سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :9

وائي-1

وَٺَڙِئو هوتَ وَڃَنِ، وو! جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!

آئون جَنِين جِي آِيان، ڪَڙِي مَ ٿِيان تَن،

جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!

گهورِيان گَهڻين ڀَتِيين سدِي ٻاجَهه ٻِيَن،

جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!

مَرُ[1] مران، مارِينِ مُون، پُرزا پُرزا ڪَنِ،

جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!

آئُون مُيائِي گهورئِي، جي مان مُحبَ مِلَنِ،

جَهلِيان، پَلِيان، هينئڙو نَه رهي!

 

وائي-2

وِسارِجَ مَ ويڻَ جوڀَنُ ٻه ٽي ڏينهڙا.

لُوٺِيُون[2] سَهَنِ لوڪَ جا، وهاڻِيَ[3] ٿيون ويڻَ،

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

اَصلِ اَسارِنِ[4] جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

جيڏِيُون جي مان وِسَهو، نِنڊَ مَ هيريو نيڻَ،

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

راتَڙِيُون جاڳن جي، سي آئون ڪَندَڙي سيڻَ،

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

آڌِي رات اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون ننڊان[5] نيڻَ،

جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا

 

داستان ڇهون

1

دائُودِي[6] دَيُون[7] ڪَري، رَڪَنِ[8] ڪونِهي رَنگُ[9]،

گهوڙِيءَ هيٺِ اَيَنگ[10]، ڪاهِيو پاکَرِئين[11] هَڻي.

2

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ[12]،

گهوڙِيءَ هيٺِ سُچيتُ[13]، ڪاهِيو پاکَرِئين هَڻي.

3

او قابِيلَ[14]! اکين ۾، توکي بارِي[15] بان[16]،

اُڀو اَڳَرايُون ڪَرين، ماڳ[17] هَڻِيو مَستان،

جانِبَ! تون رِيانَ، اَکَيِنِ سين ايڏا ڪَرِين!

4

او قابِيلَ! اکين ۾، توکي تِکا تِيرَ،

ساڄَنَ! اِنهين[18] سِيڱَ[19] سين، ڦَٽِيَئِي گهڻا فَقِيرَ،

ٻيو مَ مارِج مِيرَ! تنهنجو پهريون ئِي پُورو ٿِيو*.

5

او قابِيلَ! اکين ۾ تِير تِکا توکي،

ساجَنَ اِنهين سُورَ جِي، ڪَلَ نه آ[20] ڪنهن کي،

مارين ٿو مُون کي، چارهي لوهَه[21] لَطيفُ چي.

6

او قابِيلَ! اکين سين، تِيرَ چَلايا تو،

ٻِيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پکهريون پُورو نَه ٿئي.

7

جي هُو پائِنِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَرَ[22] رَکُ،

مُنهَن ۾ معشوقَنِ جا، چاڪَ[23] چَٽَڪا[24] چَکُ،

سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ ته اُبَهين[25].

8

جي هُو پائِنِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيج،

مُنهَن ۾ معشوقنِ جا، جهالُو[26] ٿي جَهليج،

پاهان[27] پَگ[28] مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبهين.

9

جي هُو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته نَئِي ڏِج سِينو،

ڪجي نه ڪيِنو[29]، وَڃِي دَرِ دوستن جي.

10

پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان! مار مَ مون،

مون ۾ آهين تون، مَتان تنهنجو ئي توکي لڳي.

11

ڪَيو[30] ڇَڏِينِ ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،

ٿِيا جي نِيشانُ، ته پهرئين سان پُورا هئا.

12

لورِي[31] جِتِ لَڳومِ، اُتِ اُڀوئِي آهيان،

سُورِهيه پِرِين سَندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻِيو هَڻي!

13

مَحَبتَ جي ميدانَ ۾، عاشقَ! ٿيءُ اَچام[32]،

سَمُهان[33] سَلَ[34] سيّدُ چي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،

ڪَهِجِ ڪو مَ ڪلامُ، جِمَ[35] دوسَنِئُون[36] دُورِ ٿِيين.

14

مَحبَتَ جي ميدانَ ۾، اَچي پيرَ پِيانِ،

سِرَ وَڍِڻُ، ڌَرَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِيءُ سِينگارَ سَندانِ[37]،

ڏِيندا مون ڏِٺانِ[38]، مَٿان مَحبُوبَنِ لَئي.

