سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :13

مضمون

هن سر ۾، وڻجارن ۽ سندن وهُن جو احوال، عمدي پيرايي ۾ ڏنل آهي. شاهه جيڪو زال ذات جي جذبن ۽ اُمنگن جو نقش هتي ويهي چٽيو آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سفر ڪندي شاعر اکيون اُپٽي ۽ ڪن کولي، ماحول جو گهريءَ نظر سان، مشاهدو ۽ مطالعو ڪندو پئي ويو. ڪراچيءَ جي لاڙي حصي جو مغلڀئين وٽ، جيڪو سامونڊين جي وڇڙيل وهن ۽ مُنڌَلَ مُنڌُن جو حال، هن اکين سان ڏٺو هو، تنهن جي هن سر ۾ چٽي تصوير نڪتل آهي. وڻجارين جي من جو مونجهارو، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آڳي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت ورڻ لاءِ قسمين قسمين حيلا ۽ تپشائون- تڙن تي وَرَنِ وَرَڻَ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون- پيرن تي پڙ باسڻ، دريا تي اَکا پائڻ، چؤواٽن تي ڏيا ٻارڻ، وغيره انهن سڀني جو نهايت دلسوز ۽ رقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

روحاني راز

سڀني سرن ۾ شاهه پاڻ کي عموماً زال تصور ڪري، روحاني راز ۽ طريقت جي راهه جا اسرار، ويهي کوليا آهن. شاهه جي رسالي ۾، زال ذات کي ئي عاشق بنايو ويو آهي، سو ڇو؟ انهيءَ لاءِ گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا: هڪڙو ته روڄ راڙو زال ذات جومهامرڪ آهي، ٻيو ته عورت جي التجا ۽ اشڪباري، بنسبت مرد جي، زياده دلسوز ٿئي ٿي. زال ذات جون آهون، وڇوڙي ۽ ڦوڙائي جون ڪارون، پٿردل انسانن کي به موم ڪيو وجهن. ٽيون، ته جيڪڏهن انسان الله جي اڳيان عورت وانگر صاف ۽ پاڪ دل ٿي ٻاجهه لاءِ پڪاريندو ته فوراً مرادون پائيندو. چوٿون ته نسبتاً، عورت مرد کان محبت ۾ زياده مستقيم ٿئي ٿي. پنجون، ته عورت انساني ضعف ۽ ڪمزوريءَ جي انتهائي منزل ۽ مجسمو آهي. انهن سببن ڪري هتي به عورتن جي اندر جي اڌمن جو ذڪر ڪيل آهي.

شاهه، وڻجارن جي وهن کي، پنهنجي ڀتارن لاءِ تڙپندو ڏسي، سالڪ کي هن سر ۾ نصيحت ٿو ڪري، ته تون به ڪجهه هٿ پير هلاءِ ؛ عبادت ۽ نفس جو تزڪيو ڪر، ته مالڪ جو مشاهدو ماڻين. هٿ هٿن تي رکي، رڳين سَڌُن ڪرڻ سان ڪم ڪيئن سنوريندين؟ جي محبوب جو مشاهدو مليئي، ۽ هوت وري هلڻ هارا ٿينئي، ته به ڳري جهلي ڳچ ڳار، ته من اَبدي عيدون عطا ڪنئي، پر الاهي نور پسڻ کان اڳ، دنگي ڌوئي صاف ڪر.

سر سامونڊي

داستان پهريون

1

پَڳَهَه [1] پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي،

وِجِهي جِيُ جَنجارِ [2]، جِمَ [3] وَڃَنِئِي اوهَرِي [4].

2

پَڳَهَه پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي،

مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهَرِي.

3

پَڳَهَه پاسي ويهُه، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي،

تون ويسَرِي [5] وِکَ کَڻين، هُو پُورِيندا [6] پَرڏيهُه،

سَمُنڊُ جَنِ ساڻيهه [7] ، ڪوهُه ويِئَين تَنِ سين؟

4

جان [8] ايندينءَ تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پَڳَهَه ۾،

لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙُهه سانباهِي [9] نه سَهي.

