سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :24

 سُرُ مُومَلَ راڻو

سر بابت:

هِن نالي سان، ڪابه هندستاني راڳڻي ڪانهي. سر جو نالو، مضمون مطابق رکيو ويو آهي.

هن سر ۾ پڙهڻيون ۽ ترتيب، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري اختيار ڪئي وئي آهي. داستان جو اختصار هرهڪ داستان جي اڳيان ڏنو ويو آهي.

آکاڻي:

هن سر جو مضمون مومل ۽ راڻي جي مشهور قصي تي مبني آهي، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو.

پندرهينءَ عيسويءَ صديءَ جي اوائل ۾، راجا نند نالي، گجر ذات جو هڪ راجپوت سردار، ميرپورماٿيلي جو حاڪم هو. هن کي نوَ نياڻيون هيون، جن مان مومل حسن ڪري هاڪاري ۽ سول سياڻپ ڪري مشهور هئي.

هڪ ڏينهن جيئن راجا شڪار پئي ڪيو، تيئن سنڌوندي ۾ هڪ سئور ٽپندو نظر آيس. جتان ٿي سوئر لنگهيو اتان پاڻي سڪي ٿي ويو. اهو لقاءُ ڏسي راجا نند سوئر جي پٺيان پيو ۽ وڃي ٻي ڀڪ تي پهتس. سوئر کي ماري، ان جي هرهڪ عضوي کي، پاڻيءَ ۾ وجهندو ويو، تان جو سوئر جي ڏند ۾، اها ڪرامت ڏٺائين، جو پاڻيءَ ۾ پوڻ سان، اتان پاڻي سڪي ٿي ويو. اهو ڏند پاڻ سان کڻي درياه ۾ گهڙيو، ته پاڻي ويو اتان سڪندو. پوءِ هن پنهنجو سارو خزانو کڻي، درياه جي پيٽ ۾ پوشيدو ڪري رکيو. هن مام جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه ڏنائين.

جادوءَ جي ذريعي، ڪنهن فقير کي، هن اسرار جي پروڙ پئجي ويئي. هڪ ڏينهن راجا سانگي سان سر سڌاريو. سندس غير حاضريءَ ۾ فقير اچي محلات جي در تي صدا هنئي. مومل دريءَ مان منهن ڪڍيو ۽ ڪهل وچان فقير جي چوڻ تي، اهو ڏند آڻي هن کي ڏنائين. فقير هن کي دعائون ڪندو رمندو رهيو، ۽ ڏند جي وسيلي درياه سڪائي، سارو لٽيل خزانو، ڍوئي وڇي ڪنهن ڏوراهين ڏيهه ۾ ديرو دمايائين.

راجا نند سفر تان موٽڻ تي، جان کڻي دٻلي کولي تي ڏند لڀيئي ڪونه. گهڻوئي ڳولا ڦولا ڪيائين، پر وڃايل شيءِ واپس هٿ نه آيس. آخر پڇا ڳاڇا ڪرڻ مان معلوم ٿيس، ته اهو ڏند، مومل ڪنهن رمتي فقير کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ٻڌڻ شرط هو باهه ٿي ويو. نڪا ڪيائين هم نڪا تم، جلهه ڪري ويو، مومل کي مارڻ، سومل اها روئداد ڏسي، پيءُ کي دلاسو ڏنو ته، مومل نه ماريو؛ اهو خزانو توهان مون کان لهڻو.

سومل جادوءَ جي فن ۾ ماهر هئي، تنهن ويچار ڪيو، ته اهڙو ڪو منڊ منڊجي جو ججهو مال متاع هٿ چڙهي. اها سٽ سٽي، هوءَ ڀينرون ۽ ٻيون ٻانهيون ساڻ ڪري، ماٿيلي مان نڪري، جيسلمير جي ويجهو لڊاڻي جي شهر ۾ وڃي رهي.

ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڀرسان، ڪاڪ نئين جي ڪنڌيءَ تي، هڪ طلسمي رنگ محل تيار ڪرايائين. محل جي چؤڌاري هڪ عمدو باغ رکيائين. باغ جي چؤڌاري وڻراهه مان، اهڙو انگڙ ونگڙ پيچرو بنايائين، جو جنهن ۾ جيڪو هڪ واريءَ گهڙيو، سو گم- محلات جي ٻنڀي وٽ شيشي جو تلاءُ ٺهرايائين، جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ، اهڙيون ڇوليون پي ماريون، جو ڏسندڙ جو ڏيل ڏڪيو ٿي ويو. دروازي وٽ ۽ محلات جي چئن ئي ڪنڊن تي، جادوءِ جا شينهن کڻي کڙا ڪيائين، جن جي گجگوڙ آسمان ڏاري ٿي وڌو. ديوان خاني ۾، ست کٽولا هڪ جهڙا سنواريل ۽ سينگاريل وڇارائي ڇڏيائين. انهن مان ڇهه کٽولا ڪچي سٽ سان واڻيل هئا ۽ هرهڪ جي هيٺان هڪ اونهو کوه کنيل هو، باقي ستين کٽولي ۾ ڪوبه کوٽ کريب رکيل ڪونه هو.

محلات ٺهي راس ٿيڻ تي، شهر ۾ پڙهو گهمايائين، ته جيڪو باغ لنگهي، تلاءُ اُڪري، شينهن جي چنبي کان پاڻ بچائي، سچي کٽولي تي اچي وهندو، تنهن کي مومل جو هٿ نصيب ٿيندو.

لڊاڻي جو شهر هڪ تيرٿ هو، جتي همون پرديسي پيا ايندا هئا. هوڪو پيو ۽ ساري ملڪ ۾ ڳالهه باهه وانگر پکڙجي وئي. مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، ڪيترا بادشاهه، مومل جي ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪٿان ڪٿان ڪاهي ايندا هئا.

جيڪو عاشق ايندو هو، تنهن کي پهرين باغ جي در وٽ رکيل نغاري تي ڏؤنڪو هڻڻو پوندو هو. ڀير تي ڏؤنڪي لڳڻ شرط، مومل پنهنجي پاڙهيل ٻانهي ناتر کي آڌرڀاءَ لاءِ موڪليندي هئي. پوءِ ناتر اڳيان هلندي هئي ۽ مهمان سندس ڪڍ لڳو ايندو هو. تانجو ناتر گوهي هڻي گم ٿي ويندي هئي ۽ مهمان پيو لوهون ڏيندو هو. پوءِ مومل جا ماري، هن کان سڀ هيرا جوهار ڦري، ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئس. هو اهڙي خواري جي خبر، يا اهڙي جٺ جو سور ساٿين سان ڪين سليندو هو. اهري ريت مومل مايا ميڙي، پئي پنهنجي پيءُ راجا نند کي پهچائيندي هئي. جيڪڏهن ڪو پيچدار پيچرو لتاڙي، وڃي کوٽي کٽوليءَ تي وهندو هو، ته کوهه ۾ ڪرندو هو ۽ اتي چيچلائي چيچلائي مرندو هو.

انهيءَ زماني ۾، همير سومرو عمرڪوٽ جو حاڪم هو. کيس ٽي وزير هئا، جن مان مينڌرو، سندس سالو پڻ هو. هڪ ڏينهن هو چارئي شيل شڪار ڪندا، ڪنهن سواميءَ سان گڏيا. سندس بت ڀڀوت سان ڀريل هو. ڪلهن تي سائي شال هيس، ڳچيءَ ۾ سوني مالها ۽ مٿي تي مڳٽ. شڪل نوراني هيس ۽ اکيون ڳاڙهيون جهڙيون لعل، گفتگوءَ جي دوران ۾ سواميءَ کان، مومل جو سارو قصو ٻڌائون ۽ پڪو پهه ڪيائون ته مومل کي ملڻ ڌاران، وطن ڏي واڳ ڪانه وارينداسون.

چارئي يار ڀلن اُٺن تي سوار، ٽن ڏينهن ۾ 150 ميل، پنڌ ڪري اچي ڪاڪ پهتا. مومل جي چارين هيءَ خبر پهچائي ۽ مومل سندن استقبال لاءِ حسب معمول ناتر کي روانو ڪيو. چارئي سونهن جا صاحب هئا، پر راڻي جي موهڻيءَ مورت ناتر تي البت عجيب اثر ڪيو. موٽي وڃي سانئڻ کي راڻي سان سڱ ڪرڻ جي صلاح ڏنائين. غيرمعمولي طرح ناتر کي سفارش ڪندو ٻڌي، مومل کي ملوڪ لاءِ محبت جاڳي؛ پر تنهن هوندي به ڪاڪ جي قانونن موجب کيس کٽڻ تي زور ڏنائين. ناتر هئي نوڪرياڻي، سو ڪيئن سنئڻ سان سينو ساهي. آخر امر تي عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿي.

يارن مان حاڪم همير، پهرين قسمت آزمائي، پر جڍيون جهلي واپس وريو. پوءِ ٻين ٻِن پڻ نصيب آزمايو، پر ناڪام ٿي موٽڻو پين. پڇاڙي ۾ راڻي جو وارو آيو. هو ناتر سان پيچدار پيچري ۾ گهڙيو، ته ناتر گوهي ڏيڻ جي ڪئي؛ پر راڻي کڻي چوٽيءَ کان ورتس، تان جو پيچرو پورو ڪري اچي طلسمي تلاءِ تي پهتا. اتي ناتر کسڪي ويس. راڻو ٿورو گهٻرائجي ويو؛ پر ستت ئي سرت سنڀالي اڳتي وڌڻ جي ڪيائين. چشمي جي خوناڪ ڇولين کي ڏسي، خيال آيس ته هي جادوءَ جو ٽڪساٽ آهي. خاطري ڪرڻ لاءِ هڪ سوپاري ڪڍي، پاڻيءَ مٿان ڦٽي ڪيائين، جا ٻڏي وڃڻ بدران تلاءَ ۾ تڙڳندي رهي. هاڻي هيڪاري پڪ ٿيس ته هيءُ مڙوئي منڊ آهي.

مومل دريءَ مان هيءَ ساري روئداد ويٺي ڏٺي ۽ راڻي جي فهم ۽ فراست تي هرکي پئي. مومل هڪ ٻي ٻانهي ڏياري موڪلي، جيڪا هن کي ديوان خاني ۾ وٺي ويئي. ٻانهيءَ چيس ته: سائين! توهان هتي کٽولي تي وسرام ڪريو ته آءٌ سانئڻ کي، توهان جي آمد جو اطلاع ڏيئي ٿي اچان. ست ساڳيا کتولا ڏسي، راڻو شڪيو ۽ ڪمان جي نوڪ سان ويو هرهڪ تي زور ڏيندو. ڇهن کوٽن کٽولن جي هيٺان کوهه ڏٺائين، جنهن ڪري ڪاڪ جو سارو طلسم ڀانپي ويو ۽ ستين سالم پلنگ تي پاٿولي ماري ويهي، مومل جي ٻانهن جو پاڻ کي حقدار بنايائين. ٻانهيءَ اهو سارو رنگ لڪيو ويٺي ڏٺو، تنهن وڃي سانئڻ سان سربستو احوال ڪيو. مومل راڻي کي ماڙي تي گهرايو. راڻو وڃي ڏسي ته نَوَ ڄڻِيون قطار ڪيو بيٺيون آهن. هرهڪ حسن جي حور آهي، پر منجهائن ڪهڙي مومل آهي سو سمجهي نه سگهيو. اڃا انهي فڪر ۾ هو ته اُنهن مان هڪ تي ڀؤنر ڀرڻ لڳو. سهي ڪيائين ته اهائي مومل آهي. وڌي وڃي کيس مخاطب ٿيو. سڀ سندس سياڻپ، سورهيائي ۽ سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. حجاب جو پردو لٿو. ڪاڪ جا شرط پورا ٿيا ۽ شادمانا ٿي ويا.ٻنهي لائون لڌيون ۽ ساري رات محبت ونڊيائون.