15

مَحَبتَ جي ميدان ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ[39]*!

سرو سوريءَ، ڌر ڪَنگرين[40]، متان ڪُڇين ڪَٽُ[41]!

عِشقُ نانگُ نِپَٽُ[42]، خَبَرَ کاڌَنِ کي پوي.

16

مَحبَتَ جي ميدان ۾، سَرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،

لاهي سِرُ، لَطِيفُ چي، دوسَنِ[43] اَڳيان ڌَرِ[44]،

عِشقُ نانگُ اَپرَ،[45] خَبرَ کاڌَنِ کي پَوي.

17

مُحَبتَ جي ميدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،

سُورِيءَ سُپيرِينِ جي، چَڙهُه ته ٿيين چانگُ[46]،

عِشقُ آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.

18

محبت جي ميدان ۾، ڪُڏِي پئو ڪاهي،

ڇَڏِ آسانگا[47] اَرواحَ جا، لاهُوتِي[48]! لاهي،

عِشقُ نانگُ آهي، خَبَرَ کاڌَنِ کي پوي.

19

عِشقُ نه آهي راندِ، ته ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو[49]،

جِيءَ، جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي جو هيڪاند[50]،

سِسِي نيزي پاندِ[51]، اُڇلِ ته اَڌَ ٿِئي.

 

وائي

عِشقُ تَمامُ[52]، بِرهُ، وو! مَين لُوٺِي[53] يارَ لوڪو!

سيڄَ سُتِي نُون جَهپَ[54] نه آوي، نيڻين نِنڊَ حَرام،

وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!

راتيان جاڳڻُ، صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِي فَقِيران دا[55] ڪامُ[56]،

وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!

مَتِ عَقُلَ دِي مُنجِهه ڳَئِي[57]، آيا عِشقُ اِمام[58]،

وو! مَين لُوٺِي يارَ لوڪو!

 

 

داستان ستون

 

1

عاشِقَنِ اَللهَ جي، مَحَبتَ رَکي مَنِ،

سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آهي تَنِ جي.

2

عاشِقَنِ اَللهَ جي، سدا وائي وات،

فاذڪُرُوني اَذڪُرُڪُم[59]، تَنَ ۾ اِها تات،

اِن کان ڪا نه سات[60]، سَڄَڻُ ويلَ[61] نه وِسَري.

3

عاشَقَنِ اللهُ، ويرو تارِ[62] نه وِسَري،

آهَه ڪَرِيندي ساهُه، ڪَڏِهن ويندو نِڪَرِي.

4

عاشِقَنِ آرامُ، ڪڏِهن تان ڪونه ڪيو،

طَعني ڪِيا تمامُ، حَبِيباڻي[63] هيڪَڙي.

5

عاشِقَ ايئن نه هُونِ، جيئن تون سَڄين اَڱرين[64]،

وَڃِي دَرِ دوسَنِ جي، رَتُ ڏيهاڻِي رُون[65]،

ٻِيءَ پَرِ ڪنهن نه پُونِ[66]، ماڪُرِ[67] محبُوبَنِ سين.

6

جان عاشق مَٿي رَتُ*، تان دَعويٰ ڪري مَ نينهن جي،

سائو مُنهن[68]، سُونهن ڳَئي[69]، سِڪَڻَ اِيءَ شَرَطُ،

نه ڪِين[70] گوڏِ گَرَٿُ[71]، مَٿان[72] سِر سَؤدا ڪري[73].

7

اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي[74] رَتُ نِڪَري!

مُنهَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪيئن جَهلِيندين گهاءَ؟

سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ[75]، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرين؟

8

سِڪَ نه آهي سُٿَرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،

ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ سِڪَڻَ جِي؟

 

9

سِڪَڻَ اِيءَ نه سَڌَ، جِيئن لِڪيو لِياڪا[76] پائين،

پَئي پِرِيان جي نه ٿيين، مٿي اَڱڻَ اَڌَ؟

اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جيئن کِليو، کايو، سُمهين[77].

10

سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي*،

وِهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪارَڻُ[78] ضَرروي،

ٻِنهين[79] جِي پُوري[80]، جِيءَ ڏِني رِيءَ نه ٿيي.

11

جي ڪِين سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ[81] پَسُ سِڪَنديين[82]،

پاسي تَنِين مَ لِڪُ، نينهن نه سُڃاڻَنِ جي.

