سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :23

داستان اٺون

1

آتَڻُ اورانگهي وِيا، آئُون ٿِي مَران ماءِ،

پِٿُون ٿيندَيَسِ پيرَ تي، هَئي هَئي! ڪَريهاءِ!

جِيئَڻُ مُون نه جُڳاءِ، پِرِيَنِتان پاسو ڪِيو.

2

آتَڻُ اورانگهي وِيا، اَڳَڻِ مُون اَفسوسُ،

ديوانِيءَ سين دوسُ[1]، ساٿِي آهي سُڃ.

3

آتَڻُ اورانگهي وِيا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ،

ويهُه مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هُنِ پُڄَندِينءَ هاڻِ،

رائي مَنجِهه رِهاڻِ، هَلُ تَه ٿِيَئيئي هوتَ سين.

4

آتَڻُ اورانگهي وِيا، ڪَري ڪَميڻِي ڪيئن،

هاڻِ گُهرجي هيئن، ته ڏِجي باهِه ڀَنڀورَ کي.

5

آتَڻُ اورانگهي وِيا، پارِي[2] ڇَڏي پوءِ،

آرِيچا اُٺَنِ تي، هِيءَ تان جَڏِي جوءِ،

ڪِين هَلي، ڪِين هَٿُ کَڻي، ڪِين رڙهي، ڪِين روءِ،

ڪو پُنهُونءَ کي چوءِ، ته مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو.

6

ڄاڻِي سُڃاڻِي، مون کي ڇَڏِي هَلِيا،

اَدِيُون! آرِيچَنِ لئي، آئُون کُوري جيئن کاڻِي،

پاهَڻَ ۾ پاڻِي[3]، هارِيُون! هارَڻُ آئِيو.

7

ڄاڻِي سُڃاڻِي، مون کي ڇَڏي هَلِيا،

آئُون ڪيئن ڇَڏِيان پانهنجو، اَدِيُون! آرِياڻِي،

ڀَرِيُمِ جو پاڻِي[4]، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَه آئِيو.

8

ڄاڻِي جي ڄاتومِ، تَه پُوندو فِلقُ[5] فِراقُ جو،

اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،*

پوءِ تان ڪونَه ڪَيومِ، هوند ڪَشالو ڪيچَ ڏي.

9

وارو[6]! وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تنهنجا سَسُئِي،

هِهَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَهَندِيئن ڪي ٻِيا.

10

واري وَرائي، تو پنهنجا نه ڪِيا،

ڀورِي! رَنجائي، هوند نه پيئِينءَ هيتَري.

11

جِئان[7] واري وَڳَ، اوٺِي ٿِيا ڇُلِنگِيُون[8]،

مَٿي تنهن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نه ٿِيين؟

12

دُکائِيندِي دُونهَڙا،** مُنڌَ! سيڻائِي[9] وَڃَ،

پِرِياڻُو ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين.

13

ڇِڄُ مَ قَطاران[10]، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيين،

مَڇُڻِ ٿِئي پُئان[11]، وَڳَ واٽَ ئِي نه لَهين.

14

ڪا جا ڪِيائُون، وائِي واري[12] وِنگُڙِي،

آيَلِ! تنهن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتاڙِي ڪِئِي.

15

وائي واري وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نه ڪَنِ،

اَلا! ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوءِ مَ مامِرو.

16

ڪا جا آندِي ڪيچِيين، وَڻِڪارا وائِي،

سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِهُ ٿِئي.

17

پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪَرِ پَرِهيزَ کي،

جَنِين ڏِٺو هوتُ، تَنِ دِينَ سَڀيئِي دُورِ ڪِيا.

18

هَلو ۽ مَلهو[13]، ڏُکُ مَ پَسو، ڏوٿِيا!

سُونهون جو ساٿَ جو، سو مُون هوتُ سَلو[14]،

آن پُڻِ ٿِئي ڀَلو، آئُون پِه[15] گَڏِجان پرينءَ کي.

وائي

مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.

ڇورِي ڇِنِي آهِيان، نينهُن نِباهي نيجا،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.

ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچِي! ڪِيمَ وَڃيجا،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.

پُنهُون منهنجو اُن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.

مُون تان وَڙُ وِڃائِيو[16]، آئِين پنهنجو وَڙُ ڪَريجا[17]،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهيان.

جو ڳِئَڪو[18] ويسُ ڪَري، سِگَهڙِي سارَ لَهيجا،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.

آرِياڻِي! عَبدُاللّطِيفُ چِي، مون تي وَهِلو[19] وَرِ ڪَريجا[20]،

ٻاروچا! پلئه لَڳِي آهِيان.


 

 

داستان نائون

 

1

ڪاتِيءَ تان نَه ڪهِين[21]، مَنُ وِجُهلَڻَ[22] وَڍِيو،

مارِيَسِ سُورَ تِهِين، جو نه جِياري جيڏِيُون.

2

ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءِ! منهنجو ڄِندَڙو،

جنهين ماءِ مُٺو[23]، سي جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾.

3

جِيءُ منهنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو[24] وَڍِيو،

پُڄاڻان پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَه ٿِئي.

4

اَچِيو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻي ماڙهُو ٿِئِي.

5

رَو[25]، وِسانئي راندِ[26]، پَهَه پَرَوڙِج ساٿَ جا،

هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي[27] ڏينهَڙا.

6

رُوئڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري[28]،

ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُربَ جو ڪاڙهو،

هوتَنِ لَئي هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.

7

روئِي ڪَندِينءَ ڪوهُه، هاڻي ڪو هوتُ وَري،

جيڏِيُون! جيڏِوئِي ڪيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوهُه[29]،

ڊوهِي[30] اَٿِيان[31]، ڊوهُه[32]، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.

8

رُوئان تان راندِ[33]، کِلان، کامي هِينئون،

اَکَڙُيون ويساندِ[34]، پرينءَ گَڏِجِي ڪَندِيون.

9

اَکِيَنِ ڪِينَ ڪِيو، رَتُ نه رنائُون،

اُڀي ِٺائُون، ڦوڙائِبا[35] سُپِرِين!

10

کاڻِيُون، لُوٺِيُون اَکِيون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ،

مُٺِيُون ماٺِ نَه ڪَنِ، هَنيُون[36] رَهَنِ نه هوتَ ري.

11

وَسِي[37]، وِساڻِيُون[38]، رَتو روئِي پرينءَ کي،

پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،

سي[39] ڪيئن ٻيلِياڻِيُون[40]، جَنِ وِيندو هوتُ نَه وَاريو.

12

وَسي، وَسِي مينهن، جيئن لَٽي وييَسِ کيهَه[41]،

توءِ پِرِيان جي ڏيهَه، پيئِي پُڇي خَبَرُون.

13

کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءُ مَنگَرُ[42] مَ ڏِيو،

هيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ[43] لُهارَ جِيئن.

14

کاڻِي کيرِنِ[44] هيٺِ، ويٺِي، روءِ رَتَ- ڦُڙا،

ڪا مُون ٿيندي ڏيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروچَنِ سين.

15

پُنهُونءَ پيرَڙِيُون[45]، گَهرِ گُهمَندي جي ڏِنيُون،

سي مُون سيرَڙِيون[46]، نِتُ نِهارَڻُ پيئِيُون.

16

مُيَسِ، مَرُ مَران، سُيَسِ[47] وِچ سَرَتِيين،

پورهَيتِ ٿِي پَران، پاڙي ڄامَ پُنهُونءَ جي.

17

مارِيو جي مَعذُورِ، ته هيڪارِي هُور[48] لهي،

ساڄَنَ! آهنجي سُورِ ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا!

18

نه ڪِي ٿِي جِيان، نه ڪِي مُئِي آهِيان،

ساڄَنَ ساهه ڏِيان، توکي سارِيو سُپِرِين!

19

تُون جي ڪالَهه مُئِي، ته ڪالَهه ئي گَڏِي پرينءَ کي،

ڪَڏهن ڪانَه سُئِي، تَه ڪا سَگِهي گَڏِي سَڄَڻِين.

20

اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ[49] ۾،

مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ منهنجو جيڏِيُون.

21

مَرُ مٿا ڏيئِي[50]، پُنهُونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾،

تَه سَرَتِيُون سَڀِيئي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.

22

سُتِي تان نه سِياءُ[51]، جي ڪوهِيارا ڪيچَ جا،

اَنگُهنِ[52] چَڙهِيو آءُ، جي نالو ڳِيَڙُءِ[53] نِينهن جو.

23

مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِيو، گهوري سَسُئِي،

پازِي[54] جي پُنهُونءَ جا، ڪارُون ڪَري[55] تَنِ،

ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي[56] ڀَنڀورَ جِي.


 

 

وائي

هِتان ٿِي هَلَنديَسِ، ميان! سامُهِين ساڻيهه[57] ڏي.

وڏا پينڍا[58] پَنڌَ جا، مَيزَلَ[59] ماڻِيندِيَسِ،* ميان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.

اَلا هَرَ[60] عَجِيبَ کي، لَڪَنِ مان لَهَندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.

جيڏِيُون! جوڙُ[61] جَتَنِ جو، جَڏِهن آئُون ٿِيندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.

حُجائِتا هوتَ کي، ڏوراپا ڏِيندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.

فَرِيادُون فِراقَ جُون، پُنهَلَ کي چُوندِيَسِ[62]، مِيان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مَنَهِه[63] آئُون مِلَندِيَسِ، مِيان!

سامُهِين ساڻيهه ڏي.


 

 

داستان ڏهون

 

1

واڪِيو[64] واڪِيو وِکَ، پاٻوهيو[65] پير کڻي،

سي نَه چڙَهَندِيُون ڏِکَ[66]،* موڙي پيرُ مَرَنِ جي.

2

وِجُهه وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ[67] لَکائِيين[68]،

ڏُکُ تَنِين کي ڏِکَ، حُبَ جَنِين کي هوتَ جي.

3

واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مٿي سَڏَڙا،

مانَ تنهنجِي ڪاءِ، سَڳَرَ[69] ۾ سارَ ٿِئي!

4

سَڏنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو مَنجِهه وَڻين،

سَڄَڻُ پَنڌِ گَهڻي، مانَ ڪوهِيارو ڪُوڪَ سُڻِي.

5

ڪوهِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آئِيو،

هوءِ مَرُ هوتُ حَياتُ، آئُون مُيائِي گهوريِي.

6

وِهين[70] ۽ ويلا ڪَريين[71]، پُڇين ٿِي پانڌِي،

هارِي! هاڪاندِي، ڪنهن پَرِ ٿيندينءَ هوتَ سين.

7

وِهين ۽ ويلا ڪَريين، اِيءَ نه اُڪَنڊ آهِه،

سي لاڳاپا سَڀِ لاهِه، اورِيان اُڀِيارِينِ[72] جي.

8

وِهين ۽ ويلا ڪَرِين، سَڏِيين ساڱاتُو،*

هارِي! آپاتُو[73]، تو سين سُونهَنِ نَه سَسُئِي.

9

پاڙي ناهِه پَرُوڙَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذِري،

ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گُهورَ،

هِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.

