سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :27

سُر آسا

سُر بابت:

آسا هڪ هندستاني راڳڻيءَ جو نالو آهي.

هي سر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي ۾ ڏنل ڪونهي. ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي جي پهرئين داستان ۾ 16 بيت آهن، پر سرڪاري ڇاپي وارا 17 بيت قائم رکيا ويا آهن. ٻئي داستان واري وائي، سرڪاري ڇاپي ۾ ڏنل وائيءَ جي عيوض ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي مان اختيار ڪئي ويئي آهي.

ٽئين داستان ۾ ٽرمپ صاحب واري نسخي وارا 26 بيت قائم رکي سرڪاري نسخي مان ٻيو نمبر بيت اضافو ڪيو ويو آهي. داستان ٽئين جي ٽيون نمبر وائي پڻ سرڪاري نسخي مان اختيار ڪئي وئي آهي. چوٿين داستان ۾ ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنل بيت قائم رکي بيت نمبر 36 سرڪاري نسخي مان اضافو ڪيو ويو آهي. بمبئي واري ڇاپي ۾ ڪئين اوپٽو ۽ اجايا بيت آهن جي نظرانداز ڪيا ويا آهن.

 

روحاني راز:

شاهه هڪ سچو صوفي هو ۽ سندس رسالو صوفي اصولن ۽ معنوي خيالن جو مجموعو يا مخزن آهي. هن سر ۾ شاهه حرص ۽ هوس کان پناهه پني آهي ۽ نفس کي ڏاوڻ ڏائي قابو ۾ رکڻ جي رمز ٻڌائي آهي. خدا تعالٰ انسان جي آزمائش ۽ امتحان وٺڻ لاءِ هن کي حرص ۽ هوس جي مڪان (جهان) ۾ موڪلي ارشاد ڪيو آهي، ته نفس جي چنبي ۾ نه اچجانءِ، بلڪ سڌي سڻڪ وٺجانءِ ۽ پنهنجو پاند پليد پاڻيءَ (نفساني خواهش) ۾ نه پسائجانءِ.

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.

انسان تپرس ۾ پئجي سوال ڪري ٿو ته ڀلا ڪهڙي طرح پاند نه پسايان؟ تنهن تي جواب ٿو ملي، ته:

شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو،

هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ،

هوءِ ثابوتيءَ ساڻ، ته پسڻا پالهو رهين.

شاهه امام قشيريءَ وانگر سالڪ لاءِ شريعت جي پابنديءَ تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو صوفين جو اصول آهي ته سچو صوفي اُهو آهي، جو الله ۽ رسول کي مڃي، شريعت جي احڪامن تي پورو رهي ۽ اندر اجاري.

شاه، عموماً سڀني سرن ۾ سمجهاڻي ڏني آهي ته سالڪ کي پاڻ جو پردو مالڪ کان جدا ڪري ٿو. آئون سين ان پار ڪڏهه تان ڪونه ٿيو. اهو اصول شاهه گهڻئي ڀيرا دهرائي سالڪ جي رهبري ڪئي آهي، پر هن سر ۾ ته خاص طرح انهيءَ حقيقت ڏي توجهه ڇڪائي ٿو ۽ دعا گهري ٿو ته: پاڻا مون کي پل. وڃائي وجود کي پاڻا پاسي ٿيءُ جو سبق پڙهائيندي ٿو فرمائي، ته پاڻ پردو پاڻ کي آهي:

جان جان پسين پاڻ، تان تان ناه نماز،

سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو.

ڇاڪاڻ جو نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو ۽ جن وڃايو وجود کي، سي فاني ٿيا في الله ۾. لقا پر ۾ لنگهه تڏهن ملندو جڏهن هئڻ يا خودي کي حرف غلط وانگر ميٽي ڇڏبو. خودي ۽ خدا هرگز نه مڙندا، ڇڪاڻ جو ٻن ترارين جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾ ترڪ ڪر ترڪ کي، وڃڻ ڪنا وڃ جي اصول تي جيڪي عمل ڪندا سيئي محبوب جو مشاهدو ماڻيندا.

هن سر جي ٻئي داستان ۾ شاهه اکين ۽ عجيبن جي ناتي ۽ نيهن جو ذڪر ڪري باريڪ نڪتا بيان ڪيا آهن. اکين جي عجب جهڙين عادتن جي اپٽار ڪندي ٿو فرمائي ته- وسن سانوڻ مينهن جان پر اها خبر نه اٿن ته اتي وري: جيءَ ڏني ريءَ نه جڙي. سالڪ کي صلاح ٿو ڏئي ته (اکيون سيئي ڌار جو جن سان پسجي پرينءَ کي،) ورنه ته پرين سي پسن، ٻئي (مجازي يا ظاهري اکيون) جنين ٻوٽيون. درلڀ دلبر جي مدامي ديدار ماڻڻ ۽ پاڻ کي غير کان پري رکڻ جي، هن کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي تمنا ٿي سگهي ٿي؟

ونين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪِ ٻيو.

اڳي ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه وحدت الوجود (همه اوست) جو قائل هو، يعني دنيا حق جو پاڇو آهي ۽ جيڪي ڪي آهي سو خدا آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ حقيقي طرح موجود نه آهي، مختلف سرن ۾ اهو سر آلاپيندي پئي چيو اٿس ته سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ڪونه ٻروچ ري. هن سر ۾ به اناالحق جو نعرو هڻندي ٿو فرمائي، ته اسين سڪون جن کي، سي اسين پاڻ. يا ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي حق چئين. جيڪڏهن الف جي عينڪ سان ڏسبو ته اثبات ۽ نفي ٻئي هڪ ڳالهه معلوم ٿيندا.

 

 

سُر آسا

 

داستان پهريون

 

1

لوچان ٿِي لاحَدَ[1] ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدّ،

سُپيرِيان جي سونهن جو، نه ڪو قَدُ نَه مَدُ،

هِتِ سِڪَڻُ بي عَددُ[2]، هُتِ پِرِينءَ پَرِواهه ناهه ڪا.

2

آئون سين اُنَ پارِ، ڪَڏهن تان ڪونَه ٿِيو،**

اِنّ الله وِ تر يُحِبُ الوِترَ[3]، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،

هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون[4] جي هُئڻَ[5] جُون.

3

ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،

آئون اورِيان جَهلِ، توکي رَسي تو، ڌَڻِي!***

4

توکي رَسي تو۾، ڌَڻِي! سَڀوئِي جَمالُ[6]،

ڪونِهي ٻِيو خِيالُ، جي شارِڪَ[7] شَڪُ وِڃايين.

5

آئون اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيمِ پاڻَ پَچارَ[8]،

شِرِڪَ ساڻُ سَتارَ! گَهڻا گهارِيَمِ ڏينهڙا.

6

عينُ[9] شِرڪُ ايئن، جيئن بي شِرڪُ ڀايين پاڻَ کي،

وِڃائي وُجُود کي، پاڻان[10] پاسي ٿِيءُ،

هَڏِهين[11] ڪونِهي هِيءُ[12]، هُو[13] پُڻِ ڪونِهي هِن ري.

7

هُو پُڻِ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان[14] ڌارَ،

اَلانِسَانُ سِرِي وَانَا سِرِهُ[15]، پَروڙِج پَچارَ،

ڪَندا وِيا تَنوار[16]، عالِمَ[17]، عارِفَ[18] اِهَڙِي.

8

نَه ڪا اِبتَدا عَبد[19] جِي، نه ڪا اِنتها،*

سي وَڃَڻَ کي وِيا، جَنِ نَه سُڃاتو سُپِرِين.

9

تَعظيما[20] تَرڪُ ٿِيا، واجهائِيا[21] وِيا،

وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ[22] ناهِه ڪا.

10

اَنَا عَبدُ[23] مَعبُودُ[24] تُون، اِتِ نَه ڪو شِرڪُ نَه شَڪُ،

پچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبتِيَنِ مَرَڪُ،

سو سَڀوئِي حَقُ، جنهن ۾ پَسَڻُ پِرِينءَ کي.

11

جان جان پَسِين پاڻَ کي،* تان تان ناهِه نِمازَ،

سَڀِ وِڃائي سازَ[25]، تنهان[26] پوءِ تَڪِبِيرَ چَئو[27].

 

12

جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِه سُجُودُ[28]،

وِڃائي وُجُودُ، تِنهان پوءِ تَڪبِيرَ چئو.

13

نابُودِيءَ[29] نيئِي[30]، عَبدَ[31] کي اَعليٰ ڪِيو،

مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻِ سيئِي،

ڪِبِيءَ اِتِ ڪيهِي[32]، ڳالِهه پِرِيان جي ڳُجَهه جِي.

14

ڳالِهه پِرِيان جي ڳُجَهه جي، ڳالهه مِڙوئِي ڳُجَهه،

هينئڙا[33]! اُجُهه مَ مُنجُهه[34]، ته پِرِتَنئُون[35] پِرِين ٿِيين.**

15

صُورَتَ سوجَهيمِ[36] تنهن جِي، پِي[37] پُڇِين ٿو جو،

سُخُنُ ناهي سو، جو منهن مُقابِلِ نَه ٿِئي.***

16

سُڃاپي نه صُورَتَ ري، صُورَتَ هَڏِ مَ سوجِهه،

ٿِي ٻاراڻِيءَ ٻوجِهه،* وِڃائي وُجُودَ کي.

17

جَنِ وِڃايو وُجُودَ کي، سي فانِي ٿِيا فِي اللهَ،**

نَه تَنِ قِيامُ[38] نَه قُعُودُ[39]، نَه ڪو ڪَن سُجُودُ،

جيلانهن[40] ٿِيا نابُودُ، تيلانهن[41] گَڏِيا بُودَ[42] کي.

 

وائي

پِرِيَنِئُون[43] پوءِ، مُون تي نَه وِهامي راتِ رَمَنديئِي[44]،

ڦوڙائو[45] فَقيرَ کي، قادِرَ! ڪوهُه[46] ڏنوءِ؟

مُون تي، نَه وِهامي راتِ رَمَنديئِي.

چڙهِيا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ[47] نَه ڪوءِ،

مُون تي، نَه وِهامي راتِ رَمَنديئِي.

اَچِي اوراهُون ٿِئي، سِيّدَ! ساٿُ سَندوءِ،

مُون تي، نَه وِهامي راتِ رَمَنديئِي.

ويٺِي واٽَ نِهارِيان، مَنَ پِريَن ٻاجَهه پوءِ،

مُون تي، نَه وِهامي راتِ رَمَنديئي.

اَدِيُون! عَبداللّطِيفُ چي، مُحِبُ سِگهو مِلَندوءِ،

مُون تي، نَه وِهامي راتِ رَمَنديِئي.


 

داستان ٻيو

 

1

اَڀِرَنديئِي سِجِ[48]، پِرِين جي[49] نَه پَسَندِيُون،

ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.

2

اُڀِرَندي سِجَ سان[50]، پِرِين جي نَه پَسَنديُون،

ڪَڍِي کي ڪانگان[51]، نِوالا[52] نِيڻَ ڏِيان.

3

مُون کي اَکَڙِيَن، وَڏا ٿورا لائِيا،

ته پُڻ پِرِين پَسَنِ، کڻان جي کَرَ[53] سامُهِيُون.*

4

اَکَڙِيُون پِرِينِ ري، جي ڪِي ٻِيو پَسَنِ،

تَه ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.

5

نيراني[54] نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي،

سَتَر کاڌا کيڻ[55]، جُه، ڏٺو مُنهن مَحبوبَ جو.

6

تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ[56]، جَنين ساجُهرُ[57] سيڻَ،

جِيءَ، جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.**

7

اَکَڙِيُون عَليٰ الصُبّاح[58]، دوسُ[59] ديکَڻَ[60] آئِيُون،

اُڀندِيُون اَرِداسَ[61] ۾، ٻِي نَه ڪنِدِيُون ڪا،

رَچَندِيُون[62] رِيءَ پاهَه[63]، پَرچَندِيُون پِرِيَنِ سين.

8

ڪِي جو ڪيڏانهِين، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،

ٿِيُون تاڻِن تيڏانهِين، پييُون پاڻَ مُهاڙِيُون[64].

9

ڪِي جو ڪَهِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،

ٿِيُون ديوانِيُون[65] دِلِ ۾، اَپَرِ[66] لَڳِيَنِ آرِ[67]،

تِنهان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ، سَيّدُ چي.

10

ڪِي جو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،

سيڻَنِ ڪِيو سَهَڄُ[68]، لالُون ٿِيُون[69] لَطِيفُ چي.

11

ڪِي جو وَڃِي ڪالَ[70]، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،

لالُون ڪِيُون، لَطِيفُ چي، جانبَ جي جَمالَ،

ٿِيا نيڻَ نِهالَ[71]، جَنِين دِلبَرُ ديکِيو.

12

وَسَنِ[72] ۽ وِهُسَنِ[73]، ڏِيهاڙي ڏِسَڻَ لَئي،

جيئن جيئن پِرِين پَسَنِ، تيئن تيئن نَشا[74] نينهن جا.

13

وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏِيهاڙِي ڏِسَڻَ لئي،

ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون تَه پِه[75] تَلاشُون ڪَنِ،

ڍاپِيو نَه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينءَ جي.