12

عاشِقَ! معشوقنِ جي، وَٺِي ويهُه ڳَرِي[83]،

جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوستَ دَرِي!

ڏيندا ٻُڪي[84] ٻاجَهه جي، وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي[85]،

اَسان تان نَه سَرِي، تو ڪيئن سَري سُپِرِين؟

13

عاشِقَ! معشوقنِ جو، وٺي ويهجِ سيرُ[86]،

اَچِي پُڇَندُءِ پاڻَهِين، پِرتان[87] ڀَري پيرُ،

ڀَلايِنِ جو ڀير[88]، رَهَبرُ ٿيندءِ راهَه ۾.

14

عاشِقَ! معشوقنِ جو، وٺِي ويهجِ دَرُ،

اَچِي پُڇندُءِ سُپِرِين، لَهندُءِ سَرَ[89] سَڀَرُ[90]،

ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ[91]، رَهَبَرُ ٿيندءِ راه ۾.

15

عاشِقَ! معشوقنِ جو، وٺِي ويهُه دُکاڻُ[92]،

پَئِجِ پيشِ پِرِيَنِ جي، پَٽِيءَ وِجِهي[93] پاڻُ،

ته تُون تَنِين ساڻُ، سدا رهين سُرخُرو.

16

عاشِقَ! معشوقنِ جو، وٺِي ويهج گَهٽ[94]،

جِمَ وِرِچِي ڇَڏيين، موکِيءَ[95] سَندو مَٽُ،

ڪري سِرَ جِي سَٽُ[96]، پِيجِ ڪي پِيالِيُون.

17

عاشِقَ! معشوقنِ جو، وٺِي ويهجِ رَند،[97]

پِيارِيندَءِ پاڻِهين[98]، مَيخاني جو مَنڌُ[99]،

ڪِيمَ ڪَڍِج تون ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُن کي.

وائي

سُپيرِيان جي سونهن جِي، ڳالِ ڪِينَ وَڃي[100]،

وَڃِي دَرِ دوسَنِ جي، سُورِي سِرُ هَڄي[101]،

عاشِقَ اَنگُهنِ[102] چڙهيا، ٻيو سَڀُڪو ڀَڄي،

پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻُو، پِهرِين سِرُ سَڄي[103]،

عاقِلَ ئِي اوڇُون[104] ٿِيا، ڀورو[105] ڪين ڀَڄي[106].


 

داستان اٺون

 

1

هَر هَر هَرائي[107]، وَڃَڻُ دَرِ دوستنِ جي،

پاڙي ڏانهن پَرِيَنِ جي، اُڃُ[108] مَ اَوائِي[109]،

اَلهڙ[110] ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُنِ وائِي[111]،

لائِندَءِ لطيفُ چي، سُوران[112] سَرَهائِي،

ڳُجهو ڳالهائي[113]، پِرتِ وَٽِجي[114] پاڻَ ۾.

2

جان جان ناهِه ضَرُورُ، تان تان طبيبُ ناهِه ڪو،

جُهه سو سَرِيو[115] سُورُ، ڪَرَ ويڄُ وَرِ پيو[116].

3

سُورُ جَنِين کي سَرِيو، سَرِي[117] تَنِ صِحَتَ،

مُٺِي مُصِيبَتَ، آهي عاشقن کي.

4

سيئي سُور طبيبَ، جنِين سُورَ سَڃَ ڪِي[118]،

جو لِکِيو هُتِ[119] لطيفُ چي، سوِئي ڪَنِ قَريبَ[120]،

جي نوازِيا نَصِيبَ، دارُونءَ[121] سي دُوستُ ڪِيا.

5

جي پِياري پاڻَ، ته ڪَرَهو[122] ٿِي پاڻِي پِيين،

اَڳي اَنِ نياڻَ[123]، اَڻَ ڪوٺِيو ڪونَه گِهڙي.

6

اَڻَ ڪِي[124] عَيان[125] نه ٿيي، ڪِي[126] پَروڙي ڪونَه[127]،

سَچِي جيهِي سونَ، مُنهن نه پيئِي[128] ماڙُهين[129].

7

اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿيي، ڪِي پَروڙي ڪونه،

سا سُونهيِن[130] ٿي سونَ[131]، اَمُرُ[132] عَطا جنهن جو.