5

نَنگَرَ جان نه کَڻَنِ، وانءُ [10] وَهِلِي [11] نِڪِري،

مَڇُڻ [12] ڏيهه [13] وَڃَنِ، نارِيُون [14] پُوري [15] ناکُئا.

6

نَنگَرَ ۽ نارِيُون، پَڳَهَه کَڻِي پَنڌِ ٿِيا،

بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ، ري [16].

7

ننگَرَئُون نيڻين [17]، مَن اولِيءَ نه اوهَري [18] !

سَٻاجهين نيڻين، پائي ڳُڻَ [19]، ڳِهِيو [20] هِنيون [21].

8

سي ئِي جوڀَنَ ڏينهن [22]، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،

رُئان، رَهَنِ نه سُپِرِين، آيُلِ! ڪَرِيان ڪيئن ؟

مون کي چاڙهي چِيئَن [23]، وِيو وَڻِجارو اوهَڙِي.

9

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ [24]، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،

سَرَتِيُون! سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،

مارِينِهُون [25] فِراقَ، پاڙيچِيُون، [26] پِرِيَنِ جا.

10

وِيا اُوهَرِي اوءِ، مون کي ڇَڏي ماڳَهين [27] ،

جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِيا، تِئان نه موٽِيو ڪوءِ!

گُوندرُ [28] مارِيندوءِ، ويچارِي، وِئَنِ [29] جو.

11

اُونهي ۾ اُوهَرِي، جَڏِهن جـٖـي وِيا،

سانداري [30] سَمُونڊَ جي، نِهوڙي نِيا!

وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ [31] ناهِه ڪا.

12

اُنهي ۾ اُهَرِي، جَڏِهن وِيا جي،

موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي،

کارو [32] تَنِين کي، جيڪُسِ وَهُه وَرِي وِيو!

13

اوڙاهِه وِيا نه وَرِيا، آئون تنهن مارِي ويڻَ [33]،

ڪري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ [34] پِرائِيو.

14

جي وِئَڙَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِهن ايندا مان ڳَري [35]؟

پِرِيان جي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَنڪِي [36] ڌَجُ [37]،

سامُونڊِيَڪو ڏَجهُه [38] ماءِ! مارِيندُمِ ڪَڏهِين [39]!

15

اُوهَرِيا جِئائِين [40]، ڍُڪَنِ [41] تَنِ تَڙائِييـٖـن!

سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِييـٖـن !

16

سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،

مون کي ٿِي ماري، اُنِين سَندِي ڳالَهڙِي!

17

سامُونڊِي ساريٖ، ماءِ! مُنهنجو ڄِندَڙو [42] ،

بَندَرِ ويچاريٖ، وَڃِي لايا ڏينهڙا.

18

سامُونڊِيَڪو سَڱُ [43]، آهي گُوندر گاڏَئُون [44]،

انَگهُن [45] چاڙهي اَڱ [46]، وِيو وَڻِجارو اُوهَرِي!

19

وَڃيئِي وِسَرِي شالَ، جو تو سودو سِکيو،

اَڃا آئين ڪالَ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبَهين!

20

ڳِرِيو [47] جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهريٖ [48] هَٿَڙا،

کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تو ڍولِيا! سِکيو.

21

اُلوڙَڻُ [49] نه ڏِئـٖـي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهه کي،

رَهُه اَڄوڪِي راتَڙِي، لالَنَ! مُونِ لائي [50]،

وَڃُ مَ ڦوڙائي [51]، ايڏي سَفَرِ سُپِرين!

22

جيڪُس [52] نِٻَرُ [53] نينهن سَندومِ، جئن مُون اُڀي هُنِ ٿيلِيو،

سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اڳهين تان نه ڪِيومِ،

وِجَهڻُ مَنجِهه [54] هُئومِ، پاڻُ وَراڪي [55] رَسِ [56] سين. [57]

23

ٻيڙِيءَ جي ڀُوڻَن [58]، نينهُن نه ڪِجي تَنِ سين،

اُڀِيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُهه سِڙهُه ڏيئِي سِيرَ ٿِيا [59].

24

هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ [60] پئـٖـي ڏينهن ٿِيا!

پُڇِيو تان نه پِرِيان، ڪَرَلاهُو [61] ٿِي ڪَڏِهِين.

