟ هنن جا نجهرا هيڻا آهن؛ واءُ ۽ مينهن انهن کي وڌيڪ جهوري وجهندو. ويچارا ڪهڙي وهه ويندا، نه اوڇڻ اٿن نه آجڪو. ٻر ٻر حال واندين جا، جن جا جاني ور هميشه لاءِ جدا ٿي ويا آهن. شال سندن پکا نه پسن! ويچاريون گجگوڙ ٻڌي وسميو ٿيون وڃن ۽ ساهه سڪيو وڃينِ. شال! وارث مٿن اچي اولو ڪري ۽ سندن جهڳي کي جوکو نه رسي!

پر اهي منڊل ته مند تي وڳا آهن. مندائتن مينهن جي کنوڻ ڪا کوٽي ٿئي؟ ٿر بر وٺا آهن. تل ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون آهن. پلر جي پالوٽ سين پٽن پاه جهليا آهن. گسن تي گاهه ٿيا آهن. وڻ به ساوا چهچ پيا لڳن. اگوندري آب ڪري سانگين جا ساه وريا آهن. ڌنار ڌڻ ڪاهي ڇنا ڇڏي، سمر سنباهي، پٽن تي پکڙجي پيا آهن. هاري به ٻج کڻي هيج سان ٻنين ڏي هليا آهن ۽ هر سنباهيا، اٿن. ان ارزان ٿيو آهي. جن مهانگو ميڙيو هو، سي اڄ هٿ پيا هڻن. شل اهي ڏڪاريل موذي، جن کي پنجن مان پندرهن جو آسرو هو، سي ڏيهه مان مري کپي وڃن! سنگهارن ۾ سک ٿيو آهي. مينهون پاڻ مراديون ٿڌا گاهه پيون چرن، وڏي اوه سان ڦر پٺيءَ لائي آيون آهن ۽ سامهون سڄر کير پيون ڏين. مکڻ ماٽيءَ ۾ ڪُنَ پيو ڪري. شل اهڙي وقت پرين پاسارا نه ٿين.

نيٺ سارنگ ملڪ تان سوڙهه لاٿي ۽ ساندهه سهائو ٿيو. اهي وڄڙيون جي لال لبيس ڪري آيون، تن جي مهر فقط هن ملڪ سان ناهي! اهي ساري جهان جو سير ڪري، رسول ﷺ جن جي روضي پاڪ تي وسي، روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين ماچين ۽ گرنار کان گهمي ڦري ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تي پنهنجي ورکا ڪرڻ آيون آهن. اي سائين! شل سنڌ تي سڪار ڪرين ۽ سڀ عالم آباد ڪرين! شاهه جي همدردي سنڌ تائين محدود ناهي، بلڪ ساري جهان کي سميٽي پنهنجي دامن ۾ آڻي ٿي:

اکيون ميگهه ملهار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

اڪنڊيا جي ابر کي، سرها ٿيا سنگهار،

صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

موڪل ٿي مينهن کي، دوست هٿان دلدار،

صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

 

روحاني راز:

برسات کان اڳ زمين ۽ ملڪ جي حالت بلڪل ڏکي هوندي آهي، هر چيز جو ڏڪر هوندو آهي. برسات بعد گاهه، ڏڌ، مکڻ، اَنُ ۽ کير وغيره جام ٿيندو آهي ۽ هرڪو سکيو ستابو ٿي پوندو آهي. ساڳئي ريت اسلام کان اڳ عربستان جي حالت بلڪل خراب هئي؛ مگر اسلام کان پوءِ اتي جون حالتون ائين ڦريون، جيئن برسات کان پوءِ ملڪان ملڪ ڦرنديون آهن. اسلام جو لشڪر اسلام جي تبليغ ۽ قانون الاهي جي رائج ڪرڻ لاءِ ملڪن ۾ پکڙجي ويو ۽ پنهنجي رحمت جا ڪڪر ساري دنيا مٿان وسايا.

مڪي مٿان موٽيون، اٺيون تي عرفات،

روزي پاڪ رسول جي، رنگ ڪيائون رات،

وڄڙيون پرڀات، موٽي مصر آئيون.


سُر سارنگ

 

داستان پهريون

1

اَگَمِيو[624]، آهي لَڳَهَه[625]، پَسُ! لَطيفُ چي،

اُٺو مينهن وَڏَڦُڙو[626]، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،

ڇَنَ[627]، ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ[628] سَنباهي،

وِهو مَ لاهي، آسَرو اللهَ مان.

2

اَگمَ[629] ڪِيا اللهَ، لَڳَهَه پَسُ! لَطيفُ چي،

پَلَرَ[630] جي پالوٽَ[631] سين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَه[632]،

واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، مَٿي گَسَنِ گاهه،

سانگين[633]، وَرِيا ساهَه[634]، اُٺَنِ آبُ[635] اَگُوندِرو[636].

3

آگَمَ اِيئَن نه اَنگَ[637]، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،

سيڻَنِ رِيءَ، سِيّدُ چي، رُوحَ نَه رُچَنِ[638]، رَنگَ،

سَهَسِين ٿِيا سارنگَ[639]، جانِي آيو جُوءِ[640] ۾.

4

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلَبَ[641] قَرارُ،

وَهِلو[642]، وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ،

نِظارو نِرِوارُ[643]، پِيّ[644] پَسايو پانهنجو.

