سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :18

    داستان پنجون

1

ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کانم ڏُونگَرُ ڏورِيو مُون،

ڪاهي رَسيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهُون،

سَڀَت[1] آهِيين تُون، قَضا ڪَندِين ڪَنِ سين؟*

2

پيهِي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،

ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيهَه ۾، نَڪا ڪِچِيَنِ ڪاڻِ،

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي[2] تان سُورَ هُئا.

3

ڏِنا جِيَئڻَ لَئي، جيڏيُون! ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،

ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، تان سُورَ مِڙيئِي سُکَ،

لَٿِي مُون تان لُکَ[3]، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِهين.

4

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻهين، وِيو سَسُئِيءَ جو شَرمُ،

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ[4]،

جو وِندُرَ ۾ وَرَمُ[5]، سو سَودو سَرِيُسِ[6] هِتَهِين.

5

پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ[7]،

مَن عَرَفَ نَفسہُ، فَقَد عَرَف رَبّہُ[8]، اِهوئي آچارُ[9]،

جو وِندُرَ ۾ واپارُ، سو سَودو سرِيُسِ هِتَهِين.

6

پُنهُون ٿِيَس پاڻِهِين، ويئي سَسُئِيءَ جِي سُونهن،

خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورِتہ[10]اِيءَ وَڻَنِ مَنجِهه وِرُونهَن[11]،

چَريءَ[12] مَنجهان چُونهن[13]، کَڻِي هوتُ هَنجِ ڪيو.

7

ويِئي سُونهَن سَسُئِيءَ جِي، پنهون ٿِيَسِ پاڻَ،

سَڀَنِ جِي، سَيِدُ چي، آهي اُتِ اُماڻَ[14]،

ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ[15]، آڏا عَجِيبَنِ کي.*

8

وَهَمَ وِرساياسِ[16]، پُنهون آئُون پاڻَ هُئِي،

پاڻُ وِڃايُمِ پانهنجو، پِئِي پِرِيان جي پاسِ،

رَتِي عِلمَ نَه راسِ،* ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.

9

قافَئُون[17] ڪاهِيندِياس، موٽان تان ڪُرَ[18] مِيهَڻُو،

ٻانهِي ٻاروچَنِ جي، سَڱُ نه ساهِيندِياسِ[19]،

اَلفِراقُ اَشَدُ مِنَ المَوتِ[20]، هِتي نه هُوندِياس،

آهَه[21] نَه لاهِيندِياس، جيئري جَتُ ڏِسي مَران!

10

جيئڻُ جَتَ ڌاران مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،

چانگَنِ[22] سِرِ[23] چَڙهِي وِيا، ساٿِي سَوارا[24]،

اَکِيُون اوتارا، پَسِيو رُونِ پُنهونءَ جا.

11

هيڪَرَ هُئَڻُ[25] ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِيين عَجييبَ کي،

مَارَاَيتُ شَيئاً اِلاّ وَرَايتُ اللهَ[26]، نيئي اَجها اوڏاهِين اَڏِ،

تَه هوتُ تونهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نَه ٿِئي.

12

هوتُ تنهنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪوهُه پَهِي،

وفِي اَنفُسِڪُم، اَفَلا تُبصِرُونَ[27] سوجهي ڪَرِ سَهِي،

ڪڏهن ڪانَه وَهي[28]، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.

13

هوتُ تُنهنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪوهه پَرِياڻ[29]؟

وَ نَحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوّرِيدِ[30] تنهنجو تونَهِين ساڻُ،

پنهنجو آهي پاڻُ[31]، آڏو عَجييبَنِ کي.

14

وَؤڙِيَمِ[32] سَڀِ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،

اللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيطُ[33] اِي آرياڻِي اُهاڻَ،

سَڀَ ۾ پُنهون پاڻُ، ڪِينهي[34] ٻِيو ٻَروچَ ري.

15

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪيئن ماٺِ ڪَري؟

اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي[35]،

اَلعِشقُ نارُ اَللهِ المُوقَدَه[36]، کوري جيئن کاڻِي،

آهي آرِياڻِي، ٻِيو سَرِتِيون! سُڄي ڪِينَ ڪِين.

16

سَرَتِيُون! سَڀوئِي ٿِيو، اَندَرِ آرِياڻِي،

ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏونگَرُ ڏِهاڻِي،

هُيَسِ هوتَنَ- هاڻِي[37]، تي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَهَه[38] ۾.