10

پاڙيچِيءَ[74] روئِي، چاڪَ منهنجا چورِيا،

پَگَهرُ وِجَهنديَسِ پِرينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي[75]،

ساڄَنَ سَڀوئِي، ساهه اوهان تان صَدَقو.

 

11

اَڄُ نَه مُون قَرارُ، ڏِٺُمِ سَئُنچو[76] ساٿَ ۾،

نَهِي[77] ويٺا بارُ، مَٿي ساڻِيهَه[78] سُپِرِين.

12

ڪِيا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوهِياري گَهڻا،

گَهڻُو پُڇي پانڌِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،

لَمُون[79] ڏوري لَسَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.*

13

تان ڪا ڪِجاهُ وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،

آئُون اوهان جي آهِيان، بَندِي بي سَمَرِ[80]،

اَچِي ڪوهِيارا! ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.

14

تان ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِي تي ڪيچِيا،

آئُون اوهان جي آهيان، ٻانِهِي، ٻاروچا،

دِلاسي، دوسا[81]! متان مُون کي ڇَڏِيو.

15

هُوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مُون پِينگهي ۾ پِرائِيا،

سانڍِيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!

16

سُورَنِ سانڍِيياس، پُورَنِ پالي آهِيان،

سُکَن جي، سَيّدُ چي، پُکي نَه پيياسِ،[82]

جِيڪُسِ آئُون هُياسِ، گُرِي[83] گُوندرَ- وَلِ[84] جِي،

17

سِرِجِي، تان سُورَ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا،

اِهي ٻَئِي پُورَ[85]، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيا.

18

مُونهان[86] مَهندِ[87] ٿِيا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،

هَلو ته ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جي وِيا،

ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِيا، هوتَ مَٽائي اَڳِيان.

19

پُڻِ وِهاڻِيَسِ راتِ، هَلي هاڙهي سامُهِين،

پُنهُونءَ جا پِرڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَهِيَڙا[88].

20

نَه ڪا تاتِ[89]، نَه تُوتِ ڪا نَه ڪا تاتِ تَنوارَ،

ڪانهي پِرِتِ پَچارَ،** لَنئُونءَ[90] ويچارِيءَ لَڏِيو.

21

ڪِينِهين[91] طالِبَ تاتِ جا، نَه تَه آهي تاتِ تِيارُ،

ورِيان، پِيو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ[92] کَڻِي وِيا.

22

جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ پِه تَنِين وَٽِ،

هڏهين ڪانهي هَٽِ، گهورِ[93]، تَه گَهران ئي لَهين.

23

ڪنهن جنهن[94] نينهن نَنڌاهه[95]، جيئن مُون واجهائيندي نه وَرو،

جيڪِين مُئي ڪَندا[96]، سو، جانِبَ! ڪَرهو[97] جِيئَري.*

24

مَتان ٿِيين مَلُورُ[98]، ڪِينَ اَڳاهُون[99] آهِيان،

ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ[100] ٻنهِي جِي هيڪَڙي.**

25

اُن جي ڏِٺا هُونِ، اَللهَ ڪارَڻِ ڳالهه ڪَرِيو،

نيڻَ منهنجا رُونِ، راتوڏينهان اُنِ کي.

26

اَڃا راتِ رتومِ[101]، ڪوڏِ[102] ڪوهِياري ڪَنجُرو[103]،

ڀينَرُ! ڀِڄايومِ[104]، سُڀاڻي[105] سُورَنِ سين.

27

سَرَتَينِ سَهجَ[106] مَنجهاءِ، ٿي ڪوڏِ وَراهيا[107] ڪَپِڙا،

تَڏِهن منهنجيءَ ماءُ، ٿي پَهَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.

28

ڪڏهن ڪَڏِهن جيڏِيُون! ڪو پَهُه اَچِيو پوءِ[108]،

سو پُڻ ساڙو هوءِ، هِي جو اهُه سَرِيرَ ۾.

29

ڪِجي جيئن ڪيچِيَنِ لَئي، تو تان ڪِينَ ڪِيو،

وِيجهائي[109] وِڌوءِ، وِکَ نَه کنيَئِي هيڪَڙِي.

 

وائي-1

 

هو اَرِمانُ اُٺَنِ، مِيان! سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي،

ڪَجاوا ڪَرَهَنِ تي، جوڙِيا جالَ جَتَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

پيرَ نَه ٽِڪَنِ پوئتي، ٿا ڪامُنِ[110] سان ڪُٽِجَنِ ميان

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

مَهارُون مَيَنِ جُون، واڳون وَسِ ڌَڻِيَنِ مِيان!

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ[111] ٿِي، صُبُحِ ساٿِيئَڙنِ، ميان!

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

سانگُ ته تنهنجو سَسُئِي! هاڻي هوتَ نه ڪَنِ، ميان!

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

اَدِيُون! عبدُاللّطيفُ چي، سي مَرُ مُحِبّ مِلَنِ، مِيان!

سَسُئِيءَ جي سورَن لَئي.

 

وائي-2

وَڃي وَڃي وِتَري[112] تِتي، جِتِ، پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

پيرُ سڃاتائِين پِرينءَ جو، مَنهان نينهن نِرِتي،*

پيرُ سُڃاتائِين پِرينءَ جو.

هوءِ وِيا وَڻِڪارِ ڏي، هِنَ ڀورِيءَ ڀانئيا هِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

جنهن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوهِيارو ڪِٿي،

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

آما[113]، لِيما، ڦُلَ ڦارُوها، ڳاڱا[114]، راڱا[115] جِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

مَري رَهَندِيَسِ ماڳِهِين، نَه تَه، هادِي اَچِجِ هِتي،

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

مون کي ڇَڏي هَلِيا، ڪا پييَنِ مٿي پِتي،**

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.

لَڪَنِ مَنجِهه، لَطِيفُ چي، مِلِي سان سَرَتي[116]،

پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.


 

 

داستان يارهون

 

1

سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،

ڏُونگَرِ ڏولائو[117]، ڏِيندا مُون ڏيرَ ويا.

2

آريءَ اُتُنِ[118] جيئن، اُونءَ[119] تان اوٺِيَنِ نَه ڪيو،

ڪيچ پَهُچِبو ڪيئن، اِهَڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.

3

جيئن اُتُنِ آريءَ ڄامَ، اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَه ڪِيو،

ٻَڙَڪِي[120] ٻاهَرِ نِڪَتِي، گاذَرِ[121] مَنجهان گامَ[122]،

ساهُه ڏِنائِين سامَ[123]،* سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.

4

لَڪِيُون آن ڀَرِ[124] لِکَ[125]، ڪِي ڪوهِيارا وِرَميا[126]؟

جَنِين سَندِيءَ سِڪَ، رُنمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.

5

لڪِيُون! آن لڳا، ڪي پَلئَه پانڌِيَئڙَنِ جا؟

توهان[127] گَهڻيرو، ماءِ! روندا اُوءِ رَتُ وِيا!**

6

ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، ڪيچِيَنِ جي قُربَ جو،

ٿِي نِماڻِي نِيشانُ[128]، ڇَڏي سانگو ساهَه جو

7

ڏوٿِيَنِ چيُسِ، ڏُور، ڪيچُ اَڳانهون[129] پَنڌُ ٿِيو،

پاڻان چَڙهِي پُورِ،* وِکَ وِڌائِين وِتَرِي[130].

8

ڏوٿِيا! ڪو اوٺِيَنِ جو، مون کي اُهڃُ[131] ڏِهو،

سَچُ ڪِ ساٿَ نِهو[132]، پُنهُون منهنجو پاڻَ سين؟

9

ڪو جو اُٺُسِ مينهن، آرِيءَ جيءَ اُڪيرَ جو،

ٻاروچاڻُو نِينهن، مَنان[133] ماٺو نَه ٿِئي.

10

جيڏِيُون! ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيهُه ٻاروچَنِ جو،

پُنهُونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينهن جو.

11

سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ[134] سان، ڪيچَ- ڌَڻِي ڪانڌِي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، مُنڌَ[135] هُئِي ماندِي،

لَڪَنِ تان، لَطيفُ چي، آرِياڻِيءَ آندِي،

پُنهُونءَ پيراندِي[136]، نماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِي.

12

گهوڙَن[137] هَنيُون* گَهڻِيُون، اُٺَنِ هَنِئي آءٌ،

جا نِينهن ڳِنَهندِي نانءُ، سا مُون جيئن پُوندِي[138] مامِري[139].

13

لڪڙِيارِيُون[140] آڱرِيُون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ[141]،

اَچِي پَسو، جيڏِيُون! تازو پُنهُونءَ پيرُ،

ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِيو.

14

لُڇَڻُ نه لاهِينِ، گوندر[142] هِنَ غَرِيبَ تان،

پَرِ ۾[143] پَچائِينِ، جِيجان! جوشَ جَتَنِ جا.

15

هَئي ٿو وَڃي هوتُ، آئون ڪِ اَڳَڀَرِي ٿِيان،

مَتان چوءِ بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو.

16

ڪَمِيڻِنِ هَٿان[144]، ٿِينِ مُورائِين[145] مَدِيُون،

تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان[146]، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.

17

نَه ڪِين ٿِيان سَڱ[147]، نَه ڪِين سَڱِيڻِي[148]،

آهِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ، ٻَروچيءَ نَه جُڙان[149].

18

ڪيچ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ منهنجي زاتِ جِي،

مَتان پُنهُونءَ پوءِ، لَڄَ منهنجِي لوءَ[150] ۾.

 

19

لَٿو ڪَمُ ڪيِچِيَنِ جو، ڇَڏي هَلِيا مُون،

اَللهَ آهِيين تُون، هوتَنِ تان هيڏِي ڪِئي.

 

وائي-1

منهنجو ساهُه وِيو سيڻانِ[151] آيُلَ آيُلِ! ويهان ڪيئن ڀَنڀورَ ۾.

مون کي وِيا نَه وِسَري، نينهَن ڀَريا نيڻانِ[152]،

آيَلِ! ويهانِ ڪيئن ڀَنڀورَ ۾.

سو ڪيئن هِينئڙو جَهلِيان، جِهڄي[153] جو ڪيڻانِ[154]،

آيَلِ! ويهانِ ڪيئن ڀَنڀورَ ۾.

مادَرِ! پايو مُنڊِيُون[155]، ڪُوڪِيان[156] وَرُ[157] ڪيڻانِ،

آيَلِ! ويهانِ ڪيئن ڀَنڀورَ ۾.

اَدِيُون عَبدُاللّطِيفُ چي، وَڃِي مانَ مِڙانِ،

آيَلِ! ويهانِ ڪيئن ڀَنڀورَ ۾.


 

وائي-2

وَسان[158] ٿِي ويياسِ[159]، آيلِ آيَلِ! لَڳُمِ ٻاڻُ[160] ٻَروچُ جو.

پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون[161] ٿِي پييِاسِ،

آيلِ! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

تَه پُڻِ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءِ مُياسِ،

آيَلِ! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئون[162]، ڇُٽِياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

آيَمِ[163] اَنڌي[164] لوڪَ سين، مُٺِي آئُون، مُٺِياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀورَ ۾، نه ڪِي پِيءُ نَه ماسِ[165]،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

پييُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئون سُتِياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

اَلا! اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جِيياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

پيَسِ وَرِ[166] وِصالَ جي، جانڪِين تان جِيئَندِياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُحبّنِ کي مِلَندِياسِ،

آيَل! لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو.

وائي-3

تَه ڪو هوتُ سَڄَڻُ نِيندا، هو! ڏيرا[167]،

ڪَلَ نَه پييَمِ ڪا، مُون نه پَرُوڙِيا، ماءِ!

ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ٻانڀَڻِ ڪَري ٻيرا[168]،

ڪَل نَه پييَمِ ڪا.

پَسان شالَ اَکِيَنِ سين، دوستَ سَندا ديرا[169]،

ڪَلَ نَه پييَمِ ڪا.

سيڻَنِ ساجُهرِ[170] لَڏِيو، پوءِ ٿِي پُڇين پيرا،

ڪَلَ نَه پييَمِ ڪا.

ڏاڻَ[171] وِجِهي ڏاگَهنِ[172] کي، وَنگَيَئِيَ[173] نه تنهن ويرا[174]،

ڪَلَ نَه پييَمِ ڪا.

ٻَڙِڪَنِ[175] ٿا ٻانڀَڻِ جا، جِيءَ اَندَرِ جيرا،

ڪَلَ نَه پييَمِ ڪا.

 

 

داستان ٻارهون

 

1

ڏِٺان[176] جي ٻَروچَ، مُون جيئن[177] هوتَ اَکِيَنِ سين،

مون کي چَيان[178] لوچُ، پاڻان پيٺِيُون[179] ڇَپَرِين.

2

هوتُ نَه ڏِٺائُون، ڏوهُه نه ڏِيان جيڏِيين،

مُون جيئن رُنائُون، مَٿي ڪِيو هَٿَڙا.

3

ٻاروچو ٻييءَ ڀَتِ[180]، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،

مُون جيئن مُوڙِهينِ مَتِ[181]، پَسنديئِي پُنهُونءَ کي.

4

ٻاروچو ٻيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،

سَنجهي ۽ صُبُوحِ، هوندَ نَه وِيَئڙُنِ وِسَرِي.

5

آن جي ڏِٺِي، جيڏِيُون! پُنهُونءَ جِي پاٻوهَه[182]،

سَنجهي ۽ صُبُوحَ، سُورَنِ ٿي سَجَڪِيُون[183].

6

جي هُيان[184] هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون جيئن مُلاقاتَ،

ٻانهُنِ وِجِهي واتَ،* رِيهُون ڪِيان[185] رُڃُنِ ۾.

7

جي تو ڳالهائِي ماءِ! ٻاروچا پُڇِيا،

اُنِين جي وائِي، هوند نه وييان[186] وِسَرِي.

8

اَڄُ مَعذُورِ هُئان،[187] اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان،

رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرِ[188] ساٿَ جي.

9

جي ڏُونگَرَ! مُون ۾ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پرينءَ ري،

ويهَڻُ مُون وِهُه ٿِيو، ڪيرَ سانڍِيندِي سُکَ،

هُيَم هوتَنِ سين چُکَ[189]، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان.

10

ٻِيُون سَڀِ سَڱِيِڻيُون، سَرَتِيُون! مُون چُکَ سين چاءُ[190]،

اَندَرِ آهيمِ[191] ڳالهڙي، ڪوهِياري جِي ڪاءُ،

لَڳُمِ ذَرو واءُ،** سڄو سَڱُ نَه سارِيان.

11

ووءِ! ووءِ! ڪَندِي وَتُ، مَچُڻ ووءِ! وِسارِيين،

پاڻِي هارِ مَ پَڌَرو،، رو[192] مَنجهائِين رَتُ،

صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها مِيڙي سُپِرِين.

12

ووءِ ووءِ وِڏُوڙا[193]، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِيا[194]،

مُون سانگِياڻِيءَ[195] جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا[196]؟

لاٿُمِ نه توڙا،[197] ماءِ! اوسيئڙو[198] اُنِ جو.

13

ووءِ ووءِ[199] پُڻِ ويئِي[200]، رَنُن[201] ڪارَڻِ جا هُئِي[202]،

پُنهُونءَ کي پيئِي، رُوندِي ڪيرَ رَتَ ڦُڙا؟*

14

گهوڙا! گَهڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِيا،

مادَرِ! مٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِهِين.

15

ماٺِ مارينديَئي پرينءَ جِي، مَڇُڻِ رنّين رَتُ،

ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمِتَ هوتُ وِڃائِيو.

16

جَڙَ[203] جيئري جَنِ سين، مُئي پُڻِ سين تَنِ،

جي هِتِ نَه هوتُ پَسَنِ، سي ڪنهن پَرِ ڪيچ پَسَندِيُون؟

17

جيئن جيئن جَهلي جَڳُ، تيئن تيئن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،

ڳَهريو[204] ٿو ڳالهيون ڪَر، وِهُسي[205] ڀُڻو[206] وَڳُ[207]،

لوڪُ لَتاڙي[208] نِنڊَ ۾، پُٺِي لالَنَ لَڳُ،

آرِياڻِي اورَڳُ[209]، ڀَنڀوران ٻَهَرِ[210] ٿِي.**

18

اَوَجَهڙِ وَتان آءٌ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي،

جا نِينهن ڳِنهندِي نانءُ، سا مُون جيئن پوندِي مامِري[211].

19

ماڳهِين[212] جي مُئِي، ته هوندِ نه پيئِي مامِري،

ڇِڏِيو جي ڪُهِي، ته هيڪارِي هورُ[213] لَهي.

20

ٻَڌو ڪنهن ٻَنڌاڻِ[214]، هينئڙو هوتاڻِيءَ سين،

ڪا جا پيَيس ڪاڻِ، نبيريانسِ[215] نَه نِبِري.

21

ڪُهُه ڄاڻان، ڪُهُه ٿِيو، ڪيڏانهن ٿِي وَڃان،

هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيُون، موڙِيو سڀ ڀَڃان،

ٻِيَن گهرِ ڳهڃان[216]، مُون هارِيءَ هوتُ وِڃائِيو.

22

چان ڪِ[217] آيَسِ اَڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀي آهِيان،

پِرِتِ پَراهِين، هڻي مَران مَ جِيان.

23

سَرَتِيُون! سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،

ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِيو.

24

ڏُونگَرَ ڏَنا[218] لُوڻِ[219]، مُون پارَکُو[220] پُڇِيا،

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سندِي تُوڻِ[221]،

اِيءَ اَهُکِي ڀُوڻِ[222]، سُونهَنِ رِيءَ نَه سُٿِرِي.*

25

لَکين لوڙائُو[223]، سَهَسين آهِنِ سُڃَ ۾،

بَرَ ۾ بورائو[224]، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.

26

ٻاروچا ٻِيا گهڻا، منهنجو پُنهُون سِرُ[225] سَڀَنِ،

چانگي تي چَڙهِي ڪَري، ڪَندو وَرِ وِلَهِيَنِ*،

مَٿي مَعذُورِيَنِ، هوتُ ڌَرِيندو هَٿَرا.

27

ٻَاروچا ٻِيا گهڻا، منهنجو اَجهو آرِياڻِي،

چُونڊي[226] رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،

جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تنهن جو موٽَڻُ ڪو مَسُ ٿِئي.

28

هُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تنهن کي چرِي چُونِ،

اُگهاڙِيُون آتڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،

پَرا[227] تَنِين پُونِ، ڏِٺو جَنِ اکيَنِ سين.

29

ڏِٺَمِ اُٺُ اکين سين، مانَ ٻاروچا هُونِ،

جَنِين ڌارانُ پُونِ، موريسر[228]، اَکيَنِ ۾.

30

سَڄَڻُ ڏِٺو جِن، موٽَڻُ تَنِين مِيهَڻُو،

اِي مَرَڪُ مَعذُورِيَنِ، جيئن مَرَنِ پِرِيان جي پيرَ تي.

31

وَرُ[229] لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،

اَمڙ! جي تُون آڇِيين، سي ڪَمِ نَه اَچَنِ ڪوڏ،

هِينئين منهنجي هوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.*

32

ڪو جو آيس ڪوڏُ[230]، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،

جي هو چُوِنسِ ٻوڏُ، تَه جِيءُ سُڻائي جَڳَ کي.

33

ڀَلِي ڪَري ٿِيومِ، هِيءُ سَڱُ ٻاروچَن سين،

وَڃِي ڪيچُ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لڳِي جَنِ جي.

34

اَدِيُون! ڪا ايندِي؟ ڇَپَرِ مُون سَڱُ ٿِيو،

لائِيندِيَسِ لِڱن کي، مَلِيرا مِيندِي،**

وِندُرِ آئُون وِيندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.

35

وَڃَڻُ تو واري[231]، پُرَڻُ پُنهُونءَ پُٺِ ۾،

ڪَرَهه ڪوهِياري،*** سُتي تو سَڀِ وِيا.

36

مُون کي نَٿا نِينِ، جَتَ مُلڪِ پانهنجي،

جي گهگهيرِيَنِ[232] گَڏِينِ[233]، ته ٻِينِ کان نِيڻُو ڪَرِيان.*

37

اَڳي ايئن هُياسِ، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَمِ ڪَپڙا،

هاڻي ايئن ٿِياسِ، جيئن جتَ نه نِينِم[234] پاڻَ سين.

38

ڪوهِيارو ڪيڻانِ[235]، ڪِيڻِ[236] وَڃِي، ڪاڏي وَڃان،

مُون ڀانيو سيڻانِ[237]، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.

39

ڪوهِيارو ڪاري[238]، پَنَ اَڙانگا پَٽِين،

سي ڏيهَه[239] ڏيکاري، جي اَڳَ نه ڏِٺا ڪَڏِهِين.

40

ڏُکويِنِ اُهِڃاڻُ، ڪُلهي[240] ڦاٽو ڪَنجُرو[241]،

وَڃَنِ گُوندر گَڏِيُون، لوڪَ ن آڇِنِ پاڻ،

سُورَنِ اَسان ساڻُ، نَنڍيئِي نِينهن ڪِيو.

41

ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجُرو، مٿَو اُگهاڙو،

ڀينَرُ! ڪُڄاڙو، منهنجو هِنَ ڀَنڀورَ ۾؟

42

کُٽِيءَ[242] لَئي! کاڻِي! رکيَئي پِرِتِ پُنهُونءَ سين،

سُهِيو[243] سُکِيو ڄِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،

توسينِ هاڃو هوتاڻِي صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.

43

ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، اَمَڙِ! مُون اُماڻِ،

مَڇُڻِ ڪا رِهاڻِ، مُون تو موٽِي مَسِ ٿِئي.

44

ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، مُون جي ڪِيا سَڏَ،

ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ[244]، لَڪَ سَويلا لَنگِهيا.

45

ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءِ!

ڪوهِياري جِي ڪاءِ، ڳِنهيو ڀُوڻان[245] ڳالَهڙِي.

