سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :17

سُرُ سَسُئِي آبِري

سر بابت

هن نالي سان ڪابه راڳڻي، هندستان موسيقيءَ ۾ ڪانهي، هن سر جو نالو، مضمون موافق رکيو ويو آهي. جنهن صورت ۾ هن سر ۾ سسئيءَ جي اَڀرائيءَ جو ذڪر ٿيل آهي، تنهن صورت ۾ مٿس عنوان ئي آبري (اَڀري) رکيو اٿن.

هن سر ۾ عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون، اختيار ڪيون ويون آهن. جتي ڊاڪٽر ٽرمپ واريون پڙهڻيون، وڌيڪ وزنائتيون سمجهيون ويون آهن، اُتي اُهي اختيار ڪيون ويون آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جيڪي بيت پنهنجي رسالي ۾ نه وڌا آهن، تن مان هيٺيان بيت هن نسخي ۾ درج ڪيا ويا آهن:

داستان 1 بيت نمبر 14، 15 ۽ 17.

داستان 2 بيت نمبر 11 ۽ 12

داستان 3 بيت نمبر 6 ۽ 7.

داستان 4 بيت نمبر 24.

داستان 6 بيت نمبر 12.

داستان 8 بيت نمبر 6، 7، 15 ۽ 16.

داستان 10 بيت نمبر 15.

آکاڻي

هن سر ۾ هن بعد ايندڙ چئن سرن جهڙوڪ، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾ آيل بيتن جو مضمون، سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي قصي تي ٻڌل آهي. انهيءَ قصي جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو:

نائونءَ، ڀانڀر واه جي ڀر تي ويٺل ٻانڀڻ کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هن ڏاڍيون دعائون ۽ دوائون ڪرايون. آخر هڪ ڌيءَ ڄايس، جنهن جي ڇٽيءَ ڪڍائڻ مان پتو پيس، ته ڇوريءَ جو انگ، ڪنهن مسلمان سان لکيل آهي. انهيءَ ٽڪي لڳڻ کان بچڻ خاطر، هن ڇوريءَ کي صندوق ۾ بند ڪري، درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو.

اها صندوق لڙهندي اَچي ڀنڀور جي ڀرسان ناري تي نڪتي ۽ محمد ڌوٻيءَ کي هٿ لڳي. کٽيءَ کي به اولاد ڪونه هو، تنهن مٿس سسئي (معنيٰ چنڊ) نالو رکي، لاڏ ڪوڏ سان نپائي پالي وڏو ڪيو.

سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، ڪيچ مڪران جي حاڪم آريءَ ڄام جي پٽ، پنهون، پنهنجو منشي ڀنڀور ۾ موڪليو. هن جهڙي سسئي جي هاڪ ٻڌي هئي، تهڙي اکئين پسي، پنهونءَ کي پيغام موڪليو ته نجو سون آهي. پنهون واپاري جو ويس ڪري، کٿوريءَ جون خرزينون ڀرائي، قافلو ڪاهيو، جو جنهن جاءِ تان لنگهيو ٿي، تنهن کي خوشبوءِ سان واسي ٿي ڇڏيو. آخر اچي ڀنڀور ۾ ديرو دمايائين. سسئي، سهيلين ان گڏ، عطر سودڻ جي ارادي سان، پنهونءَ جي منزل تي ويئي. سسئيءَ جي صورت ڏسندي ئي، پنهونءَ جو هينئڙو هيڪاري هٿن مان ڇنائي ويو. هوڏانهن وري سسئيءَ کي پرت جو پيچ پئجي ويو.

هڪ سوناري، پنهونءَ تي اَڪن ڇڪن ٿي پئي، پر پنهونءَ اک کڻي به نه نهاريس. کٽيءَ کان ٻين گازرن، سسئي جو سڱ ڇڪيو، پر هنن کي سسئيءَ جي قابل نه ڏسي، کٽيءَ ناڪار ڪئي.

سسئيءَ نيٺ، هڪ ساهيليءَ جي هٿان، پنهونءَ سان سڱ ڪرڻ لاءِ پيءُ کي چوايو، جنهن پنهونءَ جي ذات ڀائي نه هجڻ سببان، انڪار ڪيو. سسئيءَ جي سکيءَ، ڌوٻيءَ کي يقين ڏياريو ته پنهون پڻ ذات جو کٽي آهي. ڌوٻيءَ کيس آزمائڻ لاءِ هڪ کيپ ڌوئي اچڻ لاءِ چيو. پنهونءَ جا نازڪ هٿڙا، ڪپڙن سٽيندي لڦون ٿي پيا، آخر ڪپڙا چيري ڦاڙي کڻي آيو. گراهڪن وٽان ڪا شڪايت نه اچي، تنهن لاءِ، پنهونءَ ڦاٽل ڪپڙن جي تهن ۾ سونيون مهرون وجهي موڪليون. ڪپڙا مالڪن کي پهتا، پر دانهن ڪٿان ڪانه آئي. اٽلو جنهن کان کٽيءَ ٿي پڇيو، تنهن ٿي ڪپڙن جي ساراهه ڪئي. نيٺ ڌوٻيءَ پنهونءَ کان جنڊو پاڙو لکائي، کيس سسئي پرڻائي ڏني.

پنهونءَ جي فراق ۾، پڻس بي حال ٿيڻ لڳو، تنهن ڪري قاد موڪليائينس، پر پنهون پوئتي ورڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. پيءُ پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ نجهرڻ لڳو. جلدئي پنهونءَ جا ٽي ڀائر گڏجي ڀنڀور آيا. سسئيءَ ڏيرن جي چڱي خاطرداري ڪئي. پنهون ته هنن سان محفلون ۽ مجلسون ڪرڻ لڳو. هڪ رات، پنهونءَ کي گهڻو شراب پياري، آڌيءَ جو بي خبريءَ جي حالت ۾، ڀائر اٺن تي کڻي ويا. هوڏانهن، سسئيءَ کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پلنگ تي ويهي ويهي ننڊ کڻي ويئي. پوئينءَ رات جان کڻي اک کولي، ته نه ڪو سندس پنهون ۽ نڪي ڏير. سمجهيائين ته هيءُ ڏهاڳ، ڏيرن ڏنو اٿم، سو اٺن جو پير کڻي اچي پٻ جبل ۾ پيئي. پٻ جبل جو لڪ پٻوڻي ناڪو لنگهي، هاڙي جبل وٽ ڦوڙ نديءَ تائين پهتي. پاڻيءَ جي اٿل سبب اڳتي وڌي نه سگهي. نهايت نااميد ٿي پٺتي هٽي، اچي ماباڙ نئن جي ويجهو رسي. اُتي ابل نالي ڌاڙيل مليس، جنهن ڏانهس ميري اک سان نهاريو. سسئيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڏسي، رب کي ٻاڏائي سوال ڪيو ته، اي ستار! منهنجو ڀرم رک. الله عرض اگهايس ۽ پهاڙ ڦاٽي پيو، جنهن ۾ هوءَ اندر پيهي ويئي. زمين زمين جهڙي ٿي ويئي، پر سسئيءَ جي چنيءَ جو پاند ٻاهر رهجي ويو. ايل پنهوار، اهو الاهي اسرار پسي، توبه تائب ٿيو، ۽ پهڻ ميڙِي، اتي ڦٽيل عاشقياڻيءَ جي قبر ٺاهي ڇڏيائين.