17

ڪَڍَ پُنهُونءَ ڏي ڪاهي، چاٽيءَ[39] رُوحُ چَرِيو ڪِيو،

اُٿئي ويٺي اوڏِهين، سُتي پُڻ ساهي[40]،

اَلعشِقُ حِجابُ بَينَ العاشِقِ وَالمَعشوقِ[41] لاشَڪُ ٿِي لاهي[42]،

آرِياڻِي آهي، ٻِيو سَرَتِيُون! سُڄي ڪِينَ ڪين.

18

ڀينَرُ! آئُون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،

ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جهڄَڻُ ۽ جهورِي،

لَڳِي جَنِ لورِي[43]، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون.

 

19

اَدِيُون! آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،

هُوندَ[44] نه سَٺِيَمِ هيتَرِي، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،

رَتِيءَ جِيءُ رِهاڻِ، جِي اَڙايُمِ جَتَ سين.

 

وائي

اَهُکِيءَ آڳَهُه[45] آهي، وو! آهي،

مون کي تان نَه ڇَڏِيندو تِکَ ۾.

پُڇي پوءِ- پينِ[46] کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاهي.[47]

مون کي تان نَه ڇَڏِيندو تِکَ ۾.

آرِي اُگهاڙَنِ کي، پُنهُون ڄامُ پَراهي[48]،

مون کي تان نَه ڇَڏيندو تِکَ ۾.


 

 

داستان ڇهون

 

1

جَڏائيءَ[49] جو جامُ[50]، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،

مَنگَلُ[51] منهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،

آرَکِ[52] ٿِيو آرامُ، ڪاڪُلُ[53] پَسِي ڪانڌَ جو.

2

دَردُ نه لَهي دارُئين[54]، زُلفَ[55] زورِ ڏِنومِ،

ڪاڪُلُ[56] ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخساري[57] تي رُوپَ سين.

3

ڀَنڀو[58] جو ڀَنڀور ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُمِ ڪالَ،[59]

هَئي[60] تَنِين جي حال، زُلفُ جي زافُ ڪِيُون[61].

4

پَرِينديئِي[62] پاڻ وِيو، زلف ڪِيَسِ زافُ،

سَندو ڪاڪلَ ڪافُ[63]، ماري معذُورِنِ کي.

5

هاڻِ نَه جِيان، جيڏِيون! زُلفَ زافُ ڪِياسِ،

ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾.

6

ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪفنُ تنهن ڪِينَ ٿِئي،

مَنجِهه شَهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.

7

ڏَکا[64] ڏونگَرَ ڄام! مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،

توتي لَڄ، لَطِيفُ چي، آهي سَندِي عامَ،

مارِ مَ، چَئِي مَعذُورِ کي، وَهِيان[65] ڪانڌ! ڪَلامَ،

پَرچِجِ پيادِينِ سين، اَللهَ لَڳِ، علامَ[66]!

جا نَوازِي آنهَنجي[67] نامَ، سا هوتَ! مَ ڇَڏِجِ هيڪَلِي.

8

ڏَمَرَ، ڏونگَر ڄامَ! سَکَرَ[68]، پاڻَ شَرِيڪَ[69] سين،

ڪيهِي ڪُلفَتَ تنهن سين، جا گولِي آنهنجي گامَ[70]،

وَرِجِ تُون، وَرِيام[71]! منهنجو اَچَڻُ آن ڳَري[72].

9

ڏَکا، ڏُونگَرَ! لاهِه آئُون اَڳُ مُئِي آهِيان،

آرِياڻِيءَ سين آهِه، ذاتي سَڱُ ضَعيفِ جو.

10

پيرَ پَٽائِين[73] ڪُونئَرا، ڏُونگَر مَٿي ڏي،

ڦَٽِيا ڦَڻَ[74] فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئَيَڙا سي،

جَهِڙي تَهِڙي حالَ سين، پُري[75] پُنهُونءَ ڏي،

وَڃي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ[76] جنهن سين.

11

پيرَ پَٽائِين ڪُونئَا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،[77]

پاڻُ نَه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي[78] ڪيچِيَنِ کي،

هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهه ڄاڻان ڪيئن لَنگِهيا.