25

تَنَ جَنِين جِي تانگَ [62]، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،

لَئِجِ لاتِ، لطيفُ چي، ڪَڏِهن اِيندَمِ، ڪانگَ!

ڪنهن سَٽاڻي [63] سانگَ [64] ، پِرِين پَرَڏيهِي ڪِيا.

26

تان ڪِي لَئِجِ، ڪانگَ، ڪَڏِهن اِيندا مان ڳَري[65]؟

سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ [66]، مون تان گَهڻـٖـيئِي ڪِيا.

27

سَرَ نِسَرِيا [67] پاندَ [68]، اُتَرَ لَڳا، آءُ پِرِين!

مون تو ڪارَڻِ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪِيُون.

28

سَرَ، لوهِيڙا [69] ڳَڀِيا [70]، ڪُسَرَ نِسَرِيا،

تو ڪيئن وِسَرِيا، ڍولِيا! ڏينهَن اَچَڻَ جا؟

29

جيڪَرَ اَچـٖـي هاڻِ، ته ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون [71]،

آيُلِ! ڍولِيي ساڻُ، هوند ڳَرِ لَڳِي [72] ڳالهيُون [73] ڪَريان.

30

آيَل! ڍولِيي ساڻُ، اَچي ته جهيڙِيان [74] ،

لايَئي [75] ڏينهَن گهڻا، مون سين ڪيئي [76] ٿورِڙا.

31

ڍولِيو وِيئَڙو ڏَورِ، تي [77] ٿِي سِيءَ گُذارِيان [78]،

مادَرِ! [79] مُون مَ چورِ [80] ، ناتَه پَڌَرِ پُوندي پرينءَ ري [81].

32

لاهِيندائِي ڪَنِ، ڳالِهيون هَلَڻَ سَندِيُون،

ڏِيندا [82] مُون ڏُکَنِ، وَهِه وِجَهندا ڄِندَڙو!

33

مون کي جِيارِيو، پِرِيَنِ جِي ڳالِهه ڪري،

ڊَٺو اَڄُ اَڏيو، هينئڙو ڪوٽَ بُرجَ جيئن.

34

وانءُ، وَڃِي وائُٺِ [83]، هينئڙا! ماڳُ پِرِيَنِ جو،

چُمِيو، چُمُ چانئٺ، هوءِ جا سَندِي سَڄَڻين.

35

آئون جَنِ آساري [84]، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،

مون کي وِساري، شالَ مَ وَڃَنِ اُوهَرِي.

36

سَنهـٖـي لَڪِ [85]، نَڪِ سَنئيـٖـن، ڪَجَلَ، ڀِنَنِ [86] نيڻَ،

سامُونڊِي! مون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَهه لَنگهائِيا؟

37

هي سَڄَڻَ سيِئي، جي مون ڪوڏِ [87] نِهاريا،

اِيندَمِ جان پيهِي، ته سَڀِ لاهِيندَمِ ڏَکَڙا.

38

چَمَڪِيَون چَوڌارَ، ڌَڄُون [88] ڌاڙيچَنِ [89] جِيُون،

ماءِ! سامونڊي آئِيا، سَهِسين ڪَري سِينگارَ،

اُنِين جِي پَچارَ، ڪالهونڪر [90] ڪانگُ ڪَري.

 

وائي- 1

پِرِيَنِ جي پَنڌاءُ [91]، مون کي جـٖـي جَهلِندِيُون،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَلِي ڪري آئِيو، ٺاٺارو [92] ڏيهاءُ [93] ،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَڳِي ڪُٽِ [94] سَڄِي ٿِي، لَٿِي جا ڪِ [95] ڳَراءُ [96] ،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

سَرَتِينِ سُورَ پِرائِيا، هاڻي هِنَ هَنڌاءُ،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين [97] واسُ [98] وِهائِيو [99]، ٻاروچي مُلاءُ [100]،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

تان ڪِين ڏونگر ڏوريان، جان ڪُڙهه [101] اندِر ساهَه،

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

مَتِيُون [102] موٽَڻَ سَندِيُون، تون هَڏِ آڇِ مَ ماءُ!

سـٖـي نَه پُڄَندِيُون.