46

نينهن مَ نالو ڳِنُ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا،

سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُ، وِرِهُه[246] وِهائِجِ[247] وِتَرو[248].

47

سَڄَڻُ ڏٺو جَنّ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ[249] ڳَهُه ڪِيو،*

ٻِيُون ڪوهُه ٻُجَهن[250]، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو.

48

هارِي! هينئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پوندِينءَ[251]، سَسُئِي،

ڪوهِيارو تو ڪوڏِ[252]، اَچي ڪَرَهَه[253] قَطارِيو.

49

حُسيني حُسينَ لئي، بِيبِيءَ پاڻَ چَئِي،

تِهان پوءِ ٿَئِي، خَبَرَ ٻِيءَ خَلقَ کي.

 

وائي

ڪارون وَسَ ڪِيامِ، ڙي هَئي هئي! وو، لَڏي ڏُورِ وِيامِ!

منهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪارُون وَسَ ڪِيامِ.

ٻَنڌَڻَ[254] ٻاروچَنِ جا، پِينگهي مَنجِهه پِيامِ،

وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!

ڪَئِين قاصد ڪَيچَ ڏي، مُحبن لاءِ مڪامِ[255]

وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!

سَدا سُپيرِيَنِ جا، سانڍَڻُ سُورَ پِيامِ،

وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!

هوتَ هَلَندي جي ڪِيا، نَه سي سَڏَ سُئامِ[256]،

وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!

اَدِيُون! عَبدُاللّطيفُ چي، آرِياڻِي اِيندامِ،

وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!

سُرُ لِيلان چنيسر

سر بابت:

هن نالي سان ڪابه هندستان راڳڻي ڪانهي، تنهنڪري سمجهجي ٿو، ته رسالي کي ترتيب ڏيندڙن هن سر تي، مضمون جي لحاظ کان ئي نالو رکيو آهي. هن سر جون پڙهڻيون عموماً ڊاڪٽر گربخشاڻي واريون اختيار ڪيون ويون آهن.

 

آکاڻي:

هن سر ۾ مضمون، ليلان ۽ چنيسر جي قصي تي ٻڌل آهي. جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

سومري گهراڻي جي داسڙن جي ڪاهه مان، چنيسر نالي هڪ راجا، سن 1288 کان 1306ع تائين، ديول ڪوٽ يا ديول بندر جو (جيڪو مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي ڇيڙي وٽ، پير پٺي جي مقبري جي ويجهو، سنڌو نديءَ جي بگهاڙ شاخ جي ڪنڌيءَ تي هو) حڪمران هو. سندس حشمت ۽ حسن جي، هر هنڌ اهڙي هاڪ هوندي هئي جو هرڪا سهڻي عورت سندس سهاڳ لاءِ سڪندي هئي.

ساڳئي زماني ۾ راڻو کنگهار، ڍٽ ڌڻي راجپوت راءُ، ڀر واريءَ ننگريءَ ۾ حڪومت ڪندو هو. کيس ڪؤنرو نالي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. جيڪا حسن ۾ حور مثل هوندي هئي. هڪ ڏينهن ڪؤنرو، وڏي هيج مان پئي هار سينگار ڪيو، ته سندس هڪ سهيليءَ چٿر ڪندي چيس، ته تون جو هيترو هار سينگار پئي ڪرين، سو ڄڻ ته چنيسر کي موهت ڪرڻ جي مدعا اٿئي؟ ڪؤنروُءَ چنيسر متعلق اڳيئي گهڻو ڪي ٻڌو هو، سو هاڻي اڻ ڏٺي، انهيءَ طعني ڪري هن تي عاشق ٿي پيئي.

جڏهن هن اڻ ڏٺي الفت جي ڪل، ڪؤنروُءَ جي ماءُ، مرڪيءَ کي پئي، تڏهن پنهنجي مڙس سان ڳالهه ڪيائين. هن چنيسر سان سڱ ڪرڻ فخر جهڙي ڳالهه سمجهي، ۽ ڪنهن حيلي بهاني چنيسر کي راي ڪرڻ لاءِ هنن کي اجازت ڏني. نيٺ هن رٿ تي متفق ٿيا، ته ڪؤنرو ۽ ماڻس، وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر جي ملڪ وڃي، هن کي ريهڻ ريبڻ جون رمزون رچين. ستت ئي سامان سنڀالي، اچي ديول ڪٽ ۾ ديرو دمايائون. ڪجهه وقت بعد، معلوم ٿين ته سندن مقصد، چنيسر جي وزير جکري هٿان پورو ٿيندو. نيٺ هو جکري جي جاءِ تي وييون ۽ وڃي ساڻس حال اوريائون. درد جو داستان ٻڌي، وزير جي دل ڀني، سو دلاسو ڏنائين، ته سائين مڙئي سڻائي ڪندو، آءٌ چنيسر وٽ ٿو وڃان، اميد آهي ته عرض اونائيندو.

صبح جو جکري وجهه وٺي، چنيسر سان ڪؤنروُءَ جي لاثاني حسن ۽ دل جي اُڪنڊ جي اُپٽار ڪئي، جنهن تي هن جو هنيون البت هرکيو، پر پنهنجي پٽ راڻي ليلان جون اکيون آڏيون آيس، تنهن ڪري ڪؤنروُءَ سان ناتي رکڻ کان نابري واريائين. جڏهن جکري اهو نااميديءَ جو نياپو ڪؤنرو ۽ ماڻس کي ٻڌايو، تڏهن ڇيهه ڇڄي پين ۽ اکين اڳيان اونداهه اچي وين. آخر پهه پچايائون ته هلو ته هلي ليلان وٽ پورهتيون ٿي بيهون، من ڪو موقعو پائي راءُ ريجهايون. اها ڳالهه ڳڻي ليلان وٽ لنگهي وييون، جنهن کڻي پنهنجيون خاص ٻانهيون ڪري رکين.

وقت گذرندو ويو، پر وصال جو ڪو امڪان ئي نظر نه اچين. هڪ رات نااُميديءَ ڪري ڪؤنرو هنجون هارڻ لڳي. ليلان کانئس روئڻ جو سبب پڇيو. پهريائين گهڻي نمان نمان ڪيائين، پر آخر چيائين ته: گذريل زمانو ياد اچي ويم. آءٌ به تو وانگر هندورن ۾ لڏي، وڏي ٿي آهيان. جڏهن هار وجهندي هيس، ته اونداهيءَ مان اجالو ٿي ويندو هو! ليلان کيس، آخر انهيءَ هار ڏيکارڻ لا آماده ڪيو. ليلان کي مڻين سان محبت هوندي هئي، سو ڪؤنرو جو نولکو هار پسي هرکجي پيئي. گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي. فقط اهو هار حوالي ڪريم. هوءَ کيس چوڻ لڳي. ڪؤنرو ورندي ورائي ته، چنيسر سان هڪ رات رهاڻ جي عيوض، هار حوالي ڪنديس. هار ليلان جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هئا، تنهن هن ۾ هرج نه سمجهي، اهو شرط قبوليو. ليلان چيو: هار مون کي ڏي. هاڻ وڃي دلجاءِ ڪري ويهه، رات جو آءٌ پاڻيهي چنيسر کي تو وٽ پهچائينديس.

اتفاق اهڙو ٿيو جو، انهيءَ رات راءُ محفل ۾ گهڻي مئي نوشيءَ سبب نشي ۾ مخمور ٿي ويو. هو جڏهن محلات ۾ آيو، تڏهن ليلان کيس خماريل ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ڳرهاٽڙي پائي ڪؤنرو سان محبت ونڊڻ لاءِ کيس چيائين. چنيسر جيتوڻيڪ هوش ۾ نه هو، ته به غيرت آيس ۽ پڙ ڪڍي بيٺو. گهڻي رد بدل کان پوءِ، ليلان ليلائي هٿ کان وٺي، ڪؤنرو جي ڪمري ڏانهن ڪاهي ويس. ٻانڀڻ هڪيو تڪيو ويٺو هو، سو ٺهه پهه ويڏي پڙهائي ويئي. نشي ۾ الوٽ هئڻ سبب، چنيسر کي ڪو سڌ سماءُ ڪونه پيو. هو پلنگ تي پاسو وٺي پئجي رهيو. ڀيڄ ڀنيءَ، جان کڻي اک اُپٽي ته ڪؤنروءَ جي پاسي ۾ پيو آهي. احوال پڇڻ تي ڪؤنروءَ بيان ڪري ٻڌايس، ته مڍا! رات ليلان توکي، هار تي وڪيو ۽ مون توسان لائون لڌيون آهن. هاڻي تون منهنجو ڪانڌ ۽ آئون تنهنجي داسي. هن ڳالهه ٻڌڻ شرط چنيسر جو چت ڦريو: ليلان دل تان لاهي، ڪؤنروءَ جي قرب ۾ قابو ٿي ويو.

جڏهن ليلان کي خبر پيئي، ته هٿن سان ڪهڙو ويل وهايو اٿم، تڏهن ڏاڍي پريشان ٿي. پڇتاءَ جون هنجون هاريندي، ڏاڍيون ڪارون ڪيائين، پر چنيسر تي بي اثر ثابت ٿيون. هٿ جي وڍيءَ جو نڪو ويڄ نڪو طبيب، سو آسرو پلي مائٽاڻي ملڪ رواني ٿي. انهيءَ اميد تي جي رهي هئي، ته ڪڏهن ٿو چنيسر مدايون ميٽي، مهر ڪري. ورهين جا ورهيه گذري ويا، پر چنيسر وري پڇيس ئي ڪونه.

جکري وزير جو مڱڻو، ليلان جي مائٽن مان ٿيل هو، جڏهن هنن ليلان جي ڏهاڳ جي خبر ٻڌي، تڏهن سڱ کان صفا نابري واري ويٺا. جکرو ليلان وٽ ويو، جنهن سڱ وٺي ڏيڻ لاءِ شرط وڌس، ته چنيسر کي هڪ وار مون وٽ وٺي اچ، پوءِ تون ٻانهن مون کان لهڻين. جکرو، شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جي بهاني تي، چنيسر کي ليلان جي ساڻيهه وٺي آيو. ليلان ساهڙين ساڻ گهونگهٽ ڪڍي، ڄاڃين جي آجيان لاءِ ناچ گانو شروع ڪيو. ليلان جو ناز نخرو پسي، چنيسر، بنا سڃاڻڻ جي، مٿس اڪن ڇڪن تي پيو ۽ گهونگهٽ کولڻ لاءِ کيس چيائين. هيڏانهن ليلان اکڙي کولي، هوڏانهن چنيسر جي چاهت جا ڦٽ چُئاڪا ڪري اٿلي پيا. اگرچه ظاهري طور چنيسر ليلان سان لاڳاپا لاهي ڇڏيا هئا، تڏهن به محبت جي ميخ اڃا مخفي طور من ۾ لڳل هيس. هاڻ سندس روح اهڙو ريلو ڏنو، جو اتي ئي پساهه پورا ڪيائين. ليلان اهو لقاءُ پسي، پڻ پساهه ڏنا ۽ مري محبوب سان ميلو ڪيائين.

