سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :22

سُرُ ڪوهِيارِي

سر بابت:

ڪوهياري معنيٰ جابلو. هيءُ سر شايد جابلو قومن جو رچيل آهي

 

مضمون:

هن سر ۾ آيل مضمون جو تعلق، سسئي ۽ پنهونءَ جي آکاڻيءَ سان آهي، جا 370 صفحي تي ڏنل آهي. جيئن هن سر ۾، سسئيءَ جي ڏونگرن ڏورڻ ۽ جبلن جهاڳڻ جو بيان آهي، تنهن ڪري مٿس اهو نالو رکيو اٿن.

 

روحاني راز:

صوفين جو چوڻ آهي ته سالڪ جي حالت هميشه ساڳي نٿي رهي: سالڪ، رِاضت ڪري، عيب ۽ اوڻايون دفع ڪري ٿو، پر جيڪي خاميون اڃا رهجيو وڃنس، تن جي ڪري الاهي نور جو جلوو، ڪڏهن گهٽ ٿيو وڃيس. انهيءَ وقت، هو اها اندر جي اونداهي ڏسيو ڏَڪيو وڃي. انهيءَ حالت کي، صوفي قبض يا حجاب يا استتار سڏيندا آهن. هو جڏهن وري توبهه ۽ رياضت ڪري ٿو، تڏهن الاهي نور جون دل ۾ پالوٽون ڏسي ٿو، جنهن کي بسط يا ڪشف جي حالت چئجي ٿي. اهي مختلف حالتون تيسين تائين جاري رهنديون جيسين تائين هو نفس کي پورو پورو فنا نٿو ڪري ڇڏي. جيئن سسئيءَ کي ڏونگر ڏوري محبوب جو وصال حاصل ٿيو، تيئن سالڪ کي به ڪشالا ڪڍي واصل بالله ٿيڻ گهرجي. وڌيڪ ڏسو روحاني راز سر سسئي آبري صفحه ۽ روحاني راز سر سسئي آبري صفحه ۽ روحاني راز سر معذوري صفحه ۽ روحاني راز سر ديسي صفحه تي.

سر ڪوهياري

داستان پهريون

 

1

لِيلَ[1] نَه جاڳِينءَ لِکَ[2] سين[3]، ڪُلّي[4] نُومُ[5] ڪِياءِ،

قَم ٿِي[6]، پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس[7] تو نَه جُڳاءِ،

مُٺِي! مِزمانَنِ سين، وِيهِي راتِ وِهاءِ،

جيلانَهن نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَهين ٿِي راهَ ۾.

2

لَيلَ نه جاڳينءَ لِکَ سينءَ، شامَ سُتِينءَ سَڀَ راتِ،

اوڳِي[8]! اوٺِئَڙَن جا، ٿِي پَهَه[9] پُڇِين پِرڀاتِ!

ٿِيءُ سَڳَرِ[10] تَنِ جي ساٿِ، ته ڀورِي! ڪنهن ڀالُ مِڙِين[11].

3

آيلَ نه جاڳينءَ لِکَ سينءَ، سُتيِنءَ راتِ سَڄِي،

هِتان هوتاڻِيَنِ جُون، وييُون خُرِزِينُون کَڄِي،

ڀورِي! تُون نَه ڀَڄِي، سَڀِ ڪنهين ساٿَ مِڙين؟

4

اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،

نَومَ نوازيئه، اُنِ جي، مَرحَبا موڏَن*،

رِڙهِي رَسُ روڏنِ**، اَلَيوم سِيرُوا[12] سَسُئِي!

5

غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪيئن اَڻاسِي[13] اوجَهرين[14]؟

چُپاتان[15] چَڙهِي وِيا، وَڃي پَهُتا توڙِ،

نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ[16] وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرين.

6

سَنجهي رَهين سُمَهِي، غافِلِ! مَنجِهه گَهرَنِ،

ليڙَنِ[17] جو، لَطِيفُ چي، ڪَرَڳَلُ[18] سوءِ[19] نَه ڪَنِ،

سي ڪيئن مُحِبَ مِڙَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.

7

آلوڙو[20] اَکِيَنِ، آيمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،

هاڻي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارڻِ ڪَنِ،

اَدِيُون! اوٺِيئڙن، هِنئين سين هاڃو ڪِيو.

8

جَڏِهن سُتِيُون جي، پَٿَرِ[21] پيرَ ڊِگها ڪَري،

تَڏِهن تَنِين کي، ساٿَ سُتيئِي ڇَڏِيو.

9

سُتِينءَ پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ،

ڊَرَ ڀَرِ اُڀِينءَ دوسَ جي، ته سُرِ پُرِ هُوند سُياءِ،

اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نه سِياءِ[22]،

پُنهُونءَ سين پِياءِ، ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرين.

10

اِي ڪَمُ ڪَمِيِڻيَن، جيئن سُمهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،

لوچين ڇو نَه، لَطِيفُ چي، هارِي! لَئي هوتَنِ،

نِنڊان[23] نِڀاڳِن کي، اوڀالا[24] اَچَنِ،

سي پُنهُون ڪوهُه پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.

11

سُتينءَ سَوَارِي[25]، مُنهن ويڙهي مُئَنِ جيئن،

ڏِٺَئِي نه ڏيرَنِ جا، چوڌارِي چارِي[26]،

تيلانهن، ويچاري، ساٿُ سُتيئِي لَڏِيو.

12

سُتِينءَ سنجهي ئي، منهن ويڙهي مُئَنِ جيئن،

اوجاڳو اَکِيَنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،

هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو[27] ڪيچِيَنِ کي ڪَرين!

13

اوڄاو اَڄاڻِ، ڪِيُئِي نه ڪَمِيڻِيَنِ جيئن،

اَسارِي اِهَڙِيءَ پَرِ، پيئِي ڪيچِنِ سين ڪاڻِ،

ٻانِهِي چايو پاڻِ، ٿِي سَڄِيون راتِيُون سُمَهين!

 

وائي

گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکِيو تان نَه ٽَري،

ٻَڙِي جيڏِيُون! منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀوَ ۾.

جو سينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناهِه ڳَري[28]،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جِهَڙي تَهِڙي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جنهن وَڻَ هيٺان هَلِيا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَرِي[29]،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

لامُون تنهن وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان، لايان ڳَري[30]،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، ڪِنهن تان ڪِينَ ٽَري،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

جيڪِي لِکِيو لوحَ ۾، پَاڙِيان، تان نَه پَڙي،

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، شَلَ قادِرُ ڪَرَمُ ڪَري!

منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾.

 

داستان ٻيو

 

1

ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرين[31]،

مون تَنَ اَندَرِ تيئن وَهين، جيئن وَڻَ وَڍي واڍو،

اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو[32]، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟

2

ڏُونگَرَ! ڏُکَ سَنداءِ، پرينءَ گَڏِجان ته چُئان[33]،

ڀِنيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون[34]، ٻيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،

چَڱِي ڪانَه ڪِياءِ، پيرُ وڃايَئِي پرينءَ جو.

3

ڏُونگَرَ! ڏَسُ پِرِيَنِ جو، قافَ![35] نه ڏِئين ڪو،

قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا وَٽان تو،

هوتَ مُئِيءَ جو هو، ڪو ساڄَنُ اُنَهِين ساٿَ ۾.

4

ڏُونگَرَ! ڏَسُ پِرِيَنِ جو، قافَ! نه ڏئين ڪَلَ،

قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا توهِين جَهلَ[36]؟

سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.

5

ڏُونگَرَ! ڏوراپو، پِهِريون[37] چُونَدِيَس پِرِينءَ کي،

پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪيا، تَرِيُون ڇِنيُون تو،

رَحم نه پِيَئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ منهنجو ڪو،

واڪو ڪَندِيَسِ، وو، مون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪري.

6

ڏُونگَرَ! مُون نه ڏُکوءِ، آئون اَڳَ ڏُکوئي آهِيان،

سارِيان ڪونَه سُکوءِ[38]، سُورَ گَهڻييِي سَنڀرانَ.

7

ڏُونگَرَ! ڏُکويَنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،

گَهڻِو پُڇِجي تُنِ کي، جَنِ وَٽان هوتَ وَڃنِ،

تُون ڪيئن سَندا تَنِ، پَهَڻَ[39]! پيرَ ڏُکوئِيين؟

8

ڏُونگَرَ! ڏُکِ پَئِي، ڪِيَمِ توسين ڳالهڙي،

پاڻان آئُون مُئِي، سُورُ سُڻائي پرينءَ جو.

9

ڏُونگَرَ! مُون سين رو، ڪَڍِي پارَ پُنهُونءَ جا،

سَڄَڻُ هومِ هيڪَڙو، وِيو ڦوڙائي[40] سو،

ڪنهن کي ڏِيان ڏوهه، مون سين ايرادي[41] ايئن ڪِيو.

10

ڏُونگَرَ! ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ[42] آئِيُون،

جي اَچَنِ ڦوڙايون،[43] ڏِجَنِ دِلاسا تَنِ کي.

11

ڏُونگَرَ! ڏُکوينِ کي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙها،

هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا[44]،

گوندَرَ[45] جا گهوڙا[46]، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِيو.