8

جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ[133] ڳَنڍِ[134] ٿيو،

مون کي پُڇيائُون، ٺوڪي اِنِهِين[135] ٺوڪَ سين[136].

9

جيڪي ڏِنائون، سو سِرُ ڏيئِي سَهُه ڄندڙا[137]!

مَ چَئو ڇِنائُون، اِي پُڻ ڳَنڍِيو سَڄڻين.

10

جيڪِي ڏِنائُون، سو سَڀَوئِي صِحَتَ،

مَ چَئو آزارُ اُنَ کي، مَ ڪِي مُصِيبَتَ،

ڪُهَڻُ قَرِيبَتَ، جو ڪوٺَڻُ پَرِ پِرِينِ جِي.

11

ڇِنَنَ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميري[138] اُنِ سين،

جي هُو اَوَڳُڻَ ڪَنِئِي اَسُونهِين[139] تون ڳُڻان ئِي ڳِنُ[140]،

پاندُ جَهلِيو تون پَنُ، هَنِ سُونهاري سَڱَ[141] ۾.

12

نَمِي کَمِي نِهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏُکُ،

مَنجهان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوارِيا! سَمُجهين.

13

نَمِي کَمِي[142] نِهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو[143]،

ٿِيَئِي ساڃائو[144]، جي اُڀِيين اِنَهين پيرَ تي*.

14

ڏَمَرَ پاسو ڏَکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ[145]،

وَاللهُ مَعَ الصّابِرِينَ[146]، آگو[147] اِيهين[148] چوءِ.

15

کَمُ[149]! کَمَندَنِ کَٽيو، هارايو هوڙَنِ[150]،

چَکِيو نه چُوندَنِ[151]، هُو جو ساءُ[152] صَبُرَ جو.

16

کمَندَڙَنِ گَهرِ کِين[153]، چَوندڙَ[154] چڱا نه ٿيا،

ويڻَنِئُون[155] وِيڌُ[156] پَئي، هَٿِ نه اَچي ڪِين.[157]

17

هُو چُوِنِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي،

اَڳِ[158] اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، وِيو ڪِيني وارو[159] ڪِينَ ڪِين.

18

هُو چُونِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي ويڻُ،

سَڀَنِي سين سَيّدُ چي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،

کانِڌ وَڏائِي کيڻُ[160]، ڪِيني مَنجهان ڪِينَ ٿِئي.

19

ڪَنِين ڪينَ پِرائِيو، ڪِيني مَنجهان ڪِين،

جي هوءِ سَٽاڻِي سِيڱ[161]، ته زِهَ ڇِني جو کو ٿئي*.

20

سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، وَرائِجِ مَ وَرِي،

هادِيءَ جي هِدايَتَ جِي، آهي اِيءَ ڳَرِي[162]،

تَنِ سَڄي ساهِه سَري[163]، جَنِ مارِيو نفسُ ماٺِ سين.

21

چُوَندن ڪيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامهون،

ڪا مَت[164] قِيمتَ جِهڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيج،

ويڻُ مَ وَرائيجِ، ته سَڀَ دَرِ سُهاڳِي[165] ٿِيين.

22

ڪِينَ مائِيندا[166] مَنّ ۾، خودِي ۽ خُدا،

ٻِنِ تراڙِنِ جاءِ، ڪا آهي هيڪَ مِياڻِ ۾؟

23

اَڻَ- چُوَندن مَ چَئو، چُوَندِن چَيو وِسارِ،

اَٺَئِي پَهرَ اَدبَ سين، پَرِ اِهائِي پارِ،

پايو مُنهن مُونَن[167] ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،

مُفتِي[168] مَنجهه وِهارِ، ته قاضيَ ڪانيارو[169] نه ٿِيين.

24

جَنين سندِي ٻوڏ[170] ۾، ڀَتو ڀَتين[171] جيءُ[172]،

تون تَنِين سين سيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.

25

ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو[173] ڏاڍو ٿِئي،

سا مجلَس ئِي مَٽِ، جي حاصلُ[174] هوءِ هزارَ جو.

26

ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي،

تون تَنِين سين ڪَٽ[175]، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

 

وائي

 

يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئون مارِي،

درِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيها مُشتاقُ،

ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

جاٿي ڪاٿي مَحبوبَن جي، آهِه حُسنَ جي هاڪَ،

ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

سُرمو سَهِي ڪَرِ اکين جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،

ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

عبداللطيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ[176]،

ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.

