سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب: --

صفحو :19

داستان نائون

1

ويهُه مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،

نِرِمَلُ[1] نِهاري، هَلَندِنِ تان هَٿِ ڪيو.

2

اَوَجَهڙِ اَسُونهِنِ، ڏيهُه گَهڻوئِي ڏورِيو،

سَڳَرِ رِيءَ سُونهَنِ، پَهُتِي ڪانَه پَنڌُ ڪَري.

3

واءِ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪَرِيان،

ڇَٽا![2] ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرِنيان[3] تو،

بَرِ بورائو[4] جو، سو، لَڳِي، مَتان لَٽِيين!

4

واءِ وِڃايَمِ ڪالَهه، پُٺِيءَ جنهن پَنڌُ ڪَرِيان،

وَڃَڻُ مُون وانٽي[5] پِيو، هوتَنِ ڪَارَڻِ حالَ،[6]

جَبَلُ ڏورِيان جالَ،[7] ڪارَڻِ پيرَ پُنهُونءَ جي.

 

5

کُهِجِ[8] مَ، اُجَها کيهَه[9]، گَردَ[10] پسُ گُنگَنِ[11] جي،

ڏُکِي! مَنجهان ڏيهَه، نِڪِرُ نانهن[12] ڪُلهي ڪَري.

6

ڏُورِ مَ تو ڏوريج، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي!

پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِهَڻُ وِساريج،

سُکنِ جا، سَيّدُ چي لاڳاپا لاهيج،

هِينئين ساڻُ هَليج، تَه پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري[13].

7

ويٺِيَسِ، وِک نَه اُپُڙي[14]، تُون آرِياڻِي آءُ،

چُڪِيءَ[15] تو سين چاءُ[16]، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي.

8

کُهِي[17] جا کَنيائِين، وِکَ تنهن ويجِهي ڪَئِي،

ڇِڪيءَ[18] ڇِنائِين، پَنڌ مِڙوئي پَٽ[19] جو.

9

سَؤُ ڪوهَ ڪري سَڀَڪا، تُون کُهِي کَڻِجِ وِکَ،

تاڻِج مَنجهان تِکَ، تَه پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.

10

وِيو جاڳائي جَتُ، ويرِي ڪنهن وِلات جو،

سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُم هوتَ هَٿَنِ سين.

11

ڏُهِلا[20] مُون ڏينهن ٿيا، پييَمِ، ڄامَ! ڄَيُون[21]،

ڪَندي پَنڌُ پَهاڙَ ڏي، ٿِيئڙمِ رُوحَ رَيُون[22]،

لُڇِيو ٿِيان، لَطِيفُ چي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَهيُون[23]،

ڀانِيان لَڪَ لَيُون[24]، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.

12

هيڪَلِيائي هاڻِ، پورِيندِيَس[25] پُنهُونءَ ڏي،

ڪَندِيَسِ ڪوهِيارَلَ[26] سين، رُچِي[27] رُوحَ رِهاڻِ،

رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڪنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ،[28]

آهِيان گهڻُو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پرِيان جا ساڻُ مُون.

13

هيڪَلِيائي هيل[29]، پُوريندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،

آڏا ڏُونگَرَ لَڪَيُون، سُورِيُون[30] سُڄَنِ سيلَ[31]،

تَه ڪَرَ ٻيلِي[32] آهِنِ ٻيل،[33] جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.

14

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَه وِهي[34]،

لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چي، پَهَڻَنِ مَنجِهه پِهي[35]،

سَندي نينهن نِهي،[36] ڪِي سَرِفرازُ سَسُئِي.


 

 

وائي

وَڃِي وَڃِي ٿِيندِيَسِ ويجِهي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي،

آڏا ڏُونگَرَ، لَڪِيُون، موٽِج، مُحِبَ مجيجِي،[37]

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.

پِرِين، پَهُنوارَ![38] تو چُئان[39]، ٻَيَرَ[40] آهِيان ٻي جِي،

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.