12

سُمَهڻا[79] ساڙو، جيڏِيُون! جيڏوئي[80] ٿِيو،

پِرِينءَ جو پاڙو، مُون سين نِنڊَ نِبيرِيو[81].

 

وائي

مُون اَنڌِيءَ ڏي اِيندا، هوتَ سلامَتَ سُپِرِين،

پلَئِه لائي پانهنجي، نِيءَ[82] کي اُتِ نِيندا،

هوتَ سَلامَت سُپرين.

سَڱُ نَه ڪَندا سُکَ سين، سُور سَڱيڻا ٿيندا،*

هوتَ سَلامَت سُپرين.

رَکِي ڳلُ ڳَلَنِ تي، نينهن نِياپو ڏِيندا،

هوتَ سَلامَت سُپرين.

پرِيَٽِ[83] نيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَه ڇَڏِيندا،

هوتَ سَلامَت سُپرين.


 

 

داستان ستون

 

1

ڏُورِ مَ ڏيهِه وِيو، پيرُ تُنهِنجي پِرِينءَ جو،

ويهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچِينِ رِيءَ ڪِهو[84]؟

وِندُرِ[85] جو وِيو، سو، اَللهَ! واري آڻيين!

2

وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَنڌَنِ سَندِرا،

ٻِيُون ڪوهه ٻَنڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.

3

ڏيهُه ڏيهائِين ڏُورِ، پَرَڏيهان پَري ٿِيا،

سيَڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراهين پُور[86]،

تُون وَڃِين هوتَ حُضُورِ[87]، منهنجو جيئن جيلانهِين[88] ٿِئي.

4

هيڪاندي[89] هوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِيا،

ساهُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهُون وِيو پوئِي،

رَهُه قَضا[90] دَمَ ڪوئي، ته هيڪَرَ هيڪاندِي ٿِيان.

5

هَڏِ نه ساهه سُڌيرُ، دِلِ دَرماندِي[91] دوسَ[92] ري،

پائي وِيئڙا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،

جِيءُ. جُسو، جاڳِيرُ[93]، هاڻي مِلڪَ[94] هوتَ جِي.

6

عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،

رِيسَ ريذالِيُون[95] تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،

مارَڳِ[96] جي مَرَنِ، وَڏو طالِعُ تَنِ جو.

7

وَڏو طالِعُ تو، جيئن لَڳِينءَ پيرِ پُنهُونءَ جي،

سَسُئِي! اِنَ سُتُونَ[97] کي، رويو رويو رو،

ويٺِي هِتِ مَ هو،[98] هَلين ته هوتُ لَهِين.

8

ويٺيَنِ ناهِه وَراڪو[99]، سُتِيَن ڪونِهي سَنگُ[100]،

هوتُ هَلَندِنِ کَٽِيو، جَنِ اَنگُهنِ[101] چاڙهيو اَنگُ[102]،

باسي ڀَئِي[103] ڀَنگُ[104]، رِڙهِي ڄامَ رَسِيُون.

9

ويٺي وَرَ نَه پُونَ[105]، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين،

جي مَٿي رَندَنِ رُونِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.

10

ڪَڙهي ۽ ڪَڙي[106]، پَرِ ۾ پيرُ پُنهُونءَ جو،

سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لَئي جَڙي،

لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي[107]،

پَٽِيءَ[108] تان نَه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ ايئن ڪَري.

11

ڪِ ڪي ڪَڙِيان[109] پيرَ، ڪِ[110] ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لِئه؟

اِيُ ڏئُون[111] ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پرانهان وِيا.

12

ڪَڙُهه پُڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، ڪَڙِ پُڻِ پيرَ سَندانِ،

اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوَندينءَ[112]، مُنڌ! پهاڙَ ۾.

13

سُورنِ سِجهائي، چيلهِه ٻَڌِيو چوٽِيين چَڙهي،

سَڱَ پِرِيان جي سَسُئِي، ميڙي مِلائي،

لَڌائيين، لَطِيفُ چي، لالَنُ لالائي[113]،

ٻانڀڻِ ٻاڏائي، حَبِئان[114] وارِيو هوتَ کي.

14

رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽانڪِيو چَڙِهي،

لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چي، هَلِي ڏانهن حُضُورَ،

رَهِيا سَڀ رُڃَنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ[115]،

ساڄَنُ ميڙِيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙِيُسِ سُپِرِين.