5

اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَڍَڙيون، اُتَرَ ڏي آهِينِ،

ڪَري آگَمَ آئِيُون، مُندَ نَه مَٽائِينِ،

مَٿان لوڪَ، لَطِيفُ چي، گُوندَرَ گَنوائِينِ[645]،

پَلَرَ[646] پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو[647].

6

اَڄُ پُڻِ پارَ[648] ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري[649]،

وَسايو واٽَڙَينِ تي، ٿو خالق کَنڊَ[650] ڀَري،

پاسارِيان[651] پَري، سانگَ[652] مَ وَڃَنِ سُپِرِين.

7

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، تاڙي[653] ڪِي تنوار[654]،

هارِين هَرَ سَنباهِيا، سَرها ٿِيا سَنگهارَ[655]،

اَڄُ پُڻ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ[656] ڪِيا.

8

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرِيُون ڪارِيُون،

وَسي ٿو وَڏَڦُڙو، ٽَهڪَنِ[657] ٿِيُون ٽارِيُون،

لَٿِيَن لُکّ، لَطِيفُ چي، ڍايُون تاسارِيُون[658]،

ڀِڇَندِيُون[659] ڀَٽارِيُون[660]، وَرِي وَٿاڻين[661] آئِيُون.

9

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي،

مندائِتي[662] مينهن جِي، کِنوِڻِ نَه کوٽِي،

آءٌ لالَنَ موٽِي، گهورِيا رُسَڻَ ڏينهڙا.

10

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ[663]،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لال لِبيسَ[664]،

پِرين جي پَرديسَ، آئِيُون، ڪَري لال لِبيسَ،

پِرين جي پَرديسَ، مون کي مِينهَنِ ميڙِيا.

11

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِيائين،

مُندائِتَنِ مينهن جي، رُت[665] نه روڪِيائِين،

پَلَرَ[666] پَلِٽيائِين[667]، سانگِيَنِ[668] گَهڻا سُکَ ٿِيا.

 

12

اَڄُ پُڻِ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ[669] ۾،

سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون! سَڄَڻ سارِيُو مُون،

آئُون آسائِتِي[670] آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون[671]،

گَهرُ ته گُهرِجين تُون، مُندَ[672] مِڙيئِي مِينهَن جِي.

13

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

روضي[673] پاڪَ رَسُولَ جي، پَلِٽِيو پَٽَ ڀَري،

وِڄُن[674] ساڻُ وَري، ته سَنگهارَنِ[675] سُکُ ٿِئي.

14

اَچُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

وَسِيو سي ڀَري، جي ڏَرَ[676] ڏِينهن[677] کانِئيا[678].

15

اُتَران ٿِي آئِيُون، ڪَري هَڪَلَ هُوءِ،

ڀَري تَلَ[679] تَرائِيُون[680]، جوڙي هَلِيُون جُوءِ[681]،

پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشبُوءِ،

اَچِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون[682] روضي تان رَسُولَ جي.

16

روضي تان رَسُولَ جي، ڪِيو وِڄُڙِيُنِ وارو،

ڀَرِيائُون ڀيرَ پَئِي[683]، نَظَرَ سين نارو،

هادِي! ڀَرُ حُڪمَ سين، هِيءُ تَڙُ[684] تاسِيارو[685]،

نِرِمَلُ[686] نِظارو، پِيّ[687] پَسايو پانهنجو.

17

پِيّ پَسايو پانهنجو، نِظارو ناگاهَه[688]،

لَٿو ڪٽُ قُلوبَ[689] تان، ٿِي وِرُونهَڻَ[690] واهَه،

اُميدُون اَرِواحَ[691]، پِيّ پَسَندي پُنِيُون.

18

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگارِي،

اُڃِيا لَکَ، لطيف چي، پَلَرَ[692] پِياري،

وِڄِڙُيُنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَرَ نائِيا[693].

19

وَسي تَڏَهن وَسَ[694]، مُندَ[695]، مِڙوئِي مينهن جِي،

کٽَرِن[696] کيٽا[697] ڇَڏِيا، جي مِڙيون ٿي مَسَ،

گابا مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَه ڪَندا ڏُٻِرا[698].

20

وَسَڻُ اَکِڙِيُنِ جيئن[699]، جي هوندَ[700] سِکِين مينهن،

تَه هوندَ راتو ڏينهن، بَس بُوندِنِئُون نَه ڪَرِيين.

21

ڪَڪَرَ مَنجِهه ڪَپارَ[701]، جُهڙُ نيڻَنِئُون[702] نَه لَهي،

جِهَڙا منهنجا سُپِرِين، تَهِڙا ميگَهه مَلهارَ[703]،

کَڻُ اَکِيُون، کِلُ يارَ! وَڃَنِ سُورَ سَنڌا[704] ڪِيو.

22

جُهڙُ نيڻَنِئُون نه لَهي، ڪَڪَرَ هُونِ نَه هُونِ،

سارِيو سُپِرِيَنِ کي، لُڙِڪَ ڳَلَنِ تي پُونِ[705]،

سي مَرُ[706] رويو رُونِ[707]، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.

23

گامَ[708] گُندِيءَ[709] گنجَ[710]، اَبَرَ ۾ اُهاءُ[711] ٿيو،*

پَسِيءَ پَرِ پِرِينءَ جِي، ڏُورِ ٿِيا سَڀِ ڏَنجَ[712]،

شالَ وَسَندو سَنجَ[713]، عاشِقَ تي اوهيڙا[714] ڪري.