رستي تان، پنهون جڏهن نشي جي خمار مان سجاڳ ٿيو، تڏهن پوئتي ورڻ جا ڏاڍا وس ڪيائين، پر ڀائرن اڳيان هڪ به نه هليس. جڏهن آريءَ ڄام، پنهونءَ کي سسئيءَ جي وڇوڙي ۾ ڳرندو ۽ سڙدنو ڏٺو، تڏهن هن کي ڀنڀور موٽڻ جي اجازت ڏنائين. جڏهن سسئيءَ جي قبر وٽان لانگهائو ٿيو، تڏهن ايل کي مجاور وانگر قبر تي ويٺل ڏسي، هن کان ماجرا پڇيائين. هن سربستو احوال ڪري ٻڌايس. پنهونءَ ڌني در، وڇڙيل ملائڻ لاءِ التجا ڪئي. الله سندس عرض اونايو- جبل وري به ڦاٽو، جنهن ۾ پنهون پيهي پرينءَ سان وڃي هميشه لاءِ هڪ ٿيو.

 

روحاني راز

هن مجازي عشق جي قصي ۾، حقيقي عشق جو هڪ وڏو راز سمايل آهي. ٻين سڀني آکاڻين وانگر، هن آکاڻيءَ ۾ به تمثيل رکيل آهي: پنهونءَ مان مراد آهي، حقيقي محبوب جي، ۽ سسئي مان، مراد آهي، سالڪ جي، جو ڀنڀور يعني دنيا ۽ سندس نعمتون، ترڪ ڪري، وندر ۽ وڻڪار ۾ مشڪلاتن يعني طريقت جي سفر جي ڏاکڙن سهڻ بعد، وڃي ملڪ الموت ماڻي ٿو. سسئي جا ٽي دشمن هئا(1) ڏاگها (2) ڏير ۽ (3) ڏونگر. ساڳئي طرح سان، انسان جا به ٽي دشمن آهن، جيڪي هن کي فنا في الله ٿيڻ ۾ رنڊڪيون وجهن ٿا: (1) نفس (2) دنيوي تعلقات ۽ (3) خودي، سالڪ کي انهن کي مطيع ڪرڻو آهي. هن کي صوفي طريقي جون ست ماٿريون، جهڙوڪ؛ طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فقر لنگهي، محبوب جي هستيءَ ۾ حل ٿي، ابدي حياتي حاصل ڪرڻي آهي.

شاهه سسئيءَ کي رستي ۾ هلندي هلندي جا تحسين ۽ آفرين ڪئي آهي، سالڪ کي گويا تڪڙي هلڻ جي تلقين ڪئي آهي.

شاهه عاشق کي ٻڌائي ٿو، ته جيئن سسئيءَ جهڙي اٻلا، اَڀري ۽ ضعيف ضائفان، اڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻ، نه رستي جي واقف، نه جبلن جي لڪن جي آشنا، جنهن جي مخمل جهڙا نرم پير، هڪ آدم زاد پنهونءَ جي مجازي عشق ۾ محل ۽ محلات، نوڪر ۽ ٻانهيون، طعام ۽ آرام، عزيز ۽ خويش، ڀنڀور ۽ ڀاڻ، جيڏيون ۽ سرتيون ڇڏي، نڪري پئي ۽ جبلن کان به نه ڊني، بلائن ۽ نانگن، وڇن ۽ ڀٽن کان به نه ڪنبي، بر پٽن ۾ اڪيلي سر هلندي، پنهونءَ جا پير ۽ اٺن جا رند ڳوليندي هلي ۽ آخر وڃي مقصد کي پهتي- تيئن تون، جو طالب مولا آهين، سو عيش ۽ آرام واري ماحول مان نڪري پؤ ۽ وڃي الله کي پهچ. وچ جون تڪليفون سهه عشق جون منزلون طلب ۽ تروڪل، استغنا ۽ خودي، توحيد ۽ تجريد ذريعي طي ڪري، معرفت ۽ حقيقت لنگهي، اتي وڃي نڪر، جت نهايت ناهه ڪا.

پروفيسر گربخشاڻي ٿو چوي، ته جهڙي طرح سهڻي ۽ ميهار جي ڳالهه ۾ تمثيل رٿيل آهي، تهڙيءَ طرح سسئي ۽ پنهونءَ جي قصي ۾ به، هڪ وڏي تمثيل رٿيل آهي. تفاوت رڳو هي آهي، جو سهڻيءَ جي ڳالهه ۾ دنيا ۽ طريقت جي سفر جي ڏاکڙن کي درياهه سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ سسئي جي ڳالهه ۾ دنيا ۽ طريقت جي مشڪلاتن کي، رڻ پٽ سان مشابهت ڏني ويئي آهي. سسئي مان مراد آهي سالڪ، جو پنهنجي پنهونءَ يعني حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ آهي، ڀنڀور ۽ ان جا ڀاڻ، دنيا ۽ دنيا جون نعمتون آهن.

ڪيچ محبوب جو مڪان آهي، جتي پهڻ لاءِ پهريائين ته ڏاگهن، ڏيرن ۽ ڏونگرن جهڙن ٽن زبردست دشمنن يعني نفس، دنيوي تعلقات ۽ خوديءَ جي چنبن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻو آهي. جيئن سسئي ڪيترين دور دراز منزلن، جهڙوڪ وندر، وڻڪار، پٻ، هاڙو وغيره مان لنگهي نيٺ وڃي ملڪ الموت سان مقابل ٿي، تيئن سالڪ کي به، صوفي طريقي جون ست ماٿريون يا منزلون لنگهي پار پوڻيون آهن. آخرين منزل فقر آهي، جنهن تي رسڻ بعد، سالڪ محبوب جي هستيءَ ۾ هڪ ٿي، هميشه جي حياتي حاصل ڪري ٿو.

مولوي غلام محمد ولد محمد خان زَئيءَ جي فارسي رسالي منهاج العاشقين جو سنڌي ۾ ترجمو شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو آهي، تنهن مان سسئي پنهونءَ جا ڪنايا، هيٺ ڏجن ٿا.

پنهون، مان مراد آهي، مطلوب، يعني محبوب حقاني.

سسئي مان مراد آهي، طالب حق جو، اول طالب عدم جي پردي ۾ ناپيد هو؛ جڏهن پيدا ٿيو، تڏهن هئڻ جي مڪان ۾ آيو.

صندوق مان مراد آهي طالب جي بي خبري ۽ بي فهمي- جنهن ۾ ويڙهيل ۽ سانڍيل هجي ۽ درياه جي دهشت جي ڪل نه رکي.

درياه مان مراد آهي؛ حقيقي ماءُ جي جهولي جا پناهه وارن کي، پناهه ۾ رکندڙ ۽ امن امان ڏيندڙ آهي.

ڀنڀور مان مراد آهي؛ هيءَ دنيا يا جهان.

