سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :28

ٽيون

1

اَچي پِيا آٽَ[1] ۾، واٽَ وڃائي جَنِ،*

سي بيرانِ[2] بَرّنِ ۾، انڌا ٿِيو اُڀَن،**

ڪَنَنِ آڏو تاڙِيُون، گُنگَنِ[3] جيئن گُهمَنِ،

فراقي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،

لنگها ٿيا لاهوت کي، سڪا پيا سڪن،

کَپَتِ[4] کاهوڙِيَنِ، آهَه[5] اُٿي پِئي[6] نَه لَهي.

2

ڏِسِي[7] ڏوري ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،

ڪُرَندان[8] ڪِي پَروڙِيو،*** رَندُ[9] نَه سي رِڙَهنِ،

پيئِي دارَ[10] دَيُون ڪِيو[11]، پِيرُتِ[12] تان نه پُڇَنِ،

ڌوڙِ، پِرِيان لَئي، ڌارِ[13]، ڪِيو، ويچارا وِجَهن،

خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ[14] لاهُوتَ جِي.

3

ويجهو وَنءُ[15] مَ واٽَ کي، ڪَهِج[16] ڏُونهن[17] ڪُواٽَ[18]،

اُجِهي[19] مَنجهان آٽَ[20]، آديسِي[21] ٿِي آءُ تُون.

4

ڪُپيريءَ[22] ۾ پيرُ، ڪَنِين پاتو پيرِيين[23]،

جِئان[24] مُنجَهڻُ ماڙُهوئين،* سَڄَڻَ[25] تِئان ئي سيرُ[26]،

اِنَ ڀُونءَ[27] سَندو ڀيرُ[28]، ڪوڙِيَنِ[29] مَنجهان ڪو لَهي.

5

ڪُپيرِيان[30] پَري ٿِيا، اَٻُڌِي[31] ٻُڌائُون،

اُنِين کي آئُون، هِيرَ[32] ڏِسِي آئِيو.

6

سُونَهپَ[33] ۾ سَپَ[34] گُهڻا، مَنجِهڻ ماکِي هوءِ،

پَرو[35] تَنِهين پوءِ[36]، جو اُجِهي[37] پوءِ اُنِ تان.

7

ڏوري ڏوري ڏيهَه، ماءُ! کاهوڙِي آئِيا،

مَيَنِ[38] پيرين کيهَه[39]، ڪُهُه ڄاڻان ڪنهن پارَ جِي؟

8

جَهنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُلِيا، راهه هَلِيا ڦُرِجَنِ.**

اَوَجَهڙِ[40] سي نَه پَوَنِ، ٻيئِي[41] جَنِين ڇَڏِيُون.***

9

جَهنگُ کامِي[42] پَٽُ ٿِيو، ڀَڳِي چوران[43] لِڪَ،+

سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئِي گَڏِيا پاڻَ ۾.

10

جهَنگَلُ[44] آهِيڙِيَنِ[45] کي، ڀَنَڻُ[46] ڪِيو روءِ،

نه ڪُتا[47] نه ڪوڙِڪو[48]، چَڙهِيو اُڀو چوءِ،

هاڻي هِنان[49] پوءِ، لَڳِي لوٺو[50] نه ٿِئي.

11

جَهنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنڻُ ڪِيو رُوندو،

نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪو، چَڙِهِيو اُڀو چوندو،

هَڏِهِين[51] نه هُوندو، اِنهان[52] پوءِ عالَمَ ۾.

12

ڪُتا نه ڪُوڪارَ[53]، نه سي سَڏَ شِڪارِيين،

پِٽِيو کَڻي پارَ[54]، جَهنگَلُ آهيڙِيَنِ کي.

13

وَرُ[55] سا سُڃِي ويڙهِه[56]، جتي سَڄَڻُ هيڪَڙو،

سو ماڳُ[57] ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙُ[58] ڪُماڙهُوئين[59].

14

وَرُ سا ڪارِي راتِ، جنهن ۾ راهه گُمُ ٿِئي،

نَه ڪا هُنِين جِي تاتِ، هِيءَ پُڻِ وَڃي وسَرِي.

15

ڪارِي رات، اَڇو ڏينهن، اِيءُ صِفَتان نُورُ،*

جِتي پِرينءَ حُضُورُ[60]، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪو.**

16

تَحقِيقَ[61] جِي ڀَرِي[62]، تُون مَٿي رِيءَ کَڻيجِ،

هَڪَلَ[63] حَقِيقتَ جِي، ٻوڙو ٿِي، ٻُڌيجِ،*

اَنڌو ٿِي پَسيج، مُشاهِدو[64] مَحبُوبَ جو.

17

ڏُونگَرين ڏِسَجَنِ، اَڄُ پُڻ رُون[65] اُنِ جُون،

ڏوٿِيئڙا ڏُٿَ کي، اَڻ آڻِئِي[66] نه اَچَنِ،

خِيما[67] کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِيين[68].

18

ڏُونگَرِ[69] نَه ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃو ڏوٿِين ري،

پُڇان پَرو[70] ٿِي، ڪ ڏوٿِي ڏُٿ اَچِڻا[71]؟

19

کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيان،

سوجهي جَنِ ڪِيا، مَٿي اَڱڻِ آهِرا.

 

وائي-1

سِياڪو[72] سيڻانِ[73] ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،

موٽِيو ماڳُ نِهارِيئين، ڪَهڙي مُنهن[74] ڪيڻانِ[75]؟

ڀورِي! تو پاڻُ سُڃاڻِي نه ڪِيو.

هُوندَ[76] نه پيئِينءَ هيتري،* ويئِينءَ جي سيڻانِ،

ڀورِي! تو پاڻُ سُڃاڻِي نه ڪِيو.

وارِيءَ جيئن وِڄري[77] هينئون[78]، ڪُڻِڪِيو[79] ڪيڻانِ[80]،

ڀورِي! تو پاڻُ سُڃاڻِي نه ڪِيو.

آٽَنِ[81] منهنجا اَنگَڙا[82]، ڪَلَ نه پَوي ڪيڻانِ،

ڀورِي! تو پاڻُ سُڃاڻِي نه ڪِيو.

 

وائي-1

جاڳِي اَکَڙِيَنِ، اَوان[83] اوجاڳو نَه ڪِيو،

اَکَڙِيُون پَرَيَنِ لَئي، ٽَهَه ٽَهَه[84] ڪِيو ٽَمَنِ،

اَوان اوجاڳو نَه ڪِيو.

جي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَهَنِ،

اَوان اوجاڳو نَه ڪِيو.

تُون اَڻاسِي[85] اُوجِهرين[86] هوءِ ٿا هوتَ هَلَنِ،

اَوان اوجاڳو نَه ڪِيو.

اَدِيُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، مِلان سين مُحِبّنِ،

اَوان اوجاڳو نَه ڪِيو.


 

سُرُ بَرِوو سنڌي

 

سر بابت:

بَرِوو هندستاني راڳڻيءَ جو نالو آهي. انهي ۾ ٿوري ڦيرگهير سان بروو سنڌي راڳڻي ٺاهيل ٿي ڏسجي.

هي سر، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ ڪونهي. ٽرمپ واري ڇاپي موجب داستان پهرين ۾ هڪ وائي ۽ سورنهن بيت آهن، جن مان وائي ۽ ڏهه بيت کنيا ويا آهن. ٻين قلمي توڙي ڇپيل نسخن مان ڇهه ٻيا بيت اضافو ڪيا ويا آهن (جن جا نمبر آهن: 2، 3، 4، 6، 12، 13) پندرهون نمبر بيت مضمون جي مدنظر ٽئين داستان بدران پهرين داستان ۾ آندو ويو آهي. ٽرمپ واري ڇاپي جي ٻئي داستان ۾ 2 وايون ۽ ٻارهن بيت آهن، جن مان فقط هڪ اوپٽو بيت ڪڍي، ان جيعيوض بيت نمبر 10 ڏنو ويو آهي. ٽرمپ واري ڇاپي جي ٽئين داستان ۾ هڪ وائي ۽ 10 بيت آهن جن مان هڪ بيت (15 نمبر هيٺ) پهرئين داستان ۾ وڏو ويو آهي ۽ ان ۾ هڪ بيت نمبر 6 اضافو ڪري ڪل ڏهن جا ڏهه بيت رکيا ويا آهن. وائي نمبر 2، بمبئي واري ڇاپي مان اختيار ڪئي ويئي آهي.

مضمون:

هن سر ۾ الله سان عشق رکڻ جي ترغيب ڏنل آهي ۽ عاشق جي بيچارگي ۽ نيازمندانه جذبات جو بيان ڪيل آهي. روح جو رب کان ڇڄي ڌار ٿيڻ تي روڄ راڙو تمام رقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

روحاني راز:

هن سر ۾ شاهه سالڪ کي سمجهايو آهي ته عموماً سلوڪ جي راه، ظاهري طرح اوکي پئي نظر ايندي آهي ۽ ماڻهو رياضتن ۽ مجاهدن کي مصيبت پيا تصور ڪندا آهن، پر حقيقت ۾ جيڪو انهيءَ اوڙاه ۾ گهڙندو تنهن کي گلزار نظر ايندو. اهي جسم کي ڏنل جفائون، روحاني ترقيءَ جو باعث بنجي، سالڪ کي حقيقي سرور بخشينديون.

سوکو هوندو سو، جنهن جو عِشقُ اللهَ سين.

هن سُر ۾ شرڪ کان منع ڪندي، سالڪ کي تلقين ڪئي ويئي آهي، ته هو ڪريم جي ڪَنجَڪَ (خدمت) اختيار ڪري ۽ جڳ جي واليءَ سواءِ ٻئي ڪنهن جو ٻيلي نه ٿئي.

دنيا فاني آهي ۽ دنيوي جنسار پاڻي تي ڦوٽي مثل آهي. هن حقيقت کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ هن سر ۾ ڪافي مواد موجود آهي. دنيا جهڙي لابقا ٽڪسال تي موهجي، حقيقي مالڪ، ۽ لافنا هستيءَ کان منهن موڙڻ ڪهڙي نه بي سمجهي آهي؟ انسان جو جسم آخر ٻين شين وانگر فنا ٿي ويندو. جڏهن هن فاني جسم مان الاهي نور جو لافاني جزو (روح) پرواز ڪري ويندو، تڏهن عزيز به هن کان بيزار ٿي پوندا ۽ لتن سان کيس لٽي لوڙهه جوڙيندا. جڏهن ائين آهي ته پوءِ دنيا سان وابستگيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو؟ ڇو نه اسان کي فاني شيءِ ڇڏي، جاويد هستي ۾ حل ٿي، ابدي زندگي ۽ لازوال حياتي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي؟

سر بَرِوو سِنڌي

 

داستان پهريون

1

ڇا کي وَڃِي ڇو، ٻيلِي[87] ٿِئين ٻينِ جو،

وَٺُ ڪَنجَڪَ[88] ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو،

سَوکو هُوندو سو، جنهن جو عِشقُ اَللهَ سين.

2

جيئن ڪا ڪانِي ڪانهن[89]، لُسَندي[90] لاتِيُون[91] ڪَري،*

اَچِي پيئي اوچَتِي، دَردَ پِريان جِي دانهن،

ويڄَ[92] ڏَنڀئين ڪُهُه ٻانهن، سُورَ هِينئين[93] کي سامُهان.**

3

وَڃَڻُ دَرِ دوسَنِ جي، هَرَ هَرَ هُوڙائِي[94]،

پاڙي ڏانهن پِرينءَ جي، اُجُهه[95] مَ اَوائِي[96]،

اَلَهڙُ[97] ٿِي مَ آڇ تُون، واٽَهَڙُنِ وائِي[98]،

لائِيندَئي، لَطيفُ چي، سُوران[99] سَرَهائِي[100]،

ڳُجهو ڳالهائِي[101]، پِرِتِ وَٽِجي[102] پاڻَ ۾.

4

ساهُ وَٺِي وِيين، ڪَري قُضاڪِي[103]،

دِلبَرَ دِلِ کَسي وِيين، يارَ ٿِيين پر[104] ياڪِي[105]،

جاڙَ[106] مُون صَعِيفِ سين، تو جانِبَ! ڏِسُ جا ڪِي،

هِتِ بُتُ رَهِيو باقِي، ساهُ وَٺِي وِيين، سُپِرِين!

5

پَرَ وَسِ[107] ٿِيُمِ پِراڻُ[108]، پِرِين وَسِ نه پانهنجي،

لَڳو ڪيئن، لَطِيفُ چي، ڇَپَرُ[109] ڇاتِيءَ ساڻُ!*

پِرِين ڏيکاري پاڻ، خُوشِ ڪَري وِيا خوابَ[110] ۾.

6

اَچين جي هيڪارَ[111]، مُون سارِيندي، سُپِرِين!