راڻو صبح جو اچي ساٿين ڀيڙو ٿيو، جن پڻ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيس. همير سومري مومل جي منهن ڏسڻ جي خواهش ڪئي. آخر همير ساڻس ميهارڪو ويس ڪري اندر ويو. مومل مام معلوم ڪري وئي، سو همير کي چيائين ته هيءَ مينهن ته ڏهي ڏي. ويچارو اچي ڦاٿو، اهڙو شڪي ٿيو، جو واپس موٽي ويو. انهيءَ جٺ ڪري راڻي تي ڏاڍو ڪاوڙيو. ٻئي ڏينهن راڻي کي چوائي موڪليائين، ته اسين وطن وڃون ٿا، هلڻو اٿئي ته هل. راڻي نياپو موڪليو ته آءٌ هاڻي ڪاڪ ۾ ڏينهن ڪاٽيندس، پر مومل چيس ته وڃي مٽن مائٽن کان موڪلائي اچو. نيٺ راڻو ساٿين سان ساڻيهه ويو، جتي همير کڻي قيد ڪرايس ۽ ٿوري عرصي بعد، انهيءَ شرط تي آزاد ڪيائينس، ته وري مومل جو منهن نه ڏسندين.

راڻي کي مومل سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ هو وجهه وٺي، ڀلي اٺ تي ڪاڪ ڏي ڪاهيندو هو ۽ مومل سان رهاڻيون ڪري واپس ورندو هو. ڪجهه وقت ته انهيءَ ڳالهه جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه پئي، پر آخر ڳالهه ڦاٽي پئي، ڇاڪاڻ جو عشق ۽ مشڪ به ڪري ڪڏهن ڳجها رهيا؟- واعدي وا نه ڪرڻ ڪري، همير وري به کني راڻي کي ترنگ ۾ هنيو، پر وري به پنهنجي راڻيءَ يعني راڻي جي ڀيڻ جي چوڻ تي هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. آزادي ملڻ تي راڻو هڪ پل به اتي نه رهيو. اُٺ پلاڻي ڪاڪ ڏي رخ رکيائين.

هيڏانهن مومل راڻي جي فراق ۾ بحال ۽ بيقرار هوندي هئي. دل بهلائڻ لاءِ سومل کي راڻي جو ويس اوڍائي رهاڻيون رچائيندي هئي. قضاني، جنهن رات راڻو ڪاڪ پهتو، انهيءَ رات ٻئي ڀينرون ٻک وجهيو، اگهور ننڊ ۾ پيون هيون. راڻي هيءَ حالت ڏسي، سمجهيو ته ڪو غير مومل سان ستو پيو آهي. ڏاڍي غيرت آيس. پهريائين ڀانيائين ته هڪ ئي ضرب سان ٻنهي کي پورو ڪري ڏيان، پر پوءِ سور پي، پنهنجو لڪڻ نشانيءَ طور مومل جي ڀرسان رکي راهي ٿيو ۽ اچي عمرڪوٽ پهتو.

صبح جو راڻي جو لڪڻ پاسي ۾ پيل ڏسي، مومل مام معلوم ڪري ويئي ته راڻو رسي ويو آهي. پوءِ ڏانهس گهڻائي قاصد موڪليائين، پر راڻو راضي نه ٿيو. آخر وڻجارڪو ويس ڍڪي، ڪاڪ ڪڙي ڪري، عمرڪوٽ ڏانهن اُسهي.

اُتي راڻي جي محلات جي سامهون هڪ ماڙي کڻي اڏارايائين. پاڙيسري هئڻ ڪري، هڪ ٻئي سان ڏيٺ ٿين ۽ دوستانو تعلق ويو وڌندو. هڪ ڏينهن جيئن چؤپڙ راند ڪري رهيا هئا، تيئن مومل جي ٻانهن تان ڪپڙو لهي ويو ۽ راڻي سندس ٻانهن جا تِرَ سڃاڻي ورتا. پوءِ مومل پاڻ ظاهر ڪري، رٺل راڻي کي پرچائڻ جا ڪئين حيلا هلايا، پر راڻو هوڏ تان نه لٿو.

مومل نااُميد ٿي، ڪاٺين جو هڪ آڙاه تيار ڪرايو ۽ کڻي پاڻ کي ان ۾ اڇلايائين. ستت ئي راڻي کي سماءُ پيو، سو ڊوڙندو آيو، هيءُ منظر ڏسي، دل ڀرجي آيس؛ متي مچ ۾ ڪاهي پيو؛ ۽ پتنگ وانگر شمع تان سڙي، ساه فدا ڪيائين.

 

روحاني راز:

شاه عموماً سڀني سرن ۾، سورمين کي سالڪ ۽ سائين کي انهن جو مطلوب بنايو آهي؛ هر هن سر ۾ خود خدا کي سلاڪ جو ڳولائو ڪري ڄاڻايو اٿس. ٻين سرن ۾ شاه پڻ اهڙا اشارا ڏنا آهن، ته حق تعاليٰ طالب ٿئي ٿو، جڏهن سالڪ سندس سڪ ۽ سوز ۾ سڙي ٿو. مثلاً سر سسئي ۾ فرمائي ٿو:

اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنِ کي.

هيءَ مصرع مولانا رومي جي هيٺين بيت جو ترجمو آهي:

تشنگان گر آب جويند از جهان،

آب هم جويد بعالم تشنگان.

وري سر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو:

پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي مِيهار.

وري سر ڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو:

تو جَنِين جِي تاتِ، تَن پُڻِ آهي تُنهنجِي.

وري فرمائي ٿو ته خدا ڪڏهن عاشق آهي، ته ڪڏهن معشوق:

عاشِقُ چؤُ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چؤُ مَشعُوقُ.

وري فرمائي ٿو ته خدا حسين خلقي به ٿو، ته انهن جو طالب به ٿئي ٿو:

پاڻِهين خَلقي خُوبُ، پاڻهي طالِبُ تَنِ جو.

مطلب ته، ٻين سرن ۾ به شاه ڄاڻائي ٿو ته حق انسان جو طالبو آهي.

ڪائنات ڪيڏي به ڪشادي هجي ۽ مطلوب پاڻ کي ڪهڙيءَ به ڪنڊ ۾ کڻي لڪائي، تڏهن به حق ان کي ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. مومل وڏائي وس ڪيا ته ڪنهن عاشق جي ور نه چڙهان، پر حق جي اڳيان سندس سڀيئي حيلا نه هليا ۽ سندس باطل بازيون ڀڄي پيون.

راڻي مان رب، ۽ مومل مان انهيءَ منهن موڙيندڙ مومن جي مراد آهي، جيڪو پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن مومل پاڻ کي پوشيدي رکڻ لاءِ پيچدار پيچرا ۽ ٻيا منڊ منڊيا، تيئن انسان به پنهنجي چوڌاري حرص هوس ۽ ٻين دنيوي اسبابن جي ديوار جوڙي، پاڻ کي ڌڻيءَ کان دور رکڻ جي ڪوشس ڪري ٿو، پر اهي حيلا ۽ حرفتون، حق اڳيان نٿيون هلنس. ممڪن آهي ته اهي موتمار مونجهارا معمولي طالبن لاءِ، موت ثابت ٿين ۽ انهن مان ڪي پيچدار پيچرن ۾ پساه پورا ڪن، ته ڪي کتولن، يعني مطلوب کان هڪ منزل اڳي واري ماڳ تي پهچي به اوڙاهه ۾ اونڌا ٿي پون: پر جت راڻي يا رب جهڙو سٽاڻو ۽ جبرو عاشق سندس طلب ڪندو، اتي اهي سڀيئي طلسم ٽٽي پوندا.

جڏهن حق، ڪنهن انسان کي پنهنجو مطلوب بنائي، سندس بازيون ڀڃي، کيس هٿ ڪري ٿو، ته حق جي مدعا اهائي ٿئي ٿي، ته سندس اهڙو مقبول ٻانهو هميشه سندس محبت ۾ مخمور رهي. جيڪڏهن هو حق سان همڪنار ٿي وڃڻ بعد به، ساڻس سچو نٿو رهي، ته پوءِ کيس ڏهاڳ جو اهڙو ڏنءُ ڏئي ٿو جو عمر پيو ياد ڪندو.

خدا نهايت غيرت وارو آهي. کيس شرڪ بلڪل پسند ڪونهي. سندس اڳيان شرڪ جهڙو ٻيو ڪبيرو گناه ڪونهي.

رسول ﷺ جن جو فرمودو آهي ته: اِنّ سَعداً لَغَيُور وَ اَنَا اَغيَرُ مِن سَعِد، واللهُ اَغيَرُ مِنّي، وَ مِن غَيرِتَہ حَرّمَ الفَوَاحِشَ مَاظَهَر مِنهَا وَ مَا بَطَنَ.

يعني بيشڪ سعد (هڪڙي اصحابيءَ جو نالو) غيرت وارو آهي ۽ آءٌ سعد کان وڌيڪ غيرتمند آهيان، پر خدا مون کان به وڌيڪ غيرتمند آهي ۽ پنهنجيءَ غيرت وچان هن سڀني ڳجهين توڙي پڌرين بڇڙاين کان روڪ ڪري ڇڏي آهي. هن سر ۾ مٿين حديث ۾ ڄاڻايل حقيقت جو ذڪر ڪيل آهي.

مومل پنهنجي ڀيڻ کي راڻي جا ويس وڳا اوڍائي، روح رهاڻ ڪئي، جنهن تي راڻي جي غيرت جنبش ۾ آئي ۽ انهيءَ کَنَ جي خطا خاطر، عمر جو ڏهاڳ ڏئي ويس. وري تيستائين وصال جي وائي به نه وري، جيستائين مومل پاڻ ماري مات نه ڪيو. ساڳيءَ طرح، اهو مقول ۽ محبوب ٻانهو، جيڪو عارضي وڇوڙي وقت، وهلور وڃيو روح ريجهائڻ جا ٻيا وسيلا ڳولي، تنهن کي وري خدا جو وصال، تيستائين حاصل نٿو ٿئي، جيستائين هو غير گمان ڪڍي، مرڻ کان اڳي، پاڻ کي نٿو ماري.

سومل جا مومل سان ستي، تنهن مان مراد آهي بدعتون ۽ غيرشرعي ڪم. راڻي ۽ روح جي وچ ۾ غير نٿو گهرجي. جڏهن مومل وچ ۾ غير واقع ٿيو، تڏهن راڻي کيس جدائيءَ جو داغ ڏنو. انهيءَ ڏهاڳ جي ڏنءُ کي مٽائڻ لاءِ مومل کي ڪاڪ (جنهن مان مراد آهي هي جهان ۽ ان جا ڦندا) ترڪ ڪري، راڻي جي راڄ ۾ وڃڻو پيو هو. ساڳئي طرح شاه صاحب سالڪ کي تلقين ٿو ڪري، ته اي سالڪ! ڪاڪ وارا ڪوجها ڪم ترڪ ڪر، تان ته حقيقي راڻي کي رسين.