 

روحاني راز:

صوفين جو عقيدو آه، ته خدا نهايت غيرت وارو آهي. بيشڪ خدا جهڙو ٻيو غيرت وارو ڪونهي. هڪ شرڪ پسند ڪونه ٿو ڪري ۽ شارڪ لاءِ دوزخ جي باه مخصوص ڪري ڇڏي اٿس. هو غيرت وارو آحي، تڏهن ته آدم کي، بهشت مان نافرمانيءَ ڪري، نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين! آدم کي جنت ۾ سڀيئي نعمتون موجود هيون، پر تنهن هوندي به شيطان جي اشاري تي منع ٿيل ميوو کائي، الله جي امر کي آڏو ڦريو. الله جي غيرت گوارا نه ڪيو، ته سندس ٻانهو، سندس احڪامن جي انحرافي ڪري، سو سزا طور آدم کي، جنت مان تڙي ڪڍيائين. آدم پوءِ سالن جا سال پشيمانيءَ جا لڙڪ وهايا. آخر جڏهن غير گمان ڪڍي ڇڏيائين، تڏهن توبهه قبول پيس ۽ وصال جو ورق وريس.

هن سر ۾ الله جي غيرتمند هجڻ ڏانهن اشارو ٿيل آهي. چنيسر مان مراد آهي غيرتمند الله. ليلان مان مراد آهي اهو سالڪ جنهن کي هڪ وار خدا جو وصال نصيب ٿيو هجي، (يعني اهو روح جو مالڪ سان مليو هجي، پر اڇا دنيوي مزن ماڻڻ جو طعمدار هجي)، پر پوءِ نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي، آدم وانگر وڃي اوجهڙ پيو هجي ۽ حقيقي محبوب وٽان، مجازي مزن جو شڪار بنجڻ ڪري، تڙجي نڪتو هجي. ليلان کي چنيسر جي وصال ۾، قسمين قسمين سک ۽ سهنج هئا، پر هار تي هرکجڻ ڪري، اهي سڀ ڦٽا ڪرڻا پيس. ڪؤنرو مان مراد آهي، ڌتاريندڙ شيطان يا ذات جي هٿان، صفات جي آزمائش ۽ امتحان. جيئن آدم کي شيطان دلبو ڏئي گمراهيءَ ۾ غرق ڪيو، تيئن ڪؤنرو وري ليلان کي وصال کان ويراڳ ڏيئي، ندوري ۽ نڌر بنايو.

هار مان مراد آهي شيطان جو ڦندو، يعني دنيوي مزا. هار مان بهشت ۽ ان جو سينگار به مراد ٿي سگهي ٿي. سالڪ مڪاشفن ۽ مشاهدن ذريعي، جڏهن بهشت ۽ ان جو جنسار ڏسي ٿو، تڏهن حق تان پنهنجي دل لاهي، انهيءَ ظاهريءَ ڏيک ۽ فريبي زيب و زينت تي عاشق ۽ مست ٿيو پوي. ڪي سالڪ ان تي اڪن ڇڪن ٿي، حق جي ڳولا ڇڏي ڏيندا آهن، جنهن ڪري الله جي غيرت جنبش ۾ اچي، کين ڏهاڳ ڏئي ڇڏيندي آهي. جيئن ليلان ڪؤنروُءَ جي چوڻ تي، هار تي هرکجي، چنيسر جي غيرت کي للڪاريو ۽ جڏهن اها جنبش ۾ آئي، تڏهن چنيسر جي راڄ (جو گويا هن لاءِ بهشت مثل هو) مان تڙجي نڪتي، تيئن سالڪ سان به ساڳي حالت ٿي سگهي ٿي. انهيءَ انديشي ۽ احتمال جو خيال رکي، سالڪ کي اصل ڏي مائل ٿيڻ گهرجي. ڪوڙو ڏيک پاڻيءَ جي ڦوٽي مثال آهي، جو لحظو کن جلوو ڏيکاري ڦسي پوندو. اصل کي بقا آهي ۽ فصل (نقل) کي بقا نه آهي، تنهن ڪري فاني فريب کان پاسو ڪري، لاثاني قريب ڏانهن لاڙو رکڻ جڳائي ۽ پاڻ کي گمراهيءَ جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچائڻ گهرجي.

ليلان سالن جي روڄ ۽ راڙي، پريشاني ۽ پشيمانيءَ بعد، نيٺ توبهه تائب ٿيڻ سان، مري محبوب سان ميلو ڪيو. سالڪ کي هتي هدايت ٿيل آهي، ته جيڪڏهن ڪشف جي حالت ۾ ڪي ڪجهه ڏسين ته ان تي هوش ۽ حوصلا خطا ڪري، متان ڀنڀلجي وڃين. هيءَ هڪ قسم جي رڃ اٿئي، جنهن ۾ سڀڪو واريءَ کي پاڻي سمجهي، واريءَ پٺيان پيو ڊوڙندو آهي؛ پر باخبر انسان توائي نه ٿيندو آهي. سالڪ کي صلاح ڏنل آهي ته، مشاهدي ماڻڻ ڪري پنهنجي محبوب کان منهن متان موڙين. حق هي به تنهنجي لاءِ هڪ آزمائش خلقي ڏي آهي، ته کري ۽ کوٽي جي خبر پوي.

 

سُرُ لِيلان چَنيسرُ

داستان پهريون

 

1

داغُ[257] تنهنجو دائِما[258]، ماري مَعذُورين[259]،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين وَڃِج مَ ڏُورِين[260]،

آئُون تو حُضُورين[261]، مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾.

2

مَڻِيُو وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ[262] هَڻان هارُ،

ڀري[263] جي ڀَتارُ، ته ميرِيائي[264] مانُ لَهان.

3

مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هارُ،

سوڀِي![265] سُکُ، سَيّدُ چي، ڪَريين ڪوهُه[266] قَرارُ،

راڄا رِيساڻو[267] گَهڻُو، سَٽاڻو[268] سَردارُ،

چَؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه[269] ڏهڪارُ[270]،

ٺاڪُرُ[271] اَکِيين ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِين.

4

چَنيسرُ چَؤرَنگُ[272]، ٻِه- رنگو[273] لوڪُ ٻِيو،

تنهن[274] سين ڇِنيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهين.

5

مَڻِئي تي مُوهِجِي، مُوڙهِي![275] ڪِيُئِي مَرَڪُ[276]،

چَئِي[277] چَنيسَرَ ڄام سين، وڌو تو فَرَقُ[278]،

وَرِي وِيو وَرَقُ* آيَئِي ڏَنءُ[279] ڏُهاڳَ جو.

6

مَڻِيي تي موهِجِي، هارِي[280] ڳِيئَڙُءِ[281] هارُ،

ڪوڙِيين ڪِيا ڪيترا، اِنَهِيءَ خَرّ[282] خُوارُ،**

ڀِرِي[283] وِيو ڀَتَارُ، آيَئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

7

مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،

هارُ کَٽَندِيسِ هوڏ[284] ۾، نِيبَهُه ٿِيندُمِ[285] نِتُ،

ڪَؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ[286]، مُونهان[287] مَٿانهُون[288] ٿِيو.

8

مَڻِيُو ناهِه مَڻِيُو، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکيين[289]،

اَصلِ آهي اَڳِهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،

اِنَ گهوڙَنِ هَنئي[290] گَهڻِيُون، دوسَنِئان[291] دُورِ ڪِيُون.

9

تو جو ڀانئيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو[292]،

چَنيسَرُ چِتُ کَڻي[293]، ٿِيو پورهِيَتِ[294] جو پارُ[295]،

اَوَڻَتِ[296] جو آچارُ[297] ڪانڌُ[298] ڪِنهِين سين[299] مَ ڪَري!

10

نَه ڪِين ٻانهَڙِيَنِ[300] ۾، نَه ڪِين ڳَرِ[301] هُئومِ،

نَه مُون سِينڌِ نَه سُرمُو، نه سِينگارُ ڪِيوم،

تيلانَهَن[302] ڪانڌُ سَندومِ، رُکوئِي[303] رَءِ[304] ڳِڙي[305].

11

سونا ڪُر[306] ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،

ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينِ سَڻَڀا وارَ،

تيلانهن پِيّ[307] پَچارَ[308]، ڪانڌَ منهنجِي ڇَڏِيي.

12

چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳُ هُئو،

تِنهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي مَٿي مامَرو[309].

13

جَرُ[310] هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهن رُنو ڏيريدارَ[311]،

ڍولي[312] تِهن ڍيلِيين[313]، سوڀِي! ٿيَئي نه سارَ[314]،

چَنِيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.

14

اُو ڏَمَرِيو ڏِسُ، حِيلو هُونهين[315] هارَ جو،

سُڻِهِو[316] سَڀَ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪِهِين وَسِ،

دَعَويٰ[317] پِهرين دَسِ[318]، ڀَڃِيو ٿو ڀورا[319] ڪَري.

 

15

پُوچا[320] ڏِٺَمِ پير، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،

مون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجِهي ڪَندو[321] پِرِيئَڙِي[322].*

16

سوڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو[323] سَهُو[324] وِلاڙِيو،**

چَنيسَرَ ڪانڌاءِ[325]، تان مُون هيئن نَه ڀانئيو!***

17

ڍولا! ڪُڄاڙِيان[326]، ٻولائِيو[327] ٻوڏُ چَئين[328]،

آئُون تو پيراندِيان[329]، ڪَرَ موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.

18

نِيو[330]، ٻَڌِيو روءِ، اَڱڻِ جهوڪِيو[331] ڪَرَهو[332]،

ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَه لِيلان وَڃِي لَڏِيو.


 

 

وائي

آءُ پِرِين! گَهرِ پيهِي مِان چَنيسَرَ،

هارُ هَٿان[333] مُون ڇَڏِيو.

پُڇَنِ لِيلا، هو ڪَنِ حِيلا، ٻَهَران[334] اَچِيو ٻيئِي[335]،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

دوسُ[336] نِيائُون داسَڙو[337] ويساهي[338] وَرُ ويهِي[339].

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

اَوَڳُڻَ، عَيبَ، مَٺائِيُون، ڍولا! ڍَڪِ سَڀيئِي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

تو دَرِ اَچِي، داسَڙا! آرِ[340] ڪَرِيندِيَسِ ڪيهِي[341]،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.

آيُسِ، عَبدُاللّطِيفُ چي، دوس! تو دَرِ پيهِي،

هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.


 

 

داستان ٻِيو

 

1

ڪِي، پَسِي ٿوڪُ[342]، تِرڪِي، تَڪبَرَ[343] ۾ پَئِي،

اَچِيو اَچِيو، اَگِلي[344]، چَئي ليلان کي لوڪُ،

اَندَرُ اوڀالَنِ[345] سين، ساڙي ڪِيانئُسِ[346] سوڪُ،

ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ[347]، وِيو ويچارِيءَ وِسَرِي.

2

جيڪُسِ[348] ڪَمَ سَندامِ[349]، جُوٺا[350] ڏِٺا جيڏِيين،

کَلَنِ سَڀِ مَٿامِ[351]، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.