14

ڏِسَنِ ڏِيهاڻِي[76]، ته پِه تَرسَنِ[77] اوڏهِين،

آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرِينءَ کي.

15

اَکَڙِيُون اَکَڙِيَن تي، ڏمَرَ ڏوسَ[78] ڪَرِيِنِ،

جيلانهن سِڪَڻُ سِکِيُون، تيلانَهن دَعويٰ مَنجِهه دَڙِينِ[79]،

کِلَنِ ۽ کَرِينِ[80]، رُسَن پَرچَنِ پاڻَ ۾.

16

اَکينِ کي آهِينِ، عَجَبَ جيهُون[81] عادَتُون،

سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِيو وِهائِينِ[82]،

اُتي لَنئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِه هَٿيارَ جي.*

17

اکين کي آهِينِ، وَڏا وَجَهه وِڙهَڻَ جا،

منڊي[83] بِيٺِيون مامِرو،* جهيڙو نه لاهِين،

جيئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، اَگَمِيُون آهِينِ[84]،

جُهڙُ ڦُڙُ نه لاهِين، وَسَنِ سانوَڻَ مِينهن جان[85].

18

 اکين کي آئُون، جان ڪي جَهلُون[86] پائِيان،

لوڪَ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون[87]،

مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آئِيُون.

19

اکين پنهنجي مَتِ[88]، پاڻَ سين پاڻهين ڪِئي،

اُتي وَڃِي لَڳِيُون جِتي جانِ کَپَتِ[89]،

نَه ڪا ڳالِ[90] نَه ڳَتِ، جِيءَ ڏِني رِيءَ نه جُڙي.**

20

اَکَڙِيَنِ آرو[91]، مونهان[92] پُڇِي نه ڪِيو،

اُتي وڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نَه چارو،

هينئڙو ويچارو، واٽُون[93] جَهلِيو وِجُهلي[94].

21

اَکِ اُلِٽِي[95] ڌارِ، وَنءُ[96] اُبَتو عامَ سين،

جي لَهوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَهُه اوڀارِ،

مَنجهان نوچَ[97] نِهار، پُرُ[98] پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.*

22

اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جَنِ سان پَسين پِرِينءَ کي،

ٻئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گهڻو رِيسارا[99] سُپِرِين.


وائي

جيڏيُون! آئُون ڪا پاڻَ وَهِيڻي[100] آهيان؟

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

جيڏانهن وارِينَمِ سُپرِين، پيرُ اوڏاهِين پايان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

قَلَمُ ڪاتِبَ[101] هَٿَ ۾، ڪيئن لِکِئي مان لِکَ[102] لاهيان؟

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

واڳَ- ڌَڻِيَنِ[103] هَٿَ ۾، ڪيڏانهن ڪَرَهَلُ[104] ڪاهِيان؟

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

سَدا سُپِرِيَنِ لَئي ويٺِي، آئُون ڪانگ اُڏايان[105]،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.

اِيندا عَبدُاللّطِيفُ چي، آسَ اُمِيدَ نه لاهِيان،

ڪا مُون سارَ لَهيجا.


 

داستان ٽيون

 

1

ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هي جي مَجازياڻِيُون[106] مُنهن ۾،

جَنِ نَه سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ،

پِرِين سي پَسَنِ، ٻَئِي جَنِين ٻوٽِيُون[107].*

2

حَقِيقَتَ[108] هَڻِي، منهنجي جانِ جُدا ڪِئِي،

هيڪو پَساهه[109] پِرينءَ ري، سَگهان تان نه کَڻِي،

ڌَڻِي ئي ڌَڻِي، رَهيو آهي رُوحَ ۾.

3

سنَئِين سُونهائي[110] سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،

طَلَبَ[111] ۽ تَحصِيلَ[112]، اوِريان ئِي آهي،**

مان[113] تَنُ تِتِ لاهه، جِتِ آهِه[114] نه ناهِه ڪا.

4

جِتِ آهه نه ناهِه ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خِيالُ،

جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻا[115] ئِي پَري ٿِيو.***

5

جِتِ آهِه نه ناهِه ڪا، اِيءُ خيالُ خاڪِي،

پِرِينءَ جِي پاڪِي[116]، پَسَڻا جي پَري ٿِي.

6

نيڻين نَظَرَ نِينهُن جَڙون جِتِ جَڙن،*

ساهُه اُنِين تان صَدِقو، اَندَرُ سين عُضبَن[117]،

قَلبُ قُرِبانِي ڪَريان، مَٿان دِلِ دوسَنِ[118]،

هِنيين ۽ اَکِيَن، ڦاهِي کاڌِي پِرِيَن لَئي.

7

پِرِين نه اَکَڙيَنِ ۾، هِينئُون نه حاضُرُ[119] جَنِ،

سي هُئهِين[120] جاڙَ[121] جِيَنِ، ٺَلَها ٺاٻَرَ[122] سَکِڻا.

8

مورَکَ مامَ[123] نَه ٻُجِهڻا[124]، هيڏانهن هوڏانهن ڪَنِ،**

سي ڪيئن پِرِين پَسَنِ، ڪَٽَرُ[125] جَنِ اکينِ ۾،

9

جان تَنُ ڪِيوءِ نَه تيئن، سوئِيرِيان ئِي[126] سَنهِڙو[127]،

پِرِين پائِيندا ڪيئن، توکي اَکڙِيَنِ ۾؟

10

اَکِين ۾ ٿي ويهُه، ته آئُون واري ڍَڪِيان،

توکي ڏسِي نه ڏيهُه، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو.

11

تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪيو[128]، وِنيَنِ[129] ۾ ٿِي ويهُه،

اَکِيَنِ ۾ ٿِي پيهُه[130]، ته آئُون اَڇارُو[131] ٿِيان.

12

کَران[132] وِجُهه مَ واتِ،* ڍولَ! منهنجي ڳالهَڙِي،

مَڇُڻِ رَتِيءَ راتِ[133]، اورَڻَ[134] ۾ اُونِهي[135] ٿِئي.**

13

سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نَه آهي سُٿِرِي[136]،

لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ،*** تَه کَرَنِ[137] خَبَرَ نه ٿِئي.

14

خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي، ته من کي ڪَندا ڪوهُه؟

صُورَتَ سُپِرِيان جي، ڏِٺي ڪونِهي ڏوهُه،

لورِيءَ[138] لَڳُمِ لوهُه[139]، جَنهِينءَ رَتُ رُئارِيو.

15

کَرَ جا کَڏَ کَنِئي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،

تِنهن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي[140] سو غارُ ٿِيو[141].

16

اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِين جي مَنَ ۾،

اَسان ۽ پِريَنِ جُون، اُميدُون پَسَنِ،

تِنهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهيءَ سُورَ ۾.

17

کَرُ کارِيندو سي، ماٺو[142] جَنِ پِرِيَتَڻَو[143]،

جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِيو.*

18

کَرَ کي کَپُرُ[144] کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي،

اُڀو جو اوناءِ[145]، سُرُپُرُ سَندِي سَڄَڻين.**

19

کَرَ خَرابُ ٿِيين، هَيا! هَچارا!

پُورايئي پِرِيَنِ جا، چؤڌارِي چارا[146]،

مَرين، مُنهن ڪارا! سَڙِي اِنهِي سُورَ ۾.

20

سَڄَڻَ سَنئيُون[147] ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون[148]،

سَندِيُون سُپيريَنِ، پَرُون[149] پَروڙَڻُ ڏاکِڙو.

21

ڪا جا پَرِ[150] پِرِيَنِ، نه سا سُئِي نَه ٻُڌِي،

مَتِيُون سَڀِ مُنجَهنِ، اِهَڙي ڏِٺي قَضِيي[151].

22

نه ڪو ڊيگُهه نه ويلُ[152]، نه ڪو مُنهن نه مُهاڙِ ڪا،

اِيءُ اِهوئِي کيلُ،*** ڪُورُ[153] پَروڙي ڪِينَ ڪِي.

23

حَوصِلو[154] حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ[155]،

جو حُسُنَ سَندو حَقُ[156]، سو ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي!

24

حَوصِلو حَيرتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون[157]،

مَحَبَتَ جُون ميڇون[158]، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي.

25

حَوصِلو حَيرَت ۾، وڃِي لَڄاڻو[159]،

ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِيو ڏِسَڻَ کي.*

26

حَوصِلو حَيرَتَ جو، آهي نَه مَٿي عامَ،

سَندِي مَحَبَتَ مامَ[160]، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي.

27

مُئي هاٿِيءَ تِي مامِرو[161]، اَچِي ڪِيو اَنڌَن،

مَناڙِينِ[162] هَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،

فِي الحَقِيقَتَ[163] فِيلَ[164] کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،

سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ[165] بِينا ڪَري[166].

 

وائي-1

مُنهن مَنجِهه خَلِيلُ[167]، اَندَرِ آذَرُ[168] آهِيين.

سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ[169]،

اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

نالو ناهِه نفاقَ[170] جو، جِتي رَبُ جَلِيل[171]،

اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

مُنهن ۾ مُسلمانُ تون، قَلبُ تان قَلِيلَ[172]،

اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

والِيءَ جي وِصالَ ۾، دُئِي[173] ناهِه دَلِيلُ[174]،

اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

اَلا عَبدُاللّطِيف چي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ[175]،

اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

 

وائي-2

مَؤتَ مُندَ[176] نَه آهي،* تائِبَ ٿِيو تَڪڙا.

عَجِّلُوّا بِالتَّوّبَہِ قَبّلَ المَوّتِ[177]، ويهُه تُون ويرَمَ لائي.**

تائِبُ ٿِيو تَڪِڙا.

پِرِيان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويهُه سَنڀاهي[178]،

تائِبُ ٿِيو تَڪِڙا.

اَجَلُ[179] آسارَنِ[180] کي ڪامَ[181] وَٺِي ٿو ڪاهي،

تائِبُ ٿِيو تَڪِڙا.

عِمارَتُون[182] اَنڌنِ جون، ڊاهِيو ٿو ڊاهي،

تائِبُ ٿِيو تَڪِڙا.

بنا ڪوٺَ[183]، ڪَرَ[184] نه ڏي، ڪنهن وَڏِي ويرَمَ ناهي،*

تائِبُ ٿِيو تَڪِڙا.

اُتي، عَبدُاللّطيفُ چي، بنا ڪَفَنَ پَراهي[185]،

تائِبُ ٿيو تَڪِڙا.

 

وائي-3

اَللهَ سائين! سائِين! پُئان[186] پِرِيَنَئُون[187] مَ پاهِين[188]،

مُون تان آسَرو آهي اوڏاهِين.

جِتي ديرو دوستَ جو، سا ڪيئن جُوءِ[189] اَڳاهِين؟

مُون تان آسَرو آهي اوڏاهِين.

ڀَنڀِيُون[190] ڀِرِي[191] آئِيُون، آيَلِ! مُون اُتاهِين،

مُون تان آسَرو آهي اوڏاهِين.

قَلَمُ جَنِين جي هَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،

مُون تان آسَرو آهي اوڏاهِين.

بَندِيءَ جي بابَ ۾[192]، شالَ مَ لَکَنِ لائِين[193]،

مُون تان آسَرو آهي اوڏاهِين.


 

 

داستان چوٿون

1

ديکِيندي دِيدارَ[194] کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَّ[195]،

تازِي طَنبيلَنِ ۾، آهي احاطو[196] جُهلَ[197]،*

هُئا جي اَمُلَ، سي حِسابان هَڄِي ويا.**

2

ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلُّ سُڃاڻي ڪيئن؟

جانِبَ مَنجهان جيئن، مَحرُومَ ٿِي[198] مَنجِهي پيا.***

3

مَحرومَ ٿِي مَرِي ويا، ماهَر[199] ٿِي نه مُئا،

چِڙِيءَ[200] جيئن چُهُنجَ[201] هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا[202]،

حُبابَ[203] ئِي هُئا، اِنهِيءَ وادِيءَ[204] وِچَ ۾.

4

تَرڪُ ڪَر تَرڪَ کي، وَڃَڻَ[205] ڪَنان وَڃُ،*

آهي اِيءُ اُهُڃُ[206]، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.

5

وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ پُڻِ وِڃاءِ،

لوڪان[207] پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِان[208] پُڻِ لِڪيج تُون.

6

لوڪان لِڪي سَڀِڪو، لِڪان لِڪي ڪونَه،

اُٿي ويٺي اونَ[209]، اِنَ اُلِٽي[210] ڳالِهه جِي.

7

هَٿَنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ،

اُڀا اَڱڻان پارِ،* پَسُ پنهنجا سُپرِين.

8

اَسين سِڪُون جَنِ کي، سي اَسِين پاڻَ،

هاڻي وَڃُ گُمانَ! صحيح سُڃاتا[211] سُپِرِين.

9

اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين پُڻِ سيئِي،

لَمّ يَلِدّ وَلَمّ يُولَدّ[212] وَنءُ[213] اوڏاهِين پيهِي،

تِهان مَنجهيئِي،* پارِکَ[214]! پَرِکِج حَقَ کي.