نَمُ[41] گُهرِجي نينهن جو، آهِيان آئُون اَريجِي،[42]

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.

جا نَه هَلَندِي هوتَ ڏي، پِيءُ تِنهِين جو پاجِي،[43]

پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.


 

 

داستان ڏهون

 

1

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃ مَ اَڳانهُون،

ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ‎۾، ٻاڪارِيو ٻانهُون،

دَردق جون دانهُون، مُون مارِيندِيُون، موٽُ تُون.

2

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ پِيءَ[44]! پَري،

مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو[45]، وِرِچِي تان نَه وَري،

ڌاران مَنهَن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين!

3

آءُ اوراهُون سُپِرِين! پَري وَڃُ مَ، پِيءَ!

موٽُ، مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تون جِيارو جِيءُ،

هوتَ! مَ ڇَڏِج هِيءَ، پُنهُون! پِيادِي پَنڌَ ۾.

4

آءُ اوراهُون سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيج مَ ڏاهُهه[46]،

وَٽِ ڇَڏي مُون واگُهه[47]، آرِي! وِئين عِشقَ جو.

5

آءُ اوراهُون سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏاگُهه مَ ڏيج،

پيهِي گهِر پُڇيج، تَه هوتَ! هَلاڪَتَ نه ٿِئي.

6

مَڇُڻ، وَرَ! وِساريين، آرِي! لَڳِ اَللهَ،

توکي سارِيو ساهُ، اُڪنڊِيو آهُون ڪَري.

7

مَڇُڻِ، وَرَ! وِسارِيين! صَبرُ نه سارِيان،

توکي نِهارِيان، آءُ مُنهنجا سُپِرِين!

8

هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، صَبرُ شُڪرانو،

ذَوقَ زَمانو، مُون، وَرَ وِيو وِسَرِي.

9

صَبرَ ۽ شُڪرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي،

آهِيان جنهن سَندِي، سو تَه گُهرجي ساڻُ مُون.

10

صَبرَ ۽ شُڪرَ کي، وَٺِي آئُون وٺِي،

ڏُکِيءَ سين ڏيٺي[48]، ڪا ڪُجِ اَچِي ڪَڏِهِين.

11

صُبرَ ۽ شُڪَر کي، هَٿِ ڪيو مُون هاڻِ،

پِرِيَمِ! اَچِي پاڻِ، پَٽِيءَ[49] کي پُڇيج تُون.

12

ناهِه جَمِعيّتَ[50] جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هاڻِ،

اَللهّ! سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

13

ناهِه جَمعيّتَ جِانِ کي، هوتّ پُڄاڻان هِتِ،

پُنهُون جِيَ پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

14

ناهِه جَمعيّتَ جِانِ کي، پُنهُونءَ پُڄاڻان،

سي مُون سيباڻان،[51] جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

15

ناهِه جَمعيّت جِانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هيرَ[52]،

ساڄڄَنَ ڪارَڻِ سيرَ، وؤڙِيندِيَس وِندُرَ جان.


 

 

وائي

پَلَڪَ نَه رَهي دِلِ تو ري، وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!

اُٺَ چارِينديَسِ اُنِ جا، مَٿاءَ ٽَڪَرَ ٽوري،[53]

وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!

ڏيندِيَسِ ماهُه[54] مِرُئَن کي، مَٿاءَ ڪُلهن[55] ڪوري،[56]

وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!

ڪانگَ کِيَنَمِ[57] ڪيچَ جا، ماسُ چِنجُنِ[58] سان چوري،

وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!

ڏُکَ لاهِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عجِيبَن اوري،

وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!

آرِياڻِي عَبدُاللّطِيفُ چي، سارَ لَهَندَمِ سوري،[59]

وَرُ، مِيان خانَ بَلوچا!


 

 

داستان يارهون

 

1

ڪَنُ ٿِيءُ[60]!، ڪيچِيَنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،

اِشارَتُون[61] اُنِ جون، سُڪُوتان[62] سُڄَنِ[63]،

وَٽان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين.