3

هُئِينءَ تَه گَهڻُو هوشيارُ، ڪَلَ په[352] هُيَئي ڪانڌَ جِي،

تو ڀانئيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائِي هارُ،

ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين[353] سِينگارُ،

وَهَمَ[354] لَهي وِينجهارُ[355]، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.

4

چان ڪِ[356] چَڙَهندِيَسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَسِ راءُ[357]،

اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيتون پيشِ ڪَري[358].

5

ڏاهِي هُيَسِ ڏيهَه ۾، سَرَتينِ مَنجِهه سُڄاڻِ[359]،

ڪا جا پييَم ڪاڻِ[360]، جِيئن مُنهن مٿَانهُون نه کڻان.*

6

اَلا! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُک ڏِسَنِ،

مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ[361] ۾ ڀالَ ڪِيا.

7

وَڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَهرِ سَرَتِيين،

هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌ ٿِياسِ،

ڍولي ڍيلِياسِ[362]، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

8

وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،

دُهِلين[363]، دَمامين[364]، نُقَرين[365]، ٿي پلَپَلِ پُڇِياسِ[366]،

ڍولي ڍيلِيياسِ، ٿِيَسِ ڏهاڳِڻِ ڏِيهَه ۾!*

9

هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانه پَرُوڙَ،

مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي[367] وِڌِيَسِ ڪُوڙَ[368]،

سامُهان ٿِيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽِي[369] وَلَهو[370].

10

ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيُون، ڪِهَڙي ڏوهه ڪَنبنِ؟**

وَرُ وڏُوڻو[371] اينهين[372]، جيئن جيئن پاڻُ[373] پَسَنِ.

 

11

گهورِيو[374] سو سُهاڳُ، جنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،

ڏوري لَهُه ڏُهاڳُ، جنهن ڪَرَلاهُو[375] داسَڙو.[376]

12

سارِجِ سَڀيئِي، ليلان! لَکَڻَ[377] پانهِنجا[378]،

وَرَ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،

نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾!

13

چَئِي[379] چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! لَکايوءِ[380]،

تو جو ڀانيو پانهِنجو، تنهن جو پَرو[381] ڪوَنه پِيوءِ،

ڪَؤنرُوءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِيو[382] داسَڙو.

14

لِيلان! جِمَ[383] لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،

وَرَ سين وڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺُئِي[384] پاڻُ،

ڀورِي! ڪِيَئِي ڀاڻُ،* تي[385] آيُئِي ڏنءُ ڏُهاڳَ جو.

15

لِيلان! جِمَ لَکائِيين، سوڀِي! ساڻُ سُڄاڻَ،

آهِيين گَهڻُو اَڄاڻَ، مَڇُڻِ[386] پُورِي نَه پُئين.

16

لِيلان پُورِي نَه پئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،

تو جو ڀانئيو پانهنجو، سو رِيساڻُو راڄاڻُ[387]،

پاڻان ڌارَ پِرياڻُ[388] ڪانڌَ ڪنهن جو نَه وَڻِي.**

17

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! تُون مَ لَکاءِ،

دوسُ تنهنجو داسَڙو، کاندِ[389] وَڏِيائي کاءِ[390]،***

ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيَبنِ کي آڏو پُئي.[391]+

18

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان! لَکاءِ مَ تُون،

اِيءُ ڪانڌُ ڪنهن جو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،*

رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُن، اِنَ دَرَ مٿي دادُلِيون[392].

19

لِيلان! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀي! سِکِيين،

پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَريبِيءَ گَڏِ،

هَڏِ[393] نَه چوندءِ[394] لَڏِ، جي ڪارُون[395] آڻِيين ڪانڌَ کي.

20

جي ڪارُون آڻيين ڪانڌَ کي، تَه روئِي رِيجهائيج،

لِيلان! لِيلائيج، اَٿَئِي ماڳُ[396] مِنَٿَ جو.

21

جي لِيلائِي نه لَهين، ته پُڻ لِيلائيجِ،

آسَرَ[397] مَ لاهيجِ، سَڄَڻُ ٻاجِهيندَڙُ[398] گَهڻُو.


 

 

وائي

مُون تي وَهَرَ[399] وَرِي، وارو ڏيندُمِ وَلَهو[400]،

توکي ساري، سُپِرِين! آئُون پُندِيَسِ ماڳِ مَري،

وارو ڏيندُمِ وَلَهو.

توکي سَرِي[401] سُپِرِين اَسان تان نَه سَرِي،

وارو ڏيندُمِ وَلَهو.

اَسان تو رِيءَ ناهِه ڪا، ڳُجهاندَرَ[402] ڳَرِي،[403]*

وارو ڏيندُمِ وَلَهو.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مُحِبَنِ مِهرَ ڌَرِي،

وارو ڏيندُمِ وَلَهو.


 

 

داستان ٽيون

 

1

چَنيسَرَ سين چاڳُ[404]، مَتان ڪا مُنڌَ[405] ڪَري،

جان مُون پوءِ پَروڙِيو، تَه هِيءُ نَه ماڻي[406] ماڳُ،

ڏَمَرِيو ڏُهاڳُ، سِگهو ڏي[407] سُهاڳِڻِيين.

2

چَنيسَرَ سين چاءُ[408]، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،

ڪانڌَ ڪِهِين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ[409] ۽ گاءُ[410]،

جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ[411]، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.

3

سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون سَڀنِي ڳِچِيءَ هارَ،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سينگار،

ڍولُ تَنِين جي ڍارَ[412]، هيٺاهِيُون[413] هَلَنِ جي.

4

سَڀيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ هَسَ[414]،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَسَ،

ڍولُ تَنِين جي گَسَ[415]، هيٺانهيُون هَلَنِ جي.

5

سَڀيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي منهن جَڙاءُ[416]،

سڀڪنهن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ[417] راءُ[418]،

پيٺو تَنِ دَراءُ[419]، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.

6

اَوَڳُڻَ[420] ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ، داسَڙا!

جيئن تو رُسَڻَ سَندِيُون[421] رُوحَ ۾، تيئن مُون ڀيڻِي[422] ناهِه ڀَتارَ!*

سائِينءَ لَڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهنجون.

7

جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻجِ سُپِرِيّن،

اَصلِ اَوايِنِ[423] جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِّ[424]،

اِيءَ، پَرِ[425] تنهنجي پَتِّ[426]، جيئن وِلهِيُون[427] ڍَڪِيين، وَلَها!

8

لَکَڻَ[428] ڪِيمَ لَکيج،** جي مُورانهِين[429] ناهه مُون،

مُون کي مَلهائيج[430]، وارو ڏيئِي وَلَها!

9

تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جِي داسَڙا!

تُون منهنجو وَلَهو، آئُون تو ۾ طَمَعُدارِ[431]،

ڍَڪي ڍولَ! گُذارِ، لَڄَ منهنجِي لوڪَ ۾.

10

ڍولا! ڍيلِ[432] مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻِي آهِيان،

سِڪَ تنهنجي سُپِرِين! ڀيري[433] وِڌِيَسِ ڀُون[434]،

مُون وَرُ[435] تونهِين تُون، تو، وَرَ! وَهُون[436] ڪيتَرِيُون.

11

تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تون وَريجِ[437]،

سوڀي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀورِي! ڀَرُ[438] مَ ڏيجِ،*

پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلَهائِجِ مِسڪِينِ کي.

12

ڪوڙيين[439] تنهنجون ڪامِڻِيُون[440]، تُون ڪوڙِيَنِ سَندِو ڪانڌُ،

مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! تَه وَڃان نَه وِڻِواندُ[441]،

مون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو، چَنيسَرَ! هَٿَ ۾.**

13

ڍولا! اولا[442] نَه سَهان، آڏا[443] اَڏِيَئِي جي،

تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري[444]،

پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلَهائِجِ مِسڪِينِ کي.

 

14

لِيلان! لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ[445]،

اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.

15

لِيلان! لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي سورِ ٻُهار[446]،

ڍولو اَڱَڻِ پارِ[447]، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ آئِيو.


 

 

وائي

جيئري زِيارَتَ[448]، جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين.

سَڌَرَ[449] منهنجا سُپِرِين، مُون تان لاهِه مَ هَٿَ،

جي مان هوءِ پِريَنِ سين.

مَولا! مُون کي ميڙِيين، سُپيرِيان جي سَٿَ[450]،

جي مان هوءِ پِريَنِ سين.

ڇَنڊِيان کِهَه[451] اَکِينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ،

جي مان هوءِ پِريَنِ سين.

ڏوران[452] ڏِٺَمِ سُپِرِين، سَچِي جَنِ صِفَتَ،

جي مان هوءِ پِريَنِ سين.

مِلَڻَ ۾ مُشتاقِ[453] سين، ڪانَه ڪِيائُون ڪَٿَ[454]،

جي مان هوءِ پِريَنِ سين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مَڃِيائُون مِنٿَ[455]،

جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين.


[1]. دوست

[2]. ٻانهي، گولي

[3]. ڳوڙهن جو پاڻي.

[4]. جيڪو پورهيو ڪيم

[5]. بدبختي، مصيبت

*. (پنهونءَ سان پيچ نه پائي) شروعات کان لکيو (تقدير) مٽائي ڇڏيان ها.

[6]. اڙي ور!

[7]. جتان (جنهن پيچري تان)

[8]. ٻن ٻن يا ٽن ٽن جون ٽوليون ٺاهي، ٽڙي پکڙي ويا

**. محبت جو مچ ٻاريندي.

[9]. ساڻن (هنن سان) ئي

[10]. اٺن جي قطار کان

[11]. پٺيان

[12]. ورائي، وڪڙ ڏئي

[13]. هي لفظ همتائڻ لاءِ چئبا آهن

[14]. سليو، ٻڌايو.

[15]. به، پڻ

[16]. نالائق ٿيس

[17]. مهر ڪجو

[18]. جوڳين وارو

[19]. جلدسي

[20]. ڦيرو ڪجو، مهر ڪجو

[21]. ڪنهن

[22]. جهوريءَ.

[23]. جن مون کي آزار ۾ وڌو

[24]. انگ وارو، آڏو اُبتو

[25]. وڃ

[26]. کل خوشي (اُجهائي) ڇڏي

[27]. ٻَه- ٽي

[28]. گهر يا جهوپڙيءَ ۾

[29]. ظلم

[30]. قسم

[31]. اَٿَوَ

[32]. دغا، فريب.

[33]. خوشي، راحت

[34]. آرام، قرار

[35]. جدا ٿيندا

[36]. هنيل، مُيون (اکين کي پِٽَ پاراتو)

[37]. روئي

[38]. وڌيڪ لڙڪ وهائڻ بند ٿي ويا

[39]. اهي اکيون (جن ننڊ ڪري پنهون وڃايو)

[40]. سڄڻ، مددگار

[41]. مِٽِي

[42]. منگل، باه

[43]. ڇنڊو، پاڻي، گرمي.

[44]. وڻ جو قسم

[45]. پيرا

[46]. پيچرا، گس

[47]. ٻڌڻ ۾ آيس، مشهور ٿيس

[48]. فڪر، ڳڻتي.