10

ڏِسَڻَ[215] ڏِسِين جي، ته هَمہَ[216] کي حَقُ چَئِين،

شارِڪَ شَڪُ مَ ني[217]، اَنڌا اِنهِيءَ ڳالهِه ۾.

11

مُنهن ڪَر مَنجهارا، ٻَهَران[218] ڍُونڍِ[219] مَ ڍورَ[220] جيئن،

جي اَکَڙِيين آرا[221]، ته ڪَنڌِيءَ اَچَڻُ ڏاکِڙو.

12

آڏو جو اِثباتَ[222] کي، سو شِرڪُ لاهي شَڪُ،

هُئي[223] جنهن ۾ حَقّ، تنهن نَفَيءَ[224] جِهو[225] ناهِه ڪو.

13

وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ[226] ٻِيائي،

آهي اُونداهِيءَ جو[227]، شِرِڪُ[228] سَهائي[229]،*

چِٽِي چِٽائِي، اَلفَ جي عَينَڪَ ۾.

14

اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جيئن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين،

دَغا تنهنجي دل ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،

مُنهن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.

15

ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،

هِندُو هَڏِ[230] نه آهِيين، جَڻِيو[231] تو نَه جُڳاءِ،

تِلڪُ[232] تَنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.

16

مُنهن تَه موسيٰ[233] جِهَڙو، عادَتَ ۾ اِبِلِيسُ[234]،

اِهَڙو خامُ خَبِيثُ[235]، ڪَڍِي ڪوهُه نَه ڇَڏِيين؟

17

مُنهن ته موسيٰ جِهَڙو، سِيرَتَ شَيطاني،

بازي[236] بيرانِي[237]، ڪَڍِي ڪوهُه نه ڇَڏيين.

18

مُنهن ته آهيرِيان ئِي[238] اُجِرو[239]، قَلبَ ۾ ڪارو،

ٻَهَران[240] زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو،

اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناهِه وِصالَ سين.

19

تُون ڪا ڪانِي پاءِ[241]، وَنِيَنِ[242] ۾ وِصالَ جِي،

دُبينائِي[243] دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلَهاءِ[244]،

سُپيريان جي سُونهَن ۾، رُخنو[245] ڪونَه رِهاءِ[246]،

اَکِ اَشَهَدَ[247] چاءِ[248]، ته مُسَلمانِي ماڻِيين.

20

سُرمُو سِياهِيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،

ڪانِي ڪارائِيءَ[249]، جِي، مُڙُسُ ٿِي مَ پاءِ،

اکين ۾ اٽِڪاءِ[250]، لالائِي لالَنَ جِي.

21

سُرمُو سُرخِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ ريٽي[251] جِهَڙي.

22

سُرمُو سُفيدِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.

23

جي فارسي[252] سِکيو، گولو، توءِ غُلامُ[253]،

جو ٻَڌو ٻِنِ، ڳالهيين،* سو ڪيئن چائي[254] ڄامُ؟

اُڃو تان آبُ گُهري، بُکِيو تان طَعامُ،

اِيءُ عامِيَنِ[255] سَندو عامُ، خاصَنِ[256] مَنجهان نه ٿِئي.

24

اَوَڳُڻِ[257] رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين[258] پِرِين رُٺامِ،

ليکِيَمِ جي لِسانَ سين،** سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِيامِ،

پاڻُ وِڃائي پانهنجا، ٿورا[259] ٿُڪَ هَنيامِ،***

بَندَگِي شَرمَندگِي، اِها ميڙَ[260] مُڪِيامِ،

پِرِين تَڏهن پَرِچيامِ، آئون جَڏهِن اُٺ ڳَئِي.*

25

اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ،

ٻَهُون[261] ٻاروتَنِ[262] ۾، ڪوڙيين ڪُوڙَ ڪِيامِ،

تيلانهِين سَرِيامِ[263]، سُکَنِئُون[264] سُورَ گَهڻا.

26

اَلتِيَمِ[265] جا هينئان[266]، سا نَه سَلِتِيَمِ[267] ساهَه کي،

سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، لِڪايَمِ رُوحان[268]،

ويئِي مُون وَسان[269]، پَڌَرِ پيئِي پِرِينءَ ري.

27

مُون تان لِڪائِي گَهڻُو رُئَڻَ ڪِي روشَنُ،

رَسِيو ريزالَنِ[270] کي، مَنجهان زَردِيءَ[271] طَنّ[272]،*

ويرِي مُون[273] وَرَنُ[274]، ڳالهِه ڪِيائِين ڳُجَهه جِي.

28

عاشِقُ ڀانئين ايئن، تَه سِڪَ ڪنهن کي نَه سَلان،

وِچِ رَهَندِي ڪيئن،** وَهَنِ اَکِيُون، وِرڄي[275] هينئون[276].

29

اَندَرِ رَهي نَه گَهٽَ[277]، سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي،

ڇاڳَرَ[278] سَهي نَه سَٽَ، جُهه[279] مَهَراڻَ[280] مَوجَ ڪِي[281].

30

لَکين سَئين[282] مَهَراڻَ، آٽي[283] سَڀِ اُڌَمِيا[284]،

سَڙان مَنجِهه ئِي ماڻ[285]، ٻَهَرِ[286] ٻاڦَ نَه نِڪري.

31

پاڻُ[287] پَڙِدو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ،

وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ[288] هِنَ جو.***

32

پاڻُ پڙِدو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِيجِ تُون،

نَه ڪا ها نَه هُون[289]، پَڙِدا سَڀِ پاسي ٿِيا.

33

مُون مونهين[290] ۾ سَپَجي[291]، مُون کي مُون جُڳاءِ،

مونهين مَنجهان مُون ٿِئي، مونهين جي ساڃاءِ[292]،

ڪڇڻ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪريان پَنڌڙو.

34

اُنِهِين[293] ايئن جُڳاءِ، آن[294] کي ايئن نَه چَوَڻو،

يُنَ[295] جنهن جِي ذاتِ جو، اُتي آهِه اَللهُ،*

تُهَه[296] نَه پَچي ماهُه[297]، گُندِيءَ[298] نينهن نَه سَپَجي.**

35

گُندِيَ نينهن نَه سَپَجي، تُهَه نَه پَچي ماهُه،

ڪَچِيءَ پَرِ[299] ڪياءُ[300]، ٿِئي سَماجوڳُ[301] سَڄَڻين؟

36

نَظَر[302] نَزِدِيڪِيونِ[303] سَهِي[304] نه سَگهان ساعَتَ سينءَ[305]،***

پَسَڻُ پَري سَندون، آئون نالي ڳِيئُڙي[306] نِجُهران[307].

37

عِلّتِيءَ[308] آرامُ، پَسِي عِلّتَ[309] آئِيو،

حُسُنُ جو حَقَ جو، سو خامِي[310]! ڀانيين خامُ،

اَچِي ٿِيا اِسلامُ[311]، ڪُفُرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.

38

مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾،

اُڀا اِيئن چَوَنِ، مَڇُڻِ[312] پاندُ پُسائِيين.

39

پيو جو پاتارِ[313]، سو ڪيئن پُسَڻَ کان پالهو[314] رَهي؟

سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَهُه[315] اِنهِيءَ پاندَ[316] جو.

40

ڪَرِ طَرِيقَتَ تَڪِيو[317]، شَرِيَعتَ سُڃاڻِ،

هينئُون حَقِقَتَ هيرِ[318] تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ،

هوءِ[319] ثابوتِيءَ[320] ساڻُ، تَه پُسَڻَ کان پالهو رَهِين.

41

ڪُوڙي ڪِج مَ ڪَڏِهِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ[321]،

ساري سناسِيَن جِي، لائِقَ! رَکِجِ لانگَ[322]،*

تَه چارَئِي چُنِيءَ[323] پاندَ، اوسا[324] ڳنهِي اُڪَرِيين.

42

سُتو ئِي سيجَ گُهرين، جَفا ڏيين نَه جانِ،

صُلحَ رِيءَ سيڻان[325]، مَتان نُونڌين[326] نَه چَڙهين.*

43

سُتوئِي سيجَ گُهرِين، جَفا ڏيين نَه جِيءُ،

پَهَني[327] ڌاران پِيءَ[328]، مَڇُڻِ نونڌين نه چَڙهين.

44

صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيجَ ماڻِيندا سي،

اَلّذِيّنَ آمَنُوّا وَ کانُوّا يَتّقُونَ[329] اِنَ پَرِ[330] اُڀا جي،

نيئِي نُونڌِيُن تي، ڏِکي[331] چِٽي چاڙهِيا.

45

جي ٿِيا حَلُ[332] حَبِيبَ سين، سُمهَڻُ تَنِ ثَوابُ،

نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِيائُون خَوابُ،

اوسيئڙو عَذابُ، دِليان تَنِ دُورِ ٿِيو.*

 

 

46

تَنُ تَسبِيحِ، مَنُ مَڻِيُو، دِلِ دَنبورو[333] جَنِ،

تَندون جي طَلَبَ جون، وَحدَتَ سِرُ[334] وَڄَنِ،

وَحدهُ لاشَرِڪَ لہ [335]، اِهو راڳُ رَڳُنِ،

سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.

47

رُٺِي[336] جا رِهاڻِ، سا پِي[337] پَهَنِي[338] نَه ٿئي،**

ڪنهن کَرَ وِڌِي ڪاڻِ، پاڻان نينهن نکيريو.

48

رُسَڻُ نَه آهي رِيتِ، پَهَنِي پاهَتُ[339] ناهِه ڪو،

پَسو مَنجِهه پِرِيتِ، جيهائِي[340] جوڙَ[341] وَهي.***

 

وائي

ڪڍي اُنهِين مَنجِهه آهي، هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

اِنَ دَرِ سيئِي اَگِهيا، جَنِ کي ڪونَ چِتائي،[342]

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

ڌارِيان[343] ڀائِنِ ڌارِيُون، پاڻُ پِرِيان سين کائي،

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

اِنّ اَوّلِيائِي تَحّتَ قَبائِيّ[344] پنهنجا پاڻَ پَراهي[345]،

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

لا يَعّرِفُهُمّ غَيّرِي[346] پَرَ[347] کي ڪِين پسائي،

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

پنهنجِي[348] ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙهُه اُنِين جي رائي[349]،

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

خِدمَتَ ڪَرِ خُلّقَ سين[350]، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،

هُو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، اِتاهِين ڪِي آهي،**

هو جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپِڙا.

 

سُرُ رِپَ

 

سر بابت

رپ نالي ڪابه راڳڻي ڪانهي. رپ جي معنيٰ آهي وڏي پريت جيڏي آفت يا اهو دشمن جنهن جي ڏسڻ سان هينئون هارجي ۽ دل دهلجي وڃي. جيئن ته هن سر ۾ ڦوڙائي ۽ جدائيءَ جي غم جو ذڪر ڪيل آهي، تنهن ڪري جدائي جي غم کي رپ سڏي هن سر تي اِهو نالو رکيو ويو آهي. هيءُ سر، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري نسخي جي ٽنهي جلدن ۾ ڪونهي. بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ گهڻائي ڪچا ڦڪا بيت ڏنل آهن جن مان پهرئين داستان ۾ چار بيت، نمبر 15، 16، 24، 28، ۽ ٻئي داستان مان ڇهه بيت (1 کان 6 تائين) کنيا ويا آهن ۽ باقي نظرانداز ڪيا ويا آهن. سرڪاري ڇاپي جي ٻئي داستان ۾ 4 وايون ڏنل آهن جن مان ٻه (نمبر 1 ۽ 3) سئي جي قصي سان ٺهڪي اچن ٿيون تنهن ڪري هتان خارج ڪيون ويون آهن ۽ 2 نمبر وائي هتي پهريون نمبر ڪئي ويئي آهي ۽ منجهانئس جيڪي 3 مصرائون ڊاڪٽر ٽرمپ واري ڇاپي ۾ نه آهن ۽ جن مان هڪ ميمڻ جي ڇپيل آهي، سي ترڪ ڪيون وييون آهن.

 

مضمون

هن سر ۾ وره جا ورلاپ، ڦوڙائي ۽ فراق جا آلاپ نهايت رقت رنگيز نموني ۾ ڏنا ويا آهن. هن ۾ عاشق فراق جي گوندرن ۾ غرق هئڻ ڪري، مشاهدي ماڻڻ لاءِ پنڌڙو ڪرڻ پاڻ تي لازمي سمجهي، ڪارون ۽ پڪارون ڪري، اندر جو حال اوري ٿو.

روحاني راز:

ڪانيءَ کي سر کان جدا ڪري، منجهس سوراخ ڪڍبا، ته بانسري بنجي پوندي ۽ ان کي ڦوڪڻ سان ڪئين سريلا ۽ درد ڀريا آواز ڪڍي سگهبا. بانسريءَ مان اهڙون درد ڀريون دانهون ۽ فراق جون آهون، تڏهن نڪرن ٿيون، جڏهن کيس اصلي ماڳ کان وڍي ڌار ڪجي ٿو. جيڪڏهن کيس وڍي، مڇو ڏيئي نه سلبو، ته هزارن حيلن ۽ ڦوڪن سان هڪ آلاپ به نه نڪرندو. روح کي بانسريءَ سان مشابهت ڏيئي مولانا روميءَ مثنويءَ ۾ سمجهايو آهي، ته روح رب کان جدا ٿيڻ تي بانسريءَ وانگر فراق ۾ پيو ڪارون ڪري. شاهه هن سر ۾ اها تات تنواري آهي.