2

سُڻُ تَه سوزُ پِرائِين، آءُ چَيائون اَڄُ،

ٻولِي ٻي نَه سِکِيا، پاڻان چُوندءِ ڀَڄُ

واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهي.

3

ٻُڌُ تَه ٻِيائي لَهي، آئون[64] اُتِ نَه آهِه،

ڪُڇَڻَ ڪَنڍِي[65] لاهِه، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِيو.

4

ڪَنُ ٿِيءَ، ڪيچِيَنِ ڪُڇيو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِيائُون،

رَهِي نَه رَتِيءَ جيتَرِي اُنِين[66] وَٽِ آئون،

وَڍِي وِڌائُون، هو جو وَڻُ هُئَڻ[67] جو.

5

ڪَڏِهن پِئَجي ڪَنُ ٿِي، ڪڏهن ٿِيجي واتُ،

ڪَڏِهن ٿِيجي ڪاتُ، ڪَڏِهن ٿِيجي ٻَڪَرو.

6

ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱڻِ آرِيءَ ڄامَ جي،

دِيَتَ[68] آهي دوسُ، مارڳَ ۾ مُيَنِ جي.

7

ڪامُون[69] مُڇيجاهُ[70]، گَهِڻُيون گُهرِجَنِ آن، اوٺِيا!

هي وَڻَ[71] نَه لَهَنداهُ[72]، هُو وَڻَ[73] اوڏاهِين[74] گَهڻا.

8

اَکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون[75]، ڪنهن پَرِ ڪَڙِيان پيرُ،

لَٽَ لاهِيندو ڪيرُ، مُون جيهِيءَ مَعذُورِ کي.

9

اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌِيءَ سين آهِينِ،

هو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مون سُونهائِينِ،

ڏِسِيو ڏيکارِين، پيشانِي پُنهُونءَ جي.

10

اَکِيُون آريءَ ڄامَ جون، آهِينِ اَنڌِيءَ ساڻُ،

پَسِي ڪَندِيُون پاڻُ، پيشانِي پُنهُونءَ جِي.

11

سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هَلَڻَ رِيءَ مَ هَلُ،

جَلَڻَ ريءَ مَ جَلُ، روئَڻَ رِيءَ مَتان رُئين.

 

وائي

دَرِدَ مُئيءَ جي جا دارون،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!

مُون لَڳِيُون، مون وِسَهو، مَحَبَتَ جُون ماروُن،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!

مائٽَنِئان مون سين گَهڻا، ڪُسَڻَ ڪِيا ڪارُون،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!

سُکَنِ مُون سين ڪِين ڪِيو، سُورَنِ لَڌِيُمِ ساروُن،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!

منهنجون شَهرَ ڀَنڀورَ ۾، پَلِپَلِ پُونِ پَچارُون،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!

اَدِيُون! عبدُاللطيفُ چي، لَڳِيُمِ تَنِ اَندَرِ تاروُن،

وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين!


 

 

اَبيات متفرقة

 

اُٿِيو[76] ۽ اُٿِياڪُ[77]، ڪالهوڪو[78] ڪاڏي گَيو[79]،

وِيو جاڳائي، جيڏِيُون! بِرهُه، هِيءُ بيباڪُ،

چُرِڦُرِ ڪاري چاڪُ،* سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِين[80]!

2

سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ هَڏَ پُڻِ ڏُکَنِ هوتَ لَئي،

پِرِينِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَه ڏِينِ،

جي ماڙُهنِ کي مارِين، تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪَرِيان!

3

صَدا[81] وِڌِيمَ سُورَ جِي، اَڳِيان ڪوهِياري،

جو نِجَسَ نِکاري[82]، سو پُنهُون وِڌُمِ پاندَ ۾.

4

جان ساماڻِينءَ، سَسُئِي، تان ويسُ وِڙَن[83] جو ڪَرِ،

لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چي، ٿِيُ بيگارِياڻي[84] بَر،

تَه ويندِينءَ پوئِي وَرِ[85]، اَڳِيان هوتُ حُضُورَ ۾.