24

اُٺو اوهِيڙا ڪَري، عاشِقَ مَٿي اَڄُ،

ڏُور ڏُڪارِيا ڀَڄُ، مِينهَنِ منهن ڏيکاريو.

25

اَڳَڻَ تازِي[715]، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون[716]، پَکا پَٽَ سُونهَنِ،

سُرَهِي سيجَ[717]، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينهن وَسَنِ،

اسان ۽ پِرِين، شالَ هُونِ بَرابَرِ ڏينهڙا*.

26

بَرَ وٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون[718]،

پِرِهَه جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا[719] وايُون،

مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿَڙا، سنگهارِيُون[720]، سايُون،

ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون[721]، ٻولايُون[722]، رايُون[723]،

ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون[724]، پَکي[725] سُونهَنِ پانهنجي.

27

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺو جيسَرُميرُ[726]،

آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ[727] ڀَري پيرَ،

لاٿائون، لَطيفُ چي، وانڍِيُنِ[728] مَٿان ويرَ[729]،

سَرَها ڪِيائون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيون ٿِيُون.

28

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ[730]،

پوڃاڙِيءَ[731] پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائون نارَ[732]،

سَٻاجهي[733] سَتار، لاٿا ڏُرُتَ[734] ڏيهَه تان.

29

سارَنگَ! سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ[735] اُڃِيَنِ جِي،

پاڻِي پُوڄَ[736] پَٽَنِ ۾، اَرِزان[737] اَنُ ڪَريجِ،

وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.

30

سارَنگَ کي سارِينِ، ماڙِهُو، مِرگَهه[738]، مينهِيُون،

آڙِيُون[739] اَبَرَ آسِري، تاڙا[740] تَنوارِينِ،

سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نئين سِجُ[741] نِهارِينِ،

پَلَرَ پِيارِينِ، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.

31

ڪانڌَ[742] مَ وِڪُڻِ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئِي[743] ڌارِ،

اَڀَرِيُون، سَڀَرِيُون[744] پانهنجون، سَسِيُون[745] سَڀِ سَنڀارِ[746]،

ٻَنَ[747] ڇَڏي، ڇَنَ[748] پَئِي، وَڃِي وَلَهارَنِ[749] وارِ،

ته اَچي اَڱِڻان[750] بَهارِ سَرِلا[751] ڪَندي سَڏَڙا.

32

سارَنگَ کي سَعيو[752]، توکي سَعيو نه ٿِئي،

گُڙي[753] ٿو گُمانَ ۾، آيو ڪِي آيو،

هارِين لَئي هَرُ هَرِ جاءِ ۾، هادِيءَ هَلايو،

مَتان ايئن ڀانئيو، تَه بادَلَ آهِه بَسِ ڪِي[754].

33

سارَنگُ سينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آئِيون،

بَرِسِي ڀَٽاري، ڀَرِيا پَٽَ پُراڻ[755] جا.

 

وائي

منهنجي سَيّدُ سارَ لَهندو، مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

سَجِدي پَئِي سپرينءَ، زارِي زورِ ڪَندو،

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

اُمَتَ ڪارَڻِ اَحمَدُ اُتِ، پَرمَلُ[756] پاڪُ پِنَندو،.

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

صُورَ[757] ڌَڪا[758] ٿيندو، اَکِيُون سَڀُ سِڄُ ڪَڍَندو،

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

ميڙو ٿيندو مومِنين اُتِ مُحمّدُ مِيرُ مَلَهِيندو[759]،

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

نَفسا نَفِسِي[760] سَڀَڪو ڪَري، داتا[761] دَرِ ڊوڙَندو،

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

مُهُتُ[762] ڏِيندُسِ مَولو[763]، اُتِ بَدِيُون بَخشائِيندو،

مون کي آهِه اُميدَ اَللهَ ۾.

  

داستان ٻيو

 

1

سارَنگَ سائِي سِٽَ، جِهَڙي لالِي[764] لاکَ[765] جِي،

اِيئن سي اُٻُنِ[766] اَنگِيا[767]، جيئن سي چُنِيءَ[768] چِٽَ،

بَرَسِيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙِ[769] جا.

2

ڀِرِي[770] ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجها،

کِڙِيُون[771] کٽڻهار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،

سَرها سَبِزا[772] ٿِيا، ڊامَڻَ[773] ڊِٻَ ڪِيا[774]،*

پَهرِي پَٽَنِيا[775]، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.

3

ڀَريائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو[776]،

کُڻيتِيءَ[777] کِنوَڻِ ڪِيو، چَڱو چَوماسو[778]،

ماڪاڻِيءَ[779] تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ[780] پاسو،

خالِقَ ڪِيو خاصو، چِيهو[781] چُکِيءَ[782] ڪَنڌِيين[783].

4

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين، ڪِيائِين گَڙَنگَ[784] تي گُلَ،

هَڏا ڪٽِيان[785] هَلِيو، ڀَري تَرايُون تَلَ،

آندائِين آبَ اُڇَلَ[786]، مَٿي باغَ بَهارَ ٿِي.

5

اَڄُ رَسِيلا[787] رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِيا بُرجَنِ[788] سين،

سازَ، سارَنگِيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ[789] چَنگَ[790]،

صُراحِيُون[791] سارَنگَ، پَلِٽِيُون راتِ پَڌامَ[792] تي.

6

مينهان[793] ۽ نينهان[794]، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي،

جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تَه ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان[795]،

بادَلُ ٿِي بيهان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.