پيرين ڌَرِيان پِنبِڻِيُون، هَنڌَ وِڇايان وارَ،

ساڄَنَ! سَڀُ ڄَمارَ، هوند گولِي ٿِي گُذارِيان.

7

مُون سارِيندي سُپِرِين، اَچِين جي تُون هاڻِ،

ڪَرِيان رُوحَ رِهاڻِ[112]، لَڪَنِ[113] مَنجِهه، لَطِيفُ چي.

8

لَڳِيءَ[114] جو لَطِيفُ چي، نَه ڪو قالُ نَه قِيلُ[115]،

لِکئي لامُون[116] کوڙِيُون،** نيڻين وَهي نِيرُ[117]،

هِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ[118]، ڪالَهه قَريبَنِ لَڏِيو.

9

ڀَلِي[119] ڪِيَئِي ڀَلا پرِين! هينئن نه مُناسِبُ هوءِ،

لائي چِتُ[120] چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪَڍِي وِيين پوءِ*

توڙي حُبّ نه هوءِ، ته په[121] هوتَ! نه ڪِجَنِ هيڏِيُون.**

10

اَڄ پُڻِ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پنهنجا سارِيا،

ڳَلَنِ تان ڳوڙَهَنِ جُون، بُوندُون بَس نه ڪَنِ،

سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺيئِي نَه لَهي.

11

ڪي اوڏائِي ڏُورِ[122]، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين،

ڪي سَنڀرِجَنِ[123] نه ڪَڏِهِين، ڪي نَه وَسَرِن مورِ[124]،

جيئن مينهن ڪُنڍيءَ[125] پُورِ، تيئن دوسَ وَراڪو[126] دِلِ سين.

12

ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پُڻِ اَکَڙِيَنِ سين،

ماسُ وِراهي[127] هَلِيا، ڪَرَنگَلُ[128] ڇَڏِيائون،

وَتَوَاصَو بِالَحقِ وَتَواصَوَ بِالصبّرِ[129]، ايئن اُتائُون[130]،

مُئِي مارِيائُون، کِلِي گهايو[131] سَڄَڻين.

13

ماڙهُو[132] گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏينهن گُهران سُپِرِين،

دُنِيا تنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ[133]،

ڪِيَسِ نامَ نِهالُ[134]، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.*

14

هيرائي هَٿِ ڪِيو، هِينئَڙو حَبِيبَنِ،

ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلهاڙِيو[135] سيڻَنِ،

وِجِهي پيچَ پِرِيَنِ، هِينئَڙو هَٿِيڪو[136] ڪيو.

15

جَڏَهانڪُرَ[137] جانِي! سَڄَڻَ سانگِ[138] سِڌارِيا[139]،

راتِيان راحَتَ ناهه ڪا، ڏينهان حيرانِي،

آئُون پنهنجي پِرِينءَ تان، ڪوڙين قُرِبانِي،

رَضا رَبانِي، نَه تَه ڪَرِيان وَسَ[140] وصالَ جا.

16

جَڏَهانڪُرَ ٿِيامِ، ساڃاهِه[141] سُپِرِيَنِ سين،

تَڏَهانڪَر تِرَ جيتَرو، ويرَ[142] نه وِسَرِيامِ،

اَندَرِ رُوحَ رَهِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون[143] ڪَري.

17

ڪَڏِهن طاقِيُون[144] ڏِينِ، ڪَڏهن کُلَن دَرَ دوسَ جا،

ڪَڏهن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏهن ڪوٺِيو نِين[145]،

ڪَڏهن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهن ڳُجهاندَرُ[146] ڳَرَهِينِ[147]،

اِهَڙائِي آهِينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.

18

تُون صاحِبُزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ،

بيحدُ ڪَرِيان بَندگِي، هَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ!

ڇِنَ[148] ڇَڏِيندَيسِ ڪِينَ ڪِي، دوسَ[149] اَوهان جو[150] دَرُ،

مُون تان مِهِرَ[151] نَظَرُ، پرِين! لاهِه مَ پانهنجو.

 

وائي

هوتُ نيڻان[152] جو دِلبَندُ، لو! ڀلو جيڏِيُون!

هيڏانهن هوڏانهن سُپِرِين،* ڪاڏي وارِيان ڪَنڌُ؟

لو! ڀَلو جيڏِيُون!

چَڙِهِي ڏاڍين ڏُونگَرين، راهَه پُڇايان رَندُ[153]،

لو! ڀلو جيڏِيُون!

ساڄَنُ سَڀَنِيان[154] سُهِڻو مون کي سائِينءَ جو سَوگَند[155]،

لو! ڀَلو جيڏِيُون!

اَدِيُون! عبدُاللّطِيفُ چي، ميڙِيندُمِ صَمَدُ[156]،

لو! ڀَلو جيڏِيُون!

 

داستان ٻيو

1

جانِبَ تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعورَ[157] سين[158]،

مون تي ڪَرِ منهنجا پِرِين، توهُه[159] تُسِي[160] تيڏو[161]،

اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جيئن نَوازِيمِ نِگاهَه سين.

2

جانِبَ منهنجي جِيءَ ۾، تنهنجي طَمَعَ پوءِ،

وَٺَ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا[162]، اَدَبُ[163] ڪَرِ مَ ڪوءِ،

ڀانئيان[164] ڀالُ[165] سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَئون نِهارِيين.

3

ساڄَنَ! ايئن نَه جُڳاءِ، جيئن مارِيو، موٽِيو نه پُڇين،*

رَتِيءَ رَتُ نه سَنجُري[166]، سِڪَ تنهنجي ساءِ[167]،

اَسان توهِين لاءِ، ٿِي پَرِ ۾[168] پڇائون ڪِيُون.

4

جَڏِهن پَوي ٿِي يادِ، صُحبَتَ سُپِرِيَنِ جِي،

فَرِيادُون فَرِيادِ[169]، ناگَهَه[170] وَڃَنِ نِڱِيو[171].

5

ڪَڙو مَنجِهه ڪَڙي، جيئن لُهار[172] لَپيٽِيو،

منهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِيو.

6

نازَ مَنجهاران[173]، نِڪِري، جَڏهن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،

ڀُونءِ[174] پُڻِ بِسِمِ الله[175] چَئي،* راهه چُمي ٿي رَندُ[176]،

اُڀيُون گَهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيرَتَ هَنڌُ[177]،

سائِينءَ جو سَوگَندُ[178]، ساڄَنُ سَڀَنِيان سُهڻو.

7

ساڄَنَ! سِپاهِي[179]، آئُون اَوهان جو آهِيان،

اَچان ويلَ سَڀِڪَنهِين، وَڃان واجهائي[180]،

لالَنَ[181]! تو لائي[182]، کِيڪارِيُمِ کَرَنِ[183] کي.

8

فانِي تي فانِي، دُنِيا دَمُ نَه هيڪڙو،

لَٽي لوڙهُه[184] لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ جانِي!

ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي[185]، آهي سَرِ سَڀِڪنَهِين.**

9

نيڻَ سَقِيلا[186] سُپِرِين، ڀَؤنَر[187] ڀِرُون ڀالا[188]،

چِڪِيا ڦَٽَ طِراقَ جا، اَندَرَ ۾ آلا،

سو يارُ ميڙيين يالا[189]، جنهن جي صُحَبتَ ڪاڻِ سِڪي هِينئون.

10

ويٺو ڏِسان راهه[190]، اَڄُ پُڻ آيا ڪِينَ ڪِي،

ساڄَنَ لَئي سِڪي گهڻُو، سارِيو منهنجو ساهه،

آڻينِ شالَ اَللهُ! تَه اَڱڻَ ٿِينَمِ اُجِرا[191].

11

اَڄُ پُڻِ اَنگِيَمِ[192] اَنگَ[193]، هَٿان حَبِيبَنِ جي،

جا پَرِ سَوٽِيءَ[194] سَنگَ[195]، سا پَرِ ٿِي سُورَنِ سين.*

12

اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ[196]، دوسُ[197] پيهِي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ[198] ڏِنِي موڙَ[199]،

جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ[200]، سا پَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.


 

 

وائي-1

مَولو[201] ڪَندو ماڙِ[202]، منهنجي اَللهُ ڪَندو ماڙِ،

هادِي! ڏيئِي هَٿَڙا، اَچِي چِڪَڻِ[203] منجهان چاڙِهه،

منهنجي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪَشِتِي ڪَمِيڻِيءَ جِي، اَللهُ لَڳِ اُڪارِ[204]،

منهنجي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

هُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين! نيئِي ساڙِ،

منهنجي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

ڪَرَمَ سانُ ڪَرِيمَ جي، سَڀِ لنگهيندا پار،

منهنجي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.

 

وائي-2

هاڻِ اِيندو، اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ ايندو،

اَکيين لائي[205] اَنڌِيُون[206]، نيئِي وَسِينءَ[207] ۾ وِجَهندو،

اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ اِيندو.

نِماڻِيءَ جو نِجُهرو[208] پاسي پاڻَ اَڏِيندو،

اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ اِيندو.

مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو[209] صَحِي سَلامَتَ نِيندو،

اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ اِيندو.

مَهَندِ[210] ٿِيندو مُصطَفيٰ، پُٺِيءَ لوڪُ لَڏِيندو،

اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ اِيندو.

اَچِي عَبدُاللّطِيفُ کي، دوسُ دِلاسا ڏِيندو،

اَلا! منهنجو سَڄَڻُ شالَ اِيندو.

 

داستان ٽيون

1

عِشقُ اِهَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي[211] مُنجهائي[212]،

ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، روئڻُ سَڄِيائِي راتِ،

اُٿي ويٺي تاتِ[213]، مِيان! مَحبُوبَنِ جي.

2

جنهن جِي ڌَڻِيان[214] ڌارَ، ڀيڻي[215] ناهِه ڀَنڀورَ ۾،

ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَه ڪِيَئِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،

آءُ، عالمَ جا سَرِدارَ! واري واڳَ وِلِهِيءَ[216] تي.

3

يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زُبانِي،

آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي[217].

4

آدِمِيَنِ اِخلاصُ[218]، مَٽائي ماٺو ڪِيو[219]،

هاڻِ کائي سَڀِڪو ماڻهوءَ سَندو ماسُ،

دِلبَرَ! هِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَهَندو واسُ[220]،

ٻِئي سَڀِ لوڪَ لِباسُ[221]، ڪو هِڪَدِلِ[222] هوندو هيڪَڙو.

5

شُڪُرُ مِلياسين، سُپِرِين! جيئري جاني يارَ

ويٺي جنِ جي وَٽِ[223] ۾، ڪوڙيين ٿِيا قَرارَ،

ڌَڻِيَم[224]! ڪرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ کان.

6

کوڙي[225] کَڻ[226] مَ سُپِرين! کَنيَئِي تان کوڙِ،*

عادَتَ جا اَکِيَنِ جِي، سا نيئِي نِباهِج توڙِ[227]،

مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ[228]، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!

7

دِلِ جو دِلبَرُ هيڪَڙو، گهڻا تان نه ڪِجَنِ،

دِلِ ڀي[229] ڏِجي هِڪَ کي، توڙي[230] سَوَ سِڪَنِ،

سي چلِوِلا[231] چَئجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ دوسِتِي.

8

منهنجي مَدايِنِ جِي، ڪَلَ[232] پِرِيان پيئِي،

ڪَڏهن ڪوسا نَه ٿِيا،** ڏوراپو ڏيئِي،

ساڄَنَ! سَڀيئِي، ڍَڪِيَمِ ڍولَ[233] ڍِلائِيُون[234]،

9

ڏاتَرَ[235] مُون ڏيکارِيو، هوتَنِ جو حُضُورُ،

پِرِيَنِ پَرِچَڻَ جو ڪِيو، موٽائي مَذِڪُوُر[236]،

اِيءُ دوسَنِ جو دَسِتُورُ، جيئن ڇِنِي ڇَڏِنِ ڪِينَ ڪِي.

10

ڪِئان[237] سِکِيين، سُپِرِين! ڪاسائِڪِي ڪارِ؟

تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُڏِيءَ سين مَ مارِ،

چوري چاڪَ[238] نِهارِ، جي سُورَنِ سانگِهيئَڙا[239] ڪِيا.*

 

 

وائي-1

سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، دِلِبَرَ ڪوهِياري جِي ذاتِ،

اُٺَ گُنگائي[240] هَلِيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ،

سَڄَڻَ ڪوهِياري جِي ذاتِ.

جانِي جَتَ وَٺِي وِيا، رِڻَ ۾ پييَمِ راتِ،

سَڄَڻَ ڪوهِياري جِي ذاتِ.

ڪُهِي ڪَمِيڻِيءَ هَلِيا، اَدِيُون! آڌِيءَ راتِ،

سَڄَڻَ ڪوهِياري جِي ذاتِ.