سُر مومل راڻو

داستان پهريون

اختصار:

ڪاپڙي فقير جو همير سومري ۽ سندس ساٿين کي گڏجڻ.

1

ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي[1]، بابُو[2] بيکارِي[3]،

سامِيءَ[4] سيلو[5] سِرَ تي، مالها[6] موچارِي،

ڏيئِي ڏيکارِي[7]، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.*

2

ڪالَهه گَڏيوسُون ڪاپَڙي، جَهڙو ماهُه[8] مُنِيرُ[9]،

فَيض[10] فِراقَ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي ويو.

3

ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ،

پَسو سونهن سامِيءَ جِي، رَتَ وَرَنو[11] روءِ،

جو مُنهن مُومَلَ جي پوءِ[12]، موٽَڻُ تنهن مَسَ ٿِئي.

4

ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ[13] بَرِي[14]،

سائِي سالَ[15] ڪُلهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي[16]،

خَبَرَ ڏي کَرِي[17]، ڪا مُومَلَ جي مجازَ[18] جِي.

5

ڪالَهه گڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ ڀَڀُوتُ[19]،

سَرِيوسُون[20] سُڪُوت[21]، جوڳِيءَ سَندِيءَ ذاتِ کان.

6

بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ[22] چَڙهِي،

ڳالِهيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي،

ڪا جا اَنگُ[23] اَڙِي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙي پِيا.*

7

سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،**

اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگَهٽَ[24] بُوءِ،

سا ڏيکارِيَهُون[25] جُو[26]، جِتان لاهُوتِي[27] لَعلُ[28] ٿِيو.***

8

سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي وَڻِڪَ[29]،

سَهِي نَه سَگهان ساتَ[30] سيئن[31]، تنهن[32] جي راسِن[33] جِي رَونَقَ[34]،

ڪِ رَتائِين لاکَ ۾، ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ+؟

سَندِيءَ سوڍَلِ[35] سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.++

9

جوڳيءَ تي جَڙاءُ[36]، نِسورو ئِي نينهن جو،

پَتَنگَ جيئن پَيدا ٿِيو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ[37]،*

آيو ڪاڪِ[38] تَڙاءُ[39]، ڪُنوارِينِ[40] ڪَڪورِيو[41].

 

وائي

تان تُون وِهُه[42] سَبَهِي، ساٿِي مِيان! پانڌِي مِيان!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟

لَکين لُڊُوڻِيان[43] مَڻِي[44]، مَٿي واٽَ وِيا ٿِي[45] مِيان؟

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟

جنهن کي پُڇان، سو چَوي: آئِيو ڪونَه اُئان[46] ٿِي مِيان!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهِين؟

ڪوٺائُو[47] ڪَرِيمَ جو، آئِيو پَهِي[48] پِرِيان[49] ٿِي مِيان!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟

حُڪمُ ڏيندَءِ هَٿَ ۾، هاڻي هَلُ هئان[50] ٿِي، مِيان!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، پِرِيَنِ پاسِ[51] پُران[52] ٿِي، مِيان!

ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟


 

 

داستان ٻيو

 

اختصار:

مومل جي سونهن جي فقير کان هاڪ ٻڌي، يارن جو روح رِسڪَڻُ- يارن جو ڪاڪ ڏي وڃڻ ۽ سوڍي جو سوڀارو ٿيڻ.

 

1

آءُ لانگوٽِيا[53] لالَ[54]، ڪنهن پَرِ[55] ڏِٺِئي گُجَرِيُون[56]؟

آبُ اَرَتو[57] اَکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لالَ[58]،

ڏِٺُئِي جي جَمالَ، سامِي! ڪُهُه نَه سَلائِيين[59]؟

2

گُجَرِ کي گَجَميلَ[60] جُون، تارَنِ[61] ۾ تَبَرُون[62]،

هَڻِي حاڪِمِيَنِ[63] کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون[64]،

ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ[65] قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ[66] جُون.

3

گُجَرِ گاروڙِيَنِ[67]، اَچِيو آڏِي[68] اُڀيي[69]،

مَٿان پيئِي تَنِ،* ٻَڌا[70] ٻاڻَ[71] هَڻَنِ جي.

4

مُومَلَ کي مَجازَ[72] جا، اَکين ۾ اَلماسَ[73]،

نَه ڪا عامَ نه خاصَ،** جي وِيا سي وَڍِيا.

5

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَنبُورَ[74]،

هَڻي حاڪِمِيَنِ کي، پَٽِ نِهاري پُور،*

گهوٽَ پهرينءَ گُهورَ، جي وِيا، سي وَڍِيا.

 

6

مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيَنِ[75] کي آڪِرِي[76]،

سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا[77]، پڙِهيا، پَڻِتَ[78] پِيرَ،

هَڻي تَنِ کي تِيرَ، مَڻِيُو جَنِ مَٿَنِ ۾.

7

جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري[79]،

لَنءُ[80] لُڊوڻي ڪَنڌِيين[81] اَمَيو[82] آهي،

وَڇو جي ڪاهي، تَه نِڪُون[83] پَسو نينهن جُون.

8

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي نينهن اُڇَلّ،

نه ڪا جَهلَ نَه پَلّ، سَڀُڪو پَسي پرينءَ کي.

9

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي گَهڙِجي نينهن،

نه ڪا راتِ نَه ڏينهن، سَڀّڪو پَسي پرينءَکي.

10

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، چَرُو[84] جِتِ چَڙهَنِ،

ڪوڙيين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ[85] پِڪَ سين.

11

ڪَرها! ڪارَڻِ ڪاهَه[86]، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِيو،

ساري ڏيج. سَيّدُ چي، لُڊاڻي تان لاهَه،*

مُقابِلو[87] مُومَلَ سين، ٿيندو سَنجِهه صُباحَ[88]،

سوڍي جِيءَ صَلاح[89]، ڪَؤنرَ[90] چَرَندين ڪاڪِ جا.

12

آکُون[91]، ڊاکُون، سِرکَنڊ[92] شاخُون، جِتِ چوکا[93] چَندَن ڪَؤنرَ،

مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نَه ڀِرَنِ[94] ڀَؤنرَ،

ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنَر، ڪاهِه تَه پَسُون ڪاڪِ جا.

13

نَنڍو[95]، تان ڪوهُه[96]، پَرَ وِکين آهي وِتَرو،**

وَڃِيو ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَهَسَ[97] پَکِيءَ جيئن پوءِ،

اِنَ ڪُرَ[98] سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو[99] نَه ٿِئي.

14

ڪَرَها! ڪاڪِ چَڙهي، ونءُ[100] وَڻائُون[101] نِڪَرِي،

لُڊُوِڻيا[102]، لَطِيفُ چي، آيو ڪو نَه وَرِي،

گهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ[103] وِساري هَلِيا.

15

چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا[104] شِڪاري،

فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي[105]، سوڍي سوپاري،*

وِيا ڪاهِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،

موٽِيا نَه مارِي[106]، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.

 

 

وائي

 

راڻا جي رَجبوتَ**. مُومَلَ سَهِي[107] پَسَندا.

پَڙِهيا، پَڻِتَ[108]، پيرَ، توڻي مِيرَ، هَمِيرَ[109] مَرَندا،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

مَڃِي رَضا رَبّ جِي، هِئان[110] سَڀِ هَلَندا،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

ڪَلِمي ساڻُ لَڏائِيين، هادِي! هِنَ هَنڌا،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

سَهُکِي[111] سَڪراتِ[112] ڪَرين، والِي! ويرِ وِداعَ[113]،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

اَهُکِيَ ويرِ اَچيج تُون اُتي اَحمدَ1،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

مَتان ڇَڏِيين مَڱڻو[114]، مَهندان[115]، مُرشِدا،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

ڪُلّ نَفسِ ذَائِقَةُ المَوتِ[116]، سَچِي اِيءَ صَدا[117]،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

اَصلِ لِکِيو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان پِ[118] اَدا[119]،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.

اَدِيُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، فائِقَ[120] فَضُلُ ڪَندا،

مُومَلَ سَهِي پَسَندا.


 

 

داستان ٽيون

 

اختصار:

مومل ۽ سندس سهيلين جي سوڀيا جو احوال- مومل ۽ راڻي جي رهاڻ- ۽ راڻي جو رسڻ.

 

1

جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن[121] ويسَ،

چوٽا تيل چَنبيلِيا[122]، ها ها هو[123] هَميشَ[124]،

پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ[125]،

لالَڻَ جي لِبيسَ[126]، آتَڻِ[127] اَکَرُ نَه اُڄَهي*.

2

جِهَڙا پانَنِ پَنّ، تِهڙِيُون سالُون مَٿِنِ سائُيون،

عَطُر ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪِيائُون تَن،

مَڙِهيا گَهڻُو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَن،

سُونهَن رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ[128] ڪَنّ،

ڪِيائين، لالُ لَطِيفُ چي، وَڏا ويسَ وَرَنّ[129]،

مَنجِهه مَرَڪِيُس مَن،** سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.

3

سونَ وَرَنِيُون[130] سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،

اَگَرَ[131] اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنّ،

اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مَٿي طاقَ[132] تَڙنّ،

ٻاٽَنِ[133] ٻيلُون[134] ٻَڌِيُون، پَسيو سونهن سَڙَنِّ،

ٿِيا لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،

اِجهي ٿا اَچَنّ، ڪاڪِ ڪَڪورِيا[135] ڪاپَڙِي.

4

جي ڪاڪِ ڪَڪورِيا، ڪاپَڙِي، تَنِ لَهي نَه لالِي،

ڪَڙي ڪَيفَ[136] خُمارِيا، مَئي[137] پِي مَوالِي،

ڪَري حاصُلُ هَلِيا، ڪَيفِيَتَ[138] ڪَمالِي[139]،

وَتَنِ[140] وِصالِي[141]، لُڊُوڻِيان لوڌِي[142] ٿِيا.

5

لُڊُوڻِيان لوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهه وِصالَ،

اَڄ اَرَتو[143] اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،

ويئي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ*،

پَرينءَ کان پاسي ٿِيا، مامويَنِ[144] مِثالَ،

جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي، پَسُ! ريٽو[145] ڪِيا.

6

رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽجَنِ[146] اوءِ[147]،

کُنڀُ نَه کاري تنهن کي، جو هالاري[148] هوءِ،

توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تِنهِين نَه لَهي.*

7

جنهن تَڙِ ڌوڙُون[149]، ڌُونِ، چوٽا چَندَنَ چِڪَ ڪِيو،**

اَچَنِ ڀَؤنرَ ڀَنڀولِيا[150]، پاڻِيءَ تِنهين پُونِ[151]،

راوَلَ[152] رَتو رُونِ، ڪو وَهُه[153] لَڳو واسُئين[154].***

8

جِتِ رايائِين[155] راڻَن کي، چَندَنُ چِڪَ ڪَري،

هاڻي اُنهِين[156] ڀيڻيين[157]، وِرِهُه[158] وَراڪا ڏي،

سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماري هَلِيو!

9

گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ،

مينڌري مُلاءُ[159] لَڳُس ڪانُ ڪَپارَ ۾.