15

مَنجهان پينِ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِج، سَسُئِي!

ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي[116] وِجِهجِ ڌُوڙِ،

تَه تُون ماڻِيين مُوڙِ[117]، جي پَندِ[118] اِهائِي پارِيين.

16

لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي[119] مُنڌ اَندوهَه ۾،

پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻ جو، لَطِيفُ چي.

 

17

ٻَرِيائِي ته ٻارِ، ڦُوڪِ تَه لَڳي اَنبَرين[120]،

هِتي جي هُئَڻَ جِيُون، وَٿُون[121] سَڀِ وِسارِ،

سَمُوري سَرڪارِ[122]، نيئِي رَکِجِ نانهِه[123] ۾.

18

قَدُ ٻَڌِي[124]، تُون ڪيئن، پهچندينءَ پُنهُونءَ سين،

جيئن سِينُون ساهيين، سَسُئِي! ٿِيين تَهِوارُون[125] تيئن،

مُٺِي! ٿِيُ مِسڪِينَ، هِمّتَ[126] هوتُ وِڃائِيو.

19

ٻَلَرِ[127] لَڳو ٻاڻُ[128] پَسو! جوءِ جَرا[129] ٿِيي،

سا مُنڌَ مَري نه جِيي، پيئِي پَڇاڙي[130] پاڻُ،

سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي[131] سَيّدُ چي.


 

وائي

ٻاروچان ٻاجَهه گهڻِي، آن[132] ٿِي ڇُلان ڇَپَرين،

آءٌ پنهنجي پرينءَ سين، وِيندِيَسِ واڳَ وَڻِي[133]،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

ڪونِهي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڌاران دوسَ ڌَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان، آرِيءَ جِي پِه اَڻِي[134]،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

آهي هوتَنِ هَٿَ ۾، سرندِي جِيءَ جَڻِي[135]،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

ڪِينَ وِرمِيا[136] ڪِٿَهِين، ڄُلِيا[137] ڄَڻَ[138] هَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

مُون کي ڪوٺِيو پاڻ ڏي، هادِي! هَٿُ کَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

پُنهُونءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلي ناهه ٻَڻِي[139]،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

تورِيءَ تيلُ نه پائِيان، نَڪا سِينڌِ ڦَڻِي،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، لَڳِيَمِ تَنَ تَڻِي[140]،

آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.


 

 

داستان اٺون

 

1

اَڌَرِ[141]، نِڌَرِ[142]، اَڀَرِي، اَسُونهِين[143] آهِيان،

لُڙڪَ لَعلَ، لَطِيفُ چي، وَرَ لَئي وَهايان،

هيجان[144] هَنجُهون[145] حَبَ ۾، هوتَنِ لَئي هارِيان،

جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهُونءَ پَهايان[146]،

پِيهان، پَچايان[147]، جي مان نِهو[148] پاڻَ سين.

2

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي آهِيان اَسُونهِين،

پَرَڏيهِي پِرِين ڪِيا، مَرَڻَ لئي مُونهِين[149]،

سَسُئيءَ کي، سَيّدُ چي، تَنگُن[150] ۾ تُونهِين،

هارِي! ڪيئن هُونهِين[151]، رِيءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرين؟

3

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آئُون،

چِيٽا[152]، چورَ چُنجُن[153] ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،

موٽُ پُنهُون! پانهُون[154]، مَتان، مُحِبَ! مَرِي رَهان.

4

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اوڳِي[155]، اَوائِي[156]،

ڪِينَ ٽُهارِي[157] ٽَڪَرِين، ساڻَسِ سَڳائِي[158]،

لاڳاپَنِ، لَطِيفُ چي، مُنڌَ رائي رَهائِي،

جَلَڻُ، جَڏائِي، آرِي! لاهِه اَصِيلِ[159] تان.

5

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، گَمَنِ[160] گَماٽِي،

سا ڪيئن ويهي ويسَرِي، جا گهائِي[161]، گُهماٽِي[162]،

پيئِي پيشِ پُنهُونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،[163]

جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙهَندِي سَسُئِي.