مِلان مَحبُوبَن کي، وِهاڻِيءَ پِرِڀاتِ،

سَڄَڻَ ڪوهِياري جِي ذاتِ.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، ڏاتَرُ ڏيندُمِ ڏاتِ[241]،

سَڄَڻَ ڪوهِياري جِي ذاتِ.


وائي-2

وَٽان وَڃُ مَ مُون، منهنجو تُونهِين تُون، ڪونَه سُڻي ڪو ٻيو.

تُون تَڏِهانڪُرَ مَنجِهِئين[242]، جَڏهن ڪُنَ فَيَڪُون[243]،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

اَهُکِيءَ[244] رَسِجِ اَحَمَدا[245]، اَڳِيان[246] سوڙِهِي ڀُون[247]،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

رَسِجِ مُحَمّدَ ڪارِڻِي، جِتي هُونگَ نه هُون[248]،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

آڳَهُه[249] هِنَ اُمَتَ جو، آهِين تُونهِين تُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

ڏِجِ ڪا لَٽَ[250] لَطِيفَ کي طَهُورَ[251] مَنجهان تُون،

وَٽان وَڃُ مَ مُون.

 

سُرُ رامڪَلِي

 

سُرُ بابت:

هي سُر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي جي ٽن جلدن ۾ ڪونهي. شايد چوٿين جلد ۾ وجهي ها. موجوده نسخي جي پهرئين داستان ۾، ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي وانگر ڇٽيهه بيت ۽ هڪ وائي آهي. ٻئي داستان ۾ ٻارهن ڏينهن بابت ٻارنهن بيت ڏنا ويا آهن. بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ولي محمد هاليپوٽي جا ارڙنهن بيت درج ڪري 30 ڏينهن جو احوال ڏنو ويو آهي، سي ڌاريون ڪلام سمجهي، هتان خارج ڪيا ويا آهن. ٽئين ۽ چوٿين داستان جي واين ۽ بيتن جو تعداد ڊاڪٽر ٽرمپ وارو اختيار ڪيو ويو آهي ۽ نه سرڪاري ڇاپي وارو. سرڪاري ڇاپي جي چوٿين داستان ۾ ڏنل وائي، هن نسخي جي نائين داستان ۾ وائي نمبر 2 ڪري رکي ويئي آهي. پنجين، ڇهين ۽ اٺين دستان ۾، بيتن جو عدد ڊاڪٽر ٽرمپ وارو قائم رکيو ويو آهي. ستين داستان ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي وارا بيت قائم رکي رڳو بيت نمبر سترهون سرڪاري ڇاپي مان کڻي اضافو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ واري نائين داستان مان فقط نمبر 41، جو آسڻ جو چيل آهي. سو خارج ڪيو ويو آهي ۽ باقي قائم رکيا ويا آهن.

مضمون:

شاهه سڄا سارا ٽي سال سامين سان سلوڪ جو سفر ڪيو ۽ جوڳين سان جوڳ جوٽيو. حقيقت ۾ شاهه جو سارو رسالو انهيءَ عرصي ۾ ڏٺل فطرتي نظارن، ٻڌل قصن ۽ ڪهاڻين جو منظوم مجموعو آهي. شاهه هن سر ۾ ساميئڙن جي صحبت ۽ سڪ، انهن کان جدا ٿيڻ تي دل جي ڪيفيت ۽ انهن جي محبت مان حاصل ڪيل حال جي حقيقت نهايت خوبيءَ سان بيان ڪئي آهي. هو پهرئين داستان ۾ ٻڌائي ٿو ته، ڇو، آئون نه جِيَئندي  اُنِ ري؟- شاهه سامين جا سخن ياد ڪري جنين سين ياقوت تنين لاءِ تڙپي ٿو. هن کي انهن ئي جاڳايو- حاصل جنين حال هو. هنن جي صحبت مان شاهه کي انهيءَ ڪري به لطف آيو ٿي، جو ميڙيو ڀاڻُ ڀَرِيُون ڪيو، جوڳِي جَلائِينِ.

مطلب ته شاهه انهن وٽ نينهن جو نسورو نڌاڻ پسي، انهن جي صحبت اختيار ڪئي هئي.

شاهه جيڪي ٻارهن ڏينهن ۽ راتيون جوڳين سان گنجي ٽڪر واريءَ مڙهيءَ ۾ گذاريون هيون ۽ جيڪي هنن جون وصفون ۽ گڻ ڏٺا هئا، سي ٻئي داستان ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

ٽئين کان نائين داستان تائين ڪن ڪٽ، ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڌار لاهوتي فقيرن جي توصيف ڏنل آهي، جنهن جو تت هن بيت ۾ اچي وڃي ٿو:

سامِي کامِي پِرِيَن لَئي، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ،

نَڪو ڏِسَنِ ڏوهَ کي، نَڪو ڪَن ثَوابُ،

اوتِنِ آرِتي گاڏَئون، مَنجهان اَکِنِ تَنِ کي؟

سَندو ذات جَوابُ، تُون ڪِيئن پُڇين تَنِ کي؟

روحاني راز:

ٻين سرن وانگر، هن سر ۾ به سلوڪ جو اونهو اسرار رکيل آهي ۽ مخفي مام ڏنل آهي. جيئن هر ڪنهن ڳالهه جا ٻه پهلو آهن، تيئن هر ڪنهن مذهب جا به ٻه پاسا آهن:

هڪڙو ظاهري اصول ۽ ٻيو معنوي. مختلف مذهبن جا ظاهري اصول کڻي علحده ۽ الڳ هجن، پر معنوي اصول گهڻو ڪري ساڳيا ٿين ٿا. انهيءَ اصول تي تصوف جو بنياد پيو ۽ صوفي پاڻ کي مذهب جي معنوي پهلوءَ سان زياده لاڳاپو رکڻ وارا تصور ڪرڻ لڳا. مذهب جي معنوي پهلوءَ تي زياده زور ڏيندڙ مسلمانن ۽ ويدانت جي حامين ۾ انهيءَ ڪري گهڻيون ڳالهيون ساڳيون آهن.

شاهه جڏهن 21 ورهين جو نوجوان هو، تڏهن سامين جي صحبت ۾ وڃي سڄا سارا ٽي سال صرف ڪيائين، جنهن ڪري هن شروع ۾ تصوف جي اصولن کي ويدانت جي عينڪ سان ڏٺو. هو جوڳين سان جوءِ به جُوءِ ڀٽڪندو رهيو. جوڳي ويدانت جي اصولن مطابق تن کي تسيا ۽ جسم کي فاقا ڪڍائيندا رهيا. شاهه به ساڻن ويدنت جي واديءَ ۾ قدم رکيو. تپشائون ڪري، جسم کي ڳاري ۽ بدن کي سڪائي ڀرپوءَ کي پائڻ لاءِ جوڳي پاڻ جلائيندا رهيا ۽ شاهه به ساڻن جوڳ پچائيندو آيو. هنن مان ڪي ڪالي ديويءَ جا ۽ ڪي مهيسر جا پوڄاري هئا. شاهه ساڻن گڏ جاٽون ڪيون، تيرٿ گاهه ڀيٽيا ۽ ڪيترائي ڪرياڪرم ڪيا، پر هن جي مسلمان دل ٺڪر ۽ ٽوٻر جي پوڄا تي مطمئن نه رهي، جنهن ڪري آخر شاهه ٺڪر ٺوٻر جي پوڄا کان پاڻ پري رکي، وحدانيت جي واٽ ورتي، جوڳي کيس انهيءَ ڪري سُتو ڇڏي رمندا رهيا.

اڳتي هلي شاهه مسلمان صوفين جي اصولن کان واقف ٿيو ٿو ڏسجي، جن جي اپٽار هن سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ ڪئي آهي.

جيئن نفس ڪشي، تصوف جو بنيادي اصول آهي تيئن ويدانت جي واديءَ جو به ابتدائي ڏاڪو آهي. جوڳين کي نفس مارڻ ۾ شاهه ڀڙ ليکي ٿو ۽ انهن جي انهيءَ وصف کي گهڻو ساراهي ٿو. هٺ ۽ وڏائي، خودي ۽ خودغرضي کي ماري نابود ڪرڻ لاءِ ورجائي ورجائي هن سر ۾ شاه تلقين ڪري ٿو. جن ڀاڻ جون ڀريون ميڙي جلائي ڇڏيون، تن کيرون لهڻيون: اهڙن سائين لوڪن لاءِ سائين جو ديدار سولو ۽ سڻائو آهي. نه ڪي کَڻنِ پاڻ سين، نه ڪي ساڻُنِ پاڻُ. ايتري قدر جو هنن ۾ ذات پات جو ڀيد ئي ڪينهي. هنن لاءِ سڀ انسان، جزو آهي، حقيقي محبوب جو ۽ درياه جي قطري وانگر وري وڃي لَئي ٿيڻا آهن، درياه جي اونهي پاڻيءَ ۾.

الاهي ذات جي تات ۾ سالڪن کي هيڪڙي ساعت به سگهو نه رهڻو آهي، چارئي پهر سپرينءَ جي سوز ۾ چور رهڻو آهي. هنن کي، لڪا ڀڻن لوڪ ۾ جي اصول تي عمل ڪرُڻو آهي، ڳجهو ڳالهائي، اندر اجاري، سون ٿيڻو آهي. ڌريائين ڌڻيءَ ڏانهن ڌيان ڌري، الک جي صورت سامهون رکي، روح کي رام سان رلائڻو آهي؛ ويروتار وجود ۾ الله اُنين کي رکڻو آهي. گروءَ جو گس وٺي اتي اوتارا اڏڻا آهن، جتي نظر ناٿ جو آهي. حرص هوائي ڪرڻو آهي، لنگ ڪڍڻو آهي، سڀيئي سڱ ٽوڙي، طمع ترڪ ڪري، ڪيني کي قتلام ڪري،وحدت جو وڻج وهائي، ناه (فنا) جو درجو حاصل ڪرڻو آهي، مطلب ته، وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ جي اصول کي عملي جامو اوڍائڻو آهي ۽ نامرادي کي نجهرو ۽ رضا کي پنهنجو ايمان بڻائڻو آهي.

 

سُرُ رامُڪَلِي

 

داستان پهريون

1

نُورِي[252] ۽ نارِي[253]، جوڳيئڙا جَهان ۾،

ٻَرِي[254] جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ ري.

2

جوڳِيَئڙا جَهانَ ۾، هئا مَنجِهه حَمامَ[255]،

آرا مان[256] اَرَڳُ[257] ٿِيا، اوڏا نَه آرامَ،

ڪيائُون قِيامَ[258]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

3

لَکين ڪِيا لِسانَ[259] سين، لاهُوتِيَنِ[260] لوڙا[261]،

گهوڙا ڙي گهوڙا! آئُون نَه جيئَندِي اُنِ ري.

4

ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ[262]، وِيا ويراڳِي[263] نِڪِري،

صُحِبَتَ جا سَندِيان، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

5

مَران، مَٿو پِٽِيان، نِهِارِيان نيڻانِ،

سُخُنَ جي سَندانِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

6

وارو[264]! ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وساريجِ،

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ.[265] جا، لِيلائي لَهيج،

پِيرَتَ[266] پَسِيو پَٿَ[267] جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيج،

راتو ڏينهن رِڙهيجِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

7

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاهُوتَ،

جَنِين سين ياقُوتَ[268]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

8

واڄَٽَ[269] ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ[270]،

سونُ سَڀوئِي سَڳِيُون[271]، پَسِي ڪِينَ[272] مَ ڪَٿُ[273]،

ويساهي[274] ويلَ ڪَنهِين، پُورَبِ[275] وِيندو پَٿُ[276]!

هُلَ[277] کَنيائُون هَٿُ[278]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

9

واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،

مَقالان[279] مهند ٿِيا،* ڪونِهي وَٽِنِ قالُ[280]،

حاصُلُ جَنِين حالُ[281]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

10

سُتِي سيجَ هُياسِ، مون کي آهَه[282] اُٿارِيو،

جَنِين جاڳاياسِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

11

جان ڪِي مُون کي ني[283]، پَڳَهَه[284] پائي پاڻَ ڏي.

پَهَه[285] پَروڙِيان پَٿَ جا، ڪِينَرَ[286] مَنجهان ڪي،

هاڻي جي هَنيَئي[287]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

12

جان ڪِي مون کي تاڻِ، پَڳَهه پائي پاڻَ ڏي،

هُو جي هَنيئي هاڻِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

13

جا نه ڪِي مُون کي نِيو، پَڳَهَه پائي پاڻَ ڏي،

قُوتُ منهنجو ڪاپَڙِي! سِڱِيُنِ مَنجِهه سِهو[288]،

ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِيو، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

14

سُوڌو[289] سِڱِڙِيَنِ سين، ڪِي جو ڪَهِيائُون[290]،

هُو4 جا هَنيائُون، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

15

صُبُحِ سِڱِڙِيُون[291] کَڻِي، وِيا دُکائي[292] دُورِ،

ٿِيا ڏيٺائِيان[293] ڏُورِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

16

صَبُح سِڱِڙِيُون کَڻِي، وِيا وَڄائي وِيرَ[294]،

ڏورِيان[295] ڏورِيان نَه لَهان، تَنِ بيراڳين بَهِيرَ[296]،

جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهه عَنبِيرَ[297]، آئُون نَه جيئَندِي اُنِ ري.