5

سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِيو، آسان اولاڻُو[86]،

پَنڌ نَه پُڄاڻُو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانه ڪَري.

6

پَسو! پَراوَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئِي،

پَرايا پنهنجن، پِجَهنِ ويچارِيءَ تي.

7

مُنڌ نَه مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لَڏَنِ جي،

جا پَرِ کاهوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي.

8

مُنڌَ! مَ مَنَهِه ويهُه، اُڀِي اوسِرُ[87] اُسَ ۾،

تو سيئِي سيڻَ ڪِيا، ڏُورِ جَنِين جو ڏيهُه،

پاڙي پاڙي پيهُه، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کي.

9

ٻيلي ناهِه ڀَنڀورَ ۾، تِنهن سَسُئِيءَ جو سَهِي،

ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا ايئن ڪَهِي[88]،

لَنگهائي، لَطِيفُ چي، کَڻِجِ، ڄامَ! کُهِي[89]،

هِيءَ مَعذُورِ هَڏِ مُئي، تُون، ڪامِلَ! وَڃُ مَ ڪيڏَهِين.

10

اولاڪَنِ[90] اَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪيو،

مَتان وَرَ وِسارِيين، مَنجهان ڪُرَ[91] ڪَچِي،

سُپَڪِ[92] ٿِي سُورَنِ سين، پَهُچَندِينءَ پَچِي،

لاهي لاڳاپا، لَنگِهه تُون، سيڻَنِ ڏانهن سَچِي،

مَنجهان راهَه رَچِي، ٿيندِينءَ لَعلَ، لَطِيفُ چي.

 

وائي-1

ڳالِهيون هوتَ ٻَروچي ساڻُ،

و! منهنجي جِيءَ جُون، جيڏِيُون!

ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرَين، سَڱ تُهِين جي ساڻُ،

وو! منهنجي جِيءَ جُون، جيڏِيُون!

چَڙهِي ڏاڍِين ڏُونگَرِين، پُرزا ڪَندِيَسِ پاڻُ،

وو! منهنجي جِيءَ جون، جيڏِيُون!

رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڄامَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،

وو! منهنجي جِيءَ جُون، جيڏِيُون!

هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان، سَرَندو نينهن نِڌاڻُ[93]،

وو! منهنجي جِيءَ جُون، جيڏِيُون!

نَصيبُ ڪَرِ نسُئيءَ[94] کي، پُنهُونءَ اُٺَ وَٿاڻُ،

وو! منهنجي جِيءَ جُون، جيڏِيُون!

وائي-2

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو،

وو! جيڏِيُون! آئُون هَلَندِي هوتَ ڏي،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

هِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لُوٺِيءَ[95] تان سَڀ لاهِيو،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

آهي عاجِزِنِ تي، پَسَڻَ سَندو ساعِيو[96]،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نه مون ڀئَو[97]، نه ڀايو[98]،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

وِهاري وَطنِ ۾، شُهدِيءَ[99] کي مَ سِڪايو،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙهي هِيءَ هَلايو،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

منهنجو پَنڌُ پُنهُونءَ ڏي، ريبي[100] تان مَ رَهايو،

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، مولي مُحِبُ مِلايو

مون کي تان جَهلَ مَ پائِيو.

 

وائي-3

ڪَرها مَ ڪاهِيو، مِيان ڪيچي!

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

ڪَري، هوتَ! هَلَڻ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

وَسِيلو وِلَهِيءَ جو، آڳانڍو[101] آئِين[102] آهِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پاسي ۾ پَرِيَٽِ جي، جهيڪي[103] اُٺَ جُهڪايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

وِلَهِيءَ جي وِهانوَ[104] ۾، واڄَٽَ سَڀ وَڄايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، پنهنجيون پاڻَ پَراهِيو[105]،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرين! صُورَتَ کي[106] مَ سِڪايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

ساڪِنَ ٿِي شَهَرَ جا، مَعذُورِ کي مَرَڪايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پُنهُون ڄامَ! پَرِٽِ سين، ويهِي سَورَ وِراهِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