[49]. رستي

[50]. ڪوشش ڪري، تڪليفون سهي

[51]. مائٽ

[52]. سوري تان، ڦاسي تان

[53]. ڳڌوءِ، ورتوءِ

[54]. پاجي، نيچ، نوڪري، ٻانها

[55]. فرياد، آزيون نيزاريون

[56]. گلا

[57]. پنهونءَ جي وطن

[58]. مفاصلا

[59]. منزل

*. نيٺ وڃي منزل مقصود کي پهچندس

[60]. الله جي آڌار.

[61]. جهڙي، شريڪ، لائق

[62]. چونديس

[63]. ڇني ۾

[64]. واڪا ڪيا

[65]. کليو، خوش ٿيو

[66]. سينگار

*. مشاهدو نه ماڻينديون

[67]. ذرو

[68]. پڌرو ڪرين

[69]. رستي، واٽ.

[70]. ويهين

[71]. کائڻ پيئڻ، پيٽ ڀري خوش ٿيڻ

[72]. بيهارين، روڪين

*. مائٽيءَ جي دعويٰ ڪرين

[73]. ڌاريا، اوڦٽو.

[74]. پاڙي واريءَ

[75]. ڇڻڪي، ڇنڊ

[76]. خطرو، تياري

[77]. ٻڌي

[78]. وطن، ڪيچ

[79]. جبل جو نالو

*. سَنگهرَ پٽين= سنگهر واري جوءِ جتي سسئي ۽ پنهونءَ جون قبرون موجود آهن (م-م)

[80]. بنا توشي، غريب

[81]. اي دوستو!

[82]. سک منهنجي نصيب ۾ نه آيا

[83]. ٽُڪري، ڀاڱو

[84]. ڏکن جي ول

[85]. منزلون

[86]. مون کان

[87]. اڳيان

[88]. قاصد

[89]. تات توتِ، تات تنوار، پچار، ذڪر

**. دنيا مان عشق لڏي ويو آهي.

[90]. محبت.

[91]. ڪونه آهن

[92]. ڳوليندڙ (سچا عاشق)

[93]. ڳول

[94]. اهڙي ڪنهن (ڳري)

[95]. توهان کي ٻڌي ڇڏيو

[96]. توهين ڪندا

[97]. ڪريو

*. هي بيت شاهه جي والد سڪرات وقت نياپي طور شاه کي موڪليو هو.

[98]. ملول، غمگين

[99]. اڳڀرو، دور، پري

[100]. منزل، هلڻ جي جاءِ

**. هي بيت شاهه وري ٽيويهين بيت جي جواب ۾ پيءُ ڏي موڪليو هو.

[101]. ڳاڙهو ڪيم

[102]. شوق، محبت (يادگيريءَ)

[103]. چولي

[104]. پُسايم، آلو ڪيم (ڳوڙهن سان)

[105]. صبحاڻي، صبح جو.

[106]. خوشيءَ، شوق، لاڏ

[107]. وِرهايا.

[108]. پوي.

[109]. اينگهائي، وڌائي

[110]. لڪڻن، چهن

[111]. آواز، کنگهڪار.

[112]. زياده، گهڻو

*. نينهن جي نظر سان.

[113]. انب

[114]. ليار جهڙو جابلو ميوو

[115]. جابلو ميوو

**. ڪنهن ڳالهه کين غيرت ڏياري يا رنج ڪيو.

[116]. هڪ جيڏي، دوست.

[117]. رولڙو

[118]. چين، ٻڌاين

[119]. ائين، تيئن

[120]. ڀڙڪو ڏيئي، ڇال ماري

[121]. کٽياڻي

[122]. ڳوٺ

[123]. اَجهو، پناه، عيوضو، بدلو، صدقو

*. ساه صدقي ڪيائين.

[124]. ڀرسان

[125]. ذرو

[126]. ترسيا.

[127]. تو کان

**. لڪين جواب ڏنو، ته پنهون، توکان به وڌيڪ روئندو رڙندو پي ويو.

[128]. نشانو، هدف (Target)

[129]. اڳڀرو، ڏور

*. اٽلو محبت ۾ محو ٿي.

[130]. وڌيڪ تِکي

[131]. نشان، اهڃاڻ، ڏس

[132]. نيو، وٺي ويا

[133]. من يا دل تان

[134]. سسئيءَ، لاش، جنازي

[135]. زال

[136]. عورتون ڀتار جي پيرن وٽان ويهي خدمت ڪرڻ، سڀاڳ سمجهنديون آهن، خدمت وصال.

[137]. گهوڙا (جانور)، مصيبت

*. گهوڙن جون مٺيون.

[138]. پوندي

[139]. مونجهاري، مصيبت ۾

[140]. لڪڙيءَ جهڙيون، سنهيون، نازڪڙيون

[141]. ڊؤل، نمونو

[142]. غم

[143]. ڳجهه ڳوهه ۾

[144]. هٿان، کان

[145]. هميشه، بنهه

[146]. مهرباني

[147]. مائٽياڻِي

[148]. مائٽي ڳنڍڻ جي لائق

[149]. شريڪ ٿيان يا لائق ٿيان.

[150]. لوڪ

[151]. ساڻن، هنن سان

[152]. هنن جا نيڻ

[153]. ڳري

[154]. ڪاڻن، هنن لاءِ

[155]. هٿن جون آڱِريون آڱرين ۾ وجهي، ادب سان

[156]. آزيون نيزاريون ڪريان

[157]. ڀلي، بهتر آهي ته

[158]. وس کان، ضابطي کان

[159]. وياس، مون کان ويا ٿي

[160]. تير

[161]. ذرا ذرا.

[162]. مون تان آسرو لاهيو

[163]. گهارڻو پيم، ڪم پيم

[164]. عشق کان ناآشنا

[165]. پيءُ ۽ ماءُ، اوهي نڪو واهي

[166]. وڇوٽي

[167]. منهنجا ڏير

[168]. ٽڪر، ڦاڪون

[169]. مڪان

[170]. سويل ئي، گهڻو اڳي

[171]. ڏاوڻ، نوڙيون

[172]. اٺن

[173]. ٻَڌئي

[174]. مهل، وقت

[175]. جلن، ٽهڪن

[176]. ڏِٺَوَ، توهان ڏٺو

[177]. جيان، وانگر، وانگيان

[178]. چَيَوَ، توهان چيو

[179]. ويٺيون، گهڙيون.

[180]. نموني

[181]. مستانيون ٿيون

[182]. خوشي، مرڪ، کل

[183]. ويڙهيون، چهٽيون، چنبڙيون

[184]. توهان کي هجي ها

*. عشق جي غلبي ڪري، ٻانهن ۾ چڪ وجهي

[185]. ڪريو ها

[186]. توهان کي وڃي ها.

[187]. اڄ جڏي ئي هجان

[188]. رستي

[189]. ذرو،

[190]. چاهه، شوق

[191]. مون کي آهي

**. عشق جي لغار لڳيم

[192]. تون روءُ

[193]. ڪاوڙيا

[194]. نڪري، نڪتا

[195]. ڇوريءَ ڇني

[196]. سنڀريا، تيار ٿيا

[197]. توڙان، اصل کان، هرگز

[198]. انتظار، آسرو.

[199]. روڄ راڙو

[200]. مون لاءِ بند ٿيو

[201]. جن جا مڙس مري ويندا آهن

[202]. رواج هو

*. رنن لاءِ جيڪو روئڻ جو رواج آهي، سو پڻ منهنجي لاءِ بند ٿي ويو آهي، (گهڻي غم سبب رئڻ بند ٿيو آهي) هاڻي باقي ڪير پنهونءَ لاءِ رت پيئي روئندي؟

[203]. لغار، ميخ

[204]. ننڊ (غفلت) جي گهيرٽ ۾ اچيو

[205]. خوش ٿيو

[206]. رهي، گذاري

[207]. ولر (دنيا جا ماڻهو)

[208]. اورانگهي، ڇڏي

[209]. ڳول، جاچ

[210]. ٻاهر

**. دنيا کي ترڪ ڪري پنهونءَ کي ڳول.

[211]. تڪليفن ۾ پوندي.

[212]. مُورڳو، صفا

[213]. ڳڻتي، خيال

[214]. نوڙيءَ، ناتي، لاڳاپي

[215]. جدا ڪريانس

[216]. گهنڊ، دهل ڌمام، خوشيون

[217]. چوان ته، مون ليکي

[218]. مٿاهيون زمينون، جبل جون چوٽيون

[219]. هيٺايون، زمينون

[220]. ڄاڻو، واقف

[221]. شڪار، کاڄ

[222]. ڀُونءِ، جُوءِ

*. طريقت جي راهه ڏکي آهي ۽ سونهي (مرشد) کان سواءِ سولائي سان طي ڪري ڪانه سگهبي.

[223]. لٽيرا- ڌاڙيل

[224]. بهادر (مرشد)

[225]. سردار

*. مسڪينن سان وڙ ڪندو

[226]. چونڊي، ڳولي

[227]. نشان پتو، خبرون

[228]. ڇاليون، ڦلا (اکين ۾ ڪٽر).

[229]. بهتر

*. منهنجي دل ٻاروچي کي ملڻ لاءِ هوڏ ٻڌي (ضد ڪيو، پڪو پههڪيو) آهي.

[230]. شوق، عشق

**. ملير جي ميندي.

[231]. جڳائي، مناسب آهي

***. ڪوهياري (پنهونءَ) جا ڪرها (اٺ).

[232]. گهگها، وڏا چولا پائيندڙ، ٻروچاڻيون

*. ته ٻين (ماين) کان ٻيڻو ڪَمُ ڪريان، وڌيڪ خدمت ڪريان

[233]. ملائين، انهن جهڙو ڪري ليکين

[234]. وٺي وجَنم

[235]. انهن کي، ڪڻن لاءِ

[236]. ڪيڏانهن، ڪٿي

[237]. هنن سان

[238]. ڪرائي

[239]. ملڪ

[240]. ڪلهي ۾

[241]. چولي، گج.

[242]. مصيبت لاءِ، مشڪلاتن سهڻ خاطر، موت لاءِ

[243]. سکيو

[244]. قافلو

[245]. قافلو

[246]. برهه، ڏک، عشق

[247]. خريد ڪج

[248]. زياده

[249]. تي، مٿان

*. تن خوشيءَ وچان هار سينگار ڪيو.

[250]. سمجهن، ڄاڻن.

[251]. پونديءَ

[252]. شوق، عشق ۾

[253]. اُٺ

[254]. نوڙيون، رسا، عشق جا زنجير

[255]. موڪليم، روانا ڪيم.

[256]. ٻُڌامِ، ٻُڌَمِ.