کٽيءَ مان مراد آهي؛ مرشد ڪامل، جو طالب کي پنهنجي گهر يا پر ۾ نپائي ٿو ۽ جڏهن نپجي وڏو ۽ پختو ٿو ٿئي، تڏهن کيس پنهنجي گهر جو مالڪ ٿو بنائي.

سسئي جي بالغ ٿيڻ مان مراد آهي مرشد ڪامل جي حالت ۾ هڪجهڙو ٿيڻ يعني فنا في الشيخ (مرشد ۾ گم ٿيڻ) جي درجي کي رسڻ.

کٽيءَ جي ڀائرن جو کانئس سسئي جو سڱ گهرڻ، تنهن مان مراد آهي دنياوي ۽ نفساني خيالات.

پنهونءَ جي منشيءَ جو ڀنڀور ۾ اچڻ تنهن مان مراد آهي محبوب حقاني جو طالب حق جي طرف، خواهش جاري ڪرڻ جو سبب ڇا کان جو ان جي پهچڻ ڪري، طالب جي ڪشس، مطلوب جي طرف پاڻان گهڻي ٿيندي. جڏهن پنهونءَ جي منشيءَ يعني حق جي خواهش، طالب کي قولن ۽ فعلن ۾، مرشد ڪامل منجهه محو ڏٺو ۽ ان کي پنهون، يعني حقيقي بادشاهه جي لائق پاتائين، تڏهن ڪيچ طرف خبر لکيائين.

ڪيچ مان مراد آهي ملڪ وحدانيت جو، يعني قرار جي حويلي.

آريءَ ۽ سوناريءَ عورت جو پنهونءَ کي وچ ۾ مانع ٿيڻ تنهن مان مراد آهي طالب جا اڳوڻا ناپسند ۽ غير شرعي عمل. جڏهن طالب کي مطلوب قولن ۽ فعلن ۾ تمام سچو ۽ ثابت قدم ٿو ڏسي، تڏهن اهي وچ وارا عارضا (رنڊڪون) لتاڙي، سچي طالب وٽ رسي ٿو.

کٿوري ۽ قافلا جي پنهونءَ تنها سسئي جي دوستيءَ خاطر کنيا ۽ جنهن جاءِ تان لنگهيا ٿي، تنهن کي خوشبوءِ سان ٿي واسيائون تنهن مان مراد آهي نيڪي جيڪو حق جو طالب، پنهنجي محبوب حقيقي جي طرف سچو ۽ قدم ثابت آهي، تنهن واسطي مطلوب حقيقي، جهان منجهه نيڪي جي خوشبوءِ پکيڙي ٿو.

پنهونءَ جو کٽيءَ کان سسئيءَ جو سڱ گهرڻ تنهن مان مراد آهي؛ ذات جي ڪشس ٿيڻ طرف صفات جي.

البته نه مڃڻ کٽيءَ جو تنهن مان مراد آهي، مطلوب کي طالب جي طرف، پڪي ويساهه ۽ يقين وارو ڪرڻ ۽ مرشد ڪامل جي طالب لاءِ، حق کي سفارش ڪرڻ.

پنهونءَ جو ڪپڙا ڌوئڻ تنهن مراد آهي، طالب ۽ مطلوب ۽ مرشد جو هڪڙي حال ۾ ٿيڻ.

پنهون ۽ سسئي جي شادي ڪرڻ تنهن مان مراد آهي، طالب ۽ مطلب جو وصال.

پنهونءَ جي ڀائرن جو ڀنڀور اچڻ تنهن مان مراد آهي، هن زماني جا حادثا، يعني نفساني فاسد خيال، جي هميشه حق جي طالب مٿان واقع آهن ۽ ڪڏهن به اچيو سر تي ڪڙڪن.

سسئي کي ننڊ اچڻ تنهن مان مراد آهي، طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ جدائي ۽ فراق، ناپسند ۽ غير شرعي ڪمن سببان، جدائيءَ جو تفرقو پوي ٿو.

سسئي جو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ تنهن مان مراد آهي، طالب جو غفلت مان هوشيار ٿيڻ.

سسئي جو ڪيچ جي طرف ڪاهڻ تنهن مان مراد آهي، طالب جو ناپسند ڪمن کان پشيمان ٿيڻ ۽ حق جي طرف موٽڻ.

سسئي جو سفر کي قبول ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻا اَهنجائي واٽ ۽ جبلن ۽ لڪن جي تنهن مان مراد آهي: طالب جو رات ڏينهن شريعت جي راهه ۾ سعيو ڪرڻ.

ڌراڙ جو سسئي وٽ رسڻ تنهن مان مراد آهي، شيطان ملعون يا نفس امارو جو طالب کي حق جي راهه کان لالچائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

ڌراڙ جي خوف کان سسئي جو ڌرتي ۾ داخل ٿيڻ تنهن مان مراد آهي، موتوا قبل اَن تموتوا، (مرڻ کان اڳي مرو) يعني حياتيءَ جي حال ۾ پاڻ کي فنا ڪرڻ.

پلؤ ڪپڙي جو باقي مٿي منهن زمين جي رهيو تنهن مان مراد آهي، فنا پڄاڻا اثباتي يعني بعد فنا جي بقا ٿيڻ.

موٽڻ پنهونءَ مطلوب جو طرف سسئي طالب جي تنهن مان مراد آهي، غير کان موٽڻ ۽ حق جي طرف رجوع ٿيڻ ۽ طالب جو پنهنجي نفس کي حق جي طلب ۾ تلف ڪرڻ. (هتي مطلوب خود طالب جي صورت وٺي ٿو.)

وفاقي پنهونءَ جي ۽ سسئي جي مقبري منجهه دفن ٿيڻ تنهن مان مراد آهي، يُوصَل الحبيبُ الي الحبيب، (دوست کي دوست سان گڏيو ويندو). طالب ۽ مطلوب جو هڪ حالت ۾ گڏجڻ، جيئن پاڻي پاڻيءَ ۾، کير کير ۾، وچ ۾ ڪو ويڇو نه رهڻ ۽ طالب جو فنا في الله جي درجي کي پهچڻ. والله اعلم بالصواب.