17

ميڙِيو ڀاڻُ[298] ڀَريُون ڪِيو، جوڳِي جَلائِينِ،

سامِي سِڱِڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کائِين[299]،

هو جي تارِ تَڳائِين،* آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

18

پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اَچي نَه آرامُ،

ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان، تَنِين جي تَمام،

مون کي ٿِيو ماتامُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

19

پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُڌِما[300] اَچَنِ،

ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُحِ تان نه سُڄَنِ[301]،

جي رائي مَنجِهه رَهَنِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

20

آسَڻَ وَٽ آهُون ڪَرِيان، وَسِ[302] نه منهنجي واتُ،**

لَڳُمِ لاهُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،

هَلَڻَ کي هَيهاتُ[303]!*** آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

21

پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، ٻانهُنِ وِجهان واتُ،*

هُو جي ڪَهِيا[304] ڏُونهن[305] قَلاتُ، آئُون نَه جيئندي اُنِ ري.

22

وَٽِن ويٺِي آهِيان،** ڏِسيو ڪِينَ ڏِسان،

جنهن جِهو ئِي[306] ناهه ڪِي، سا ڪا سُونهن سَندِيانِ،

پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

23

بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڇُ نَه آسَڻُ وَٽِ،

خُودِي کانئي هَلِيا، پيرُ نَه لائِينِ پَٽِ،***

هَئي هَئي جَنِين هَٽِ[307]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

24

بابُو بِيکارِي ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،

نِسورو ئِي نينهن جو، نانگَنِ[308] وَٽِ نِڌاڻُ[309]،

سِرِکَنڊُ[310] جَنِين ساڻُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

25

نانگا نانِيءَ[311] هَلِيا، سامي سَڀيئِي،

وِهَڪَ مُون ويئي، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

26

نانگا نانِيءَ هَلِيا، ويچارا ويا،

ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُحِ تان نَه سُئا[312]،

هُو جي هِتِ هئا، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

27

نانگا نانِيءَ هَلِيا، چيلِهيا[313] چيلِهه ٻَڌَنِ،

هو جي هُتِ هَلَنِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

28

نانگا نانِيءَ هَلِيا، هِنگلاجان[314] هَلِي،

ديکِي[315] جَنِ دُوارِڪا[316] مَهيسِنِ[317] مَلهِي[318]،

آڳَهُه[319] جَنِ عَلِي، آئُون نه جيئندِي اُنِ ري.

29

جُسي سَندو، جوڳَ[320] ري، مُون نه گُهرِجي ماهُه[321]،

سامِي منهنجو ساهُه، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

30

ڪالهوڪو ڪاڏي وِيو، سَندو جوڳِينِ جوشُ،

پَسِي تنهن پَٽَ کي، هَڏِ نَه رَهِيو هوشُ،

آسَڻَ ۾ اَفسوسُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

31

نَه ڪِي[322] کَڻَن پاڻَ سين، نه ڪو ساڻُنِ پاڻُ[323]،

اِهَڙا جَنِ اُهُڃاڻَ[324]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

32

پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرِياڻَ[325]،

اِهَڙا جَنِ اُهُڃاڻَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

33

پاڻهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ،

هُو جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳالهيون ڳالهائينِ،

وَڃَڻُ[326] وِڃائِين،* آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

34

ويراڳيَنِ وَرَنُ[327]، ڏِسَڻُ گَهڻُو ڏُهِلو[328]،

هِڪُ ٻولڻُ ٻوڙَنِ سين، ٻِيو سَندا فانِيَنِ[329] فَنَ،

ڪِي گُهرِجَنِ ڪَنَ، ** آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

35

جُز[330] وِڃايو جوڳِيين، ڪُلّ[331] سين آهينِ ڪَمُ،

آسَڻُ جَنِ عَدَمُ[332]، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

36

وَڄائي واٽَ ٿِيا[333]، جوڳِي جُڳاڻي[334]،

هُئا جي هاڻي،*** آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

 

وائي

سَندَڙِيانِ[335] سِڱِڙِي[336] ڳالِهه ڳُجِهڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏِهَين.

جا وَڄائينِ جَتَرا، نَه تنهن نَڙَ جِهَڙِي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

مُرِليءَ کي جنهن ماتُ ڪِيو، تُلِ[337] نَه تنهن تُنبَڙِي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

تارِيو[338] جنهن توڏِيءَ کي، نه سو گهنڊ نه گهنڊڙي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

ڏاريو[339] جنهن ڏياچ[340] کي، تَندُئان[341] سا تِکَڙي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

نَه سِري[342] نه سِنڌُ ڪا، نَه هِندُ هِهَڙِي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

مِٺائِيان[343] مٺِي گَهڻُو، چُوَندا جَنِ چَکَڙِي[344]،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

وَنءَ اونايي اُنِ کي، ويهُه مَ، کَڻُ وِکَڙِي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

بيخودِ بابو سي ٿِيا، ٻُرَندي[345] جَنِ ٻُڌَڙِي،*

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

جا ساراهِيَل سُبُحانَ جِي، تنهن واکاڻ ڪِهَڙي؟

مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

سَهَسين سُرُودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،*

مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

گهانڊارَ[346] مِرُون[347] موهِيا، هِيءَ ماڙهُو موهيندڙي[348]،

مُون ماريندا ڪَڏِهِين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، هِيءَ مئا جِيارِيندَڙِي،

مُون مارِيندا ڪَڏِهِين.

 

 

داستان ٻيو

1

ڪِيَم ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِهرِيين ڏينهن پَرُوڙَ،

سَگها[349] ساعَتَ نَه هيڪَڙِي، چارَئي پَهَرَ[350] چُورَ،

سَدائِين، سَيّدُ چي، هُونِ[351] سَناسِي ۾ سُورَ،

جوڳِي ساڻُ ضَرورَ[352]، لِڪا ڀُڻَنِ[353] لوڪَ ۾.

2

ويهِي ويراڳِيَنِ جو، ٻئي ڏينهن ٻُڌُمِ حالُ،

تَنِ جا ڌاڄا[354] ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا[355]، جاڳوٽا[356] زَوالُ،

اُنِ ڄاڻِي جَٽائُون[357] ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ،

ويچارا وُجُودَ جِي، ڪنهن سين ڪَنِ نَه ڳالِ،

نانگا ٿِيا نِهالُ[358]، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

3

ٽئين ڏينهن ٽِمڪائِينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ[359] ۾،

ميڙِيو ڪَڙِڄ[360] ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،

سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون آديسِيَنِ آهِينِ،

ڳُجُهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

4

چوٿين ڏينهن چَوگانَ[361] ۾، ڪنهن جنهن پهِه پِيا،*

وَهَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تَنِ ۾ ڪُوڙَ ڪِها،

اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اچَنِ جوشَ جِها[362]،

سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

5

پَنجين ڏينهن پَئِي، ڪنهن جنهن پُورَ پَچائِيا،

اَندَرِ آديسِينِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،

مَحَبَتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ پِيا لَهِي،

اُنِ کي سارِي راتِ، سَيّدُ چي، گُوندَرَ[363] ۾ گِئي[364]،

ڪَرِيو سيڻَ[365] سَهِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

6

ڇَهين ڏينهن ڇَڻِي[366]، پِيا ڪنهن پَرِياڻَ ۾،

اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين[367] ڌَڻِي،

ٻَري ٻاجهارا[368] ڪِيا، کانئين آگِ کَڻِي،

پِنِيو پَنجَ- ڪَڻِي[369]، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

7

سَتين ڏينهن سِيّدُ چي، ڌاڄا ڌوتائُون،

اُڀِي اَلَکَ[370] سامُهُون، ٻانهُون ٻڌائُون،

وَڏِيءَ ڪنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ[371] آندائُون،

رُوحُ پنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوتائُون،

کَڻِيو کِدائُون[372]، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

8

اَٺين ڏينهن اُڀِي وِيا[373]، جوڳِي جاءِ بَجاءِ،

ساپَرِ سامي سِکِيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،

ويروتارَ[374] وجُودَ ۾، اَللهُ اُنِين کي آهِه،

ڪنهن جنهن ڪَمائِيءَ[375] لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

9

نائين ڏينهن نيڻانِ[376]، اوجاڳي اُجارِيا،

سَٻاجهي ٻاجَهه ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ[377]،

جِتي نَطَرُ ناٿَ جو،* اُتي اوتارانِ[378]،

اِها اُهُڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

10

ڏَهِين ڏينهن ڏِکَ ٿِيا[379]، پرينءَ پاٻوهِيا[380] پَسُ!

وَرَقُ جو وِصالَ جو، سو واري ڪِيائُون وَسُ،**

لَڌائُون لَطِيفُ چئي، سندو گُرُوءَ گَسُ،

جوڳِيَنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

11

ڪارِهين[381] ڏينهن ڪَرَمُ[382]، وَرِيو ويراڳِيَنِ جو،

جوڳِين جاٽائُون[383] پُنِيُون، هَلِي وِيا حَرَمُ[384]،

دائِمُ جَهلِيو دَمُ،* لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

 

12

ٻارِهين ڏينهن ٻيئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،

جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀِيئِي،

سَمانا[385] سيئِي، جي گُرَ گَڏِجِي آئِيا.

 

 

وائي

ڪَلَپَتِي[386] آئِيا، هو ماءُ! آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

حِرِصَ[387] هَوائِي[388] جَنِ جا، سُکين[389] تان نه سَڌائِيا[390]،

هو ماءُ آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

تَن تَڪِيا تاڪي[391] ڇَڏِيا، جي ايهِيءَ[392] وِرِهَه[393] وِڌائِيا[394]،

هو ماءُ آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

توشَڪُون[395] ۽ تَڪِيا، وِهاڻا جَنِ وِراهِيا،

هو ماءُ آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

هَلو! تَه پَسَون اُن کي[396]، جَنِ لُنگُ لاهوتِينِ لائِيا،

هو ماءُ آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، اَڱَڻِ مُون آئِيا،

هو ماءُ! آئُون هَلَندِي اُنِ سين.

 

 

داستان ٽيون

1

ڪنهن جنهن سَناسِيءَ سُورَ، جُهه[397] وَهَلُورُ[398] وَتَنِ،

اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،

سَدائِين صاحِب ڀَئِيءَ[399]، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،

جي راتو ڏينهن رَمَنِ[400]، هلو! ته تَڪِيا پُسون تَنِ جا.

2

ڪنهن جنهن سَناسِيءَ سُورَ، جُهه وَتَنِ ۾ وَهلُورَ،

ٻَهَرِ ٻولِي ٻِي ڦِري، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گُهورَ،

چِتَ جَنِين جا چُورَ، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

3

سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راهَه،

پُرَنِ[401] پُورَبَ پَنڌُ ڏي، مَنجِهه مَوالِي ماهَه[402]،

جَنِ جِي اَلَکَ سين آگاهَه[403]، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَن جا.

4

ڪَنَ- ڪَٽَ[404]، ڪاپَٽَ[405]، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا[406] ڪَنَ چِيرَ،

سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ،

تَسِيا[407] ڏيئي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ[408]،

هُو جي فَنا ٿِيا فَقِيرَ، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

5

ڪَنَ-ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنَ جي ڪَٽائِين،

لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، ماڳُ نه مَٽائِين،

جي خودِيءَ کي کانئِينِ[409]، هلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

6

ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ- ڪَٽَ،

دُونهان جَنِ دُکائِيا، هَلِي مٿي هَٽَ،

خاڪِ جَنِين جِي کَٽَ، هلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

7

ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا لالَ،

لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، موهِيا ڪنهن نه مالَ،

هِهڙا وَٺِي حالَ، هَلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

8

ڪَنَ- ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ ڌار،

هَلَنِ جي هِنگِلاجَ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ[410]،

جي ڪِينَ[411] قَبُولَڻَهارَ[412]، هلو تَه تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

9

تَڪِيا پَسو تَنِ جا، هَلِي مَنجهان حالَ،

ڪوڙيين[413] ڪَنوِٽيَن جا، ڀينَرُ! ڀانيان ڀالَ[414]،

سامِيَنِ جي سَنڀال[415]، منهنجو چِتُ چَڱو ڪِيو.