وائي 2

تَڙَ نِهارِيان تـٖـي [103]، مُنهنجا بَندَرِ وِئَڙا جـٖـي،

مانَ سِڙَهه سُڃاڻان سَڄَڻين.

اُڀِي اوسَهِه [104] پائِيان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،

مانَ سِڙَهه سُڃاڻان سَڄَڻين.

گهڻُو اُڪَنڊِي آهيان، پِرِينءَ پنهنجي کي،

مانَ سِڙَهه سُڃاڻان سَڄَڻين.

آسائِتِي [105] آهِيان، اَلا! ڪانڌُ اَچي،

مانَ سِڙَهه سُڃاڻان سَڄَڻين.

وائي 3

آيَلِ! ڪَرِيان ڪيئن، منهنجو نينهن اَپَلِئو [106] نه رَهي.

وِيو وَڻِجارو اُوهَرِي [107]، مون کي چاڙهي چيئَن [108]،

منهنجو نينهن اَپَلِيو نَه رَهي.

سامُنڊِيَنِ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏينهن،

منهنجو نينهن اَپَلِيو نَه رَهي.

اُڏوهِيءَ [109] جيئن ڏُکَڙا، چَڙِهيا چوٽِيءَ سِيئَن،

منهنجو نينهن اَپَلِيو نَه رَهي.

گوندر مَٿان ڄِندَڙي وَرِيا وَلِيُنِ جيئن،

منهنجو نينهن اَپَلِيو نَه رَهي.

مادَرِ ! پائي مُنڊِيُون [110]، وَڃان هادِيءَ سِيئَن،

منهنجو نينهن اَپَلِيو نه رَهي.

 

داستان ٻيو

1

اَڄو پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،

اَٺَئِي پَهَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنهن سَفَرَ جو.

2

اَڄُ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،

مون اُڀـــٖـيـئِي هَلِيا، بَندَرَ جَنِ [111] تَڙَنِ [112] ،

سَرَتِيون ! سُورُ سَندُنِ، مون مارِيندو ڄِندَڙي.

3

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،

هَلَڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ،

آئون جَهلِيندِي ڪيتَريو، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ،

پَڳَهَه ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.

4

لاهِيان جي نه چِتان [113]، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مَڙِهيو [114] مَنجهاران [115]، جِيُ منهنجو جَنِ سين.

 

5

چِتان جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهيو مَنجهاران هِنئين.

6

تَڙيـٖـن تَنوارِين [116]، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا،

مون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.

7

اولا [117] کَڻِي اُوءِ، پَڳَهَه [118] ڇوڙي پَنڌِ ٿِيا،

آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جِي، آهِه اَڙانگِي جُوءِ [119]،

ڪَڏِهن ڏِسَندِيَسِ رُوءِ [120] وَرِي هِنِ اکين سين.

8

لَڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامونڊيَنِ سِڙهَه سَنباهِيا،

نَنگَرَ [121] کَڻِي ناکُئا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ،

هينئڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاريٖ کـٖـيڙائُنِ [122] جِي.

9

لَڳي اُتَرَ اُهَرِيا، واهونديٖ [123] وَرَنِ،

آئون گَهڻو ئِي گهوريان، سودو سامُونڊينِ،

اَڱڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي [124] اُنِ کي.

10

اَڱڻِ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون ! مون سُکَ ٿِيا،

املهه پِرِيَنِ مٿان، ٻُرِڪِئو [125] ٻِيَنِ ڏِيان.

11

آئِي اُتَرَ مُندَ، هِينئـٖـين اُڊَڪو [126] نَه لَهي،

وَٽِينِ لاڄُوبَندَ [127] ٻِيهَرَ مَکِينِ ٻيڙِيُون.

12

لاڄُو ٿا لَنوَنِ [128] اَچَنِ سِڙَهه اُپَٽِيا [129] ،

ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِهارِيان.

13

سِڙَهه سُڃاڻِيو چوءِ [130]، ماءِ! سامُونڊي آئِيا،

مانَ منهنجو هوءِ، جانِي هِنَ جهازَ ۾!