7

بادَلَ! تُمُ پي ڪَرُن،* ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَنِ،

تَنگَ[796] ڀِڄَنِ، تَرڪَشَ[797] پُسَنِ، سَڄَڻَ چِتِ پَونِ.

8

ڪُڻُڪَن[798] ڪانڌُ[799] چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جهڄَنِ[800]،

وَرَ[801] رِيءَ وانڍِيَنِ[802] اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ،

اُتَرُ ڊاهي اُنِ جا، ته ڪنهن کي ڪارُون[803] ڪَنِ،

وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچِي شالَ اولُون ڪَري[804].

9

ڪُڻُڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جُهڻُڪَنِ[805]،

سُڻِيو رَڙِ رَعَدَ[806] جِي، ڪَلِيُون[807] ٿِيُون ڪَنبَنِ،

ڪَلِيُون[808] ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

 

وائي

کَرُ[809] مَرُ[810] کامي پَچي، آئون وِيندِي دَرِ دوستَنِ جي.

جِيائين[811] ڏُجَهنِ[812] تَڪِيو، سَڄَڻُ تِيائِين[813] اَچي،

آئُون وِيندِي دَرِ دوستَنِ جي.

نُورا پايو نِينهن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،

آئُون وِيندِي دَرِ دوستَنِ جي.


 

 

داستان ٽيون

 

1

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ[814] مَنڊيا[815]، ڪِي اوهِيڙَنِ[816] اوڪَ[817]،

ڇاڇَرِ[818] ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينهُون چَرَنِ موڪَ[819]،

سَرَهِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون، پويو[820] پائِنَ طوقَ،

ميها، چڀڙ، ڦُنگُيون[821]، جِتِ ٿِيَنِ سڀَئِي ٿوڪَ[822]،

لاهِيين مَٿان لوڪَ، ڏولائي[823] جا ڏينهڙا.

2

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي[824] ڪِي تنوار[825]،

هارِين هَرَ سَنباهِيا سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻِ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

3

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، آيو جُهڙُ جهاٽي[826]،

هِڪُ اَرزان[827] اَنُ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻُ مَنجِهه ماٽي،

ڪَلِمي سين ڪاٽي[828]، لاٿُمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.

4

ڏيئِي ريڄُ رائُڪَ[829] کي، ڪِيائِين لُوتَڙِيءَ[830] تي لَلَ[831]،

ڏَلهي[832] ڇَڏِيائِين ڏَرُ[833] کي، پاڻِيءَ ڀَرِيائِين پَلَ[834]،

آندَئِين آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مينهَنِ کي.

5

مُون جُهڙُ ڏِٺُ اُڀَ ۾، ڍولِيا! لَڏَ مَ لاهه،*

اَچَنِ آبُ اَکئين ڪِيو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،

ڇَنَ[835] ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏُ اُتاهِين پَکڙا.

6

مُحِبّ منهنجا سُپِرِين! آڻِيندُءِ اَللهُ،

توکي ساري ساهُه، اُڪَنڊِيو[836] آهُون ڪَري.

7

پاڇاٽِيان[837] پَئِي، ٿِيو آڳاٽِيان اَڳِرو[838]،**

چُڪَسِ سَڀِ چَئِي، تَڏِهن موليٰ مِينهن وَسائِيا.+

8

آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مينهن جيئن،

پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀُ[839] ڄَماندَرُ[840] سِڪِيا.

9

اَوڇَڻُ گُهرجي آجِڪو[841]، جُهوپو[842] سَهي نه سِيءُ،

سُڻائيجِ سُوَڙِ[843] کي، حالُ منهنجو هيءُ،

اَڱَڻَ آيو ٿيءُ، ته ڍولِيا! ڪنهن ڍَنگِ[844] ٿِيان.

10

ڪانڌَ تنهنجي پاندَ[845] ري، سَنجهي سِيءَ مَران،

ڪامِلَ! ڪَپاهُنِ[846] ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،

تارِيءَ[847] تِنهن[848] تَران، جيئن وَرُ وِهاڻِيءَ[849] وارِيو.

11

ڪانڌَ! تنهنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀُ راتِ،

ڪامِلَ! ڪَپاهُنِ ۾، جَهپَ[850] نه اَچي جهاتِ[851]،

اَچِين جي پِرِڀاتِ، ته آئُون سِيءُ نَه سارِيان.

12

مِينڍو[852] مينهن پُسائِيو، سِرِي ٿِيو سيلو[853]،

پَکي پيهِي آئِيو، رَحَمَتَ جو ريلو[854]،

ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ[855] گهرِ آئِيو.


 

وائي

اَکِيُون ميگَهه ملهارَ، صُورَتَ تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو[856].

سَجِدو فِيلَ[857] فِي الحالُ ڪِيو، پَسِي مُطّلِب[858] نُورُ[859] نِراڙَ،

ڄاپَڻَ وَقتِ ڄامَ[860] جي ڪِريا ڪُنگِرا ڪوٽ ڪُفّارَ،

صُورَتَ تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.

آگي سَڀُ اُڀَنِ جو، توکي ڪارِيو[861] سِيرُ سَتّارَ،*

وَلَسَوّفَ يُعّطيّکَ رَبّکُ[862]، توسين قادِرَ ڪِيا قَرارَ،

صُورَتَ تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.