10

تَڪِيا تاڪِيائُون[416]، وِيا رَمَندا رامَ ڏي،

کِجان[417]، خَبَرَ نَه لَهان، تَنِ آدِيسِنِ آئُون،

ڪِنهن کُڻِ[418] کَنيائُون، ڪاڏي وِيا ڪاپَڙِي.

11

سامِي کامِي پِرِينءَ لَئي، ڪُسي ٿِيا ڪَبابُ،

نه ڪو ڏِسَنِ ڏوهَه کي، نَه ڪو ڪَنِ ثوابُ،*

اوتينِ اَرتي[419] گاڏُئون[420]، مَنجهان اَکِينِ آبُ،**

سَندو ڏاتِ جَوابُ،*** تُون ڪيئن پُڇِين تَنِ کي.

12

سامِيَن سَمَرُ[421] سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيَنِ[422] ۾،

جَڙي ٻَڌائُون جانِ ۾، پيغامَنِ[423] جا پُورَ،

آديسِي اَسُورَ [424]، وَڄائي واٽَ ٿِيا.

13

سامِي! مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهين مُون سيلَهه[425] ٿِي،

سا تان ڪُهُه اَڏِياءِ، جان نانگا وَڃين نِڪِرِي.

 

وائي

آسرو آهي، مُوٽي اِيندا، مُون نَه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا[426].

اِيندا آديسِي وَرِي، دُونهِيُون دُکائي،

مُون نَه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا.

پَٿَرِ[427] وارَ پِرَ[428] لَئي، ويهُه تُون وِڇائي.

مُون نَه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا.

ڏُکَ لاهِيندا ڏيلَ جا، ڳُجهو ڳالهائي،

مون نه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا.

مُون کي نِيندا پاڻَ سين، هِي سَڱُ ساڱاهي[429]،

مُون نَه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، اُو اِهَڙوئِي آهي،

مُون نَه ڇَڏِيندا، پاڻُ پَسَندا.

 

داستان چوٿون

1

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه سَڱَ سَڀيِئي ڇِنُ،

وَڃِي دَرِ دوسَنِ[430] جي، نانگا ڪِيمِ نِنُ[431]،

پَٽِ[432] تَنِين جي پِنُ، جَنِ ٻُجِهي نَه ٻُجِهيو.*

2

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ،

جي ڄاوا نَه ڄاپندا،** جِيّ تَنِين سين جوڙِ،

تَه تُون پَهُچِين توڙِ، مَحَبّتَ جي مَيدانَ ۾.

3

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه پَرِ[433] گُروءَ جِي پارِ،

هَوائُون[434] هِنگِلاجَ ڏي، وِيندي سَڀِ وِسارِ،

نانگا! ناٿُ نِهارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.

4

جي ڀانين جوڳِي ٿِيان، تَه طَمَعَ ڇَڏِ تَمامُ[435]،

گولا جي گولَنِ جا، تَنِ جو ٿِيءُ غُلامُ،

صَبَرَ جي شَمِشِيرَ[436] سين، ڪَرِ ڪِيني[437] کي قَتلامُ[438]،

تَه نانگا تنهنجو نامُ[439] لِکِجي لاهُوتِيَنِ ۾.

5

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه ٿِيءُ گُرُوءَ جي گَسِ،

ڏُکَ پاڻَ کي ڏَسِ، سامي! وَڏِيءَ سِڪَ سين.

6

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه مَنُ پوري مَنجِهه مارِ،

دائِمُ دُونهِين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها[440] وارِ[441]،

سَهُه سَڀڪا آر[442] آگي[443] جِي آدَبَ سين.

7

جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه ڪِينَ[444] پِيالِي پِيءُ،

ناهه[445] نِهاري هَٿِ ڪَر، آئُون سين اُتِ نَه ڀِيءُ[446]،

تَه سَندو وَحدَتَ وِيءُ[447]، طالِبَ! توڙان[448] ماڻِيين.

8

جا ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَه مُنهن ۾ مُنڊا[449] پاءِ،

ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو،* جَنِ ۾ ڪوين ڪَڪَرَ وِڌاءِ،

ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نَه جُڳاءِ،

ته سامِيئڙ! سَندِياءِ، گُرَ وٽِ گِلا نه ٿِئي.

9

جوڳين جوڳُ سُهاءِ، جوڳُ په سُونهين[450] جوڳيين،

جوڳين سَندِي جان ۾، ڳُجُهه ڳُجهاندَرُ[451] آهِه،

هاءِ! مُون کي واءِ[452]، جا آئُون جوڳُ نَه سِکِي.

10

جوڳُ نَه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳِيين،

هِڪِڙو پَنڌُ پَرِيَنِ[453] ڏي، ٻِي تَتِي ڀُون[454]،

سامِي سيڻَنِ ڏونهن[455]، رُوندا رَتُ وِيا.

11

جوڳِي هُون نَه جِيئرا، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،

هارِيا[456]! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيهو اِيءُ،

وِڃائي وُجُودُ کي، پاڻان[457] پاسي ٿِيءُ،

هَڏِهِين[458] ڪونِهي هِيءُ[459]، اَسارا[460]، آئون چُوين[461].

12

جا جياري جوڳِيين، سا ماڙُهن[462] مُصيبَتَ،

سامِيَنِ سُورُ صِحَتَ، جي پُورِبِيا[463]! پَرُوڙِيين.

13

جوڳِي تنهنجي جوڳَ ۾،ڳالِهه گُهرِجي ڳَچُ،

وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،

سوئِي ٻارِجِ مَچُ، جو آتَشان[464] آبُ ٿِئي*.

14

جان تان جوڳِي ٿِيءُ، نَه تَه نِرِڄا[465]! وَنءُ[466] نِڪِرِي،

ڪُوهُه ٿو ڪَنَ ڪَپايين، جان نَه سَهين سِيءُ،

ڀَڄُ! پَرانهُون[467] ٿِيءُ، مَتان ٻِيا لَڄايين.

15

جوڳِي تِيَنِ نَه يارَ، ڪنهن سين قَرابَتِي[468]،

من مُلاقِي تَن جو، جَنِ پُورَبَ جِي پَچارَ،

اَٺَئِي پَهَرَ اُنِ جي، آهِه نانيءَ[469] ڏانهن نِهارَ،

لائي وِيا[470]، لَطِيفُ چي، اَندَرَ مَنجِهه اَپارَ،

سامين ساڻُ، سَتارَ! لاهُوتي لالُ ٿِيا[471].

16

گولا جي گَراهِه جا، جُوٺا[472] سي جوڳِي،

ڦِٽَلَ اُو ڦوڳِي[473]، جَنِين شِڪَمَ[474] سانڍِيا.**

17

جُدا هو مَ جوڳَ ري، جِندا![475] جوڳُ مَ لاهِه،

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِهِين، سَچِي ڪِيمَ سَلاءِ،***

پَهَڄَڻُ پارينداءِ،+ مَتان رامُ رُسايين.

18

ڪَنِ ڪورائي ڪاپَڙِي، جندا! ٿِيءُ مَ جوءِ[476]،

سِرَ سِپاهِيَنِ وِڪِيا، سو ڪه نه سامي! سوءِ[477]؟

جيڪي پُڇين، پُڇُ سو، گُونگا نِينِ نَه گوءِ،*

وَڃُ لاهُوتِي لوءِ[478]، عِجِز[479] کي آڏو ڪَري.

19

ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙي، جندا! ٿِيءُ جُوانُ،

ڪاهِه[480] تَه لَڳيئِي ڪانُ، نانگَنِ هَٿان نينهن جو.

20

نِسورو تُون نينهن جو، دِل ۾ دُودُ[481] دُکاءِ،

آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،

جِندا! ايئن جَڳاءِ[482]، جيئن آتِشان آبُ ٿِيين.

21

ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِيءُ زَنانو جوڳُ،

سامِيَنِ سُڃاڻَڻُ پِيو، هِڪُ دَهِي[483]، ٻِيو دوڳُ[484]،

جَنِين ڀانيو ڦوڳُ، رام تنِين کي ريبِيو[485].

22

هُو جي ڪَنَ ڪَپارَ[486] جا، سُوڌو[487] سي نَه سُڻَنِ،

اَندَرِ جي آهِنِ، سُڻُ سَنِيهو اُنِ جو.

23

هي ڪَنَ گاڏِهان[488] وِڪِڻِي، ڪَنَ ڪي ٻِيا ڳِنهيجِ،

تَنِين ساڻُ سُڻِيجِ، پِرِيان سَندِي ڳالهڙِي.

 

وائي

ويهُه مَ ويسَرِي! تُون ڪِي جاڳِي اورِ اَللهَ سين.

مَحَبّتَ جي مَيدانَ ۾، سُڄي ڳالِهه ڳَرِي،

تون ڪِي جاڳِي اورِ اَللهَ سين.

سي پُڻِ رُوندا رَتُ وِيا، مِڙيا[489] جي مَرِي،

تون ڪِي جاڳِي اورِ اَلله سين.

سُتي سَڄَڻُ نَه مِلي، آهي اِيّ کَرِي[490]،

تون ڪِي جاڳِي اورِ اَللهَ سين.

جي اوسيئڙي[491] آڌِيءَ اُٿَنِ، تَنِين واڳَ وَرِي،

تُون ڪِي جاڳِي اورِ اَللهَ سين.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، اِيندا شالَ وَرِي،

تون ڪِي جاڳِي اورِ اَللهَ سين.

 

 

داستان پنجون

1

مونا [492] طُورِسِينا [493] سَندا سَناسِيَنِ،

سَجِدي ۾، سَيّدُ چي، گوڏا گودَڙِيَنِ[494]،

فَڪَانَ قَابُ قَوّسَينِ اَوّ اَدنَيٰ[495]، ٿا نانگا ايئن نَمَنِ،*

ڪُلُّ مَنّ عَلَيّهاَ فَاّنِ[496] باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

اَللهَ وَلِيّ الّذِينَ آمَنُوا يُخّرِجُهُمّ مِنَ الظّلُماتِ اِلي النّورِ[497]، ٿا اِهَڙِيءَ پَرِ پُرَنِ،**

خَرّ مُوسيٰ صَعِقاَ[498] جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،***

ما زَاغَ البصَرُ وَ ما طغَيٰ[499]، اِهَڙِيءَ رَوِشَ[500] رَوَنِ[501]،

مُشاهِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِنِ،

ري[502] پَسَڻَ، ري سُڻَڻَ، ري وِصالَ وِهَنِ،

ري پُرَڻَ[503]، ري ٻولَڻَ، ٿا اِهَڙِيءَ چالَ چَلَنِ،

سَيّدُ چي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇين ٿو ڪِهَڙِي؟

2

مونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ،

پُورَبِ[504] کَنيو نَه پاڻَ سين، بُغُضُ[505] بيراڳِيَن،

رِدا[506] آهي رازَ جِي، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،

قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنهن چوٽِيءَ سِينءَ ڍَڪِيو.+

3

مونا طُورِسِينا، سندا سَناسِيَنِ،

طالِبُ الَموليٰ مُذَّڪَر[507]، اِيءُ ڪَلامُ ڪِيائُون ڪَنِ،*

سِکَڻَ کي سَڀِين پَرِيين، ٻُجِهي ڏِنائُون ٻَن،**

اَلفُ[508] آديسِيَنِ، چُونڊي رَکِيو چِتَ ۾.

4

مونا جَنِ مِحِرابُ، جُسو جامِعُ[509] تَنِ جو،***

قِبِلي نُماءُ[510] قَلبُ ڪَري، تَنِ کي ڪِيائُون تُرابُ[511]،

تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ هَڻِي، جِسِمُ ڪِيائُون ڪَبابُ،

تَنِ ڪِهَڙُ ڏوهُه حِسابُ[512]، جَنِ هينئڙو هادِيءَ[513] حَلُ ٿِيو[514].

5

مُنهن مِحِرابُ[515] پرينءَ جو، جامِعُ سَڀَ جِهانُ،

اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرِفانُ[516]،

سَڀوئِي سُبُحانُ، ڪاڏي وَڃِي نِيتِيَان[517].

6

پايو مُنهُن مونَنِ[518] ۾، ويٺا سي وِهُسَنِ[519]،

جوڳِي جاٽا[520] ڪَنِ، آيا اُلُوهِيَتَ[521] ۾.

7

آيا اُلُوهِيَتَ ۾، لاهُوتُ لَنگِهيو جَنِ،

مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرفُ[522] نه سُڄي هيڪَڙو.

8

راهَه شَرِيعَتَ هَلِيا، تَفَڪُرُ[523] طَرِيقون[524]،

حالَ حَقِيقَتَ رَسِيا، معرِفَتَ ماڳونِ[525]،

ناسُوتُ، مَلَڪُوتُ، جَبُروتُ* اِيءُ اِنعام[526] لَڌونِ،

پَسُ لاهُوتُ لَنگِهيونِ، هاهُوتان[527] مَٿي هَلِيا.