هن سر ۾ هڪ سالم سالڪ جو روح، رب کان ڌار ٿيڻ تي، آه و زاري ڪري ٿو. هو جيڪي وڇوڙي جون درد ڀريون دانهون ڪري ٿو ۽ هنجون هاري ٿو، سي پڙهندڙن کي نه فقط گهائينديون، پر منجهن مخفي الاهي عشق کي پڻ ڀڙڪائينديون. پڙهندڙ کي معلوم ۽ محسوس ٿيندو ته آءٌ ڪهڙي اعليٰ آستان مان نڪري ڪهڙي نه ادنيٰ آستان ۾ اچي پيو آهيان ۽ ڪهڙين سعادتن کان ڇڄي ڪهڙين پليدگين ۾ اچي ڦاٿو آهيان.

جڏهن سدوري سالڪ کي اها سمجهه ايندي، تڏهن هو ويجهڙائي ۽ وصال لاءِ واجهه وجهندو ۽ فرش تان وري عرش ڏي اڏامڻ جي ڪوشش ڪندو.

 

سُر رِپَ

 

داستان پهريون

1

گُوندَرَ ڪِيو غَرَقُ، ماءُ! منهنجو ڄِندَڙو،

ڏُکويَنِ مَرَڪُ[351]، مَٿي سَڳَرَ[352] پَنڌَڙو.

2

گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيئَڙَيمِ[353] سَڄَڻين،

مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي[354] پرينءَ جي.

3

گُوندَرَ هَٿَ نَه پيرَ، وِرِهُه[355] مَنجِههِين[356] وَهَڻو،

ڪُڙهِه[357] ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ[358]،

مُون جيهِي[359] گهاري ڪيرَ، هيڪَلِي رِيءَ[360] سَڄَڻين.

 

4

اُٺي[361] جيئن مورَنِ[362]، اوڀَرَ[363] وَلَهارَنِ[364] ۾،

سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُهه[365] ڦوڙائو[366] سَڄَڻين.

5

لائي جو وِيا، سپو مَنجِههِين ٿو مَچُ ٻَري،

سو اُجهامي ڪِئا[367]، جنهن سورِيندَڙُ[368] سُپِرِين.

6

ڪَهَڻُ[369] ته ڪَچائِي، سُورَ نه سانڍَڻُ سُٿِرا[370]،

اَڃا تَه، آئي! ڏِيلَ منهنجي ڏُکَ سين.*

7

جين سو تَئِيءَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،

مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو[371]،

وَرُ[372] جِهيڻو اِيءُ[373] ٻَرو[374]، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.

8

اُڀِرِيامِ اَنگُورَ[375]، سُتي سُپيرِيَنِ جا،

کايو کايو سُورَ، لَڇيو لوچِيو[376] اُٿِيان.

9

ڳَرِنَ[377] ۾ ڳَرهيجِ[378]، روئِي ڪِجِ مَ پَڌِرا،

تان[379] سُوران ئي سَهيج، جان[380] لاهِيندَڙُ ڪو لَهِين.

10

ڳَرَ[381] ۾ ڳجهو روءُ، پَڌَرِ وِجُهه مَ پِرِينءَ ري،

سُورَنِ سَڀَرُ[382] هوءِ، هِينئڙا ڪُمَ[383] ڪُنَن[384] جيئن**.

11

لاهه مَ پَچارانِ[385]، سُکِ مَ سُمهُه ڄِندَڙا،

ڪَرَ[386] جهورِي ڪِيڻانِ[387]، ڪالهوڻا[388] اَڄُ گَهڻِي.

12

جِهڄي[389]، جهانءِ[390] ڪَري، ماٺِ نه اَچي مُون هِينئين،

سَڄَڻَ سي ساري، هو جَنِين جو هيرِئُون[391].

13

جهورِي، جِهڄَڻُ، جهانءِ، مُون جَنِين جِي نه لَهي،

آيَلِ! ائين[392] مَ ڀانءِ، ڪِ آئُون جِيئَندِي اُنِ ري.

14

جاءِ[393] نَه سَڄو ڏينهن، هِينئَڙو اوٺي وَڳَ[394] جيئن،

مُون پِرِيان سين نينهن، ڇِنَڻَ ڪارَڻُ ڪونَه ڪِيو.

15

لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،

مَڙِهِيو مَنجهاران[395]، جِيءُ منهنجو جَنِ سين.

16

پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نه رَهي پِرِينءَ ري،

جيئن جهورِيءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِيو تيئن جهورِي پُوي.

 

17

ڪَڪَرَ مَنجِهه ڪَپارَ[396] جُهڙُ نيڻنئُون[397] نه لَهِي،

اَڄُ منهنجي چِتَ ۾، اُٺا[398] پِرِين اَپارَ،

آءُ، سَڄَڻَ! لَهُه سارَ، وِرِهَه[399] ويڙِهِي آهِيان.

18

مُون مَنجهيئِي مينهُن، ڪوهُه[400] ڪرِيندِيَسِ ڪَڪَرين؟

سَرَلو[401] سارو ڏينهن، مُون پِرِيان جو نَه لَهي.

19

سُتي سَنڀِرِيومِ[402]، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،

ڪَنڌِ وِهاڻو ڀِنو، هَرِيو[403] هَٿُ ٿِيوم،

سَڄَڻُ يادِ پِيومِ، جاڙَ[404] جِيان ٿِي جيڏيُون.

20

سَڄَڻَ سَنڀِرِيامِ، پِيَم ڪَرَ ڪَپارَ ۾،

جِهَڙي تِهَڙي حال سين، پِرِين نه وِسَرِيامِ،

هَرِيا هَٿَ ٿِيامِ، نيڻَنِئُون نِيرُ وَهي.

21

سَنڀِرِيو جِيان، ڳالهُيون پِرِيَمِ[405] تنهنجون،*

ڳُڻَ ڪيتَرا ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو[406] ناهِه ڪو.

22

جُه[407] سي سَنڀِرجَنِ، سَهَه[408] تَنِين سين اوريان[409]،

لُونءَ[410] لُونءَ هيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جيئن.

23

چَتُرُ[411] رَهي نه چِتُ[412]، ويڻين[413] واڳيو[414] نَه رَهي،

رَئِيءَ[415] لَٽِجي نِتُ، هينئڙو واٽَ- وِرِکَ[416] جيئن.*

24

چَتُرُ رَهي نه چِتُ، سُوران[417] صَبُرُ نه ڪَري،

سَڄَڻَ ساري نِتُ، ويڳاڻو ٿِيو وِجُهلي[418].

25

چوري چوري چِتُ[419]، مان ويِئيءَ وِهاڻِيءَ[420] نِڪِران،

تنهن گُهرائي نِتُ، پِرِيان سَندي پيرَ[421] ۾.

26

چيتارِيانِ[422] چُڻُڪَنِ[423]، سَنڀارِيانِ سَهِي[424]،

اَنَدرِ رُوحَ رَهِي، مون کي صُورَتَ سُپِرِيَنِ جِي.

27

چيتارِيانِ چُڻُڪَنِ، وسارِيان نه وِسَري،

ويرو تارَ[425] ڏُکَنِ[426]، سَڄَڻَ ڀَڳي- هَڏَ جيئن.**

28

چيتاري[427] چُوندِياسِ، ڳالِهيُون سَڀوئِي سَڄَڻين،

جُهه[428] مُقابِلِ ٿِياسِ، ته سَڀِ وَڃِنِمُ وِسَرِي.

وائي

جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي،

ويهُه داتا جي دَرَ تي لَنگها[429] لاهي لَڏَ[430]،

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

اوڏايان[431] اوڏو گَهڻو، ڪِهَڙا ڪَرِيين سَڏَ،

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

اَنگِلِين[432] کي اوڏو وِهي، گَندا[433] ڪَري گَڏُ،

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

ڪِهَڙا جَڏَ[434] جَڏوئِيين[435] جُودَ[436] مَهَندان[437] جَڏَ!

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

اَڳِيان عَجِيبَنِ جي، اَهُکا[438] ٻَڌَڻُ مَڏَ[439]،*

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

آدَمَ تِئائِين اُپِيو[440]، هُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،**

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

اَوِلِيءَ[441] ۾، عَبدُاللّطِيفُ چي سَڄَڻُ ڏِيندو سَڏَ[442]،

آسَرَ لاهِه مَ اُنَ جِي.

 

 

داستان ٻيو

1

سَڄَڻَ سان نه ڀيٽَ، ڳُجُهه ڳَرِهِيان[443] ڪَنِ سين،

ڳالِهيون اِنَهِيءَ ريٽَ[444]، سَلا ٻَڌِي مورِيُون[445].*

2

ڳالِهيون پيٽَ ورَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون،

پَرَ[446] سين مُون نه ڪِيُون، گوشي[447] پِرِين نَه گَڏِيا.

3

ڍولِيو وِيئڙو ڍورِ[448]، تي[449] ٿِي سِيءَ گُذارِيان،

مادرِ! مُون مَ چورِ، نَه تَه َڌر پُوندِيَسِ، پِرِينءَ ري.

4

وِيو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ[450] چاڙهي اَنگُ[451]،

روئِي، ڏِنَمِ رَنگُ، ويچارَنِ وَڻَن کي.

5

ٻاهَرِ لَڳَهُه[452] نَه ڪوءِ، اَندَرِ جهورِ[453] جُهڙُ وَهي،

وَسائِيندِي وِڄُڙِي، حُبَ جَنِين کي هوءِ،

لالَنِ جَنِين لوءِ[454]، سي اوڳائِينِ[455] نَه اَکِيُون.

6

مُون تان لاهِ مَ، سُپِرِين! اَکِيُن جا آگَمَ[456]،

ڪَري مَلارُ مينهن جيئن، وَسِي لاهِه وَهَمَ[457]،

تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏينهَن جا ڏورِ ٿِيا.

7

نيڻَ نه نِنڊون ڪَنِ، ڀڳو آرَسُ[458] اَکِيين،

اُجهامِيو ٻَرَنِ، توکي سارِيو سُپِرِين!

8

سَئِين نه سيڻانِ[459]، ناهِه اُڀَتِي اُنِ سين،*

ونءُ سَهِي ويڻانِ[460]، تو نَه سَرَندِي تَنِ ري.

9

گَولِي[461] ۽ گُونِي[462]، پِرِين پَٽائين[463] گَجَ جيئن،

جي مَنَ مَجُوني[464]، سي ڪيئن وڃنَئِي وِسَرِي؟

10

اَندَرِ آندَرِيُون[465]، جيئن سي وانجِهيءَ[466] لَٺِ ۾،

مُون تَنَ تيتَرِيُون، ته ڪيئن مِلِبو سَڄَڻين؟

11

جيئن سي کُوهِيءَ نارَ[467]، وَهَنِ وارِيءَ گاڏُئان،**

هينئڙو پِرِيان ڌار، نِبيرِيانس[468] نَه نِبِري.

12

سَٻَرُ[469] سيءُ پِيو، نه مُون سوڙِ[470]، نه گَبَرو[471]،

نَه مُون ڪاندُ، نه قُوتُ ڪِي، جوڀَن[472] وَهِي[473] ويو،

تَنِين حالُ ڪِهو[474]، نِڌَرَ[475] جَنِين نِجُهرا[476].

13

اُتَرُ اوتُون ڏي[477]، نَه مُون سوڙِ، نه گَبَرو،

سِيءُ ساڙِيندو سي، جَنِين نِڌَرَ نِجُهرا.

14

اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نه مُون سوڙِ، نه گَبَرو،

چارَئِي چُنِيءَ پوتَ[478]، مون ريڙِهيندي راتِ گَئِي،*

15

نينهن نِهائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُه نه ڍَڪِيين،

ڄَرَ[479] ڄيري ڇَڏِي، ته ڪيئن پَچَندا ٿان؟

سَندِي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا[480] ڳالهڙي.

16

نينهن نِهائِينءَ جيئَن، ڍَڪِيو ڪوهُه نه ڍَڪِيين؟

ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، ته رَڇَ[481] پَچَندا ڪيئن؟

تُون پُڻِ ڪَريجِ تيئن، جيئن ڪُنڀارَ ڪَرنِ ڪَمَ سين.

17

 نِهائِينءَ کان نِينهُن، سِکُ، مُنهنجا سُپِرِين!

سَڙي سارو ڏينهن، ٻَهَرِ ٻاڦَ نَه نِڪِري.

18

نيڻَ نِهائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان،

اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو، سُپِرِين!

19

ڪِين[482] جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِيو[483]،

تنهن مان تِرَ جيتَرِي جي پُوي[484] خَبَرَ کَرَنِ[485]،

هِي[486] تان هُوندَ مَرَنِ، هُنِ[487] اَڱڻِ اوراتو[488] ٿِئي!

 

وائي

سَرَتِيُون! سَڱيڻِيُون[489]! ساريان[490] پيرُ[491] پرِينءَ جو،

مُون پنهنجي پِرِينءَ سين، ڳُجِهيُون ڳالهڙيُون،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

ڳالِهيُون پِرِيَم![492] تنهنجُون، وَڌِي وَڻُ ٿِيون،

سارِيان پيرُ پِرينءَ جو.