سر کنڀات

سر بابت:

گجرات ۾، کنڀات نار تي، کنڀات نالي هڪ شهر آهي. هيءَ راڳڻي، اتي جي ڪنهن گوئيي جي رچيل آهي، تنهنڪري مٿس نالو سر کنڀات پيو آهي. هن سر کي کماچ پڻ چوندا آهن؛ ۽ رات جي هڪ پهر گذرڻ بعد ڳايو ويندو آهي.

هن سر ۾، عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون، اختيار ڪيون ويون آهن. گهڻي تفحص بعد، ثابت ٿيو آهي ته، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رد ڪيل بيتن مان ڪي حقيقت ۾ شاهه جا بيت آهن، اهي بيت اضافو ڪيا ويا اهن. اضافو ڪيل بيت آهن:

داستان 2، بيت نمبر 24، 27 ۽ 41.

مضمون:

هن سر جا بيت، شاهه شايد جوانيءَ ۾ تڏهن چيا ٿا ڏسجنج، جڏهن کيس مجازي عشق جي چپيٽ لڳي هئي، انهيءَ ڪري قمر ۽ ڪرهي کي عتاب ۽ خطاب ۽ بار تائين سنيهن پهچائڻ ۽ خبرن رسائڻ لاءِ تاڪيد ڪيل آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾ شاهه، جيڪا کيس پيغمبر پاڪ ﷺ لاءِ محبت ۽ رسول اللهﷺ جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪرڻ جي تمنا دامنگير هئي، تنهن جو چٽو بيان ڪيو آهي. شاهه کي فخر موجودات، حضرت محمد ﷺ جي ذات با برڪات سا نهايت الفت هئي، تنهنڪري هن سر ۾، سونهاري سڄڻ جي شخصي سونهن ۽ اخلاقي حسن جي ساراهه ڪندي، هن حقيقت کي واضح ڪيو ويو آهي ته خدا تعاليٰ مديني جي مير لاءِ ملڪ ۽ ماڻهو خلقي، کيس انهن جو مهندار مقرر ڪري مڪو آهي. چنڊ جي سوڀيا سپرينءَ جي سونهن ۽ سيرت اڳيان تڇ آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس ناه پيشاني پرينءَ جي.

هيءُ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته آنحضرت ﷺ جن جي ڄمڻ وقت، ڪفر جا قلعا لڏي ويا ۽ قيصر وڪسريٰ جا ڪنگرا ڪري پيا هئا. شاهه جو چوڻ آهي، ته نه فقط ڪافرن جون دليون ڪنبي ويون هيون پر فطرت ٻيا به ڪئين ڪرشما ڏيکاريا هئا. محمد صلعم جي آڌارڀاءَ ۽ آجيان لاءِ، سورج ساخون جهڪيون ڪيون هيون، ۽ تارا ڪتيون تائب ٿيا هئا ۽ چنڊ ڪتين سان پيهي ويو پَرَلاءَ ۾.

رسول ڪريم ﷺ جن جي مدح بعد، شاهه صاحب چنڊ کي پنهنجو قاصد بنائي ٿو، ڇاڪاڻ جو چنڊ ساڳئي وقت، سونهاري سنڌ ۽ مديني منوره مٿان، پنهنجي نوراني نظر وجهي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري کيس سڄڻ تو اوڏا مون ڏور آهن. شاهه صاحب کيس عاجزيءَ سان التجائون ٿو ڪري ته الله لڳ، سرت ساري، منهنجو سنيهو ڏج ته، منهنجيون اکيون ساري ڄمار، اوهان جي آسري ۽ اوسيئڙي ۾ آهن. چنڊ کي پيغام پهچائڻ جو طريقو پڻ ٻڌائي ٿو، چي: پيرين هٿڙا وجهي، نرمي ۽ نئڙت سان نياپو ڏج، متان محبوب کي مٺيان لڳي.