10

رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو،+ سوڍو سَوائِي[160]،

لُڊُوڻِيان، لَطِيفُ چي، لالِي تنهن لائِي،++

ڪانهي ٻِي وائِي[161]، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌَرو.

11

رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو، سوڍو سَڀَن سونهن[162]،

لاٿائِين، لَطِيفُ چي، مَٿاءَ دِلينِ دُونهن[163]،

ڪانهي ٻِي وِرُونهن[164]، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌرو.

12

رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍا ٻِيا پِه سُڄانَ[165]،

نِسورِيائِي[166] نينهن جِي، ڪَسِيائِين[167] ڪَانَ،

ڇَڏي وِيا ڇوهَه ۾[168]، دَعوائُون دِيوانَ[169]،

ٻِي رَهِيائِي ڪانَ[170]، ٿِيو مِڙوئِي مينڌرو.

13

ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَئِي[171]،

لوڍِيَئڙَنِ[172]، لَطِيفُ چي، سوڍو ڪِيو سَهِي،

مُومَلَ ماڳِ رَهِي، ٿِيو مِڙوئِي مينڌَرو.*

14

ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَري،

تَنِ کي ناتَرِ[173] ڪوهُه ڪَري، جي لُڊُوڻيان لَنگهي وِيا.

15

ڪاڪِ نَه جَهلِيا ڪاپَڙي، موهيا نَه مَحلَن،

ٻائِنِ[174] ۽ ٻانهين جي، ٻَنڌَڻِ[175] ڪِينَ ٻَجَهن،**

لَکين لاهُوتَينِ، اِهَڙيُون اورِيان[176] ڇَڏِيُون.

16

اِهَڙيُون اوريان ڇَڏي، وِيا لاهُوتِي، لَکَ،

پايو پِٽِين ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون[177] ڪَکَ،

پيئِي اِيءَ پَرَکَ[178]، تَه سوڍِيُون سِجهائي[179] وِيا.

 

17

ڪاڪِ نَه جَهليا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪنهن نَه مالَ،

سوڍِيُون سِجهائي وِيا، هِهَڙا جَنِين حالَ،*

جي ڇورين ڏِنا ڇالَ، تَه پِه لاهُوتِي لَنگهي وِيا.

18

توڻي ناهِه نَصِيبَ ۾، مُومَلَ! مينڌرو،

پُوندءِ، جِمَ[180] پاهِين[181] وَرين[182]، مَنجهان پِرِتِ پَرو[183]،+

راڻي لَئي مَ رو، وهُه طَعني[184] سين واڳِجِي[185].**

19

مُومَلَ ناهي مينڌرو، توڻي مَنجِهه نَصِيبَ،

مُون کي، مُون[186] حَبِيبَ! طَعنو ئِي تنهنجو.

20

آئُون طَعني سُوڌِي تنهنجي، تُون طَعنوئِي مُون،

سو ڪِين[187] سَرِيوسُون[188]، جو سَرَتِيون! ڪنهن نَه سَرِيو.

 

21

سُڻِي طَعنو تنهنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ[189]،

لَکين لوڌِي[190] آئيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،

ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَهَڪَ[191]، سِگهو موٽج سُپِرِين.

22

ڪَڪورِي ڪاڪِ وَهي،* راڻا! ڀانءِ مَ رَتُ،

سوڍا! اِيءَ شَربَتُ، نِسوروئِي نينهن جو.

 

وائي

مينڌرا! مُون کي، راڻا! جِمَ وِساري ڇَڏِيين.

مُون کي طَعنا تُنهنجا، ڏيهُه مِڙوئِي ڏي،

جِمَ وِساري ڇَڏيين.

راڻي تي[192] رِيسَ ڪِئِي، کَر[193] سين کِلِيُم جي[194]،

جِمَ وِساري ڇَڏيين.


 

 

داستان چوٿون

 

اختصار:

مومل جي راڻي لاءِ انتظاري ۽ بيقراري.

 

1

شَمَعَ[195] ٻارِيندي شَبَ[196]، پِرِهَه باکُون[197] ڪَڍِيُون،

موٽُ، مَران ٿِي، مينڌرا! راڻا ڪَارَڻِ رَبَّ،

تنهنجي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ[198] ڪاڪِ جا.

2

اُڀي اُڀاريامِ[199]، نَکَٽَ[200] سَڀِ نَئِي[201] وِيا،

هِڪُ مَيو،[202] ٻِيو مَينڌِرو، راتِ سَڄِي سارِيامِ،

ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيام، سُورِجَ شاخُون[203] ڪَڍِيُون.

3

ڏِيا[204] تيلَ ڦُليلَ[205] جا، ٻارِيَمِ تائِين ٻانگَ،

ڍولو ڍَٽ[206] رَهائِيو، ڪنهن سَٽاڻي[207] سانگَ[208]،

چانگي[209] چَڙهِي آءٌ تُون، لالَ! وَرائي لانگَ،

ڪوڙيين ڀَتين[210] ڪانگَ، اُڏايامِ، اَچيج تُون.

4

وَٽَ سورِيندي[211]، وَلها[212]، وِيو تيلُ ٻَرِي،

موٽُ، مُسافِرَ سُپِرِين! چانگي تي چَڙهِي،

راڻي لاءِ رَڙِي، ويئِي وِهامِي راتَڙي.

5

ڪَتِيَن[213] ڪَرَ موڙِيا*، ٽيڙو[214] اُڀا ٽيئي،

راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،

کوءِ[215] سا کاڻِي[216] راتَڙِي! جا پرِيَنِ ري پيئِي،

مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَراريو[217].

6

سوڍي ڌاران[218] سَرَتِيُون! پِيو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ،*

اُٻاٽِجِي اَڄُ وِيو، راڻا! تو رِيءَ رَنگُ،

هينئين سان هاڃو ٿِيو، پِيو اوسِيئڙي اَنگُ،**

مون توهِي سين سَنگُ[219]، پُڇايو پُڇان پَهِي[220].

7

توکي مَعلُومُ منهنجو، سوڍا! سَڀيئِي،

آڳانڍو[221] اَرِواحَ کي، آهِيين اُهوئِي،

وِهَڪَ[222] مُون ويئي، پُڇايو، پُڇان پَهِي.

8

ڍاٽِي[223] گهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍي وِنگَسِيو[224]،

ڪا جا لائِي مينڌري، لالِ کي لِڱنّ،

راڻو اَکَڙِيَنِ،*** وِسارِيان، نَه وِسَري.

9

راڻو ڪا راتِ وِيو، ڳُجِهي ڳالِهه ڪَري،

سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! هَڏِ نَه ساهَه سَري،

وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي[225] آهِيان.

10

سوڍي سُتي لوءِ[226]، ڪا جا مُون سين ڳالِهه ڪِي،

سا جي پَڌرِ پوءِ،[227] تَه سَرَتِيُون! ڪا نَه سُمَهي.

11

راڻا تنهنجي راهه تي، ڏيِهاڻِي[228] ڏيکان[229]،

راڻي جِي رِهاڻ[230] جُون، رُوح اَندَرِ ريکان[231]،

مَحَبَتَ جُون، ميکان[232]، توسين لالَ! لِپيٽِيُون[233].

12

آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڃَ![234] ڌَرَتِيءَ جا ڌڻِي،

سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻِيُون، سوڍا! تنهنجي سَٿَ[235]،

مُون تان لاهِه مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.


 

وائي

مَيو تُون موٽاءِ، مُون رُوندي[236] راتِ وِهاءِ[237]،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.

گَهرَ مَهارا[238] گهوريا، سُرَهو[239] مُون نَه سُهاءِ[240]،

سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.

ڪاڪِئان[241] وَڃَڻُ ڪيڏهِين، راڻا! تو نه رِهاءِ[242]،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! تو نه رِهاءِ،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.

سَٺَمِ ساهيڙيَنِ جا، طَعنا توهِين لاءِ[243]،

سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.

سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان، پيرُ پَرَچي پاءِ،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.

آسائِتِيءَ کي، عَبدُاللّطِيفُ چي، مولا! مُحِبُ مِلاءِ،

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.


 

 

داستان پنجون

 

اختصار:

شاه جي مومل کي تنبيهه ۽ هدايت ۽ مومل جون ڪارون پڪارون.

 

1

سَڱُ ڪَري سين سِنهَن[244]، ڪَنڌُ م ڦيرِجِ ڪيڏَهِين،

رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتَئُون مَنجهان نينهن؛

ايئن مَ وَسِج عامَ تي، جيئن، مُومَل وَسَنِ مينهن،

سَندي حَشَرَ ڏينهن، سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.

2

وَٺِيو وَڃِجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين،

لَوڻِي ڦيرَ[245] لَپاٽَ، لَڳَندِيِيئَي، لَطِيفُ چي.

3

ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين، وَٺِيو وَڃِج راهَه،

اَڄُ ڪِ سَنجّهه صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندئي ڌُوڙِ ۾.

4

جا ڀُون[246] پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،*

ڌِڱ[247] لَٽِيا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،

ڏينهن مِڙيئِي ڏُون[248]، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چي.

5

لَڏِيو لَطِيفَن[249]، پَلاڻي پَنڌَ پِيا،**

هَٿان حَبِيبَن، ڪونه ڏُکيو ڪڏهين.

6

راڻو ڀانئيو راندِ، وڃِيو ڪيئن وِڙُ[250] رائِيين؟[251]***

وَرُ وِڏُوڻو[252] اِيَهِين[253]، جيئن پَرُ[254] پُچِتوءِ[255] پاندِ،

هَئي! ڀَڳِيءَ هيڪاندِ[256]، سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.

7

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهوريو، اُٺُ اوراهُون[257] آڻِ،

ليڙي جو، لَطِيفُ چي، تَنگُ سَوارو[258] تاڻِ+،

شَرمِندِيُون سَڀِين پَرين[259]، پُٺِيءَ لائِجِ پاڻ++،

اَچِي مُشڪَ ماڻ،+++ تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

8

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، اُٺُ اوراهُون ڇوڙِ،

تورِيءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي[260]، ساڻُ سِرکَنڊُ[261] سوڙهه،[262]

اَچِي چَندَنُ چوڙِ[263]، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

9

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، پَرَچُ، مَ وانءُ[264] پَري،

مارِيَسِ ڦَٽَ فِراقَ جي، جِهَتَ[265] جي ذَري،

لالَنِ جِي، لَطِيف چي، سُونهائِي[266] سَري[267]،

آيَس تو ڳَري[268] تَه، سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

 

10

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، راڻا! ڇَڏِ رِياءُ[269]،

ميٽِ مَدايُون، موٽُ تُون، ڪَري نِرِتِ نِياءُ[270]،

لالَنَ جو، لَطِيفُ چي، ڪونهي سونهن سِياءُ[271]،

اَوّڳُڻَ[272] ڍَڪي آءُ، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

11

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، ڇَڏِ، راڻا! ريڏائِي[273]،

منهنجي ميٽِ، مينڌرا، عاقِلَ! اَگَلائِي[274]،

لِپيٽِج[275]، لَطِيفُ چي، ڪامِلَ! ڪَچائِي،

ڪَرِ مَعافُ مَدائِي، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

12

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي منهنجي جانِ،

رَکي ڪامَ[276] ڪِڻِڪِيو[277]، مارِيَسِ تنهن گُمانَ،

هَڏِ نَه جِيان[278] هاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرين!