6

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، سَڌَرِ ٿِي سَچِي،

سُپَڪَ[164] ٿِي، سَيّدَ چي، پَهڻَنِ مَنجِهه پَچِي،

مَعذورِ کي، مارو ڪِيو، اولاڪَن[165] اَچِي،

مَنجهان راهَه رَچِي، ٿِيَڙي لالُ، لَطِيفُ چي.

7

اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، ويچارِي نه وَري،

لالَنَ ڏي، لَطِيفُ چي، پُري[166] پيرَ ڀَري،

ڪَمِيڻي ڪَري، ڪارُون ڪيچ ڌَڻِينِ کي.

8

اَچِي عزِرائِيلَ[167]، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،

ٿِي دَواڙائي دَلِيلَ[168]، ته پُنهُونءَ ماڙهُو[169] موڪَلِيو.

9

مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏِهن ڏِٺائِين،

اَڳِيان اُٿِي، اُنِ کي، پُنهُون پُڇِيائين،

اَدا! اِهائِين،[170] ڪو وِيو ساٿُ سَڄَڻَ جو؟

10

ڀاياڻِي[171] ٿِي ڀورِ[172]، پُٺِيءَ ڪيچَينِ ڪَڪَرا،

رائو مِڙوئي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ[173]،

لانچي لَڪَ، لَطيفُ چي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،

جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ[174] تان اوڏِي ٿِيين.

11

پَئِي ٿِي پَئمالُ[175]، سا مُنڌَ مَري، نه جِيئي،

بُري هِنَ ڀَنڀَورَ سين، هَڏِ نَه ڳَرَهي[176] حالُ،

لالَنَ، جو، لَطِيفُ چي، وِساري نَه وِصالُ،

ڀِري، ڪِجا[177] ڀالُ، هِيءَ ڏاهِه[178] ڏورِيندِي ڪيتَرو؟

12

جَهٽ[179] پِٽي، پِهُه جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،

سُورُ سُٻِيلِي[180] سَسُئِي! لَڪَ تِهِين سين لَنگِهه،

ته سُپيرِيان جي سَنگ، مُنڌَ! ميڙائو[181] تو ٿئي.

13

ٿَڪِيائِي، ٿَرَ ٿيل، چَڙهُه چُڪِيائِي، چوٽيين،

هَلَندي هوتَ پُنهُونءَ ڏي، ڀَؤ مِڙيئي ڀيلِ[182]،

اُٿِي رائو ريلِ[183]، ويٺَنِ تان وارِي وَري.

14

هِيءَ گِسِي[184]، هِيءُ گَسُ، هِيءُ پَهَڻُ، هيءُ پيچِرو،

ويچارِيءَ وَڏو ڪِيو، وِيندَنِ پٺِيءَ وَسُ،

ليڙَن[185] جو، لَطِيفُ چي، ڏُونگَرَ اَٿِي[186] ڏَسُ،

جَڳَ ۾ رَهِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ[187]، ٿِي سَردارَ جي.

15

ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويهَه مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،

چَڙِهي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ،

ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندءِ هوتَ پُنهُونءَ جو.

16

سيڻَنِ ڪارَڻِ، سَسُئِي! وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،

جِمَ وِرچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگَنِ[188] گَسُ،

وٿِي ڏيندَءِ ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو.


 

وائي

هوتَ سي هَلَڻَهارا، وو! جيڏِيُون!

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

کوءِ[189] پَلَنگَ! ٻَنِ ماڙِيُون! کِيَڻَ[190] سي ٿِيڙَم کارا،

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

سُونهَنِ سُپِرِيَنِ جا، آتَڻَ[191] وَٽِ اوتارا،

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

ويٺو ڏي[192] ڏُکِيَنِ کي، پُنهُون ڄامُ پُوچارا،[193]

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

آهِيان پَئٽِ[194] پُنهُونءَ جِي، ڪَندِيَسِ ڪُنِرَ[195] ڪارا،

پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، هَئي! هَٺ[196] آسارا[197]!

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

ڪيچِينِ ڪَرَهَه[198] پَلاڻِيا، مَيا[199] ٿِيئَڙَمِ مارا،[200]

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟

اَنڌَنِ آهِيين آسَرو، موٽِجِ، مُحِبّ موچارا!

ڪيئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين؟


[1]. هرهنڌ

*. تون هر شيءِ ۾ وسين ٿو، تنهن ڪري تون فتويٰ يا سزا ڪنهن کي ڏيندين

[2]. جيسين تائين سسئي هيس.