14

سِڙَهه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ [131] تَڙَنِ تي،

سِڙَه سِبِي ساڄا [132] ڪَري، کُوها کَنيائُون،

بيرَقُون بَحَرنِ ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون،

لَهرِيُون لَنگهِيائُون، لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چي.

15

سِڙَهه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي.

مُلا [133] مُعَلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُورِيائُون [134]،

سُتَڙُ سوٺِيائُون [135]، اَوَتَڙِ ڪِنهن نه اوِليا [136] ،

16

بَندَرَ [137] ديسان ديسِ، اَمُلُهه نه مِلي وارِييـٖـن [138] ،

فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَهه ڏِينِ اَتورِيا [139] .

17

پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَهه وِيندا گَڏِيا.

اُڪُنڊَ مون اَپارَ، شالَ منهنجا موٽِيا.

18

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون [140] وَڻِجارَن جون،

آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُونڊَ کي.

19

جَنِين ڪارَڻِ مون، تَڙَ پُوڄارا [141] پُوڄِيا،

پُنِيَمِ اُميدُن، سـٖـي ئي سَڄَڻَ آئِيا.

20

وائُنِٽيون [142] ٿِيُون وَرَڪَنِ [143]، اَڃا سِڙَهه نه پَڌَرا،

سي ئِي ٿِيُون مَرَڪَنِ، جَنِين سَندا آئِيا.

21

کُوهَنِ سِرِ وائُنٽِيُون، وائُنٽِيُنِ سِرِ ڳَنڊَ [144] ،

کيڙي [145] کيڙي کَنڊَ، ماءِ! سامونڊ آئِيا.

22

جَرِ تَڙِ ڏِيو ڏي، [146] وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌِي وائُنٽِيُون [147]،

اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائِتِي آهِيان!

23

جا جَرِ جاٽُون [148] نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي [149] ،

سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جون؟

وائي- 1

آئِين مون کي زورِ [150] مَ جَهليو جيڏيُون!

ووءِ آئُون هَلندِي هوتَ [151] ڏي.

اُنهـٖـي وِيَڙآ اُوهَري، تَرازُون تاريٖ،

ووءِ آئُون هَلندِي هوتَ ڏي.

مَرِي رَهندِيَسِ ماڳَهين، سامُونڊِي ساريٖ،

ووءِ آئُون هَلندِي هوتَ ڏي.

سُورُ تُنهِنجو سُپِرِين! مون مَعذُورِ [152] کي ماريٖ،

ووءِ آئُون هَلندِي هوتَ ڏي.

هاڻِ نه جِيان، جيڏِيُون! آئون ڪُٺِيَسِ ڪوهِياريٖ [153]،

ووءِ آئُون هَلندِي هوتَ ڏي.

وائي- 2

ڪَرَهَلَ [154] پائي لَڄُ [155]، ڪُہُ نه ويئِينءَ اُنِ سين.

اُجارِيائُون اوليُون، ڌُئارِيائُون ڌَڄُ،

ڪُہُ نه ويِئينءُ اُنِ سين؟

مَتان وِهين، ويسَرِي! اُٿِي، ڀُورُلَ [156]!ل ڀَڄُ،

ڪُہُ نه ويِئينءُ اُنِ سين؟

سيڻَنِ ساجُهرُ [157] لَڏِيو، تون آئِي! [158] نِهارين اَڄُ،

ڪُہُ نه ويِئينءُ اُنِ سين؟

ڪالهَه سِبايَئِي ڪَنجِرو [159]، اَنگُهون [160] پاتَئي [161] اَڄُ،

ڪُہُ نه ويِئينءُ اُنِ سين؟

ڪيرُ سُڻِيندو تنهنجيون، اَدُورائُون [162] اَڄُ،

ڪُہُ نه ويِئينءُ اُنِ سين؟

وائي- 3

وينديِي آئون هوتَنِ وَٽِ، مون وَهُه [163] وَڻِجارَنِ سين.

پَڳَهُه کَڻُ مَ، پاتِڻِي، جانِي! مون لَئي جهٽِ [164]،

مون وَهُه وڻِجارَنِ سين.

وايُون وَڻِجارَنِ جون اَديُون! اَڄُ نه هَٽِ [165] ،

مون وَهُه وڻِجارَنِ سين.