9

نِڱِيا ناسُوتان[528]، مَڻِيائُون[529] مَلِڪُوتَ ڏي،

جوڳِي جَبروتان[530]، وَڄائي واٽَ ٿِيا[531].

10

جَنِ اُجِهيو[532] تَنِ نَه ٻُجِهيو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ،

ڏوري ڏِٺائُون ڏُکَ سين، پاڻ مَنجهان ئِي پِيرُ،

لَٿو تَنِ، لَطِيفُ چي، جُسي جو زَنجِيرُ،

ڪِينَ ڏِٺو هو ڪاپِڙِيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،

سَچُ جَنين جو سيرُ[533]، تَنِ ويٺي ئِي گَڏِيو.

11

نااُميدِي آجِڪو [534]، اوڇَڻُ آدِيسِن،

ڪَڏِهن تازِيءَ پُٺِ تي[535]، ڪَڏِهن هيٺِ هَلَنِ،

ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جيئن تَرَنِ،

جي واڳُونءَ واتِ وَڃَنِ، تان ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪينَڪِي.

12

لالَنُونَئِي[536] لالُ ٿِيا[537]، لالُ[538] لَنگِهيو جَنِ،

عَدَمَ[539] جي اوڙاهَه تي، ڪِيا آسَڻَ[540] آڌوتِيَنِ[541]،

گَردانِيو[542] گُنگَنِ[543]، گِردابَ[544] کي گِيانَ[545] سين.

13

نامُرادِي[546] نِجُهرو[547]، عَدَمُ اوتارونِ،

رَضا[548] راڄُ سَندونِ، مُورُ نَه مَڱَنِ[549] ڪِي ٻيو.

14

ڪِهَڙِي پُڇين ڳالِهه، ڪَرِ نَه ڪا اَڄُ صُباحَ،*

وَنءُ[550] تَنِين سين واڳِيو، جيڪي پَسين مَنجِهه پَساهَه،

رَمُ[551] رَبانِي راهَه، مَٿي حالَ هُشيارُ ٿِي.

15

کَڻِيو تَڪَبُّرَ تَڪِيا، حِيلا ڪِيو هَلَنِ،

مُوڙها تان نَه لَهَنِ، لَمِي[552] راهَه، لَطِيفُ چي.

 

وائي

تَنِ ڳُڻَنِ[553] ڳَهَر[554] وِڃائِي، هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي! گُرُوءَ وَٽِ گَدائِي،

هو مائِي! جوڳِين مُون سين جي ڪِيا.

اِشارَتُون[555] اُنِ جون، وَنءُ کَپِي تُون کائِي،*

هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

نِنڊَ تَنِهِين کي ناهِه ڪا، جا آدِيسِنِ اُٺائِي[556]،

هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

آهِه اِنَهِيءَ ڳالهِه جِي، راوَلَ[557]! اِيءَ رُباعِي،

هو مائِي! جوڳِين مُون سين جي ڪِيا.

هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، ٻُڌَنِ ڪانَ ٻِيائِي،

هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اَکِيَنِ آرِسُ ڇَڏِيو، دِلِ ۾ ناهه دَغائِي،

هو مائِي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.

اِنّ اللهَ وِتُر يُحِبّ الوِترُ[558]، اِيءَ اُنِين لَئي آئِي،

هو مائِي! جوڳِين مُون سين جي ڪِيا.

رِيجهائي رَمُوزَ[559] سين، کاهوڙِيَنِ[560] آئُون کائِي[561]،

هو مائِي! جوڳين مُون سينجي ڪِيا.

اَلا عَبدُاللّطِيفُ چي، مون سين صاحِبَ ڪَرِ سَڻائِي،

هو مائِي! جوڳِين مُون سين جي ڪِيا.


[1]. ساڙي، سوز، گداز * جن ظاهري سنئون سڌو رستو اختيار نه ڪيو؛ جن جاٽائون ۽ ياترائون ڀيٽي ڌڻيءَ سان لءِ ٿيڻ چاهيو

[2]. ويران ** دنيا ترڪ ڪيو، جوڳ پيا جوٽين.

[3]. گُونگن

[4]. روڄ رارو؛ زاري

[5]. اُميد فرياد، دانهن

[6]. اُٿِئي ويئي

[7]. ڏسي وائسي، ڄاڻي ٻجهي

[8]. خراب رستي؛ اوجهڙ رستي *** هنن انهي طريقي سان ڪجهه اِلاهي اسرار سمجهيو، جنهن رستي کي عامي ماڻهو خراب يا اوجهڙ سمجهن ٿا.

[9]. رستو، واٽ، طريقو

[10]. ڦاسين تي چڙهي

[11]. چمڪيو، تابش ڪيو (خوش ٿيو)

[12]. رسم، طريقو، پيچرو

[13]. ڌاڙِ، هاءِ گهوڙا، پِٽڪو

[14]. ٿورڙي، ذري (ڪجهه قدر)

[15]. وڃ

[16]. هلج

[17]. ڏانهن

[18]. رستو جنهن کي عوام گمراهي يا غلط رستو سمجهن ٿا

[19]. اورانگهي، لتاڙي

[20]. ساڙي، سوز (بره جي باه، عشق جي آگ)

[21]. جوڳن جو قسم.

[22]. غلط واٽ، گمراهي

[23]. پير يا پيچري تي هلندڙ، سالڪن (واحد: پيري، پيرن جي نشانن وسيلي چورن جي صحيح سڃاڻپ ڪندڙ

[24]. جتان * جنهن هنڌ عام ماڻهو منجهي پون.

[25]. دوست سالڪ

[26]. رستو، لنگهه

[27]. زمين (رستي، واٽ، طريقي)

[28]. ڦيرو، انت، حد

[29]. ڪوڙين، ويهن، ڪروڙن

[30]. ڪپيريان، ڪپيريءَ يا گمراهيءَ کان

[31]. اڻ ٻڌل، غير معمولي، جيڪو الاهي اسرار يا آواز عام خلق نه ٻڌو هجي

[32]. هينئر

[33]. ظاهري ڏيک، سهڻائي، حسن

[34]. نانگ

[35]. خبر

[36]. پوي، پوندي

[37]. لتاڙي، اورانگهي

[38]. اُٺن

[39]. مٽي، دز، غبار ** جن عامي رستو اختيار نه ڪيو پر الٽو طريقو ورتو سي ڀليل نه آهن. حقيقت ۾ جيڪي رواجي رستو وٺن ٿا سي نقصان ۾ آهن.

[40]. گمراهي، منجهيل رستي

[41]. ٻئي دنيائون؛ هيءَ دنيا ۽ عقبيٰ *** جن نه فقط دنيا ترڪ ڪئي پر بهشت جي به تمنا ترڪ ڪري صرف الله خاطر جوڳ پٽيو.

[42]. سڙي

[43]. چوران، چورن جي (شيطان جي) + دل ۾ نفساني خواهشون، جيڪي جهنگ مثل شيطان جي لڪڻ جو آستان هيون، سي جڏهن سڙي بسم ٿي ويون تڏهن شيطان جي پناهه جون جايون ڀڄي پيون.

[44]. نفساني خواهشون (شيطان)

[45]. شڪارين، صيادن

[46]. وڏي واڪي روڄ راڙو

[47]. ڪتا جيڪي شڪار ڦاسائڻ ۾ مدد ڪندا آهن

[48]. ڪوڙهڪو، ڪوڙهڪي، پکين ڦاسائڻ لاءِ اوزار (دام)

[49]. هن کان

[50]. رليل، بدحال، پريشان، کاڻو

[51]. اصل، بنهه

[52]. انهيءَ کان

[53]. ڀونڪ جو آواز

[54]. اوساري، گڻ ياد ڪيو بلند آواز سان رويو ٻڌائي

[55]. بهتر

[56]. جوءِ، مڪان (قبر)

[57]. جاءِ، مڪان

[58]. ڪروڙين

[59]. خراب ماڻهن جون * (نور) اکين وارن جي صفت اها آهي ته هو ڏينهن کي اڇو ۽ رات کي ڪارو ڏسن ٿا.

[60]. حاضر، ملاقات x نڪا رات نڪو ڏينهن (نڪو رنگ، نڪا صورت).

[61]. حقيقت؛ طريقت جي واٽ (الاهي عشق)

[62]. بار، ٻوجهو

[63]. آواز * جڏهين الاهي سڏ ٿيئي يا الاهي اسرار توتي کلي پون ته ٻڌڻ جي يا سلڻ جي ڪوشش نه ڪج

[64]. ديدار

[65]. غبار جو قافلي جي هلڻ ڪري اٿندو آهي

[66]. آڻڻ کان سواءِ

[67]. تنبو

[68]. جاين تي

[69]. جبلن ۾

[70]. خبرون

[71]. ايندا ڇا؟

[72]. صحبت، واقفيت

[73]. هنن سان

[74]. ڪيئن! ايئن ڪندي توکي لڄ نٿي اچي؟

[75]. اُنهن کي.

[76]. جيڪر * جيڪر هيتري تڪليف نه ڏسين ها!

[77]. گرم ٿئي، تپي، بي آرامي ٿئي

[78]. دل

[79]. ڪنجهيو، رنو

[80]. هنن لاءِ

[81]. سڙن، جلن

[82]. عضوا

[83]. اوهان

[84]. تمام زور سان، لاڳيتو

[85]. ويسلي، بيوقوف

[86]. پنڪيون کائين.

[87]. ٻانهو، نوڪر

[88]. گهوڙي جهلڻ جو ڪم (نوڪري)

[89]. سَرَ، گاه جو قسم

[90]. لڻجڻ يا وڍجڻ وقت

[91]. ڳالهيون، دانهون * جيئن نڙ يا بانسري سر کان ڌار ٿي دانهون ڪندي آهي (مثنوي ۾ رومي ان جو ذڪر ڪيو آهي.)

[92]. اي طبيب!

[93]. دل ** اي طبيب! اسان کي درد دل ۾ آهي ۽ تون اجايو ڇو پيو ڏنڀ ڏين (علاج ڪرين؟)

[94]. هلڪائي

[95]. گهم، نهار، ڳول

[96]. بي فائدو، توائي

[97]. ڪچو، نادان، نا آزمودگار

[98]. ڳالهه، راز

[99]. سوران، سورن مان

[100]. خوشي

[101]. ڳالهائي، ٻڌائي

[102]. ونڊجي، ورهائجي.

[103]. قزاًقي، ڦرمان

[104]. پوءِ، بعد ۾

[105]. ڦريل، جدا

[106]. جٺ، زور واري

[107]. پرائي وس

[108]. پران، ساه

[109]. جبل (جبل جيڏو غم) * خبر نه آهي ته جدائي جي غم جو جبل ڪيئن ڇاتيءَ تي سهيو ويٺي آهيان.

[110]. ننڊ

[111]. هڪ ڀيرو

[112]. ورونهه، گفتگو

[113]. جبلن جي رستن

[114]. عشق

[115]. بحث مباحثو

[116]. ٽاريو ** جيڪي قسمت ۾ هو سو ٿيو.

[117]. نيرو پاڻي، ڳوڙها

[118]. هوشيار.

[119]. چڱي

[120]. دل، من * اسان کي عشق جي پيچ ۾ پختو ڪري ۽ مستانو بنائي پوءِ تون پري ٿيو آهين.

[121]. ته به ** هيڏو ستم نه ڪجي.

[122]. پري

[123]. ياد پون

[124]. ور وارن سڱن واري مينهن

[125]. سڱن جو ور

[126]. ور، پيچ

[127]. ورهائي

[128]. قالب، بيجان بت، پٺيءَ جو هڏو

[129]. حق جو حڪم ۽ صبر جي وصيت ڪريو

[130]. چيائون

[131]. ڦٽيو.

[132]. ماڻهو

[133]. يڪدم

[134]. خوش * نالي وٺڻ ئي رڳ رڳ ٺاري ڇڏي، سو جي اڃا ڏسينديس ته اَلاهجي ڪهڙي خوشي حاصل ٿيندم.

[135]. ٻڌو

[136]. قبضي ۾، هٿ ۾، قابو

[137]. جڏهن کان وٺي

[138]. سفر، پردي

[139]. سنڀريا، ويا، اُسهيا

[140]. ڪوششون، حيلا

[141]. سڃاڻپ، واقفيت

[142]. وقت، پل

[143]. جايون.

[144]. تاڙيون، دريون

[145]. وٺيو وڃن

[146]. ڳُجهه، راز

[147]. اورين

[148]. پل، لحظو

[149]. دوست

[150]. اوهان جو

[151]. مهرباني

[152]. نيڻن * هرهنڌ دلبر پيو وسي، هر شيءِ ۾ الله جلوه گر آهي.

[153]. رستو، واٽ

[154]. سڀني کان

[155]. قسم

[156]. خدا جو نالو (قافئي جي لحاظ کان صَمَندُ پڙهبو.)