 

واڌارو

سسئي- پنهونءَ جو داستان، سنڌ ۽ ڪيچ مڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي شاهراه واري ماحول تي ٻڌل آهي، جيڪو عربن واري دور ۽ پوءِ سومرن جي اوائلي دور ۾ ويندي پنجين صدي هجري (يارهين صدي عيسوي) تائين قائم رهيو. ڀنڀور (ديبل) جو شهر به اڃا موجود هو ۽ بلوچ قبيلن جي سنڌ ۾ اوائلي آمد پڻ انهيءَ دور ۾ ٿي. انهن اُهڇاڻن مان ظاهر آهي ته هيءُ قصو 11- صدي ڌاري سومرن جي اوائلي دور ۾ اُسريو ۽ وقت گذرڻ سان لس ٻيلي، ڪوهستان، ڏکڻ اولهه سنڌ (ڪراچي ۽ ٺٽو) توڻي مٿي سنڌ ۾- يعني ته جدا جدا ايراضين ۾ جدا جدا ليئن ۾ ڳائجڻ لڳو، جيڪي اڳتي هلي مستقل سُر بنيا. يقيني طور چئي نٿو سگهجي ته اهي اصل ليئون ڪهڙيون هيون، جن ۾ سسئي جي داستان کي ڳايو ويو، مگر شاهه جي رسالي ۾ جيڪي سسئي جا پنج سُر آهن، سي ڀانئجي ٿو ته انهن آڳاٽين ليئن جا يادگار آهن. سومرن جي اوائلي دور ۾ غالباً سنڌ ۾ آڀيري راڳ هلندڙ هو ۽ هڪڙن ڳائيندڙن سسئي جي داستان کي انهيءَ راڳ ۾ ڳايو. رسالي جو سر آبري انهيءَ آڳاٽي آڀيري راڳ جو يادگار آهي، ٻي ايراضي ۾ ٻين هن داستان کي مقامي ديسي لئي ۾ ڳايو ۽ رسالي جو سر ديسي انهيءَ جو يادگار آهي.

ساڳئي دور ۾ عرب- ايراني موسيقي جي سلسلي جو حسيني راڳ سنڌ ۾ هلندڙ هو، ۽ ڪن راڳيندڙن سسئيءَ جو داستان کي حُسينيءَ لئي ۾ ڳايو، جنهن جو يادگار رسالي جو سر حسيني آهي. حسيني راڳ ڏهين صدي هجري جي شروعات (16 صدي عيسوي جي شروعات) تائين صوفين ۽ درويشن جي سماع وارين مجلسن ۾ مقبول هو ۽ سنڌ جي ذاڪرن انهيءَ لئي کي پنجاب تائين مشهور ڪيو. تذڪره قطبيہ جي مصنف، 1504ع کان 1540ع واري عرصي ۾ لاهور جي سماع جي محفلن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ سنڌي ذاڪرن حسيني مقام (حسيني راڳ) ۾ سنڌي وهيڙا پڙهيا ۽ سامعين کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو. لس ٻيلي واري ايراضيءَ ۾ سسئي جي داستان کي مقامي لئي معذور ۾ ڳايو ويو، جيڪا هن وقت تائين لس ٻيلي ۾ مروج ۽ مشهور آهي. شاه جي رسالي ۾ سسئي جو سُرُ معذوري انهيءَ لئي جو يادگار آهي. رسالي ۾ سسئي جو سر ڪوهياري غالباً ڪوهسان واري ايراضي جي آڳاٽي مقامي لئي جو يادگار آهي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد سنڌ. سنه 1978ع ص- ص 95-96)

 

سُرُ سَسُئي آبِرِي

 

داستان پهريون

 

1

اَولِ آّخَرِ[1] آهِه، هَلَڻُ منهنجو هوتَ ڏي،

پورِهيو سَندو پورِهِيَتين، والي! ڪِيمَ وِڃاءِ،

سو مون ٿورو لاءِ[2]، جيئن جيئري مِلان جَتَ کي.

2

ڏَري ۽ ڏاري[3]، سَٽَ[4] سُورَنِ جي سَسُئي،

پييائِي[5] پُنهُونءَ ڏي، نِرمَل[6] نِهاري،

لالَنَ جِي، لَطِيفُ چي، سُونهَن[7] سَتِي[8] ساري،

پِرِيَتَڻُو[9] پاري، مارَڳَ[10] ۾ مُنڌَ مُئِي.

3

جي سِجهائِي[11] سِڪَ، ته پُڻِ سِڪي سَسُئي،

پِيتائِين پُنهُونءَ سين، هَڏِ[12] نَه ڀَڳِيَسِ هِڪَ[13]،

اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.

4

پَسِي جهاجَهه[14] جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ،

اَپَرِ اُڳانجهو[15] ٿِيو، سُورُ اُنين[16] کي سِڪَ،

هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سَدا سائِرَ[17] سِيرَ ۾.

5

مَحَبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تَشنَگِي[18] تارِ[19]،

پِي پِيالو اُڃَ[20] جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ،

پُنهُون پاڻَ پِيارِ، ته اُڃَ[21] سين اُڃَ[22] اُجهائِيان.

 

6

مَحَبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،

پِيَڻَ پَرَچا[23] ناهِه ڪو، ڪنهن جنهن[24] ڏاهِه[25] ڏَنڀَنِ[26]،

تنهن نِهايِتَ ناهِه ڪا، جنهن سُڃا سُڃ وَڃَنِ،

تيلانهن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.

7

سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهِي نَه اُڃَ،

پَسَڻُ جو پِرِينءَ[27] جو، سا سَڀائِي سُڃ،

تيلانهن[28] مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.

8

ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ مَرُ قَبُولِي سَسُئِي،

اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃَيو اُنِ کِي.

9

پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،

ساهان[29] اوڏو سُپِرِين، لوچي[30] تان نَه لَهَنِ،

دَمُ[31] نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪَنِ مُٺَنِ[32] جيئن.

10

سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمُجِهيو، اوري[33] آرِيءَ ساڻُ،

ڪَري پيکُ[34] پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين[35] پاڻُ،

ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ[36]، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.

11

لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهَسِيو[37]،

اُڀَنِ[38] مَنجهان آئِيو، هَئي هَئي! جو هُڳاءُ[39]،

طَيُورَن[40] تَنواريو، پُنهونءَ پُڄاڻانءُ،

رَسِيو سُورُ شَبانَ[41] کي، وُحُوشَنِ[42] وَٽاءُ[43]،

مِرُوئَنِ مَوتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ،

بَرَ پُڻِ ڪَنِ بُڪاءُ[44]، اُڪَنڊِا آرِيءَ لئي گَهڻُو.

12

مَهِدِ[45] مُحتاجِي[46] ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيج،

ڪُٻيلِياڻي[47]! ڪيچَ ڏي، حُجَ[48] مَ هَلائيج،

پاڻان[49] ڌارَ پِرِيتَڻُو،* سَسُئي! ساڻُ کَڻيج،

اوڏِي عَزازيلَ[50] کي، ويجِهي تان مَ وَڃيجِ،

نا اُميدي[51] نيجِ، ته اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.

13

مَهِدِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،

عُذرَخواهِيُون[52]، عاجِزِيُون، سَسُئي! ڪنهن مَ سَلُ،

ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنءُ[53] رِيءَ[54] ڪونِهي لَلُ[55]،

اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلُ[56]، جيئن پاسي ٿِيئَڻُ پاڻُ کان.

14

وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،**

ليڙَنِ[57] جو، لطِيفُ چي، ڏُونگَرَ ڏِيندَءِ[58] ڏَسُ،

پُنهون اُٿِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ هَلِي، سَسُئِي!

15

وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،

ٻانِهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي! ڇَڏِ مَ گَسُ،

ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسو، پُوندَءِ[59] هوت پُنهونءَ جو.

16

وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙيٖ[60] هَڏِ مَ هَلُ،

ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏِهين، سَچي ڳالِهه مَ سَلُ،

جانِب لئي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِي مَ سَسُئِي.