 

13

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا مَحَلَ ماڳَ،

سوڍي جي، سَرَتِيُون! وِڌِيَسِ وَهه[279] ويراڳَ[280]،

سُورَنِ لائِيا سانگَ[281]، سگهو موٽِجِ سُپرين!

14

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ[282]،

تو پُڄاڻان سُپِرِين، هينئڙي اَچَنِ هَولَ[283]،

جي مون سين ڪِيَئي قَولَ، سي سِگها پارِجِ، سُپِرِين!

15

ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، لُوٺو[284] لُڊاڻو[285]،

تو پُڄاڻان سُپِرِين! آتَڻُ[286] اُجهاڻو[287]،

مُيِنِ[288] سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!

16

حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻو،

فِدا ٿِيءُ[289] فَقِيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو،

مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!

 

وائي

ڏُورِ وَڃِيو ڏينهن لائي، ڪا سوڍَلَ کي سَمُجهائي،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي[290]!

ڇَنا، مَنهَه ماڙِيُون، اوڏاهِين اَڏائي،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.

ميڙِ مُنجان ٿِي،* مِينڌرا! تو دَرِ تيلاهي[291]،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.

مِنٿَ منهنجي مينڌرو، مانَ مَ موٽائي،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.

ڦَٽيَلَ مينهَن فِراقَ جا، ويٺي وَسائي،*

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.

سوڍا! سِرُ پُڻِ گهورِيان، آءُ ڪَرَهو ڪاڪِ وَرائي،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.

لُڊُوڻِئان، لَطِيفُ چي، شَلَ پيرُ مُئِيءَ ڏي پائي،

جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.


 

 

داستان ڇهون

 

اختصار:

مومل جا ورلاپ.

 

1

نَه وارِثُ[292]، نَه وَلَهو[293]، نَه سَڱُ[294]، نَه سِياڪو[295]،

تو پُڄاڻان سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو[296]،

پانڌِيا![297] پاراپو[298]، ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.

2

ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنيهو ساري،

مون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌرا! ماري،

اَچين جي واري[299]، ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي.

3

ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا! وارِ سُڄاڻَ!

ڪُهُه ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنَ توهِين ڏي تاڻَ[300]،

لاهي غَيرَ گُماڻَ[301]، اَڱڻِ آءُ اَڪَنڍِيين[302].

4

اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيين، پَرچِي پِيارا،

پَلَڪَ پَرانهُون[303] نَه سَهَئين[304]، جِيءَ جا جيارا،

نِينهان[305]، نيزارا[306]، سَڃ[307]، تَه مان[308] سُورُ لَهي.

5

سَڃ ته مان سُورُ لَهي، اَکِيُون ڀَري ٻاجَهه،

راڻي جِيَ رِهاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجَهه،

سوڍا! لَهِي ساجَهه[309]، پَسُ توشَڪُون[310]، تَڪِيا[311].

6

پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا سيئِي وِهاڻا،

پَسِيو هَنڌَ[312] پَچي هِينئون، جي حَبِيبَنِ- هاڻا،*

هِڪُ ڏُنگا[313] ڏاڏاڻا،[314] ٻِيو موٽِيو تان نَه مينڌرو.

7

ڪَري موٽَ مينڌرو، جي لُڊُوڻِيان لالُ،

گَهرُ مِڙوئِي گهورِيان، هوند پنهنجو حالُ،

راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَه گُهرجي مالُ،

سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُربَ جو.

8

سوڍا! سُورَ سُڪائِيُون، اَکِيُون آبُ نَه ڪَنِ،

راڻي جِي رِهاڻِ کي[315]، وِرُوڻِيُون[316]، وَڃَنِ،

سي ڪيئن مينڌرا! مَچَن[317]، جي تو سُورِيءَ چاڙِهُيون.

9

لوڌِي[318]، لَکَ اَچن، رُوءِ[319] راڻي جي ناهِه ڪو،

هِڪُ اَکِيُون، ٻِيا اَڱڙا[320]، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،

سي ڪيئن مينڌرا! مَچَنِ، جي تو سُورِيءَ چاڙِهيُون.

10

مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،

وَلِيُون واسَ- وَرَنِيُون[321] چانگي کي چاري،

جَڏِهن تَڏهِن[322]، سُپِرين، اِيندُمِ اوتاري[323]،

سوڍي سين ساري، ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجَهه جون.

11

سوڍا تنهنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون[324]، لائِيُون،

راڻا! رِهاڻِيَن جا، مارِينِمِ مَذڪُورَ[325]،

طَعنا ڏِينِمِ تُورَ[326]، آءُ تَه پَرَچُون پاڻَ ۾.

12

راڻا! رِهاڻِيُون، سوڍا! ويٺِي سارِيان،

سَهَسين سِڄَ اُلٿا، راتِيُون وِهاڻِيُون،

ڪوڙيين مُون ڪاڻِيُون[327]، ڍولا! ڍَڪي، آءُ تُون.

13

مُون گَهرِ اَچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،

آڻي جهوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري[328]، وِجهان ڄاڻُ،

تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري[329] هَڻان ڀاڻُ[330]،

پِيُڪَنِ[331]، سُوڌو پاڻُ، گَهرُ تَڙَ گهورِيان پَرَ[332] تان.

14

اَڄَ نَه ڳالهائونِ[333]، هُونِ ڏيهاڻِي[334] نِجُهري[335]،*

پَسو پَهُه پِيونِ،** آتَڻُ سُڃو اُن ري!

15

اَڄُ نَه پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُم جَنِ سين،

هاڻِي تَنِين کي[336]، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِهارِيان.

16

تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ- ڌڻِي، ڍولا! تنهنجو ڍَٽُ،

پائي تُراڙِيءَ[337]، تورِيان، تَه ملڪُ نَه تنهنجو مَٽُ،

لاهي ڪَسَرَ[338]، ڪٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتون[339]، ڪاڪِ ۾.

17

کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا! ويهُه رَهِي،

ماڙُهو جي محلاتَ جا، سوڍا! ڪِجِ سَهِي،*

وِينديِئي ڳالهِه وَهِي،** وِڪَرِ[340] پُوندين[341] وَلهَا.

 

وائي

نيئِي نيئِي ڏيجِ، اي اَدا، اَدا، پانڌي،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

پيرين وِجِهي هَٿَڙا، زارِيُون زورِ ڪَريجِ،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

ڪالَهه ڪُوماڻا گُلَڙا، سُڪا مَٿي سيڄَ،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

تو لَئي هَنجُون هاريان، هي جي مَنجهان هيجَ،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

جي تو ڀيرو نَه ڪِيو، تان مون[342] مُئِي سُڻيجِ،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

نِماڻِيءَ جي نِجُهري، پيهِي تُون پُڇيجِ،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.

اَهُکِيءَ، عَبدُاللّطِيفُ چي، اَچِي آڌَرَ ڏيج،

ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.


 

 

داستان ستون

 

اختصار:

مومل جو ورلاپ.

 

1

ڍَٽِ مَ وَڃِج، ڍولَ! ڪاڻِيارِي[343] ڪاڪِ ڪَري!*

آئُون اَڳَهِين[344] آهِيان، ٻَڌِي تنهنجي ٻولَ،+

توکي ساري، سُپِرِين! رُنُم مَنجهه رَتولَ،

ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،** وِسَهُه[345] مُون وهُه ٿِيا.

2

جي هئا ڪوڏيا ڪاڪ جا، سُتا سي سونهن،

لُڊوڻيان لطيف چي، لڏيو لوڍيئڙن،

سي موٽِي مَسَ اچن، جي آتڻ آرامِي ٿيا.

3

لڊُوڻِئان[346]، لَطِيفُ چي، کَٽُون کَنيائُون،

ڇَڏي حِيلا هَلِيا،*** مُومَل مارِيائُون،

ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻِ آرامِي ٿِيا.

4

ڀيرو ڀَڃُ مَ، ڪاپَڙِي[347]! لاهي ويهُه مَ لاڳَ[348]،

تان مُون هينئڙو ماڳَ+، جان تُون، جوڳِي! جُوءِ[349] ۾.

5

سوڍي سِرُ نِيو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ[350] سَکِڻو[351]،

راڻي جي رِهاڻِ کي، سِڪي ساهُه پِيو،

پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.

6

سوڍي منهنجي ساهَ سين، جيڏِيُون! جيئن ڪِيو،*

ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِيو،

پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.

7

جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِيو،*

قَلبُ[352] ڪاڪِ ڪَنڌِيَنِ ۾، پُرزا ٿِي پِيو،

ٻُجهان[353]، ٻَهَرِ وِيو، هِينئون هَنڌِ نَه اَڳِيين.

8

راڻي رِڻُ ڪِيو، جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين،

مَنُ مينڌري وَڍِيو، ڌُٻِي[354] ڌَڙُ پِيو،

ٻُجهان، ٻَهَرِ وِيو، هينئون هَنڌِ نَه هيڪَڙي.

9

راڻا! نَه ڄاڻان، ڪيئن وِڏُوڙِئين[355] وَلَها!

اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻان[356]،

مينڌرا! ماڻا[357]، تو رِيءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين؟

10

رُئان ٿِي، راڻا! هَنڌَ نِهاريو حُجِرا[358]،

پيئِي کهَه[359] کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا،

ڌَرِيائِي[360] ڌُوڙا ٿِيا[361]، وَرَ[362] رِيءَ[363] وِهاڻا،

جايُون، گُلَ، جَباتَ[364]، وَڻَ، تو رِيءَ ڪُوماڻا،

مَينڌَرا ماڻا، تو ريءَ ڪنديسِ ڪَنِ سين.

11

مِيان مَينڌرا! موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇائِيُون[365]،

تون گَهِڻنِ جو گهوٽُ، مُون وَرُ تُونهِين هيڪَڙوئ

12

جيئن اِيندي[366] موٽئين[367]، مَينڌَرا! وَڏي جاڙَ[368] ڪِياءِ،

وَرُ نَه هُئين وَلَها! هوند جَٽي[369] مُون جاڳاءِ،

تَه سُتي جِي ساڃاءِ[370]، سوڍا! سِگِهيائِي ٿِئيَئي[371].

13

جَڳُ جِيهِين[372] چوءِ، سوڍو تيئن نَه سِکِيو،

راڻو تيئن نَه روءِ، ڳوڙهو جيئن ڳَلِ ڳَڙي.*

14

سَهَسين جِئان[373] سِڪَنِ، تِئان[374] مُومَلَ موٽَڻُ لِکِيو[375]،

سي هونهين[376] جاڙِ[377] جِيئَنِ، جي ڪوڙي ڪاغَذِ[378] آئِيُون.

15

ويٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا! تنهنجو راهُه،

موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندوءِ اَللهُ،

سوڍا! تو ڳَرِ[379] ساهُه، ناتَه راڻا گَهڻا راڄَ ۾.

16

راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسو! پَڳَهُه[380] پِيومِ،

ٻيڙِيءَ جيئن ٻَڌِي وِيو، سوڍو ساهُه سَندومِ،

وِيهَڻُ وِهُه ٿِيومِ، جاڳِيو ٿِي جَرُ[381] هارِيان.

17

تَنِ باغَنِئُون[382] بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،

سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! ڪاڪِ نَه اَچي ڪَسِ[383]،

راڻي پائي رَسِ[384]، تَنُ ٻيڙِيءَ جيئن تاڻِيو.