[157]. دانائي، سمجهه

[158]. سان

[159]. ڀلائي

[160]. راضي ٿي

[161]. اوڏو، انهيءَ جيڏو، وڏو

[162]. عضوا

[163]. لحاظ، خيال

[164]. سمجهان

[165]. احسان، ڀلائي * ڪهيو پوءِ مڙه کڻڻ لاءِ نٿو اَچين.

[166]. پيدا ٿئي، نڪري

[167]. سبب

[168]. اندر ۾، پنهنجي منهن، مخفي طرح

[169]. دانهون، ڪوڪون

[170]. اوچتو، امالڪ

[171]. نڪريو

[172]. لوهار.

[173]. منجهان

[174]. ڌرتي

[175]. الله جي نالي سان، سڀڪنهن ڪم شروع ڪرڻ مهل چئبو آهي * زمين پرينءَ کي پنڌ ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ آڌرڀاءُ ڪئي.

[176]. رستي

[177]. عبرت واريءَ جاءِ تي، حيران ٿي

[178]. قسم

[179]. محافظ، نوڪر

[180]. جهوتون وجهي

[181]. محبوب

[182]. واسطي

[183]. گڏهن، دشمنن، رقيبن

[184]. قبر

[185]. اهو ڪانو جنهن سان لاش جي ماپ وٺي قبر کوٽيندا آهن. ** موت سڀڪنهن جي سر تي سوار آهي.

[186]. ڊگهيون ترايون

[187]. ڪارا

[188]. نيزا

[189]. يا الله، اي الله!

[190]. رستو، واٽ

[191]. روشن، اَڇا

[192]. ڦاٽم، چيرون ٿيم

[193]. عضوا

[194]. سؤنٽي

[195]. اَن جو سنگ * سؤنٽي جيڪا ڪار ان جي سنگ سان ڪندي آهي، اها ڪار (سورن سان آهي) سور مون سان اختيار ڪن ٿا.

[196]. مرادون پريون ٿيم

[197]. دوست

[198]. مضبوط

[199]. ڦيرو، مهٽ، مروڙ

[200]. استري ڪرڻ بدران اڳي کٽي سؤنٽيءَ يا مدگر سان ڪپڙن کي هڻندا هئا، جنهن کي کوڙ چوندا هئا

[201]. موليٰ

[202]. ڀلائي مدد، واهر

[203]. ڌٻڻ، گپ

[204]. پار ڪر.

[205]. لاهي

[206]. انڌاريون

[207]. آبادين

[208]. جهوپڙي، پکو

[209]. ساٿ، قافلو

[210]. اڳيان.

[211]. بهادر، پهلوان

[212]. پريشان حال ڪري

[213]. ڳالهه، ذڪر، پچار

[214]. ڌڻيءَ کان، مالڪ کان

[215]. حد، جاءِ، (رهڻ) جي مجال

[216]. سُڃي، سکڻي، خالي، ور کان سواءِ

[217]. خبر پوي

[218]. سچائي

[219]. جهڪو ڪيو، هلڪو ڪيو

[220]. خوشبوءِ، نيڪي

[221]. ظاهري ڏيکاءُ، ريا

[222]. نيڪ نيت، صاف دل.

[223]. محله، پاڙي

[224]. اي منهنجا ڌڻي!

[225]. (اکيون) ڄمائي، کپاءِ (مهر ڪري)

[226]. هٽاءِ، پري ڪر (ڀلائيءَ جي نظر ڦير) * اي محبوب! مهر جي نظر ڪري، وري منهن نه موڙ، پر جي موڙيو اٿئي ته وري وڙ ڪري کپاءِ

[227]. پڇاڙيءَ تائين رهائج

[228]. ڪوڙيون، ويهون، گهڻا

[229]. پڻ، به

[230]. جيتوڻيڪ

[231]. بيوفا، ڦرندڙ

[232]. خبر، سڌ ** ڪڏهن به ڪونه ڪاوڙيا

[233]. دوست، محبوب

[234]. عيب، بديون

[235]. اي سخيءَ يا خدا

[236]. پچار، ذڪر

[237]. ڪئان

[238]. زخم، وڍ، چير

[239]. سوراخ، ٽنگ * منهنجن زخمن کي اٿلائي پٿلائي ڏس ته انهن ۾ به تنهنجي جدائيءَ جي سورن سوراخ ڪري ڇڏيا آهن.

[240]. ماٺ ڪرائي

[241]. لياقت، عنايت، انعام.

[242]. اندر ۾ آهن

[243]. ٿيءُ ته پوءِ ٿي پيو دنيا پيدا ڪرڻ وقت، ازل کان

[244]. ڏکئي وقت

[245]. اي احمد ﷺ، يا رسول ﷺ

[246]. قيامت

[247]. زمين، رستو (قيامت ڏينهن صراط المستقيم، جا ترار کان تکي ۽ وار کان سنهي هوندي)

[248]. جتي نڪو هل نڪو هنگامو (قبر)

[249]. آڌار، ٽيڪ، مهندار، سونهون، هادي

[250]. جام پيالو

[251]. پاڪ شراب (شراب طهورا).

[252]. نور وارا، نور جي پيدائش، آسماني (سچا)

[253]. (عشق جي) باهه وارا، جهنمي (ڪوڙا)

[254]. عشق جي باهه ۾ پاڻ پچائي

[255]. وهنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جي جاءِ، گرمي، باهه

[256]. آرام کان

[257]. الڳ، جدا

[258]. قهر؛ بيهڪ، استقامت

[259]. زبان

[260] . لاهوت جي جوڳن، سالڪ لاءِ چار منزلون آهن: ناسوت، ملڪوت، لاهوت ۽ هاهوت، جنهن مان ٽين منزل کي پهتل درويش

[261]. فرياد، دانهون

[262]. واس يا خوشبوءِ وٺان، ڳوليان

[263]. دنيا ترڪ ڪندڙ فقير، تارڪ.

[264]. اي مدد ڪريو! فرياد! واهرو!

[265]. جوڳين جو هڪ قسم

[266]. پيچرو، رسم

[267]. جماعت، جوڳين جي ٽولي؛ چڱو کاڌو

[268]. موتي (روحاني بي بها املهه ماڻڪ)

[269]. واڄن، نغارن ۽ نادن جو آواز، ساز، باجا

[270]. شيءِ، چيز

[271]. نوڙيون، جيڪي جوڳي مٿي کي ٻڌندا آهن

[272]. ڀينگ، سڃ

[273]. قيمت نه لڳاءِ، قدر يا اندازو نه ڪر

[274]. اعتبار ڏياري، ٺڳي

[275]. اڀرندي (طرف ملڪ)

[276]. جماعت، ٽولو

[277]. گوڙ گهمسان کان

[278]. ڇڏيائون

[279]. مقال يا ڳالهه * بيان کان ٻاهر آهن.

[280]. ڳالهه، بحث

[281]. حقيقت، وجد جي حالت، مستيءَ جي گهڙي جنهن ۾ صوفي مدهوش ٿي ويندا آهن ۽ دنيا جي حالتن کان بيخبر ٿي ويندا آهن.

[282]. عشق

[283]. وٺي هل، وٺي وڃ

[284]. رسا، نوڙيون

[285]. راز، خيال

[286]. ساز، سرندي

[287]. تو هنيا يا لڳايا (عشق جا تير.)

[288]. سهج، وجهه، آسرو، اميد، شوق، چاهه

[289]. سنئون، سچ، عمدي ڳالهه

[290]. چيائون

[291]. سڱيون، ناد

[292]. دک يا ڏک ڏيئي

[293]. ڏسڻ يا ديدار يا زيادت کان.

[294]. بهادر (جوڳي)

[295]. ڳوليان، (هي اشارو انهي حقيقت ڏانهن آهي ته جوڳي شاهه کي گوهي ڏئي نانيءَ ۾ ڇڏي ويا هئا

[296]. قطار، جماعت، قافلو

[297]. خوشبوءِ

[298]. خودي

[299]. ساڙين * اهي جوڳي جيڪي وچ سير يا اونهي پاڻيءَ مان پار لنگهائين يا روحاني رهبري ڪن

[300]. جوش، جذبا

[301]. ٻڌجن

[302]. قبضي ۾ ** آئون دانهن ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان.

[303]. افسوس *** افسوس آهي جو هلڻ کان مجبور آهيان، * دانهن ڪرڻ کان پاڻ روڪڻ لاءِ کنيو ٻانهن ۾ چڪ وجهان.

[304]. هليا ڪاهيو

[305]. ڏانهن ** پرين اندر ۾ پيا وسن

[306]. جهڙو *** اهڙا تڪڙا پيا وڃن جو سندن پير پٽ تي ڪونه ٿو لڳي.

[307]. دڪان تي، وٽ

[308]. اگهاڙن، تارڪن، لانگوٽي ٻڌڻ وارن جوڳين

[309]. ندان، پڇاڙي، گهر

[310]. صندل، چندن، سرهي ڪاٺي

[311]. هنگلاج، جتي ڪالي ديويءَ جو وڏو مندر آهي، جنهن کي مسلمان ناني سڏيندا آهن.

[312]. ٻڌا

[313]. چيلهه جو پٽو يا ڪپڙو، ڪمربند

[314]. هنگلاج کان

[315]. ڏٺي، تيرٿن ياترا ڪئي

[316]. دوارڪا جو شهر هندن جي تيرٿ جي جاءِ

[317]. شو جي پوڄارين، جوڳين

[318]. خوش ٿي، سرخرو ٿي، مرڪي

[319]. اجهو، آسرو، مهندار، اڳواڻ، سونهون

[320]. ويراڳ، دنيا ترڪ ڪرڻ

[321]. ماس، گوشت.

[322]. ڪجهه

[323]. خودي

[324]. نشان، پتو

[325]. حال اورين، صلاح مصلحت ڪن

[326]. موت، نيستي، فنا * موت کي ماريو مات ڪن، ترڪ کي به ترڪ ڪيو ڇڏين

[327]. رنگ، روپ، رونق

[328]. ڏکيو

[329]. فنا ٿيندڙ، واصل بالله ** اندر جا ڪن گهرجن، جن سان جوڳين جو رونق

[330]. ذرو (پاڻ)، انفرادي هستي

[331]. سڀني شين جي مالڪ، الله

[332]. نيستي

[333]. پنڌ پيا، هليا

[334]. جوڳ چائڻ لاءِ. *** اِجهو هينئر جيڪي هتي هُئا!

[335]. انهن جي

[336]. سڱي جيڪا جوڳي وڄائيندا آهن. (هن وائي ۾ سنياسين جي سڱيءَ جون خوبيون بيان ٿيل آهن.)

[337]. برابر، مثل، جهڙي

[338]. اڪرايو، پار ڪيو

[339]. چيريو سر ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو

[340]. راءِ ڏياچ (ڏسو سُر سورٺ)

[341]. تند يا تار کان

[342]. اتر طرف

[343]. مٺايان، مٺائيءَ کان

[344]. چڱي ڏٺي، ذائقو ورتو

[345]. ٻڌندي، وڄندي * جن جوڳين سڱي وڄندي ٻڌي سي وجد ۾ اچي ويا، * سون سازن کي سڱي پاڻ کان گهٽ ثابت ڪندڙ آهي.

[346]. گهنڊ ٻڌل

[347]. ڍور

[348]. موهيندڙ، مسائيندڙ، مصيبت ۾ گرفتار ڪرائيندڙ

[349]. تندرست، عشق جي عذاب کان آجا

[350]. سارو ڏينهن

[351]. هجن، رهن

[352]. ضرورت، مصلحت

[353]. گهمن، هلن چلن

[354]. گيڙوءَ رتا ڪپڙا

[355]. مٽيءَ هاڻا، ميرا

[356]. فقيرن جي وارن ٻڌڻ جا رسا

[357]. جاٽائون، وٽيل وار، چڳون

[358]. خوش.

[359]. اوطاقن، مڪانن

[360]. گند ڪچرو، ڪک ڪانا

[361]. ميدان * ڪو پور پين، الاهي عشق جو آڪيڙو چڙهين

[362]. جهڙا، سخت

[363]. غم، فڪر

[364]. پوري ٿي، وئي، گذري

[365]. سچا مائٽ، دوست يا سڄڻ

[366]. غم، فڪر

[367]. ڌريان ئي، اصل کان

[368]. سڳورا

[369]. خيرات، بيک، اَن جي لپ يا مٺ.

[370]. الله جو هندڪو نالو

[371]. اُهڃاڻ

[372]. پياليون، چمنيون

[373]. اٿي ويا، ڪک پن ٿي ويا

[374]. هميشه

[375]. حاصلات، ڦل

[376]. هنن جي اکين کي

[377]. هنن کي * جتي ڌڻيءَ جو نظارو يا ديدار نصيب ٿئي ٿو

[378]. هنن جا اوتارا يا مڙهيون

[379]. سينگاريا، ظاهر ٿيا

[380]. خوش ڪيا، مرڪيا ** ڌڻيءَ سا واصل ٿيڻ جو ڪاغذ يا دستاويز پنهنجي قبضي ۾ آندائون، وصل حاصل ڪيائون.