[257]. ٽڪو، ڏنڀ (ڏهاڳ)

[258]. هميشه

[259]. عذر وارين کي، ويچارين کي

[260]. ڏور، پري

[261]. حضور ۾، روبرو (جي مون کي ملين ته)

[262]. ستن دوزخن مان هڪ جو نالو، کڏ، باهه

[263]. وري ملي، ريجهي پوي، پرچي

[264]. گدليءَ حالت ۾، عيبن واري هوندي به، ڏوهاري هوندي به

[265]. اي سوڀيا واري

[266]. ڇو

[267]. ريساڙو، غيرت وارو

[268]. زوراور، ضدي

[269]. ملڪان ملڪ

[270]. دهڪو، ڌاڪو

[271]. سردار

[272]. چئن (رمزن) وارو، کيڏاري

[273]. ٻچاپڙو، منافق

[274]. تنهن (چنيسر)

[275]. منجهيل، بيوقوف

[276]. فخر، وڏائي

[277]. رد ڪد ڏئي، وات ڪري

[278]. تفرقو، ويڇو، سَنڌو

*. لوح محفوظ (قسمت) جي ڪتاب جو ورق وري ويو، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو.

[279]. ڏنڊ، سزا، عذاب

[280]. نادان

[281]. ورتو اٿئي

[282]. گڏهه (هار يعني شيطان)

**. انهيءَ هار (شيطاني ڪوڙي ڏيک) فقط ليلا نه، بلڪ ٻين به ڪروڙن انسانن کي بڇڙو ۽ بدنام ڪيو آهي.

[283]. ڦري، بگڙي

[284]. شرط، بازي

[285]. ڦٻي ويندو

[286]. داءُ، بازي

[287]. مون کان

[288]. اڳرو، غالب

[289]. تنهنجي دل سرڪي

[290]. مصيبت ۾ ڦاٿي يا سزا مليل

[291]. دوسن (دوستن) کان.

[292]. سنگهر، ڳٽ، طوق

[293]. دل کڻي، محبت مٽائي

[294]. ڪؤنرُو، (جيڪا نوڪرياڻي ٿي هئي)

[295]. پاسو

[296]. اڻبڻت، ناسازي

[297]. هلت، فيصلو

[298]. ڀتار

[299]. ڪنهن سان به

[300]. ٻانهن، ڪراين

[301]. ڳچيءَ

[302]. تنهن لاءِ، تنهن ڪري

[303]. اَڻڀوئي

[304]. تحقيق، بلاشڪ

[305]. وٺي، قبولي

[306]. پنڙا

[307]. پرينءَ

[308]. ڳالهه، ذڪر، رستو

[309]. معاملو، تڪرار

[310]. پاڻي، لڙڪ

[311]. ديري- ڌڻي، سردار

[312]. محبوب، مڙس

[313]. توکي ڍيليو، ڌڪاريو، توکي دل تان لاهي ڇڏيو، وساريو

[314]. سڌ، سرت، سماءُ.

[315]. هُونئن ئي، هَروُ ڀَروُ

[316]. سڻو، ٻڌو

[317]. حجت

[318]. پهرئين ڀيري، هڪدم

[319]. ذرا ذرا

[320]. ڏنگا، ڦڏا

[321]. ڪني ڪندو، ابتا پير هلندو

[322]. محبوبڙي، پيارڙي زال

*. ڪن هندن ۾ شاديءَ جي رات در وٽ ڍڪڻ رکي ڪنوار ۽ گهوٽ جو هڪ ٻئي پٺيان پير ان تي رکائيندا آهن. جيڪڏهن گهوٽ جو پير ڦڏو پوندو آهي ته اهو بدسوڻ سمجهندا آهن شاديءَ رات چنيسر جو پير ليلان جي پير جي مٿان پورو ڪونه پيو هو. تنهن ڪري کيس شڪ هو ته چنيسر ساڻس چڱا پير نه کڻندو.

[323]. گهر، محلات

[324]. چڱو، لائق، شانائتو (محلات)

**. ڪؤنرو محلات والاريو آهي.

[325]. اي ڪانڌا

***. لوڪ روايت موجب، چنيسر ۽ ليلان سهي جو شڪار ڪيو، ليلان ٿڪل هئي سو سمهي رهي. چنيسر بکيو هو، تنهن سهو پچائي، هڪ ٽنگ کاڌي. ليلان اُٿي، تنهن پڇيس: اهو مهڻو ڏنس، ان سلسلي ۾ اها به چوڻي ٿي ته، سهي ٽنگون ٽي يعني هر ڳالهه کان نابري وارڻ، پڙهڻي پڪو سهو

[326]. ڇا لاءِ

[327]. چتايو

[328]. ڦوٽ چئين

[329]. پيرانديءَ کان

[330]. نيو، وَٺِيو، ڪاهيو

[331]. جهڪايو، هشايو

[332]. اٺ.

[333]. هٿ مان

[334]. ٻاهران

[335]. ڪؤنرو ۽ سندس ماءُ

[336]. دوست

[337]. داسڙن جي ذات وارو چنيسر

[338]. ويساه، واعدا ڏئي پوءِ

[339]. ٽڪِي، رهِي، مون وٽ نوڪري ڪري

[340]. انگل آرا، ناز نخرا

[341]. ڪهڙو

[342]. زيور، ڪابه شيءِ، وقت، مدت، اگلي، عيبن واري

[343]. تَڪَبّرَ (ع) هَٺُ

[344]. گندي، خراب، مغرور

[345]. مهڻن، طعنا

[346]. ڪيائونس

[347]. ڦولارجڻ، ٻور جهلڻ، جوانيءَ جي چلولائي ۽ چنچلتا.

[348]. شايد

[349]. منهنجا

[350]. کوٽا، ڪوڙا

[351]. منهنجي مٿان

[352]. خبر به

[353]. سوين نمونن

[354]. وسوسا ۽ خيال

[355]. وينجهار، قابل شخص

[356]. چوان ته، سمجهيو ٿي

[357]. راجا، چنيسر

[358]. اڳريون ڪري، وڌيڪ عزت واريون ڪري

[359]. هوشيار

[360]. گهٽتائي، عيب، وڏ

*. مون ۾ ڪا اهڙي وڏ آهي، جو منهن به مٿي نٿي کڻي سگهان.

[361]. اٻوجهائيءَ، اڻڄاڻائيءَ

[362]. ڌڪيس.

[363]. دهلن تي

[364]. ڌڪڙن

[365]. توتارين

[366]. مون کان ٿي پڇيائون، منهنجو پي پڇيائون، شادين ۽ ٻين مجلسن وقت پلپل منهنجي ئي پڇا پئي پوندي هئي.

*. ڀتار جي منهن موڙڻ ڪري ڪوبه ڪونه ٿو پڇيم.

[367]. ڪني

[368]. ڪپت ۾ وڌو

[369]. پٺ ڏئي، پوئتي موٽي

[370]. شاهوڪار، مڙس، محبوب

**. اهو ڪهڙو ڏوهه آهي جنهن ڪري سهاڳڻين کي ڏهاڳ جو ڊپ هردم رهي ٿو؟

[371]. ڪاوڙ

[372]. اِيئين، ايئن

[373]. خودي، آپو

[374]. صدقي ٿيو

[375]. پَر گهور لهندڙ

[376]. اُهو ڏهاڳ ڳولي لَهُه جنهن ۾ داسڙو تنهنجي سارَ لهي!

[377]. لڇڻ، افعال

[378]. پنهنجا.

[379]. رد ڪد ڏيئي، بحث ڪري

[380]. تو لکايو، ظاهر ڪيو، ڏٺو ڪيو

[381]. پتو، سماءُ

[382]. هٿ ڪيو، حاصل ڪيو

[383]. متان

[384]. پاڻ کي مصيبت ۾ وڌءِ.

*. اي نادان! هٺ ڪيئي، (جنهن ڪري ڏهاڳ ڏسڻو پيئي.)

[385]. تنهن ڪري

[386]. متان

[387]. راجا

[388]. پريتڻو، عشق

**. پاڻ کان سواءِ ٻئي لاءِ پير (شرڪ) محبوب کي پسند نه آهي.

[389]. صبر، تحمل

[390]. کائي، ڪري

***. چنيسر گهڻو صبر ڪري، سور پي وڃي ٿو.

[391]. پَوي

+. ته محبوب، جو تنهنجي پناه آهي، سو تنهنجون مدايون ميٽي ڇڏي.

*. هن کي منهنجي ۽ تنهنجي پرواه نه آهي

[392]. دل گهريون

[393]. اصل، بنهه

[394]. چوندئي

[395]. فريادون، دانهون، پڪارون

[396]. جاءِ، مڪان، هنڌ

[397]. آسرو، اُميد

[398]. ٻاجهارو

[399]. واهر، مدد

[400]. شاهوڪار، ڀتار.

[401]. پرواهه نه آهي

[402]. ڳوڙهو ڳجهه

[403]. ڳلي، گهٽي، واٽ، واه

*. اسان کي تو کان سواءِ اندر جي احوالن اورڻ لاءِ ٻي ڪا واه يا واٽ نه آهي.

[404]. ناز، انگل

[405]. ڀورڙي، زال

[406]. ناز، نخري

[407]. ڏِئي

[408]. ماڻو، ناز

[409]. مغروري

[410]. هٺ

[411]. ذري تان، ٿورڙي ڳالهه تان

[412]. پنڌ، پيچري، واٽ

[413]. نئڙت سان.

[414]. هَسِي، ڳچيءَ جو زيور

[415]. واٽ، پيچري

[416]. جڙت ٿيل زيور

[417]. گهر

[418]. راجا

[419]. دران، در کان

[420]. ڪچا ڪم، گناه

[421]. رسڻ جون ڳالهيون

[422]. گهر، اجهو، حد

*. تيئن منهنجي پڄڻ جي جاءِ نه آهي

[423]. موڳين، بيوقوف زالن

[424]. انت، نهايت، گهڻا،بلڪل، بنهه

[425]. پرين

[426]. شان

[427]. بي حسيون، سکڻيون

[428]. لڇڻ

**. منهنجن لڇڻن ڏانهن نه ڏسج، عدل ڇٽان نه آئون، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو

[429]. اصل کان، بنهه

[430]. ڀلائيج، سوڀارو ڪج.

[431]. آسروند

[432]. ڌڪ، هٽاءِ

[433]. ڦيري

[434]. زمين

[435]. مڙس

[436]. زالون

[437]. ڀلائي ڪج

[438]. ڀراءُ، ٽيڪ

[439]. ڪوڙيون، وِيهُون (Scores)

*. اي نادان! انهي سهاڳ تي ڀروسو رکي، مغرور نه ٿج

[440]. بيحد سهڻيون زالون، جادوگرياڻيون

[441]. مهڻي هاب ٿيڻ، گلارو ٿيڻ

**. منهنجو ڪم آهي منٿ ڪرڻ ۽ وڌيڪ ساري ڳالهه تنهنجي وس ۾ آهي.

[442]. پردو، وڇوٽي، جدائي

[443]. سامهان، وچ ۾

[444]. وريج، ڀلائي ڪج.

[445]. ٻهاري ڏيئي صاف ڪر

[446]. ٻُهَرُ، ڪچرو

[447]. اڱڻ پاسي

[448]. ملاقات

[449]. مضبوط، پختا، سٺا

[450]. جماعت، مجلس

[451]. دز، لٽ، مٽي

[452]. ڏوران، پري کان

[453]. اشتياق رکندڙ، مِلڻ لاءِ واجهائيندڙ، عاشقياڻيءَ

[454]. هٻڪ، ڳڻ ڳوت، ڪٿ ڪٿان، دير

[455]. آزي نيزاري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com