زيارت ڪرڻ جي خواهش، پنهنجي حبيب پسڻ جي اُڪير، وهٽ نه وٺي سگهڻ جي عاجزي، ڪرهي ۽ ڪان نه هجڻ جي حقيقت ۽ منزل جي مفاصلي جي شڪايت ڪندي چوي ٿو، پيرين آئون نه پڄڻي. اتي هڪدم خيال اچيس ٿو ته، نفس کي ڇو نه کڻي ڪرهو ڪريان؟ جڏهين نفس تي سوار ٿئي ٿو ته هو گيسر ڪري ٿو. تنهن ڪري هن کي پنهنجو اصل ٻڌائي، ڀلايون گهري ٿو. نفس آهي نجس، سو کيس جڏهن سنوت نٿو ڏئي، تڏهن کيس آخرت جون اميدون ڏيئي، ريهڻ رييڻ جو ڪوششون ڪري ٿو. نفس جنهن کي لاڻي جي لغار لڳي پئي آهي، سو ڪڏهن ڪڏهن لڪيو وڃيو لاڻو کائي، يعني دنيوي نجاست کائي يا دنيوي عيش عشرت ڪري. اهو ڏسي، شاهه ڪارون ٿو ڪري ته نڀاڳي نفس رت رئاڙي، يعني تمام ڪڪ ڪري ڇڏيو اتم. انهيءَ ڪري اسان کي نصيحت ڪري ٿو ته، نفس کي اهڙا ڪي ڏاوڻ ڏانءِ، جو پيو چري ۽ چنگهي.


[1]. ڀل

[2]. رليل، کاڻيون، نادان عورتون

[3]. پرهه ڦٽي.

[4]. ويسلين، غافل زالن (اَسارَينَ، ساريندڙن)

[5]. ننڊ کان

[6]. حضرت دائود جهڙو

[7]. جلوا

[8]. مسڪينن

[9]. حال ڪونهي

[10]. بي پرواهه، مستانو

[11]. پاکرين کي، خادمن کي

[12]. خوديءَ جي ڄاڻ

[13]. خوديءَ وارو، هوشيار

[14]. حضرت آدم جي پٽ جو نالو، جنهن پنهنجي ڀاءَ هابيل کي قتل ڪيو هو، قاتل

[15]. ڳرا

[16]. تير

[17]. پوري هنڌ تي.

[18]. انهيءَ

[19]. ڪمان

*پهريون ئي تير ڪافي آهي.

[20]. آهي

[21]. تير هڻي

[22]. ڍال

[23]. چير

[24]. ڏنگ، زخم

[25]. تون بيٺو هج

[26]. سهڻ وارو، پڪو، پختو (جهليندڙ

[27]. پٺتي، پويان

[28]. پير.

[29]. بخيلي، بغض

[30]. گسايو

[31]. لرزش ڪندڙ، تير

[32]. نشان، هدف

[33]. سامهان، سڌا

[34]. سوراخ

[35]. متان

[36]. دوستن کان

[37]. سندن

[38]. انهن کي ڏٺم

[39]. ميدان ۾ * محبت جي ميدان ۾ اهڙو نعرو هڻ جو ميدان به پڙاڏو ٿي پوي.

[40]. ڪنگرن تي

[41]. هرگز

[42]. بلڪل، ننو

[43]. دوستن

[44]. رک

[45]. بي حد

[46]. چڱو ڀلو، ڪامل

[47]. پيار، اُمدون، آسرا

[48]. سچا عاشق

[49]. ٻار، ڇوڪراٽ

[50]. ميلاپ، گهڻائي

[51]. نوڪ تي، ويجهو.

[52]. ڀرپور

[53]. ڦُري، مُٺي

[54]. ننڊ

[55]. فقيرن جو

[56]. ڪم، مرڪ

[57]. وئي هلي، پئي (وڃي کڏ ۾ پئي!)

[58]. رهبر

[59]. مون کي ياد ڪر ته آءٌ توکي ياد ڪريان

[60]. لحظو (ساعت)

[61]. وقت (گهڙي، پل).

[62]. ڪنهن به وقت، هميشه

[63]. دوستن جي

[64]. سڄين لڱين، تندرست

[65]. رُئن

[66]. پَوَن،

[67]. مقبول، پسند

* جيسين عاشق چڱو ڀلو آهي.

[68]. منهن

[69]. وئي

[70]. نَڪي

[71]. ناڻي جي ڳنڍ، پئسو

[72]. انهيءَ جي مٿان، باوجود

[73]. سر جو سودو ٿو ڪري

[74]. ڇهڻ، لڳڻ سان

[75]. ڇا لاءِ.

[76]. جهاتيون

[77]. سمهين

[78]. سبب، شرط

[79]. ٻنهي

[80]. پورائي

[81]. نه ته

[82]. سچن عاشقن کي

[83]. گهٽي

[84]. دوا

[85]. ڳڱ ٿيندين، چڱو ڀلو ٿيندين، (ڦتن جو سُور ۽ ڪاڙهو جَهڪو ٿي ويندءَ).