لاهي بارُ ڀَنڀورَ ۾ وِيندو گهوٽُ وَناهِيو[107]،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پُنهُونءَ ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کِيَڻَ کارايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پَرڻائي پُنهُونءَ کي، نيکيٽِي نِکڙايو[108]،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

ٻيلِي ٿِي ٻانڀَڻِ سين، ڏِکِيءَ ڏيجُ ڏيکارِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

اَدِيُون! عَبدُاللّطيفُ چي، سَڄَڻَ کي ساراهِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

 

وائي-4

اَدا! ڙي! ڏوٿِي! آئُون پُڇان تو ٿِي:*

ڪيچِ رَسَندِيَس ڪيئن، ڏَسُ مُون ڏي.

نَه سَمِي، نَه سُومِرِي، نَه آئُون جَتِ، اوٺِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

آئُون اُنِين مان آهِيان، جي ٻانڀَڻَ پَڙَهَنِ پوٿِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

پَرِٽَ[109] ٿيندِيَسِ، پِرِين پُڇَندِيَسِ، پَڇاڙِيندِيَس[110] پوتِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

سَنجهي وِيئڙو سُپِرِين، ساڄَنُ پُڇان سو ٿِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

ساجَهرِ ساٿَ پَلاڻِيو، تو پَلاڻيو پوءِ ٿِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

هِتان ٿي هوتُ وِيو، جَتُ پُڇين جو[111] ٿِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

هَلِجِ هوتَ پُنهُونءَ ڏي، مَنجهان نينهن نِڪو[112] ٿِي،[113]

آئُون پُڇان تو ٿِي.

آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،*

آئُون پُڇان تو ٿِي.

سَنجهي ساٿَ سِڌارِيو،[114] پُنهُون پُڇان پوءِ ٿِي،

آئُون پُڇان تو ٿِي.

رويو رُئان رُڃُنِ ۾، هَئي هَئي! آئون هِتِ ڪوهُه ٿِي؟

آئُون پُڇان تو ٿِي.

 

وائي-5

ڪِهَڙو سَڱُ سِياڪو[115]؟ هارِيءَ مُون هوتَنِ سين.*

آئون هيڪَلي حَبَ ۾، نَه مُون مِٽُ نَه ڪاڪو،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو.

مُنڌ پِيادِي، پَنڌُ گَهڻَو، نَه مُون اُٺُ، نَه ناقو[116]،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو.

چَڙهِي نه سَگهان چوٽِيين، ڏُونگَرَ ڪونهي ڏاڪو،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وِجَهندِيَسِ واڪو،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

هُوءَ جا پِڪَ پُنهُونءَ جِي، چَٽِيان تنهن چُئاڪو[117]،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فقيرِ پوءِ[118] مَ فاقو،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

وِچُ[119] مَ پوءِ وِصالَ ۾، لِکَ مَ پوءِ لِياڪو[120]،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، پُڇَندِيَس پوءِ پَهاڪو[121]،

ڪهڙو سَڱُ سِياڪو

 

وائي-6

پانڌِي[122] پِرِيَنِ جو، اي! مانَ ڪو پَسان!

ڀينَرُ! ڀِنِيءَ اُسَهو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ آسان،

مُندائِتي مِينهَن جيئن، ويلو ويلَ[123] ٿِي وَسان.

 

وائي-7

آتَڻَ ۾ ويهِي، سَڀِ ڪَريجاهُ، جيڏِيُون!

ڪانهي بَسِ بَهِيرَ[124] کي،* هَلُ چَلُ پَئي پيئِي،

راهَ مُسافِرُ سَڀُڪو، ڪونَه ڏِٺوسُون هِتِ ڏيهِي،

سارِيندا صَلواتَ کي، مَنجِهه قَبَرَ سَڀِ پهِي،

ڪوٺائُو[125] ڪَرِيمَ جو، ڳالِهه پُڇَندُمِ ڪيهِي،

نَوازِيندو نُورَ سين، ناقِصِ[126] کي اُتِ نيئِي،

اَللهُ هيڪُ، مُحمّدُ بَرحَقُ، شالَ چُئان[127] مان حَرفَ اِهيئِي.