ڳَرَهِيان [166] سُورُ سَفَرَ جو، هَلِي پَنهِنجي اَرَٽِ [167]،

مون وَهُه وڻِجارَنِ سين.

پُورِيندِيَسِ [168] پِرِيَنِ ڏي، ڪانَه ڪَرِينديَسِ گَهٽِ،

مون وَهُه وڻِجارَنِ سين.

ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِيا، پيرُ نه لايَئُون [169] پَٽَ،

مون وَهُه وڻِجارَنِ سين.


[1]- ننگر ٻڌڻ لاءِ نوڙي

[2]- جنجال، ڳڻتي

[3]- متان

[4]- ٻيڙيون ڌڪي يا ڇوڙي، اُسري

[5]- سستيءَ سان، آهستي

[6]- تڪڙا هلندا

[7]- وطن، گهر

[8]- جيڪڏهن

[9]- تياري، گيسر.

[10]- وچ

[11]- تڪڙي، جلدي

[12]- متان

[13]- وطن (سمنڊ)

[14]- چم واريون نوڙيون

[15]- ويڙهي وڃڻ

[16]- کان سواءِ

[17]- نيڙي، اورڀرو، اورتي

[18]- منهنجو من اولي (ٻيڙي هلائڻ جي ڳن) سان به ننگرن کان اورتي نٿو ڌڪجي يا پري ٿئي.

[19]- خصلت، ڏوري، رسو

[20]- قابو ڪيو

[21]- دل

[22]- ڏينهن، وقت، جا ڏينهن

[23]- چکيا، باهه جو مچ

[24]- ٻيڙيون

[25]- اسان کي ماري ٿو

[26]- پاڙي واريون.

[27]- ماڳهين، بنهه

[28]- غم

[29]- ويلن، جدا ٿيلن

[30]- (سمنڊ جي) پيٽ

[31]- حد، انت

[32]- کارو پاڻي (سمنڊ جو)

[33]- سخن، طعني، خبر

[34]- ساڙ، ڏجهه، ڏک

[35]- وٽ

[36]- چمڪي

[37]- جهنڊي، بيرق

[38]- ساڙ، غم، ڏک

[39]- ڪڏهن.

[40]- جتائين، جنهن هنڌان

[41]- پهچن

[42]- جِند، وجود، بدن، دل

[43]- ناتو، لاڳاپو

[44]- گڏيل

[45]- تڪليف، سوريءَ

[46]- انگ، عضوو، بدن

[47]- اولي کي رسيءَ سان ٻڌڻ لاءِ ڪلا

[48]- ٻيڙيءَ جي سسي يا اڳيون حصو.

[49]- اولي سان ٻيڙي هلائڻ

[50]- لاءِ، واسطي

[51]- جدائي يا فراق ڏئي

[52]- شايد

[53]- نٻلُ، ضعيف

[54]- (ٻيڙيءَ) ۾

[55]- ويڙهي، ٻڌي

[56]- رَسـٖـي، رسو

[57]- مون کي پنهنجو پاڻ کي رسي ۾ ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ اُڇلائڻ کپندو هو.

[58]- ڀُڻنِ، رهن، گذارين

[59]- سمنڊ تي مسافر ڪرڻ ويا.

[60]- خراب تڙ تي يا ڏکڻي تڙ تي

[61]- ڇڪ يا سار لهندڙ

[62]- تانگهه، سڪ

[63]- رٿيل، ضروري

[64]- ڪم، حاجت، اتفاق

[65]- وٽ، گهر

[66]- حيلا، حرفتون

[67]- ڦٽا

[68]- نوڪون، چوٽيون

[69]- وڻ جو قسم

[70]- ٻوڪيا

[71]- راضي ڪندڙ رهاڻيون

[72]- ويجهو ويهي، ڀاڪر پائي

[73]- ڳالهيون، رهاڻيون.

[74]- جهيڙو ڪريان

[75]- راتئي، پر رهئين

[76]- گذاريئي

[77]- تنهن ڪري

[78]- سيءَ مران، اڪيلي سمهان

[79]- امان، ماءُ، جيجل

[80]- ستا سور نه جاڳاءِ

[81]- نه ته منهنجي روئڻ ڪري پاڙي وارين کي به خبر پئجي ويندي ته پرينءَ کان سواءِ آهي.