12

ڏُونگَرَ! ڏِيهاڻِي[47]، پاڻُ مَٿان تو گهورِيان،

تو مَنجِهه رِهاڻِي[48]، سَدا ٻاروچَنِ جِي.

13

ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،

سُڻِي سا تَنوارَ، مِرُون پِيا مامِري[49].

14

ڏُونگَرَ ڀُونيينِ[50] ڪِيرَ[51]، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين،*

هَهِڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪينَ لَهَندينءَ ڪي ٻِيا.

15

ٻَئِي ويٺا رُونِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾،

ڪنهن کي ڪِينَ چُونِ، مَنجِهنِ جو پِرِيتَڻُو[52].

16

اَڄُ پُڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾،

ڪوهِياري جو ڪوءِ، اَچِي سُورُ اُڌَمِيو[53].

17

ڏُونگَرُ، تَه ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري،*

ڪانَه ڇُلَندِي[54] ڇَپَرين، ساڻُسِ سَهيلِي،

چوٽِيُون[55] چَنبيلِي[56]، جيئن تيئن جهاڳي اُکَتِي[57].

18

ٻَڙي! ته ٻيلِي گهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ،

رِفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري[58] ڏُکُ،

آرِيءَ جو اَهُکُ[59]، مُون رَهَنُما راهَ ٿِيو.

 

وائي

آهِيان جَنِ سَندي، ڙي اَڙي مِيان!

مون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا.

پَهائِيندِيَسِ[60] پُنهُونءَ کي، آئُون ڳِچيءَ پائي گَندِي،

مون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا.

ويٺي آهِيان واٽَ تي، آهِيان آسَرَوَنديي،

مون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا.

پِرِيَنِ پڄاڻا هِتَهِين، آئُون رَتِي تان نه رَهندِي،

مون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا.

ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پرينءَ مِلَندِي،

مون کي تان سي نه ڇَڏِيندا هوتا.

 

داستان ٽيون

 

1

رويو ويٺي راڳِ[61]، اَمَڙِ! اورِيان نِجهري[62]،

لاٿو مُون ڏيهَه وَڻَنِ سان، لاڳاپو ۽ لاڳِ،

ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَري آڳِ،

هوتاڻِي هِنَ ماڳِ[63]، مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپرين.

2

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هِتِ، هوتاڻِي! هاڻِ،

اوڏِي مُنڌَ[64] اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،

پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.

3

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هوتاڻِيءَ هِنَ هَنڌَ،

توسين پُوندِيَسِ[65] پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باهِه ڀَنڀورَ کي.

4

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ[66] م هوتاڻِي!

توهِين لَئي[67] کاڻِي[68]، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.

5

مون کي ڇڏ ۾ ڇَپَرين، پوءِ[69] رَهايَسِ پاڻِ[70]،

جي ڀُلايُون ڀاڻِ[71]، تَنِ کي رَسُ، رَسِيلا[72] راهَ ۾.

6

سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا،

وَمَ[73] وِهاٽِي[74]، وو ڙي، ڪوهِياري ڪِرِڪَ[75]،

ڌَڙُ ڌُوڻِيو[76] تنهن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جيئڻ نه ٿِئي.

7

سُتي پُونِ ڇِرِڪَ آيَلِ ٻاروچَنِ جا،

پُنهُونءَ جي پيَڪانَ[77] جون، راسِيُون[78] مَنجهان رُڪَ،

هَنَيمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچيان، لوهُه نه نِڪَري.

8

جيهِي جي تيهِي[79]، تَه پِه[80] ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

حُجَتَ هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهِي[81]،

اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئي آئُون پيئِي،

هُوءِ جا پائِين پيرَ ۾، تنهن جُتِيءَ نه جيهِي[82]،

وِساري ويهِي، تَنِ ڪيچِيَنِ کي ڪيئن رَهان؟

9

هُئِي جي نه هُئِي، ته به ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي،

اِنَ سڱ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَن ٿي سُئِي،

هُنِ تان لَڄَ[83] لُئِي[84]، هِنَ جو هَلَڻُ هوتَ ڏي.

10

ڪَنِيزَڪَ[85] ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهي ٻانِهيوٽِي[86]،

ٻَئِي[87] ٻاروچي هَٿَ ۾، چَڳُنِ سِرِ چوٽِي،

ٻانڀَڻِ کي موٽِي، پاڻهي پَڇَندو پَٻَ- ڌَڻِي.

11

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانِهيوٽِي ٻانِهي،

سي ڪيئن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ اَندَرِ جانِي،

اَڱَڻِ اَمانِي[88]، شالَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ ٿِئي.

 

وائي

مون کي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي، اَلو! اَلو!

ڏيندا مُون ڏُکِيءَ کي، اَللهَ لَڳِ اُهُڃاڻُ،

ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي.

لاتَقنَطُوا مِن رحمَتِ اللهِ[89]، پِرِيَنِ چَيو پاڻُ،

ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي.

انّ اللهَ يَغفِرُالذّنُوبَ جَمِيعاً[90]، سَچو اِيءُ پَرِياڻُ[91]،

ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي.

اَديُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، اِهَڙو آهِه اَڳِواڻُ،

ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي.

 

داستان چوٿون

 

1

ڳائو[92] نَه وائو[93]، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،

لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا، ڇَڏي رِڻُ، رائو،

ڏيئِي ڦوائو، وِيا وِيچارِيءَ سُپِرِين.

2

ڳائِي، نَه وائِي*، اَدِيُون! آرِيچَنِ جِي،

ڪنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائِي[94]،

جيڪُسِ[95] واجهائِي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لئي.

3

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ آئون گهورِيان،

هُونِ هَمِيشه هِتَهِين، تَه ڏُونگَرُ ڪُهُه ڏورِيان،

اَکِينِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي.

4

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مون نه وَسِ،

اَللهَ! آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،

پِرِين، پَهُنوارَ! تو پُڇان، ڏُونگَرِيا[96] مُون ڏَسِ،

اَکِينِ جي آرِسِ، مُنڌَ جيهائي[97] جوڙَڪِي[98]،

5

هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِيو،

رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، ڪا گَهڙِي هِتِ گهارِيو،

مَعذُورِ کي مَ مارِيو، سِڪِي جنهن سَڱُ ڪِيو.

6

مون کي جَنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟

تَنَ ۾ طاقَت ناهِه ڪا، اَدا! اُنِين ري،

سُورُ سَلِيمُ[99] تي[100]، جيلانهن ڳالهه ڳَرِي ٿئي.

7

مُون کي جَنِين ماريو، سُڃاتَمِ سيئِي،

پُنهُونءَ پَيڪانَ پَڇَنڊِيا[101]، ٻِلَن تانِ[102] ٻيئِي،

ويڄَنِئُون ويئي*، ٿِي وَهِيڻِي[103] سَڄَڻين.

8

مُون کي جَنِين مارِيو، سُڃاتَمِ پاڻان[104]،

لوهُو[105] لِڱنِ ناهِه ڪِين، سَنڌَ مِڙَئِي ساڻان،

دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ هوتَ هَٿَنِ سين.

9

پَرتَوو[106] پُنهُونءَ جو ڪِين ڇائِين[107] ڪِين اُسَ[108]،

قرِيبِاڻِي ڪُسَ[109]، آهي ڪَر ٻَڪَرڙي.

10

پَرتَوو پُنهُونءَ جو، سَهائي، سِياهُه*،

مُنهن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگا رَنگِي راهُه[110]،

پِهرِين ڏِيندا پاهُه[111]، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.

11

پَرتَوو پُنهُونءَ جو، جُهڙَ جيئن جهالا[112] ڏي،

آئون تنهن آرِيءَ کي، وَٺِيو راهه، رُئان گَهڻُو.

12

پَرتَوو پُنهُونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،

ڀانيان ڏِيهُه ڀَوارَئُون[113]، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ،

مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آرِيءَ ڄامَ جِي.

 

وائي

ٻاروچي ساڻُ، ٻَڙِي اي جيڏِيُون! هيڪَرَ.

چَڙهِي نَه سَگهان چوٽِيين، يارَ بنا، دِلِ ماندِي!

هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي.

پَهُچائِج پُنهُونءَ کي، هِيءَ پِيادڙِي، پانڌِي!

هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي.

ڀينَرِ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي[114] آندِي،

هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي.

پورِهيتِ پُنهُونءَ ڄامَ جِي، باندِينِ جِي باندِي،

هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي.

ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي،

هيڪَرَ ٿِيان هيڪاندِي.

 

داستان پنجون

 

1

رِيءَ قَرِيبَنِ[115] قُوتو ڪِيو، ويٺِي وِرِهَه[116] چَران،

اِنَ عَذابان اَڳهين[117]، مادَرِ! ڇو نَه مَران،

اَدِيُون، جو نَه اَوان[118]، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.