 

وائي-8

جيڏِيُون! آئُون تان نَه، چَوَندِي لو![128]

ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ کي صَرِيحُ،[129] لو!

سَڱِ نَه وَرَنِ سُپِرِين، مِنتَ[130] موٽَنِ مانَ،

ڀينَرُ! ڀيڻِي حُجّ[131] جِي، ڪوهِياري سين ڪانَه،

سو تُون صاحِبُ آهِيين، جو نَه ڀيرايين[132] ڀانَ،[133]

سَئين[134] سُوالِي سَمَگيا[135] تو، داتا! ڏيئِي دانَ.

 

وائي-9

ڪا جا ڳالِهه هُئِي، سا جي لوڪَ سُئِي،

لو! ٻاروچي جي مَنَ ۾.

سُرِ[136] سَڳَرِ، پُرِ پيچَري، تون جا لوڪَ سُئِي،*

سَسُئي سَڳَرَ پَٽِين[137]، ڪيرُ چَوَندو مُئي؟

پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِهن ڪانَه کُهِي[138]،

آن ڪا ڏِٺِي، ڏوٿيا! کيرِن[139] پاسِ کُهِي؟[140]

 

وائي-10

ويجِهي وِندُرِ جَنِ وَڻَنِ،

اي! اوڏِي آيَس، چان[141]، پرِيان جي پيچري،

جي تو اوڏا ڀانِئيا، سي ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،

مَدِي[142] نَه هُيَنِ مَنَ ۾، ته ڪيچان[143] ڪوهُه اَچَن؟

مَرَڻَ منهنجي کي[144] ڪِيو، هِيءُ پَهُه[145] ٻاروچَنِ،

سُونهَنِ سَڳَرَ پَٽِيين، مَنَهَه مَعذورَنِ،

وِندُرِ وائِي جا وَهي، مُون کي سا نَه سَلَنِ،

آڻِ ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَنِ،

لاٿائُون، لَطِيفُ چي، لَڏُون سِرِ لَڪَنِ.

 

سر معذوري

 

نالو

معذور لفظ جي معنيٰ آهي، ضعيف يا لاچار يا عذر واري. جيئن ته هن سر ۾ سسئي جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو ذڪر ٿيل آهي، تنهن ڪري مٿس سر معذوري نالو رکيو ويو آهي.

 

مضمون

هن سر جي مضمون جو تعلق، سسئي پنهونءَ جي آکاڻيءَ سان آهي، جا 37 صفحي تي ڏنل آهي.

 

روحاني راز

حق جي جستجو ۾ جيڪو پٺتي پوندو، سو کوٽو ليکيو. هن جستجو ۾ هڪ موذي ملعون (نفس) رڪاوٽون وجهي ٿو. انهيءَ دشمن کي دفع ڪرڻ جو راز، هن سر ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

دنيا ڍونڍ آهي ۽ نفس ڪتو آهي، جو انهيءَ ڍونڍ جو طالب آهي. ڪتي کي قبضي ۾ رکڻ يا ڇيڪ ڇڏڻ، سالڪ جي هٿ وس آهي. ڪتو پنهنجي عاجزي بيان ڪندي چوي ٿو: ته مان مجبوراً مالڪ (انسان) جي بڇ تي بهان ۽ ڀونڪان ٿو، ورنه مون کي نافرمانبردار ليکيندا:

سگبان سينڍاريا، بڇيا، تي بهن،

ڦريا نه فرمان کان، مل نه موتيئڙن،

ڪونهي ڏوه ڪتن، ڏاڪاريا ڏاڙهين ٿا.