17

نا اُميديءَ نِجُهري[61]، پيهِي پَسُ اَللهُ،

چِٽو رَبانِي راهُه[62]، مُرادُن[63] مَخِفِي[64] ڪيو.

18

سُکين ٿِيءُ مَ سَنَرِي[65]، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ،

پَٽِي ڪَرِ[66] مَ پانهنجو، گهورڙي! اَڏِ مَ گهَرُ،

مارِي[67]! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ[68] جِيءُ جِيارِيين.

19

سُکين ٿِئي نه سَنَرِي، ڏُکين تان نه ڏري،

اوري هَڏِ نه اُڀئي، پُري[69] تان نه پَري،

سَرَتُيون! ٿو نه سَري[70]، ٻِنهي رِيءَ ٻانڀَڻِ کي.

 

وائي

تَنَ مَنَ منهجهه تَنوارَ، هو يارَ! سَدا آهي سَڪَ جِي.

تيئن چَڻِڪَنِ[71] چِتَ ۾، جيئن سا گَهنڊِيءَ[72] لارَ[73]،

هويارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

لَڳِي اُڃَ اَکِيَن کي، سِکگهو موٽُ ستّارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سَڪَ جِي.

پَسان ڪينَ پِرِيَتَڻُو، ڪاڏي پِرِت پَچارَ!

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

بَندِياڻِي ڀنڀورَ ۾، آهِيان اَهُيان[74] ڌارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ!

هو يارَ سَدا آهي سِڪَ جِي.

ڏِيان خيزُ[75] خِزانَ ۾، بي[76] تو مَنجِهه بَهارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

مُضِرَ[77] تون مون کي ڪِيا، حَڪِيمَنِ هَزارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

دَوا آهِيين دِلِ جِي، وارو، واقِفَ ڪارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

آڻي ڏي عَلِيلَ[78] کي، مَعجُونُون، موچارَ[79]،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.

آهي عَبدُاللطيفَ کي، تنهنجي، پِي[80] پَچارَ،

هو يارَ! سَدا آهي سِڪَ جِي.


 

 

داستان ٻيو

 

1

پَسِي ڏُونگرَ، ڏاهِه[81]! جِمَ[82] هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،

لانچي[83] لَڪَ، لَطِيفُ چي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاهِه،

ان واڙئِتي[84] ور جي، آسَرَ هڏِ م لاهه،

پُڇِي پُورِجِ[85]،سَسُئِي! بَلوچاڻِي باهِه،

جو اَکِنِئُون اوڏو آهِه، سو پِرِين پَرانهُون مَ ڇَهو[86].

2

هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو[87] سي رَسِيُون،[88]

ساڄَنُ سُونهَن سُرِتِ[89]، وِکائي[90] ويجهو گهڻُو.

3

جيڪس[91] يادِ ڪِياسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ[92] ۾،

جَلَدُ جَرِيدي[93] پَنڌَ ۾، اَدِيُون! اَڄو ٿِياسِ،

وَڃِي ڪيچ پُنِياس، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهه سين.

4

واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جِي، بارِي سُڄَنِ[94] بَرَ،

وَرُ وَسِيلا سُپِرِين ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،

لَهِج، لَعلُ لَطِيفُ چي، ڪانڌ! مُئيءَ جِي ڪَرَ[95]،

وِلَهِي[96] ڪَري، وَرَ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.

5

واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَه ڏيهُه ڏِٺومِ،

ڏُونگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ رِيءُ ڪُٺومِ،

جيلانهن[97] مُحِبُ مِٺومِ[98]، تي[99] ڇُلُون[100] ڪَرِيان ڇَپَرين.

6

واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءُ کَنيُمِ نه پاءُ،

جَبَلَ جَلدايُون[101] ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،

لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چي، مَعذُورِن[102] مَٿانءُ،

اُتي اوڏو آءُ، جِتِ، هوتَ! هيڪَلِي آهيان.

7

واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جوراڻُو[103]،

اُتي عَبدُاللطِيفُ چي، سُڄي[104] سَفَرُ سَٽاڻُو[105]،

پِهروئي[106] پاڻُو[107]، سَوَلو ڪَرِيين ساٿَ جو.

8

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائُو[108]، جَمُرَ[109]، جَرَ[110]،

ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻي دَمِدَمِ تَپي ڌَرَ[111]،

ويچارِي ڏي[112] وَرَ[113]، پيرُ ني لَهي پرينءَ جو.

9

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،

اُتي عَبدُاللّطِيفُ چي، ڪِيا هيڪَلِيَنِ حِيلا،

جِتِ ڪُڙَمَ  نه قَبِيلا[114]، اُتِ رَسِج، رَهَبَرَ! راهَه ۾.

10

ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَه ڏِٺو ڪَڏِهِين،

مِهَر نَه هُئِي ماڙُهين[115]، هو سَڀُ هِندوڪارُ[116]،

جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ، سَرِتِيُون!

11

واقِفَ جي وَڻِڪارِ جا،[117] وَنءُ[118] تَنِين جي سَڏِ،

ساٿِينِ سان، سَيّدَ چي، لَڏو لَڏي گَڏِ،

نيئِي نِماڻيءَ نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي آڏِ،

سُکَ ڀَنڀورَ[119] جا ڇَڏِ، ته ڪاهي رَسِين ڪيچَ کي.

12

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، چِٻُون جِتِ چِيها،

مَنِزَل دُورَ، مَنُ تَنَها،[120] اُتِ ٻولِيُون ڪَنِ ٻِيها[121]،

رائي پيرَ رَتُ ڪِيا، لَڳِي لُڪَ ڏِيهان[122]،

لَڪَنِ جُون لِيهان[123]، لوڙِهيا لالُ لَطِيفُ چي.


 

وائي

هو جي هَلِيا هوتَ سونهارا،

مُون نَه وَهِيڻا[124]، پَنهُونءَ سَڱِيڻا[125].

سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،

مُون نَه وَهِيڻا، پَنهُونءَ سَڱِيڻا.

آن ڪي ويندا گَڏِيا آرِياڻِي اِهَه پارا[126]،

مُون نَه وَهِيڻا، پَنهُونءَ سَڱِيڻا.

ٽَلِيُون، ٽَؤنرَ، هَلَوِيُون[127]، مَيَنِ[128] سِرِ[129] موچارا،

مُون نَه وَهِيڻا، پَنهُونءَ سَڱِيڻا.

مُون کي نِيندا پاڻ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا[130]،

مُون نَه وَهِيڻا، پَنهُونءَ سَڱِيڻا.

اَدِيُون! عَبدُالَلطِيفُ چي، دوسَ آيا دِلِدارا،

مُون نَه وَهِيڻا، پَنهُونءَ سَڱِيڻا.


 

 

داستان ٽيون

 

1

پُنهُون ڇَڏِيو پوءِ،[131] جانِبُ جَبَلِ ڳوليين،

تيلاهِي تَنگُون[132] ڪَرِيين، جيلاهِين تُون جوءِ،

ساڄَنُ سُڃَ نِهارِيين، ڏُکيي! ڏوههُ ڪِيوءِ،

هاڙهي هوتُ نه هوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِيَنِ[133] کي.