قادِرَ پاڻَ قَسَمَ ڪِيا، خاڪِ قَدَمَنِ جا ڪَلتارَ[863]،

آهِنِ ڪَرَمَ ڪَرِيم جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ[864]،

صُورَتَ تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.

اُڪنڍِيا[865] جي اَبَرَ[866] کي، سَرَها ٿِيا سي سَنگهارَ[867]،

موڪَلَ ٿِي مينهن کي دوسَ هَٿانِ دِلدارَ

صُورَتَ تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.


داستان چوٿون

 

1

سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَن جان، جُهڻُڪَنِ پاسي جهوڪَ[868]،

ڏِيندا پاهُه[869] پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينهَنِ موڪَ[870]،

لَسَ[871] پِيارِينِ لوڪَ[872]، آگَمَ ڪِيو اَکينِ سين.

2

اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

وَسِيو ڀَري، جي ڏَرَ ڏِينهن کانئِيا[873].

3

واهُوندا[874] وِڄُون ٿِيون، کُڙِيُون ڏانهن کَنڀاتَ[875]،

ڪُنڍِيُون ڪاهي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،

سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ[876]،

جُهڙُڦُڙُ ڏيئِي جهاٽَ[877]، پُسائيندو پَٽِيُون[878].

4

سَڄو صافُ نَه اُڀِري، سَرِلي[879] وِچان سِڄُ،

مُنهن چَڙهِيو ماڙُهُنِ[880] کي، ڏئي واڌائِي وِڄُ،

هينئڙا کَپُ مَ کِجُ،* سِگها مِلندَءِ سُپِرِين.

5

ڍَٽِ[881] ڍَرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،

سَڀيئِي ڀَرِيا سَرَ[882]، پَلَرَ جي پالوٽ سين.

6

ڍَٽَ ڍَرِي پَٽِ پييُون آيُون عُمَرِ ڪوٽَ،

پُسايائون پَلَرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ[883]،

چَنچَل[884] ڏيئِي چوٽَ[885]، سَڀِ سامارو سَرِ ڪيو.

7

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاهي ڪاماري[886]،

وَٺا پَٽَ پُراڻَ جا، وَئِيُون ساماري،

ڪَڪَر ۾ ڪاري، وِڄُڙِيُن پَسو! ويسَ ڪِيا.

8

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، ٿيا وَلهارَن[887] وِيءَ[888]،

سِڄُ چَنڊُ نه پاڙِيان، سيڻَن جي شَبِيهَه[889]،

جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهي گهر آئِيا.

9

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، وِڄُن ڪِيو واڄو[890]،

پَکو پنهنجي پِرِينءَ لَئي، سِبي ڪَرِ ساڄو،

سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنيءَ[891] گَهرِ آئِيو.

10

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، وِڄُنِ ڪِيا ڌَرَمَ[892]،

واحِدَ وَڏائِي[893] ڪِيا، ڪُنڍينِ[894] ساڻُ ڪَرَمَ،

سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ منهنجا سُپرِين.

11

وَسي سارِي راتِ، صُبُحَ جو ساهُه کَڻي،

مَنجهيئِي مِينهن پِرِيَن جو، جي تَنَ ۾ هُويئِي[895] تاتِ،

تَه وِهاڻِيءَ پِرِڀاتِ، هوندَ[896] بادَلَ بَسِ ئي نه ڪَرِين.

12

موٽِي مانڊاڻ[897] جِي، واري ڪِيائِين وارَ[898]،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون چوڏِسِ ٿِي چوڌارَ،

ڪي اُٿي هَلِيُون اِستَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِيُون[899] مَغِرِبَ[900] پارَ،

ڪي چِمِڪَن چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرَقَندين سارُ،

ڪي رَمِي[901] وييُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ،

ڪي دِلِيءَ، ڪي دَکَن، ڪي گُڙَنِ[902] مَٿي گِرِنارَ،

ڪَهِين جُنبِي جيسَرَميرَ تان، ڏِنا بِيڪانير بَڪارَ[903]،

ڪَهِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَهِين ڍَٽَ مَٿاهِين ڍارَ[904]،

ڪَهِين اَچِي عُمَر ڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ[905]،

سائينم! سدائين، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪار،

دوسَ[906]! مِٺا دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.

13

موٽِي مانڊاڻِ جِي ڀَري ڪِيائِين ڀيڄَ[907]،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ چَڙهِيو سيڄَ،

تنهن نِوَرِيُون[908] نَوازِيُون، ڏَئِي ڏوڻان[909] ڏيجَ،

ٻِجَ کَڻِي پَٽَ هَلِيا، هارِي مَنجهان هيجَ[910]،

راضِي مَنجهان ريجَ[911]، عالَمُ سَڀُ آباد ٿِيو.

14

موٽِي مانڊاڻِ جِي، جَڙي ڪِيائِين جوڙَ،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَهِه ٻَهِه[912] ٻَڌائُون ٻوڙَ[913]،

اَنَنِ جا عالَمَ[914] ۾، لَکِين ٿِيا کوڙَ[915]،

سارَنگَ لاٿِي سوڙَهه[916]، ساندَهِه[917] سُهائو[918] ٿِيو.

15

موٽِي مانڊاڻِ جا، ڀَري ڪَيائِين ڀَرَ[919]،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪوڏان کَڻِي ڪَرَ[920]،

مينهون پاڻَ مُرادِيُون، ٿڌا چَرَنِ ٿَرَ[921]،

وَڏي اوهَه[922] آئِيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ[923]،

ساري اَچيو سُوا مينهون[924]، ڏِيَنِ کِيرَ سَڄَرَ[925]،

ساڻُ وانڍِينِ وَرَ، پَرِيُون[926] پَرِچَڻَ جُون ڪِيُون.