[82]- حوالي ڪندا

[83]- ڏس، جاچ جوچ

[84]- آسري، اميد

[85]- چيلهه

[86]- اَلا اٿن

[87]- پيار يا هيج سان

[88]- بيرقون، جهنڊيون

[89]- شاهوڪارن، سوداگرن

[90]- ڪالهه کان وٺي

[91]- پنڌ يا پيچري کان

[92]- ٺاٺاري وانگر ڀڳل دل سڄي ڪرڻ وارو، دلبر

[93]- پرڏيهه کان، ڏيساور کان

[94]- ڪٽ جا ڀڳل ٿانو

[95]- ڪس، ڪاراڻ

[96]- گهر مان

[97]- ڪِي، ڪُجهه

[98]- خوشبوءِ

[99]- وڻج ڪريو، خريديو

[100]- وٽان

[101]- ڪک، بدن

[102]- صلاحون، مشورا.

[103]- تنهن ڪري

[104]- فالون

[105]- آس يا اميدواري

[106]- اجهل، نه پلجڻ جهڙو

[107]- ٻيڙي جوڙي يا ڌڪي

[108]- ڦاسيءَ

[109]- ڪاٺ کائيندڙ جيت

[110]- هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ وجهي، آزيءَ نيزاريءَ سان

[111]- بندر وارن

[112]- گهيڙن

[113]- دل تان

[114]- ڳنڍيو

[115]- اندران ئي اندران (لنءُ لڳل آهي)

[116]- ڳالهيون ٻولهيون ڪن

[117]- ٻيڙي هلائڻ جا ڳن

[118]- نوڙيون

[119]- هنڌ، ماڳ

[120]- منهن

[121]- لنگر (Anchors)

[122]- سمنڊ تي مسافري ڪندڙن

[123]- بهار جي هير لڳڻ وقت

[124]- ٿئي

[125]- گهوريو، قربان ڪيو.

[126]- ڳڻتي، فڪر، انديشو

[127]- ٽؤنر، ڦندڻ

[128]- لڏن

[129]- کوليو

[130]- چوي.

[131]- بندر وارن.

[132]- ساڄا، مضبوط، سٺا

[133]- وٽان، کان

[134]- اُسريا، رهيا

[135]- ڳولي لڌائون

[136]- لوڌيا، تنگ ڪيا، پوئتي ڇڏي ڏنا

[137]- ٻيڙي بيهڻ جي جاءِ، اجهو، الاهي فيض

[138]- الله جو فيض هر جاءِ آهي، پر واريءَ (دنيا جي ڪوڙي ڪچ) جي ملهه تي نه ملندو

[139]- اڻ توريا، گهڻو

[140]- زالون

[141]- سمنڊ جي پوڄا ڪندڙ، وڻجارا

[142]- بيرقون

[143]- وَڙڪن، لڏن، ڦڙڪن

[144]- طرا، چوٽيون، ڪلنگيون.

[145]- مسافري ڪري

[146]- ڏِئي

[147]- پاڻي ۽ سڪي جي ٽه واٽن تي ڏيا ٻارين ۽ وڻن ۾ جهنڊيون ٻڌن، دعائون پنن.

[148]- زيارت (اکا)

[149]- اڇلائي، تاري، وجهي.

[150]- زوريءَ، تمام گهڻو

[151]- پنهون (دلبر)

[152]- عذر واري، عيبدار

[153]- ڪوهه يا جبل جو رهاڪو، پنهون، دوست

[154]- اٺ کي

[155]- اٺ کي شرمائي يا ليلائي

[156]- اي ڀورڙي يا نادان.

[157]- سويل، گهڻو اڳي

[158]- آيُلَ، امان

[159]- چولي، گج

[160]- چير، چهڪ

[161]- ليڙون ڪيئي، ڦاڙيئي

[162]- دانهون، فرياد

[163] - لاڙو، نينهن

[164]- ترس

[165]- دڪانن تي، بازار ۾

[166]- اوريان.

[167]- ائٽ، چرخي

[168]- ڪاهينديس

[169]- لايائون، رکيائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com