2

رِيءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، وِرِهَه چَران ويٺِي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي[119]،

تو پُڄاڻان سُپِرِين! آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي[120]،

جا مَرضَنِ مَريٽِي[121]، سا سَرَتِيُون! ڪين سَگِهي ٿئي؟

3

سَرِتَيُون! ڪيئن سَگهِي ٿِئي، ويڙهِي جا وِرِهَنِ[122]،

چِتُ جنهن جو چُورُ ڪِيو، ڏُکويو ڏُکَنِ،

پُڄاڻان پِرِيَنِ، اَدِيُون! اَگِهي آهِيان.

 

4

اَدِيُون اَگِهي آهِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،

سي ڪوهِيارا ڪيڻِ[123] وِيا، ساڄَنَ سِياڻا،

جي سَسُئِيءَ سيباڻا[124]، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.

5

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَريان ذَرِي،

لڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي،

وَڃَن وَڻَ ٻَرِي، اوڀَڙِ اُڀِري ڪِينَ ڪِين[125].

6

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زَبانَ،

لڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رَسي سُورُ شَبانَ[126]،

ٽاڪَرِ[127] ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃِي.

7

جي حَبِ نَه هَلَڻُ سِکِيا، سي جَڏا ميڙِ جَلِيلَ[128]،

لَنگهائي، لَطِيفُ چي، نِجَنِ ڪيچَ قَلِيلَ[129]،

وِساري، وَسِيلَ[130]، مَتان مارَڳِ[131] ڇَڏِيين.

8

سارِيان ٿِي سَبِيلَ[132]، پُرِ تَقِصِيرون پاڻَ ڏي،

مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ[133]،

وَرُ، وِلِهِينِ جا وَسيلَ، رَس رَهَبَرَ راهَه ۾.

9

اَچِيو اَچِيو چُونِ، وِيهُه، ويا تان گهورِيا،

سَرَتِينِ سانگُ[134] سُکَنِ سين، مُون جِيئن رَتُ نه رُونِ،

اوُ مَرُ ويٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو[135] سُورَ ٿِيا.

10

سَرَتيُون سُوراتِنِ جي، ڪُهِه ٿِيُون پَٿَرِ پُونِ[136]،

گهاءُ نه لڳُنِ گَهٽَ جو، رِيا[137] مان ٿِيُون رُونِ،

چيتارِيو[138] نَه چُونِ، پارَ منهنجي پِرِينءَ جا.


 

 

 

وائي

توڻي نِينِ نَه نِينِ، اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهيان.

زورو هِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوهه ڪَرِين،

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.

جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ[139] جَٽِينِ[140]،

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.

پِڪَ پَدَمَنِئان[141] اَڳَرِي[142]، سُرڪِي مانَ سَڃِينِ[143]!

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.

ٻانهِي ٻَروچا پانهنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.

پيرين آئُون نه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هو نَه جَهِلينِ،

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.

اَدِيُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، نينهن نباهِيو نِينِ،

اَلو مِيان! آئُون اُنِهين جِي آهِيان.


 

 

داستان ڇهون

 

1

ڪنهن پَرِ رُوئان پرينءَ کي روئي نَه ڄاڻان،

مَٿي ڪِيو ڀُڻان[144]، هَنجُنِ- هاڻا[145] هَٿَڙا.

2

ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، اَندَرِ ناهِه اُساٽَ[146]،

لوهُوڪا[147] لَڪَنِ ۾، ويرِي مٿي واٽَ،

ڇَپَرَ ۾ ڇونڇاٽ[148]، ڏِٺَم ڏُکويِنِ جا.

3

ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناهِه پَچارَ*،

اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِهه خُمارَ،

گِرِيي[149] جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ[150] ٻاروچَنِ ۾.

4

ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پَنڌُ،

ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نعرو هَڻان.

5

ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پارُ نه ڄاڻا پيرُ،

ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِيو، سُورَنِ لايو سيرُ[151]،

آرِيءَ لئي اُليرُ[152]، رَقصُ[153] ڀاڱي رَنَ جي.

6

ڪنهن پَرِ رَوئان پرين کي، رُوئَڻُ مُون رِياءَ،

بَرَنِ مَنجِهه بُڪاءُ[154]، ٻِيءَ ڀت ٻُڌُمِ جيڏِيُون!

7

سُڃَ وَسندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،

طالِبَ جي تَحقِقَ جا، نينهن تَنين وَٽِ ني،

ٽيڏِي پَسي ٽي، هو تان آهي هيڪَڙو.

8

ٻيون ڏيئِي ٻَنِ[155] کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ،

وَرُ نه سَهي وِيڪَ[156]، تُون ٽيڏِي! ٽيايُون ڪَرين.

9

اَڃا تُون اَواٽَ[157]، واٽان[158] پاسي ويسَرِي[159]،

سُونهِين ٿيءُ[160] سُواٽَ[161]، ته مَنجهان دِلِ دَڳُ[162] لَهين،

10

پاهِين[163]، پَسِي پَٻُ، مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِيين،

اَڳِيان ڪَئو[164] مَ ڪَٻُ[165]، اِيءُ قالِي[166] آڏو ڪيچَ کي.

11

ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ[167]،

ڇَپَرَ ڪوسو واءُ، هَرِيا[168] تو نيڻَ ڪِيا.

 

 

وائي-1

زارِي سا زارِي، اَلو ڀَلو! ڪوهِياري ساڻُ،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

ڪِينَ جِيئندِيَسِ، جيڏِيُون! سُورَ پِريان جي آئُون مارِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

اُٺَ گُنگائي هَلِيا، بوتا[169] هُيَڙَنِ بارِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

ڪَري ڪوهِيارو هَلِيو، مُون سين قِيامَتَ ڪارِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

مانَ وِرَمَنِ[170] وچَ ۾، اولاڻي[171]، آرِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

هِندُوئَنِ جيئن هولِي ڪَري، مُون ڌُوڙِ مَٿي تان وارِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.

لالَنِ لَڳِ، لَطِيفُ چي، واجهائي ٿِي ويچارِي،

آئُون جا ڪَندِيَسِ زارِي.


 

 

وائي-2

جنهن جِي آهِيان ڏُونگَرَ ڏورِي،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

آئُون تنهن گهورِي گهوٽَ جِي، ماڙهُو[172] چُونِم ڀورِي،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

نِهو[173] نِماڻِي پاڻَ سين، ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇورِي،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

روئِي رَڱَيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چُئاڪَنِ[174] چورِي[175]،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

اَدِيُون! آرِيچَنِ جو، لَهُه لَڳو مُون لورِي[176]،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

ڪَشي ڪانُ ڪَمانَ مان، لائي وِيڙا لورِي،

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

نالائِقِ ساڻُ، لَطيفُ چي، قادِرُ ڪَرَمُ ڪَندو ڙِي!

تنهن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي.

 

سُرُ حُسيني

 

سر بابت:

هي هڪ مشهور عربي ۽ فارسي سر جو نالو آهي، جنهن ۾ امام حسين ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن جا مرثيا ڳايا ويندا آهن.

هن سر ۾ عموماً، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون، اختيار ڪيون ويون آهن.

مضمون:

هن سر جو مضمون سسئي پنهونءَ جي قصي تي ٻڌل آهي. هتي سسئيءَ جي دردناڪ دانهن ۽ سياپن جو بيان، نهايت گهائيندڙ لفظن ۾ ڪيو ويو آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾ سالڪ کي سستي ڇَڏي، گهتن ۽ گوهين کان گريز ڪري، ڳاڙهي سچ ڳالهه مڙڻ لاءِ تلقين ٿيل آهي. سالڪ جو جسم سندس روح لاءِ اُٺ مثل آهي، جيڪو کيس هن بيابان مان اڪاري پار ڪرڻ لاءِ هن کي استعمال ڪرڻ گهرجي. طريقت جي ترڪڻي گس ۾، پنهونءَ جو پير ڳوليندي، جيڪي ڏک ۽ ڏکڙا، سالڪ کي سهڻا پون ٿا، سي کيس چمي چشمن تي ڌرڻ گهرجن ۽ سورن جي ساءِ، مرڪي ماڻڻ گهرجي. عشق جي واديءَ ۾ اڳيان رائو رڳي رڃ آهي. جيئن جيئن تپي ينهن تيئن تيئن تاڻجي پنڌ کي، جيسين منزل مقصود کي وڃي رسجي.

تَتِي ٿَڌِيءَ ڪاهِه، ڪانِهي ويلَ وِيهَڻَ جِي،

متان ٿِئي اُونداهِه، پير نه لهين پِرِينءَ جو.

هن سر ۾ دنيوي تعلقات کي ترڪ ڪري، سڄڻ جي ڪري انگ وڃڻ لاءِ پڻ هدايت ٿيل آهي، ڀنڀور جي سکن تي ڀنڀلجي، هوت جي پٺيءَ نه هلڻ، سالڪ لاءِ نسوروئي نڀاڳ آهي. جانب جي جوءِ، ڀنڀور کان ڀلي آهي. ڀنڀور ۾ اکين جو ڍؤ ۽ پيٽ جي بک آهي، ته جانب جي جوءِ، وري سنڌ (سالڪ) جو ماڳ آهي. شاه هن سر ۾ ڀنڀور (دنيا) جي برائي دل کولي ڪئي آهي. دنيا ۾ ڪو ڪنهنجو ڪينهي. ولهن جي وٿاڻ تي توڏا نه تنوارِينُ، هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾. سالڪ کي هن بري ڀنڀور مان ڀڄي، ڏونگر ڏوري، وندر ووڙي، چاڙهيڪا چڙهي، آڙيڪا لاڙي پرين جي پار پهچڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏسو روحاني راز، سر سسِئي آبري ۽ روحاني راز سر معذوري، روحاني راز سر ديسي ۽ روحاني راز سر ڪوهياري.