گوشي پِرِين نه گَڏِيا، کَرَ[493] سين مُون نه ڪِيُون،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

لالائِيءَ[494] جي لوءِ[495] ۾، سارِي راتِ سَيُون[496]،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

توبهَه آهي تَنِ کان، جي هَٿان مُون ٿِيُون[497]،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

مون کي ڏي نه مُنهن ۾[498]، جي مُون ڪالَهه ڪِيُون،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

اَرِتو[499] اوتَڻُ[500] سِکِيُون، عادَتَ اَکَڙِيُون،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

منهنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻيا ڪَنِ ٻِيون،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

اَلا عَبدُاللّطِيفُ چي، صاحِبَ ڪِجِ سَيُون[501]،

ساريان پيرُ پِرينءَ جو.

 

سر کاهوڙي

 

سر بابت:

هن نالي سان ڪا هندستاني راڳڻي ڪانهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو، ته مضمون مطابق مٿس اهو نالو پيو آهي. کاهوڙي جي معنيٰ آهي جبلن ۾ ڏٿ ڳوليندڙ، يعني ڏوٿي، نانگ کي منڊي ڦاسائڻ وارن کي به ڏوٿي چوندا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ هيءُ سر ڪونهي. ٽرمپ توڙي سرڪاري نسخن جي پهرين داستان ۾ هڪ وائي ۽ ٻاويهه بيت آهن، جي سمورا قائم رکي، بمبئي واري ڇاپي مان بيت نمبر 1، 15، 18، 23 ۽ 28، اضافو ڪيا ويا آهن. ٻئي داستان مان هڪ بيت ٽپائي پهرين داستان ۾ 8 نمبر هيٺ ڏنو ويو آهي.

 

مضمون:

هن سر ۾ سيلاني فقيرن جون صفتون بيان ڪيون ويون آهن. کاهوڙي انهن اٽل ارادي ۽ مستقل مزاج وارن فقيرن کي چوندا آهن، جيڪي جبلن ۾ نانگن کي مرليءَ سان موهي ۽ منڊي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندا آهن ۽ ڏٿ تي گذران ڪندا آهن. نانگن ڦاسائڻ لاءِ کين ڪئين ڪريون ۽ ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن.

روحاني راز:

شاهه هن سر ۾ سالڪ کي کاهوڙيءَ سان مشابهت ڏئي ٿو ۽ غفلت ڇڏي ڏٿ ڏورڻ لاءِ ڪمرڪشڻ جي هدايت ٿو ڪري. ڏٿ مان مراد آهي روحاني خزانو يا الاهي عشق. عشق جي منزل اڙانگي آهي، جيڪو انهيءَ ميدان ۾ پير پائيندو تنهن کي مشڪلاتن ۽ مجاهدن جو مقابلو ڪرڻو پوندو؛ تن کي تسيا ڏيئي، نفس کي ماري سڀ ۾ سبحان سوجهي لهڻ جي پاڻ ۾ طاقت پيدا ڪرڻي پوندي.

هن سر ۾ شاهه لامڪان جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ پکي به پير ڪونه پائين ٿا؛ پر صرف صالح ۽ عالم سالڪ پهچي سبحان سوجهي لهن ٿا، لامڪان انهي صوفيانه منزل جو نالو آهي، جيڪا سالڪ معرفت جي منزل تي پهچڻ بعد حاصل ڪري حق جي ويجهو ٿئي ٿو. اِها اُها جوءِ آهي، جا سئي نه ٻڌي.

سالڪ کي سنجهي سعيو ڪري، سنڊ سنواري ۽ سبحاآن ساري سپرينءَ ڏانهن سفر ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ويسرو ٿي وهندو ته واحد جو مشاهدو ڪيئن ماڻي سگهندو؟ جيڪو هن سٽاڻي سفر لاءِ سنبرندو، تنهن کي ڌن دولت ۽ ٻيا دنيوي تعلقات ترڪ ڪري، ڌڙ کي ڌوڙ ۾ گڏي، ڳهيلي لوڪ جون ڳالهيون نظرانداز ڪري! ڪامل ۽ اڪمل مرشد جو پلاند پڪڙي، ساجهر سندرا ٻڌي، پراهينَ پنڌ پرڻو پوندو.

هن سر ۾ شاهه ڪپيريءَ يعني اها واٽ جا عام رواجي انسان گمراهيءَ جو گس ڪري ليکين ٿا، تنهن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪيترا ظاهر پرست زاهد، مجذوبن ۽ ٻين قسمن جي الله لوڪن ۽ سندن طور طريقي تي اعتراض ڪندا آهن. شاهه انهن کي هدايت ٿو ڪري ته هنن تي ٺٺوليون نه ڪريو. هنن انهيءَ واٽ وٺڻ سان محبوب جو مشاهدو ماڻبو آهي. موليٰ مرڪز جي نقطي مثال آهي ۽ ماڻهو محيط مثال سندس اردگرد آهن ۽ سڀڪو رستو وٽس پهچڻ لاءِ کليو پيو آهي. ڪواٽ انهي واٽ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پرين پسي نه سگهجي. مولانا رومي به مثنويءَ جي پهرين دفتر ۾ الله لوڪن تي اعتراض نه ڪرڻ لاءِ هدايت ڪري، طوطي ۽ ٺوڙهي فقير جي هڪ آکاڻي تمثيل طور ڏني آهي.


 

سُرُ کاهوڙي

 

داستان پهريون

1

کاهوڙَينِ[502] خَفيءَ[503] سين، سوجهي[504] لَڌو سُبُحانُ[505]،

عاشِقَ اِهَڙي اَکَرين، لَنگِهيا لامَڪانُ[506]،

هُوءَ[507] ۾ گڏِجِي هوءِ ٿيا، بابُو[508] جي بِرِيانُ[509]،

سَڀوئِي[510] سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَهنِ جي.

2

مُون سي ڏِٺا ما[511]، جَنِين ڏِٺو پِرِينءَ کي،

ڪَري نَه سگهان ڪا، اُنِين سَندِي ڳالهڙي.

3

مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِين ڏٺو پِرِينءَ کي،

رَهِي اَچِجي راتَڙِي، تَنِ جُنگَنِ[512] سَندِيءَ جاءِ،

تَنِين جِي ساڃاءِ[513]، تُرَهو[514] ٿِئي تارِ[515] ۾.

4

وييُون پَٻِ پَئِي[516]، کِيرون[517] کاهوڙِيَنِ جُون،

آئُون تَنِ ڏوٿِيَنِ[518] جو، پُڇان پيرُ، پَهِي[519]،

رُڃُنِ راتِ رَهِي، ڏونگَرَ جَنِ ڏورِيا.

5

پاران[520] پُڇِي آءُ، خَبَرَ کاهوڙِيَنِ جِي،

تَه ڏوٿِيَنِ ڏُونگرانءُ[521]، ڪَنهن پَرِ[522] ڏورِيو ڏُٿَ کي.

6

تُون هَڏِ[523] ڪُڄاڙِيا[524]، سَنجهي سَعيو نه ڪَرِين،

سَوارا[525] سَنڊَ[526] کَڻِي، کاهوڙِي وِيا،

آڻِيندين ڪِئا[527]، ڏُٿُ ڏُوراڻي ڏيهَه جو.

7

هُو ڏوٿِي، هو ڏينهن، هُو ڏُونگَرَ، هُو لَڪِيُون،

ڪنهن جنهن لُڌا نينهن، ڀُڻا لُوسَنِ لُڪَ ۾.

8

ڏيهَه ڏيهائِي ناهِه، جِتي پيرُ نَه پَکِيان،*

تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي[528] وَڻَ چُونڊِيا[529].

9

ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ[530] سُئِي، نَه ٻُڌِي،*

پاسا مَٿي پاهَڻين[531]، کاهوڙِي کوڙِينِ،

وِڄا[532] اُتِ وَوڙِينِ[533]، جِتِ نِهايَتَ[534] ناهه ڪا.

10

کاهوڙِي کِجَنِ[535]، پَسِيو پورِهيَتَ ويسَرا[536]،

ڏوٿيئڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُنِ مَنجِهه رَهَنِ،

ڪا مُلِ[537] آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِ ڳالهڙي.

11

ڀَڪُلِيا[538] ڀُوڻَنِ[539]، ڌَڙَ[540] کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾،

ڳالهِيُون، ڳَهِلي[541] لوڪ سين، پَڌَرِ پَئِي[542] نه ڪَنِ،

ڪا مُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهڙي.

12

تُون وَنءُ[543] ويهي آءُ، اَڱَڻَ آڌُوتِيَنِ[544] جي،

جوشُ[545] ڏِنائُون جِيءَ[546] کي، لڪائي لوڪاءُ،

ڏوٿِيُنِ ڪنهن ڏکاءُ[547]، سُمهِي سُکُ نه ماڻِيو.

13

ڪِي[548] ڪو کاهوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿيو،

اَڳي ٿي سُئِي، اُنهنِ سَندي ڳالهڙي.**

14

ڏُٿُ[549] گهڻَائِي ڪَنِ، اِنَ اوراهين[550] ڏيهَه جو،

سَندا کاهوڙِيَنِ، پَري[551] سُڄَنِ[552] پيچِرا.

15

ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ،

اُهڃاڻِيُون[553] عالَمَ[554] جُون، اورِيائِين آڻِينِ،*

تنِهان پوءِ ڏَسِينِ، پِرِيان سَندي ڳالَهڙي.

16

جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکَڙو،

ڇَپَرَ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِڙِيُون سُتَن کي!

17

مُون کاهوڙِي لَکِيا[555]، گَهرين نه گهارِينِ،

واحِدَ لَڳُ[556] وِلهُنِ[557] ۾، رويو جَرُ[558] هارِينِ،

گُوندَرِ گُذارِين، جُه[559] ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏِ ٿِيا.**

18

مُون کاهوڙِي لَکِيا، آيُنِ نه آرامُ،

ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُهه ڏوٿِي ڏَٿُ گَڏِ ٿِيا.

19

مُون کاهوڙِي لَکِيا، ويهِي نه ويرَمَ ڪَنِ،[560]

ڏينهن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ[561]،

جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ[562]، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏِ ٿِيا.

20

مُون کاهوڙِي لَکِيا، سُمهَنِ ڪِينَ پَئِي،

سَمَرُ ڪِيائُون سُڃَ ۾، ڏوري ڏُٿُ لَهِي،

وِيا اُت وَهِي، جِتِ نِهايَتَ ناهِه ڪا.

21

رائو[563]، رُڃُ، رَهُون[564]، جِتي نِيهان[565] نِڪَڻِي،

لَڳِيو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِيو ٿِيَنِ ڇِهُونِ[566]،

تان[567] ڪا سارَ لَهُون[568]، هوتَ! ڪَمِيڻِيءَ، سُپِرِين!

22

کاهوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرُ ٻَڌا سَندِرا،

ڏوريندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِيائُون پاڻُ پَڻِي[569]،

ڏُکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيهه[570] لَڌائُون ڇَپَرين.

23

ماءُ کاهوڙِي هَلِيا، دُکائي دُونهان،

ڇَپَرَ جا سُونهان[571]، ڏوٿِيَنِ ڏُٿَ چيتارِيو[572].

24

کَڻَنِ نه ڪَهَڪانُ[573]، پَنڌَ پَراهين هَلِيا،

ڏوٿِيئَڙا ڪنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا[574] ڏي جابانُ[575]،

کاهوڙِيَنِ اُهُڃاڻُ[576]، اَنگِ[577] نَه سَڄِي اَڳِڙِي.

25

کَرڪَڻا[578] لاهي، سُکُ نه سُتا ڪَڏِهِين،

اوسِيَئڙو[579] آهي، کاهوڙِيَنِ کي پَنڌَ جو.

26

سُڪا مُنهن سَندِنِ،پيرين پُراڻا کيترا[580]،

سا جوءِ[581] ڏوري آئِيا، سُونهان[582] جِتِ مُنجَهن،

ڳُجهان ڳُجُهون ڪَنِ، تِنهان پَرانهين پَنڌَ جُون.*

27

سُڪا سَنڊَ[583] ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين،

ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟

28

سُڪا مُنهن سَندِنِ، کَرِڪَڻا پيرين،

وِهاڻِيءَ ويرين[584]، اُڻُ تُڻُ هُيَنِ[585] اَڳَ[586] جِي.


 

 

وائي

وَسائِيندي مينهن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين،

آئُون مِلَندِيَسِ پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻين.

مُون پِرِيَنِ ميڙيين، روجَهڙِيُون[587] ميڙِيين مِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻين.

اَکِيُنِ آگَمَ[588] لائِيان،* ڪَرَ مُندائِتا[589] مِينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻين.

مادَرِ! موٽِي نه وِهان، مُون پِرِيان سي نينهن،

مانَ مِلان کي سَڄَڻين.

اَدِيُون عَبداللّطِيفُ چي، وِيندِيَسِ ساڄَنَ سيئن[590]،

مانَ مِلان کي سَڄَڻين.