18

لُوٺِيَس لُڊاڻي، پَسو! جو پِرِيَن ري،

جيڏِيُون! جيهائِي ڪِئِي، راتِ رُسِي راڻي،

هَلِبو هاڻي، ويرا[385]، ڪاڪِ وِهُ ٿَئِي[386].

 

وائي

ڪيئن ڪَريان، ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهه[387] نَه ڏي.

راڻو راتِ وِيو، ڪَرَ[388] ٿِي ڪُل[389] مَٿي،

ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.

اَچِيو آتَڻَ وارِيُون طَعنا ڏِينِمِ تي،

ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.

پَٿَرِ[390] وارَ وِڇائِيان، رِيجِهي[391] راڻي کي،

ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.

کارايان کِيرولِيُون، چاريان چانگي کي،

ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، ايندُمِ هوتُ هِتي،

ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.


 

 

داستان اٺون

 

اختصار:

مومل جو پڇتاءُ، صبر ۽ شڪر.

 

1

ڪِين ساڱاهِيُمِ[392] سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جالَ[393]،

سوڍا! مون کي ڪالَ[394]، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.*

2

ڪِين ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جِتِ،

سوڍا! مون کي تِتِ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.

3

ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جي،

سوڍا! مون کي سي، موٽِي آئيُون مُنهن ۾.

4

خامُوشِي[395] خَبَرَ[396] جِي، مُومَلَ ٿِي مَت،*

صَبر ٿِيو سُپَتَ[397]، مُنهنجي حَقّ، مينڌرا!

5

سوڍا! صبر تنهنجو، مومَلَ مَتِ ٿيو،

تو جو ڪالهه ڪِيو[398]، تنهن مَدِيُونِ ميٽي ڇَڏِيُون.

6

تو ۾ ٻَڌِيَس تي،** جي مُنهن ۾ مَدِيُون نَه ڏِيين،

ڍولا! جي ڍَڪيَئي، سي مَتان عيبَ اُپَٽِيين[399].

7

جي منهن ۾ مَدِيُون نَه ڏِيين، تو ۾ تي ٻَڌِياس،

سوڍا! اِن سُهاڳَ کي، ويٺي واجهاياس،

ڍولي ڍَڪِيياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناهَه جو.

8

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي،

ڏيِئي لَکَ[400] لاڙِي[401]، ڪَڪَرُ[402] ڪِيائِم ڪاڪِ جو.

9

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَس اُگهاڙي اَڳَ،

جوڙي[403] جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.

10

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ،

رَکِي پنهنجو نانءُ،* ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.

11

ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڙِيءَ لِکَ،

هاڻي مَٿي ڏِکَ[404]، چَڙهِيو ٿِي چاڳَ ڪَريان[405].

12

سوڍا! صَبرُ تنهنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ،

چُپ[406] سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.

13

سوڍا! صَبرُ تنهنجو، لَڄايَنّ مَرَڪُ،

نَه ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ[407] راڻي وَڍيو.**

14

سوڍا! صبر تنهنجو، سَڀَنِ سيکاري،

مُومَلَ جي واري[408]، ڪُهُه ڄاڻان، ڪُهُه ٿِيو.

15

سوڍا! صبر تنهنجو، سيکاري سَهَسَ،

پُڄِي تِئان پَهَسَ[409]، مون کي نَصِيبَ نيئِي جَهليو.

16

سوڍا! صبر تنهنجي، ماڙُهو ڪِي[410] مُومَل،

ڪُپَرِ[411] منجهان ڪَل[412]، پييَم پِرِين! تنهنجي.

17

سوڍا! صبر تنهنجو، مون کي نَصِيحَتَ،

ريلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌرا! تو مهندان[413].

18

سوڍا! صبر تنهنجو، بي عَقُلَنِ عَقُلُ،

آهي اُنگ[414] اَمُلُ[415]، ماٺِ تنهنجي مَينڌرا!

19

سوڍا! صبر تنهنجو، بي عَقُلَ آڻي بازِ،

سَندي صبر ساز[416]، توبَهَه ڪارِيَمِ تَڪَڙِي.

20

سوڍا شَرمايُون، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان،

نَڪَ نِرِڄايُون[417]، هُيُون منهنجي حَقّ ۾.

21

موٽي آيو مُنهن ۾، سوڍا! شَرَمُ جَنِ،

سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان.

22

اَدِيُون آتَڻَ وارِيُون! نرڄا نَڪَ ٿِيا،

وَڍِيا، نان نَه وِيا، پاڻان مورِيا[418] مُنهن ۾.

23

موري مُنهن وَڏا ٿِيا، وَڍِيا، تان نَه وَڃنِ،

اَدِيُون! اَڻاسِنِ[419]، تَنِ ڪوجَهنِ کي ڪيئن ڪَرِيان.

24

جَنِين سَندي مُنهن ۾، نِهائِيُون[420] نَڪَنِ،

تِئان وَڍِيو هيڪَڙو، تَه ڪِهَڙو ٿورو[421] تَنِ،

سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهنِ، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.

 

وائي

آءُ راڻا! راتِ، تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان،

راتِيان ڏيهان رُوحَ ۾، تَنَ تُونهِين جِي[422] تاتِ،

تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.

ويٺِي نِتُ نِهاريان، اَچين جي پِرڀاتِ،

تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.

مُون کي آهي، مَينڌرا! وائِي تنهنجِي واتِ،

تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.

اَدِيون! عَبدُالّلطيف چي، ڏاتَرُ ڏِيندُم ڏاتِ،

تنهنجِي چانگَل کي چندَنُ چارِيان.


 

 

داستان نائون

 

اختصار:

راڻي وٽان دلداريءَ ۾ دلاسي جو نئون نياپو.

 

1

راڻي جي رِهاڻِ[423] مان، ڪو آديسِي[424] آيو،

چوڏِهينءَ ماهه چَنڊَ جيئن، ڪِيو سامِيءَ سُهائو[425]،

لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ[426] سان.

2

راڻي جِي رِهاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،

کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ[427] سَڀِ واسِي،

سُوو سَناسِي، اُتاهِين[428] ٿِي آئِيو.

3

راڻي ريٻارو[429]، تو ڏانهن[430] مُڪو تَڪَڙو،

لُڊُوڻِئان، لَطِيفُ چي، ماڻِجِ موچارو،

صُبُحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙَندو ڪَرَهو.

4

راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،

چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، مومَلَ لِنبي ماڳ،

سوڍي جي سُهاڳَ، ڍَٽُ مِڙوئِي ڍَڪِيو.

5

نَئُون نِياپو آئِيو، راڻي مُلا[431] راتِ،

لَڌِيسُون، لَطِيفُ چي، ڪَنان[432] ڏاتَرَ اتِ،

ڪِهَڙِي پُڇين ذاتِ، جي آئِيا، سي اَگِهيا.

6

ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو[433]، چَؤڏِسِ چِٽاڻو[434]،

منجَههِين[435] ڪاڪِ[436] ڪَڪورِي، منجَههِين لُڊاڻو[437]،

راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ناهِه ڪو.*

7

ڪيڏانهن ڪاهِين ڪَرَهو، چِٽاڻو چَؤڌارَ،

منجَههِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجَههِين باغَ بَهار،

ڪانهي ٻِي تنوارَ[438]، ٿِيو مِڙوئي مينڌَرو.

وائي

ڪِي جو ڪاڪِ تَڙاءُ چانگي چَرَهو[439] چَکِيو.

ڪَرَهو سَرَهو ڏيهَه ۾، نَه تنهن ڊَپُ نه ڊاءُ،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

پاهُه[440] پِرائي آئِيو، لالِي لُڊُوڻِياءُ،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

ڪَرَهي ڪانيٽا[441] رَتا[442] نائي[443] ناڪيلاءُ،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

وَگُ[444] واسِيائِين[445] پانهنجو، سَڀَ ئِي سُراهِئاءُ[446]،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ- ڌَڻِي، تُون راڻو، تُون راءُ،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

مُومَلَ مَحُتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳياءُ[447]،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

آءُ تون، عَبدُاللّطِيفُ چي، موٽِي هِنَ مَحَلاءُ[448]،

چانگي چَرَهو چَکِيو.

 


[1]. جوڳي، فقير جو قسم

[2]. دونهي دکائي ويهندڙ فقير

[3]. پينو، فقير

[4]. سائين، الله لوڪ

[5]. مٿي کي ٻڌڻ جي ڏوري، دوشالو

[6]. مالها، تسبيح

[7]. ديدار ڪرائي

*. مومل جو قصو ٻڌائي، دل ۾ عشق جو اُمنگ جاڳائي ويو

[8]. چنڊ

[9]. نور وارو، چمڪندڙ

[10]. عشق جو امنگ

[11]. رت جي رنگ جهڙو، رت گاڏئون

[12]. پوي، ديدار ڪري.

[13]. رنگ

[14]. مٽيءَ هاڻو، ڀڀوت لڳل

[15]. شال، دشالو

[16]. سونن داڻن واري مالها

[17]. سچي

[18]. مزاج، طبيعت، البيلائي

[19]. ڳئون جي ڇيڻي جي ڇار، ڇار

[20]. اسان کي مليو

[21]. سڪون، فرحت، راحت، خاموشي، ماٺ، صبر

[22]. نشو، خمار

[23]. انگهه، چهنب

*. ميٽيل زخم تازا ٿي پيا.

**. ساميءَ جي منهن جورنگ اهڙو لال هو جهڙو پره ڦٽي جي سج جو هوندو آهي.

[24]. ڇٽ، موڙ

[25]. اسان کي ڏيکار

[26]. جاءِ

[27]. صوفين جي آخرين منزل تي پهتل فقير، خدا رسيده

[28].*** اي خدا! اسان کي به اها جاءِ ڏيکار جتان هي درويش رڱجي ريٽو ٿيو آهي.

[29]. رنگ، ڊؤل

[30]. ساعت جي بگڙيل صورِت، پل

[31]. تائين

[32]. سج جي ڪرڻن

[33]. شعاع

[34]. تجلو، چمڪو +(سامي) پنهنجي منهن کي لاک لائي لعل ڪيو آهي يا پان جي پڪ هڻي

[35]. سوڍن راجپوتن جي ذات واري، يعني مومل ++ ڪڙ ڪورون جهليون= پاڻي ٽمٽار پيو وهي، هن مصرع ۾ مٿئين سوال جو جواب آهي ته اها منهن جي لالاڻ عشق جي ڪري آهي.

[36]. رونق، زيب

[37]. ورن يا رنگ وارو

*. سج جي رنگ جهڙو سامي، پتنگ وانگي اوچتو ئي اوچتو اچي پيدا ٿيو آهي.

[38]. مومل جو محل، هيءَ دنيا

[39]. تڙان، تڙ کان

[40]. ڪنوارين ڇوڪرين، مومل جي ڀيڻن

[41]. ڳاڙهو ڪيو، رڱي ڇڏيو

[42]. ويهُه

[43]. لڊاڻيءَ کان، هن دنيا مان

[44]. ڏانهن

[45]. ويا اٿيئي

[46]. اُتان

[47]. سڏيندڙ

[48]. قاصد

[49]. پرينءَ کان

[50]. هتان

[51]. ڏانهن

[52]. پنڌ ڪريان، هلان.