 

سر حُسيني

 

داستان پهريون

 

1

لَڙُ[177] مَ، لاڙائُو ٿِيو[178]؛ گُهتُون گوهِيُون ڇَڏِ،

لاهِه مَ لَڏو لَڏِ، تَه ڳاڙهي سِڄِ ڳالِهه[179] مِڙين.

2

لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ،

سِڄُ سامُهون[180] مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،

سُپِيريان جي سَٿَ[181]، ڳاڙهي سِڄِ ڳالِهه مڙين.

3

لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندِي[182] وَڃُ،

آهي ايءُ اُهڃُ[183]، هاڙهي هَلَندِيَنِ جو.

4

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،

سَسُئِيءَ کي، سَيّدُ چي، سُورَنِ جو سَمَرُ،

ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ[184]، ويچاري وَڻِڪارَ تي.

5

اُلَهِي سِجَ اويرَ، مَ ڪرِ مَعذُورِيَنِ تي،

پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرَ[185] ٻاروچَنِ جا.

6

وِيو ٻاروچو نِڪَرِي، هاڻي ڪَرِيان ڪيئن؟

سِجَ اُلٿي[186] سيئن[187]، سَٽُون ڏينديَسِ سُڃَ ۾.

7

ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان،

آئُون ڏورِيندي ڪيتَرو، پَهَڻنِ پيرُ پيو،

سُورَنِ ساڻُ سِهو[188]، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.

8

سَرَتِيُون! سُڄي[189] سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي،

پاڻي ناهه، پَنڌُ اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ،

مُڇُڻ[190] مَري اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.

 

 

وائي

جي هوند ڏٺائُون، وو جيڏِيُون! حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو،

چَڙهي نه سگهان چوٽِيين، مارَڳُ[191] مَٿانهُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرُ ڏنائُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

وِيندي ڪِيُون وڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

وَٺِي پُنهُون پاڻَ سين، اَچان جي آئون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀِڪَهين، وَڻِ وَڻِ واچائُون[192]،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

هينئڙو ڏندڻ پاڙَ جيئن، ڇِڪي ڇِنائُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

هينئڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جيئن، ريهي[193] رَتائُون[194]،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون[195]،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

 هُونِ سَلامَتَ سُپِرين، گهورِي سا آئُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

سو جي سُئومِ ڪَنَنِ سين، پَهُه[196] جو ڪيائُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

ٻانهُون ٻيلَ[197] نه لاهِيان پُنهَلَ کي آئُون،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.

آيا، عبداُللّطِيفُ چي، پُنِيُون مَنَ مُدَعائُون[198]،

حالُ منهنجو هِهڙو جَهِڙو.


 

 

داستان ٻيو

 

1

ڪِين ڌَرَتَتِي[199]، ماءِ! ڪِين ڄَرَ[200] سَندِي سَڄَڻين،

هَلي ۽ واجهاءِ[201]، ٻنِهي ڄيرَن وِچَ ۾.

2

مَٿِئان[202] مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو،

مون کي طَعنا تي[203] ڏِيين، جيئن نه پَرُوڙِيين سَچُ،

امڙ! اوري اَچُ، سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي.

3

مَٿي مَنجهان مِينهُن[204]، پسو! پاڻِيءَ جيئن وَهي،

مُون ڀانئيو نينهن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.

4

مَنجهان منهجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسَرِي،

تَه مَرُ لَڳِي لُوهَه[205]، ٿَرَ- ٻاٻِيهو[206] ٿي مَران.

5

لَڳِي مُون کي لُوهَه، وِرِهَه[207] واٽُون لائِيُون،

راضي* جنهن سين روحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

6

ٽِمَنِ نيڻَ، رَتُ وَهِي، چُئاڪا[208] ڪِيو،

مُون کي ڏَنءُ ڏِيو، اَئِين ٿا وَڃو، اوٺِيا!

7

امڙ وَڃِي آڻِ، چَرَخو آتَڻَ[209] وِچَ مان،

ڪِتُمِ جِهِين ڪاڻِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

8

پَهِي[210] ڪامَ پِڃاءِ، اَمڙ! منهنجي آسَري،

ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون[211] پاڻِيءَ پاءِ،

ڪِتُمِ جِهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

9

پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، امڙ! منهنجي آسَري،

ڏيئي ڪِين[212] ڪَتاءِ، مون کي نينهن نِهوڙِيو.

10

ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاهُه کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون،

ساڄَنُ منهنجو ساهُه، هاڃي مَنجِهه هَڻِي وِيو.

11

آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان، تَندُ نَه نِڪَري،

پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪَ ڪِيو.

12

کوءِ هاڙهو، ٻَنِ هوتُ، کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيتَڻُو،

مادَرِ! مُون مَوتُ، پَسَڻا پِرائِيو.

13

کوءِ ٻولي، ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي،

مون کي چَئِي لوچُ، پيهِي[213] وِيا ڇَپرين.

14

جيئن جيئن تَپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻِيان پَنڌَ ۾،

ڪو آڳانجهو[214] نينهن، ٻانڀَڻِ ٻروچَنِ سين.

15

جيئن جيئن ڀِڄي راتِ، تيئن تيئن تاڻي پَنڌَ ۾،

ڀورِيءَ ٻِي نَه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.

16

نه ڪو ليکوئِي ٿِيو،* نه ڪو تَتو ڏينهُن،

تِهان اوري نينهُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.

 

17

جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.

18

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاهه، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،

مَتان ٿِئي اُونداهِه، پيرُ نه لَهين پرينءَ جو.

 

وائي

شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ، آيلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

آهي ڳَهُه ڳِچِيءَ جو، ڏئي هالورا[215] هارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

آهي اُگهاڙِيَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

آهِيين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تِيارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻُو، دِيدارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

حُسنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو[216] ڪوهِيارُ[217]،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

سُڃَ ڪِيائِين سُرَهِي[218]، واسِيائِين وَڻَڪارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ[219]،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

ڪوڙِيين ٿِيا ڪيتَرا، نالي تان نِثارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

سَدا صَلابَتَ[220] جِي، گولِي گِرِفتارُ[221]،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

گهورِيان گهرُ گهٽِيءَ تان، اَچي جِئان[222] آڌارُ[223]،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مِلِيو مُون مَنٺارُ،

آيَلِ! مَرَڪُ منهنجو مُون پِرِين.


 

 

داستان ٽيون

 

1

ڪو گهمَندي گهورُ[224]، آيُمِ ٻاروچَنِ جو،

ڇَڏيندِيَسِ ڀَنڀورَ، هِنيُون هِتِ نه وِندُري.

2

ڀَنڀورَ جَنِ[225] سُکَنِ، مُون کي ساٿان[226] کارِيو،

هاڻي ساڻ ڏُکَنِ، تان ڪِين ڏُونگَرَ ڏورِيان.

3

ڀينَر! ڀَنڀوران، ڀَچو تان اُبَهو[227]،

اَڳي اِنَ ماڳان[228]، سَرَتِيَنِ سُورَ پِرائِيا.

4

ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون

سَوارو[229] سُونهون، پُڇِي پُورِجِ[230]، سَسُئِي.

5

ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،

سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،

سي ڪيئن وِيسارِيان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.

6

ڀَنڀوران[231] اُجاڙُ[232]، سَرَتِيُون! سَکَرُ[233] ڀانئِيان،

مُون سين تنهن پَهاڙُ، ڏُکان[234] هَڏِ نه ڏورِيو.

7

اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَرُ ڀانئِيان،

آرِياڻيءَ اَتور[235]، ڏِٺُم جِتِ اَکِيَنِ سين.

8

لَڳِي لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀَنڀورَ جي،

پِرِين وِڃايو تي[236]، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.

9

ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَلِيو،

شَهَرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِين، آرِياڻِي اَتورُ،

ماڻييو تَنِين مورُ[237]، ديکِيو جَنِين دِل سين.

10

جَنِين ديکِيو دِل سين، پُٺِيءَ سين پييُون،

تَه پُڻ ٿي وييُون، جي پُنهُونءَ پاڻُ لڪائيو.

 

11

بُرو هو ڀَنڀورُ، آرياڻِيءَ اُجارييو،

لاٿو سَڀ لوڪَ تان، هاڙهي- ڌَڻِيءَ هورُ[238]،

ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهُون ڪِائُون پورُ[239]،

آيو سو اَتورُ، جِنهن ڏُکِيُون ڏِکَ[240] وِهارِيُون.