[3]. جهولو، تڪليف، اٽڪ، رنڊڪ

[4]. حجاب

[5]. سودو واپار

[6]. مليس

[7]. جنسار روپ

[8]. جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن ڄڻ پنهنجي رب کي سڃاتو (حديث)

[9]. روش، فيصلو (اهائي روش يا ڳالهه پوري آهي.)

[10]. خدا آدم کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي (حديث)

[11]. وائي، آواز

[12]. مست

[13]. چاهه

[14]. جاءِ

[15]. جايون، ٿاڪ (تعلقات)

*. دنيا جا تعلقات محبوب جي ملڻ ۾ رنڊڪون آهن.

[16]. ڀُلايس،

*. دنيوي علم ڪسيري برابر به نه آهي.

[17]. قاف (جبل) کان

[18]. ڪٽنب

[19]. دعويٰ ڪنديس

[20]. فراق موت کان به وڌيڪ سخت آهي (عربي چوڻي)

[21]. آس، اميد

[22]. اٺن

[23]. تي

[24]. سويل

[25]. خودي

[26]. ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺم، جنهن ۾ خدا جو جلوو نه پسيم (عربي چوڻي).

[27]. (خدا جي قدرت جون نشانيون) توهان جي اندر ۾ آهن، پوءِ ڇو نٿا غور سان ڏسو؟ (ق-ش 51، 21)

[28]. وَئي

[29]. پرين، پرين کي

[30]. اسين (خدا) هن کي (انسان کي) سندس ڳچيءَ جي رڳن کان به ويجها آهيون (ق- ش 50، 16)

[31]. خودي

[32]. ڳوليم

[33]. خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي چوڌاري ڦريل آهي، يعني سڀ ڪنهن شيءِ ۾ وسي ٿو (ق- ش4. 126)

[34]. ڪونهي

[35]. ڀڙڪي

[36]. عشق خدا جي ٻاريل باه آهي (عشق جو اکر قرآني آيت ۾ ڳنڍيو ويو آهي).

[37]. جي ماريل، وس ۾

[38]. مٽي؛ پنڌ، مسافري

[39]. خشڪي، ميٺاج

[40]. ڇڪي، تاڻي

[41]. عشق، عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ پردو آهي (صوفياڻو قول)

[42]. گمان ۽ شڪ وڃائي

[43]. تانگهه، عشق

[44]. جيڪر.

[45]. اڳيان، آسرو

[46]. پٺتي پيلن کي، ڦٽيل عاشقن کي

[47]. بار لاهي، ترسي

[48]. پهرائي، ڍڪائي

[49]. بيماري

[50]. پيالو

[51]. کورو، سگري

[52]. الڳ، جدا

[53]. زلف، گيسو

[54]. دوائن سان.

[55]. وارن جي چَڳَ

[56]. نرڙ يا چهري تي لَڙي بيٺل وارن جي

[57]. رُخسار، ڳَلُ، ڳِتو.

[58]. گهنڊيدار وار

[59]. ڪالهه

[60]. افسوس

[61]. اُڦٽ ماريون

[62]. پرينديئي

[63]. ڪاڪل لفظ جو شروعاتي ڪ يعني دام، ڄار

[64]. تاب، ڏمر

[65]. اوهين يا ندورين جا

[66]. ڄانيندڙ، حال محرم

[67]. اوهانجي

[68]. مناسب، جڳائين

[69]. هڪ جهڙي

[70]. ڳوٺ

[71]. پهلوان

[72]. اوهان وٽ

[73]. پٽ کان به، ريشم کان به.

[74]. ڏِئي

[75]. پيرن جون تريون، پٻ

[76]. هلي، وڃي

[77]. ڏِئي

[78]. مري، سڙي، رَجهي

[79]. سمهڻ مان، سمجهڻ جي نتيجي ۾.

[80]. ايڏو گهڻو، تمام گهڻو

[81]. جدا ڪيو، نکيڙيو.

[82]. ڌوٻياڻي، کٽياڻي

*. سکن کي ڇڏي به اچي ڏک ۾ مون سان مهر ڪندا

[83]. ڌوٻياڻي

[84]. ڪهڙي ڪم جو

[85]. جبل (نئين) جو نالو.