16

حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ[927]،

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَهَه ٽَهَه[928] مِينهن ٽِمَنِ،

جَنِ مَهانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ[929]،

پَنجَنِ مَنجهان پندرَهن ٿِيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،

ڏُڪارِيا[930] ڏيهَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،

وَرِي وَڏِي وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهيون ڳَنوارَنِ،

سَيّد چي سَڀن، آهِه توهِه[931] تنهنجي آسِرَو.

17

اَندَرِ جُهڙُ جهورِ[932] وَهي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ،

وَسائِيندِي وِڄُڙِي، حُبَ جَهِين کي هوءِ،

لالَنُ جَنهِين لوءِ[933]، سي اوڪاڻِينِ[934] نه اَکِيُون.

18

اَندَرِ جُهڙَ جهورِ وَهي، ٻَهَرِ بَرسي[935] بُوندَ اَپارَ[936]،

وَٽِ جَنِهين هُنِ[937] يارَ، سي اوڪاڻِينِ نه اَکِيُون.

19

آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ[938]،

جي پِرِين هُئڙا ڏُور، سي مون کي مينهَنِ ميڙِيا.

وائي

آئِي مُندَ مَلهارَ، آئون کُهنبا[939] ڪَندِيَسِ ڪَپڙا.

وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا، اَڄُ منهنجي يارَ،

آئِي مُندَ ملهار.

لارَ[940] لائِيندي[941] وَڇَڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ[942]،

آئِي مُندَ ملهار.

پَکي آءُ پِرِين تُون، لَهُه منهنجي سَيّدَ سارَ،

آئِي مُندَ ملهار.

 

[1]. مهاڻن جيهڪ ذات

[2]. مڪان، جاءِ

[3]. منهن

[4]. مهاڻن جي  هڪ ذات (نوري)

[5]. مڇيءَ جي مٿان لڳلڳدار گگ

[6]. نشان؛ ذرو

[7]. ڪوڙي، ڪوڙيون (Scores)

[8]. عيب، داغ

[9]. ميءَ جي (مي هڪ مهاڻن جي ذات آهي)

[10]. اهو خدا جنهن کي جسماني اکين ان ڏسي نه سگهجي.

[11]. مهاڻن جي هڪ ذات

*. آءٌ تنهنجي زال آهيان

[12]. ويجهو مائٽ

[13]. محصول

**. اي ڄام! تون منهنجو ويجهو عزيز (ڀتار) آهين، سو مهاڻن تان محصول معاف ڪرائي ڏي

[14]. (1) مڇين جا ڍير، مياڻي (2) ڪکن جو ٺاهيل ترهو

[15]. هيڻا، ضعيف

***. اي ڄام! سڀڪجهه تنهنجي حوالي آهي.

[16]. مسافرن (مهاڻن)

[17]. وڏيون ڄارون

[18]. ننڍيون ٻيڙيون

[19]. اڌار، اَجهي، مڪان

[20]. سويل

[21]. مهاڻا

[22]. مڇيءَ جي آنڊن ۽ ڳچين

[23]. انعام.

[24]. بڇڙن وڙن واريون، نالائق

[25]. بڇڙن واڙن واريون، نالائق

[26]. تي، مٿان

[27]. مڇي ڦاسائڻ جي مانڍاڻ

[28]. بدبوءِ هاڻيون، بدبودار

[29]. پاڻيءَ جو ننڍو جانور

[30]. مهاڻن

[31]. ماڻو، انگل

[32]. ڀيڻ جي پاڙ، جيڪا کائبي آهي

[33]. پاٻوڙن (ميوي جو قسم) جا پن

[34]. پهراڻ، پوشاڪ، ڍڪ

[35]. ڍنڍ

[36]. ڪکن جون سنيهيون

[37]. تيار ٿيو.

[38]. محرَمَ، گهائل مائل، گستاخ، حال ڀائي

[39]. ڌماڌم، ڌوڪ ڌوڪان، اچ وڃ

[40]. روم (Rome) يورپ جا ملڪ، ڏورانهان ملڪ.

*. ڪينجهر کان وٺي روم تائين، ساري جڳ جي سڀني مهاڻن کي انعام مليا

[41]. رکي، جهلي

[42]. نرت سان، ڏسي وائسي، ڄاڻي واڻي

**. هاڻي اهائي روش هلي ٿي، جيڪا ڄام جي حويليءَ ۾ ورتي وڃي ٿي.

[43]. ڪسو (گهٽ تور)

[44]. ڪثرائتو (وڌيڪ تور)

[45]. اصل

[46]. حاضر ڪيو، ڍوڻو ڏنو

[47]. حاضر، موجود

[48]. راجا (ڄام)

***. سڀني راڻين وچان.

[49]. سياڻپ، عقل.

[50]. بنا جهل، گهڻو

*. سمون سڀني جو سردار.

[51]. موهيو

[52]. پٺيان، مرتبه ۾ هيٺ+ نوريءَ کي پٺيان اچيو بيهن

**. سڀني سمين جون دعوائون ڀڄي پيون ۽ اهي نوريءَ کان مرتبه ۾ پوئتي پئجي ويون

[53]. اڳهين، اصل کان، ازل کان

[54]. ارڪانن ۾، مهانڊي، روش

[55]. لاڙو، روش، ڍنگ

[56]. سڳڙو

***. ساڻس شادي ڪئي.

[57]. تنهنڪري.