 

وائي

لَڳو مَنجِهه لَڪَن، آيَلِ آيَلِ! تازو پيرُ پُنهُونءَ جو،

نه ڪنهن واءَ وِڃائِيو، جهورِيو تان نه جَهڪُنِ[241]،

آيَلِ! تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

کِهَه[242] کَٿُورِيان اَڳَرِي[243]، هاڻِي جا هوتَنِ،

آيَلِ! تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

بورائو بَرَنِ جو[244]، رِڙِهِيو مَنجِهه رَندَنِ،

آيَلِ! تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چي، ڪَندو وَرِ وَلَهَنِ[245]،

آيَلِ! تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.

 

 

داستان چوٿون

 

1

لَڄايا مُونهان[246]، ساجُهرِ تي[247] سيڻَ وِيا،

پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ منهنجي ذاتِ جِي.

2

هُيَسِ جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،

هوند نه ڇَڏِيائون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.

3

آئُون جي هُيسِ هَڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،

ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، مانَ ڪوهِيارا ڪَرِينِ مُون.

4

هُيَسِ جي سِياءِ[248]، تَه ڪِيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي،

اَدبَ وِان اُنِ سين، ڳالِهه نه ڪِيَمِ ڪاءِ،

ذاتِ منهنجي ماءِ، ڪَچو ٿِي[249] ڪيچِيَنِ کي.

5

اوٺِيَنِ اُمارو[250]، مُون جَهلِندي نه رَهيا،

ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِيو ڪيچُ اَکِينِ ۾.*

6

ساٿِي توءِ[251] هَلَنِ، پَٿَرِ[252] جي وارَ ڪَريان،

جيڪُسِ[253] ٻاروچَنِ، ڪو ڏٺو عَيبُ اکين سين.

7

ساٿِيَنِ سَئِين[254] نَه جاڳِين، پوءِ ڪُڄاڙِيا روءِ؟

اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ[255] هوءِ، جيئن هو سانگِي[256]، تُون سُمَهين.

8

ساٿِي نَه پَسان سي، هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون[257]،

هاڻي ڪَنِين جي، وَڃِيو اَڱڻِ اُڀِيان؟

9

آن ڪي اٿِي ڏِٺَ[258]، جي مُون ويڙهِه[259] وِڃائِيا،

رُوئان رَتُ مَڃُٺَ[260]، هاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.

10

مُون سَڏِيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏُ نَه ڏِينِ،

وَلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تنوارِينِ،

هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هِنَ ڀَنڀورَ ۾.

11

ڪَهان[261]، تان ڪيچان پَري، وِيهان تان وَٽِ مُون،*

ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون[262]، عَبَثُ[263] آرِيءَ ڄامَ کي.

12

ڪَهان، تان ڪيچان پَري، سُمَهان، تان سِرَ هيٺِ،

ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيهِيءَ پَرِ ٿِي.**

 

وائي-1

هوتَ هوتَ، اي هوتا! ڏِيندِيَسِ ماهُه[264] مِرُنِ کي،

آئُون جَرا[265] جِيءَ ڪَري.

ڏيئِي باهِه ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳَري[266]،

ڏِينديَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

آرِياڻِيءَ پُنهُونءَ ري، مون کي سَرَتِيُون! تان نَه سَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

جَنڊِي[267] پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

آءُ اورانهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ، پِي[268] پَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

مُون ڏِٺي، مُون وِسَهو[269]، وِرچِي تان نَه وَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين، ڌاران مُنهن مَري،*

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

پِيالي پِرِيَنِ جي، موهِيَسِ ميٺَ[270] ڪَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

توکي توءِ[271] نَه ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

هَلَڻَ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي، پَسُ ڏَري،

ڏِينديَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

پِرِين! کَڻِج پانهنجو[272]، اَکِيُون ٻاجَهه ڀَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مَنَ ڪا مِهَر ڪَري،

ڏِيندِيَسِ ماهُه مِرُنِ کي.

 

وائي-2

ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري، وِندُرِ[273] ٿِي وَوڙي[274]،

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

سُورَ ڀائِي ٿِيَسِ سُڃَ ۾، ڄامَ پُنهَلَ کان اوري،

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، ٽڪَرَ پاسِ ٽوري،

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

مَهارُون تَنِ مَيَنِ جون، خُوبُ خُوشِيءَ مان جوڙي،

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

ڪاهي ڪَڍَ[275] ڪيچِيَنِ جي، ڪِينَ پُڇي، تَڙَ توڙي[276]،

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

اَدِيُون! شاهُه لَطِيفُ چي، آءُ آرِي ڄامَ اوري.

جَتَنِ لَئي، جيڏِيُون ڏُونگَرِ ٿِي ڏوري.

 

 

 

داستان پنجون

 

1

ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ[277]، مانباڻِئان[278] مَٿي وِيا،

وَٺِي وَرُ واٽُ ٿِيا، پُنهُون ڄامُ پَهَسَ[279]،

هُئا وَڏِي وَسَ[280]، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.

2

وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگينِ پُٺِيءَ سُپِرِين.

3

سانڍِ پنهنجي ساهَه[281]، ٻانهِين[282] ٿِي ڀورا ڪَريان،

واڳِيُون[283] جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرَتِيَنِ سيڄَ سُهاءِ،

مون کي طَعنا تي ڏِيين، مُون جيئن مُٺِينءَ نه ماءِ!

آريءَ جِي آڪاهِه[284]، رُلايس روهَن[285] ۾.

 

4

ماءِ! وِهانوو وارِ[286]، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهنجي،

جِيڪِين ڏنُئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ[287]،

وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهُونءَ جو.

5

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان،

جِتي رَهان راتَڙِي، مِرُون منهنجا مِٽَ،

سيڻَنِ جِي سَهَٽَ[288]، ڏُونگَرُ ڏوئِلِي[289] مُون ٿِيو.

6

ڏنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، ٻيلِياڻِي[290] ٻَروچَ،

لوڪَ وِچان ئِي لوچَ[291]، نيئِي پَهُچائي پُنهُونءَ کي.

7

مُسافِرَنِئُون[292]، ماءِ وِرِهُه وِهايُمِ[293] وِتَرو،

اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ[294]،

جِيجان! جَهلَ مَ پاءِ، هِنيون هوتَ هَڻِي وِيا.

 

8

ڪيئن اَڙايُئي پاندُ، پَلَئُه پَرَڏيهِيَنِ سين،

مَتِيُون مُوڙهُئيي، سَسُئِي! ڪِيُئي ڪوهِيارو ڪانڌُ،

رُلِي! ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروَ جو.

9

منهنجو پاڙيچَنِ، ڪَچو[295] ڪونَه ڍَڪِيو،

پاسي چَڙهِي پُنهُونءَ جي، ذاتَ سَلِتِي[296] جَنِ،

تيلانهن ٻاروچَنِ، نِڌَرِ[297] ڇَڏِي نِنڊَ ۾.

10

حُسينيءَ جِي هاڪَ[298] مادَرِ! مارِي آهِيان،

ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،

ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِم[299] پرينءَ سين.

11

جيڪِي فِراقان، سو وصالان نه ٿِئي،*

اَچي اوطاقان[300]، مون کي پِرِيَنِ پَري ڪِيو.

12

ڦِرِي آءُ فِراقَ! مون کي وِصالان وِچُ[301] پِيو،

جي ٿي چِڪِيُمِ چاڪَ، سي پرينءَ گَڏِجِي پُورِيا.

 

وائي-1

پُنهُون! پَريشانُ[302]، ٻَرِ ٻَرِ! نه ڪو خانُ[303] نَه مانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

مون کي بُکَ[304] بوتَنِ جِي، ناقي[305] ڀانِيان نانُ،*

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

شَهُر صَحرا[306] ڀانئيان، مون ليکي مَيدانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

رُئان ٿِي رُڃُنِ ۾، آرِيءَ لئي عُرِيانُ[307]،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

پِٽِيان مُنهن پَسَڻَ لئي، هِتي ٿِي حَيرانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

آهي آرِيءَ ڄامَ جو، مون کي ڪارِي[308] ڪانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

ديوانيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

وِجِهج پِڪَ پينارِ[309] تي، پِرِيَمَ![310] کائِي پانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

ڪَڏهن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

آهِين، عَبدُاللّطِيفُ کي، اَڳِيان[311] تُون اَڳِوانُ،

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو.

 

وائي-2

پاڙيچِيُون! ڪا پَچارَ، منهنجا ڏيرَ ڏمَرِ ڪنهن ڏيهه وِيا.

ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان، تَنِ ڄامَنِ لاءِ ڄَمارَ،

منهنجا ڏيرَ ڏَمَرِ ڪنهن ڏيهِه وِيا.

ڪَرِ ڪا، ڪانگ! اَچَڻَ جيي، تَنِ جي ڪا تنوارَ،

منهنجا ڏيرَ ڏَمَرِ ڪنهن ڏيهِه وِيا.

مُئِي ماري هَلِيا، ڪيچِي ڪاهي قَطارَ،

منهنجا ڏيرَ ڏَمَرِ ڪنهن ڏيهِه وِيا.

سيڻَنِ لاءِ، سَيّدُ چي، جِهڄِيَسَ[312] سَڀَ ڄَمارَ،

منهنجا ڏيرَ ڏَمَرِ ڪنهن ڏيهِه وِيا.