ڪتي کي قبضي ۾ قابو رکڻ لاءِ، سڌر سيڻن جي سڱ جي ضرورت آهي. پليت نفس کي سڌن کان روڪڻ لاءِ، ڪامل مرشد جي قرابت ۽ ريساڻي راکي جي رفاقت گهرجي. هوت ڏي هلڪي بار هلڻ، خچر کي لا جي خنجر سان نهوڙي نيئڻ، ننگر ننڊ ڪڍڻ ۽ هوند (خودي) ترڪ ڪرڻ جي سڌ ۽ سونهپ- اسونهن کي مرشد وٽان ئي ملي سگهندي. جنهن کي جانب جي جمال جو جلوو پسڻو آهي، تنهن کي روحاني رهبر جي رهنمائيءَ هيٺ، اهي امر اکين تي کڻي، اجلان اڳي مرڻو آهي.

جي هونءِ هوت هزار، ته پاڙج ڪو م پنهونءَ سين.

جي مصداق سالڪ کي شرڪ کان پاسو ۽ حذر ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ، جيڪي لالن لوح ۾ لکيو آهي، تنهن مان لِکَ يا ذرو به ضايع ڪونه ٿيڻو آهي، ته به سالڪ کي تتيءَ ٿڌيءَ توڙ ڏي تاڻڻ گهرجي، ڏَسڻ، ڏِکان اڳرو (ديدار، سينگار کان ڀلو) آهي، تنهن ڪري هوت پنهونءَ جو ديدار، سينگار کان بهتر ڀانئجي، وصل وڃائيندڙ ۽ ڏهاڳ ڏياريندڙ ذاتي ٺاهه ٺوهه تي موهجڻ نه گهرجي؛ بلڪ سڄڻ خاطر سر جي سٽ ڏيڻ يا ساه صدقو ڪرڻ، عين سعادت سمجهڻ گهرجي. هن کي تيسين پنڌ ۾ پي! پي! پڪارڻ گهرجي، جيسين موت جو مشاهدو ماڻي، ڇاڪاڻ جو، موت پتڻ آهي، جو هن کي پرئين ڀر پرينءَ تائين پهچائيندو. هن کي مر ته موچاري ٿينءَ جي امر تي عمل ڪرڻ گهرجي. موت مصيبت ناهي. موت ماه لقا جي منهن مقابل وٺي وڃڻ جو وسيلو آهي.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

(وڌيڪ سر سسئي آبري جو روحاني راز ڏسو)


[1]. پاڪ

[2]. اي واءَ!

[3]. پرتا يا پارت اٿيئي

[4]. رهبر، سونهون (پنهونءَ جو پير)

[5]. قسمت

[6]. هاڻي

[7]. گهڻو.

[8]. ورچ، ٿڪج

[9]. هوءَ پئي آهي مٽي

[10]. ذرا

[11]. اٺ، جيڪي رڙن ڪين

[12]. نفي

[13]. پورو ٿئي

[14]. کڄي

[15]. ٿڪل

[16]. محبت

[17]. ٿڪجي

[18]. هڪڙيءَ سٽ سان

[19]. جبل جو نالو.

[20]. ڏک ڏيندڙ

[21]. ڄوا

[22]. ڳل چانور وانگر پرزا

[23]. ذرا ذرا

[24]. ننڍي وڻن جو قسم

[25]. هلنديس

[26]. جبل جي رهاڪوءَ (محبوب)

[27]. خوش ٿي

[28]. عيب

[29]. هن سالَ، هينئر

[30]. سيلهه (ڪنڊا)، اڀي ٽڪري؛ سوڙهيون ٽڪريون، نيزو

[31]. اتاهون جبل، نيزو، ڪنڊا

[32]. مددگار

[33]. ٻيلهه، گڏ

[34]. ويهي

[35]. پيهي، گِهڙي

[36]. خزاني، لاڳاپي

[37]. هٺيلا، راز محرم

[38]. ڌنار، ٻڪرار

[39]. چوان

[40]. زال، جوءِ

[41]. آلاڻ

[42]. ريج کان سواءِ خشڪ

[43]. ڪميڻو

[44]. پِيا، پرين

[45]. اعتبار ڪريو

[46]. داغ، ٽڪو

[47]. چِيتو

[48]. ملاقات

[49]. ڦٽيل

[50]. آرام، قرار

[51]. دل کي وڻن

[52]. هينئر

[53]. گهمائي

[54]. گهوشت

[55]. ڪلن

[56]. ڪپي

[57]. مونکي کائين

[58]. چهنبن

[59]. ساري، ياد ڪري.