 

داستان ٻيو

 

1

پِيو جَنِ پَرو[591]، گَنجي ڏُونگَرَ[592] گامَ[593] جو،

ڇَڏي کِيٽُ[594] کَرو[595]، لوچي[596] لاهُوتِي[597] ٿِيا.

2

پيئي جَنِ پَرَکَ[598]، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،

واري سَڀُ وَرَقَ،** لوچي لاهوتِي ٿِيا.

3

پيئِي جَن پَڻِي[599]، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،

ڇَڏي نِنڊَ گَهڻِي، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

4

پيئِي جَنِين بُوءِ[600]، گَنجي ڏُونگَرَ گام جِي،

ڏوري سا جُوءِ[601]، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

5

پيئِي جَنِين پَروڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،

ڇَڏي سَڀِ ضَرُور[602]، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

6

جَنِين پيئِي باسَ[603]، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،

ڇَڏي سَڀِ لِباسَ[604]، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

7

گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، پيهي[605] جَنِ پَرُوڙِيو،

ڪَري تَنُ تَمامُ،* لوچي لاهُوتي ٿِيا.

8

ڪِهَڙو اَٿَئِي ڪامُ[606]، گنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟

پَسِي تنهن پَهاڙَ[607] کي، اَچي نه آرامُ،

مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُڄَهِين[608] ڪوهُه عَوامُ[609]؟

هَرا[610] ڪَري حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙِي ٿِيين.

 

9

پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجِي ۾ گُنَ[611] گَهڻا،

کاهوڙِي کَرا[612] وِيا، نه ڪا اوڏِي ماءِ[613]،

جَنِين ڏِٺي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِهَڻو[614].

10

جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمِڪي باهِڙِي[615]،

ٻِيو ٻارِيندِو ڪيرُ، کاهوڙِڪِي کيرَ[616] ري[617]؟


وائي

آئُون جيهائِي[618] ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

اويُون[619] آديسِين[620]، جُون، ڀَرِيان سارِي راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

جي ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهه سين، تَه ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ[621]،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

تان ڪي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان نَه وهامِي راتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

ڪَندِيَسِ عَرَضُ اَللهَ کي، وِهامِيءَ پِرِڀاتِ،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، منهنجي مُحَبَنِ سان مَصِلاتِ[622]،

تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!


[1]. حد کان ٻاهر جاءِ، لامڪان (وڌيڪ ڏسو سر کاهوڙي)

*. نڪا ڊيگهه، نڪا ويڪر، نڪا حد نڪو حساب

[2]. ڳاڻاٽي کان ٻاهر

**. ڪوبه خوديءَ سان خدا کي ڪونه مليو.

[3]. تحقيق خدا هڪ آهي ۽ هيڪڙائي هن کي پسند آهي (حديث)

[4]. ڳوڙها

[5]. خوديءَ

***. اي مالڪ! مون کي خوديءَ کان محفوظ رک، جيئن سڀ وڏائي توکي رسي.

[6]. حسن، وڏائي، بزرگي

[7]. ٻئي ڪنهن کي خدا جهڙو سمجهڻ وارا.

[8]. ذڪر، ڳالهه ٻولهه

[9]. نسورو، نج، خالص

[10]. خوديءَ کان

[11]. اصل، بنهه

[12]. هيءَ زندگي يا وجود

[13]. خودي

[14]. هن کان (خدا کان)

[15]. انسان منهنجو (خدا جو) ڳجهه آهي ۽ آئون سندس ڳجهه آهيان (حديث قدسي)

[16]. تنوار، پچار، ذڪر، ڳالهه

[17]. علم وارا، ڄاڻو، پڙهيل

[18]. معرفت وارا، خدا کي سڃاڻيندڙ

[19]. ٻانهي (انسان)

*. انسان جو روح فاني نه آهي، ڄمڻ يا موت اُن جي شروعات يا پڇاڙي نه آهي

[20]. تعظيم کان، بزرگيءَ کان

[21]. واجهائڻ يا سڪڻ يا طلب ڪرڻ يا عرض ڪرڻ يا بندگي ڪرڻ کان

[22]. حد

[23]. آئون بندو آهيان

[24]. عبادت جو لائق، ڌڻي

*. جيسين تون خوديءَ جو بندو آهين.

[25]. اوزار، حيلا وسيلا، وهم

[26]. تنهن کان

[27]. نماز شروع ڪر

[28]. سجدا، نمازون

[29]. فنا في الله ٿيڻ

[30]. وٺي وڃي

[31]. ٻانهي

[32]. ڪهڙي

[33]. دل

[34]. پريشان نه ٿي

[35]. پريت يا عاشق مان (ڪري

**. الاهي عشق ۾ مستغرق ٿي، خدا جي ذات ۾ لءِ ٿي وڃين

[36]. ڳوليم، ڏٺم، ياد ڪيم

[37]. پرين، محبوب

**. جين منهن سامهون نه ڳالهايل لفظن کي گفتگو نه چئي سگهبو، تيئن صاحب جي صورت نه ڏسڻ کي ملاقات ڪونه چئي سگهبو.

*. ٻارن وانگر ٿورو عقل ۽ زياده معصوميت رک

**. جن نفس کي ماري مات ڪيو تن ڄڻ الله سان اصل حاصل ڪيو

[38]. نماز ۾ بيهڻ

[39]. نماز ۾ ويهڻ، قعده

[40]. جنهن صورت ۾

[41]. تنهن صورت ۾

[42]. ابدي هستيءَ، بقا

[43]. پرينءَ کان، محبوب کان

[44]. راند روند ڪندي به

[45]. جدائي

[46]. ڇو

[47]. سانگو، پرواهه.

[48]. صبح جو سج اڀرڻ مهل

[49]. جيڪي (اکيون)

[50]. ساڻ

[51]. ڪانگن کي

[52]. گراهه، لقما، کاڄ

[53]. خر، گڏهه، رقيب

*. جيڏانهن به نظر ڪريان ٿو تيڏانهن پرين پسان ٿو.

[54]. صبح جو کاڌي کائڻ کان اڳ

[55]. کاڄ، سٺا طعام

[56]. ناشتو، صبح جو کاڌو

[57]. صبح جو سويل ئي (ڏٺا)

**. جيڪڏهن اکين محبوب جو مشاهدو ماڻيو ته ڄڻ ساري جسم حضوري حج (وڏو حج، حج اڪبر) ڪيو.

[58]. صبح جو سويل، فجر جو

[59]. دوست، محبوب

[60]. ڏسڻ

[61]. حاضري، خدمت، عرض يا منٿ ڪرڻ لاءِ

[62]. ڳاڙهيون يا لعل ٿينديون، رڱبيون جيڪڏهن رُچنديون پڙهبو ته معنيٰ ٿيندي پسند پونديون، خوش ٿينديون

[63]. رنگ (رونق، گهڻي سمر يا توشي)

[64]. خودبخود، پنهنجي منهن

[65]. مست

[66]. بي حد، گهڻي

[67]. عشق، قرب، چاهه، پيار

[68]. خوشيون

[69]. قيمتي جواهر ٿي پيون

[70]. ڪالهه

[71]. خوش.

[72]. ڳوڙها ڳاڙين

[73]. خوش ٿين، مُرڪن

[74]. خمار

[75]. ته به، تنهن هوندي به

[76]. ڏيهاڙي

[77]. خواهشمند رهن، تڙپن، انتظار ڪن

[78]. ڏک ڏوراپا

[79]. تکو ڳالهائين، تڪرار ڪن، مارين

[80]. کڙن، روشني ڪن

[81]. جهڙپون

[82]. سودين، خريد ڪن، * محبوب جي اکين کي هٿيارن جي ضرورت ڪانهي هو خود تکيون ترارون آهن، منهنجيون اکيون قهر ٿيون ڪن جو محبوب جي اکين سان وڃيو پاڻ اڙائين.

[83]. جوڙي، لڳائي * معاملو يا جهيڙو لڳائي بيٺين.

[84]. جهڙ ڪيو اٿن (ڳوڙهن سان ڀرجي آيون آهن)

[85]. جيان، وانگر

[86]. منع، جهل، روڪ

[87]. سڃاتائون، لڌائون، پسند ڪيائون، اختيار ڪيائون

[88]. سمجهه، صلاح مصلحت

[89]. کاپارو، نقصان، ڳرڻ

[90]. ڳالهه ** جتي جان ڏيڻ سواءِ ڪو چارو يا واٽ ڪونهي

[91]. لاڙو، ميل، عشق، چاه

[92]. مون کان

[93]. رستا، دڳ

[94]. ڳري، روئي.

[95]. اُبتي

[96]. وڃ

[97]. نئڙت، نياز، نماڻائي

[98]. هل، وڃ * ادب وچان پٺيرو هلج (پويان قدم کڻج) هميشه منهن محبوب ڏي رکج

[99].  غيرتمند

[100]. پنهنجي هٿ وس

[101]. لکندڙ (خدا جنهن لوح محفوظ تي قسمت جو قلم وهايو)

[102]. ذرو

[103]. مالڪن، خدا

[104]. اُٺ

[105]. انتظار ڪڍان، اوسيئڙي ۾ گذاريان.

[106]. مجازي محبت واريون، ڪچيون (اکيون)

[107]. پوريون * جن مجازي عشق واريون اکيون پوري اندر ۾ ليئو پاتو سي ئي محبوب جو مشاهدو ماڻينديون.

[108]. حقيقت جي منزل تي پهچڻ ڪري حق جي حسن يا ديدار

[109]. دم

[110]. ڏيکاري، ٻڌائي، بتائي

[111]. تمنا، خواهش

[112]. حاصل ڪرڻ x ديدار لاءِ تمنا ڪرڻ ۽ ديدار حاصل ڪرڻ ته معمولي ڳالهه آهي (مان انهي کان به اعليٰ منزل تي آهيان).

[113]. آئون

[114]. اميد

[115]. ڏسڻ کان ** تمام گهڻو ۽ ايترو آهي جو اکيون کڻي ڏسي نٿو سگهجي.

[116]. پاڪائي (جمال) *جيڪي اکين جا پيچ پائي، عشق جون ميخون هڻن ٿا

[117]. عضون، جسم جي ڀاڱن

[118]. دل جي دوستن

[119]. محبت نه آهي

[120]. هونئن ئي، هروڀرو، خواه مخواه

[121]. اجايو

[122]. پرولي، ڳجهارت، راز، اسرار

[123]. پرولي، ڳجهارت، راز، اسرار

[124]. سمجهندڙ، واقف ** اجايون سجايون ڳالهيون ڪن.

[125]. ڪڪرو، ڪک، مٽي

[126]. ننڍيءَ سئيءَ کان، سوئيري کان، سُرمي کان

[127]. سنهو، سوڙهو.

[128]. وهڻ يا ليٽڻ جي جاءِ، وهاڻو

[129]. اکين جي پلڪن

[130]. پيوست، اندر گهڙ

[131]. چم جي ڳوٿري

[132]. خرن (گڏهن)، رقيبن جي * عام کي خبر نه ڏي جو هو تنهنجي عشق جي اپٽار ڪن.

[133]. ڳاڙهي رات، خوشي يا وصل جي رات، ٿورڙي يا ذرڙي رات

[134]. ذڪر ڪرڻ، سمجهاڻي ڏيڻ

[135]. عميق، پراسرر، وڌيڪ مونجهاري واري. ** متان وصل جون گهڙيون ڏک ڏوراپن ڪڍڻ ۾ گذري وڃن.

[136]. آسان، سولي *** راز مخفي رک، ڳجهه لڪاءِ

[137]. گڏهن، عشق کان بيخبرن (شيطان)، رقيبن

[138]. عشق جو

[139]. تير، ڪان

[140]. گلا ڪندڙ

[141]. کڏ ۾ پيو، غرق ٿيو، نابود ٿيو.

[142]. گهٽ، ٿورو

[143]. عشق، پريت * جن جو عشق عميق آهي، تن خر (کاڙو، کٻڙ، شيطان) کي ماري فنا ڪري ڇڏيو.

[144]. وڏو نانگ (ڪامل مرشد)

[145]. عرض قبول ڪري، ٻڌي ** جيڪو محبوب (خدا) جي چرپر پيو ٻڌي (جيڪو محبوب کي ويٺو ڏسي).

[146]. رستا، گس

[147]. سڌيون

[148]. ڏنگيون

[149]. دستور، عادتون، طريقا، رمزون

[150]. عادت، رمز

[151]. جيڪي ٿي گذري، واردات، واقعي

[152]. ويڪرائي *** هي سڀ غيبي نظارو يا اسرار آهي.

[153]. انڌو، نابين.

[154]. عقل، هوش، جرات، طاقت

[155]. (جمع: ادراڪ)، سمجهه (سمجهه جو ڪم ڪري)

[156]. قدر، اهميت

[157]. پرزا پرزا

[158]. اشارا، اهڃاڻ

[159]. لڄي ٿيو، ڦڪو ٿيو * محبوب جي مشاهدي جي تجلي سهي نه سگهيو.

[160]. ڳجهارت، راز

[161]. معاملو، جهڳڙو

[162]. لوئين، ڳوهين، زور ڏين، هٿوراڙيون ڏين

[163]. سچ پچ

[164]. هاٿيءَ (شيطان)

[165]. نور، اکين جي روشنائي

[166]. ڏسڻ واري ڪري (ڏئي).