 

 

داستان ڇهون

 

1

آيا، آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،

پَسيي پَهَرَ[313] پُنهُونءَ جِي، نُنهَن سينءَ[314] نيڻَ ٺَرِيام،

گوندرَ وِسَرِيامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.

2

ڏکارِيس ڏُکَنِ، گوندرَ گسُ پِرِيَنِ جو،

سونهائي[315] سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.

3

ڪَنِين ڪَنِين ماڙُهوئين[316]، گوندرُ وَڏِي وٿُ[317]،

ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ[318]، ساٽو[319] ڪِجي سُورَ جو.

4

سؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻِ ڏِيان سَٽِ[320]،

جي مُون مِڙي مَٽِ[321]، ته وِرهُه وِهايان هيڪَڙو.

5

سَؤ سُکَنِ ڏيئِي، وِرِهُه وِهايُم هيڪَڙو،

مُون کي تنهن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پرينءَ جو.

6

سُورَ مَ ڏي ڌُوڻ، آئُون آهيان اَڳِهين ڪاهِرِي[322]،

جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ،* سا پَرِ منهنجي ڄِندَڙي.

7

سُورَ! مَ وڃيجاهُه، سَڄَڻَ جِيئن سانگِ وِيا،

پرينءَ پُڄاڻاءُ، آئون اوهان سين اورِيان.

8

سُورَنِ سانگهارو[323]، ڪَڏِهن تان ڪونَه ڪِيو،

آيَلِ! اوڀارو[324]، ٻاڙوڌو[325] ٻوڙَ وَهي.**

9

سانگهارو سُورَنِ ڪڏِهن تان ڪونَه ڏِنو،

ٻائِڙَ ٻوڙَ[326] وَهَنِ، ڪالُهوڻِئا اَڄُ گَهڻا.

10

سُورَ نَه ساڱاهِينِ[327]، ڏيِنِ اُڌَما[328] اوچِتا،

مُون کي مُون پِرِيَنِ جا اَمَيا[329] آهِينِ،

لَڄُون جي لاهِينِ، سيئِي ٿِيَمِ سامُهان.

11

سُورَنِ لَڌو سَجُهه[330]، پاڻهي پيهِي آئِيا،

ڪنهن کي ڏِيان مَنجُهه، مَرُ تان چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.

12

سُورَ! مَ مَٽِجِ ساءُ آئُون نَه وِڪَنِي[331] آهيان،

وَڃِجِ مَ ويلَ ڪِهِين، وِرِهَه! مُون وٽاءُ،

تُون پُڻِ تڏهن جاءُ[332]، جَڏهن ٿيان هيڪاندِي هوتَ سين.

13

سُورَ! په[333] ڀَتو- ڀَتِ[334]، هِيءُ چِڻِڪِيو ڪِين ٻِيو،

پِرِيَتَڻي پِرِيَنِ جي، ماءِ! مُنجهايَم مَتِ،

ڀينَرُ! ڀَلِي ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ[335] ٻَروچَ جو.

 

14

لَڳُمِ ٻانُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِئا قَضاڪَ[336]،

اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ،

اَکَڙِيَنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پُرَڏيهِيَنِ جو.

15

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ! پَلِ مَ مُون،

سَڀ رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون[337]،

مادَرِ! مَٿان مُون، لَڪَنِ لوڏوُن لائِيُون.

16

ڏُکُ لَڳو، ڏُونگَرَ ٻَرِيو، ڀينَرُ! کاڻِي ڀُون،

مَنان[338] لاٿو مُون، سندو جِيئَڻَ آسَرو.

17

ڏُکويُون ڏيها، جيڪُس لَڏي وِيئيُون،

هاڻي ڪَن مُلا[339]، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.

18

ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ[340] نه ٿئي،

ٻِيُون هونهِين هَٿَ هَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.

19

نَه ڪي رُوئَڻَ وارِيُون، نه ڪي اوسارِينِ،

مُنهِين کي مارِينِ، مُنهِين سَندا ڏُکَڙا.

20

سُورَ وراهيان، سَرَتِيُون! جي ورهايا وَڃَنِ،

ٻِيُون ڪوهُه ٻُجَهنِ، جَنِ سَندا تَنِ سامُهان.

21

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪِهين، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ[341]،

ڀَرِيُون ڪِيو ڀُڻانِ[342]، وِيا وِهائو[343] نِڪَرِي.

22

ڀِيڙي ڀيڙي[344] ٻَنڌُ[345]، سُورائِتِي سَندِرو،

ڪيچَ اَڳانهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَن سين لَڳِي مَرين.

23

ڀِيڙي ٻَنڌُ ٻِيهارَ، سُورائِتِي سَندِرو،

ڏُونگَرُ توهان ڌارَ، ڪانَه ڏورِيندي ڏُکَ سين.

24

ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونهن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!

جَنِين جِي وِرُونهن[346]، سَڄَڻُ آيو مان ڳري[347].


 

وائي

ڪوهِياري جِي ڪاءِ، مارِيندِيَمِ ماءِ! جا مَنَ اَندَرِ ڳالهڙِي.

چَڙهان ڏُونگَرَ چوٽِيين، سُپيرِيان جي ساءِ[348]،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

نِهارِيندِيَسِ نِڪَرِي، هاڙهو هوتَنِ لاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

پانڌِيئڙا پيرَ ڀَري، پِريان کي پَهُچاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

مؤلا! مون کي ميڙيين، سَندِيءَ جانِبَ جاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

هوتَ هَلَنِ، آئُون وِهان تَه ڪا ايئنِ جُڳاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

سَسُئِي جِيءَ سِرِيءَ کي، اوڏاهِين اُٺاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

پيراندِيءَ پُنهُونءَ جي، منهنجو لوڙهُه[349] لَٽاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.

اَلا! عَبدُاللّطيفُ چي، اِيها[350] آسَ پُڄاءِ،

مون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهڙِي.


 

 

داستان ستون

1

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهن تَڏهن پِرينءَ کي،

ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.

2

پُڇِيوئِي تان پُورِ[351]، ناتَه[352] پُڇَڻُ هوءِ مَ پرينءَ کي،

ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، هَڏِ[353] نَه اَهِينِ[354] هوتَ کي.

3

ڏورِيان ڏورِيان، مق لَهان شالَ مَ مِلان هوتَ،

مَنَ اندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.

4

ڏورِيان ڏورِيان، مَ لَهان ساٿِي ڪولهُوڻا،

لاهي لاڏاڻا[355]، سَفَرِ ڪنهن سانگِ وِيا.

5

آئُون ڏورِيئين[356]، شالَ مَ لهئين[357] پِرِين هُئين[358] پَري،

هَڏِ نَه ساهَه سَري، تَنَ تَسَلّي نَه ٿِئي.

6

آئُون ڏورِيئين، شالَ مَ لهئين، تَنَ مَ مِلين تُون،

لُونءَ لُونءَ[359] مَنجهان مُون، لوچَ تنهجي نَه لَهي!

7

آئُون ڏورِيئين، شالَ مَ لهئين، ساڄَن! مَڃ سُوالُ،

سِڪَ تنهنجي، سُپِرين! ٿِيئي جانِ زَوالُ،

وهاڻِيءَ[360] وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.

8

ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا[361]،

اَدِيُون! آڙِيڪا[362]، هينئَڙي پيم هوتَ سين.

9

ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪَنِ چَڙهِي،

آڙِيڪَنِ اَڙِي، پيَسِ هوتَ پُنهُونءَ سين.

10

ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪا چَکيامِ،

آرِياڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگَرِ ڏينهن لَڳامِ،

پُڇجِ، پِرِين سَندامِ، ويٺِيَسِ، وِکَ نه اُپڙي.

11

ويٺَيَسِ وِکَ نَه اُپُڙي، اَڄُ آرِياڻِي تون آءُ،

چُڪِيءَ[363] تو سين چاءُ[364]، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي.

12

جيڪا ڪَندِي نينهُن، مُون جيئن ٻَاروچَنِ سين،

سِڪَڻُ سارو ڏينهن، چَڙَهَڻُ چاڙهِيڪَنِ تي.

13

جيڪا ڪَندِي سڱُ، مُون جيئنءَ ٻاروچَنِ سين،

اَنگُهنِ[365] چاڙهي اَڱُ[366]، رُوندِي سا رَتَ ڦُڙا.

14

جيڪا ڏِيندِي مَنجُهه، مُون جيئنَ ٻاروچَنِ کي،

مَٿان ڳَلَنِ هَنجُ[367]، ڪِينَ لاهِيندِي ڪَڏهن[368].