[53]. لانگوٽي ٻڌندڙ فقير

[54]. عشق ۾ رتل

[55]. ڪهڙي حال ۾

[56]. گجر ذات واريون ڇوڪريون

[57]. ڳاڙهو، رت جهڙا لڙڪ

[58]. ڳاڙها

[59]. ساراهين، تعريف ڪرين، ٻڌائين

[60]. فؤلاد، رڪ شهر جو نالو

[61]. اکين جي تارن

[62]. ڪهاڙيون

[63]. حاڪمن، وڏن ماڻهن

[64]. ضربون، ڌڪ، گهاءَ

[65]. ڪاڪ نهر جي ڀر تي

[66]. پرديسين

[67]. نانگ منڊيندڙ ٽڪلي، بهادر

[68]. سامهون، سامهين

[69]. بيهي رهي

*. انهن تي غالب ٿي.

[70]. ٻٽا، نشان تي پورا

[71]. تير

[72]. عشق، محبت

[73]. هيرا، تيز، ڪٽيندڙ تلوارون

**. عام ۽ خاص ۾ تميز ڪانه ٿي ڪري (سڀ ڪنهن کي ٿي هڻي).

[74]. انبوريون، ڪوڪن ۽ ڪلين ڪڍڻ جو اوزار

*. پٽي پوري نهاري، اک ڇنڀي+ تيز نگاهه.

[75]. شڪارين

[76]. کهري، تند، هيڪاري وڌيڪ سخت

[77]. ڪنبايا، ڏڪايا

[78]. پنڊت

[79]. مصيبت، مشڪلات

[80]. عشق

[81]. لڊاڻي جي ڪنڌين تي، ڪاڪ جي ويجهو

[82]. اڻ ميو، گهڻو

[83]. نهرون، ڪسيون.

[84]. ديگيون (مجاز جون)

[85]. پان واريءَ

[86]. تکي هلڻ

*. لڊاڻي جي ٽڪريءَ تان لهندي سنڀالي وک کڻج جو اتي هيٺائين آهي.

[87]. ملاقات

[88]. اڄ سڀاڻي

[89]. راضپي، رضامنديءَ سان

[90]. ڪنول جا گل، نيلوفر

[91]. اکروٽ

[92]. صندل، چندن

[93]. سٺا، چڱا

[94]. ڦرن، اچن

[95]. ننڍو اُٺ، ڪنواٽ

[96]. ڇا ٿي پيو

**. هلڻ ۾ تکو آهي

[97]. زور سان، تڪڙو

[98]. ذات، نسل

[99]. ڍلو، جهڪو

[100]. وڃ

[101]. وڻن مان (دنيائي نعمتن)

[102]. لڊاڻي مان (ڪاڪ جي ڀرسان ٽڪري)

[103]. ولر، يار دوست.

[104]. هوشيار، قابل

[105]. ڪِئي

*. غور ڪري (سياڻپ سان) سوپاري ڦٽي ڪري ڪاڪ جي جادوءَ واري تلاءَ جو طلسم پرکيو.

[106]. شڪاري، صباد

**. جيڪي راڻا تحقيق راجائن جو اولاد آهن، يعني سچا عاشق آهن.

[107]. اهيئي، سڀيئي

[108]. پنڊت

[109]. امير

[110]. هتان، هن دنيا مان

[111]. سولي، آسان

[112]. مرڻ وقت غشي

[113]. الوداع، موت واري موڪلاڻي

[114]. پنندڙ، گدا

[115]. اڳيان، آخرت ۾.

[116]. هرڪو جاندار موت جو ذائقو چکندو (ق-ش 3، 134)

[117]. آواز، قؤل گفتگو

[118]. به

[119]. پورو

[120]. مٿاهان، اوچا

[121]. مومل ۽ سندس ساهيڙين مٿان

[122]. چنبيليءَ جي تيل سان

[123]. واه! واه

[124]. هميشه، هردم

[125]. ڏنگ، چوڪون

[126]. هار سينگار

[127]. گهر، ڪتڻ جي جاءِ

*. ماٺ ۾ اچي ويون (حيرت ۾ پئجي ويون)

[128]. زال، جادو

[129]. رنگ

**. (مومل) خوش ٿي.

[130]. سون جهڙيون، حسين

[131]. عود جي ڪاٺي

[132]. ٿالهه

[133]. ٿانءَ وارن، لائقن (لائق عاشقن)

[134]. ٻن ٻن جون قطارون

[135]. ڳاڙها ڪيل، محبت ۾ رڱيل

[136]. خمار، نشو

[137]. شراب

[138]. حالت

[139]. پورن، مڪمل

[140]. گهمن ڦرن، ڳولين

[141]. وصال جا طالب

[142]. سڪايل، شڪاري

[143]. ڳاڙهو

*. نشي ۾ اهڙا الوٽ ٿيا، جو خبر نٿي پين ته سڀاڻي سندن ڪهڙو حال ٿيندو.

[144]. مصالح لڳل مردن يا لاشن Mummies، جيئرن لاشن

[145]. ڳاڙهو رتل.

[146]. ڪومائجن، رنگ ڪين ڦٽي

[147]. اُهي

[148]. هالار وارو (ڪاٺياواڙ جو هڪ ضلعو، جنهن جو ڪپڙو پڪي رنگ وارو هوندو هو.)

*. هتي محبوب سان لئه ٿيل عاشق کي هالاري پڪي رڱيل ڪپڙي سان مشابهت ڏني ويئي آهي.

[149]. ڌوڻون (واحد: ڌُوڻ) ڌُوڃون (واحد: ڍُوڃ) سهيليون، هڪ جيڏيون، ثاني، ٻٽ

**. چوٽيون (وار) چنڊن جي خوشبودار تيل سان جهٻيل

[150]. موهجو، مست ٿيو

[151]. پون، ڪرن (ڳاهٽ ٿين، مرن)

[152]. شهزادا

[153]. جوش، جذبو، اُڪير

[154]. واس وارن، سرهاڻ سان ڀريلن، عاشقن

***. جيڪي شهزادا مومل جي سرهاڻ مان واس وٺن ٿا، تن کي اهڙو ڪو عشق جو اڌمو اچيو وڃي، جو رت روئيندا وڃن.

[155]. رڱيائين

[156]. انهن

[157]. ماڳن، هندن تي

[158]. جدائي، فراق، ڏک، غم

[159]. وٽان + راڻي جهڙو موچارو مهانڊو ٻئي ڪنهن جو نه آهي.

[160]. سوايو4/1 سرس، وڌيڪ ++ لڊاڻي مان فقط هن ئي ميندي لاتي (مومل سان شادي ڪئي)

[161]. پچار، ڳالهه.

[162]. سڀني جو مرڪ يا نڪ آهي

[163]. دونهون، انڌ جو پردو

[164]. آواز، پچار، ڳالهه، وندر

[165]. سُڄاڻ، ڄاڻو، عارف

[166]. رڳو، نجو

[167]. ڪشيائين، ڇڪيائين

[168]. جلدي، هڪدم

[169]. وزير، سکر ماڻهو

[170]. ٻي ڳالهه يا پچار ڪانه رهي

[171]. پيهي، هلي

[172]. لڊاڻي جي رهاڪن

*. مومل جي انفرادي هستي ميٽجي، مينڌري ۾ لءِ ٿي وئي، جنهن ڪري رڳو مينڌرو رهجي ويو.

[173]. مومل جي ٻانهيءَ جو نالو (نفس اماره)

[174]. ٻاين، بيگمن، بيبين

[175]. لاڳاپي، ناتي

**. دنيوي معشوقن جي چنبي ۾ نٿا اچن.

[176]. اورتي، اوريان، پوئتي، هن دنيا ۾.

[177]. ڌياڻيون، مالڪياڻيون (مومل ۽ سندس ڀينرون)

[178]. خبر، سمجهه

[179]. ساڙي، جلائي

*. جيڪي مذڪور شاهاڻي شان سان رهنديون هيون.

[180]. متان

[181]. پوئتي

[182]. موٽين

[183]. خبر، پتو + متان پوئتي موٽين، پرت منجهان ئي توکي پَرو پَوَندو

[184]. راڻو لڪڻ ڇڏي، جيڪو لڪل طعنو هڻي ويو اٿئي

[185]. ٻڌجي

**. راڻي لاءِ روڄ راڙو ڇڏي، مخفي طعني سان پيچ پائي ويهه، يعني اهي عيب سڌار ته راڻو پاڻهي ئي ريجهي پوي.

[186]. منهنجا

[187]. سو ڪِي، اُهو ڪجهه

[188]. مليوسون

[189]. اي ڀتار!

[190]. سڪايل، شڪاري، صياد

[191]. چهڪ، چيِرَ، عذاب، ايذاءَ

*. ڪاڪ جي نديءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جو پاڻي وهي ٿو.

[192]. تنهن ڪري

[193]. خر، گڏهه، رَقيبُ (سومل ڏانهن اشارو آهي)

[194]. جنهن صورت ۾

[195]. ميڻ بتي

[196]. رات

[197]. صبح جا ڪرڻا، روشني

[198]. انتظار ڪڍيم.

[199]. بيٺي اڀرندا ڏٺم

[200]. تارا

[201]. لڙي، لهي

[202]. اُٺ

[203]. ڪرڻا

[204]. ڏيئا

[205]. گلن جي (سرهي تيل)

[206]. ٿر جي وچ وارو وارياسو ڀاڱو

[207]. زوردار، سخت، خطرناڪ

[208]. سانگي، اتفاق، سبب

[209]. اٺ

[210]. نمونن

[211]. مٿي ڪندي

[212]. شاهوڪار! محبوب!

[213]. ڪتيون، ثور، (Taurus) تارن جو ميڙ

*. وچ آسمان کان الهندي طرف لڙيون.

[214]. تن تارن جو جهڳٽو

[215]. ٻن (کڏ) ۾ پوي

[216]. سڙيل، ايذاءَ ڀري

[217]. آرامي ٿيو.

[218]. کان سواءِ

*. گهر جي ڀتين ۾ رخنو پيو آهي (هيڻي حال، بيوس ٿي آهيان).

**. انگ (بدن) انتظار ۾ پيو آهي.

[219]. تو سان سڱ (ناتو، شادي) آهي

[220]. واٽهڙو، پانڌي

[221]. ٽيڪ، آڌار، ڀرجهلو

[222]. ويهڪ، آرام

[223]. ڍٽ جا رهاڪو، راڻي جي وطن جا

[224]. سوگهو ڪيو، ٻڌو

***. راڻو اکين اڳيان پيو ڦري

[225]. اُميدوار

[226]. لوڪ.

[227]. سا جيڪڏهن پڌري ٿي پوي.

[228]. ڏهاڙي، روزانو، هر وقت

[229]. ڏسان

[230]. صحبت، ڪچهري

[231]. ليڪون، لڪيرون، تندون، تارون

[232]. ميخون

[233]. لنبيون، جڪڙيون، جڙيون

[234]. داڻي، موتي، اَمُلَهه!

[235]. جماعت، مجلس

[236]. روئيندي

[237]. وِهامي، گُذري

[238]. مهاريون، مڇردانيون، مسهريون، پلنگ، ڇپر کٽون

[239]. عطر، خوشبوءِ

[240]. سونهائي، منهن تي پوي، وڻي

[241]. ڪاڪ کان

[242]. جڳاءِ.

[243]. تو لاءِ ئي.

[244]. شينهن

[245]. لَوڻو ڦيرائي وجهندڙ، زوردار

[246]. زمين

*. جيڪا زمين منهنجي پيرن هيٺان آهي، سا ٻين دوستن جي مٿان پئي وسي (قبر داخل آهن).