2

وَرِي پُڇُ ويٺِيَنِ کي، سَندا پُنهُونءَ پارَ،

ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي! ڏورِج ڏِيلَ[134] ۾.

3

ڪونِهي اُتِ ڪوهِيارُ[135]، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانئيو،

پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجُودُ ٿِي وَڻِڪارُ،

ڌارِيان[136] ڀانئج ڌارَ،[137] پُڇُ پِرِيان ڪَرَ[138] پاڻُ تُون.

4

سَڀَئِي سري، سَسُئِي! گَهرَ ڪُنڊُون تُون گهورِ[139]،

وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِهه[140] دوسِتُ ٿِيو.

5

درَان مَنجهه دوسِتُ ٿِيو، موٽِي پُڇُ پاهِين[141]،

عَبَثُ[142] اَڳاهِين، وَڃِيو ڪُوڪين[143] ڪانڌَ کي.

6

وؤڙِيَم[144] سَڀِ وَٿاڻَ، يار ڪارَڻِ جَتَ جي،

وَاللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيط[145] اِيءَ آرِياڻِيءَ اُهڃِاڻَ،

سَڀَ ۾ پُنُهون پاڻَ، ڪِيِنهي ٻِيو ٻَروچ ري.

7

جان پيهي ڏِٺُمِ پاڻَ ۾، ڪَري روحَ رِهاڻِ،

تان نَه ڪو ڏُونگرُ ڏيهَه ۾ نَه ڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُورَ هئا.

8

پَرَ گهران[146] پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،

سو تان تونهِين ساڻُ، جنهن لئي جَفائون ڪَرين.

9

سوئي کَڻِيو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سَسُئِي،

ڪَڏهِين ڪَنهِين نه ڪِيو، ڄُلَڻَ[147] مَنجهان ڄاڻُ[148]،[149]

پُڇُ پِرِيان ڪَرَ[150] پاڻُ، تَه تُون تِئائِين لَهين.

10

جو تُون ڏورِئين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو،

لالَنَ لئي[151]، لَطِيفُ چئي، مَنجِهي ٿِيءُ[152]، مَعذورِ،

مَنجهان پَئي پَروڙِ[153]، تو مَنجِهه آهِسِ تَڪِيو[154].

11

وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي،

لِڪو ڪِينَ، لَطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پارِ،

ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پارِ،

نايو نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.

12

ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نه پُڇَنِ هتهِين[155]،

جَنِ پُنهُونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِيو.

13

هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌ وِسارِ،

قاصِيداڻِي ڪارِ[156]، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.

14

هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ،

رائي[157] پُڇُ مَ رَندُ[158]، رِڙهُه، رُوحانِي سَسُئِي!

15

هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلَ[159]،

آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا[160] ۾ ڪانڌُ ٿيو.

16

هلُ هِنئين سين هوت ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون،

مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.

17

هَلُ هِنئين سين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،

جَنِين ڀانئيو پاڻُ، سي آرِياڻِئان[161] اور رَهِيُون.

18

ڪِجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچَيَنِ ڪارَڻِ ڪيئن؟

بيخُود هَلِج بَرَ ۾، آئُون ٿو چُئان[162] ايئن،

سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ[163]، مَتان، مُٺِي! ڇڏِيين.

19

مَتان، مُٺِي! ڇَڏِيين، پِرِيَتَڻُو پاڻان،

ڄاپَنِ[164] جيئن ڄاڻان[165]، تون پُڻِ هوئجِ تَنِ جيئن.

20

مَتان، مُٺِي! ڇَڏِيين، پاڻان پِرِيَتَڻُو،

کَٿُورِيءَ ڪَڻُو، مَڙِهي مَڙِهِجِ[166] مُنهن ۾.

 

وائي

غَفَلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون!

ڪيئن ڪَرِيان آئُون، ڪُهُه[167] ٿِيو.

سُتِيَسِ تان ساٿُ وِيو، اُٿِيَسِ تان ڏُک آئِيو،

ڪيئن ڪَرِيان آئُون، ڪُهُه ٿِيو.

پُڇان پوءِ پُنهُونءَ کي، عَبَثُ تان اَنُ کائِيو[168]،

ڪيئن ڪَرِيان آئُون، ڪُهُه ٿِيو.

هوتَ هَلندي جا ڪِئي، سا مُون ڳالهه سُڻائِيو،

ڪيئن ڪَرِيان آئُون، ڪُهُه ٿِيو.


 

 

داستان چوٿون

 

1

هيجُ[169] هوندو جَنِ، سي ڪيئنءَ وِندُرِ[170] وِينديُون،

وِيهو وِچِ رَهَنِ، سَهسِين سَڌُنِ وارِيُون.

2

سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي[171] ڪا،

جيهِيءَ تيهِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشَ[172] ڪانِهي جا[173]،

مُون سين هَلِي سا، جا جِيءُ مِٺو نَه ڪَري.

3

ڪيچِ نه جُنبَڻَ[174] جاءِ، تَه ڪا هَلي هوتَ ڏي،

مُون سين هَلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نَه ڪَري.

4

آتَڻَ[175] ۾ پِرِياڻُ[176]، هو سَڀَنِي جيڏيين،*

مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپَرين.

5

سُکَنِ وارِي سَڌَ[177]، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،

اَندَرُ جَنِين اَڌَ ڏُونگَر سي ڏورِينديُون.

6

ڏُونگَر نه ڏوري، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪَري،

ويٺِي گهرِ گهوري، مَٿان پِريَنِ ڄندَڙو.

7

وَريتِيُون[178] وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري،

جا ڏي[179] هِنَ جَبَلَ جو، تانگِهيندِيَس تَرو،

جَتنِ ساڻُ ذَرو، نينهَن نِبيرَڻَ[180] نه ٿِئي.

8

وَڃو سَڀ وَرِي، اَئِين[181] جي وَرَنِ وارِيُون،

ڦوڙائي[182] فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهه ڳَرِي،

ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي،** ڏُونگَرَ سي ڏوريندِيُون.

9

وَڃو سَڀِ موٽِي، اَئِين جي وَرَنِ وارِيُون،

ڪانَه هَلندِي ڪيچَ ڏي، ڪَريو مَ کوٽِي،

ڪَڍِيَمِ ڪاڇوٽِي[183]، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لئي.

10

اَڄُ مَلِيندِيَسِ[184]، ماءِ! ڌاٺا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،

جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلَ مَ پاءِ[185]،

هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ[186] پائيان.

11

عِناتا[187]! اُتاهِين، جانِي[188] جَڙي ٻَنڌُ[189]،

آهي گهڻُو اَهُکو، فَقِيريءَ جو فَنڊُ[190]،

چَکين ته چَرِيو ٿِيين مَيخاني جو مَنڌُ[191]،

ڪِينَ ڪڍيو ڪَنڌُ[192] مَنجهان سَڱَ[193] سِيّد چي.