 

وائي

منهنجِي حُجّتَ ناهي واٽَ، ڪانهي واٽَ،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

کاڻِيءَ کي کانئي ٿِي، ڄيري جِي ڄَراٽَ[369]،

ڪَندِيَسِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، لَڪَنِ ۾ لُولاٽَ[370]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

تازو پيرُ پُنهُونءَ جو، لُڙيو مَنجِهه لُڙاٽَ[371]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

آهيم آرِيءَ ڄامَ جِي، اَندَرَ مَنجِهه اُساٽَ،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

ماريو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي! ڪاهي ڪَنواٽَ[372]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

کَڻِيو نيڻَ نِهارِيان، ڳوڙهَنِ ڀَرِيو ڳاٽَ[373]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

سَبَبِ تنهن سُتي وِيا، جُهوٽي ڏِنِيَمِ جهاٽَ[374]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

ڏِٺَم ڏُکويِنِ جا ڇَپَر ۾ ڇونڇاٽَ[375]،

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، لَعلُ ڏِٺائِين لاٽَ،*

جِيجان! تَنِ جَتَنِ سين.


[1]. رات

[2]. ذري

[3]. تائين

[4]. سموري

[5]. ننڊ

[6]. اٿي تيار ٿي

[7]. ويهڻ (سستي)

[8]. نادان

[9]. رستا، ڏس

[10]. راه

[11]. فائدو حاصل ڪرين.

*. طعني طور ٿو چوي، ته سسئي توتي ننڊ نوازش ڪئي؛ وري به شاباس آهي اٺن کي، جو سجاڳ رهيا. (سڱن بِنا، اُٺن)

**. ٺوڙهن، اُٺَن

[12]. اڄ سفر ڪر، اٿي هنن پٺيان ڪاهه

[13]. بي نڪي

[14]. جهوٽا يا پنڪيون کائين

[15]. چپ چاپ ۾، ماٺ ميٺ ۾

[16]. متان

[17]. اُٺَن

[18]. آواز

[19]. ٻڌءِ

[20]. آرس، گهيرٽ

[21]. پٿراڻي يا بستري تي، سمهڻ جي جاءِ.

[22]. مائٽياڻي

[23]. ننڊ کان

[24]. عتاب، ڏوراپا، جهوٽا

[25]. سويل

[26]. جاسوس

[27]. داغدار، ڏوهاري.

[28]. وٽ، گهر

[29]. سفر ڪري، وڇوڙو ڏئي

[30]. ڀاڪر پائيان.

[31]. سختيون ڏين

[32]. قضا يا قسمت جي ڪشش

[33]. چَوان

[34]. ڊپ وارو، خوفناڪ

[35]. ڪوه قاف، (اصطلاحي معنيٰ) جبل، ڏُونگُر

[36]. تنهنجي ڀرسان، تو وٽان.

[37]. اول

[38]. تنهنجو سک

[39]. اي جبل

[40]. جدائي ڪري، فراق ڏيئي

[41]. قسمت.

[42]. سور سلڻ

[43]. ڦوڙائي، فراق جون ماريل، وڇڙيل

[44]. ذرا ذرا

[45]. غمن

[46]. لشڪر، انبوه، ڪٽڪ

[47]. ڏهاڙي، هر وقت

[48]. رهاڻ، ذڪر

[49]. عجب، افسوس

[50]. زمين لاءِ

[51]. ڪلا

*. زمين کي محڪم رکڻ لاءِ جبل مٿس ڪلين وانگر کتل آهن ۽ سچڻ وري ڏونگرن کي محڪم رکڻ لاءِ ميخ مثل آهي.

[52]. پريت، محبت.

[53]. جوش ۾ آيو

*. ڏونگر ڏورڻو هجي ته ساٿي ضرور هجي نه ته همراهَن سواءِ ڏونگر ڏورڻ کڏ ۾ پوي

[54]. جهاڳيندي

[55]. جبلن جون چوٽيون

[56]. ٻانهيءَ (جو نالو)

[57]. نڪتي، اُڪري

[58]. اڪاري

[59]. اَهنج، (عشق)

[60]. پڇائينديس.

[61]. ارمان ڪر

[62]. جهوپڙيءَ (گهر) وٽ

[63]. هنڌ

[64]. زال

[65]. پونديس.

[66]. همت وارو، هوشيار

[67]. تو لاءِ ئي.

[68]. سڙيل

[69]. پوئتي

[70]. خوديءَ

[71]. جسم، جاءِ

[72]. رس ڀريا، مٺا

[73]. رئيس عضوي

[74]. زور سان ڦهڪائي

[75]. تير

[76]. بدن زور سان لوڏيو

[77]. تير

[78]. نوڪون، چهنبون

[79]. جهڙي آهيان تهڙي

[80]. ته به، تنهن هوندي به

[81]. ڪهڙي

[82]. جهڙي.

[83]. شرم، زال

[84]. وڍي، ڦٽي ڪئي

[85]. ٻانهي

[86]. خسيس يا ننڍي ٻانهي

[87]. چوٽيءَ جون ٻئي ڇڳون

[88]. بي عزت

[89]. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو (سورت الزمر، 53)

[90]. تحقيق، الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو (سورت الزمر، 35)

[91]. اهڃاڻ

[92]. ڳالهه، خبر

[93]. ذڪر، بيان.

*. نڪا خبر، نڪا چار

[94]. گهڻا؛ جبلن جي قطار

[95]. شايد.

[96]. ڪوهيارا، جابلُو

[97]. ههڙي

[98]. جاڙ يا جٺ ڪئي

[99]. سليم، ظاهر ڪيم

[100]. تنهن ڪري، انهيءَ لاءِ

[101]. تيرن جو وسڪارو مچايو

[102]. اکين جي ٻنهي تارن مان

*. طبيبن جي علاج مان نه ڇٽندي.

[103]. وس ۾.

[104]. وجود مان، اندر مان

[105]. رت، خون

[106]. عڪس، تجلو

[107]. اونداهي (اونداهي جا سالڪ کي حجاب (قبض) جي حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي)

[108]. سوجهرو (جو سالڪ کي ڪشف (بسط) جي حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي)

[109]. ڪوس محبوب جو جورو جفا

*. سالڪ کي الاهي نور نظر اچي، وري رهيل کُهيل خاميءَ ڪري الاهي نور وٽانئس گم ٿي وڃي.

[110]. طريقو، رستو

[111]. رنگ ڏيڻ کان اڳي ڪپڙي صاف ڪرڻ جو تيزاب (ڏک ڏاکڙا)

[112]. تجلا

[113]. ڀؤ يا ڊپ وارو، خوفائتو.

[114]. خدائي ارادي، مشيت

[115]. محبوب کان سواءِ، جدائي

[116]. ڏک

[117]. اڳهين

[118]. اوهان.

[119]. واقفيت

[120]. ويڙهي، وڪوڙي

[121]. مروٽو ڏنو، نپوڙي

[122]. غمن

[123]. ڪاڏي

[124]. وڻيا، پسند پيا، محبوب.

[125]. ڪِي.

[126]. ڌنار

[127]. ٽڪري

[128]. اي وڏا (خدا)

[129]. ٿورا، ننڍڙا

[130]. وسيلا، رهبر

[131]. پيچرو، راهه

[132]. گهيون

[133]. اصل خاندان

[134]. ڪم

[135]. سنگتي، رفيق

[136]. ماتم جي جاءِ تي وهن

[137]. ٺڳي، مکر ڪريو

[138]. سنڀاليو، ڌيان ڏيو.

[139]. شال، ڪاش.

[140]. جٽاءُ ڪن، ترسن

[141]. پدمن کان

[142]. بهتر

[143]. پيارين

[144]. وتان، گهمان، هلان

[145]. ڳوڙهن ڀريل.

[146]. اُڃ، عشق، اڪنڊ، پيار

[147]. لوهيڙي جا وڻ

[148]. سوساٽ، سڏڪا

*. اندر جي سور کي زبان سان چوڻ جو نمونو نٿو اچيم.

[149]. روڄ راڙي

[150]. ٻئي نموني

[151]. واٽون، راهون

[152]. ڳولا

[153]. ناچ، ڦٿڪڻ

[154]. دانهون، آواز.

[155]. کوهه، کڏ

[156]. عيب (شرڪ)

[157]. گمراه

[158]. واٽ کان

[159]. غافل

[160]. واقف ٿيءُ

[161]. سٺي رستي کان (طريقت کان)

[162]. رستو، راهه

[163]. پٺي (لڳي ٿو ڏيين سان)

[164]. هٽ

[165]. ڪيٻاءِ

[166]. قالين، فرش (جبل)

[167]. سوز

[168]. اَلا، سبز

[169]. اٺ

[170]. ترسن

[171]. راڳ، لوليءَ.

[172]. ماڻهو

[173]. نادان

[174]. ڦڙڪن

[175]. چولي، ڪنجرو

[176]. تير (چڪ)

[177]. جهڪ، ترس گوٿ ناٿ

[178]. سج لهڻ تي آهي

[179]. مقصد

[180]. منهن

[181]. جماعت، مجلس، ڪچهري

[182]. کُنجَ کڻندي، تڪڙي

[183]. نشان.

[184]. بدن جو مٿيون ڌڙ، هٿ

[185]. جبل

[186]. لهڻ

[187]. تائين

[188]. لاڳاپو، واسطو

[189]. سجهي

[190]. متان.

[191]. رستو

[192]. وچن، واعدا

[193]. ڳنڍي، ملائي، عشق جو پيچ پائي

[194]. ڳاڙهو ڪيائون، راس ڪيائون

[195]. موڪليائون.