[60]. ڌيان ڏي

[61]. اشارا، نڪتا، قول

[62]. ماٺ مان

[63]. سُجَهنِ، سمجهه ۾ اَچن، ٻڌجن

[64]. خودي

[65]. ڳٽ- هار، طؤق!

[66]. اُنهن

[67]. خوديءَ.

[68]. خون بها يا عيوض

[69]. تَلَهڙون، لَڪُڻَ

[70]. مڇا ڪپج (عمل ڪر)

[71]. هي دنيا

[72]. توهين لڀندا

[73]. مزا

[74]. آخرت ۾

[75]. ڍڪيون، ڦيرائي ڇڏيون.

[76]. اٿيل (عشق)

[77]. اٿندڙ (درد)

[78]. ڪالهه کان

[79]. ويو

*. ٿوري چرپر به زخم چوريو ڇڏي.

[80]. ڪينڪي

[81]. سين، سوال

[82]. صاف ڪري

[83]. ڪميڻن

[84]. بيگر وهندڙ، دربدر، بيڪار

[85]. هٿ چڙهي

[86]. اوراڻن.

[87]. روڄ راڙو ڪر، جاکوڙ ڪر

[88]. ائين ڀڄي يا ڪاهي

[89]. ٿڪل وک

[90]. اُلڪن، سوز محبت جي مچ

[91]. خاندان، ڪٽنب

[92]. مڪمل پڪل.

[93]. خزانو، مڪان

[94]. نه ٻڌل، گمنام

[95]. مئي، سڙيل

[96]. سعيو، تياري، ڪوشش

[97]. ڀاءُ

[98]. حال محرم، همراز

[99]. شودي، ڪميڻي

[100]. ٺڳي.

[101]. ڀرجهلو، آڌار

[102]. اوهين

[103]. هشائي

[104]. شاديءَ

[105]. پهرايو، ڍڪايو

[106]. لاءِ

[107]. وهانءُ ڪري، شادي ڪري

[108]. نکيٽي رچايو يا ڪريو.

*. آئون تو کان ٿي پُڇان.

[109]. کٽياڻي، پورهيت

[110]. اڇلائيندس، ڦٽو ڪنديس

[111]. جيڪو

[112]. نيڪو (ف) نيڪُ

[113]. نينهن ۾ سڙي نيڪ يا صاف ٿي

[114]. روانو ٿيو.

[115]. مائٽي

*. مون هارايل جو هوتن سان

[116]. ڏاچي

[117]. ڳاڙُ، ڦڙو

[118]. پَوي

[119]. ويڇو، دير

[120]. نظر؛ عيب (وڇوڙو)

[121]. رستو، گس، صلاح.

[122]. قاصد

[123]. هر گهڙيءَ

[124]. قطار

*. آمدرفت  لڳي پئي آهي.

[125]. قاصد (ملڪ الموت)

[126]. عيبدار

[127]. چَوان

[128]. لا، الا

[129]. مِنّتَ (ع)، منٿَ

[130]. کليو کلايو

[131]. دعويٰ، حجت

[132]. ڦيرائين، (موٽائين، خالي هٿين واپس ڪرين)

[133]. مڱڻهار

[134]. سَوين

[135]. رڙه

*. تون، جيڪا لوڪَ ۾ مشهور، نشانبر يا بدنام آهين!

[136]. رڙه

[137]. ميدانن تي

[138]. ٿڪي

[139]. کُوهي، ننڍو، کُوهُه

[140]. جابلو وڻ ۽ مڪان جو نالو.

[141]. منهنجي ليکي، چوان

[142]. لڱائي

[143]. ڪيچ کان

[144]. لاءِ

[145]. خيال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com