[167]. دوست، حضرت موسيٰ

[168]. نقاش جو نالو، جو پاڻ کي خدا سڏائيندو هو

[169]. بيمار

[170]. ٻيائي، جهڳڙو

[171]. جلالت وارو، وڏو (خدا)

[172]. ٿورو

[173]. ٻيائي

[174]. شڪ، ڏڍ، وسيلو، رستو

[175]. سپت، سچائي

[176]. موسم * مرڻ جي وقت جي خبر نه آهي.

[177]. مرڻ کان اڳ، توبهه ڪرڻ جي تڪڙ ڪريو. ** دير نه ڪر

[178]. تيار ٿي.

[179]. موت

[180]. غافلن

[181]. اٺ هڪلڻ جو لڪڻ

[182]. جايون (اميدون، خيالي آسرا)

[183]. دعوت، سڏ

[184]. خبر * موت بنا سڏئي، خبر ڏيڻ کان سواءِ جلدي اچي ٿو.

[185]. پهرائي، ڍڪائي

[186]. پَوان

[187]. پرينءَ (محبوب) کان

[188]. پري، پراهون، پٺ تي

[189]. جاءِ

[190]. اکيون، چڱيون، موچاريون

[191]. ڦري، پرچي، راضي ٿي، گڏجي، ملي

[192]. حق ۾، بابت، لاءِ

[193]. ڪسي، گهٽ، قصور.

[194]. مشاهدو، ڪثرت ۾ وحدت

[195]. عام ماڻهن

[196]. ٻاهرين حد، چوگردي ڀت، آسرو

[197]. گهوڙن مٿان وجهڻ لاءِ ٽپڙي، ڍڪ، پناهه * گهوڙن (مال متاع) عام ماڻهن لاءِ آسرو ۽ آڌار آهي. ** پر جيڪي بي بها (وڏي روحاني مرتبي تي پهتل شخص) آهن، سي ته انهي مال متاع جي ڳڻڻ يا هجڻ جي ڪري ئي پاڻ کي نابود سمجهن ٿا. عام ماڻهو دنيوي ملڪيت تي ناز ڪن ٿا، پر خدا رسيده انهيءَ کي روحاني ترقي جي راهه جي رنڊڪ سمجهن ٿا.

[198]. ٻيا ته ٺهيو پر راز محرم، معرفت جا صاحب *** خدا کي معرفت جي صاحبن ۽ وڏن وڏن صوفين ۽ ولين ئي پوري طرح ڪين پروڙيو.

[199]. قابل، ڄاڻو، عارف، استاد

[200]. جهرڪي

[201]. چهنب

[202]. لڻي، وڍي، ڪک کنيائون

[203]. پاڻيءَ جا ڦوٽا، پاڻيءَ جا ڦوڪڻا

[204]. ماٿري (وحدت جي واٽ)

[205]. نابودي، فنا، موت *موت جي حد کان به اڪري، اڳتي وڃ، فنا في الله ٿي.

[206]. نشاني، اهڃاڻ،پتو،

[207]. لوڪان، لوڪ کان

[208]. لڪان، لڪڻ کان.

[209]. فڪر، ڳڻتي

[210]. ابتي (پراسرار) *ويجها بيٺل (دل ۾)

[211]. چڱيءَ طرح سان پروڙجي ويا

[212]. نه ڪي ڄڻي ٿو، نه ڪي پاڻ ڄائو آهي (خدا)

[213]. وڃ ** اُتان ئي، اندر مان، دل ۾

[214]. پرکيندڙ، اُستاد، ماهر (سالڪ)

[215]. عين جي اکين، اندر جي اکين

[216]. سڀ ڪنهن

[217]. گمان نه آڻ

[218]. ٻاهران

[219]. ڳول

[220]. حيوان

[221]. ڪُن، گهيرو، پيار، سچي دوست.

[222]. هاڪار، اقرار، بقا [نفي جو ضد]

[223]. هوئي، هجي

[224]. انڪار، نابودي

[225]. جهڙو، مثل

[226]. مدد

[227]. اونداهيءَ ۾، فڪر جي حالت ۾

[228]. خدا سان ڪنهن ٻئي کي برابر سمجهڻ

[229]. روشنائي، رهبري * ڪافر ڪفر تي ناز ڪري ٿو.

[230]. اصل، بنهه

[231]. ڌاڳو جيڪو هندو ڳچيءَ ۾ وجهندا آهن

[232]. سندور سان پيشانيءَ تي داغ جيڪو هندو ڌرمي رسم پوري ڪرڻ لاءِ هڻندا آهن

[233]. حضرت موسيٰ پيغمبر

[234]. شيطان

[235]. پليد، شرارتي، بڇڙو.

[236]. راند، اٽڪل

[237]. ويراني، بي معنيٰ، بڇڙي

[238]. آرسيءَ کان

[239]. صاف، چلڪندڙ

[240]. ٻاهران

[241]. سرمي جي سرائي وجهه

[242]. اکين جون پنبيڻيون

[243]. ٻيائي، شرڪ

[244]. سرخرو ٿي، مرڪ

[245]. ڀڃڪڙي (شرڪ)

[246]. منهن تي پوي، مناسب آهي، جڳاءِ

[247]. شاهدي ڏيندڙ، ڏسڻ واري

[248]. کڻ (پاڻ وٽ رک)

[249]. ڪارَنهِن (سرمي)

[250]. وجهه، لڳاءِ

[251]. سٺي ڳاڙهي رڱيل ڪپڙي.

[252]. ڌارين ٻولي (حاڪمن جي ٻولي)

[253]. ٻانهو، گولو *جيڪو هڪ پاسي خسيس ته بئي طرف اعليٰ آهي، جنهن جو ڌڙ ريڍو ۽ سسي ٻاڪري آهي.

[254]. وٺي وڃي، همراه رکي

[255]. عام رواجي ماڻهو

[256]. خاص يا اعليٰ يا افضل ماڻهن

[257]. خرابي يا بڇڙائي يا ڏوهه يا گناهه ڪري

[258]. گڻن يا خوبين هوندي ** جيڪي گناهه سمجهيم ته زبان سان ڪيا اٿم.

[259]. مهربانيون، ثواب *** خودي ڪڍي، ثوابن کي تڇ سمجهيم.

[260]. منت، آزي نيازي، پرچائڻ لاءِ وسيلو يا شافي ڪري * جڏهن خودي گم ٿي وئي

[261]. گهڻو

[262]. ننڍيءَ ٽهيءَ ۾، ٻالجتيءَ ۾

[263]. حاصل ٿيم، مليم

[264]. سکن مان.

[265]. الي ويس، نه ٻڌايم

[266]. هِنيئين کي، دل کي

[267]. سليَم، ٻڌايم

[268]. روح کان

[269]. وسان، وس کان، هٿان، قبضي مان

[270]. رذيلن، بدڪارن، ڪمينن

[271]. پيلاڻ

[272]. شڪ، گمان * منهنجي منهن جي پيلاڻ ڏسي شڪ پيو.

[273]. مُنهنجو

[274]. رنگ [زردي] ** ڳالهه لڪل ڪيئن رهندي.

[275]. ڳري، ڦٿڪي، پريشان

[276]. دل

[277]. نڙيءَ ۾

[278]. ڍنڍ، سيڻاه، ٻڪري، ساندارو

[279]. جڏهن

[280]. درياه

[281]. ڦوڪيو، ڇوليون يا لهرون هڻڻ لڳو

[282]. سوين، گهڻا

[283]. محو ڪري،ڳاري

[284]. اُڌما ڏيارايا، اڀاميا

[285]. شل

[286]. ٻاهر

[287]. هجڻ

[288]. هجڻ موجودگي ***هن (خوديءَ) جو هجڻ يا موجودگي وصال جي وچ ۾ رنڊڪ آهي.

[289]. ناڪار، سوال پڇڻ يا نه چوڻ جو آواز

[290]. مون

[291]. پيدا ٿئي، اُسري

[292]. واقفيت، سڃاڻپ

[293]. انهن

[294]. اوهان

[295]. اصل، بنياد، نهايت * آئون چوڻ خدا کي جڳاءِ ۽ نه انسان کي، ڇاڪاڻ جو سندس ذات اصلي آهي.

[296]. تنهن ۾ وجهڻ سان

[297]. گوشت

[298]. ان رکڻ جي جاءِ ** جيئن تنهن ۾ رکڻ سان گوشت پڇي ڪين سگهندو يا گنديءَ مان عشق نه اڀندو يعني اها ڳالهه ناممڪن آهي. تيئن خوديءَ ڪري خدا سان ملڻ ناممڪن آهي.

[299]. اڻ سهائيندڙ طريقي سان

[300]. ڪيئن

[301]. ميلاپ، ملاقات

[302]. ديدار

[303]. هنن جو نزديڪ يا ويجهو

[304]. برداشت ڪري

[305]. تائين *** دوست جي ديدار جو تاب نه برداشت ڪري سگهان.

[306]. ڳڌي، ورتي

[307]. ڳران، سڙان

[308]. عادتيءَ، جنهن کي عادت هجي

[309]. اها شيءِ جنهن جي هن کي عادت هجي

[310]. اي ڪچا!

[311]. خدا کي تسليم ڪندڙ، قبولدار.

[312]. متان

[313]. اونهي درياه جي تري ۾

[314]. خالي، پري

[315]. خيال، راز

[316]. پلاند، دامن

[317]. آڌار

[318]. عادي ڪر

[319]. هج، ٿي رهه

[320]. بقا واري، بقادار (خدا)

[321]. سڪل ٽاري

[322]. لنگوٽي *(شهوت پرستيءَ کان پاسو ڪج)

[323]. پوتيءَ

[324]. سڪل، سڪا

[325]. انهن کان

[326]. بنديءَ، کنڌي، حساب

*. متان بدنام ٿيين يا سزا جو لائق بنجين

[327]. پرچڻ، راضي ٿيڻ، ريجهڻ

[328]. پرينءَ جي، محبوب جي.

[329]. اهي جن ايمان آندو آهي ۽ پرهيزگار يا ڊڄندڙ آهن (ق-ش)

[330]. رستي يا طريقي تي

[331]. سينگاري

[332]. لءِ * انهن جي دلين مان انتظار ۽ عذاب جو ڊپ نڪري ويو.

[333]. تنبورو، وڄائڻ جو ساز

[334]. ڳجهه، اندر جو مطلب، اسرار

[335]. هو (خدا) هڪ آهي ۽ سندس ڪو شريڪ ڪونهي

[336]. رسي وئي، پري ٿي

[337]. اي محبوب!

[338].  ويڪري، موڪري ** اي محبوب! هي جو وصال ۾ گهڻو ويڇو پيو آهي سو شل اڃا به وڌيڪ وڏو نه ٿئي.

[339]. مناسب، لائق، صلح، ٺاهه، محبت

[340]. جيئن

[341]. دنيا، جڳ. *** جيئن دنيا جو دستور آهي.

[342]. جن کي ڪو هن دنيا ۾ اهميت جي نظر سان ڪونه ڏسي.

[343]. ڌاريان، اوڦٽو

[344]. تحقيق منهنجا اوليا يا دوست منهنجي قبا يا چوغي هيٺ لڪل آهن (حديث)

[345]. ڍڪائي

[346]. مون کان سواءِ اوليائن کي ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو سڃاڻي (مٿئين مصرع ۾ آيل حديث جو ڀاڱو)

[347]. ڌارين، اوڦٽو ماڻهن

[348]. پنهنجي مت يا راءِ

[349]. راءِ، مرضي، رستو، راهه

[350]. کلمک ٿي، خوش خلقيءَ سان ** انهيءَ (خدمت) مان ئي ڪجهه روحآني ترقي حاصل ٿيندي.

[351]. لائق

[352]. رستي، راهه

[353]. وٺي ويو، تباهه ڪئي

[354]. جدائي، فراق

[355]. غم، عشق

[356]. اندر ۾ ئي

[357]. ڪک بدن

[358]. رستا، گس

[359]. جيان، وانگر، مثل

[360]. کان سواءِ

[361]. مينهن وٺي

[362]. اُڀرن، نڪرن

[363]. اوڀَڙ، فصل، گاه، ٻوٽا

[364]. غيرآباد زمينن ۾، جتي جهنگلي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا قدرتي طرح اُڀرندا آهن.

[365]. جڏهن، جيڪڏهن

[366]. جدائي، فراق، وڇوڙو.

[367]. ڪٿان، ڪيئن

[368]. چوري زور وٺائيندڙ

[369]. چوڻ

[370]. سولا، آسان * اي مائي! اڃا ته غم منهنجي جسم سان آهي.

[371]. عشق جي شراب جو چڪو

[372]. بهتر، چڱو

[373]. اِهو

[374]. بخار، ساڙو (بره جي باه)

[375]. ڏک، ڦٽ

[376]. ڳوليو، لوڙيو، ڦٿڪيو، پاسا ورايو

[377]. ڳجهه

[378]. سورن جون ڳالهيون ڪج، اورج

[379]. تيستائين

[380]. جيستائين

[381]. ڳجهه، اندر

[382]. چڱي طرح، وڏو، ٿلهو

[383]. نيلوفر يا پٻڻ جي پاڙن جنهن آبي ٻوٽي ۾ ڪوڻيون ٿين ٿيون، ڪم به ان ئي ٻوٽي (ول) مان حاصول ڪيا ويندا آهن آهن. ڪوڻيون پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ظاهر ٿين ٿيون جڏهن ته ڪم ورن وڪڙن وارين ڏانڊين سان ٻوٽي جي پاڙو وٽ هوندو آهي پر پاڙ ناهي7.