[196]. ارادو، خيال

[197]. ٻئي

[198]. اُميدون

[199]. منجهند جي نٽهڻ اس

[200]. بره جي باه

[201]. واجهاءِ، ڳول

[202]. مٿي کان

[203]. تنهن ڪري

[204]. ڳوڙها.

[205]. لُڪَ

[206]. چانڪ پکي، جو مينهن جي ڦڙن تي گذران ڪندو آهي ۽ گرمي سهي نه سگهندو آهي

[207]. غم، ڏک

*. اصل. راز (راض= راضي) م-م

[208]. ڦڙا، قطرا

[209]. ڪتڻ جي جاءِ

[210]. پڃيل ڪپاه جو مچو

[211]. ڪتڻ لاءِ پهيون، پڃيل ڪپاهه جا مچا

[212]. ڪي، ڪجهه.

[213]. اندر گهري، لڪي

[214]. آڳاٽو، جهونو، ازل کان.

*. نڪو حساب ڪتاب ٿيو (نڪي سور سختيون سٺائون)

[215]. چمڪاٽ.

[216]. ڳاڙهو ڪيو

[217]. جابلو ملڪ (ڪيچ)

[218]. خوشبوءِ دار

[219]. پکيڙيل، ڇٽيل

[220]. حشمت، مڻيا

[221]. قيد ۾ (صدقي)

[222]. جتان

[223]. منهنجو ڀرجهلو (محبوب)

[224]. خيال، پور.

[225]. ڀنڀور جي

[226]. ساٿ (جماعت) کان

[227]. ڇوٽڪارو پايو

[228]. ماڳ (جاءِ) تان

[229]. سويل

[230]. هلج

[231]. ڀنڀور (هن دنيا) کان

[232]. سڃ (نيستي)

[233]. بهتر، چڱو

[234]. ڏک کان

[235]. بيمثل، اڻ لڀ.

[236]. تنهنڪري

[237]. مور جهڙو سهڻو محبوب

[238]. فڪر، ڳڻتي

[239]. ڇرڻ لاءِ ڪاٺ جو ٺپو

[240]. سينگار

[241]. تيز هوائون.

[242]. کيهه، دز، خاڪ

[243]. بهتر

[244]. برن جو سونهون (پنهونءَ جو پير)

[245]. مسڪينن

[246]. مون کان

[247]. تنهن ڪري.

[248]. عزيز، مائٽياڻي

[249]. عيب يا داغ ٿيو

[250]. تياري

*. ڏيرن، جي ڪجهه وقت ساٿي هيم، تن سويل ئي ڪيچ ڏانهن رخ رکيو.

[251]. تڏهن به، تنهن هوندي به

[252]. پٿراڻي

[253]. شايد

[254]. سان، گڏ

[255]. خراب روش

[256]. مسافر، پنڌ ڪندڙ

[257]. آڌار، ٽيڪ

[258]. ڏٺا

[259]. جهنگ ۾

[260]. ڳاڙهو، وڻ جو قسم، جنهن مان ڳوڙهو رنگ ٺهندو آهي.

[261]. ڪاهيان، هلان

*. جيڪڏهن هيڏانهن هوڏانهن جهوتون وجهان ٿي ته دوست جو ديدار در لڀ ٿيو پوي؛ پر جيڪڏهن ويهان (آرامي ٿي، اندر ۾ جهاتيون پايان) ٿي، ته دوست پاڻ وٽ پسان ٿي.

[262]. زمين

[263]. اجائي

**. اي سرتيون! محبوب جو ديدار اجهو انهيءَ الٽيءَ ريت ٿيو.

[264]. ماسُ

[265]. ذرا، پرزا

[266]. وٽ

[267]. پيهڻ لاءِ جنڊ.

[268]. اي پرين!

[269]. اعتبار ڪيو

*. شال اُنهيءَ ڏکيءَ کي (پنهون) ڏيکارين جيڪا (سندس) مُنهن ڏسڻ لاءِ مَري ٿي!

[270]. ميٺاج جي

[271]. تنهن هوندي به

[272]. پنهنجون.

[273]. نئين ۽ جبل جو نالو

[274]. ڳولي

[275]. پٺيان لڳي

[276]. ٽوڙي، لتاڙي

[277]. سنوان بٽ

[278]. مانباڻ يا ماباڙ (نئين جو نالو)

[279]. زوريءَ، زبردستيءَ سان

[280]. آبادي (خوشيءَ جو باعث) وسندي، چهچٽي جو سبب.

[281]. ساهَه سان

[282]. ٻانهن ۾ پائڻ جو، عاجَ مان ٺهيل، چُوڙو.

[283]. ٻڌل، واصل

[284]. ڪٽنب

[285]. جبلن

[286]. ورائي وٺ

[287]. سنڀالي وٺ

[288]. سڪ، اڪير

[289]. ڏولي، پالڪي

[290]. همراهه، ساٿي، ٻانهي

[291]. ڳولا.

[292]. مسافرن وٽان

[293]. خريد ڪيم

[294]. واقفيت

[295]. عيب

[296]. سلي، ٻڌائي

[297]. بيواهي

[298]. آواز، آلاپ

[299]. پَويم

*. سالڪ لاءِ، جيڪو وڇوڙو ڪندو، سو وصل نه ڪري سگهندو. جدائي هنجي اندر ۾ سڪ کي هميشه تازو رکندي. جدائيءَ ۾ زياده لطف آهي.

[300]. اوطاق مان (وصال کان).

[301]. ويڇو

[302]. آءٌ پريشان آهيان

[303]. خانه، گهر ۽ مال ملڪيت

[304]. سڪ

[305]. ناقه، ڏاچي.

*. اٺن جو ديدار مون لئي ماني آهي

[306]. بيابان

[307]. اگهاڙي

[308]. موتمار.

[309]. گداگر، پِنندڙ

[310]. منهنجا پرين!

[311]. اڳيان (محشر)

[312]. ڳريس ۽ سڙيس.

[313]. ماڻهو، گهر جو ڀاتي

[314]. نهن تائين

[315]. رهبري ڪري

[316]. ماڻهن کي، لاءِ

[317]. شيءِ

[318]. ناڻو، پيسا

[319]. سٽو، سودو

[320]. عيوضي ۾

[321]. مٽا يا عيوض.

[322]. اڀري، معصومڙي

*. جهڙي ريت لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آهي.

[323]. تنگي، گهٽتائي

[324]. پاڻيءَ جو چاڙه آهي

[325]. (ٻائڙ ٻڌو) نار

**. اي امان! جيئن پاڻي چڙهندو آهي ۽ پوءِ ٻائڙ ٻڌي نار مان گهڻو پاڻي ڪڍيو آهي، تيئن منهنجا سور به وڃن ٿا گهڻا ٿيندا ۽ انهن ۾ سانگهارو (گهٽتائي) ڪونه ٿو ٿئي.

[326]. جڏهن پاڻي چڙهندو آهي ۽ نار جو ٻائڙ (چرخو) پاڻيءَ ۾ ٻڏو پيو هوندو آهي، تڏهن اهڙي پاڻيءَ کي ٻائڙ ٻوڙ پاڻي چئبو آهي. (تمام گهڻو)

[327]. ساڃاهه ڪن، خيال ڪن

[328]. ڀڙڪا

[329]. اڻ ميا (گهڻا)

[330]. وجهه، موقعو.

[331]. ڪڪ، بيزار

[332]. وڃ

[333]. به

[334]. طرحين طرحين

[335]. تير

[336]. قزاق، رهزن، ڌاڙيل

[337]. زمين

[338]. من يا دل تان.

[339]. وٽان، کان

[340]. روڄ راڙو

[341]. هنن جا وٿاڻ (بيٺڪون) آهن

[342]. هلان، گهمان

[343]. خريد ڪندڙ، سوداگر

[344]. ور ڏئي، مضبوط

[345]. ٻڌ.

[346]. سڪ، اُڪير

[347]. مون وٽ

[348]. لاءِ، ڪاڻ، واسطي.

[349]. جنازو، قبر،

[350]. اِها

[351]. ڪاهه، هل

[352]. نه ته

[353]. اصل، بنهه

[354]. آهن

[355]. لڏون، ٽپڙٽاڙي، سامان.

[356]. ڏوريانءِ، ڳوليانءِ

[357]. لَهانءِ، حاصل ڪريانءِ

[358]. هُجين، رهين

[359]. بدن جا سنها وار، ذري ذري

[360]. صبح جو (قيامت ڏينهن)

[361]. جبل جون چاڙهيون

[362]. وَر وَڪڙَ، پيچ (محبت جا).

[363]. ٿڪل، مانديءَ

[364]. محبت

[365]. انگُهن تي، سوريءَ تي، ڦاهيءَ تي

[366]. انگ، عضوا (بدن)

[367]. (جمع: هنجون) ڳوڙهو، اکين جو پاڻي

[368]. ڪڏهن

[369]. تابش

[370]. ليلڙاٽ، نيزاريون.

[371]. لٽ، غبار

[372]. ننڍا اُٺ

[373]. ڳچي

[374]. جهٽ، جهڙپ

[375]. سوساٽ، آهون

*. ڳاڙهي لاٽ (قافلي جي باه) ڏٺائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com