12

مُون کي ڀانئي ڀاڄُ[194]، ڏيرَ ڏُوراڻا[195] هَلِيا،

اَڳِيان اُٿِي اُنِ جي، خُوبَ نه پَڪَمِ کاڄَ،

ميڙي آپ[196] سَرَتِيُون، نَه ڪي ڳايَمِ ڳاڄَ[197]،

سا مُون هَٿان نه ٿِئي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،

آيَلِ! آئُون اَڪاڄَ[198]، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو[199].

13

تو جو ٻولُ، ٻَروچَ! ويهِي ڪِيو وَڻِڪارَ ۾،

سوئِي پارِج، هوتَ! وِلَهِيءَ[200] مُون مَعذُورِ سين.

14

پِهرِين تُون پاريج، پارَڻُ پوءِ پُنهُونءَ تي،

ٻولُ مَ وِسارِيجِ، هُو جو ڪِيوءِ هوتَ سين.

15

توسين ٻولَ ٻَهُون[201]، سَهَسين ساڄَنُ جي ڪَري،

ڪَندِيين توءِ[202] ڪَهُون[203]، جي نالو ڳِيَڙُءِ[204] نِينهَن جو.

16

سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي!

ڪَندِيين ڪُهُه ڪيڻانِ،[205] جُهه[206] سي اُنِ اورانگِهيا[207].

17

سِڄَ اُلَٿي[208]، سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو[209] روءِ،

پَهِي[210] نه پانڌِي ڪو، جنهن ڪَرَ[211] پُڇي لوءِ[212]،

مُوڙهِي وَڃي توءِ[213]، موٽَڻَ جِي ڪانَه ڪَري.

18

ڇُلان[214]، مَنجِهمِ نه ڇاڪَ[215]، پُران[216]، پُونِمِ پُرڪَڻا[217]،

مَتان ڪا مُنڌ ڪَري، موٽَڻَ جِي مذاق[218]،

چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هَڻِي ڪِيو.

19

پيرين پِيَمِ پُرڪَڻا، رَهه ۾ گَهڻو رُنومِ،

پاراتو پِرِيَنِ کي، تَپِي تان نَه ڏِنومِ،

چُڪِي[219] تي[220] چَيومِ، سُواهَرُو[221] سَڄَڻِين.

20

چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏِيُون!

وِيئڙو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊا ئِي[222] نه لَهِي.

21

چُڪَسِ سَڀِ چَئِي، ماڙُهو[223] شَهرَ ڀَنڀورَ جا،

سا موٽي ڪِينَ مُئِي، جنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِيا.

22

موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،

پَرِيَٽ[224] پِهرين پُورَ[225]، نيئِي پَهُچائِي پُنهونءَ کي.

23

موٽَڻَ جِي مَصلِحَتُ، مُون کي ڏِيو مَ، جيڏِيُون!

نِهارِيندِيَسِ نِڪَرِي، آرِياڻِي اَلبَتَ،

ڪَندِيَسِ اوٽَ[226] عَيبَ جِي،* لَڪَنِ ڏيئِي لَتَ،

سَرَتِيُون! شَرِيڪَتَ[227]، آئُون ڪيئن آگَنِ[228] سين ڪَرِيان؟

24

موٽِي مَران مَ، ماءِ! موٽَڻَ کان اَڳي مَران!

لُڇِي لالَڻ لاءِ، شالَ پُونديَسِ پيرَ[229] تي!

25

نِماڻِيءَ جي نِجُهري[230]، رُئَڻُ ۽ راڙو،

ڪُٺلِ جي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙهو،

هوتَنِ لَئي هاڙِهو، سَڀُ رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين.

 

وائي

مَعلُوم حالُ، حَبيبَ! مُون کي دَردُ قَدِيمِي، وو!

دَردُ جَدِيدِي[231]، حُبّ حَبِيبِي[232].

آلُودِي[233] آزارَ کان، تو رِيءَ ٿِيَسِ، طَبِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

شادِي[234] ڏيين صِحَتَ جِي، غَمِي لاهِه، غَرِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

آنهِيان[235] ٿِي آهُون ڪَرِيان، نَعرو[236] مَنجِهه نَصِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

ڪاهِلِ آهِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاهِه، رَقِيبَ[237]،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

حاذِقُ[238] آهِين هِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

دَوا آهِيين دل جِي، پُڇ پُڇِ رَهِيَسِ[239]، طَبِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.

اَلا! عَبدُاللطِيفُ کي، ڪوڙي لاءِ[240]، قَرِيبَ،

دَردُ جَدِيدِي، حُبّ حَبِيبِي.


[1]. نيٺ

[2]. احسان ڪر

[3]. رئاڙي

[4]. سٽڪو، هارو

[5]. پاسي ڀر ليٽي

[6]. پاڪ، صاف

[7]. حسن

[8]. ستيا واري

[9]. دوستي

[10]. رستي، راهه.

[11]. پچائي، ڳاري

[12]. اصل، بنهه

[13]. سڪ، پيار

[14]. گهڻائي

[15]. زياده

[16]. انهن

[17]. درياه

[18]. اُڃ

[19]. گهڻي

[20]. عشق

[21]. وصال

[22]. وڇوڙو، فراق

[23]. پرچاءُ، آرام

[24]. اهڙي ڪنهن

[25]. باهه، مچ ۾

[26]. جلڻ، سڙڻ

[27]. پرينءَ، محبوب

[28]. تنهن لاءِ، تنهن ڪري.

[29]. ساهه کان

[30]. ڳولي

[31]. ساهه، روح

[32]. ڦريلن

[33]. احوال ڪري

[34]. ديدار، ڏيٺ- دوستي

[35]. پڌرو ڪيائين

[36]. عقل

[37]. سڙيو

[38]. آسمانن

[39]. آواز

[40]. پکين

[41]. ڌنار

[42]. وحشي، جهنگلي جانورن

[43]. وٽان، کان

[44]. واويلا، روڄ راڙو.

[45]. مهند، اڳيان

[46]. عاجزي

[47]. ڪسنگي، خراب سنگت واري

[48]. حجت، دعويٰ

[49]. خوديءَ کان

* لاطمع عشق

[50]. شيطان (نفس)

[51]. محرومي، دنيا ترڪ ڪرڻ

[52]. آزيون نيزاريون

[53]. عشق جي لغار

[54]. کان سواءِ

[55]. مزو

[56]. ڦُل، جوهر، چڱائي

**. دانهون ۽ ٻيا حيلا هلاءِ، هٿ پير هڻ.

[57]. اُٺن

**. دانهون ۽ ٻيا حيلا هلاءِ، هٿ پير هڻ.

[58]. توکي ڏيندا

[59]. توکي پوندو.

[60]. نادان، هاڙو جبل

[61]. مڪان، جاءِ

[62]. الله جي واٽ، طريقت جو رستو، صراط الستقيم

[63]. اميدن، طمع

[64]. ڳجهو، لڪل

[65]. خوش

[66]. ميدان ڪر، ڊاهي ڇڏ

[67]. مئل!

[68]. متان

[69]. وڃي

[70]. گذر يا چارو ٿئي

[71]. اٿن، هرن

[72]. چڙو، گهنڊڻي

[73]. چڙي جي اندران آواز ڪرڻ لاءِ ٻڌل هڏو.