[86]. ڊگهيءَ مسافريءَ ۾

[87]. دربار ۾

[88]. جنهن لاءِ

[89]. گڏ

[90]. روانا

[91]. درمانده (ف)، بيقرار، پريشان

[92]. دوست

[93]. جاگير

[94]. ملڪيت

[95]. رَذِيل (ع)، ڪميڻيون، سڌڙيون

[96]. راه ۾.

[97]. ٿنڀو، هتي پنهونءَ جو پير

[98]. هُج

[99]. محبت جو پيچ

[100]. مٺو ڦل، سنگت، ساٿُ

[101]. انگهن، سُوريءَ

[102]. جسم

[103]. ڊپ

[104]. اٽڪ، مشڪلات

[105]. ويٺي هٿ نه اچن

[106]. پيرو کڻي

[107]. ڳري

[108]. مٽي

[109]. پيرو کڻان

[110]. يا

[111]. سزا، ڏک، عذاب.

[112]. تون پوندينءَ

[113]. ليلائي، ريجهائي عشق جو رنگ

[114]. حب نديءَ وٽان

[115]. روا، پوتيون، سينگار

[116]. چونڊي

[117]. سرمايو، موڙي، محبوب

[118]. صلاح، نصيحت

[119]. ڳري، وجهلي.

[120]. آسمان تائين

[121]. شيون

[122]. دنيوي ڪاروبار

[123]. نفي، نيستي

[124]. سينو ساهي

[125]. ذرا ذرا

[126]. هوڏ، سرڪشي

[127]. ٻارڙي، ابهم، معصوم

[128]. تير

[129]. ذرا، ٽڪرا

[130]. پتوڙي

[131]. سنڀري، تيار ٿئي

[132]. آئون

[133]. اُڻي، مڙهي

[134]. نوڪ، آڌار، ذري

[135]. ڏوري، رسي

[136]. روڪيا

[137]. ويا

[138]. جَڙَ، ميخ

[139]. ٻيلي لفظ جو ڌوڙي آهي

[140]. ڇڪ، سڪ.

[141]. نڌڻڪي

[142]. بي وسيلي

[143]. ڪوجهي

[144]. محبت وچان

[145]. لڙڪ

[146]. پرچايان

[147]. جنڊ ۾ پِهي ماني پچايان، (خدمت ڪريان)

[148]. نيو، وٺي هلو

[149]. مون ئي

[150]. مشڪلاتن

[151]. ائين ٿي، اجايو، مفت

[152]. چيٽا (شينهن) Tigers

[153]. غارن

[154]. پٺتي.

[155]. موڳي

[156]. توائي، پريشان

[157]. تڪڙو هلي (همراهه ٿي)

[158]. مائٽي

[159]. شريف، بڻائتي

[160]. غمن

[161]. زخميل

[162]. ڀنواٽي آيل، پريشان

[163]. ڳري، سڙي

[164]. پوري پڪل

[165]. اُلڪن، فڪرن

[166]. هلي، وڃي.

[167]. ملڪ الموت

[168]. تصور (خيال) ڪري

[169]. ماڻهو

[170]. هتان، اتان

[171]. ڀائيوار

[172]. ڀڃ، ذار ذرا ڪر

[173]. ڳاڙهو ڪر

[174]. کَڄُ، اُٿي هَل، تڪڙِي هل

[175]. پائمال، پامال، نابود، فنا

[176]. اوري

[177]. توهين ڪجو

[178]. ٻانهي.

[179]. جوٽون، سٽون

[180]. سٺو ساٿي

[181]. وصال، گڏجاڻي

[182]. نابود ڪر، جيئن جانور ٻني لتاڙي ناس ڪندا آهن

[183]. اٿلائي

[184]. ليڏوڻا

[185]. اٺن

[186]. اَٿئي

[187]. پيچرو، راهه.

[188]. گُونگن، اُٺن

[189]. کڏ ۾ پون

[190]. کائڻ

[191]. سٽ ڪتڻ جي جاءِ

[192]. ڏِئي

[193]. ڀلايون

[194]. پريٽ، ڌوٻياڻي

[195]. ڪُنَ (رنڱڻ جا)

[196]. هاٺي، بدن

[197]. غافل.

[198]. ڪَرَها، اُٺ

[199]. اٺ

[200]. ماريندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com