[58]. آڌار، اَجهي، مڪان

[59]. تعريف ڪر

[60]. (1) تماچيءَ وٽان (2) اي تماچيءَ جا تعريف ڪندڙ.

*. تماچيءَ جو ديدار ڪرين

[61]. وٽان، کان

[62]. هيري (جواهر، نوريءَ) ۾

[63]. پلٽ، ريلو

[64]. هوڪو

[65]. سخا

[67]. ڇڏيائين

[68]. قيمتي (هي لفظ جهڙي لفظ سان لڳي ٿو.)

[69]. مند جو نئون ميوو، سوکڙي

[70]. ونڊيائين، ورهايائين.

[71]. وانگر، مثل

*. ڪوڏين وانگر خسيس سمجهي وراهيائين.

[72]. عرض، سائل جي صدا

[73]. آبدار موتي

[74]. نيري رنگ جا هيرا

[75]. سلامت

[76]. اي منهنجا مرڪندڙ مڙس.

[77]. ڳاٽَ

[78]. منهنجا پنا، راس ٿيا

[79]. وڻڪار، بيلو

[80]. لذت،، شوق

[81]. ڪنول جا گل

*. بهار جي موسم اَچڻ تي

[82].  هلي، وڃي

[83]. جهٻيرن، مهاڻن جي هڪ ذات.

[84]. تماچيءَ جو نالو مشهور ٿيو

[85]. تنهنڪري

[86]. عزت وڌائي، ماڻهپي ۾ آندو

[87]. چوندا

[88]. ڄام کان

*. ڄام جون وڏڙيون.

[89]. شاديءَ جو شاميانو

[90]. زالن جو ميڙ (شاديءَ يا غميءَ وقت)

[91]. شاديءَ تي

[92]. ڪانهه، ڪيڏانهن

[93]. نظر ۾ رکيو، آڌار

**. ڪنهن مهاڻي ڄام کي ڪونه ڄڻيو.

[94]. اولاد

[95]. ڏوراهون مائٽ

[96]. نه ڪنهن ڄائو ۽ نه ڪنهن کي ڄڻيائين (ق.ش)

[97]. شرافت، بزرگي

[98]. (1) طريقو، روش (2) انصاف، عدل

[99]. شان، بزرگي

[100]. دٻدٻو، شان شوڪت

***. هن بيت جي معنيٰ آهي: نه ڪنهن مهاڻي ڄام کي ڄائو آهي ۽ نڪو ڪو مهاڻو سندس اولاد آهي، تنهن هوندي به سڀني مهاڻن جو نوري جي ناتي سبب ڏوراهون مائٽ آهي (سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي ٿو.) اهو ئي سچي شرافت ۽ بزرگيءَ جو طريقو آهي، جو سمين ۽ نيچ نوريءَ جو درجو هڪ جهڙو ڪري ڇڏيائين، ڄام جو شرافت ۽ بزرگيءَ جو طريقو آهي، جو سمين ۽ نيچ نوريءَ جو درجو هڪ جهڙو ڪري ڇڏيائين. ڄام جو تخت رواجي تخت ڪونهي بلڪ بزرگيءَ ۽ شان شوڪت تي ٻڌل آهي. ساڳئي ريت خدا بيپرواهه بادشاهه آهي. هوبه جنهنجو اندر اوجل ڏسي ٿو، تنهن کي نوازي ٿو، پوءِ ڀل ماڻهن جي نظر ۾ هو ڪهڙو به ڪنو ۽ ڪوجهو هجي.

[101]. ٻَنڌ تي، (ڍنڍ جو) ڪناري تي

[102]. ڍلون معاف ڪيون، امداد ڪيون، ملهائيون يا مرڪايون.

[103]. صاف ڪريو!، وڇايو!

[104]. اجهو، پناهه

[105]. جادو

[106]. نهن، نيزا (نيڻن جا)

[107]. نئي، کنيو وڃِي

[108]. ڪلهي تي

[109]. نوازئي

[110]. وارن جون چڳون

[111]. ويڙهيو

*. مهاڻن سمي کي پرڻائي ڏيڻ لاءِ ڪنوار کي سنڀرائي وارن جون چڳون ويڙهيون

[112]. پاسي ۾، ڀرسان

[113]. انعام رسيدو، انعام وٺڻ وارو.

[114]. پريسان ٿيا، منجهئا

[115]. گهڻو ڄاڻندڙ، داناءُ

[116]. وڏن وريامن يا بهادرن

[117]. وڏي سمنڊ، اوڙاه

[118]. ٽاڻا، وقت

[119]. ڀڳوان، پٽڪا

[120]. ٻيڙي هلائڻ جا ڳن

[121]. هلي وڇڻ، لڙهي وڃڻ

[122]. بانس جي لٺ، جنهن سان ٻيڙيءَ کي ڪناري تان ڌڪبو آهي

[123]. ڪلاچيءَ جي (ڪن) کان

[124]. ڪنهن

[125]. روڪيا

[126]. وڏا ڀالا، گرز

[127]. طري وارين پڳن وارا، پهلوان (مورڙي جا ڀائر)

*. ڦري يا موٽي نه آيا.

[128]. دير

[129]. جماعت، ٽولي، گروه.