[381]. يارهين

[382]. قسمت، نصيب

[383]. زيارتو، تيرٿون

[384]. ڪعبه، زيارت جي جاءِ، حضور * هميشه صبر ڪيو يا راز لڪايو

[385]. مان وارا، شانائتا، معزز

[386]. ڪاوڙيل، خيال وارا

[387]. لوڀ، تمنائون

[388]. هوا ۾ رفوچڪر

[389]. سکن، فرحتن

[390]. سڌ ڏياري، لالچايا

[391]. ترڪ ڪري، تاڪيون ڏيئي، بند ڪري

[392]. اهڙي

[393]. غم

[394]. لڻيا، لاٿا، وڍيا

[395]. جواهرن ۽ هٿيارن رکڻ لاءِ جايون، بسترا، هنڌ

[396]. اُنهن.

[397]. جڏهن، جنهن ڪري

[398]. پريشان، ڪڪ (دنيا کان)

[399]. ڀؤ مان، ڊپ مان، ڊڄي

[400]. هلن، گهمن

[401]. هلن، وڃن

[402]. مهيني (سارو وقت)

[403]. آگاهي، واقفيت، ڏيٺ ويٺ

[404]. جوڳين جو قسم، جيڪي ڪن چيرائيندا آهن

[405]. جوڳين جو قسم

[406]. ڪن وڍيل جوڳي فقير

[407]. بکون، فاقا، تڪليفون

[408]. بدن، جسم.

[409]. ساڙين

[410]. پوڄا، مال متاع، جوابداريون

[411]. سڃ، ڀينگ، فنا، نيستي

[412]. قبول ڪندڙ

[413]. ڪروڙين (گهڻا)

[414]. مهربانيون، ڀلايون

[415]. يادگيري، پرگهور، عشق.

[416]. ترڪ ڪيائون

[417]. ڳران، ڪنجهان، سڙان

[418]. طرف، ڏس. * جوڳي هرڪوڪم ڌڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪن ٿا ۽ ائين ڪرڻ ۾ گناهه يا ثواب ڪرڻ جو خيال ڪونه ٿا رکن.

[419]. ڳاڙهي رنگ

[420]. گاڏئون، گڏيل ** هو رت جا ڳوڙها اکين مان ڳاڙين ٿا. *** ذات پات جو ڀيد يا نشان پتو.

[421]. سامان، موڙي

[422]. رلين يا گودڙين يا پراڻن ڪپڙن

[423]. خدا وٽان نبيءَ جي آندل ارشادن يعني شريعت جي احڪامن

[424]. سورن کان خالي، خاطر جمع وارا

[425]. ڪنڊا، خار

[426]. پاڻ کي سڃاڻيندا، ڀلائي ڪندا؛ هتي تسندا ڪِ راضي ٿيندا لفظ اچي سگهي ٿو.

[427]. پٿراڻي يا هنڌ تي

[428]. پرينءَ

[429]. سڃاڻي، ساڃاهه رکي، سمجهه ڌاري

[430]. دوستن

[431]. رو، پٽ

[432]. زمين، ميدان، گهر يا در * جن راز لڪايو، عارف هوندي پاڻ کي اڻ ڄاڻ پڌرو ڪيو. ** خدا، جنهن نه ڪنهن کي ڄڻيو آهي ۽ نه پاڻ ڪنهنجي پٺيان ڄائو آهي.

[433]. ريت، رسم، حڪم

[434]. حرص، نفساني خواهشون

[435]. سڀ، سڄي

[436]. تلوار، ترار

[437]. بغض، عداوتي

[438]. خون، نابود

[439]. نالو

[440]. تسبيح

[441]. ڦيراءِ، پڙهه

[442]. رضا، خواهش

[443]. آقا يا آغا (ڌڻي)

[444]. فنا يا نيستي جي

[445]. فنا يا نيستي

[446]. بيهه

[447]. وکر، سودو، واپار

[448]. توڙ يا بن يا اصل يا ماڳ (خدا) وٽان.

[449]. ڪنگڻ يا ڪاٺ جا داڻا يا ڇلا جيڪي جوڳي هٿن يا ڪنن ۾ وجهندا آهن. * ڪنن کي ڪو جوکو يا نقصان ڪونه ٿيو، هن وڏن ڇلن هوندي به پنهنجي عادت ڪونه ڦيرائي.

[450]. سونهي، منهن تي پوي، ٺهي ٿو، جڳائي

[451]. مخفي ڳالهه يا راز

[452]. افسوس، ڦٽ لعنت

[453]. پري يا دور رهندڙن

[454]. زمين

[455]. ڏانهن

[456]. اڙي نادان!

[457]. خوديءَ کان

[458]. اصل، بنهه

[459]. هيءُ وجود يا جسم

[460]. بنا سار! اي غافل!

[461]. چوئين

[462]. ماڻهن

[463]. اي پورب (مشرق) ڏي ويندڙ! اي جوڳي!

[464]. آتش يا آگ کان، بره جي باه جي زيادتي کان * اهڙي بره جي باه ٻارج جو باه مان ڦري من ٺاريندڙ پاڻي ٿي پوي (يعني ڌڻيءَ جو وصل حاصل ٿئي)

[465]. اي نرجا يا نٺڙ! اي بيشرم!

[466]. وڃ

[467]. پري، دور

[468]. ويجها، مائٽ، دوست

[469]. هنگلاج جتي ناني يا ڪالي ديوي جو مندر آهي

[470]. محبت جي ميخ هڻي ويا

[471]. ڳاڙهو ٿيان، رچي ريٽو ٿيان

[472]. ڪوڙا

[473]. ڦوڳ تي مرندڙ، جوهر ڇڏي ڦوڳ طلبيندڙ، سکڻا

[474]. پيٽ (کاڌي جون خواهشون) ** اهي جن جون کاڌي لاءِ ڄاڙيون ٿيون کامن سي ڦوڳ ٿي ڦسندڙ ڦٽل آهن.

[475]. اي جند يا جان! *** راز ظاهر نه ڪج. + وير وٺندئي، عيوض وٺندئي.

[476]. عورت، زال

[477]. سُئوءِ، ٻڌئي 0- اي سامي! ڇا تو اها ڳالهه نه ٻڌي آهي؟ * جيڪي نه پڇن سي گوءِ (بال) يا سبقت نه کڻن، گونگا ٻين تي فوقيت حاصل ڪن، (پڇڻا نه منجهڻا).

[478]. مڪان، ماڳ،شهر، جاءِ

[479]. نهٺائي، نئڙت، نياز

[480]. ڪاهه ڪر، اڳتي هل

[481]. دونهون

[482]. جاڳاءِ، ٻار

[483]. ڏڌ، لسي

[484]. دوغ، ڌؤنرو

[485]. ريڌو، راضي ٿي مليو

[486]. سر، مٿي

[487]. سڌو، صحيح.

[488]. گڏهن جا

[489]. واصل ٿيا، مليا

[490]. صحيح، سچي

[491]. انتظار، فڪر، ڳڻتيءَ.

[492]. گوڏا

[493]. طورسينا جبل جنهن وٽ حضرت موسيٰ خدا جو ديدار ڪيو

[494]. گودڙين يا رلين کڻندڙ جوڳي فقيرن

[495]. حضور ﷺ جن خدا کان ٻن ڪمانن جيترو ويجها ويا بلڪ اڻ کان به نزديڪ (ق-ش) * تارڪ جوڳي اهڙي نموني خدا کي ويجهو پهچن ٿا.

[496]. جيڪي زمين تي آهن، سي سڀ فنا ٿيڻ وارا آهن. (ق-ش)

[497]. خدا ايمان وارن جو دوست آهي ۽ انهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي سوجهري ۾ ٿو آڻي، يعني هدايت ٿو ڪري. (ق-ش) ** جوڳي اهڙي روش وٺن ٿا (جوڳين کي الله هدايت ٿو ڪري.)

[498]. حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. *** حضرت موسيٰ خدا جي ديدار جو تاب نه جهليو تيئن جوڳي جليو ان ۾ لَئي ٿيو وڃن.

[499]. نه نظر ڏنگي ٿي ۽ نه نافرماني ڪيائين (ق-ش)

[500]. هلت، طريقو

[501]. هلن، وٺن، عمل ۾ آڻين

[502]. کانسواءِ

[503]. هلڻ

[504]. مشرق (اڀرندي طرف) ويندي

[505]. ڪينو، عداوت

[506]. چادر، اوڇڻ + ڪاپڙي جوڳين ننهن کان چوٽيءَ تائين پاڻ کي عشق جي اوڇڻ ۾ ڍڪيو آهي، يعني هو عشق جي عميق اوڙاهه ۾ مستغرق آهن.

[507]. الله جو عاشق مذڪر (مرد) آهي * اهو قول دل سان هنڊايائون. ** ڄاڻي ٻجهي ظاهري کي سڀني نمونن يا طريقن سان ترڪ ڪيائون.

[508]. ا جو الله لفظ جو پهريون حرف آهي

[509]. قرار، آرام ۾ *** جن پنهنجا سر هميشه گوڏن وٽ سجده ۾ رکيا يعني مجاهدا ڪيا، تن کي دلي فرحت يا خاطر جمع حاصل ٿي.

[510]. قبلي جو طرف ڏيکاريندڙ اوزار

[511]. مٽي

[512]. ليکو، حرف، پڇاڻو

[513]. رهبر (مرشد يا خدا)

[514]. لَئي ٿيو، مليو، هڪ ٿي ويو

[515]. سجدي جي جاءِ

[516]. علم، واقفيت، ڄاڻ، وڄا

[517]. قبلي ڏي منهن ڪري نماز شروع ڪرڻ لاءِ تياري ڪريان

[518]. گوڏن

[519]. خوش ٿين

[520]. زيارتون

[521]. خدا جي ذات، خدا ٿيڻ

[522]. عتاب، ڏوهه، قصور.

[523]. فڪر، روحاني درياه ۾ ٽٻيون هڻڻ

[524]. سندن طريقو آهي

[525]. سندن ماڳ آهي * ناسوت (سلوڪ جي پهرين منزل، شريعت) ملڪوت (ٻي منزل مطابق طريقت جي جبروت (ٽين منزل مطابق حقيقت) هاهوت (چوٿين منزل مطابق معرفت) سالڪ لاءِ الله کي ملڻ جون منزلون آهن.

[526]. سروپا، چڱو عيوض

[527]. هاهوت جي منزل

[528]. ناسوت کان

[529]. رخ رکيائون، هليا

[530]. جبروت کان

[531]. پنڌ پيا، اڳتي هليا.

[532]. (پاڻ کي ڪجهه) سمجهيو، ڏوريو، ڳوليو

[533]. رستو، گس

[534]. آذقو، اوڇڻ

[535]. سوار.

[536]. لعل جهڙي ڳاڙهي پٿر کان

[537]. سرخرو ٿي، گهوٽ ٿيا

[538]. دوست، دلبر، سڄڻ، محبوب

[539]. فنا، نيستي

[540]. وهڻ جون جايون

[541]. اڻ ڌوتلن، ميرن، ڀڀوت ٿيل جوڳي فقيرن

[542]. گردش ڪئي يا ڦيرو ڏنو، پار ڪيو

[543]. گونگن، صبر وارن فقيرن

[544]. ڪن، اوڙاه

[545]. معرفت يا الاهي اسرارن جي ڄاڻ

[546]. نااُميدي، ڪين، فنا

[547]. جهوپڙي، مڪان

[548]. قدرت جيڪي ڪري تنهن تي راضي رهڻ

[549]. گُهرِن، طلبين * دير مدار نه ڪر، گيسر ڇڏ.

[550]. وڃ، هل

[551]. وڃ، هل

[552]. نمي، جهڪي، نماڻائي يا نياز يا تواضع ڪري، ٻي معنيٰ: لمبي، وڏي.

[553]. خاصيتن ڀلاين، مهربانين

[554]. گهيرٽ، خواب، ننڊ جو خمار.

[555]. ڳجها اشارا يا ارشاد، نشانيون، ڪنايا. * جوڳين (رهبر مرشد) جي احڪامن تي عمل ڪري ۽ مخفي رکي، تون مري وڃ.

[556]. اُچائي، کنئي، پنهنجي حوالي ڪئي

[557]. اي سڄڻ! اي روح!

[558].  تحقيق خدا هڪ آهي ۽ هيڪڙائي هن کي پسند آهي (حديث)

[559]. (رمز جو جمع) ڳجهه، اشارا

[560]. جبلن ۾ ڏٿ ڳوليندڙن، ڏوٿين

[561]. کانئي، جلائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com