[86]. لنگهه

[87]. پيار جا حب مان

[88]. ڀنڊار

[89]. سار، سنڀار

[90]. سگهارو

[91]. زور، جوهر، تت

[92]. دڪان، هٽ

[93]. ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي

[94]. لنگهه، رستو

[95]. پير مغان، شراب وڪڻندڙ

[96]. سر عيوض ۾ ڏيئي

[97]. لنگهه، رستو

[98]. پاڻهي ئي

[99]. شراب.

[100]. ڳالهه وسرڻ جهڙي نه آهي

[101]. هڻجي

[102]. ڪنڊو، سوري، تڪليف

[103]. تيار ڪري

[104]. پرزا پرزا، ڳترا ڳترا

[105]. ڀولو، مونجهارو، ٿوري سمجهه وارو

[106]. عشق جو اسرار اهڙو اونهو آهي جو سمجهي نٿو سگهجي.

[107]. هلائي

[108]. تڪڙو هل

[109]. موڳي، نادان

[110]. ڪچو، نادان

[111]. راز، ڳالهه

[112]. سورن کان

[113]. ڳالهائي

[114]. ونڊجي

[115]. حاصل ٿيو، پيدا ٿيو

[116]. هٿ آيو.

[117]. حاصل ٿي

[118]. نشان ڪيو، ياد ڪيو

[119]. ازل ۾

[120]. دوست

[121]. دوا

[122]. اُٺ، جيڪو تمام گهڻو پاڻي پيئندو آهي

[123]. جانورن جي پاڻي پيڻ جي جاءِ، تڙ

[124]. نه ڪيل ڳالهه

[125]. ظاهر

[126]. ڪَيَلِ (ڳالهه)

[127]. نه

[128]. زبان تي نه آئي، واقف نه ٿيا

[129]. عام ماڻهن ۾

[130]. رهبر

[131]. اها سوني عشق جي رمز انهيءَ جي رهبري ڪندي.

[132]. حڪم، نصيب

[133]. ڀلائي

[134]. هڙ، نقد

[135]. انهيءَ

[136]. جيڪي اسين توکي ڏينداسون سو ڀلائي سمجهي برسر ڪرڻ لاءِ تيار آهين.

[137]. اي منهنجي جند

[138]. ڇنل تند کي ڳنڍڻ

[139]. بي رهبر، اڪيلي

[140]. ڳڻ ڪري سمجهه

[141]. ناتو، سنگت

[142]. صبر ڪري

[143].اي سنواريل يا سڌريل!

[144]. ساڃاهه، سڃاڻپ

* جي انهيءَ اصول تي عمل ڪرين.

[145]. صبر ۾ خوشبوءِ يا خوشي آهي.

[146]. خدا صبر ڪندڙن سان آهي (قرآن شريف).

[147]. آغا، ڌڻي

[148]. ائين

[149]. ڌيرج ڌر

[150]. هوڏ وارن

[151]. چوندڙن، تڪرار ڪندڙن

[152]. ذائقو

[153]. خوشي، سک، خير، ڀلائي

[154]. چوندڙن، تڪرار ڪندڙن

[155]. طعنن مان (ويڻن مان)

[156]. واڌ، نقصان

[157]. ڪِي، ڪجهه

[158]. اڳهين

[159]. حاسد، ساڙ وارو

[160]. چڱائي، ڀلائي.

[161]. سخت يا ڏاڍي ڪشيل ڪمان

* جيڪڏهين هن کي تمام ڇڪيل (ڪيني جي) ڪمان هوندي ته تار ٽٽڻ ڪري هن کي نقصان ٿيندو.

[162]. ڳچيءَ جو هار، مڻيو

[163]. ساري بدن جا زيور مليا

[164]. صلاح، نصيحٽ

[165]. سڀاڳ واري

[166]. ماپندا

[167]. گوڏن

[168]. فتويٰ ڏيندڙ

[169]. ڪاڻ (عتاب) وارو، محتاج.

[170]. ڦوٽ، ويڻن، طعنن

[171]. طرحين طرحين

[172]. جي چوڻ، حاضر سائين چوڻ

[173]. ڏک

[174]. لاڀ، فائدو

[175]. گهار، گذار

[176]. حسن وارو، خوبصورت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com