[384]. اونهي پاڻيءَ **. جيئن اونهي پاڻيءَ ۾ پاٻوڙن جون پاڙون ٿلهيون هونديون آهن، تيئن تون به غمن جي غلبي ڪري متارو ٿيءُ.

[385]. هنن کي پچار تان، هنن جي تات

[386]. ڄڻ ته، گويا

[387]. انهن کي

[388]. ڪالهوڪيءَ کان

[389]. روئي، پاڻي هاري

[390]. روڄ راڙو

[391]. هريل، هيرايل

[392]. ايئن

[393]. هڪ هنڌ، قرار

[394]. ڌڻ، ولر

[395]. اندران.

[396]. نرڙ، مٿي، سر

[397]. نيڻن يا اکين مان

[398]. وسيا، ياد پيا

[399]. عشق، برهه، غم

[400]. ڇا

[401]. جهڙ، ملار (يادگيري)

[402]. ياد پيوم

[403]. آلو، ڀنل

[404]. اجايو

[405]. اي منهنجا پرين! * اي منهنجا پرين، تنهنجون ڳالهيون سنڀاريو پئي جيان

[406]. حد، شمار، ڇيڙو، سرو.

[407]. جڏهن، جيڪڏهن

[408]. پساهه، دم (اندر جون ڳالهيون)

[409]. ونڊيان، ڪريان

[410]. بدن جي ننڍن وارن

[411]. هوش وارو، ريڌل

[412]. دل، من، اندر

[413]. طعنن، ملامت

[414]. ٻڌل

[415]. دز، لٽ

[416]. وڻ * جدائيءَ ڪري دل قرار نه آهي ۽ دوستن جي ٽوڪن ڪري بيقرار آهي. دل ائين غم جي غبار سان ڀرجيو وڃي جيئن رستي جو وڻ آمد رفت سبب مٽيءَ سان ڀرجي ويندو آهي

[417]. سورن کان

[418]. روڄ راڙو ڪري، پريشان ٿيڻ

[419]. دل کي دلاسا ڏئي سڌير ڪري

[420]. اَسُر جو، پرڀات جو

[421]. گس، پيچرو

[422]. هنن کي ياد ڪريان

[423]. ڦٽ ٺينڊيون ڪري وهن

[424]. برابر

[425]. هميشه

[426]. سُورُ ڪَنِ، ڏک پيدا ڪن، ياد پون، هرن ٿا ** سڄڻ هميشه ڀڳل هڏي وانگر (سور ڪرائڻ سبب) ياد رهن ٿا.

[427]. چت تي رکي، ياد ڪري

[428]. جڏهن

[429]. مڱڻهار، فقير

[430]. سازو سامان

[431]. اوڏيان، اوري کان، ويجهي کان

[432]. ناز يا ماڻو ڪندڙن

[433]. خراب، ڪنا

[434]. عيب

[435]. ڇڏيندين

[436]. سخا ڪندڙ

[437]. اڳيان

[438]. مشڪل

[439]. ڪکن ۽ ڪاٺين جا ٺهيل وڏا ترها، نقلي کٽولا * محبوب جي هندي ٻين جو آڌار ۽ ٽيڪ ڳولڻ عبث آهي.

[440]. پيدا ٿيو ** مٽي، جيڪا کڏ مان کڻبي آهي

[441]. (سَوَليءَ جو ضد)، ڏکئي وقت

[442]. واهر ڪندو، فرياد ٻڌي عرض اونائيندو.

[443]. اوريان

[444]. درياه جي ڀرسان ڪچي زمين

[445]. ڦلاريون، اَڀريون * دل ۾ ڳالهيون تمام گهڻيون اچي گڏ ٿيون آهن.

[446]. ڌارين، ٻين

[447]. ڪنڊ ۾، اڪيلو

[448]. نهر جو نالو؛ دور، پري

[449]. تنهن ڪري

[450]. ڦاسيءَ

[451]. عضوا، جسم

[452]. ڪڪر

[453]. تمام گهڻو

[454]. مهٽي (هٿ هڻي ڪپڙن جي استري وغيره بگيڙڻ کي لوئڻ چئبو آهي)؛ وطن

[455]. موڳيون ڪن، غافل ٿين.

[456]. جهڙ

[457]. وسوسا، خيال، غم

[458]. سستي، ننڊ

[459]. هنن ساڻ * (تون سمجهين ٿو ته) محبوب توسان سڌو يا چڱو نٿا هلن پر حقيقت ۾ اها اجائي ۽ اُبتي روش نه آهي.

[460]. وڃ

[461]. ڇريل، رنگ ڏنا

[462]. گوناگون، گهڻن رنگن واري

[463]. پٽ جي

[464]. شوخ

[465]. ڪاٺيءَ جو ڳڀ

[466]. ونجهه جي، وانجهيل، پوري، کوکلي.

[467]. کوه تي چڙهيل نار ** جيئن ڪچي کوه تي چڙهيل نار مان واري گڏيل پاڻي نڪرندو آهي ۽ ان کان جدا نه ٿي سگهندو آهي.

[468]. جدا ڪيانس.

[469]. مضبوط،

[470]. سوڙ، گاديلو

[471]. رلي، گاديلو

[472]. حسن، جواني

[473]. شادي ڪرڻ کانسواءِ

[474]. ڪهڙو

[475]. ضعيف، غريباڻا

[476]. جهوپڙيون، گهر

[477]. زور سان لڳي

[478]. پوتيءَ جا پلاند * پاڻ کي گرم ڪرڻ لاءِ ڇريل پوتيءَجا چارئي پلاند يا ڪنڊون پئي ڇڪيم ۽ ائين ڪندي رات گذري وئي.

[479]. باه، آگ

[480]. ٻڌج، خيال ۾ رکج

[481]. ٿانو، برتن.

[482]. ڪجهه

[483]. ڳوهيو، ملايو

[484]. پئي، پوي

[485]. گڏهن، خبيثن، رقيبن

[486]. هي يعني ڪنڀر

[487]. هنن جي يعني خبيثن جي

[488]. روڄ راڙو، غم

[489]. سڱَ واريون، مائٽياڻيون

[490]. ياد ڪريان سنڀاليان

[491]. گس

[492]. اي منهنجا پرين!

[493]. گڏه (شيطان) رقيب.

[494]. ڀرم، حيا، سرخروئي

[495]. ملڪ

[496]. اٽي مان ٺاهيل کاڌي جو قسم

[497]. گناهه مون ڪيا

[498]. طعنو نه هڻي

[499]. رت گاڏڙ، ڳاڙهو

[500]. وهائڻ

[501]. سَنيُون، سڌيون يا مراديون سڄا ڪم سولا ڪج، مشڪل آسان ڪِج.

[502]. سيلاني فقير

[503]. خفي، ذڪر جو لڪل طريقو

[504]. ڳولي

[505]. الله

[506]. مڪان جو ضد لامڪان (7 ۽ 8 بيت ۾ وڌيڪ بيان آهي)

[507].الله

[508]. فقير

[509]. پڪل، ڀڳل (عشق ۾ رچي ريٽو ٿيل)

[510]. سڀڪنهن شيءِ ۾، هرهنڌ

[511]. اي ماءُ! امڙ!

[512]. بهادرن

[513]. ترڻ لاءِ ڪکن جو موڙو،

[514]. آڌار، ٽيڪ

[515]. درياهه.

[516]. پٻ جبل ڏي

[517]. قطارون

[518]. ڏٿ تي گذران ڪندڙ، فقيرن

[519]. اي قاصد! اي مسافر! اي واٽهڙو

[520]. طرفان، پاسي کان، پَريئين پارَ کان

[521]. ڏونگر مان

[522]. طريقي، رستي، ريت

[523]. اصل، بنهه

[524]. ڇو؟

[525]. سويل

[526]. سانداريون

[527]. ڪٿان * عام رواجي ملڪن جهڙو ملڪ نه آهي (لامڪان آهي) ۽ جتي پکين جو پير به نه آهي، يعني جتي پکي، پکڻ به نظر نٿو اچي.

[528]. ڀيرا ڏئي، هر هر

[529]. وڻن مان ڏٿ حاصل ڪيو (ڏٿ مان مراد آهي روحاني خزانو).

[530]. ملڪ * لامڪان

[531]. پٿرن

[532]. علم، دينوي ڳالهيون

[533]. ڳولين

[534]. انتها، پڇاڙي حد

[535]. چڙن، ڪاوڙجن

[536]. غافل

[537]. وٽ

[538]. ڀريا

[539]. ڀُڻَنِ، گهمن

[540]. جسم

[541]. ڳَهيلِي، بي عقل

[542]. ظاهر، کليو کلايو

[543]. وڃ

[544]. درويشن، فقيرن

[545]. جذبا، بره جي باهه

[546]. جان جسم

[547]. ڏک کان

[548]. ڪجهه ** اي کاهوڙي! ڌڻي وٽان ڪا الست ۾ ڪيل وعده جي وفا ڪرڻ لاءِ طلب ٿي آهي ڇا؟ انهيءَ ڳالهه جي اڳيئي خبر ٻڌي ٿي.

[549]. سمر

[550]. اوريين، دنيا

[551]. دور، هُن دنيا

[552]. سمجهن، ٻڌجن

[553]. نشانيون

[554]. عالم بالا، ملڪوت * هن دنيا ۾ ئي کاهوڙين (ڪامل مرشدن) کي هُن دنيا جي خبر چار پوي ٿي.

[555]. معلوم ڪيا، ڏٺا

[556]. ڪارڻ، لاءِ

[557]. سخت سرديءَ، ملڪ

[558]. پاڻي، ڳوڙها

[559]. جڏهن ** جن روحاني خزانو هٿ ڪيو آهي يا جيڪي روحانيت جا صاحب آهن؛ سي هميشه غمن ۾ گذارين ٿا (تن کي تسيا ڏين ٿا).

[560]. غفلت ۾ اجايو وقت نٿا وڃائين

[561]. هلن، پنڌ ڪن

[562]. تنوارون ڪن، ذڪر ڪن

[563]. پهريون، ڪڪريون

[564]. جبل؛ لٽ

[565]. لڪن ۽ جهولن وارو اَرهڙ

[566]. ڇيهون، پرزا پرزا

[567]. توهان

[568]. لهو

[569]. مٽي

[570]. انت، پڇاڙي، راز، ڳجهه

[571]. واقف، اڳواڻ

[572]. چت تي آندو، ياد ڪيو.

[573]. وهٽ (گهوڙو، اُٺ)

[574]. هليا

[575]. بيابان

[576]. نشان

[577]. بدن تي

[578]. نوڙين مان وٽي ٺهيل جتيون

[579]. فڪر، خيال، ڳڻتي

[580]. پراڻا کرٿل، ڇنل جتيون

[581]. جاءِ، مڪان، ملڪ

[582]. رستو ڏيکاريندڙ، رهبر * اهي معرفت جون منزلون ماري اندرئي اندر ۾ انهيءَ کان به اعليٰ مرتبه ۽ منزل ڏانهن وڃڻ جون سٽون پيا سٽين.

[583]. ساندارا

[584]. وقت

[585]. هنن کي فڪر يا انتظار يا ڳڻتي هئي

[586]. اڳتي اعليٰ مرتبو، الله سان لئي ٿيڻ، قيامت.

[587]. اڇن پيرن وارا هرڻ

[588]. ڪڪر * اکين ۾ بادل يا ڳوڙها ڀرجي آيا آهن.

[589]. مند وارا

[590]. تائين

[591]. خبر

[592]. (گنجي) ٽڪر

[593]. ڳوٺ

[594]. آبادي، فصل

[595]. (ا) صحيح سلامت، ڀلو (2) فصل لُڻِي گڏ ڪرڻ جو هنڌ، خرمن (ف)

[596]. ڳولي

[597]. لاهوت جي صوفيانه منزل کي پهتل، معرفت وارا

[598]. ڄاڻ، پروڙ ** سڀ ڪجهه ڇڏي.

[599]. مٽي

[600]. خوشبوءِ

[601]. جاءِ

[602]. ضروري ڪم، (تعلقات)

[603]. بوءِ

[604]. ڪپڙا، ٺڳيون، دغائون؛ دئي

[605]. اندر گهڙي * جسم جلائيو يعني نفس ماري.

[606]. ڪم

[607]. جبل

[608]. ڄاڻين، ڳولين، سمجهين

[609]. ڪوهه عوام، معمولي ٽڪري

[610]. سڀ ڪجهه، هرهڪ (هرا! ڪري پڙهبو ته معنيٰ اڙي! ٻيلي!).

[611]. ڳڻ

[612]. پختا، پڪا

[613]. پاڻي؛ امڙ

[614]. طعنو

[615]. باه

[616]. جماعت، قطار، ساٿ

[617]. کانسواءِ

[618]. جهڙي به

[619]. پخالون

[620]. فقيرن

[621]. بخشش

[622]. مصلحت، ڏيٺ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com