[247]. متارا مڙس، جنگ جوان

[248]. ٻه

[249]. دوستن

**. اٺن تي چڙهي انهيءَ لاءِ راهي ٿيا، جو تو ۾ عيب ڏٺائون، نه ته

[250]. ڪميڻو، لنگهو (جڙتو راڻو، سومل)

[251]. ماڻين، پسند ڪرين

***. راڻي کي مسخري ڪري ليکيو هوءِ، جو جڙتو راڻي کي پسند ٿي ڪيئي.

[252]. ڪاوڙيو

[253]. ائين، انهيءَ ڪري

[254]. ڌاريون، غير

[255]. تو قابو ٻڌو (توکي مليو)

[256]. هڪڙائي، هڪڙي سان وفاداري

[257]. اورتي، ويجهو

[258]. سويل +هيڏانهن اچڻ جي تياري ڪر.

[259]. نمونن، طريقن ++ جيڪي سڀڪنهن نموني پڇتاءُ ڪري، شرمنديون ٿيون آهن، انهن جي وري رهبري ڪر. +++ ڪاڪ جا واس وٺ.

[260]. ٿي (لاڙي لهجي ۾: ٿَئِي)

[261]. چندن

[262]. سرکنڊ (چندن) جي خوشبوءِ مان ويتر ساهه کي سوڙهه ٿي ٿيئيم، ساهه ٿو گهٽجيم.

[263]. ماڻ.

[264]. وڃ

[265]. لاڙو، عشق

[266]. رهبري

[267]. حاصل ٿئي

[268]. وٽ، گهر ۾

[269]. مڪر، بي انصافي

[270]. انصاف

[271]. شريڪ، ثاني

[272]. مدايون

[273]. رڏِي، ڏنگائي، رُسامو

[274]. ميرائي، عيب اڳرائي، گستاخي

[275]. ڍَڪِج

[276]. لڪڻ

[277]. کسڪي ويو

[278]. جيئان.

[279]. عشق

[280]. جدائي، وڇوڙي

[281]. سورن طرحين طرحين صورتون اختيار ڪري، مون کي تنگ ڪيو آهي

[282]. رتل، ڳاڙها (محل)

[283]. هيبت، ڊپ (فڪر) [اصل لفظ حَولَ (ع): صدمو، آفت، ڊَپَ ڀريا اُڌما]

[284]. جليو، سڙيو

[285]. لڊاڻي جي ڪاڪ ڀرسان ٽڪري (مومل جو وطن)

[286]. ڪتڻ لاءِ وهڻ جي جاءِ

[287]. رونق ڇڏي ويو

[288]. مُئلن

[289]. فدا ٿيل، گهوريل

[290]. پوي.

*. وفد موڪليان ٿي ته مينڌري کي پرچائي اچن.

[291]. تنهن لاءِ، انهيءَ ڪري.

*. هي عشق جي زخميل اکين مان مينهن وانگر ڳوڙها ويٺي ڳاڙي.

[292]. اولاد

[293]. ڀرجهلو

[294]. ساهراڻي طرف کان مائٽ

[295]. سڳو مائٽ

[296]. باهه جو مچ، غم

[297]. اي پانڌي يا واٽهڙو

[298]. نياپو، پيغام.

[299]. موٽائي

[300]. ڇڪ، سڪ

[301]. شڪ شبها

[302]. سڪندڙن، عاشقن

[303]. پري، دور

[304]. آئون نٿي سهانءِ

[305]. نينهن جا

[306]. ڀالا، تير

[307]. چٽُ، نشان ڪر

[308]. مون کي

[309]. وَجُهه وٺي

[310]. گاديلا، پٿراڻيون

[311]. وهاڻا

[312]. بسترا

*. جن کي حبيبن استعمال ڪيو هو.

[313]. دڙڪا، ڇڙٻون

[314]. ڏاڏاڻن کان.

[315]. لاءِ

[316]. سڪنديون، سسنديون

[317]. ٿلهيون ٿين، ترقي ڪن

[318]. شڪاري

[319]. منهن، مهانڊي، سُونهن ۾ جِيُس

[320]. اَنگڙا، اَنگَ، عضوا

[321]. خوشبودار

[322]. ڪنهن مهل

[323]. منزل، جاءِ.

[324]. آگ، باهيون، ساڙو

[325]. يادگيري

[326]. هڪ جيڏيون

[327]. (واحد: ڪاڻ) خاميون، غلطيون

[328]. باهه

[329]. ڦيري

[330]. هٺ، وڏائي، خودي

[331]. پيڪن، اباڻي سڱ وارن سمورن مائٽن، ابن ڏاڏن

[332]. پرينءَ، محبوب

[333]. سندن ڳالهاءُ (محبوبن جو ڳالهائڻ)

[334]. ڏهاڙي، روزانو،

[335]. گهر.

*. محبوب هر روز مون سان گهر ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا، پر اڄ سندس ٻولي نٿي ٻڌان

**. ڪنهن خيال ۾ اچي ويا آهن (ڪو پور اٿن).

[336]. انهن لاءِ

[337]. توراڙي، ترازوءَ، ساهميءَ ۾

[338]. ڪس، زنگ

[339]. خيما، تنبو

*. اي راڻا! ڪاڪ ۾ رهي ڪاڪ جي ماڻهن کان چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪر ته آءٌ ڪنهن سان ستل هيس.

**. هٿان ڳالهه نڪري ويندءِ

[340]. فڪر، ڳڻتيءَ ۾

[341]. تون پوندين+ اي آڌار نَه ته پوءِ توکي پڇتائڻو پوندو

[342]. مونکي.

[343]. ڪاڻ واري، بدنام

*. بدنام (مومل) کي ڪاڪ ۾ ڇڏي.

[344]. اڳي ئي، اصل کان+ نڪاح ٻڌي زال آهيان

**. مڪان ۽ مال متاع.

[345]. اعتبار ڪر

[346]. لڊوڻي (ڪاڪ ڀرسان ٽڪريءَ) کان

[347]. جوڳين جو قسم (مسافر، محبوب)

[348]. لاڳاپو+ منهنجي دل جاءِ آهي

[349]. مڪان، جاءِ

[350]. هڏن جو پڃرو

[351]. خالي، فقط

*. اهڙي ڪا ويڌن ڪئي، ويل وهايو، قهر ڪيو.

[352]. دل

[353]. سمجهان، ڀانيان

[354]. ڏڪِي.

[355]. ڪاوڙين

[356]. (واحد: پاڻو) ٿاڻا، منزلون

[357]. ناز، انگل

[358]. ڪوٺيون

[359]. دز، مٽي

[360]. رکيائي

[361]. ڌوڙ هاڻا (دز سان لٽيل) ٿيا

[362]. مڙس

[363]. کانسواءِ

[364]. مشڪ، سرهاڻ

[365]. بڇڙايون، مديون

[366]. اچڻ سان ئي

[367]. موٽي وئين

[368]. غفلت، جٺ، ناحق

[369]. جٽاءُ ڪري، ترسي

[370]. سماءُ، سڌ، خبر

[371]. ٿيئي ها

[372]. جنهن نموني ۾

*. راڻو ٻين ماڻهن وانگر بدڪار زالن کي ڏوراپن ڏيڻ وارو ڪين آهي. هو سور پيو وڃي ۽ عام وانگر لڙڪ نٿو ڳاڙي.

[373]. جتان

[374]. تتان

[375]. قسمت ۾ هو

[376]. اُهينهين، هروُڀروُ

[377]. اجايو

[378]. ڪوڙي نياپي تي (خالي سڏ ڪري)

[379]. گهر ۾، وٽ، گليءَ (قبضي ۾، هٿ ۾)

[380]. نوڙي، ٻيڙيءَ کي لنگر سان ٻڌڻ لاءِ رسي

[381]. پاڻي (ڳوڙها)

[382]. باغن کان

[383]. پسند، وڻندڙ

[384]. رسي، نوڙي

[385]. ويلا، هڪدم

[386]. ٿِي.

[387]. وجهه، فرصت

[388]. خبر

[389]. سڀني ماڻهن

[390]. پٿراڻي

[391]. خوش ٿي

[392]. سمجهيم، هوش ڪيم

[393]. گهڻيون، بيشمار

[394]. ڪالهه.

*. انهن ڪري لوڙهيو اٿم.

[395]. صبر

[396]. خبر ته آءٌ ڌارئين ماڻهوءَ سان ستي پئي آهيان.

*. مومل انهيءَ مان نصيحت پرائي آهي.

[397]. چڱو رستو (سبق)

[398]. ڪيو (صبر)

**. تنهنڪري توسان منهنجي دل ٻڌجي ويئي آهي

[399]. ظاهر ڪرين.

[400]. ذري، ٿوري، لِڇَ

[401]. آڳڙي

[402]. ڇانو، رحمت، برڪت

[403]. ٺاهي، چونڊي

*. مون تي پنهنجو نالو نامزد ڪري (شادي ڪري).

[404]. هار سينگار ڪري

[405]. نخرا ڪريان

[406]. صبر

[407]. ڪاتيءَ يا ترار، جيڪا رڪ مان ٺهيل هوندي آهي.

**. راڻي بنا طعني هڻڻ جي مون کي شرمندو ڪري ڇڏيو آهي.

[408]. ڀيري، دفعي

[409]. جلدي، تڪڙو

[410]. ماڻهو ڪئي، انسان بنائي، سٺي ڪئي

[411]. خاب هلت (عيب، سومل سان سمهڻ)

[412]. خبر

[413]. اڳيان

[414]. چشم پوشي، سور پئڻ

[415]. سئين راه تي آڻي

[416]. اوزار، وسيلي، ذريعي.

[417]. شرم حياءُ وڃائڻ (واحد: نڪ نرڄائي: نڪ جي پڪائي، بيشرمائي.

[418]. اُڀرن، گوش ڪڍن

[419]. اڻاسا- اَ+ناسا= ناس پِتي بنا، بيشرمَ

[420]. (واحد، نهائين) گهڻا

[421]. ڪهڙي ڪمي يا پرواه؟

[422]. تنهنجي.

[423]. مجلس

[424]. جوڳي فقير (قاصد)

[425]. روشني

[426]. (روحاني) روشني

[427]. ولايت، ڏيهه پرڏيهه، چوڏِس

[428]. انهي هنڌان (مرشد يا روحاني محبوب جي درٻار مان).

[429]. اوٺي، جيڪي پيغام کڻي وڃڻ سان پيٽ قوت پيدا ڪندا آهن. (قاصد)

[430]. ڏانهن

[431]. وٽان

[432]. کان، وٽان

[433]. اٺ (جسم)

[434]. روشنائي

[435]. اندر ۾

[436]. طلسم وارو محلات (هيءَ دنيا)

[437]. ڪاڪ ڀرسان ٽڪري (هوءَ دنيا)* سڀ ۾ راڻو (الله) وسي ٿو.

[438]. تنوار، ڳالهه، ذڪر.

[439]. چارو، گاهه

[440]. پاڻي، رس، رونق، مک، طاقت

[441]. نيش، ڏند

[442]. ڳاڙها ڪيا

[443]. نمي

[444]. گروه، ٽولو

[445]. خوشبودار ڪيائين

[446]. سڀني سرهاڻين سان، هر نموني جي خوشبوءِ سان

[447]. اڳيان، مهندان

[448]. محل يا ماڳ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com