[74]. اوهان کان

[75]. ٽپو، ڇال

[76]. کان سواءِ

[77]. نقصان

[78]. بيماري

[79]. اي سهڻا

[80]. پَررين، محبوب

[81]. ٻانهي

[82]. متان

[83]. ڳولي

[84]. وڙن واري، لائق مهربان

[85]. وڃج

[86]. (هاڻي) چئو

[87]. دل لڳائي

[88]. جن هن دنيا کان منهن موڙي، آخرت موچار ڪرڻ لاءِ خيال ڪيو، سي وڃي منزل مقصود کي رسيون

[89]. عقل ڪل

[90]. وک کان

[91]. شايد

[92]. وڻراهه، لس ٻيلي جي هڪ جهنگ جو نالو

[93]. اڪيلي.

[94]. سجهن

[95]. خبر

[96]. نڀاڳي، سڃي

[97]. ڇاڪاڻ جو

[98]. منهنجو مٺو آهي

[99]. تنهن ڪري

[100]. اڇلون، ڊوڙ ڊڪ

[101]. سختيون

[102]. هيڻين

[103]. سخت، زوراور

[104]. سجهي

[105]. خطرناڪ

[106]. پهريون ئي

[107]. پهڻ، پئر، سنگ- ميل، منزل جو نشان، منزل

[108]. لئي جو وڻ- جبل جو نالو

[109]. بيد جو وڻ

[110]. خوشبودار ٻوٽو

[111]. ڌرتي، زمين

[112]. ڏئي

[113]. ڦيرا

[114]. جتي بستي ڪانه آهي

[115]. ماڻهن ۾

[116]. رهزنن جي جاءِ

[117]. طريقت جي راهه جا صاحب، مرشد

[118]. وڃ

[119]. هن دنيا

[120]. پنڌ پري ۽ آءُ اڪيلي

[121]. ٻاٻيها، پکيءَ جو قسم

[122]. ڏينهان، ڏينهن جو

[123]. تڪليفون

[124]. وس ۾

[125]. مائٽ

[126]. انهن پارن يا نشانين وارا

[127]. اٺن سينگارڻ جا زيور

[128]. اٺن

[129]. سِسيون

[130]. خاندان اجاريندڙ، نالو ڪڍندڙ.

[131]. پوئتي، پٺتي

[132]. ڊڪون ڊوڙون

[133]. جن هڪ هنڌ ويهي اندر ۾ الله ڳوليو آهي

[134]. بدن، جسم، اندر

[135]. جبل جو رهاڪو، محبوب

[136]. پرايا، ٻاهريون شيون

[137]. ڌارين شين کي ڌار سمجهج

[138]. واسطي لاءِ خبر

[139]. ڳول، چتائي نهار

[140]. در اندرران، وجود ۾.

[141]. پٺتي

[142]. اجايو

[143]. ڪوڪون يا سڏ ڪرين

[144]. ڳوليم

[145]. سڀڪا شيءَ الله جي گهيري (قبضي) ۾ آهي

[146]. پرائي گهر مان، غير کان

[147]. هلڻ

[148]. علم، واقفيت، پروڙ

[149]. گهمي، هلي، ڦري به ڪجهه ڪين پروڙيو

[150]. لاءِ، واسطي، خبر.

[151]. لئي، لاءِ

[152]. اندر ۾ جهاتي پائي

[153]. پتو، نشان

[154]. ماڳ، ديرو

[155]. هتهين، هتي

[156]. قاصد وانگر تياپي پهچائڻ سان

[157]. جبل جي واري

[158]. پير

[159]. ٽپ، ڇالون ڏي

[160]. بدن جسم، اندر

[161]. آريءَ جي ملڪ کان

[162]. چوان

[163]. ساجن ملڻ تائين

[164]. ڄمن

[165]. جاڙا ٻار

[166]. لڳائج.

[167]. ڪوهُه، ڇا

[168]. اجايو کايو، پيٽ جي پوڄا ڪريو

[169]. سڪ

[170]. جبل (پٻ جبل جي هڪ نديءَ جو نالو)

[171]. قبول ڪري

[172]. چرپر، هلڻ، چرڻ

[173]. جاءِ ماڳ.

[174]. چُرڻّ، هلڻ

[175]. ڪتڻ جي جاءِ (گهر)

*. آتڻ ۾ گهر ويٺي سڀني سرتين عشق جي دعويٰ پي ڪئي.

[176]. محبت

*. آتڻ ۾ گهر ويٺي سڀني سرتين عشق جي دعويٰ پي ڪئي.

[177]. ريس، خواهش

[178]. ورن يا مڙسن واريون

[179]. ٿُلهي، وڏي، سخت

[180]. فيصلو ڪرڻ، عشق ڪرڻ

[181]. اوهين

[182]. جدائي، تڪليف

**. جن اندران يا گهران باهه لڳي.

[183]. لانگوٽي

[184]. ڌوئينديس، ڀڀوت هڻنديس

[185]. منع نه ڪر

[186]. جوڳين وارا والا

[187]. اي عنايت (جاني ڏيري جو پٽ)

[188]. محبوب يا عنايت جو پيءُ جاني

[189]. قابو ٻڌ

[190]. هنر، ڍنگ

[191]. شراب

[192]. ڳچي

[193]. لاڳاپو

[194]. ڀڄايل زال يا ڀاڄائي

[195]. ڪاوڙجي

[196]. پنهنجيون

[197]. ڳيت، راڳ

[198]. نالائق، بيڪار

[199]. بهتر. چڱو.

[200]. مسڪين

[201]. گهڻو

[202]. تنهن ڪري

[203]. ڪاهون، مسافري، ڪشالا،

[204]. ورتئي

[205]. هنن کي، کين

[206]. جيڪڏهن جيڪي

[207]. نه پاريا

[208]. لٿي

[209]. رت جي رنگ جهڙو

[210]. هم خيال، ساٿي

[211]. جيڪر، خبر

[212]. مڪان، جاءِ

[213]. تنهن ڪري تو ڏانهن

[214]. ٽپ ڏيان

[215]. طاقت، توفيق

[216]. هلان

[217]. لڦون

[218]. ٺٺولي.

[219]. ٿڪجي

[220]. تنهن ڪري،

[221]. سٺو مددگار

[222]. ننڊ جو خمار

[223]. ماڻهو

[224]. ڌوٻياڻي

[225]. پهرئين ڀيري، شروعاتي خيال

[226]. پردو، ڍڪ

*. پنهنجن خامين ۽ خطائن جي تلافي ڪنديس

[227]. مائٽي، برابري

[228]. آقائن، رئيس.

[229]. پيرو، پير جو نشان

[230]. گهر، مڪان، جاءِ

[231]. نئون

[232]. محبوب جي

[233]. ڦاٿل، گرفتار

[234]. خوشي

[235]. اوهان کان، اوهان لاءِ

[236]. دانهون، روڄ راڙو

[237]. نگهبان (خدا جو هڪ نالو).

[238]. هوشيار طبيب

[239]. پڇي پڇي ٿڪي آهيان

[240]. سيني سان لاءِ، ڀاڪر پاءِ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com