[130]. اهي شيون جن کي ترجي، ننڍي ٻيڙي

[131]. رڇ، وڏيون ڄاريون

*. هڪ مهاڻي جنهن جو وَيَلن مان هڪ مڙس هو، سا ٿي چوي ته نڪو ٿي سندن ٻيڙيون ڏسان ۽ نڪو ٿي سندن رڇ سڪڻ وارين جاين تي ڏسان.

[132]. ماڳ ٻيڙيون نه موٽايون

[133]. مڇيون ماريون ٿي

[134]. گهڻيون

[135]. مارين، مهاڻن

[136]. شيون (هنن جو هٿن جون نشانيون)

[137]. پري ويا، گم ٿي ويا

[138]. ملول، غمگين

[139]. اُس ۾ ڀٽڪان

[140]. ويرم، دير

[141]. جنجي آڌار

[142]. آڌرڀاءُ ڪريان

[143]. مهاڻن کان مڇيون وٺي وڪڻڻ وارا

[144]. منهن ئي نٿا ڏين، خوش خير و عافيت به نٿا ڪن

**. اسان وٽ مڇيون نه ڏسيو، ٻين ڪن سڌورين وٽ وهٽ ورايو وڃيو واپار ڪن.

[145]. (1) گهميو ڦريو (2) ڳوليو ڦوليو

[146]. ڳوليو ڦوليو

[147]. مٺا

[148]. درياه

[149]. محصول اُڳاڙيندڙ

[150]. ويا

[151]. بدبوءِ

[152]. وڏين مڇين

[153]. ججهائي، گهڻائي

[154]. مڇيون

[155]. ڀنڊار يا ڪوٺي دارن

[156]. هاٺيءَ، بدن

*. جن جي جدائيءَ ۾ منهنجي جسم کي انهن جو قدر پيو آهي، تن کي آهن.

[157]. شايد

[158]. طريقو؛ ريت، عادت

**. مارين (نفس مارڻ وارن) جي روش اها آهي جيئن توهين ڪلاچي جي ڪن ڏانهن مڇ مارڻ لاءِ سنڀرو پيا.

[159]. شوق يا هيج ڪري

[160]. گهمندي،  تلاش ڪندي

[161]. جيڪو ڳولي نه سگهجي (سمنڊ، پاتال)

[162]. مانگرمڇ

[163]. خوش، سرها.

[164]. ڏيو

*. جيڪو ڪلاچيءَ جي ڪن ڏانهن وڃڻ گهري، سو وري مٽيون مائٽيون ڪهڙيون ٿو ڪري؟

[165]. رڇ

[166]. اونهي پاڻيءَ جي کڏ، جيڪا درياهه لهڻ بعد ٿيندي آهي

[167]. مضبوط

[168]. هٿ ڪر

[169]. ڄاريءَ جي ڪناريءَ ۾ وٽيل ڏوري

[170]. کاري يا سمنڊ جي شاخ جنهن ۾ پاڻي تانگهو هوندو آهي

[171]. ترايون، ڍورا

[172]. ملاح، خلاصي

[173]. بڇڙي (مانگرمڇ يعني نفس)

[174]. هلان، حملو

[175]. پاڻيءَ جي اڇ ئي اڇ.

[176]. هئائين، انيراءِ جي ملڪ مان

[177]. مڱڻهار

[178]. تنبوري، سرندي

[179]. ٽؤنر

[180]. گهنگهرو

[181]. ڏولي، پالڪي (محلات)

[182]. عرض

[183]. ڏوراهين ڏيهه کان

[184]. مڱڻهار

[185]. سئن، سوال

[186]. پني، گهري

[187]. جلد، سگهو.

[188]. آئون، مان

[189]. بيٺل، اُڀو (گربخشاڻي ڀورو يعني نادان لفظ اختيار ڪيو آهي)

[190]. زمين

[191]. پرچندين، راضي ٿيندين، ريجهندين

[192]. بند هاڻ

[193]. صبح

[194]. مان تائين

[195]. دير

[196]. هينئر ئي

[197]. سهڻا

[198]. خوش ڪر، مرڪائي

[199]. خيرات، دان

*. اهڙو ڪو دان ڏيم، جو سڀ تمنائون پوريون ٿي وڃنم.

[200]. تندرست، توانو

[201]. ڳران، پگهرجان

[202]. سوال، مڱڻهار

[203]. رباب وڄائيندڙ

[204]. ڳجهه (مخفي ملاقات)

[205]. نجو، اڪيلو

[206]. دوست

**. مون مڱڻي کي گهري دوست جهڙي ملاقات ڏي.

[207]. بهادر (راءِ ڏياچ)!

[208]. مڱڻهار، فقير

[209]. راڄ ڌڻي، راجا

[210]. جلائيندڙ باهه (دوزخ)

*. (پنهنجو سر ڏيئي) مون کي انيراءِ جي عذابن کان بچائج

[211]. ڌڻي، الله

[212]. توکي ڏياري

[213]. (1) لوڙهو (2) باغ

[214]. عدن (بهشت) جو باغ

[215]. بيمار

[216]. اوهان جي حضور ۾

[217]. چوي

[218]. مدحي قصيدو ڳائيندڙ

[219]. ڏيو

[220]. صدا، سوال

[221]. اوهانجي حضور ۾.

[222]. کڏ ۾ وجهي

[223]. سرندي، تنبوري

[224]. معلوم

*. اٿي ڪا منهنجي واهر يا مدد ڪر.

[225]. ڦيري، وري وري، ڀيرا ڏيئي